Roots of Proverbs پھاڪن جي پيڙھ

 
 
 
 
 
Download PDF FREE
Value This
Doc
Scribd
Average
     
Pages: 26 43
Words: 1514 13640
Characters: 160571 81678
Lines: 161 623
     
     
Letters per word: 106.06 5.99
Words per line: 9.4 21.89
Words per page: 58.23 317.21

Add to your reading list

Flag_red Flag this document

Document Information

136 Reads | 0 Comments

Description

This book is a compilation work of Allah Bux Talpur. It is edited and rearranged by Engr. Abdul Wahab Sahito

محبوب سنڌڙي شل تنھنجون ڪچھريون قائم هجن. تنھنجا ڳوٺ وسن ۽ سگهڙ جيئن. تنھنجي راتين جي رهاڻ ۾ جيڪو رس آهي، سو ٻيءَ ڪنھن ڳالهه ۾ ڪونھي. تنھنجي ٻھراڙين جي اوطاق ۾، هميشه موج لڳي پيئي آهي. پوڙها پڪا، ننڍا نيٽا ۽ جيڏا سرتا، اچيو انھيءَ سٿ ۾ ويھن.
اهڙي هڪ قربن ڀري ڪچھري متل هئي. سيارو به ٺيٺ هجي. مچ تي چؤطرف ماڻھو مڙيا پيا هيا. همراهه هڪڙو منجيءَ تي ڪانڀ ڪڍيو، ڳالهه کنيو ويٺو هيو. آءٌ به اوچتو وڃي نڪتس. باهه ڀرِ وٺي، ماٺڙي ڪري، ڳالهه ڏي ڪن ڏنم. ڳچ وقت ڪھاڻي ڪري، پڇاڙيءَ ۾ چيائين؛ “ادا ائين لعل به لڌي ۽ پريت به رهجي آئي.”
ان ڏينھن کان وٺي خيال ٿيم؛ “اهي پھاڪا ضرور ڪنھن ڳالهه مان پيدا ٿيا هوندا! ڇونه اهي ڳالھيون هٿ ڪريان!”
انھيءَ ڪري، ان ڏينھن کان، آءٌ انھيءَ جستجوءَ ۾ آهيان ۽ رهندس. ڪم ڪٺن به آهي ۽ تمام وڏو پڻ. في الحال جيڪي هٿ آيو اٿم، سو ميدان تي آڻيان ٿو. ان کان بعد جيڪي هٿ ايندم، اهو انشاءَ الله پيش ڪندس.
ڪوڙ سچ، راوين جي ڪنڌ تي. مون کي جيڪي هٿ آيو آهي، سو پيش ڪيو اٿم. ٿي سگهي ٿو ته منجهس ڪي غلطيون هجن، تنھن لاءِ سنڌ جي اهلِ قلم حضرات کي عرض گذار آهيان ته؛ “ازراهِ ڪرم! اهڙيون حقيقتون مون ڏانھن لکي موڪلين ته ٻئي ڇاپي ۾ انھن کي درست ڪيو وڃي.”
ڪي پھاڪا خاص ٽڪرن ۾ رائج آهن پر مشھور سڄيءَ سنڌ ۾ آهن. مون انھن کي به هن هنڌ آندو آهي.
آءٌ انھيءَ صاحب جو نھايت شڪر گذار رهندس، جيڪو ٻين پھاڪن جي سوانح حيات، مون ڏانھن لکي موڪليندو.
منھنجو سنڌ جي سگهڙن ۽ ڪچھريءَ جي مورڙن کي خاص عرض آهي ته هو هن ڏس ۾ منھنجي مدد ڪن. سندن اهو احسان، نه رڳو مون تي بلڪ، سنڌ جي سڄي سرزمين تي ٿيندو.

Pdf_16x16 26 Pages


Date Added

10/17/2009

Category
Tags
Groups
Copyright

Attribution Non-commercial

More info »

 

or use Facebook Connect