Life Sketch of Shah Lateef احوال شاھ عبداللطيف

 
 
 
 
 
Download PDF FREE
Value This
Doc
Scribd
Average
     
Pages: 97 43
Words: 49281 13640
Characters: 232387 81678
Lines: 1466 623
     
     
Letters per word: 4.72 5.99
Words per line: 33.62 21.89
Words per page: 508.05 317.21

Add to your reading list

Flag_red Flag this document

Document Information

195 Reads | 0 Comments

Description

This is a life sketch of Shah Abdul Lateef Bhitai based on research work of Shamsul Ulema Mirza Qaleech Baig. He authored this work about a century ago.

حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي مُستنَد سوانح حيات ۽ شاهه جي رسالي جي جامع ۽ معياري متن مرتب ڪرڻ لاءِ سنه 1966ع ۾ بنده راقم، اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾، “شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي” جي آڏو هڪ تفصيلي تجويز پيش ڪئي. جنهن جي مدنظر ڪاميٽي پنهنجي گڏجاڻي مورخ 30 سيپٽمبر 1966ع ۾ فيصلو ڪيو ته پهريائين حضرت شاهه صاحب جي سوانح توڙي رسالي جي مختلف بنيادي ماخَذَن کي شايع ڪجي. انهيءَ فيصلي موجب، پهريائين شاهه رحه جي سوانح بابت مير عبدالحسين خان سانگي مرحوم جو لکيل ڪتاب “لطائف لطيفي” سنه 1967ع ۾ شايع ڪيو ويو. ان کان پوءِ، برٽش ميوزيم، لنڊن ۾ رکيل شاهه جي ڪلام جي ‘بياض’ کي سنه 1969ع ۾ ڇاپيو ويو. هيءُ حضرت شاهه صاحب جي سوانح ۽ رسالي بابت انهيءَ جامع تحقيقي رٿاهيٺ ‘بنيادي ماخذن جي سلسلي’ جو ٽيون ڪتاب آهي، جو هن وقت شايع ٿي رهيو آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف (وفات 1165هه/ 1752ع) جي سوانح حيات بابت جن اديبن ۽ عالمن آڳاٽي وقت کان وٺي قلم کنيو تن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته انهيءَ سلسلي ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي.
1- شاهه صاحب رحه جي سوانح حيات بابت مختصر تذڪرا ۽ اشارا سڀ کان پهريائين سندس همعصر اديب ۽ مورخ مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجن تصنيفن (تحفته الڪرام، مقالات الشعراء ۽ معيارِ سالڪانِ طريقت) ۾ قلمبند ڪيا. جيڪي پوين سوانح نگارن لاءِ مکيه ماخذ بنيا.
2- ‘قانع’ کان پوءِ انگريز عالم رچرڊ برٽن سنه 1830- 1850ع واري عرصي ۾ حضرت شاهه صاحب رحه جي سوانح بابت “معيار سالڪان طريقت” جي حوالي سان هڪ مختصر تذڪرو لکيو، جو سنه 1851ع ۾ سندس تصنيف “سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون” ۾ شايع ٿيو.(1)
3- جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر (56- 1851ع ۽ 59- 1857ع) هو تڏهن هن صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب، ۽ خصوصاً حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽ سوانح بابت، وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو. سندس نياڻي جنهن سنڌ بابت هڪ ڪتاب لکڻ ٿي چاهيو، تنهن لاءِ(2) ڪنهن سرڪاري ملازم حضرت شاهه صاحب جي حياتي بابت روايتون گڏ ڪري سنڌي ۾ هڪ مختصر سوانح حيات مرتب ڪئي.(3) ان جو انگريزي ۾ ترجمو پوءِ سرڪاري مترجم، ڊبليو. سائودي (W. Southey)، 2 نومبر سنه 1870ع ڌاري ڪيو جو شايع ٿيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪيو.(3) ان جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هيءُ تذڪرو اڪثر غير معتبر علمي روايتن تي ٻڌل آهي.
4- سر بارٽل جي دور کان پوءِ وارن سورهن سالن کن جي عرصي ۾ جرمن عالم ارنسٽ ٽُرمپ، حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت معلومات جمع ڪيا، جي مختصر طور “سر سورٺ” بابت سندس مقالي ۽ “شاهه جي رسالي” (1866ع) جي مهاڳن ۾ شايع ٿيا.
5- سنه 1882ع* ۾ ديوان ڏيارام گدو مل “سگما” جي عرف سان سنڌ بابت انگريزي ۾ هڪ مختصر ڪتابڙو لکيو، جنهن ۾ جملي صفحن مان چاليهن صفحن ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح لکيائين. هن صاحب سر باٽل فريئر جي نياڻي لاءِ لکايل سوانح جو ذڪر ڪندي ان کي غير معتبر ڄاڻايو ۽ پاڻ پنهنجن معلومات جي بناء تي سوانح مرتب ڪئي . باوجود هڪ چڱي ابتدائي ڪوشش جي ان ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون رهجي ويون، جن تي پوءِ ليلارام وطڻ مل بجا طور تنقيد ڪئي.
مٿين ابتدائي ڪوششن کان پوءِ، سن 1880- 1890ع واري دور ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح کي سهيڙڻ لاءِ محققانه ڪوششون شروع ٿيون، جن جو سهرو مير عبدالحسين خان سانگي ۽ سندس همعصر دوستن جي سر تي آهي. ميرعبدالحسين خان جو تعلق ۽ تعارف سنئون سڌو ڀٽائي صاحب جي درگاهه جي فقيرن ۽ سجاده نشينن سان هو. پنهنجي ڪتاب “لطائف لطيفي” ۾ ڄاڻائي ٿو ته سالن کان وٺي فقيرن کان حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت ڳالهيون پئي ٻڌائين ۽ انهن مان ڪي نُڪات قلمبند پئي ڪيائين. ڀانئجي ٿو ته مير صاحب اندازاً 1880ع ڌاري يا ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت روايتون قلمبند ڪرڻ شروع ڪيون. ان مواد جي آڌار تي مختصر طور ڪجهه سوانح مرتب ڪيائين. ان اڻپوري سوانح جو مسودو سندس دوست مير گل حسن خان ڏٺو ۽ کڻي وڃي خيرپور جي مير امير علي کي پڻ ڏيکاريائين. ست اٺ سال پوءِ، 1887ع ۾ مرزا قليچ بيگ جڏهن شاهه صاحب جي سوانح حيات مرتب ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته مير صاحب کان مواد حاصل ڪيائين، جنهن مان گهربل معلومات پنهنجي هن ڪتاب ۾ کنيائين. انهيءَ سلسلي جي تصديق اڻ سڌيءَ طرح ميرعبدالحسين خان جي بيان مان ٿئي ٿي، حالانڪه ان بيان ۾ مٿيان سنه ۽ سال ڏنل ڪين آهن. ‘لطائف لطيفي’ جي مهاڳ ۾ مير عبدالحسين خان (جولاءِ 1888ع ۾) لکي ٿو ته:
هن کان ڳچ سال اڳ درگاه جي پيرن، فقيرن ۽ درويشن، جن کي حضرت مرشد زمان (شاهه عبداللطيف) جي قولن ۽ ڪرامتن جا داستان ياد هئا، تن سان پئي مليس ۽ خ

Pdf_16x16 97 Pages


Date Added

11/09/2009

Category
Tags
Groups
Copyright

Attribution Non-commercial

More info »

 

or use Facebook Connect