You are on page 1of 5

‫سنڌ جو تاريخي ماڳ ”ڪتي جي قبر“‬

‫ڪامريڊ ولي‬ ‫رپورٽ‪:‬‬


‫محمد مڱڻهار‬
‫ڪئمرامين‪ :‬امير علي‬
‫مڱڻهار‬
‫اڳوڻي لڙڪاڻي ضلعي ۽ موجودهه قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي‬
‫تعلقي قمبر جي کيرٿر رينج جي ڏاڙهياڙي جبل جي چوٽيَء تي واقع ”ڪتي جججي‬
‫قبر“ جي نالي سان هڪ پرا ڻو تجاريخي مجاڳ آهججي‪ .‬ڪتي جججي قجبر وٽ سجنڌ ۽‬
‫بلوچستان جو دنججگ هئڻ سججان گجڏ چان ڊڪا ججاگير ججو بجه پجڻ دنجگ آهججي‪ ،‬جي ڪو‬
‫لڙڪاڻي ۽ قمبر کان اولهه طرف آهي‪ .‬جتي ڪتي جي وفاداري ۽ فرمججانبرداري‬
‫جي دلچسپ ڪهاڻي آهي‪ .‬اتي وڏي اهميت واري ڳالهه اها به آهي ته ڏاڙهياڙي‬
‫جبل جي جنهن چوٽي تي ڪتي جججي قججبر آهججي‪ ،‬اتججي جڏهججن ‪1902‬ع ۾ انگريججزن‬
‫ڪوئٽا کان وٺي ڪراچي تائين کيرٿر جبل جي رينج جي سروي ۽ مججاپ ٿججي ڪئي‬
‫ته ڪتي جي قبر واري ڏاڙهياري جبججل جججي چجوٽي تججي کيرٿجر جبججل جججي رينججج ۾‬
‫سطح سمنڊ کان اوچي ۾ اوچي وڏي چوٽي قرار ڏنو هيججو‪ ،‬جي ڪا ان زمججاني جججي‬
‫سججروي ۽ مججاپ مججوجب ‪ 72‬سججئو فججوٽ )سججت هججزار‪ ،‬ٻججه سججؤ فججوٽ( اوچججي‬
‫آهي‪،‬جڏهن ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ سڀ کججان وڌ ۾ وڌ ٿڌو ۽ سججرد علئقججو آهججي‪.‬‬
‫جيڪو گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌو ۽ سرد آهي ۽ سطح سمنڊ جي لحاظ‬
‫کان گورک کان به وڌيڪ اوچو ۽ مٿي آهي‪ .‬پر اسان جي بدقسججمت اهججا آهججي تججه‬
‫هن وقت تائين اتي پهچڻ لِء ڪو به سٺو ۽ سؤلو رستو ڪو نججه آهججي‪ ،‬جڏهججن تججه‬
‫قمبر کان وڌ ۾ وڌ ‪ 70-60‬ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي‪ .‬جيڪڏهججن روڊ رسججتا‬
‫هجن تججه ڪلڪ‪ ،‬يججا ڏيجڍ ڪلڪ ججو فاصججلو آهججي‪ .‬ٻججي اسججان سججنڌ وارن جججي اهججا‬
‫بدنصيبي آهي جو هي علئقو سنڌ ۾ آهي‪ ،‬جنهجن ججي ڪري اهجو علئقجو ڪا بجه‬
‫ترقي وٺي نه سگهيو آهي‪.‬‬
‫ڪتي جي قبر تي پهچڻ لِء گڏهن ۽ اٺن تي وڃڻو پوي ٿو‪ ،‬جنهن‬
‫ڪري اچڻ ۽ وڃڻ ۾ ‪ 6‬کان ‪ 7‬ڏينهن لڳي ٿا وڃجن‪ .‬ه ڪڙو رسجتو سجيتا ججي نئيجن‬
‫جابلو ندي سان ۽ ٻيو مزاراڻي نئين سان ۽ ٽيون رستو ڇانهار نئيججن سججان آهججي‪،‬‬
‫جڏهن چوٿون رستو بلوچسجتان ججي مجوچڙو ۽ ونگجو لجڪ کجان ٿينجدو ڪرک پيجر‬
‫ابراهيم تائين وڃي ٿو‪ .‬جيڪو جيپن ۽ فور ويل گاڏين کان سججواِء مججوٽر سججائيڪلن‬
‫جو آهي‪ .‬پير ابراهيم کان پوِء به ڏاڙهياري جبل جي ڪتي جي قبر تججائين پيججادل ۽‬
‫اٺن جو مشڪل رستو آهي‪ .‬جيڪڏهن سيتا نئين‪ ،‬مزارا ڻي نئيججن ۽ ڇانهيججار واري‬
‫نئين سان وڃبو ته قدرت جا جبلن ۾ حسين نظارا ۽ قدرتي منظججر آهججن‪ .‬جي ڪي‬
‫انسان کي لطف ڏيڻ سان گڏ عبرت ۽ حيرت ۾ وجهي ٿا ڇڏين‪ .‬هي سڀ منظججر ۽‬
‫قدرتي نظارا چان ڊڪا ججاگير ۾ آهجن‪ .‬ڪتي ججي قجبر ججو ذ ڪر سجڀ کجان اڳ ۾‬
‫”ايسٽنلي نيپئير ري ڪس“ فججوڪ ٽيلججس آف سججنڌ اينجڊ گججذرات“ ۾ ‪1857‬ع ۾ ڪيججو‬
‫آهي‪ ،‬جنهن کي هن وقت ‪ 152‬سال ٿي ويا آهن‪ .‬جڏهن ته هي قصو اڃا به ‪-50‬‬
‫‪ 100‬سال پراڻو هوندو‪ ،‬جنهن کي اٽڪل ‪ 250-200‬سال ٿيا هوندا‪.‬‬
‫ڪتي جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ڏاڙهياري جبل تي هڪ مالونججد مججاڻهو رهنججدو‬
‫هيو‪ ،‬جنهجن ججي مجال ججي حفجاظت ۽ چجوڪي لِء هجڪ ڪتجو هونجدوهيو‪ ،‬جي ڪو‬
‫خطرناڪ بلئن‪ ،‬۽ جانورن جهڙوڪ بگهڙ‪ ،‬چججراغ ۽ رڇ کججان بچججاَء لِء چوپججائي مججال‬
‫رڍن ۽ ٻڪرين جي حفاظت ڪندو هيو‪ .‬اتفاق سان ان مالونجد مجاڻهو کجي سجيڌي‬
‫سامان يا پئسن جي ضرورت پئي ته هن هڪ دوڪاندار کان قججرض وٺججي پنهنجججو‬
‫وفادار ۽ نمڪ حلل ڪتو ان دوڪاندار وٽ گروي رکيو ته آئون توهان جججو قججرض‬
‫ڏئي پوِء ڪتو ڪ ڪاهي وينجدس‪ ،‬جنهجن کجان پجوِء اچجانڪ هجڪ رات دوڪانجدار ججي‬
‫دوڪان ۾ چور چوري ڪري ويا‪ .‬جڏهن صبح جججو دوڪانججدار ڏٺججو تججه دو ڪان مججان‬
‫ل گهججوڙا ڪيججائين جنهججن تججي ڳوٺ جججا‬ ‫سامان چور چورائي ويا آهن‪ ،‬ته وٺي گه َ‬
‫ماڻهو گڏ ٿي ويا‪ ،‬ڪٿي به پيرو وغيرهه نه پيو لڳي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته جبل جي پٿرن تي‬
‫پير ظاهر نه پيو ٿئي پر اهو ڪتو چورن جي پيري پويان هر هر اچي وڃجي پيجو‪ ،‬۽‬
‫دانهون ڪوڪون ڪري ڀونڪي پيو‪ .‬جنهن تي ڪنهن ڏاهي ماڻهو چيو ته يار ڪتججو‬
‫هر هر ڀونڪي پيو ۽ اچي وڃي ٿو هلو ته سهي ته ڪتي جي پويان هلي ڏسون ته‬
‫ڪهڙي ماجرا آهي‪ .‬پوِء جڏهن دوڪاندار سميت ڳوٺججاڻن ڪڪڪتي جججي پويججان هلجڻ‬
‫لڳا ته ڪتو چند ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري انهيَء هنڌ تي اچجي بيهجي رهيجو ۽ پيجرن‬
‫سان مٽي کوٽڻ لڳو ته دوڪان مان چجوري ٿيجل سجامان ظجاهر ٿجي پيجو‪ ،‬جي ڪو‬
‫چورن پوري ۽ لڪائي رکيو هو ته بعد ۾ اچججي ڪڍنداسججون‪ .‬دوڪانججدار کججي جڏهججن‬
‫پنهنجي سموري چوري ملي وئي ته هن خوش ٿي ڪتي جججي مججالڪ جججو قججرض‬
‫معاف ڪري خوشيَء مان ڪتي کي آزاد ڪري هڪ چٺي لکي اڳڙي ۾ ٻڌي ڪتي‬
‫جي ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏي ۽ ڪتي کي چيائين ته تجون هجاڻي آزاد آهيجن ڀلجي پنهنججي‬
‫مالڪ ڏي وڃ‪.‬‬
‫هوڏانهن ڪتي جي مالڪ کي به ڪتي جي سخت ضرورت هئي‪،‬‬
‫جيڪو دوڪاندار جي قرض جا پئسا هٿ ڪري دوڪاندار ڏانهن پئسججا ک ڻي اچججي‬
‫رهيو هو ته ڪتو کيس انهيَء هنڌ تي ملي ويو جتي ڪتي جي قججبر موجججود آهججي‪،‬‬
‫هججن ڪتي جججي مججالڪ ڪاوڙ ۽ غصججي ۽ بججي خججبري واري حججالت ۾ ڪتي کججي‬
‫ڀونڊو)بجو( ڏنو ۽ چيائين ته نيمڪ حرام اڄ مان تججوکي آزاد ڪرائڻ لِء اچججي رهيججو‬
‫هوس تون دوڪاندار سان بيوفائي ڪري ڇو ڀڄي آيو آهين‪ .‬جنهن تي ڀججونڊو ملجڻ‬
‫شرط ڪتو اتي ئي مري ويو‪ ،‬جڏهن ڪتي جو مالڪ دوڪاندار وٽ پهتو ۽ کججانئس‬
‫ڪتي جي بيوفائي تي معذرت ڪري قرض معاف واپس ڪرڻ لڳو ته دوڪانججدار‬
‫کيس پنهنجي چوري جي سڄي ڳالهه ڪتي جججي مججالڪ کججي ٻڌائي ۽ چيججائين تججه‬
‫مون تنهنجو قرض معاف ڪري ڪتي کي آزاد ڪري اهڙي چٺي ڪتي جي ڳچي‬
‫۾ ٻڌي ڇڏي هئي‪ ،‬جنهن کان پوِء ڪتي جو مالڪ پشيمان ٿيو ۽ واپججس اچججي ڪڪڪتي‬
‫جي قبر کوٽي ڪتي کي اتي پوري ڇڏيو‪ .‬جنهن کان بعد اڄ تائين اهججا ڪتي جججي‬
‫قبر طور مشهور آهي‪.‬‬
‫ڪتي جي قبر مٿان هڪ پٿرن جو ڍير قبر جيان ٺهيل هيو‪ ،‬جنهن کي مارچ ‪1996‬‬
‫ع ۾ جڏهن پرنٽ ميڊيا تي مون ۽ لهور جي برک صحافي سلمان رشيد هاِء لئيٽ‬
‫ڪيو ته ان وقت جي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه نوٽيس وٺندي‬
‫سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلج ٰي سجيد عبجدالله شجاهه ۽ ا ڳوڻي ايجم ايجن اي قمجبر‬
‫شهدادڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ناظم‪ ،‬چانڊڪا جاگير جججي نججواب مرحججوم شججبير‬
‫احمد خان چانڊيو جن کي ڪتي جي قجبر وزٽ ڪرڻ لِء موڪليجو‪ ،‬جي ڪي هيلججي‬
‫ڪاپٽر ذريعي ڪتي جي قبر تي پهتا هئا ۽ هجڪ پلسجٽڪ ججو ننڍڙو ريسجٽ ججو پجڻ‬
‫بندوبست ڪرايو هيائون‪ .‬جنهن ۾ چند پلسٽڪ جون ڪرسيون وغيرهه بجه رکيجون‬
‫ويون هيون ته جيئن وزيٽرس لِء ڪجهه سهوليت هجي‪.‬‬
‫جڏهن اها خبر علئقي ۾ رهندڙ مانهن کي پئي ته هنن ۾ ڪن ماڻهن‬
‫سمجهو ته ڪتي جي قبر ۽ ان جي اتر اولهه طرف ‪ 100‬فوٽ جي فاصججلي تججي‬
‫انگريزين جي ٺهيل سروي بئچ مارڪ ۾ دنيا پوريل آهي‪ .‬جنهجن لِء ايجتري مجالڪي‬
‫ٿي رهي آهي‪ ،‬انڪري اتجي رهنجدڙ ڇٽجا قجبيلي‪ ،‬گائنچجا قجبيلي‪ ،‬چجانڊين ۽ بروهجي‬
‫قبيلي جي ماڻهن مان ڪنهن به اچي ڪتي جي قبر ڊاهجي ڇڏي آهجي‪ ،‬جڏهجن تجه‬
‫بئينچ مارڪ کجي بجه نقصجان ڏنجو آهجي‪ .‬انجدازو اهجو آهجي تجه مجاڻهن پوريجل دنيجا‬
‫سمجهي هن کي کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهجي‪ ،‬جڏهجن پرنجٽ ميڊيجا ۾ ڏاڙهيجاري‬
‫جبل ۽ ڪتي جي قبر جي پبسلٽي ۽ مشهوري ٿيڻ لڳي ته هي علئقو تمام گه ڻو‬
‫سرد ۽ ٿڌو آهي‪ ،‬ته بلوچستان حڪومت دعوا ٰي ڪئي تججه اهججو علئقججو اسججان جججو‬
‫آهي‪ .‬جنهن تجي سجنڌ ۽ بلوچسجتان ح ڪومت ۾ گه ڻو بحجث ٿيجو هيجو‪ ،‬جڏهجن تجه‬
‫لڙڪاڻي جي ريسٽ هائوس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا سيڪريٽري سطح جا آفيسر‬
‫پڻ آيا هئا‪ ،‬جتي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ موجودهه سججيڪريٽري ثقججافت سججنڌ‬
‫جنجاب شجمس الجدين جعفرا ڻي ڪلهجوڙا‪ ،‬ٽجالپر ۽ انگريجزن ججي دور کجان وٺجي‬
‫دستاويز‪ ،‬نقشا ۽ ڪاغذات پيش ڪري ثابت ڪيو هو ته ڏاڙهيارو جبل ۽ ڪتي جي‬
‫قبر چانڊڪا ججاگير ۽ سجنڌ ۾ آهججي‪ .‬هجن گڏجججاڻي ۾ نجواب شججبير احمججد چجانڊيو بجه‬
‫ڪاغذن ۽ دستاويزن سميت موججود هيجو‪ ،‬جڏهجن تجه مجرزا قليجچ بيجگ ‪1885‬ع ۾‬
‫جڏهججن وارهججه ۽ نصججير آبججاد ۾ مختيججار هيججو‪ ،‬تججه انگريججز ح ڪومت ان کججي سججنڌ ۽‬
‫بلوچستان جي ڏاڙهياري جبل جي ڪتي جي قبر واري چوٽي تي دنگ يا حد ڏسڻ‬
‫لِء موڪليو هيو‪ .‬مرزا قليچ بيگ نواب غيبي خان چانڊيو جي ماڻهن خججاص ڪري‬
‫علي خان گائينچو ۽ ٻين سان گڏجي جون ‪1885‬ع ۾ ڪتي جي قبر تي پهچي پٿججر‬
‫کي کرچي ‪ 3-2‬انچ هيٺ سوراخ ڪري ٽڪنڊي نموني جو ليڪو ڪڍي ان ۾ بججانس‬
‫جو لڪڙو کوڙي سنڌ بلوچستان جو دنگ سرڪاري طرح نروار ڪيججو هيججو‪ .‬اولهججه‬
‫طرف بلوچستان يا ”خان“ جي حڪومت ۽ اوڀر طججرف سججنڌ ح ڪومت‪ .‬اهججو ئي‬
‫اولهه پاسي کان چانڊڪا جاگير جججو بجه دنججگ آهججي‪ .‬جڏهججن تججه ‪1902‬ع ۾ سججروي‬
‫دوران به سيمنٽ سان سروي بئچ مارڪ به مرزا قليچ به صاحب جي دنگ واري‬
‫لڪڙي کان چند فوٽ اندر سنڌ جي حد ۾ اوڀر طرف کان ٺاهيو ويو جيڪي نشججان‬
‫اڄ تائين به موجود آهن‪1999 .‬ع ۾ بجه آئون لهجور ججي صجحافي سجلمان رشجيد‬
‫سجان گجڏ لهجور ججي پجي ٽجي وي ) ‪ (PTV‬ججي ٽيجم سجان ويجو هئس‪ ،‬انهجن وٽ‬
‫ڪئمرائن جو بيٽريون ختم ٿيڻ ڪري پي ٽي وي لهججور جججي ٽيججم صججرف ‪ 2‬منججٽ‬
‫رڪارڊنگ ڪري سگهي هئي‪ ،‬جتي اسان ڪتي جي قبر بگڙيل حالت ۾ ڏٺججي ۽ بئچ‬
‫مارڪ کي به نقصان پهتل ڏٺو جڏهن ته ريسٽ هائوس جججي لِء رکيججل ڪرسججيون‬
‫به غائب هيون‪ ،‬جنهن لِء معلوم ٿيو هو ته اهي ڪرسيون به اتان جا ڇٽججا ک ڻائي‬
‫ويا هئا‪.‬‬
‫جيئن ته هي چانڊيا قبيلي ججي ججاگير آهجي‪ ،‬ججتي ڇٽجا‪ ،‬گائينچجا‪ ،‬چانڊيجا ۽ ڪجهجه‬
‫بروهي رهندا آهن‪ ،‬جيڪي برسات يا جججابلو نججدين تججي گججذران ڪنججدا آهججن‪ .‬جيئن‬
‫مرزا قليچ بيگ صاحبن پنهنجي ڪتاب )تقريرون ۽ تحريرون( ۾ لکيو آهي ته هيجءَ‬
‫ڇٽججا ۽ چانڊيججا رهنججدا آهججن‪،‬‬
‫وڏيري غيبي خان چانڊيو جي جاگير آهي‪ ،‬جتي گائينچا‪ُ ،‬‬
‫جيڪي آبادي وغيرهه ڪندا آهن‪ ،‬۽ ڪا به بٽئي يا حصو غيججبي خججان کججي نججه ڏينججدا‬
‫آهن باقي غيبي خان يا سندس مهمججانن کججي هر ڻن‪ ،‬سججرهن ۽ گڊن جججو شجڪار‬
‫ڪرائڻ ۽ مهمانن کي ڪتي جي قبر يا ڏاڙهيجاري جبجل ججو سجير ڪ ڪرائڻ انهجن لءِ‬
‫لزمي ڊيوٽي هوندي آهي‪ ،‬جي ڪو طريقججو ۽ سسججٽم اڄ تججائين نافججذ العمججل آهججي‪.‬‬
‫مسئلو اهو آهي ته مٿي پاڻي جا چشما وغيرهه ڪو نججه آهججن‪ ،‬جنهججن ڪري اتججان‬
‫جي ماڻهن جا ڏاندن سان ڪيڻ هڻي تلَء کوٽيل آهن‪ .‬جيڪي برسججات جججي پججاڻي‬
‫سان ڀريا ويندا آهن‪ .‬جنهن جو استعمال اتان جا رهاڪو سخت گرمين جي مهينن‬
‫اپريل‪ ،‬مئي‪ ،‬جون‪ ،‬جولئي ۽ آگسٽ تائين پنهنجي ۽ پنهنجججي مججال لِء ڪنججدا آهججن‪،‬‬
‫جنهن تلَء کي هو”ک َ ِڙ“ سڏيندا آهن‪ .‬جيئن ”ويڍ“ واري علئقججي ۾ ”قبججول چججانڊيو“‬
‫جي ک َ ِڙ مشهور آهي‪.‬‬
‫حقيقت هي آهي ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ اتر طرف کان چانڊيا ۽‬
‫حرباب لڪ“ تائين ‪ 60‬يا ‪ 70‬ڪلججوميٽر‬ ‫مگسي قبيلي جي دنگ کان دادو ضلعي جي ” ُ‬
‫کيرٿر جبل جو هي پٽو سرد ۽ ٿڌو آهي‪ .‬جنهن جا مختلف هنڌن تي مختلججف نججال آهججن‪.‬‬
‫گجن“‪” ،‬شوشجانگي“ )گرينجڊ‬ ‫جئين اتر طرف کان ڏکڻ طجرف هنئيجن نجال آهجن”ميجان ُ‬
‫ل“‪” ،‬لکاني“‪َ ” ،‬ڪ َڪ ُر“‪” ،‬ويجڍ“‪” ،‬انگهجڙ“‪”،‬ڪ ڪتي ججي قجبر“‪،‬‬ ‫ڪئينئن آف سنڌ ( ‪”،‬مڇ َ‬
‫دٻهي وارو ٺوٺ“‪”،‬پينئرو“ وغيرهه‪.‬‬ ‫”باري پير“‪” ،‬باِرگ“‪”،‬ٺوٺ“‪َ ” ،‬‬
‫ل‪ ،‬ڪتي جي قبر ۽ دٻهي واري ٺوٺ تي انگريزن جي سروي جا‬ ‫ڇ َ‬
‫م َ‬
‫َ‬
‫بئچ مارڪ ٺهيجل آهجن‪ .‬جڏ هجن تجه َڪ َڪ َر‪ ،‬کجان وٺجي بجارگ تجائين وچ ۾ جبجل کجي‬
‫ڏاڙهيارو سڏيو ويندو آهي‪ .‬انگريز جي دؤر ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشججنر هججتي اينججدا‬
‫رهيا آهن‪ ،‬جن ۾ مسٽر سيميوئل‪،‬مينسفيلڊ‪ ،‬مسٽر ڊبليو ايف هڊسن‪ ،‬مسججٽر ڊبيلججو‬
‫ايڇ ليوڪرس‪ ،‬مسٽر گولڊ اسمنڊ‪ ،‬مسٽر ايڇ ٽي ليمججبرڪ‪ ،‬سججر جيمججس بريٿججويٽ‬
‫ل ذڪر آهن‪.‬‬ ‫پيل‪ ،‬مسٽر سي ايف بولٽن ۽ ٻيا قاب ِ‬
‫نگريز دور جا ڪامورا گهر ويٺي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري اڄججوڪي‬ ‫ا‬
‫دؤر جي ڪامورن ۽ اديبن جيان روپورٽون ڪو نه ٺاهيندا هئا‪ ،‬پر پاڻ اتي سرزمين‬
‫تي وڃي اکين سان ڏسندا هئا‪ ،‬جيئن مٿي ذڪر ڪيل انگريجز آفيسجرن پجاڻ هجالر‬
‫جبل جي قطارن ۾ ڏاڙهياري جبل جا دورا ڪيا ۽ روپورٽون لکيون‪ .‬جنهججن ۾ پجاڻي‬
‫جي چشمن‪ ،‬سرد جاين‪ ،‬اوچي چوٽين ۽ ل ڪن جججون روپورٽججون ٺججاهيون‪ ،‬جڏهججن‬
‫انگريز آفيسرن ڏاڙهياري جبل تي ٽججي بججي سججينيٽوريم جججي سججفارش ڪئي هئي‬
‫انگريز آفيسرن کي سخت گرميَء ۾ ڏاڙهياري جبل تي رهڻ جي صلح ڏني هئي‪.‬‬
‫سنڌ جي آفيسرن ۾ ڪليم الله لشاري ۽ سليم رضا کهجڙو جججن جججا نجال بجه قابججل‬
‫ذڪر آهن‪ .‬جن اکين سان وڃي ڪتي جي قجبر ڏٺجي آهجي‪ .‬ان کجان سجواِء شجهيد‬
‫ذوالفقار علي ڀٽو ڏاڙهيارو جبل پاڻ وزٽ ڪيو هيججو‪ ،‬جنهجن ڪري سجندس خيجال‬
‫هيو ته ڏاڙهياري جبل ۽ ٿڌن علئقن تي تفريحي ماڳ ۽ ه ِججل اسٽيشججن ٺججاهي هججن‬
‫علئقي کي ۽ هتان جي ماڻهن کي ترقي وٺرائجي تنهجن ڪري محجترمه بينظيجر‬
‫ڀٽو به پنهنجي دور ۾ وزير اعل ٰي سنڌ سيد عبدالله شاهه ۽ نواب شبير احمد خججان‬
‫چانڊيو کي ڏاڙهياري تي موڪليجو هيجو‪ ،‬جنهجن ججو ذ ڪر مٿجي ڪري آيجا آهيجون‪،‬‬
‫ڇاڪاڻ ته هتي هيتري سردي آهي جو شديد گرمي ۾ به هتان جججا مججاڻهو ٽيهپججري‬
‫کان سڄي رات باهه ٻاري هٿ سيڪيندا آهن‪ ،‬۽ پاڻ کي گرم رکنججدا اهججن‪ ،‬جڏهججن‬
‫رات جو سوڙيون ۽ رليون مٿجان وجهجي سجمهندا آهجن ۽ ڏينهجن ججو گجرم ڪپجڙا‪،‬‬
‫لويون‪ ،‬سوئيٽر ۽ ڪوٽ پائيندا آهن‪ .‬جيڪڏهججن ح ڪومت هججتي سججهولتون فراهججم‬
‫ڪري تفريحي ماڳ ٺاهي بجلي پڄائي ۽ پاڻي جو بندوبست ڪڪڪري تججه لڙڪڪڪاڻو‪،‬‬
‫دادو‪ ،‬شڪارپور‪ ،‬جي ڪب آبجاد ۽ قمجبر شجهدادڪوٽ ضجلعي ججا مجاڻهو گرميجن ۾‬
‫ڪوئٽا ۽ ڪوهه مري وڃڻ بدران هتي اچججي فيملججي سججميت گرميججن جججي سججيزن‬
‫گذارين جڏهن ته سياحت ۽ ثقافت جي حوالي سان ح ڪومت کجي آمجدني ٿئي ۽‬
‫هتان جي غريب جابلو مجاڻهن ججي بجه زنجدگي ٺهجي وڃجي‪ .‬ڇا ڪاڻ تجه هجت نجه‬
‫اسڪول آهن ۽ نه علج لِء اسپتالون يا ڊسپينسريون آهن‪.‬‬
‫ڏاڙهياري جبل ۽ ڪتي جي قبر متعلق سلمان رشيد جا انگريزي رسالي ”هيرالڊ“‬
‫‪ ،‬انگريزي اخبار ”دي نيوز“ مخلتف انگريزي جريدن ۽ مئگزينن کان سواِء ڪتاب‬
‫”پرزنر آن َء بس“ ۽ ٻين ۾ آرٽيڪل ‪1996‬ع کان ڇپبا رهيا آهن‪ .‬جڏهجن تجه سجنڌي‬
‫اخبار ”جاڳو“ ۽ ٻين ۾ پڻ ڇپيا آهن‪.‬‬
‫افسوس اهو اهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوِء لڙڪاڻي يا قمبر‬
‫شهدادڪوٽ ضلعي جو ڪو به انتظامي آفيسر هتي ڪو نه ويو آهججي‪ ،‬جڏهججن تججه‬
‫‪2000‬ع جي چونڊ دوران ديهججه ڏاڙهيججارو کججي بلوچسججتان جججي يججونين ڪائونسججل‬
‫”ڪرک“ ۾ شامل ڪيو ويو هيو‪ ،‬جنهن جي به هن وقت تائين خبر ڪو نه آهي تججه‬
‫اها ديهه سنڌ کي واپس ملي آهي يا نه؟‬
‫باقي جڏهن کان سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا آئي آهي ته ان ۾ سسئي‬
‫جيان جبل جا اڙانگا پنڌ سفر ڪري ۽ ڏکن جا ڏاري سڀ کان اڳ ۾ مرحججوم نججواب‬
‫شبير احمد خان چانڊيو‪ ،‬علي نواز خان چانڊيو ۽ نوابزادهه مير محمد خان چججانڊيو‬
‫عرف مٺل سائين جي تعاون سان سنڌ ٽي وي نيوز جي ٽيم وڏي مشججڪل سججان‬
‫اتي پهتي آهي‪ ،‬جڏهن ته سنڌ ٽي وي نيججوز جججي ٽيججم کججي چان ڊڪا جججاگير ۾ هججالر‬
‫جبلن جي سلسلي ۾ مختلف هنڌن تي ‪ 7-6‬هزار سال پراڻي تهذيب جا به پرا ڻا‬
‫آثار مليا آهن‪ .‬جيڪي به جلد سنڌ ٽي وي نيوز تان ظاهر ڪيا ويندا‪.‬‬

You might also like