Document Information
909 Reads | 1 Comment
Description
This eBook is based on a novel written in perspective of Japanese life and is translated by Altaf Shaikh, Marine Engineer, Travel writer who recently received life achievement award.
Altaf Shaikh (Sindhi/Urdu: الطاف شيخ) is a famous Sindhi scholar from Pakistan . Altaf Shaikh is a travel writer and well known traveler. He was born in the house of Gul Muhammad Shaikh on November 14, 1944 in New Hala District, Hyderabad (now Matiari District).
Altaf Shaikh got his early education from Hala, then from Cadet College Petaro. He studied marine engineering at Marine Academy Chittagong, East Pakistan (now Bangladesh ) and did post graduation from World Maritime University , Malmo , Sweden . He was qualified as a ship engineer and after sailing as Chief Engineer on various types of ships for some 12 years he served Malaysian Naval Academy and Pakistan Marine Academy as Head of Marine Engineering Dept. for 8 and 12 years respectively.
Altaf Shaikh started writing regularly at the age of 18, when he was in Chittagong . His first story book was Anamika (the Bengali word for "unknown") was published in 1966.
He can speak Bengali, Japanese and Malay fluently.
His first book on travel was Munhnjo Saagar Munhnjo Sahil, which was published in 1971, and won the Pakistan Writers Guild Award. Mr. Shaikh has written over 67 books, mostly travelogues. Recently he is awarded ‘Shah Abdul Latif Bhittai’ award year 2008, for his recent book ‘From New Hala to New York’, by Pakistan Academy of Letters, Islamabad.
هي ناول، ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي), ٻين پڙهندڙن کي ڪيئن لڳندو اهو نٿو چئي سگهان. پر مون کي خبر ناهي ڇو ايترو ته وڻيو جو دل چيو ته ان کي ترجمو ڪري سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو وڃي. ڪجهه وقت ترسي هڪ دفعو وري پڙهيومانس، پر ٻئي دفعي به ساڳيو دلچسپ لڳو ۽ ترجمي لاءِ پڪو پهه ڪيم.
ترجمي جي موڪل لاءِ ناول جي لکندڙ جان بال جي ائڊريس جي ڳولا ڪيم. خبر پيئي ته اڄڪلهه آمريڪا جي شهر ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو ۽ ڄم جي تاريخ جي حساب سان هن وقت جيئرو هوندو ته اَسي سالن کن جو ٿيندو. خط لکيم. ٻه مهينا ٿي ويا جواب نه آيو. اديب دوستن سان صلاح مشورو ڪيم. خاص ڪري تاج بلوچ، قمبر شهباز، هدايت منگي ۽ حسام سومري ترجمو ڪرڻلاءِ همت افزائي ڪئي. ايتريقدر جو تاج بلوچ ته چيو ته جي آئون نٿو ڪريان ته هو ڪندو. چيومانس ترجمو ڀلي ڪر پر سڄو ناول انگريزيءَ ۾ نه آهي، جيڪا جپانيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي سو جپانيءَ ۾ لکيل آهي. ڪرم الاهي چني چيو، ”يار ترجمو شروع ڪري ڇڏيو اجازت نامون پوءِ پيو ايندو. مون به سندري اُتم چنداڻيءَ جو ڪتاب ڇپائي جڏهن بس ڪيو ته اجازت وارو خط ان وقت پهتو. اديب لکڻ ۾ سست ٿيندا آهن.“
چيومانس اهو ته صحيح آهي پر جي آخري وقت خط ۾ اجازت نامي بدران منع نامون آيو ته پوءِ محنت ئي برباد.
بهرحال هتي (ملاڪا - ملائيشيا) پهچڻ سان نيٺ بسم الله ڪري ترجمو شروع ڪيم. اڃان هڪ چئپٽر به ترجمو مس ڪيو هوندم ته جان بال جو خط پاڪستان مان ڦرندو گرندو هتي اچي مليو. ترجمي جي موڪل ۽ ڪتاب جي ڇپائيءَ جو پڙهي خوشي ٿي ۽ ڏينهن رات ڪم ۾ جنبي ويس.
هي ناول اصل ۾ انگريزي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل آهي. هڪ آمريڪن انجنيئر رچرڊ سيٽان (ڪوڏائڻ جو نالو ڊِڪ) جپان ۾ ڪنهن ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ اچي ٿو ۽ سندس عشق مس ڪانوماسايو نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿو، پر اها ڇوڪري عام نه پر ٽوڪيو جي نمبر ون گيشا آهي. (سندس گيشائڪو نالو مس سدا بهار چنبيلي آهي.)
جنهن ڀرپور انداز سان جان بال مغربي مرد ۽ مشرقي عورت جي جذبات جي چٽسالي ڪئي آهي، سا داد جوڳي آهي. هن ناول ۾ جپان جي رهڻي ڪهڻيءَ جي پڻ ڄاڻ پوي ٿي.
جتي جتي آمريڪن انجنيئر جارج (ڊِڪ) صحيح يا غلط سلط جپاني ٿو ڳالهائي اتي سندس اهي دلچسپ جملا پڻ لکيا اٿم ۽ ڏنگين ۾ انهن جي معنيٰ پڻ. ساڳي وقت جتي جتي گيشا ڪانوماسايو (مس سدا بهار چنبيلي)، آفيس جي مترجم ڇوڪري ريڪو يا ٻيا جپاني ماڻهو ڪو دلچسپ جملو انگريزيءَ يا جپانيءَ ۾ چون ٿا ته اهو پڻ معنيٰ سان لکيو اٿم، جيئن جپاني ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف هن ناول مان صحيح معنيٰ ۾ مزو وٺي سگهن ۽ ناول نويس جان بال جي قابليت کي ساراهي سگهن.
پڙهندڙن جي راءِ ۽ تنقيد جو اوسيئڙو رهندو.
80 Pages