شاه سائين جو رسالو

ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل رسالي ۾ بيتن تي شامل پهرين اي ــ بُوڪ ايڊيشن
ترتيب ۽ پيشڪش
عبدالماجد ڀرڳڙي
ٽيڪسٽ اينٽري ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار
احمد چنڊ
شاهنواز سومرو
محمد حبيب سنائي
عبدالرحيم نظاماڻي
فقير اسلح علي قلباڻي
عاشق حسين نظاماڻي ۽ رشيد ٻرڙو
 
انتساب
منهنجو هر ڏينهن اڄوڪو ئي ڏينهن هوندو آهي ۽ هر ڏينهن مونکي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اجھو هِن ئي پل مون کان اها هستي جدا ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري زندگي زندگي هئي. هاڻي منهنجي زندگي هڪ طويل انتظار آهي، هن فراق واري دؤر جي ختم ٿيڻ جو، وصل جو! مان ان جي پيار جي ڪري ئي اهو سڀ ڪجهه ٿي سگھيس جيڪو آهيان، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگھيس جيڪو ڪيم. هي جيڪو اڄ پيش ڪيان پيو ۽ جيڪو به آئنده پيش ڪندس، سو سڀ ارپيم ان محبوب جي اڻمٽ ياد کي.
 
 
مهاڳ
اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي. ان کان پوءِ، ان جي پي ڊي ايف ايڊيشن به شايع ڪيم ته جيئن پڙهندڙ رسالو ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رکي ڇڏين يا ضرورت مهل ان کي پرنٽ به ڪري سگھن. ڪافي عرصي کان خواهش هيم ته ان کي اي پب جي فارميٽ ۾ شايع ڪجي. ان ۾، پي ڊي ايف جيان ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ يا سمارٽ فون تي لاهڻ کان علاوه، پي ڊي ايف جي ڀيٽ ۾ ٻيون سهولتون به هيون. مثلًا ان فارميٽ ۾ ٽيڪسٽ سهولت سان ڪاپي، پيسٽ ۽ ٻين هنڌن تي استعمال ڪري سگھبي آهي، لفظن جي ڳولا جي سولائي آهي، فانٽ جي سائز، ڪتاب جي بيهڪ ۽ سيٽنگ کي پنهنجي مرضي پٽاندڙ بدلائڻ جو اختيار (اي بُوڪ ريڊر جي فيچرن مطابق) وغيره جهڙيون سهولتون هونديون آهن. پر ان سلسلي ۾ مسلسل ڪي عملي دشواريون پيش پئي آيون، جن ۾ هڪڙي اها به هئي ته اڪثر اي بُوڪ ريڊر عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪونه پئي ڪيو. آخرڪار، هاڻي اهو ممڪن ٿيو آهي ۽ هي، منهنجي ڄاڻ موجب پهريون سنڌي اي بُوڪ آهي جيڪو مقبول ترين اِي پب EPUB فارميٽ ۾ آهي. ان جي وڏي سهولت اها آهي ته ٽيڪسٽ اوتجڻ واري، يعني reflowable، شڪل ۾ هوندي آهي. فانٽ جي سائز ننڍي وڏي ڪرڻ تي، سِٽون پنهنجي بيهڪ ۽ شڪل مٽائي، اسڪرين جي سائز موجب نئين صورت اختيار ڪنديون آهن ته جيئن پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي.
مون هي اِي پب ايڊيشن خصوصًا اينڊرائڊ ٽيبليٽ ۽ فون لاءِ ٺاهي آهي. سڀ اي بُوڪ ريڊر هن کي صحيح طرح سان ڏيکاري نه سگھندا ۽ اهو ان ڪري نه آهي جو هن جي ڊيزائن ۾ ڪا اوڻائي آهي، بلڪِ ان ڪري آهي جو اهي ريڊر سڀني ٻولين جي لاءِ ٺهيل نه آهن. هن وقت ڪم از 3 يا 4 يا اڃا به وڌيڪ اي بوڪ ريڊر اينڊرائڊ پليٽفارم تي مهيا آهن جيڪي هن کي سپورٽ ڪن ٿا. انهن مان جيڪي مون آزمايا ۽ بهترين ڏٺم، سي ترتيب وار هيٺيان آهن:
DL Readerهي سڀني کان بهترين نموني سان ڪتاب ۾ استعمال ڪيل فانٽ ۾ نماءُ ڏئي ٿو. ان ۾ ڳولا جي سهولت به آهي، پر ڳولا وقت اعراب نظرانداز نه ٿا ٿين تنهنڪري جيڪڏهن اعرابن ۾ فرق هوندو ته ڳولا جو نتيجو صحيح نه نڪرندو.
PageTurnerهي به سنڌي بهترين نموني ڏيکاري ٿو پر هن ۽ هيٺين ريڊر ۾ اينڊرائڊ جو سسٽم فانٽ استعمال ٿئي ٿو. منجھس ڳولا جي سهولت ڪانهي.
Moon+ Readerهي هڪ بهترين اي ريڊر آهي، جنهن ۾ ڳولا جي سهولت به آهي، پر ڪڏهن سٽن کي آخر ۾ ڪٽي ٿو ڇڏي.
پر هن لسٽ کي مڪمل نه سمجھو جيئن ته مون به چند ريڊر جاچيا آهن. نوان اي بُوڪ ريڊر ايندا ٿا رهن ۽ پراڻن ۾ نوان فيچر شامل ٿيندا ٿا رهن. اميد آهي ته وقت گذرڻ سان سنڌي لاءِ سهولتون وڌنديون. هن نئين پيش رفت سان، هاڻي اسان بهترين سنڌي ڊجٽل لائبرريون ٺاهي ٿا سگھون، جيڪي اسان پنهنجي فون، ٽيبليٽ ۽ ٻين هٿ جي تِري جيترن ڊوائسز ۾ اوتاري يعني ڊائونلوڊ ڪري عملي طرح هميشه پاڻ سان ساڻ رکي سگھون ٿا. ان کان علاوه، اهو وقت پري ڪونهي جو ٻار ڪاغذ تي ڇپيل ڪتابن جا وزني ٿيلها ڀري اسڪول کڻي وڃڻ جي بجاءِ هڪ ننڍڙي، پراڻن وقتن واري سليٽ جي ماپ جيتري، برقي سليٽ يا ٽيبليٽ کڻي ويندا جنهن ۾ سڀ درسي ڪتاب موجود هوندا.
ڌڻي در دعا آهي ته منهنجون اهي ڪوششون سنڌي قوم لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿين ۽ اميد اٿم ته هي استادن، شاگردن ۽ سنڌي ادب جي شائقين لاءِ مستقبل ۾ نيون واٽون کوليندي هڪ روشن ۽ سنهري آئيندي جو پيش خيمو بڻبي.
نيازمند
عبدالماجد ڀرڳڙي
15 مارچ 2013
 
 
انٽرنيٽ ايڊيشن جو مهاڳ
الحمدلله شاه سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائِيڊ ويب تي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم، جيڪو مون چند مهينا اڳ شروع ڪيو هو، سو ڌڻي جي ٻاجھ، شاه سائين جي روحاني فيض، بزرگن، وڏڙن ۽ گھڻگھرن جي دعائن، ۽ ٻانهن ٻيلين جي همت ۽ محنت سان پايئه تڪميل کي رسيو.
مون اڄ کان سترهن سال اڳ سن 1987ع ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سلسلي ۾ ڪم شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ وجود ۾ آئي ۽ اخبارون، ڪتاب، رسالا ايپل جي مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ۽ ٽائپسيٽ ٿيڻ لڳا. سال 2001ع ۾ مون سنڌي کي ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي انٽرنيشنل معيار موجب آندو ۽ انهي کي پوءِ مون سنڌي جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي استعمال ۽ ترويج (واڌاري) لاءِ وِت آهر پئي ڪوشش ورتي آهي. مونکي پنهنجي هن ٻن ڏهاڪن تي محيط ڪوشش ۽ محنت جو ڪجھ اجورو شروع ۾ ان خوشي جي روپ ۾ مليو، جڏهن مون اخبارون ۽ ڪتاب ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿي شائع ٿيندي ڏٺا. پر مونکي مڪمل اجورو اڄ مليو آهي جڏهن شاه سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ تي هي اليڪٽرانڪ اشاعت ممڪن ٿي آهي.
پوين چند مهينن دؤران، شاه سائينءَ جي بيتن جي اينٽري ڪندي، ۽ دوستن جي ڪيل اينٽري جي پروف ريڊنگ ڪندي، مونکي سائينءَ جي ڪلام جي مطالعي جو موقعو مليو. مان ان سعادت جو مُلهه بيان نه ٿو ڪري سگھان. سائينءَ جي ان سٽ، ”جي تو بيت ڀانيا...“، جي لفظي نه بلڪ معنوي مطلب جي هلڪي چاشني جيڪا مون کي چکڻ لاءِ ملي، اها ئي منهنجي محنت جو وڏي ۾ وڏو ثمر آهي. سندن ڪلام دانش ۽ ڏاهپ جو هڪ املھ خزانو آهي ۽ اها اسان جي وڏي بدنصيبي آهي جو ان جي هوندي به اڻهوندا آهيون.
جيئن ته هي اليڪٽرانڪ ايڊيشن ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل شاه سائين جي رسالي جي آڌار تي جوڙيو ويو آهي، تنهنڪري ان ۾ سائينءَ جا سڀ بيت شامل نه آهن. انهي ايڊيشن جي استعمال جو مکيه سبب هي هو ته مون وٽ آمريڪا ۾ ٻيو ڪو غلطين کان آجو ڇاپو ڪو نه هو ۽ مون پاڻ ۾ ايتري اهليت ڪانه پئي ڀانئي جو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي مستند ايڊيشن (جيڪو ٻيو واحد ڇاپو مون وٽ هو) جيڪو سنڌ ثقافتي اداري ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري ڇپرايو هو، ان ۾ موجود بيشمار غلطين کي درست ڪري سگھان. ان ڪري مون اهو ئي فيصلو ڪيو ته في الحال مختصر ايڊيشن سان ئي سهي ابتدا ته ڪجي ۽ پوءِ اڳتي هلي ان ۾ واڌارو آڻي سڀ شعر شامل ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي مستند ايڊيشن کي انٽرنيٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي.
هن رسالي جي سموري اينٽري اهڙن دوستن ڪئي آهي، جن جو (هڪ يا ٻن کي ڇڏي) پيشو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ نه آهي. پر انهن ايتري ته محبت ۽ محنت سان اينٽري ڪئي آهي جو غلطين جو امڪان تمام گھٽ رهيو آهي. مون پنهنجي طرفان انهن جي پروف ريڊنگ ۽ غلطين دور ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر ته به غلطين جو امڪان پنهنجي جاءِ ته آهي. ان جا ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا: آڏواڻي صاحب جي غلطي، جنهن ڇاپي کي مون استعمال ڪيو آهي ان جي ڪمپوز ڪرڻ وارڻ جي غلطي، ۽ اينٽري جون اهي غلطيون جيڪي منهنجي نگاه کان رهجي ويون، انهن سڀني جو امڪان ۽ احتمال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. منهنجي سڀني دوستن کي گذارش آهي ته غور سان مطالعو ڪن ۽ جيڪي به چُڪون ۽ غلطيون کين نظر اچن انهن جي نشاندهي ڪن تاڪِ انهن کي درست ڪيو وڃي.
مون هن رسالي جي طباعت لاءِ خاص ٽائپ فيس ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾ مون اعرابن ۽ نشانين جي بيهڪ جي لحاظ کان موزونيت تي خصوصي توجه ڏني آهي. پر ان ۾ به اوڻاين جي گنجائش رهي ٿي جن مان ڪي مڪمل طرح سان ته ڪي ڪنهن حد تائين درست ڪري سگھجن ٿيون. ان لاءِ به اوهان دوستن جي راءِ ۽ مشورن جي لاءِ مون کي انتظار رهندو. توهان هن رسالي جا ڪجھ صفحا ليزر پرنٽر تي پرنٽ ڪري ۽ ٽائپ فيس جي باري ۾ پنهنجي رايي کان مطلع فرمائيندا.
هن رسالي جي انٽرنيٽ تي اشاعت هڪ خواب ئي رهي ها جيڪڏهن دوست هن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رسالي جي اينٽري جي اينٽري ۾ منهنجي مدد نه ڪن ها. ٽيهن مان ٽي سر مون اينٽر ڪيا، باقي ستاويهه سُر انهن دوستن جي مهرباني سان مڪمل ٿيا. سڀني کان وڌيڪ مان محترم احمد چنڊ صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن رسالي جو تقريباً اڌ حصو اڪيلي سر ڪمپيوٽر تي لکيو. جن ٻين دوستن بنا اجوري جي اهو محبت جو پورهيو ڪيو ۽ جيڪي اسان سڀني جي بيشمار نيڪ تمنائن ۽ بيحساب دعائن جا حقدار آهن سي آهن:
شاهنواز سومرو صاحب
محمد حبيب سنائي صاحب
عبدالرحيم نظاماڻي صاحب
فقير اسلح علي قلباڻي صاحب
عاشق حسين نظاماڻي ۽ رشيد ٻرڙو صاحب
هن رسالي جي مواد کي استعمال ڪرڻ ، ڇاپڻ، ورهائڻ وغيره جي سڀني کي اجازت عام آهي. رڳو ايترو عرض آهي ته جن محبت جو پورهيو ڪري هن رسالي کي ترتيب ڏنو آهي، انهن جا نالا يا ذڪر انهي مان حذف ڪيا يا ڪڍيا نه وڃن، ته جيئن پڙهندڙن وٽان انهن کي اجر دعائن جي صورت ۾ ته ملي.
هڪ ڀيرو وري آءٌ الله پاڪ جو ٿورو ادا ڪرڻ جي مُڏي ڪوشش ٿو ڪيان جنهن جي مرضي کان سواءِ هڪ پن به چُري نه ٿو سگھي ۽ جنهن هي قابل قدر ڪم مون هِيڻي جي نصيب ۾ لکي منهنجي هٿان ڪرايو. ڀٽ جي سائين، جنهن جو ڪلام مون هن ريت دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن جي فيض جي شامل حال هجڻ جي اها نشاني آهي ته اهو ڪم ممڪن ٿيو. هن ڪم جي پايه تڪميل تي پهچڻ لاءِ مان پنهنجي والدين جو بيحد شڪرگذار آهيان ڇا لاءِ ته سندن دعائن کان بغير مان ڪجھ به نه آهيان ۽ نه ئي مان ڪجھ ڪري سگھڻ جو اهل آهيان. مان پنهنجي اهليه ۽ پنهنجي ٻارن جو به شڪرگذار آهيان جن منهنجي هر لمحي تي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي اهڙو ماحول مهيا ڪيو جنهن ۾ هي سڀ ممڪن بڻيو. مان پنهنجي پٽن عبدالمصور، عبدالباسط ۽ عبدالباري جو ذڪر جيڪڏهن نه ڪيان ته شڪرادائي نامڪمل رهجي ويندي. مان وڏي نصيب ۽ ڀاڳ وارو آهيان جنهن کي الله تعالىٰ اهڙي اولاد عطا فرمائي آهي. منهنجن پٽن مونکي هر قسم جي مالي فڪر ۽ ڳڻتي کان نه رڳو آجوڪيو، بلڪ مون تي بار وڌائون ته ڪا نوڪري ڪرڻ جي بجائي اهو ڪم ڪيان جيڪو منهنجو من ٿو چاهي. جيڪڏهن غم روزگار، نوڪري يا ڪاروبار جا جھميلا هجن ها ته پوءِ به شايد هي ڪم مون کان نه ٿي سگھي ها. ان چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته انهن اهي سڀ وسائل به مونکي مهيا ڪري ڏنا جيڪي هن ڪم لاءِ گھربل هئا. منهنجي رونئين رونئين مان انهن لاءِ دعا ٿي نڪري.
ناچيز
عبدالماجد ڀرڳڙي
14 نومبر 2004
 
 
سُر ڪلياڻ
داستان پهريون
1
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
2
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
3
اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.
4
آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُور ؛
لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
مولي ڪيو معَمُور ، انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
5
وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛
ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.
6
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛
ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.
7
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛
کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.
8
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
9
سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.
10
عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
خالق چَؤ مَ خام تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
11
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
12
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
13
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛
پاڻهِين خلقي خُوب، پاڻهِين طالب تن جو.
14
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
15
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.
16
ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِريَمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.
وائي
سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالھ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.
داستان ٻيو
1
اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان.
2
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.
3
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
4
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.
5
سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِهاڙيو چَنگ چڙهين؛
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛
پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱيو.
6
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.
7
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿ ۾؛
پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوهُ؛
عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.
8
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.
9
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباها؛
ڪات نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَھٽِ؛
مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ؟
ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.
10
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛
لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛
تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجھان گھوٽ! گھاٽي؛
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سهانگو.
11
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛
مَهيسَر جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ؛
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.
12
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھ مهانگو مَنڌُ؛
سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛
هِيُ تنِين جو هنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.
13
عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.
14
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوهُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
15
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ؟
حُه ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ؛
پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.
16
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛
سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي هَٿ ۾.
17
اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛
هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.
18
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي؛
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ؛
لڌا تي لَڀَنِ، مُلھِ مَهانگا سُپرينِ.
19
مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.
وائي
مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سهي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجھيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.
داستان ٽيون
1
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
2
اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ؛
تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ؛
رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.
3
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ؛
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ؛
خَنجرُ تنهن خُوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ؛
صاحِبُ رَبُّ ستَّارُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جون.
4
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
5
سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ؛
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
6
سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪہ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.
7
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
8
پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
9
تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي؛
’فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ‘، اِيَ پَرُوڙِج بات؛
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.
10
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.
11
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.
12
ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.
13
ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ؛
اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ؛
آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
14
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَـهَنِ، ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي ماءِ! مُهَنِّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
15
ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ؛
اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ؛
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.
وائي
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.
 
 
سُر يمن ڪلياڻ
داستان پهريون
1
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛
جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.
2
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛
تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛
تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي.
3
هَڻُ، حبيبَ! هَٿُ کڻِي، ٻَنگان لهِي ٻاڻُ؛
ماڳهِين مون مِنهُن ٿِئي، جھولِيءَ وِجھان پاڻُ؛
اِنَ پَرِساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابلو مون ٿِئي.
4
جِت حبيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهن جِي؛
تِتي طبيبنِ، وِڄا وڃي وِسري.
5
هَڻِين جي حبيبَ! محبـتِي مَيا ڪري؛
پُڇان ڪينَ طبيبَ، هوند گھائَنِ سين ٿِي گھارِيان.
6
ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
7
رهي اَچجي راتڙِي، تن واڍوڙِينِ وَٽاءَ؛
جن کي سورُ سريرَ ۾، گَھٽَ مَنجھاران گھاءَ؛
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِـيُون.
8
اَڄُ پڻ ڪَنجھو ڪَنجَھ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِينءَ؛
جهُ پڻ پِيـيَنِ سَنجَھ، هُو پِنِيُون هُو پَٽِيـُون.
9
سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گھايَلَ ڪيئن گھارِينِ؛
پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ؛
پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، تن رويو وِهامي راتڙي.
10
سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُنڪَن رَنجُوري؛
پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿِن مامُوري؛
لڳين لَنؤ، لَطِيفُ چَئي، سَدا جِي سُوري؛
پِرتِ جن پُوري، تن رويو وِهامي راتڙي.
11
آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ؛
آڻيو آبُ اََکينِ ۾، ڏيھ کي ڏيکارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي روئن نه چون ڪِي.
وائي
وِرسِيا ويڄَ ويچارا! دِل ۾ دَردُ پِرينِ جو؛
اُٿِيو ويڄا! مَ وهو، وَڃو ڊَبَ کڻِي؛
ٻُڪي ڏيندا ٻاجَھ جي، آيا سُورَ ڌَڻي؛
آيا جيءَ جِيارا، دِل ۾ دَردُ پرِينِ جو.
داستان ٻيو
1
تَنَ طبيب نه تُون، سُڌِ نه لهين سُورَ جي؛
سانڍِ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛
ڪانَ گُھرجي مُون، حياتِي هوتَنِ ري.
2
ويڄنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِري نه ڪيائون؛
جي پَندِ پاريائُون، ته سِگھائي سَگھا ٿِيا.
3
آهي گَھڻو اَگَھنِ جو، تَرسُ طبيبنِّ؛
ڪيو وَسُ ويڄنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.
4
پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛
تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.
5
هارِيا! تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو؛
ڪَرِئين جي ڪِرِي، ته تون تَوانو ٿئين.
6
جي ڀائِين پِرِينءَ مِڙان، ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ؛
جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ؛
اُجِھي ٻُجِھي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ؛
سَلي سُوريءَ چاڙهيا، بيان ڪَنِ نه باتِ؛
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪينَ ڪِي.
9
تڙي طبيبنِّ، گھايَلُ گَھران ڪَڍيو؛
چِڪيا چاڪَ چِيهُون ڪري، ڪَڙيُون مور نه ڪَنِّ؛
دوستَ جي درسنَ سين، پَئي ٺارُ ٺَپَنِّ؛
وِرِچِيو ويڄَ وَڃنِّ، آءُ ته پِريَمِ! اُبَهان.
8
وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛
هِينئڙا! تنِين پاسِ، گھارِ ته گھايَلُ نه ٿِئين.
9
ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان!
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.
10
هُئين ته ويڄنِ وَٽِ، تون ڪِئن جِيءَ جَڏو ٿِئين؟
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُهه نه ڪَيءِ ڊَبَڙا؟
11
ڪُٺِيس ڪُويڄَنِّ، تَنَ طبيبَ نه گڏيا؛
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِّ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو.
12
تَرسُ طبيبنِّ جو، جَڏَنِ ڪيو نه جاتِ؛
جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئان تنهن دُور ٿِيا.
13
دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مون؛
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھ جِي، نِهاري ناڙُون؛
جن جون سيڻَ لَهنِ سارُون، تن تان ڏُکندو ڏُور ٿئي.
14
اَگَھن مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي؛
ڏُور، ڏُکندا! ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.
وائي
اَچِي سارَ لَهيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئوُن ماري!
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوهُ مَ ڏيجِ؛
ڊَبَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارُون، دوست! ڪَريجِ.
داستان ٽيون
1
هَيءِ هَيءِ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي!
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪين ٻَري باهِ!
پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهَ نه وِسَهو!
2
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي!
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، سيخُنِ ۾ ٽيئِي!
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وهِيڻِي سَڄَڻين!
3
سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري؛
ڇِمڪِيو سو ڇوهَ مان، ڪَڙ ڪَڙ ڪانُ ڪَري؛
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، لنگھي پِيو پَري؛
لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻِيان، تِيرُ نه نِڪري!
4
پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون؛
آڻِيو وجَھنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنهنجو جي؛
جيري جنِين جي، لڳا نيزا نِينهَن جا!
5
پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ!
پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
6
پَتنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ!
سَهائِيءَ سُپيرين جي، گِھڙُ ته ٿِئين گھوٽُ!
اَڃا تون اَروٽُ! کُوري خَبَر نه لهِين!
7
پَتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَّ؛
پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَّ؛
سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائِيا.
8
جي تَتو تَنُ تنُورَ جئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ؛
آڻي آڳِ اَدب جي، ٻاري جانِ جلاءِ؛
بُرقعان اندر بازيون، پنهنجو سڀ پچاءِ؛
لُڇَڻُ لنؤُ، لَطِيفُ چئي، پَڌرِ هَڏِ مَ پاءِ؛
متان لوڪ لَکاءِ، وصالان وچ پَئي!
9
اڃا تَـنُوران، ڪالهه ڪڍيائون سڄڻين؛
پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌان؛
محبتين مٿان، مچُ مُورائينِ نه لهي!
10
پَچائي پَهاڻُ، جن رساڻيو رُڪَ کي؛
تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙيُنِ کي.
11
ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻَ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي؛
ٻاري مچ مَجاز جو، اوتيائون اڱارَ؛
ڌُوڌا! ٿِيُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪڻيُون ٿئي.
12
ڌُوڌا! تون نه ڌَئِين! آڳِ اوڏو نه وڃين!
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهِين!
اُڀو اِئن چَئِين، ته آئون آڳَڙيو آهيان!
13
سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَھرُ لهارَ جو!
ڌَڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين!
14
سَهِين جئن سانداڻ، ڌَڪن مٿي ڌَڪڙا!
وَهِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.
15
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي؛
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تکيون.
16
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻ؛
لاهِيندا مُورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پڌرو.
17
سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.
وائي
جِيءُ جياريو، جِيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو؛
پِرينِ جِيءَ پَچار، سيڻن جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جياريو؛
اُڃيو تن عَمِيق مان، پِريُن پُوڄَ پياريو؛
مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻ اُتاريو؛
ڪَرَمَ ڪريمن جي مون کي، اَهُکِيءَ مان اُڪاريو؛
سنئون مُنهن ڪري، سپرين! اَئِين نرمل نورَنهاريو؛
سائلن جِئن سڏ ڪري، اَئِين طالحن کي تاريو.
داستان چوٿون
1
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اِيئَن!
ليکيا جي لِکَڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟
هُئڻ ڪيا هِيئَن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان.
2
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ايئن ڪري!
آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري؛
دوئِي ڌار ڌري، جهُ خُلَّت خنجر آئيو.
3
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ!
اِيَ تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءِ جا قَوال سين.
4
قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَهُ ماکي جي ڪن؛
وٽان ويهِي تن، پِيجِ ڪي پياليون.
5
هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
پوڄَ پيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ؛
ته هَٽَ تنهنجي هنڌِ، موکي! ڪو مانُ لهي.
6
هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
وٽِي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ؛
سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.
7
گَھٽَنِ ۾ گُھٽِڪَنِ، وَٽـيُون پِيَنِ وِهَ گاڏيُون؛
بَرخِيز بده ساقِي! پيار کي پِريَن؛
پِڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون مَنجھيان.
8
آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.
9
وجھج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛
پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا.
10
جُه سي اَڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ؛
سائِي ٿِيندين اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!
11
موکِي چوکِي نه ٿئي، اصل اوڇِي ذات؛
وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنهن ماريا.
12
مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟
13
مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!
16
سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!
15
ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهن وٽِي، عادت سندين اِيَّ؛
تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبِي منجھان جِيَّ؛
سرو تن سَبِيّ، جَن حاصل ڪيو حال کي.
16
موکِيءَ مَٺو نه گُھريا، وِهُ نه وِهاٽيا؛
سُرڪِيءَ ڪاڻ، سيَّد چئي، اُتي ٿِي آٽِيا؛
جي ڳالهين ڳَنڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بُٺيون.
20
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪَلالن سين!
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
مَرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لهي!
18
وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَّد چئي.
19
ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مون هِنئان!
روئندي رات وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون!
وائي
دوسُ پيهِي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو؛
ڏِينهين پُڄاڻـؤن آڻي اسان ڪي، مولي مُحب ملايو؛
ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو؛
هو جَنهِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو؛
عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اَچِي عجيبن پاڻ فَضلُ فرمايو.
داستان پنجون
1
صوفِي سالم سي ويا، جي اَڪثر سين اَڏيارَ؛
بازي بازِندنِ کي، آهي اَويسارَ؛
پِريا سين پَهڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.
2
صوفِيءَ سيرُ سڀِن ۾، جئن رڳن ۾ ساه؛
سا نه ڪري ڳالهڙِي، جئن پويون پروڙي پساه؛
آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.
3
ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛
صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين.
4
صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛
جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو.
5
صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
6
صوفِي چائِين، سَڌَ ڪرين! صُوفين اِيَ نه صلاحَ؛
ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وجھ اُڇلي آڳ ۾.
7
جي ڪُلاهَ رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿِيءُ؛
وِه وٽِي هٿ ڪري، پُر پيالو پِيءُ؛
هَنڌُ تنِين جو هِيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.
8
جُسي ۾ جَبّار جو، خَفِي خِيمو کوڙ؛
جَلِّي تون زبان سين، چار ئِي پهر چور؛
فڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور؛
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائِين سَپَجي.
9
عالَم آئوُن ساڻ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪري؛
پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پکيڙيو.
10
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي رُوءِ؛
جنِين ڏٺي جُوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪِي.
11
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛
ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پسين مَنڊيو!
12
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، روميءَ چيو آهي؛
تاڙِي جي لاهي، ته مَنجِھين مُشاهدو ٿئي.
13
ظاهر ۾ زاني، فِڪرَ منجھ فنا ٿيا؛
تنين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اندر ڪانِي؛
حرفُ حَقّانِي، دَورُ ڪيائون دل ۾.
14
جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙهنّ؛
فِڪرَ فَرَهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنّ؛
پَنو سو پڙهنّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
15
سا سِٽَ نه سارينِ، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛
ناحَقُ نهارينِ، پنا ٻيا پِرينءَ لئ.
16
سا سِٽَ ساريائون، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛
“لاَ مَقصُودَ فِي الدَّارَينِ“ اِن پَرِ اُتائون؛
سَڳَـرُ سوٺائُون، ٿيا رَسِيلا رحمانَ سين.
17
اَکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿئين ڪِياءِ؟
ڀـيرِئين ۽ ڀانـئِئين، ايڏا اِئن نه آءُ!
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي.
18
عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا؛
منجھان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتِي لال ٿيو.
19
جو مون پڙهيو پاڻ لَئ، سبقُ سابِقُ جو؛
پهرين سُڃاتم پانهنجي، نفسَ جو نِهو؛
جِي عَرفانُ اَصَل ۾، ٿي رُوحن روزَ ڪيو؛
وري وَرَقُ پيو، گڏيم وَڍُ وصال جو.
20
پَڙهيو ٿا پڙهنَّ، ڪَڙهن ڪين قُلُوب ۾؛
پاڻان ڏوهَ چڙهنَّ، جئن وَرَقَ ورائين وِتَرا.
21
اَکر پڙه اَلف جو، وَرَقَ سڀ وسار؛
اَندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
30
جئن جئن وَرَقَ وَرائِين، تئن تئن ڏٺو ڏوهُ؛
تنهن ڪَهڻِيءَ ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻِيءَ رهيو نه سُپرين.
23
ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سين؛
اَسان سڄڻُ تئن، رهيو آهي روح ۾.
24
تهڙا چالِيها نه چالِيھَ، جھڙوپسڻ پرينءَ جو؛
ڪهڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مٿي پنن پِيههَ؛
جي ورقَ وارِين وِيھَ، ته اَکر اُهوئِي هيڪڙو.
25
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، ڪيم چاليها رَکُ؛
ڪوه نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺـئِي پهر اَلَکُ؟
تان تون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪَنهن ڏانهن سامهون.
26
سَڀَڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالِي ناهِ؛
اَحَدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪانئرَ ڪبا ڪانھِ؟
مُحبُّ منجھين مَنَ مانھِ، مون اَڄاڻندِيءَ اُجِھيو.
وائي
وِسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
لوٺـيُون سَهَنِ لوڪ جا، وِهاڻِيءَ ٿيون ويڻَ؛
اصل اَسارِيُنِ جا، سُتي وِيَڙا سيڻَ؛
جيڏيون! جي مان وِسَهو، ننڊ مَ هيريو نيڻَ؛
راتڙيُون جاڳن جي، سي آئُون ڪندڙي سيڻَ؛
آڌيءَ رات اُٿِي ڪري، جھل تون نِنڊان نيڻَ.
داستان ڇهون
1
دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي رنگُ؛
گھوڙِيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.
2
دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي چيتُ؛
گھوڙِيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.
3
او قابِيلَ! اَکين ۾، توکي باري بانَ؛
اُڀو اَڳرايُون ڪرين، ماڳِ هڻيو مَستانَ؛
جانبَ! تون زيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين!
4
جي هو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر رکُ؛
منهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چَٽڪا چَکُ؛
سورِي ڀانءِ مَ شڪُ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين.
5
جي هو پائينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر ڏيجِ؛
منهن ۾ معشوقن جا، جھالُو ٿي جھليجِ؛
پاهان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين.
6
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مار مَ مون؛
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي.
7
ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏَ نه هَڻائين ٿا؛
ٿيا جي نيشانُ، ته پهرئين سان پورا هئا.
8
لورِي جِت لڳوم، اُتِ اُڀو ئِي آهيان؛
سورهُ پرين سَندوم، مانَ ٻاجھائي ٻيو هَڻي!
9
محبّت جي ميدان ۾، ڪر پَڙاڏو پَٽُ؛
سِرُ سورِيءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، متان ڪُڇِين ڪَٽُ!
عشق نانگ نِپَٽُ، خبر کاڌن کي پوي.
10
محبّت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگُ؛
سورِيءَ سُپيرِين جي، چَڙهُ ته ٿئين چانگُ؛
عشق آهي نانگ، خبر کاڌَنِ کي پوي.
11
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛
جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ؛
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي.
وائي
عشق تمام، بره تمام، وو! مئن لُوٺي يارَ لوڪو!
سيجَ سُتي نُون جَھپَ نه آوي، نيڻين ننڊ حَرامُ؛
راتيان جاڳڻُ، صاحبُ سنڀالڻُ، اِي فقيران دا ڪامُ؛
مَتِ عقلَ دي مُنجھ گَــئِي، آيا عشق اِمامُ.
داستان ستون
1
عاشقن الله، ويروتار نه وسري؛
آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري.
2
عاشق اِئن نه هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱرين؛
وڃي در دوستن جي، رَتُ ڏِهاڻِي رُون؛
ٻِيَ پَرِ ڪَنهِين نه پوَن، ماڪُرِ محبوبنِ سين.
3
جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعوىٰ ڪري مَ نِينهن جِي؛
سائو مُنهن، سُونهن گَــئِي، سِڪَڻَ اِيُّ شرط؛
نَڪِي گوڏِ گَـرَٿُ، مٿا سِرَ سؤدا ڪري.
4
اَڃا تو منجھان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَھلِيندي گھاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين؟
5
سِڪڻُ ۽ سورِي، ٻئي اَکَرِ هيڪڙي؛
وِهڻُ واٽَڙِيُن تي، ڪارَڻُ ضرورِي؛
ٻِنهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏني رِيَ نه جُڙي.
6
جيڪِي سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪندئين؛
پاسي تنين مَ لِڪُ، نِينهُن نه سُڃاڻن جي.
7
عاشقَ! معشوق جِي، وٺِي ويھُ ڳَرِي؛
جِمَ وِرچي ڇَڏئِين، سَندِي دوست دَرِي!
ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجَھ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَرِي؛
اَسان تان نه سَرِي، تون ڪئن سَرِي سپرين؟
8
عاشقَ! معشوقن جو، وٺِي ويھ دُڪاڻ؛
پَـئِجِ پيش پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وجِھي پاڻ؛
ته تون تنِين ساڻُ، سدا رهِين سُرخُرو.
9
عاشقَ! معشوق جو، وٺِي ويهج گَھٽُ؛
جِمَ وِرِچِي ڇَڏئين، موکِيءَ سندو مَٽُ؛
ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪي پِيالـيُون.
وائي
سُپيريان جي سونهن جِي، ڳالھ ڪِينَ وڃي؛
وڃِي دَرِ دوستن جي، سُوريءَ سِرُ هَڄي؛
عاشقَ اَنگُن چڙهيا، ٻيو سَڀڪو ڀَڄي؛
پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻون، پهرين سِرُ سَڄي؛
عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀَڄي.
داستان اٺون
1
هَرَ هَرَ هَرائِي، وڃڻ دَرِ دوستن جي؛
پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائِي!
اَلڙُ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائِي؛
لائِيندءِ، لَطِيفُ چئي، سُوران سَرهائِي؛
ڳُجھو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.
2
سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛
مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي.
3
جي پياري پاڻَ، ته ڪَرَهو ٿِي پاڻِي پِئين؛
اَڳي اِنَ نِياڻ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گِھڙي.
4
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪِي پروڙي ڪونَ؛
سچِي جيهِي سونَ، منهن نه پيئِي ماڙهُوئين.
5
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪيِ پروڙي ڪونَ؛
سا سُونهِين ٿئي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو.
6
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين؛
جي اَوڳڻ ڪَنِئِي، اَسُونهِين! ته تون ڳُڻان ئِي ڳِنُّ؛
پاند جھليو تون پِنُّ، هن سُونهاري سَڱَ ۾.
7
نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو؛
ٿِـيَئِ ساڃائو، جي اُڀِئين اِنهِيءَ پيرَ تي.
8
کَمُ! کَـمَندنِ کٽيو، هارايو هوڙَنِ؛
چکيو نه چُوندنِ، هو جو ساءُ صبرَ جو.
9
کَـمَندَڙَن گَھرِ کِين، چَوَندڙ چڱا نه ٿيا؛
ويڻَنِهُون ويڌُ پَئي، هٿِ نه اَچي ڪِين.
10
هُو چَوَنِـئِي، تون مَ چؤ، واتان ورائي؛
اََڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خطا سو کائي؛
پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪي.
11
ڪِنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجھان ڪِين؛
جي هوءِ سَٽاڻِي سِيڱ، ته زِهَ ڇِني جوکو ٿئي.
12
اَڻ چَوندَنِ مَ چؤ، چَوندَن چيو وسار؛
اَٺـئِي پهرَ اَدبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ؛
پايو مُنهن مُونن ۾، غُربت ساڻ گذار؛
مُفتِي منجھ وهارِ، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿئين.
13
جِنِين سَندِيءَ “ٻوڏَ“ ۾، ڀَتون ڀَتين “جِيُ“؛
تَنَ! تنين سين پِيُ، اوڏا اوڏي پَکَڙا.
14
ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي؛
سا مَجِلس ئِي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هَزارَ جو.
15
وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي؛
تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
وائي
يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي!
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو هوندا، مُون جيها مُشتاقَ؛
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آه حُسنَ جِي هاڪَ؛
سُرمو سَهِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛
عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، پرين اَسانجو هميشہ آ حُسناڪُ.
 
 
سُر کنڀات
داستان پهريون
1
ڀَلا ئِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانهنجي؛
سَٻاجھا سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نه ڏِينِ؛
مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِن ۾.
2
تون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسِين ٿو پِرِينءَ کي؛
آڏِتُ چئج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي؛
هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄَڻين!
3
مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وڃن سيڻَ!
رهيا آهِينِ روحَ ۾، نِتُ جِنِين جا نيڻَ؛
وِماسِيا جِن ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تِنِ هِنئون.
4
رات سَهائِي، ڀُون سَنئِين، ڀائِي! گُھرجي ڀَلُ؛
آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَن چَرِي چَلُ؛
مون توئِي سين ڳالهڙِي، ٻِئي ڪَنهِين مَ سَلُ؛
هاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجايُون کَـرَنِ کي.
5
چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِئين سينگارَ؛
پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛
جهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.
6
سهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ؛
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانـئِيان.
7
چَنڊَ! تنهنجِي ذاتِ، پاڙيان نه پِرِيُنِ سين؛
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِھرا.
8
چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛
ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.
9
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
10
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرِين؛
جَهڙِي تو صُبوح، تَهڙِي صافِي سَڄَڻين.
11
توڏانهن گھڻو نِهاريان، تارا! تيلاهِين؛
سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀِرين.
12
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين؛
سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿين نه ڪَڏَهِين.
13
تارا، تِرَ، تِروڪِڻيؤن، مَٿِن ڦُلَڙيُون؛
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرِينءَ پُڄاڻا پيئِيُون.
وائي
وَهلِي وَنءُ مَ وِهامِي! رَهُ رات! رائِينديس پرِينءَ کي.
شَمع ٿِينديَس شَب ۾، اِن خوشيء کان کامِي؛
بابُوئن سندِي باه جِئَن، ٻَران شال اُجھامِي!
پِرتِ جا پِيتَم جِي، سا ڪِينَ پروڙي عامِي؛
مونکي مون پِريُن جو، آهي دَردُ دَوامِي؛
آهيان يارُ سَيَّدَ جو، ڪانَ رهِي ڪا خامِي؛
هُوءَ جا لَنؤُ، لَطِيفُ چئي، مونکي آهي مُدامِي؛
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي هُئان لَنؤُ اِنهيءَ لامي؛
ڪارِي سا قِيامَ سَنئِين، هوتُ جنهنجو حامِي؛
آيَم تَنهِين لوڪَ سان، جيسِين مان چَوَن سامِي.
داستان ٻيو
1
ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪج پِرِينِ ڏي؛
اَحوالَ عاجزن جا، آکِـجِ لَڳِ اللهَ؛
روزُ نِهارينِ راهَ، اَکـيُون اَوهانجي آسِري.
2
چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سَنِيها کي سَڄَڻين؛
مَٿان اَڱڻ اُڀرِي، پِريُنِ جي پَئيجِ؛
جِھيڻو ڳالھائيجِ، پيرين وجِھي هَٿڙا.
3
اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ؛
سَڄَڻَ سُتا وِلَھ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ؛
پيرين آئُون نه پُڄڻِي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور؛
جنهن تي چڙهِي اَسُورِ، سَنجھي سَڄَڻَ سِيٽيان.
4
ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حياتِيءَ هيڪاندِ؟
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رنجائي راندِ؛
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُھ ڳَرهِيان ڪن سين؟
5
هِنئَڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ؟
اَچِي لالَنَ! نه ڏِئين، مَٿي پَلَنگَن پيرَ؟
ٿِي ورُونهڻ ويرَ، ڳُجُھ ڳَرَهِيان ڪن سين؟
6
ڪَرَهو نه ڪيڪانُ، پيرين آئُون نه پُڄڻِي؛
جو مون راتِ رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ؛
مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
7
ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ؛
منهنجو هلڻ اُتَهِين، جِتي جانِبَ جاءِ؛
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻيو وَڳُ، لاڻِي کاءِ؛
اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
8
ڪَسَرَ ڇڏ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجُھ وَڌَندِيُون؛
سَنئِين سُپيرِيُنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ؛
ڇَڏ جھورِي، ڏي جھاٽَ، ته هوندِيءَ رات هُتِ مِڙُون.
9
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري؛
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪيو لاڻِي کاءِ؛
اِنَ مَئي سندي، ماءِ! مُون کي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو.
10
مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منهنجي ڪَرَها!
جھاڳِيندي جَرَ پَٽـيُون، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِئين.
11
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُـتـيَس مالَ؛
ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَنءِ حالَ؛
چَندَنُ چارِيَنءِ جالَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
12
مَيا! تو مَهارَ، سڄِي پايان سونَ جِي؛
چارِيَنءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ؛
سَندِي پِيَ پَچارَ، جي مُون رات رَساڻِئين.
13
اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو؛
لَڳيسِ نائُڪَ نِينهَن جِي، نِهوڙِيو نانگو؛
ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي.
14
وِهي مَنجھــهِين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري؛
ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ؛
جَڳَ سين جهڙو جَڳَ، هِنئين سين هُتِ چَري.
15
اَڄ نه اَڳينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالھ هو؛
اَڱَڻَ آيو نه ڪري، پاهوڙي پَچارَ؛
جيڪُسِ مَنجھ قَطار، ڪا وَلِ چِنائين وِهُ جي.
16
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَليُن کي؛
خَبَر ٿِي کيٽَ ڌَڻيُنِ کي وِڏُوڙا واهِي؛
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏِي، وَريسِ نه وائِي؛
چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاري وِسرِي.
17
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي؛
وَليُون واسَ وَرنيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ؛
چانگي چَٽِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَـئِدَ ري.
18
ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمَ پَئدَ پَلَڻَ جا؛
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَـئِين؛
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وِجُھ سَئِين؛
اوباهيوس اَئِين! لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
19
چانگي چَئِي چُڪياسِ، مَٿان اَڪَ نه اُلَهي!
جنهن وَلِ گھڻا وِهاٽيا، اُنَ سين آرِ لَڳياسِ؛
چوڌارِي چَندنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ؛
رُئاري رَتُ ڪَياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَهي.
20
اُٿي اَڙائِينس، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿِيو؛
کارايان، کِـڙِيو وڃي، پَلاڻي پائِينسِ؛
ڏانوَڻِ تنهن ڏائِينسِ، جِئن چَري ۽ چِنگھي ڀُڻو.
21
دُو دَستِي، دُو پيرَ، سِيني سَنگَھرَ رُڪَ جِي؛
ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ؛
تنهن ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي!
22
ڪِنين ڪامَڻَ ڪَياءِ؟ ڪِيئَن ڀَنڀولِئين؟ ڪَرَها!
اَکِيُن مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَناءِ!
وَڳَ ڪِ وِسرِياءِ؟ ٻَڌو جِئَن گھاڻي وَهِين.
23
کائي نه کَٽَڻهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري؛
اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سِرکَنڊَ لَهي نه سارَ؛
لاڻِيءَ جي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪيو.
24
چانگا! چَندَنُ نه چَرِين، مَيا! پِئَين نه موڪَ؛
اَگَرَ اوڏو نه وَڃِين، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ؛
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکرِ آئُڙِي؟
25
جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺيُون، پَنجين لَکين پاءُ؛
مَيو تنهن ماڳاءِ، ڏِيهاڻي ڏارَ چَري.
26
لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ؛
ايلاچيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ؛
ڪَٿ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻيو ته پِرِينءَ مِڙي.
وائي 1
سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي؛
ڪارِيءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻَ نه رُونِ؛
موٽَڻ جنِين ميهڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ؛
جِن مُسافر سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
وائي 2
توڻي تَڙِئين تُون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇڏيان!
مون کي سو مُشاهِدو، جي مُنهن نه ڏِئين مُون؛
مُون ٻيا درَ گھڻا نِهاريا، آهِئين تُون ئِي تُون.
 
 
سُر سريراڳ
داستان پهريون
1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.
2
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِج چيتُ؛
سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛
سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ ته پَهچِين پارَ کي.
3
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چورُ؛
ڪَڍِي ڇَڏِ قَلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ؛
هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مٿان تو معافُ ٿئي.
4
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ؛
دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسِين وِلاتُن وِتُ؛
نيہُ نيکاري نِتُ، مَلاحَ! گَڏ مُعۡلِمَ سين.
5
ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِيا!
سِيهي جو سَيَّدُ چئي، وَکَـرُ وِهايومِ؛
هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان!
6
ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا!
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائين چُورُ!
مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالھ جو.
7
ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللهَ سين؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، صاحِبَ وڻي سَچُ؛
مُحبتَ سندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ؛
اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِـئيئِي سَفَرو.
8
لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!
9
سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَھ سين.
10
منجھان پيئي مَڪُڙِيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بُوند؛
سيئِي ڏِٺم رُوند، وَکَـرُ جِن وِڃائِيو.
وائي
سَهسين شُڪرانا، ڪوڙِيـين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
حَمد چئج حڪيم کي، جورِ هڻِي جانا؛
تو ڏيکاري تو ڌڻِي، باطِنَ جا بانا؛
مَتان، مردَ! وسارئين، صاحبَ جو ثَنا؛
دوستُ رکِي دل ۾، پَڙهَ لالَنُ لِسانا؛
جَفا ڏيئِي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ منجھ فَنا؛
تُسِي تو سين توهُ ڪري، مَنَ آگو اَحِسانا؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانَهپَ سين، ٻانا!
صاحبَ وڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانہُ، دِيوانا!
جي تَسلِيمَ سين تَحقِيقُ هئا، سي ڪِئن اَمانا؟
جاڳيا جي جَبارَ لَءِ، سيئِي سَمانا؛
فَاذۡکُـرُونِيۡ، اَذۡکُـرۡکُمۡ، ڪَهِيو قُرآنا؛
وَاشۡکُـرُوۡالِيۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا؛
سَڀِ سَنوريا سُپِرينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا؛
چَڱِي چئج چاهَ سين، مَدحَ اِيَ مَنا؛
تائِبَ ٿيو تَڪڙا، جوشا، جُوانا!
نه لَهِين تُون لَطِيفُ کان، اَمَنُ اِيمانا.
داستان ٻيو
1
جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو!
2
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛
اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَہِ اَچيو اُنِ جي.
3
سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
4
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛
ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو.
5
سيوِيو جن سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تن سين؛
توبَہَ جي تاثِيرَ سين، تَرِي ويا طوفانُ؛
ڏيئِي تَوَڪَّلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِھيا آسانُ؛
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو.
6
سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛
ٻانهپَ ڀَري ٻيـڙِيُون، هليا جوپَ جُوانَ؛
پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھ لَنگِھي ويا.
7
اِيَ گَتِ غَوّاصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجِھيائُون؛
پيهِي مَنجِھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛
آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين.
8
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَوّاصَنِ؛
جَهرِيُون جھاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ؛
سمنڊُ سوجھي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.
9
ويا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي؛
تِن سِپُون سوجھي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي؛
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
10
آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سهي مَڪُڙِي؛
ميڙي مَٺاينِ جو، بيحَدِ چاڙهيمَ بارُ؛
چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ؛
ڪَپرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.
11
ويرَ مَ لاهي ويہُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي؛
پَسِي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو ايہُ؛
ويندو نه پَسِين ڏيہُ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟
12
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽِي صاحِبُ؛
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَبُ؛
اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
13
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪري اَللهُ؛
پاڻَهِين وجھي ڪُنَ ۾، پاڻَهِين اُڪاري اوڙاهُ؛
تنهن واحدَ کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري.
وائي
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ؛
خَبرَ ناه قَبرَ جِي، نِسورا نِسيانَ؛
والِي! رَسج وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اَنسانَ؛
سُڻُ سَٻاجھا سُپرِين، نَعرو نِگهبانَ!
مَدِيُون پَسِي منهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيء هَيء ڪَن حَيوانَ!
سائِين! سُکاڻِي آهِئَين، سامُونڊِي، سُبحانَ!
تُرَهو ڇِنُم تارِ ۾، رَسِج تون رَحمانَ!
ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ؛
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَر ڀيرو مٿي ڀانَ؛
خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ؛
آئُون پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ؛
سَڀِ سُوالِي سَمِگيا، داتا ڏيئِي دانَ؛
وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جُودَ، جُوانَ؛
مَتان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيـلِي سندا ٻانَ!
وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ دِيوانَ؛
لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهَن کي، خِيمو اَڏِيو خانَ؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!
داستان ٽيون
1
کُوها ڪالھ کـڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري؛
اَلا جُھري مَ اُنِ جي، اولي جي اَڻِي؛
وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَـرُ وِڌو ٻيڙِيين.
2
وَکَـرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِـئي؛
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِـئي نه ضاءِ؛
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جَنهنجي اُبَهِين.
3
اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعۡلِمَ خَبرُون؛
سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري.
4
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکُـرَ پاءِ مَ وِتَرو؛
تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي؛
هِيءِ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙھُ ڪالهوڻي ڏِينهَن کي.
5
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي؛
کُوهو جُھرُ جهنو ٿيو، لاڄُو سَڀ لَڙياسِ؛
جيلان سَڌَرُ سکاڻياسِ، وَهي تي وَهَ سامهون.
6
ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُڙِي؛
سَنباهي، سَيَّدُ چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ؛
وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ؛
آخرِ اُهِرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي.
7
اَچِي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين؛
سُتي لوڪ لَطِيفُ چئي، يادِ نه ذرو ڪيوءِ؛
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهَ تي آندوءِ؛
سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکِين! جو پِيو پُراڻو پوءِ؛
جهازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ!
سَيَّدُ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائِين!
8
جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين؛
پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَـڻـجِ سازَ؛
اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.
9
دَنگِي وِچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي؛
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَڻَ سڀ سَڙيا؛
مُعۡلِمَ ماڳِ نه اَڳِئين، فِرَنگِي مَنجھ ڦِرِيا؛
مَلاحَ! تُنهنجِي مَڪُڙِيءَ، اچِي چورَ چڙهيا؛
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنهنجِي!
10
ٻيڙِياتا! ٻيئِي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيُون؛
سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين، ڀَـرُ سُکاڻَ ڏيئِي؛
صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبرُون.
11
وَهَ تِکَ وَهَڪَرا، جِت لَنگَر نه ٺَهِرَنِ؛
وڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَھجھي زورِ جُنبَنِ؛
نيڍوُءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَھنِ؛
مُلان مُعۡلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالهڙِي.
12
وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ ري؛
مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَر چيٺي؛
پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي؛
جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهندِي تِن سين.
13
ناکُـئو نِگَــهَبانُ، مُعۡلِمَ مُنجي خَبرُون؛
جِن ساري کَنيو سَمنڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ؛
لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تِن لَنگھيو طُوفانُ؛
سَنڀاري سُبۡحانُ، وڃِي عادَنِئُون اُکَتَا.
14
بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا!
15
سُتا سَڀِ پَـئِي، سَندي مُعۡلِمَ آسري؛
اَئِين پڻ سُمهو، ناکُـئا! بَندَرِ ناه ڀَــئِي؛
جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئِي، سي سڀ لَنگھيندا لَڪيُون.
وائي
ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ نَنڌا بارَ؛
توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾!
پاتا پاڙيوارِيـين، پَڳہَ منجِھ پاتارَ؛
پَتڻُ ٿو پُورَ ڪري، آئِي تُنهنجڙِي وارَ؛
سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجھ خُمارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، هَلڻَ جِي هاڪارَ؟
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، سَچِي اِيَ سَنڀارَ؛
نِنڊَ نه ڪجي ايترِي، سُڻجِ اَدا يارَ!
سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجھ قَطارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟
گِھڙان ٿِي رِءَ گَھڙي، اِلاهِي تُهارَ!
هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ سَتارَ!
ڪُلُّ نَفۡسٌ ذَائِقَةُ الۡـمَوۡتِ، پَڙهو اِيَ پَچارَ؛
شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجِھ شِڪارَ!
يَوۡمَ يَفِرُّ الۡـمَرۡءُ مِنۡ اَخِيۡہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ؛
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون اوسارَ!
لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنئَهِين ويا هَزارَ؛
ڏِنـئه جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿِئين پَرِيـين پارَ؛
جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِـي تُنهنجي دارَ؛
جِيفو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ؛
وَٽِيءَ ڪين وِلَهنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ؛
سا ڪِئَن هَلي تو سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ؟
جِيَڻُ جالَ نه نِبَهي، سُڻـجِ اِيَ سَنڀارَ؛
جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀِتِيُن جِي ڀُلڪارَ.
داستان چوٿون
1
سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ؛
ٿِيُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ؛
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصَل ڪري حاجَ تو.
2
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ؛
جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
3
مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
4
وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِئين ڪا؛
سا پَرُوڙِج ڳالھڙِي، وَڻجارَنِ وٽان؛
موتِي مِن هَٿان، آندَءِ گھڻي اَدَبَ سين.
5
اَمُلَ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِينِ مَٽِ؛
جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ؛
جنِين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُّ رَدِ ڪيو.
6
سونا! وانءُ صَرافَ سِيئَن، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ؛
سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي.
7
جُه صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لَـهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.
8
اَگِھيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!
9
ويا سي وِينجھارَ! هِيرو لال وِنڌِينِ جي؛
تِـنِين سَندا پويان، سِيهي لَـهَنِ نه سارَ؛
ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.
10
وڃن مَ وِينجھارَ! پاڻِـيَٺَ جي پَرَکَڻا؛
ڪَنۡيَرُ پايو اَکـِئين، لَـهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ؛
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجِھ ڪِنارَ؛
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
11
ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيـتِيءَ ۾ پُرزا ٿيو!
سَڄو تان، سَيَّدُ چئي، لَهي لَکُ سَوا؛
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمان پَري ٿيو.
12
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو؛
سَنئون تِن سُڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو.
13
چورُ اُڀو اِئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهيان؛
جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، نه لِڪي کي ڪونه لَهي.
وائي
جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي؛
جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي.
هَلَندي حَبِيبَن ڏي، ويلو وِچِ نه ڪجي؛
مَٿان اُهِسَ اُسِرِي، پَتنگَ جِئَن پَئِجي؛
عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي؛
ڪري نِيازُ نِڪَڻو، واحِدَ ڏي وَرجي؛
آهي مَوتُ مِڙَن تي، گوڙِيُون ڪيو گَجي؛
اَجَلُ ايندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سڄي؛
اَڳيان اُونداهيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي؛
کَڻُ تون قُوتُ قَـبَرَ جو، گھڻو ٿو گُھرجي؛
آگو عيبَ اوهانجا، ڍَڪيا ڳُجَھ ٻُجھي؛
جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمجھي؛
ڊِڄِي ڊاءِ ڌَڻِيءَ جي، جيڪو ڀَيءِ ڀَڄي؛
اَمَنُ آهي اُن کي، جو مَنجھ اَلله اَجھي.
داستان پنجون
1
لَهرِيُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا؛
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا؛
اُٿِي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!
2
ڪالھ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ؛
تُنهنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.
3
مُلاحِظو مَهراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِ مَناءُ؛
سامُونڊِي! سَنڀالِ ڪِي! سُمَهڻَ آيُءِ ساءُ؛
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
4
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجھان مَوجَ، مَلاحَ!
دانهُون ڪَنِ درياهَ جون، اُونهي جا آگاهَ؛
سُونهَنِ جي صَلاحَ، وَٺُ ته وِيرِ لَنگھي وَڃِين.
5
سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ جي اَڌَ راتِ کي، وَکـَرُ وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِيءَ سِيرَ مان.
6
قَرڦُلَ ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون؛
ڪوٺـيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون؛
لاڄُنِ مَنجھ، لَطِيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون؛
نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائُون؛
جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَھ سين!
7
وِچينءَ جان ويهِي، جَرَ پَلؤ پائِيان؛
”تَڙِ ٻيڙا! گَھرِ سُپِرِين!“ اُوسَہِ اِيَ پيئِي؛
جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَها سَڀيئِي؛
حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نه سيئِي؛
پاڻَهِين اُوُءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائُو آئِيا.
داستان ڇهون
1
تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهنجو تُـرَهو؛
اُونهي ۾ آڻي، ڪو نَه ڏيندُءِ ڪو ٻيو!
2
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو!
هَڪِيو هوئجِ هوشيارُ، کِنوڻِ کِنوندَيءِ اوچتي.
3
کِنوڻِ کِنوايو، آيَءِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
جِنِين نه ڀَؤ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تِن کي.
4
سامُونڊِي! ٿو سَنبَهِين، ساڄو جَھلِ سُکاڻُ؛
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجھائي مَهراڻُ؛
جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تِنِ کي.
5
نَڪو سُک نَکَـٽين، نه ويساندِ نَـئين؛
جيڪا اَچيئِي سامُهِين، ڀانئَيِن سا سَنئين!
مُوڙِي ڪوه مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمهين!
6
اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيءَ ڀَتِ؛
هُوءِ جي ڏيهائِي ڏيہَ جا، تن پڻ مُوڙهي مَتِ؛
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِھڙِجِ گھاٽي نِينهَن سين.
7
تَنَ ۾ تَرازَ توهَ جِي، گَھڻو لَہُ گھوري؛
اَدَبَ ۽ اِخِلاص جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري؛
وَکـَرَ وينَتِيُن جو، تنهن ۾ پائج توري؛
ته عادَنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نه ٿِـئي.
8
سمنڊُ جي سيوِين، تِنِين ماڻڪَ ميڙيا؛
ڇِلرَ جي چوئِين، تِن سانکوٽا ۽ سُتيون.
 
 
سُر سامونڊي
داستان پهريون
1
پَڳَہَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
2
پَڳَہَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
3
پَڳَہَ پاسي ويہُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
تون ويسِرِي وِکَ کَـڻِين، هو پُورِيندا پَرَڏيہُ؛
سَمُنڊُ جِن ساڻيہُ، ڪوهُ نه ويئِينءَ تِن سين؟
4
نَنگَـرَئُون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نه اوهِري؛
سَٻاجھين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيو هِنئون.
5
سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!
6
نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛
مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.
7
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو.
8
اُونهي ۾ اوهِرِي، جڏهن ويا جي؛
موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي؛
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو!
9
اُهِرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تِن تَڙائيين!
سامُونڊينِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِئين!
10
سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛
انگنِ چاڙهي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوهِرِي!
11
وڃيئِي وِسرِي شال! جو تو سودو سِکِيو؛
اَڃا آئين ڪالَ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهِين!
12
ڳِرِيو جَھليو روءِ، مَٿي مُهُري هَٿڙا؛
کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تون، ڍوليا! سِکِيو.
13
اُلوڙَڻَ نه ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجَھ کي؛
رَهُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَنَ! مُون لائي؛
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ، سُپرِين!
14
جيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ؛ جئن مون بِيٺي هُن ٿيلِيو؛
سعيو سامُونڊِيُن سين، اَڳهِين تان نه ڪَيوم؛
وِجَھڻُ مَنجِھ هُئومِ، پاڻُ وراڪي رَسِ سين.
15
ٻيڙِيءَ جي ڀُڻَنِ، نِينهُن نه ڪَجي تِن سين؛
اُڀيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُه سِڙهُ ڏيئِي سِيرَ ٿيا.
16
هِنئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پئي ڏينهن ٿيا!
پُڇيو تان نه پِريان، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪڏهين.
17
سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون.
18
جيڪر اَچي هاڻِ، ته ڪريان رُوحَ رُچَندِيُون؛
آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَرِ لڳِي ڳالھيون ڪَريان.
19
آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، اَچي ته جھيڙِيان؛
لايَءِ ڏِينهن گھڻا، مون سين ڪَيَءِ ٿورڙا.
20
لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالھيُون هَلَڻَ سَندِيُون؛
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجھندا جِندڙو!
21
مونکي جِياريو، پِرِيُنِ جي ڳالھ ڪري؛
ڊَٺو اَڄُ اَڏِيو، هِنئڙو ڪوٽَ بُرجَ جئن.
22
چِمڪيون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچنِ جُون؛
ماءِ! سامُونڊِي آئيا، سَهسين ڪَري سِينگارَ؛
اُنِين جي پَچارَ، ڪالھونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.
وائي
آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ منهنجو نِينهُن اَپليو نه رهي.
ويو وَڻِجارو اوهِرِي، مونکي چاڙهي چِيئَن؛
سامُونڊين جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينهن؛
اُڏوهِيءَ جئَن ڏُکَڙا، چَڙهيا چوٽيءَ سِيئَن؛
گُوندَرَ مٿان جِندڙِي، وَريا وَليُن جِيئَن؛
مادَر! پائي مُنڊِيُون، وڃان هادِيءَ سِيئَن.
داستان ٻيو
1
اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛
هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ؛
آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛
پَڳَہَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
2
لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران!
مَڙِهيو مَنجھاران، جِيُ مُنهنجو جن سين
3
تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا؛
مونکي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون.
4
لَڳي اُتَرَ اوهِريا، واهُوندي وَرَنِ؛
آئُون گھڻو ئِي گھورِيان، سؤدو سامُونڊِيَن؛
اَڱَڻِ جن اَچَنِ، عِيدَ وَرتِي اُنِ کي.
5
اَڱَڻِ آئِيا جان، ته سَرَتِيُون مون سُکَ ٿيا؛
اَمُلَ پِرِينءَ مٿان، ٻَرڪِيو ٻـين ڏيان.
6
سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جَن تَڙنِ تي؛
سِڙهَ سِبِي ساڄا ڪري، کُوها کَنيائُون؛
بيرَقُون بحرنِ ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون؛
لَهريُون لَنگھيائُون، لُطف سان لَطِيفُ چَئي.
7
سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جِن تَڙنِ تي؛
مُلان مُعلِمَ خبرون، پُڇِي پُوريائُون؛
سُتَڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.
8
بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلھ نه مِلي وارِئين؛
فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَن اَتوريا.
9
اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجارنِ جون؛
آڻيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي.
10
جَرَ ٿَـڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُـٽِـيُون؛
اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائتِي آهيان!
11
جا جَرَ جاٽُون نه ڏِئي، ڏِيا نه موهي؛
سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنهنجي ڪانڌَ جون؟
داستان ٽيون
1
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مون ڏُورِ ٿِيا؛
نه مُون هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئُون چَئِي چَڙهان؛
اِيهين ڪَجِ، پاتِڻِي! جنهن پَرِ پِرِينءَ مِڙان؛
ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُـئا!
2
هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُنئِين هُنِ نه چاڙهيا؛
سارو ڏِينهُن سمنڊَ تي، لهِي سِجُ وِيونِ؛
جڏهين سائينءَ سَببُ ڪَيونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿيا سَيَّـدُ چئي.
3
اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا؛
اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻـين جا.
4
مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِريُنِ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛
ڪا مُونهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجھا گھڻو.
5
مون اُڀي تَڙ پاسِ، پِريُنِ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛
هو اَلله هارَ اُهِرِيا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياس؛
آهَ نه لاهِيندياس، موٽِي ايندا مان ڳَري.
6
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
7
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَيء لَنڪا جي اوهِرِيا؛
سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊيُنِ؛
پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ؛
وَڏي ڀاڳ ڀِڙنِ، جي ڪَهيا ڪارُونڀار ڏي.
8
وَڻجارنِ ورِي، پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛
اولِيُون پَسِي اُنِ جون، پِيَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي؛
وينديسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامُونڊيُنِ کي.
9
وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نه پَـلِئين؟
آيو ٻارهين ماهِ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهَي!
10
وَڻجاري ڪانڌاءِ، مُون وَرُ ويٺي گھارِيو!
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلڻَ جون ڪري.
11
جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، ته مُون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون!
پَرَ ڏيہَ مٿي سانگُ، اَٺـئِي پَهرَ جنهن ڪيو.
12
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا؛
وِجھيو وَرُ ونجَھ کي، روئي وَڻجارِي؛
مارِيندَءِ مارِي! پِرِهَ سُورَ پِريُنِ جا.
 
 
سُر سهڻي
داستان پهريون
1
وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛
جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛
وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو.
2
واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛
گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛
صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏٺِي آن؛
هُوندَ نه پَليو مان، گِھڙو سڀ گَھڙا کـڻِي.
3
ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛
ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گھورِيِسَ“ ڪيو گِھڙَنِ؛
ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي.
4
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري؛
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، سُڻِي سانجِھيءَ ٻانگَ؛
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين.
5
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛
سر در يار فِدا شُد چه بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛
رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين.
6
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛
وَ اَمَّامَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ، اِيُ لَنگِھيائِين لُنگُھ؛
سِڪَندِيَنِ کي، سَيَّدُ چَئي، ڪِينَ جَھلِيندو جَھنگُ؛
راتِ جِنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين.
7
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ!
ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛
لَکين چُهٽيسِ لوهِڻـيُون، ٿيلهيُون ٿَـرَنِئُون ڌارَ؛
مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي.
8
گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو؛
طالِبُ الۡمولىٰ مُذَڪَّرٌ، اِيُ ٻُڏَندَنُ ٻُوڙو؛
ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾.
9
گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، پاڻان هو حِجابُ؛
واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ؛
ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آءٌ گھڻو ئِي گھورِيان.
10
گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، تان ڪِي تَرُ، هِنيان!
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي ڏِيان؛
ميهارَنِ مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو.
11
گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، آسَرَ مَ لاهيجِ؛
لَا تَقۡنَطُو ا مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛
حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو.
12
گَھڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛
تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا.
13
پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ؛
لُڙُ لنگھائي، سُهڻِي! پِرتِ وِجھنديءِ پارِ؛
سي تُرتُ لنگِھينديُون تارِ، اُڪَنڍَ آڳَہُ جن سين.
14
پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، رِءِ وَسِيلي وانءُ؛
مَٿان سائِرَ، سُهڻِي! پِرتِ وٺجي پانءُ؛
نينهن ڳِنهندي نانءُ، ونءُ پِريان جي پارَ ڏي.
15
ڪونهي آڳَہُ اَهِڙو، جهڙِي مُحبتَ مَنِ؛
اُڀيُون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ؛
نَدِي تِن نيڙُ ٿِئي، جي رِيءَ تُرهي تَرَنِ؛
سِڪَ رَساڻي، سُهڻِي! اَصۡلِ عاشِقَنِ؛
سي جَھليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي.
16
پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارَ؛
تُرَهو تِنِين بارُ، عِشقُ جنِين کي آڪِرو.
17
ساهَڙُ، سا سُهڻِي، سائِرُ پڻ سو ئِي؛
اهي نِجو ئِي، ڳُجُھ: ڳُجھاندَرَ ڳالھڙِي.
وائي
ڪهڙي مَنجھ حِساب؟ هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا!
گولِي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثَوابَ؛
نڪِي تَقاوَتَ ۾، نڪِي مَنجِھ رَبابَ؛
خُدِيائِي خُوبُ ٿِئين، لائِين جي لُعابَ؛
پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِـئي، جُنبِيو مَنجِھ جِنابَ؛
سو نه ڪَنهن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِھ تُرابَ؛
هُوءِ جي جَرڪِيا جَرَ تي، سي تان سَڀ حُبابَ؛
هادِيءَ سين هُنَ پاَر ڏي، رِڙهِين ساڻُ رِڪابَ؛
چَنبو وِجِھي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ، عُقابَ!
دِيدُ وِڃاءِ مَ دوسَتَ جو هَلِي مَنجِھ حِجابَ؛
ڪَسرَتَ آهي قُربَ ۾، اِدۡغامَ ۾ اِعۡرابَ؛
فَنا وجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَبابَ؛
ڏي طَهُورا تن کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ؛
مُٺِيءَ ڪيا مرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ.
داستان ٻيو
1
ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گھڻا، جِتِ جَرَ واڳُو جِئائِين؛
پاڻُ اُڇلِي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين؛
لَهريُون لَنگھيائِين، لُطف ساڻ لَطِيفُ چئِي.
2
دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ؛
بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ؛
سارِيان ڪانَ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ؛
ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگھو رَسجِ سِيرَ ۾.
3
دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري؛
توڏي تاڪُن وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَري؛
آءُ، ساهَڙَ! مُنهِنجا سُپِرِين! پِرِتان پيرَ ڀَري؛
هادِيءَ، هَٿ ڌَري، اونهي مان اُڪارِئين.
4
دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙڪو؛
آهيم اُنَهِين پارَ جو، دِلِ اندرِ دَڙڪو؛
ڀَڃي سِڪ، سَيَّدَ چَئي، سِيرَ سَندو سَڙڪو؛
والِي! ڪَج وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگھيان ٻاجھ سين.
5
دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ جايوُن جانارَنِ؛
نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ؛
دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ؛
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛
پُرزو پئدا نه ٿِـئي، تَختو مَنجھان تَنِ؛
ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ، ويا ڪِينَ وَرَنِ؛
اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگھاءِ تُون.
6
دَرَهَڙَ ڌَنۡسَ دَرياهَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا؛
سَئين اَچي سمُونڊَ ۾، ٿِيا سِيڻايا سوڙا؛
جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو.
داستان ٽيون
1
تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گِھڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ؛
ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينهَن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ؛
عَقُل، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِيا.
2
گھيڙان ڪَري نه گُھورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي؛
جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛
جَنهِنکي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنهِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾.
3
جِئان گِھڙي تِئان گھيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون؛
ڏَمَ سين جُسو ظاهِرا، مَنَ ميهارَ سين ميڙُ؛
سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي.
4
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪوڙيُون؛
جن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گھيڙَ نه پُڇَنِ گھاٽَ؛
جن کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانـئِينِ وِکَڙِي.
5
ڪنهن جنهن گھيڙَ گِھڙِي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ؛
سالمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪَيوسِ؛
اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ؛
حَقَّان حَقُّ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبِ حَقُّ جِي.
6
هُئِي طالِبَ حَقُّ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ؛
نه مَلاحُ نه مَڪُڙِي، نڪِي ٻَڌي نوڙَ؛
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾.
7
توڏِي توڙائِين، نِينهَن نوازِي سُهڻِي؛
ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين؛
سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو.
8
توڏِي! تُهائِين جي، سي هِتي ڇَڏِ حِرصَ؛
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي! کوٽِـيُون ڪَنِ کِرسَ؛
وَڏِي اِيَ وِرسَ، جِيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهَن گُذارِئين.
9
ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو، سُهڻِي!
طرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ؛
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي.
10
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾؛
جي واصُل ٿِيا وِصال ۾، سي ذرو ظاهِرُ نه ڪَنِ؛
وِيبَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئَڙا، جَنِ هَڄِي ويا.
11
سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گِھڙي وَسندي مِينهَن؛
هَلو ته پُڇُون سُهڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن؛
جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئِي مَنَ ۾.
12
سانوَڻَ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءُ سَرَهِي سِياري؛
تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري؛
مُحبَـتِي ماري، ڪونهي دادُ دَرياهَ ۾.
13
واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پِڻُ ليکو ڏيڻو؛
سدا سانوَڻَ ڏِينهَڙا، هِئن نه هُونداءِ؛
وهاڻي وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهِي.
14
مُحَبَّـتِي ميهارَ جُون، دِلِ اَندرِ دُونهِيُون؛
آڻيو وِجھي آرَ ۾، لُهاڻو لُوهيُون؛
جي ساهڙ جُون سُونهيُون، سِير سِراڙو تن کي.
وائي
مَدَتَ ٿِيُ، ميهارَ! يارَ! ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
اُونها ڪُنَ، اَتانگَ تَڙَ، اولِي هَڻُ، آڌارَ!
ڏِينهَن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهِيان اَوهان ڌارَ؛
ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ؛
تِتي گِھڙِي سُهڻِي، آڳَہَ رِءَ آڌارَ؛
”ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو“، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ؛
سَنڀُوڙو سِيڻاهِ سين، سِگھو رَسُ، سَنگھارَ!
اوراران آهُون ڪَرِيان، پَهچان شَلَ پرارَ؛
سُڻِيو جھانءِ جِھڄي هِنئون، سانڀارا سَنڀارَ؛
آيَـم ريلي ريءَ سين، اَللهَ تو آهارَ؛
تارِ تَرَندَيَسِ، لُڙَ لَنگِھينديَسِ، وِينديَسِ وَٽِ وَڇارَ؛
پُورِينديَسِ پارِ مَڻِي، سَهسَين جي سيسارَ؛
گولِي گھاگھائي گِھڙي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
داستان چوٿون
1
اَدِيُونَ! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ مُنهِنجار چورِيا؛
لارُنِ جا لَنؤ لائِي، سا ڪِيئن آڇِيان عامَ؟
لَڳِيس جنهن جي لامَ، سو دِلاسا دوست مُنجي.
2
ڪارا ڪُن، ڪارِي تُڳِي، جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا؛
مَئي مَتي مِهراڻَ ۾ ، اَچنِ دُپارا دَڙڪا؛
وِيندي ساهَڙَ سامهان، جھولَ ڏِنسِ جَھڙڪا؛
کرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونهان ٿِيَڙَسِ سِيرَ ۾.
3
جِياريَسِ سَنڀارَ، ڪُہُ ڪَرِيندَمِ گڏجِي؟
ويروتارَ وُجُودَ ۾، پِرِيُنِءَ جي پَچارَ؛
سَڄَڻَ هُونِ ڌارَ، جي هِنئين ۾ حَلُ ٿِيا.
4
ٻيلي پارِ ٻُرِي، مون کي چَڙَنِ چورِيو؛
مُحَبَّـتِي ميهارَ جِي، سُتِي شاخَ چُرِي؛
مَٿي جھوڪَ جُھرِي، پَوَندِيَسِ پاريچَنِ جي.
5
هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جِي؛
چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جؤنڪَ ٿِيَڙَمِ جُوءِ؛
مُحَبَّـتِي ميهارَ جِي، بِاللهِ پِييَمِ بُوءِ؛
وڃِي رُوءِ بَرُوءِ، ديکيان دوستَ ميهارَ کي.
6
ڪِٿي ٿِيو ميهارُ؟ ڪِٿي ٿو گِھنڊُ گُڙي؟
ڪِٿي دُونهِي دوستَ جِي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟
جَنهن مُون سَڀِ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جھوٽُون ڏِنِيُون.
7
ميهاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي؛
تنهن مُنڌَ مَتوالِي ڪِي، سندِيءَ ساءَ سُرِڪَ؛
لَڳِـيَس ڪامَ ڪِرِڪَ، لوهان تِکِي لَطِيفُ چئي.
8
مَري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻُ وِلَهو مَ ٿِـئي؛
وَڇِنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِـئي مَ وارُ؛
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکو مِهڻو.
9
چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ؛
لُڙَ لَنگِھيندِيُون ليٽَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
10
چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ؛
ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻندِيُون، ساهَڙَ جي سَمَنَ؛
مينهُون ساڻُ اَمَنَ، پَرچِي پارِ لَنگِهيندِيُون.
داستان پنجون
1
ساندَه سَڀ دَرياهُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي؛
ڇڪِي ڇولِيءَ ۾ گِھڙي، جِتي جِيَّ وِڙاهُ؛
پَسيو ڏوه ڏَڪي هِنئون، آرِ مَٿي اَرِواحَ؛
جي توهُ ٿِـئي توڏانهُن، ته وِيرَ وَهِيڻو ناهِ ڪي.
2
سِڪَڻَ وارَنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرِياهُ؛
اوڙَڪِ اُنِين جو نه رهي، آرَ بِنا اَرِواحَ؛
ويندي ساهَڙَ سامهون، صَدقو ڪنديون ساهُ؛
جن کي حُبَّ اُنهِين جِي آهِ، ساهَڙُ ساڻِي تن جو.
3
گِھڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئِي؛
مئي متي مَهراڻ ۾، پَؤ ٽپو ڏيئِي؛
ته ميهارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَ سين.
4
اَکـيُون مُنهن ميهارَ ڏي، رَکـيُون جن جوڙي؛
رِءَ سَنڊَ، سَيَّدُ چئي، تارِ گِھڙَن توڙي؛
تنين کي ٻوڙي، سائِرُ سَگھي ڪِينَ ڪِي.
5
جيڏانهن چِتَ چاهُ گھڻو، آرُ به اوڏانهِين؛
وڃِي وَهُ واڪا ڪيو، تِکو تيڏانهِين؛
ميهارُ مِلائِين، لَهرُنِ منجِھ، لَطِيفُ چئي.
6
پَـلِيان، پَـلِيو نه رهي، نِرتُون نِينهُن نِبارُ؛
گِھڙان، گھورِيو ڄِندُڙو! اُٿَلَ مُون اَپارُ؛
جنِين مَنِ ميهارُ، هَلَڻُ تنِ حَقُ ٿِيو.
7
سَندو ڏَمَ ڏَهَڪارُ، هَڏَهِين ڪونهي هِنَ کي؛
هِيءَ پاڻِيءَ سين پانهنجو، پُسائي نه سِينگارُ؛
ڪارَڻِ مُنڌَ ميهارُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.
8
جيهَرَ لوڪُ جَھپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نه هوءِ؛
اوهيَرَ اَچيو، اَديُون! پَہُ پِريان جو پوءِ؛
جي ڪَچو چَوَنِمِ ڪوءِ، ته مَرڪُ ڀانيان مِهڻو.
9
تهَ ڪَرڪِينءَ سُئِي؟ جي سِيرَ نه گِھڙِيِ سُهڻِي؛
هِتِ حياتِيءَ ڏِينهَڙا، هَڏَهن تان نه هُئي؛
چُلي تنهن چَرِي ڪئِي، جو ڏِنُسُ اُنَ ڏُهِي؛
سُهڻِي کي، سَيَّدُ چئي، وڌو قُربَ ڪُهِي؛
هُنئِين هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿيا.
10
ڪا جا ڪُن ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُھڻِ پاڻ ۾؛
اَکـيُون تنهن آبَ کي، آڌِيءَ اُڪِيرِينِ؛
توڻي تِڪوُن ڏِينِ، ته به اُڃَ اُنِين کي نه لَهي.
11
دائِمَ جا دَرِياهَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوهُ؟
آهس اِيُ اَندوهُ، پاڻِي ڪِٿي پِيان.
12
لهرَ مِڙوئِي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيان وتَرو؛
اوٻهارا عَبيرَ جا، جَرَ مان اَچن جالَ؛
ڪُنَنِ گِھڙِي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
13
جيڪِي ڏِٺُءِ تارِ ۾، ڪَنڌِي سو ڪَهيج؛
جَرُ وڏو، جھاجَھ گَھڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ؛
ساهَڙُ ساڱاهيجِ، ته ثابِتُ لَنگِهين سِيرَ مان
14
جا هَڙَ اَندَرِ جِيَّ، ساهَڙَ ڏِنِي ساهَ کي؛
سا هَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيَّ؛
ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ! ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي.
وائي
اَکيون پيرَ ڪَري، وَڃجي، وو! وَڃجي.
سُپيرِيان جِي ڳالهڙِي، ڪنهن سان ڪِينَ ڪجي؛
لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجَھڙِي ڳوٺِ نِجي؛
مُحَبَّـتِيءَ ميهارَ جو، سُور نه ڪنهن سَلجي.
داستان ڇهون
1
ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکيا اَڳي هُئا؛
نڪا ڪُنۡ فَيَڪُوۡنُ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ؛
مَلَڪَنِئان مَهَندِ هُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوَارَ؛
مُحَبَّتَ ساڻُ ميهارُ، لايائِين لَطِيفُ چئي.
2
گھيڙَ لَنگھيو گھاري، مِيثاقان ميهارَ ڏي؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ قَالُوۡا بَلىٰ، پَر اِها پاري؛
ڏِسيو ڏيکاري، پِرت پِريان جو پيچِرو.
3
اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چَيائُون؛
مِيثاقان ميهارَ سين، لَڌيُون مُون لائُون؛
سو موٽي ڪِيئن پانهُون؟ جو مَحفُوظان مُعافُ ٿِيو.
4
اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن اَمُرُ ڪيو اَحَدَ؛
هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻَ سَڌَ؛
دِلو دَؤرَ دَرِياهَ جي، ڪيو اِرادي اَڌَ؛
جيڪِي آيسِ ڏانهن عَهدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
5
’اَلَسۡتَ‘ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ؛
سَنئِين راهَ، سَيَّدُ چئي، سوٺائُون سَبِيلَ؛
وَحدَتَ جِي وادِيءَ ۾، ڪوڙين ڪي قَلِيلَ؛
دَرِياهَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪيا.
6
کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان؛
تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرِينءَ جِي، پِيان نه ڍاپان؛
جي سَمُنڊَ مُنهن ڪريان، توءِ سُرِڪيائِي نه ٿِـئي.
7
ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو، اُڻٽِيہَ اُونداهِي؛
چَنڊ نالو ناهِ ڪو، دَرِياهَ دَڙَ لائِي؛
ساهَڙَ ڪارَڻ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي؛
اِي ڪَمُ اِلاهِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِھڙي؟
8
ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو، نڪا سِيڻہَ ساڻُ؛
وِجھي وَيرَمَ نه ڪري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ؛
مُحَبَّتَ کي مهراڻُ، سُڪِي سَڀُ پَٽُ ٿِيو.
9
اورارِ نه پَرارِ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!
سُڪِي ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِيو مِڙوئِي تارِ؛
تُون گِھڙُ، ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻاجُھون ڪري.
10
هِنَ پارِ، نه هُنَّ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!
نِيڇُ نِهاري نه گِھڙِي، تنهن ۾ پيس تُنَّ؛
اَلله! ساڻُ اَمُنَّ، آران ڪنهن اُڪارِئين.
11
سَهسين سائِرَ گَجَنِّ، توءِ سَهَجَ نه مَٽِي سُهڻِي؛
ته ڪي نِينهَن ڇِڄَنِّ، پَرِتَهِين پِريُنِ جي؟
12
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِي! هَٿُ مَ لاءِ؛
صُباحَ تو چَوَنداءِ: ”اَسان تو اُڪارِيو.“
13
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِين، توءِ مَ لَڳُ؛
جي ڀانـئِين پِرِينءَ مِڙان، ته پُور اُبتي وَڳُ؛
پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجُھرو.
14
سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تن جو؛
لَهرنِ سِرِ لَطِيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني؛
جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تِن اُماڻي اورهُون.
15
سُڪِيءَ جي سانباهَ ۾، ٻُڏِين، توءِ ٻُڏُ؛
ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺـيُون، ميڙي، ٻَڌُ مَ مَڏُ؛
نڪو ساهَڙُ سَڏُ، نڪا سُڄي سُهڻِي.
16
جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.
داستان ستون
1
ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تُون ڌَڻِي! ٻِئي جو دعوىٰ رَسي نه دَمُ؛
هِن مُنهِنجي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعۡلَمُ؛
رَکُ ڀيلي جو ڀَـرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجھور ۾.
2
ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِياسِ، وَهَڻُ جَنازو سُهڻِي؛
ٻَگھا جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تن ڏِناسِ؛
اَکئين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي.
3
اُڀو تَڙِ ميهارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري؛
آءٌ پِڻُ وِجھان هَٿَڙا، اَئِين پِڻُ وِجھو ڄارُ؛
گھوريُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِلَنِئُون سُپِرِين.
4
ڪَنڌِي جَھليو ڪانهَن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري؛
تو ڪِيئن ٻوڙِي سُهڻِي؟ ٻيلِي مُنهِنجِي ٻانهَن؛
دَرِياهَ! تو تي دانهَن، ڏِيندُسِ ڏِينهَن قِيامَ جي.
5
جِتي ڀـيرَ ڀِرَنِ، ڀُريوُن پَون ڀَواريوُن؛
تانگھ نه لَڌِي تارُئين، مَپُ نه ماٽِيَڙَنِ؛
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاهِيا سَنڪَنِ؛
تُون ڪِيئن تن تَڙَنِ، اَچيو، اَسارِي! گِھڙِين؟
6
سانڀارا سَڏَ ڪيو، اُڀا چَوَنِمِ: ”آءُ“؛
هِڪ تِکو ئِي تارِ وَهي، ٻِيو لُڙُ، لَهريُون ۽ واءُ؛
ساڻِي جن اَللهُ، ٻُجھان سي نه ٻُڏندِيُون.
7
هارِي! حَقُّ رَکيجِ، سانڀارا ساهَڙَ جو؛
خوابَ، خيالَ، خَطرا، تن کي تَرَڪُ ڏِئيجِ؛
اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيجِ؛
اِنهِيءَ راهَ رَميجِ، ته مُشاهِدو ماڻِـئين.
8
سانڀارا سيئِي، تَنُ جنِين جو طالِـبُو؛
مَنُ پِريان نيئِي، پڳهِيو پاڻ ڳَري.
داستان اٺون
1
ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَھنِ؛
پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چڱي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ؛
توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾.
2
ڪَچِي ڪانِي ڪانهَن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان؛
يا لَنگھائي، لَطِيفُ چئي، يا ڌُريان ڪري دانهَن؛
ڪَما حَقَہُّ ڪَکَنِ جِي، آهي ڳالھ اَڳانہَ؛
جيڪِي ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانهَن، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾.
3
آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو؛
لَهريُون، لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَھليا جُنگَ جُواڻَ؛
اُونهي تَڙِ آگَھٽِيا، آڏي پائي آڻَ؛
جي پِيا مُنهن مهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نه اُڄَهي.
4
ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سُهڻِي؛
لَنگھيو لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وَڇارَنِ وَهي؛
سا ڪِئن نِينهَن نهَي؟ جنهنکي نِينهَن نَڌو کـڻِي.
5
ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِـئي؛
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نه جَھلِي ڌَمالَ؛
سپَڪَ ڀانيا سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ؛
آڪي جا اَحوالَ، مَعۡلُمُ ٿيا مهراڻَ ۾.
6
ڪَچو تان ڪوهُ؟ پَڪو نَظَرُ پِريُنِّ جو؛
ساهَڙُ مُنهِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوهُ؛
جي ڇَٽو جي ڇوهُ، ته پُورِيندِيَسِ پارِ مَڻِي.
7
ڪَچي ڪَٽُ نه جَھليو، ڀيلو پِيو ڀُرِي؛
سارَ ڇَڏيائِين سِيرَ ۾، ٻانهُنِ کان ٻُرِي؛
لَٽي لَهريُون ويئِيُون، چؤڌارِي چُرِي؛
هِنئَڙي مَنجھ هُرِي، ماهِيَتَ مَلَڪَ الۡمَوتَ جي.
8
ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِـئِي؛
”ٻِرَ! ٻِرَ! ٻُڏِي سُهڻِي!“ وِيرُنِ ۾ وائِي؛
ڪَچي ڪيرائِي، لال لَهرنِ وِچَ ۾.
9
پَڪو کَـڻِـجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي؛
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، مُنهن تي موٽائي؛
سو سُڻُ هِنئين سين، سُهڻِي! جيڪِي فائِقُ فَرمائي؛
مؤجُون مُنجھائي، مارِينِئِي مَهراڻَ جون.
10
ڀِرُ، ڀَـلِيرا سُپِرِين! ڀَلا ۾ بيراهَ؛
تو رِءَ تارِي ناهِ ڪا، والِي! تو رِءَ واهَ؛
ساهَڙَ جي صَلاحَ، تَنَ کي ڪَڍِي تارِ مان.
11
تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلحُ ساهَڙَ جو؛
اُتِ آڏو اَچي ڪِين ڪِي، ٻيلِيپَو ٻِئي جو؛
ميهَرَ! ڪَج مُنهنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنهِين آرَ تان.
داستان نائون
1
جَرِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻ ٽِڻ وائِي هيڪڙِي؛
سڀيئِي شَئِ ٿِيا، سُورِئَ سَزاوارَ؛
هَمَہَ مَنصُورَ هَزارَ، ڪَهڙا چاڙهيو چاڙهئين.
2
سَڀَتِ پَچار پِريُنِ جِي، سَڀَتِ هوت حُضُورُ؛
مُلڪُ مِڙيو مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهَندين ڪيترا؟
3
لَهرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻِي پَسَڻُ هيڪِڙو؛
اُونهي تَنهِن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ؛
جِتِ ناهِ نِهايتَ نِينهَن جِي، کوءِ اُتِ پنهنجِي کاسَ؛
تَڙَنِ جِي تَلاسَ، لاهِ ته لالَنَ لَڳِ ٿِـئين.
4
وَڃان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِءَ چَئي رَهِي رَهان؛
دُونهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهِين پَئان مَرِي؛
صُورَتَ نه سُنهن ڪا، ڪَيسِ چِتَ چَرِي؛
وِصالان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالھ ڳرِي؛
تيلاهِين تَرِي، مُنهن ڳِنِيو موٽيو وڃان.
5
جي قِيامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپِرِين؛
تِهان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
6
آئُون ڪِ نه ڄاڻان اِيئن؟ ته جَرَ گِھڙي جوکو ٿئي؛
قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، تَنهن کان ڪَنڌُ ڪَڍِبو ڪِيئن؟
هِڪُ لِکِـئي، ٻِئي نِينهَن، آڻي اولِيَسِ اول ۾.
7
نه ڪاتِيءَ نه ڪانهَن، نڪو ڏوهُ قَلَمَ جو؛
اَنگُ اُتيئِي لِکِيو، جِتِ نه رَسي ٻانهَن؛
ڪَنهِنکي ڏِيان دانهَن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو.
9
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي.
10
سِڪَ تُنهِنجِي، سُپِرِين! اَندر ٿِي اَجَھلَ؛
ٻَرڪِيو ٻاهر نِڪري، کُوري کانـئِي کَلَ؛
رِءَ سِيراهِيءَ سَل، مُونکي ڏِنا سَڄَڻين.
11
ڪِي تران ڪِي تارِ مُون، ڪِي سَگھان ڪِي سَگُھ؛
آڏو ڏيجِ مَ لَڳُ، مُون هيڪلِيءَ، وَلَها.
12
ڏِٺي ڏِينهَن ٿِيامَ، ڪوهُ ڄاڻان ڪهڙا پِرِين؟
سَهسين سِڄَ اُلَهِي، واجھائِيندي وِيامِ؛
تنِين سالَ ٿِيامَ، جنِين ساعَتَ نه سَهان.
ابيات متفرقه
1
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ؛
نَجاسَتَ ناهِ ڪري، اُنِين جِي اوطاقَ؛
هُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تنِين پاڪَ ٿِـئي.
2
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، هِيءَ تان جُنبِي جوءِ؛
هِنَ پاڻِيءَ سين پانهنجو، مُورِ نه مَٿو ڌوءِ؛
جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، ته ڪَر توڏِيءَ تَڙُ ڪيو.
3
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، هِي تان جُھڪِي زالَ؛
توڏِيءَ تَپُ شرُوع ٿِيو، هَئِ! هِيڻيءَ جي حالَ؛
جَڏِيءَ رِءَ جَمالَ، اَگِھي ٿِي آهُون ڪري.
4
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، آهي ۾ آزارَ؛
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگھارَ؛
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ؛
جي پَسي مُنهن ميهارَ، ته سِگھيائِي سَگِھي ٿـئي.
5
ڏِيهاڻِي ڏَمَرُ ڪري، مَٿي مُحَبَتَ مُون؛
تنهِن کي اَچِي تُون، پِرِيَمِ! ڪوهُ نه پَلئِين.
6
جان جان هُئِي جِئَرِي، وِرِچِي نه ويٺِي؛
وڃِي ڀُون پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
7
جان جان هُئِي جِئَرِي، ويٺِي نه ويساندِ؛
لُڙهِي لَهرِن پاندِ، مُيائِي ميهارَ ڏي.
8
وَرُ اُونداهِي راتَڙِي، کوءِ چانڊُوڻِيءَ چنڊان؛
اوري ميهاران، مُنهن مَ پَسان ڪو ٻيوَ
9
سائِر ٻوڙِي سُهڻِي، نه ڍوري نه ڍنڍِ؛
اَکين مَنجھ اُڪَنڍَ، مُيائِي ميهار ڏي.
10
سانوڻَ لَهرِيُون، ٿَرَ وارِي، تِرَ وارَ؛
اِنهان ئِي اَپارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪيا.
وائي
مُنهِنجُون سڀيئِي، آيَلِ! ماءِ، مَنَ مُرادُون پُنيُون.
جهڙِي پِرِيان ڳالھڙِي، تَهڙِي ٻِي نه ڪاءِ؛
ڪجي تان ڪوڏُ ٿِـئي، سُڄي تان سيباءِ؛
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جَنهن جُڳاءِ؛
ڪانهي حَدَ حَمَدَ جِي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ؛
ڳَـڻِيو، ڳَـڻِيان ڪيتريُون، وَڏيُون وَڏاياءِ؟
سو مُون هَٿان نه ٿِـئي، جيڪِي تو جُڳاءِ؛
تو سَڄِيُون، تو سَنديُون، سِڪَن توهِين ساءِ؛
اُڃَ تُنهِنجي اُڃيُون، لوچِنِ توهِين لاءِ؛
دِلِ دانهُنِ ري نه رهي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
 
 
سُر سسئي آبري
داستان پهريون
1
جي سِجھائِي سڪَ، ته پِڻُ سِڪي سَسُئِي؛
پِيتائِين پُنهونءَ کي، هڏِ نه ڀَڳِـيَسِ هڪَ؛
اِن تَڙَ منجھان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿئَي.
2
پَسِي جھاجھ جَمال جِي، جنِين پِيتِي پِڪَ؛
اَپَرِ اَڳانجھو ٿيو، سُورُ اُنِين کي سِڪَ؛
هڏِ نه ڀَڳِيَنِ هڪَ، سَدا سائِـرَ سِيرَ ۾.
3
مُحَبَّتَ جن جي مَنَ ۾، تن تِشۡنَگِي تارِ؛
پِي پِيالو اُڃ جو، اُڃَ سي اُڃَ اُٿِيارِ؛
پُنهون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃَ سِين اُڃَ اُجھائِيان.
4
مَحَبَّتَ سَندو مَنَ ۾، پُرُ پِيالو جن؛
پِيَڻَ پَرَچاءُ ناہِ ڪو، ڪنهن جنهن ڏاہِ ڏَڀَن؛
تنهن نِهايَتِ ناہِ ڪا، جنهن سُڃا سُڃَ وڃن؛
تيلان اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
5
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندرِ لَهي نه اُڃَ؛
پَسَڻُ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائِي سُڃَ؛
تيلان مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
6
ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي؛
اَندَرُ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنَ کي.
7
پاڻِيءَ مَٿي جھوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ؛
ساهان اوڏو سُپَرِين، لوچي تان نه لَهنِ؛
دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪن مُٺَنِ جئن.
8
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجھيو، اوري آريءَ ساڻُ؛
ڪري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ؛
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
9
لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهسِيو؛
اُڀَنِ مَنجھان آيو، ”هيءِ! هيءِ!“ جو هڳاءُ؛
طُيورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ؛
رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ؛
مِرُوئَنِ موتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ؛
بَرَ پِڻُ ڪن بُڪاءُ، اُڪَنڍِيا آرِيءَ لَءِ گھڻو.
10
مَهندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُکَـڻيجِ؛
ڪُٻيلِياڻِي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هلائيجِ؛
پاڻا ڌارَ پِرِيتَڻو، سَسُئِي! ساڻُ کَڻيجِ؛
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجھي تان مَ وَڃيجِ؛
نا اُميدِي نيجِ، ته اوڏِي ٿِئين اُميدَ کي.
11
ويہُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هڏِ مَ هلُ؛
ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪڏهين، سَچِي ڳالھ مَ سَلُ؛
جانِبَ لءِ مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي!
12
سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ؛
پَٽي ڪَر مَ پانهنجو، گھورِي! اَڏِ مَ گھرُ؛
مارِي! هڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيُ جِيارِئين.
داستان ٻيو
1
پَسِي ڏُونگَـرَ، ڏاہِ! جِمَ هلَڻَ ۾ هيڻِي وَهين؛
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪاہ؛
پُڇِي پُورج، سَسُئِي! بَلوچاڻِي باہ؛
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ هڏِ مَ لاہِ؛
جو اَکِـنَئُون اوڏو آہ، سو پِرين پَراهون مَ چئو.
2
هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو.
3
جيڪُسِ يادِ ڪَياسِ، وَرُ وڃِي وَڻِڪارِ ۾؛
جَلِدُ جَرِيدي پَنڌَ ۾، اَدِيُون! اَڄُ ٿِياسِ؛
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِي ٻاجھ سين.
4
واقُفُ نه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نه پاءُ؛
جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ؛
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئي، معذُورِنِ مَٿاءُ؛
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هيڪِلِي آهيان.
5
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارِ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، ڪيا هيڪِلِيُنِ حِيلا؛
جِتِ ڪُڙِمَ نه قَبِيلا، اُتِ رَسجِ، رَهبَرَ! راہَ ۾.
6
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نه ڏِٺو ڪڏهين؛
مَهرَ نه هئِي ماڙُهين، هو سَڀُ هندُوڪارُ؛
جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون!
وائي
هوءِ جي هليا هوتَ سُونهارا؛
مُون نه وَهيڻا، پنهونءَ سَڱِيڻا.
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا؛
آن ڪي ويندا گڏيا؟ آرِياڻِي اِہَ پارا؛
ٽَلِيُون ٽَؤنرَ هلَوِيُون، مَيَنِ سِرِ موچارا؛
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، دوسَ آيا دِلِدارا.
داستان ٽيون
1
پُنهونءَ ڇڏيو پوءِ، جانِبُ جَبَلُ ڳولئين؛
تيلاهين تَنگُون ڪَرئين، جيلانهين تون جوءِ؛
ساڄَنُ سُڃَ نِهارِئين، ڏُکِي! ڏوہُ ڪيوءِ؛
هاڙهي هوتُ نه هوءِ، وري پُڇُ ويٺِيُنِ کي.
2
ورِي پُڇُ ويٺِيُن کي، سَندا پُنهونءَ پارَ؛
ساڄَنَ سَڀُ ڄَمارَ، ڏُکِي! ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.
3
ڪونهي اُتِ ڪوهيارُ، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانـئِيو؛
پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارُ؛
ڌارِيا ڀانـئِجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ تون.
4
سَڀيئِي ساري، سَسُئِي! گھرَ ڪُنڊُون تون گھورِ؛
وڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، درا مَنجھ دوسِتُ ٿيو.
5
سوئِي کَـڻيو ساڻُ، سوئِي ڏورِئين، سَسُئِي!
ڪَڏهن ڪَنهين نه ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجھان ڄاڻُ؛
پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، ته تون تِـئائِين لَهِين.
6
جو تُون ڏورِئِين ڏُورِ، سو سَدا آهي ساڻُ تو؛
لالَنَ لَءِ، لَطِيفُ چئي، مَنجھي ٿِي مَعذُورِ!
منجھان پَنئُن پَرُوڙِ، تو مَنجھ آهسِ تَڪِيو.
7
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
8
هلُ هنئين سين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ؛
رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِہُ رُوحانِي سَسُئِي!
9
ڪَجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچِيُنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن؟
بيخود هلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوَان اِيئَن؛
سِڪَڻ ساڄَنَ سِيئَن، مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئين.
10
مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئين، پريتَڻو پاڻا؛
ڄاپَنِ جئَن ڄاڻا، تون پِڻُ هوئِجِ تن جئَن.
11
مَتان، مُٺِي! ڇَڏِئِين، پاڻان پِرِيتِڻَو؛
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَڙهجِ مُنهن ۾.
داستان چوٿون
1
هيجُ نه هوندو جن، سي ڪِيئن وِندُر وِيندِيُون؟
وهو وِچِ رَهنِ، سَهسين سَڌُنِ وارِيُون.
2
سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي ڪا؛
جيهيءَ تيهيءَ ذاتِ جيِ، جُنبَشِ ڪانهي ڪا؛
مون سين هلي سا، جا جِيُّ مِٺو نه ڪَري.
3
وَريتـيُون! وَرو، آئُون نه وَرَندِي وَرَ ري؛
جاڏي هنَ جَبَلَ جو، تانگھيندِيَسِ تَرو؛
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهن نِبيرِڻُ نه ٿِئي.
4
وڃوسڀ وَرِي، اَئِين جي وَرَن وارِيُون؛
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳاله ڳَرِي؛
ٻُنڀان جن ٻَرِي، ڏُونگَر سي ڏوُرِيندِيُون.
5
اَڄ ملندِيَس، ماءِ! ڌاڄا ڪَنديَسِ ڪَپڙا؛
جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مون کي جھلَ مَ پاءِ؛
هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.
6
مُون کي ڀانـئِي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏُوراڻا هليا؛
اڳِيان اُٿِي اُنِ جي، خُوبُ نه پَڪَمِ کاڄَ؛
مَيڙي آپَ سَرَتِـيُون، نَڪِي ڳايَمِ ڳاچ؛
سا مُون هٿان نه ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ؛
آيَلِ! آءٌ اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
7
پهرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي؛
ٻولُ مَ وِساريجِ، هو جو ڪَيُءِ هوتَ سين.
8
توسين ٻولَ ٻَهون، سَهسين ساجَنُ جي ڪري؛
ڪَندِينءَ توءِ ڪَهون، جي نالو ڳِـيَڙُءِ نِينهن جو.
9
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي!
ڪَندِينءَ ڪوہُ ڪيڻانِ؟ جه سي اُنِ اورانگھيا.
10
سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَڻو روءِ؛
پَهي نه پانڌِي ڪو، جنهن ڪَرَ پُڇي لوءِ؛
مُوڙِهي وڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪانَ ڪري.
11
ڇُلان، مَنجھمِ نه ڇاڪَ، پُران، پَوَنِمِ پُرِڪَڻا؛
مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَزاڪَ؛
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هڏِ هڻِي ڪيو.
12
موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪِي چَيَسِ جيڏِئين؛
پَرَيٽِ پِهرئين پُورَ، نيئِي پهچائِي پُنهونءَ کي.
13
موٽِي مَران مَ ماءِ! مَوٽَڻَ کان اَڳي مَران!
لُڇِي لالنَ لاءِ، شالَ پَونديَسِ پيرَتي!
وائي
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ! مُون کي دَرِدُ قَدِيمِي، وو!
دَرِدُ جَدِيدِي، حُبَّ حَبِيبِي.
آلُودِي آزارَ کان، تولَءِ ٿِـيَسِ، طبِيبَ!
شادِي ڏئِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاہِ، غَرِيبَ!
اَهئان ٿِي آهون ڪَرِيان، نَعرو مَنجھ نَصِيبَ!
ڪاهلِ آهيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاہِ، رَقِيبَ!
حاذِقُ آهئين هنَ جو، اَچين شالَ، عَجِيبَ!
دَوا آهئِين دِلِ جِي، پُـڇِ پُـڇِ رَهيَسِ طَبِيبَ؛
اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، ڪوڙي لاءِ، قَرِيبَ!
داستان پنجون
1
ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَـرُ ڏُورِيو مُون؛
ڪاهي رَسِيَس ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون؛
سَڀَتِ آهئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ سين؟
2
پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِهاڻِ؛
ته نَڪو ڏُونگَـرُ ڏيہَ ۾، نَڪا ڪَيچِيُنِ ڪاڻِ؛
پُنهون ٿِـيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ هئا.
3
پُنهون ٿِـيَس پاڻَهين، ويو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ؛
هيڪِليُون هلَنِ جي، ڀَڄي تن ڀَـرَمُ؛
جو وِندُر۾ وَرَمُ، سو سودو سَرِيَسِ هتَهين.
4
پُنهون ٿِـيَسِ پاڻهين، ويئِي سَسُئِيءَ جي سُونهن؛
خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُوۡرَتِہٖ، اِئن وَڻَنِ مَنجھ وِرُونہَ؛
چَرِي مَنجھان چُونہَ، کَڻِي هوتَ هنجِ ڪيو.
5
ويئِي سُونهن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِـيَس پاڻَ؛
سَڀِنِ جِي سَيَّدُ چئي، آهي اُتِ اُماڻَ؛
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
6
وَهمَ وِرساياسِ، ناتَ پُنهون آئُون پاڻَ هئِي؛
پاڻُ وِڃايُمِ پانهنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ؛
رَتِي عِلِمَ نه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
7
هيڪَرَ هئڻُ ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِئين عَجِيبَ کي؛
مَارَاَيۡتُ شَيۡئاً اِلاَّ وَرَاَيۡتُ اللهَ، نيئِي اجھا اوڏانهين اَڏ؛
ته هوتُ توهين کان هڏِ، پِرِين پاسي نه ٿِئي.
8
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇِين ڪوهُ پَهي؟
وَ فِي اَنۡفُسۡڪُمۡ، اَفَلا تُبۡصِرُوۡنَ، سُوجھي ڪَرِ سَهي؛
ڪڏهن ڪانه وَهي، هوتُ ڳولَڻَ هٽَ تي.
9
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪُوہُ پَرِياڻُ؟
وَنَـحۡنُ اَقۡرَبُ اِلَيۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ، تُنهنجو توهين ساڻُ؛
پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
10
ووڙِيَمِ سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جتَ جي؛
اَللهُ بِڪُلِّ شَيۡءٍ مُحِيۡطُ، اِي آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ؛
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينهي ٻيو ٻَروچَ ري.
وائي
اَهکِيءَ آڳَہُ آهي، وو! مون کي تان نه ڇڏيندوتِکَ ۾.
پڇي پوءِ پِيَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاهي؛
آرِي اُگھاڙَنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراهي.
داستان ڇهون
1
جُدائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي؛
مَنگَلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ؛
اَرکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
2
دَرِدُ نه لَهي دارُوئين، زُلِفَ زورُ ڏِنومِ؛
ڪاڪُلُ ڪالَ ڏِٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين.
3
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تنهن ڪِينَ ٿئي؛
مَنجھ شهادَتَ سان، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.
4
ڏَکا، ڏُونگَرَ ڄامَ! مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي؛
توتي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، آهي سَندِي عامَ؛
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنهيا ڪانڌَ! ڪَلامَ؛
پَرِچِجِ پِيادِنِ سين، اَللهَ لَڳِ، عَلامَ!
جا نَوازِي اَهنجي نامَ، سا، هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هيڪِلِي.
5
پَير پَٽانـئِي ڪُنۡئَرا، ڏُونگَـرَ مَٿي ڏي؛
ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سيرُون ٿِـيَڙا سي؛
جهڙي تهڙي حال سين، پُري پُنهونءَ ڏي؛
وَڃي، مانَ وَري، ٻانهِيءَ ٻَنڌَڻُ جنهن سين.
داستان ستون
1
وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندِرا؛
ٻِيُون ڪوہُ ٻَڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِينديُون.
2
ڏيہُ ڏيهان ئِي ڏُورِ، پَرڏَينهان پَري ٿِيا؛
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَرانهين پُورِ؛
تُون وَڃِين، هوتَ! حُضورِ، مُنهنجوجئڻُ جيلانهِين ٿِئي.
3
هيڪاندِيءَ هوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿيا؛
ساہُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِيو پوئِي؛
رَہُ، قَضا! دَمُ ڪوئِي، ته هيڪرَ هيڪاندِي ٿِيان.
4
هَڏِ نه ساہُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري؛
پائي وِيَڙا پِرتِ جو، زوراوَرَ زَنجِيرُ؛
جِيُ جُسو، جاڳِيرُ، هاڻي مِلڪَ هوتَ جي.
5
عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهون جي پُڇَنِ؛
رِيسَ ريذالِيُون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟
مارَڳِ جي مَرَنِ، وڏو طالِعُ تن جو.
6
ويٺي وَرِ نه پَوَنِ، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين؛
جي مَٿي رَندَنِ رُئَنِ، ساڄَنُ مِلي تن کي.
7
رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِيو چڙهي؛
لانچي لَڪ، لَطِيفُ چئي، هلي ڏانهن حُضُورَ؛
رَهيا سَڀِ رُڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ؛
ساڄَنُ ميڙيُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙيُسِ سُپِرِين.
8
مَنجھان پَنءُ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ، سَسُئِي!
ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجھجِ ڌُوڙِ؛
ته تون ماڻِئين مُوڙِ، جي پَندِ اِهائِي پارِئين.
9
ٻَرِيائِي ته ٻارِ، ڦُوڪِ ته لَڳي اَنبَرين؛
هِتي جي هُئڻَ جُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ؛
سَمُوري سَرِڪارِ، نيئِي رَکِجِ ناہِ ۾.
10
قَدُ ٻَڌِي، تُون ڪِينۡ، پَهُچندِينءَ پُنهونءَ سين؛
جئن سِينو ساهئين سَسُئِي، ٿِئين تَهوارون تِينۡ؛
مُٺِي! ٿِيُ مِسِڪِينۡ، هِمَّتَ هوتُ وِڃائِيو.
11
ٻِلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِئي؛
سا مُنڌَ مَري نه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ؛
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙِي سَيَّدُ چئي.
داستان اٺون
1
اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آهِيان؛
لُڙِڪَ لعۡلَ، لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَءِ وَهايان؛
هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لَءِ هارِيان؛
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَهايان؛
پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.
2
اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي، آهيان اَسُونهِين؛
پَرَ ڏيهي پِرِين ڪَيا، مَرَڻَ لَءِ مُونهين؛
سَسُئِيءَ کي سَيّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونهين؛
هارِي! ڪِئَن هونهين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرِين.
3
اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي۽ سَڌَرِ ٿيُ سچي؛
سُپَڪِ ٿيُ، سَيَّدُ چئَي، پَهڻَنِ مَنجھ پَچِي؛
مَعذُورِ تي مارو ڪيو، اولاڪَنِ اَچِي؛
منجھان راہَ رَچِي، ٿِيَڙِي لالُ، لَطِيفُ چئَي.
4
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي؛
ٿي ڊوڙائي دَليلَ، ته پُنهون ماڙُهو موڪليو.
5
مُنۡڪِرَ۽ نَڪِيرَ کي، جڏهن ڏِٺائِين؛
اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهون پُڇِيائِين؛
اَدا اِتائِين، ڪو ويوساٿُ سَڄَڻَ جو؟
6
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا؛
رائو مِڙيوئِي رَتَ، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ؛
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرِ ڏورِ؛
جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿِئين.
7
جُھٽَ پِٽي، پِہُ جَھنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي؛
سُورُ سُٻيلِي، سَسُئِي! لَڪَ تَنهِين سين لَنگِھ؛
ته سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ! ميڙائو ٿو ٿِئَي.
8
ڪَرِڪو واڪو وَسُ، وِہُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾؛
چَڙهي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ؛
ڏورَڻَ مَنجھان ڏَسُ، پَوَندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو.
داستان نائون
1
ويہُ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي؛
نِرِمَلُ نِهاري، هلَندِنِ تان هٿِ ڪيو.
2
اَوَجھڙ اَسُونهَن، ڏيہُ گھڻو ئيِ ڏورِيو؛
سَڳَر رءَ سُونهَن، پهتِي ڪانه پَنڌُ ڪَري.
3
واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جنهن پَنڌُ ڪريان؛
ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرينءَ جو، پيرُ پَرنِيان تو؛
بَرِ بورائو جو، لَڳِي، متان لَٽِئين!
4
ڏُورِ مَ تون ڏوريجِ، صَبرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي!
پُرَڻُ ڇَڏِ پَيرنِ سين، وِهڻُ وِساريج؛
سُکَنِ جا، سَيَّدُ چئي، لاڳا پا لاهيجِ؛
هنئين ساڻُ هليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
5
کُهِي جا کَنيائِين، وِکَ تَنهين ويجھي ڪئِي؛
ڇِڪيءَ ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.
6
سَؤ ڪوہَ ڪري سَڀَڪا، تُون، کُهِي! کَڻِجِ وِکَ؛
تاڻِجِ مَنجھان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀرَ نِبِري.
7
هيڪِليائِي هيلَ، پورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي؛
آڏا ڏُونگَـرَ لَڪِيون، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ؛
ته ڪَرَ ٻيلِي آهنِ ٻيلَ، جي سُور پِرِيان جا ساڻُ مُون.
8
دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نه وِهي؛
لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پَهڻَنِ مَنجِھ پِهي؛
سَندي نِينهن نِهي، ڪِي سَرفِرازُ سَسُئِي.
داستان ڏهون
1
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! پَري وَڃُ ۾ پِيَّ!
موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تُون جِيارو جِيَّ؛
هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هِيَّ، پُنهون! پِيادِي پَنڌَ ۾.
2
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگُھ؛
وَٽِ ڇَڏي مُون واگُھ، آرِي! وِئين عِشقَ جو.
3
هَٿان هَڏِ نه ڇَڏِيان، صَبۡرُ شُڪۡرانو؛
ذَوقَ زَمانو، مُون، وَرَ! وِيو وِسرِي.
4
ناہِ جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هاڻِ؛
اَللهَ! سيئِي آڻِ، جن ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
5
ناہِ جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هتِ؛
پُنهونءَ جي پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
داستان يارهون
1
ڪَنُ ٿِيُ، ڪيچِيُنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ؛
اِشارَتُون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄَنِ؛
وَٽان ويـهِي تَنِ، سُڻُ ته سوزُ پرائِيين.
2
سُڻُ ته سوزُ پِرائِيين، ” آءُ “ چيائُون اَڄُ؛
ٻولِي ٻِي نه سِکِيا، ”پاڻا“ چوندءِ ”ڀَڄُ“؛
واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ ته ٻِيائِي لَهي.
3
ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱِڻِ آرِيءَ ڄامَ جي؛
دِيَتَ آهي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيِنِ جي.
5
اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهينِ؛
هُو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ؛
ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
6
سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هلَڻَ رِءَ مَ هلُ؛
جَلَڻُ رِءَ مَ جَلُ، رُئَڻَ رِءَ مَتان رُئِين.
ابيات متفرقه
1
اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو؟
وِيو جاڳائي، جيڏِيون، بِرهُ، هِيُ بيباڪُ؛
چُر ڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمهاري ڪِينَ ڪِي!
2
جان ساماڻيئن، سَسُئِي! تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ؛
لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، ٿِـيُ بيگارِياڻِي بَرِ؛
ته ويندِي پَوَئِي وَرِ، اَڳيان هوتَ حُضُورَ ۾.
3
مُنڌَ نه مَنجھان تن، پَسي لَڪَ لُڏَنِ جي؛
جا پَرِ کاهوڙِينِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
4
مُنڌَ مَ مَنهِن ويہُ، اُڀِي اوسِرُ اُسَ ۾؛
تو سيئِي سيڻَ ڪيا، ڏُورِ جنِين جو ڏيہُ؛
پاڙي پاڙي پيہُ، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کي.
5
اولاڪَنِ اَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪيو؛
مَتان، وَرَ وِسارِئين، مَنجھان ڪُرَ ڪَچِي!
لاهي لاڳاپا لَنگِھ تُون، سيڻَنِ ڏانهن، سَچِي!
مَنجھان راهَ رَچِي، ٿِيندينءَ لَـعۡلَ، لَطِيفُ چئي.
 
 
سُر معذوري
داستان پھريون
1
ھَلندي ھوتَ پُنھونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِـيُون؛
پَھَڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لءِ لالَنِ لُوٺِيُون؛
سَڀُ سَھيلِيُون سِڪَ کي، چُنجُھون ۽ چُوٺِيُون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِـيُون، ته ڪُتا کِـيَنِئِي ڪيچَ جا.
2
تن پيئِي جانارَنِ يادِ، جي پاريَلَ پُنھونءَ ڄامَ جا؛
سَندي لا لَنِ لاڌِ، مُئانِ پوءِ مَنڌُ ٿِئي.
3
جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي؛
بَھِي ڀؤنڪِي اُٿيو، گِھڏِي مَنجھان گُھورَ؛
سَڀِ لاھِيندو سُورَ، گِري ھِنَ غَرِيب تان.
4
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ؛
چُھِٽي آھي چِيڙَ، ڪارايي جي ڪَنَ ۾.
5
سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بَھَنِ؛
ڦِرِيا نه فَرمانَ کان، مُلھُ نه موتِيَڙَنِ؛
ڪونھي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا، ڏاڙِھِينِ ٿا.
6
ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ؛
پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، ھِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ؛
سَڳائِيءَ جي، سَيَّدُ چئي، آھي سُڌِ سَڀَنِ؛
ھُوندَ نه ھِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
7
سَڌَرَ سين سَڱُ ڪري، پَرَکَنڊين پِيياسِ؛
ڪيرَ بِرھَمَڻِ؟ ڪِن جي؟ ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
ھُوندَ نه سِنڌُ سُياسِ، ھِنَ پُرِيين ڪَيَسِ پَڌِري.
وائي
خُوبِي مَنجِھ خِفَتَ، اي! دوستَ! دِقَتَ، آھي عَبۡدُاللَّطِيفُ کي.
مَدَحَ مون کان نه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ؛
ھِجي ڪريان ھيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ؛
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ؛
پِرِيان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرحَتَ.
داستان ٻيو
1
اَدِيُون! وَرُ اُگھاڙَ، وِھانءُ جنھن وِساريو؛
جيڏِيون! ڇڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو.
2
سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو، لا لَچِ ڇڏي لوڀُ؛
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪندي نه ٿِئي.
3
سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ؛
مَھَندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي.
4
ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي، پِرينءَ پَھُتِي سا؛
وِھي ويڙھجِي جا، وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو.
5
وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو، سِينڌِ سُرمي سِيئَن؛
سا لُوٽِي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنھن مِٽُ ڪَيو.
6
ھُوندِيان ھوتُ پَري، اوڏو آہ اَڻَ ھُوندِ کي؛
ساڄَنُ تن سَري،”لا“ سين لَڏيِنِ جي.
7
لائي خَنجَرُ ”لا“ جو، ھَيءِ! خَچَرَ کي ھَڻُ؛
سَڌُنِ جُون سَيَّدُ چئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ؛
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، ته ھَلَڻَ ۾ ھورِي وَھِين.
8
ھورِنِ ھاڙھو لَنگِھيو، ٿِي جَرِيدِي، جوءِ!
ھُوندِ جنِين سين ھوءِ، ھوتُ نه ھُوندو تن سين.
9
ھورِنِ ھاڙھو لَنگِھيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ؛
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ، ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
10
نڪا ھِتِ، نه ھُتِ، ڪا ڳَوريءَ سندِي ڳالِ؛
ڪِينَ پَھُتِي مالِ، حالِ پَھُتِي ھوتَ کي.
داستان ٽيون
1
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوہَ پِيامِ؛
اَرڏا آريءَ ڄامَ ري، گُوندَرَ گُذرِيامِ؛
لڪِيُون، لَڪَ، لَطِيفُ چئي، اورانگَھڻَ آيامِ؛
پُرَڻُ پُنھونءَ پُٺِ ۾، اِيُ سَعادَتَ سَندِيامِ؛
مَٿسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نه وَسِ پِيو.
2
وَڌو ڪِيمَ وَڻاہُ! اُونچا ڏُونگَـرَ! مَ ٿِيو.
ٽِمو مَ نيڻاہُ، ته پيرُ نِھارِيان پِرينءَ جو.
3
وارو! مُون وَڻَراهِ! ڪا سُڌِ سُونھَپَ جي نه ڏِيو؟
وِجِھي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجھاءِ؛
مَنجھان پاڻَ پِيادِيُون، ھادِي ٿِي ھلاءِ؛
پِرِيان کي پَھُچاءِ، ته لَڳِي لُوٺو نه ٿِئين.
4
ڪَنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ؛
آڱُرِ، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ؛
ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نه پائِيان.
5
جُتيون سي پائِينديُون، جنِين پيرَ پِريِن؛
لاٿيُون سَڀِ پَريِن، سَسُئِي سُپيرِيُنِ کي.
داستان چوٿون
1
مَرِي، جِيُ؛ ته ماڻـئِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِئين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.
2
مَرُ ته موچارِي ٿِئين، اَجَلان اَڳي اَڄُ؛
جان ڪِي ھُئين جِئري، ته مُنڌَ! ڀَنڀوران ڀَڄُ؛
پُنھونءَ ساڻُ پَھَڄُ، ته مَلَڪَ اَلۡمَوتُ ماڻـئِين.
3
اَجَلان اَڳي، سَسُئِي! مُنڌَ! جِئَريائِي مَرُ؛
ٽولِيان تنھن مَ ٽَرُ، جنھن رُوحُ وِڃايو راہَ ۾.
4
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ.
ھوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا.
5
اُونچو اُتاھون گَھڻو، جِئَڻَ کي جَبَلُ؛
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تهَ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
6
تو سَڱُ، ساہُ! گَھڻَن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ؛
مَرَڻَ! مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
7
پَرِ ۾ پَچِي پِرينءَ کي، مَري نه ڄاتوءِ؛
”مُوۡتُوۡا“، مُنڌَ! نه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽئِين؟
داستان پنجون
1
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِئين، ھَلِجِ ساڻُ ھِنئَين؛
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِئين؛
جان جان ٿِي جِئين، تان پاڙِجِ ڪومَ پُنھونءَ سين.
2
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِئين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ؛
مَتان، ڇوري! ڇَڏِ ئين، پِرِيَتَڻي پَچارَ؛
توکي سَنَدَ، سَسُئِي! سَندِي لَنؤ لَغارَ؛
جي ھُونِـئِي ھوتَ ھَزارَ، ته به پاڙِجِ ڪوم پُنھُونءَ سين.
3
ٿَڌيءَ ٿَڪِي نه وِھي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ؛
وِڌائِين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ؛
پُڇي پَہَ پَکِيُنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرِياڻَ؛
ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا، تن اَللهَ لَڳ اُھڃاڻَ؛
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچي آرِياڻِي وَرِي.
4
توڻي وِلاڙُون ڪَرِين، توڻي ھَلِين وِکَ؛
لِکِـئي مَنجھان لِکَ، ذَرو ضايعَ نه ٿِئي.
5
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي؛
پاڙِيو ويٺِي پاڙِ، جيڪي لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
6
ڪَيائِين ڪيچِيُنِ لءِ، جُسو جَلاوَت؛
ڇَڏَي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀِ حُجَتَ؛
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
7
ماڙھُو ڏيئِي مِھڻا، مُون کي ڪَندا ڪوہُ؟
جنھن ڇورِيءَ ۾ ڇوہُ، سا پٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.
داستان ڇھون
1
فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪئِي، نَقدُ کنيو نارِ؛
ھِيَ جا واڳَ وِلَھيءَ جي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ؛
جانڪِي مُٺِيءَ مار، جانڪِي ميڙِ مُٺيءَ کي.
2
مُٺِي ٿي مُدَعا گُھري، موتُ ٿيو موجودُ؛
اَچِين ته اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ؛
جانڪِي ني وُجُودُ، جانڪِي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
3
ڏُکِي ٿي ڏَڌورَ، لَھسِي لَنؤ پُنھونءَ جي؛
ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀَ نه ساڙِي سَسُئِي.
4
ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳَڙو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ؛
ٿِيُ ٻانِھي، ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ؛
وَرُ پُنھونءَ سين پَلَڪُ، کوءِ ٻارھَنَ ورهَ ٻِيَنِ سين!
5
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَسو! پِٽُون پَوَنِ؛
مُئي پُڄاڻان مُنڌَ کي، روجَھ رُڃُنِ ۾ رُئَنِ؛
ڀُوڻا اِيَـھِين چَوَن، ته ”مُئِيءَ اَسانکي مارِيو!“
6
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن؛
ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪَيو ڪَيچينِ؛
جي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تنِين جي ھَنجَ ۾.
7
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ؛
وَٽان ويـھِي جَنِ، وَڍيءَ سي واڍوڙِيا.
8
وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نه ڏِٺو جن؛
موتُ قَبوليو تن، ڏِٺو جن ڏُکِيءَ کي.
9
وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري؛
ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لءِ ھاري.
وائي
اَچِي، لالَنَ! لَٽِ، مِيان! مُئِيءَ جو لوڙہُ لَڪَنِ ۾.
ھو کانُ کَٿُورِيءَ ھِيرئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آرياڻِيءَ اَچِي ڪري، ڪا گَھڙِي مُون وَٽِ جَٽِ؛
کَٿُوري کَشِبُوءِ سين، ھارِيائُون ھَٽِ ھَٽِ؛
دَردُ مُنھنجي دِلِ جو، تون، ڪامِلَ! اَچِي ڪَٽِ؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، سِرَ تائِين آھي سَٽِ.
داستان ستون
1
آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، سَھَسين سِڄَ ويا؛
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!
2
آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، پويون ٿِيو پَساهُ؛
سِڪان ٿِي سَڪِراتَ ۾، رويو پُڇان راہُ؛
شالَ مَ وَڃيمِ ساہُ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
3
آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، آيو عِزۡرائِيلُ؛
جوراڻي سين جيڏِيُون! نَڪو قالُ نه قِيلُ؛
آيو موتُ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
4
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، رَئِي پَسِيو روءِ؛
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھن پَرِ ڪَھِي لاھِيان!
5
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، اُونچَنِ مَٿي اَڄُ؛
لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بَردارَ جو.
6
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڏِيو پَٽولي لانگَ؛
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِيءَ مورَ ٻَچَنِ جِئن.
7
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، پَسو سَگَھ سَندِياسِ؛
آڌِيءَ وَڃيو آکُڙي، نَڪو پِيُ نه ماسِ؛
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
8
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر ڪووَلَ جي ڪُوڪَ؛
وَلَولو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آہِ عِشقَ جِي.
9
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرڪي ڪُونجَ؛
نَعرو منجِھ نِڪُونجَ، اِيَ تان آہَ عِشقَ جي.
10
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِي سازُ؛
اِيُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙھو رَکَنِ مُنڌَ تي.
 
 
سُر ديسي
داستان پھريون
1
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ٽِنھِي ڏِنَمِ ڏُکَ؛
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
2
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي؛
پُڇان پيرُ پُنھونءَ جو، وِجھان وِکَ وَڌِي؛
لِکِئي آئُون لَڌِي، ناتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌُ ڪَري.
3
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِٺَءِ ڏِينھَن؛
وَٺِي سَڙَڪَ، سَسُئِي! ويھُ وِھاڻِيءَ سِيئَن؛
چوٽي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجِيرُن جِيئن؛
ته ھوتُ تُنھنجو ھِيئن، ھوندِ پُنھون نيائُون نه پاڻَ سين.
4
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِينھَن ڏِٺاءِ؛
ڪُنجُون جي قُفِلَنِ جون، تان ڪنھن لَلِ لِڪاءِ؛
ته سُڀا ڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي!
5
اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي؛
پَلاڻِيندي، پاڻَ ۾، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪُٺَنِ؛
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پڻ ھُئِي ھُنَ سين.
6
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھنجو ڏِينھن ڏِنگو مَ ٿِئي!
اُٺَنِ ۽ اوٺِـيَڙَنِ جي، ڇا وَھِيڻو ويرُ؟
ھِيَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ؟ جا اَمُرَ کي آڏو ڦِري.
7
ديسِي سيڻَ ڪَجَنِ، پَرَديسِي ڪَھڙا پِرِين؟
لَڏِيو لاڏؤڻا ڪَيو، پَنھنجي ديسِ وَڃَنِ؛
پُڄاڻان پِرِيَنِ، ڪَجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
8
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگَھنِ ڏَڌِي آھِيان!
ھَڻِي ھَٿُ ھَيَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ؛
ھوتُ مُنھنجو ھاڻِ، پُنھون نِيائُون پاڻَ سين.
9
جَتَ ھَڏھِين ھُتِ، مُون ھِتِ ھِنئَڙي ۾ حَلُ ٿِيا؛
چَنگُلَ جنِين چوڦَرا، راحَتَ تن جِي رُتِ؛
گُنگَنِ جي گُـپُتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين.
10
گَہَ سِرِ ٿِئي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پِرينءَ تي!
جنھن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تنھن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ!
پُنھون پاڪُ پُرِسَ! ھوتَ نه ڪَجَنِ ھيڏِيُون.
11
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏوئِي ڪَيو؛
اَچي آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجھان واسُ؛
مِرُون کِـيَنِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلندا ھوتَ ڏي.
12
اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!
داستان ٻيو
1
مِڙِي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساھيڙِيُون سَھَجان؛
اَلسَّفَرُ قِطۡعَةٌ مِنَّ النَّارِ، ھارِي! موٽُ ھِتان؛
سَڱَ صِراطَ الۡمُسۡتَقِيۡمَ جو، اَٿيئِي تان اڳيان؛
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِيان؟ تُنھنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
2
جَڏان ڪُنۡ فَيَڪُوۡنَ چَئِي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرِواحُ؛
اَنگُ اَڳَھِين لِکِيو، مُنھنجو مِيثاقاءَ؛
مَنۡ طَلَبَ شَيۡئاً وَّ جَدَّ وَ جَدَ، اُتو عَلِيءَ شاہَ؛
اَڃا اِن حَدِيثَ جو، مُون آسِرو آہِ؛
پُنھونءَ جي پيغامَ تان، مُنھِنجو موتُ مُباحُ؛
سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاہُ، ته ميڙائو مُون ٿِـئي.
3
سَبَہَ سِياھِي، آھي آرِيءَ ڄامَ ري؛
ڪڏھن پَسي ڪا نه ڪا، رِءَ لالَنَ لالائِي؛
دُودُ دِلِ تان دُورڪَري، ڪَرِ، ساجَنَ! صَفائِي؛
مَنۡ لاَ شَيۡخُ لَہٗ فَشَيۡخُہُ الشَّيۡطَانُ، اِنَ رِءَ اُونداھِي؛
ھُوءَ جا ھَلِي ھيڪِلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي؛
بِلَا شَيۡخِ مَنۡ يّـَمۡشِيۡ فِى الَّطَرِيۡقِ، اِھڙِي اَوائِي؛
تنھن رِءَ تَوائِي، ڪوڙين ٿِيَنِ ڪيتَريُون.
4
ڀِـنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيُنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾؛
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئي، مُون کي مَنجُھ نه ڏِينِ؛
ھوتُ پُنھون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو!
5
پڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاکَرا؛
پَہَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڻِي ڏِين؛
ھوتُ پُنھون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪَيو!
6
دوڪَ دَھِليا جِتِ، گـؤرا ھَلَنِ نه گَسَ ۾؛
چَؤسالَ ئِي نه چَلِڻا، ٿِي تَنگَ نِھاري تِتِ؛
سُوڌِي اُنِين، سَيَّدُ چئي، پوءِ پانچارِيَنِ پِرِتِ؛
اِنَ اَڙانگي پَنڌَ جِي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتِ؛
سَسُئِي وَڏي سَتِ، جا اَھڙِيءَ پَرِ پَنڌُ ڪَري.
7
”ھَيءِ ! ھَيءِ!“ ڪَيو ”ھاءِ!“، ٿِي پاڻ ھڻي سِرِ پاھِڻين؛
لَڌائِين، لَطِيفُ چَئي، جُوءِ جَتَنِ جِي جاءِ؛
شُڪۡرَ، بارِ! سَنداءِ، سُٿاڻي ساٿِ مڙِي.
داستان ٽيون
1
اَللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِيو مَ لُرَ؛
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِھِيءَ جَھلي ٻُرَ؛
مُون کي ماري مَنجِھ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ؛
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.
2
ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيُون؛
واٽُون وِيہَ ٿِـيُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيھِي ويا؟
2
ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ؛
تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَنِ موڙَ؛
دؤلَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
3
جھوُڙا جن جُھلُنِ ۾، ھِيري لَکَ ھَزارَ؛
لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنھونءَ کي پالارَ؛
آن ڪي ويندا گَڏِيا، اَھِڙيءَ سِٽَ سُوارَ؟
لَنگِھي ڪالَھ قَطار، تُون، آئِي! اَڄُ نِھارِئين!
5
مِزِمانَنِ مَھرِي، آڻي جھوڪِيا جھوڪَ ۾؛
چاٽي چَنبَنِ ۾ وِيا، جِئن بازُ سَٽي بَحرِي؛
ڪوھِيارو قَھرِي، وِيو نِھوڙي نِنڊَ ۾!
6
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھَميشَہَ ھُوندا پِرِين؛
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھري وِيا پَٽِ؛
ساہُ جنِين جي سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارِ ۾.
7
مُون ڀانيو مِزِمانَ، ھَميشہَ ھُوندا پِرِين؛
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَليا، ڪَھِلَ ڪَيائُون ڪانَ؛
ڏيئِي ويا ڏاہِ کي، سُورَنِ جا سامانَ؛
جورو راتِ جُوانَ، جيڏيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
8
بِرِہَ مَڻايُسِ بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري؟
گَھڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لءِ ڏُونگَـرَ؛
ورِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِيا.
9
وَرَ ۾ ڪونھي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪَيو؛
نِھارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ؛
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روہَ رَتِيُون ٿِئين!
10
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ؛
ھُو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوہُ ڪَندِيُنِ کي؟
داستان چوٿون
1
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظۡلامَ؛
آندائُون آريءَ جا، پُنھونءَ ڏي پَيغامَ؛
پَہُ ڪَيائُون پاڻَ ۾، مُنھان مَخِفِي مامَ؛
سَنڀُورا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ؛
ڪاڪِيُون! راتِ قِيامَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
2
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ؛
ھاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنا قَول قِيامَ جا!
3
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙِھِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ؛
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَءِ اُليرَ؛
ڪيچِ پھچي ڪيرَ؟ وڃڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
4
جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللهِ ڪارَڻِ لِکَ سِيئن؛
آھي آريءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حوالي؛
عَيبَ مُون اَڳَرا، مانَ نِرۡمَلُ نِڪالي!
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
5
پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيَمِ، جيڏِيُون!
جنِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي؛
اِرادي آڻي، سانگِيُنِ سين سَڱُ ڪَيو.
6
اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورھِيَتَ پُنھونءَ ڄامَ جا؛
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آتَڻَ مَنجِھ اُگَھٽَ، ڪانڌُ ڪنھِين جِي مَ ڪَري!
7
آئُون تان اَھڙياءِ، جا ٻانھِيءَ کي ٻائِي چوان؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنھون ٿي پَرِٽُ ٿِيو.
8
گَڏِيو ڌوٻِيُنِ ڌوءِ، پُنھُونءَ پارِچو ھَٿَ ۾؛
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ؛
اِيُ، ڪامِلُ! ڪَمُ نه سَندوءِ، جِئَن پَھَسَ پَڇاڙِئين پوتِئين.
9
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو؛
ھورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونھي ھورُ؛
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَ حَبِيبَ سين.
داستان پنجون
1
جئن سو ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾؛
ھِيُ پَڳُ نه کوڙي پَـٽِـئين، ھُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساہُ؛
جيڪُسِ تن مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.
2
راتِ ڏِٺائِين روجَھ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئِيا؛
پِرِيَتَڻي پِرِيُنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَھ؛
ھُئِي گَھڻو اَٻوجَھ، سُورَنِ سُنھائِي سَسُئِي.
3
سَمَرُ جنِين نه ساڻُ، ھوتُ حِماتِي تن جو؛
ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنھون اِيندو پاڻَ؛
ٿِيندِي رِيجَھ رِھاڻِ، لَحظي مَنجِھ، لَطِيفُ چئي.
4
سَسُئِيءَ لَنگِھيو سو، مَردَ جنھن ماتِ ڪَيا؛
جَبَلُ وڏو جو، نوُڻِ مِڙوئِي نِينھَن کي.
5
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو؛
پَٻُ وِجَھندِيَسِ پُٺِ تي، صُبُحَ سَوارو؛
وَڃَڻَ مُون وارو، ڪينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
6
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَہَ لَڳَنِ پاڻَ ۾؛
ڏاڍا ڏُونگَـرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون وَرَ؛
آئُون پِيادِي پَـٽِـئين، نِماڻِي نِڌَرَ؛
سُورِيُون جِتِ سَڳَـرَ؛ اُتِ ٻاتاڙِيءَ ٻِيلِي ٿِئين!
داستان ڇھون
1
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَـرَ کي ڏاڪا؛
ڪَيَمِ آہَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجھان سا ڪا؛
پيئِي ھٿِيڪِي ھوَتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا؛
مُنھنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
2
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَـرَ کي ڏاڪا؛
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، بَرِ چَڙھِي باڪا؛
ڦَٽِيا پيرَ فَقِيرِ جا، چَڙَھندي چَڙھاڪا؛
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِيا پُڄائي پانھِنجِي.
3
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، سُڄَنِ بَيرانُ؛
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسِرِي، ٿِيا حَرِيفَ ئِي حَيرانُ؛
سَسُئِيءَ لَنگِھيو، سَيَّدُ چئي، مُحَبَّتَ سين مَيدانُ؛
جنھنجو آرِياڻِي اَڳِوانُ، تَنھن ڪانھي باڪَ بَھِيرَ ۾.
4
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُونِ؛
ليڙَنِ جُون، لَطِيفُ چئي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ؛
جنِ ڏِٺو پيرُ پُنھونءَ جو، سي نه ڪي رُون، نه چُونِ؛
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
5
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي؛
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجھائي؛
رَھيَسِ، رَسُ، لَطِيفُ چئي، تنھن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي؛
آرِياڻِي آھي، مَنَھِن مَعذُورِنِ جي.
6
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ مِينھَن وَسَنِ ماڪُون؛
سُڄَنِ ٿِـيُون، سَيَّدُ چئي، ھاڙھي جُون ھاڪُون؛
جِتِ اَنڌيوُن اوطاقُون، تِتِ ڪاھي رَسِجِ، ڪارَڻِي!
7
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اونداھِيءَ ۾ سوجِھرو؛
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نه ويندومِ؛
سارِيو سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
داستان ستون
1
پُنھونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ؛
ڀَنڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِہُ ٿِيومِ؛
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون! ڪِيمَ ڏِيومِ؛
سَرَتِيُون! ساہُ سَندومِ، ٿِيو حَوالي ھوتَ جي.
2
ڏانجَھنِ تي ڏانجھا، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي؛
لَڳِـيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِہ اَندَرِ ڪا جا؛
ٿَـرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.
3
ڪو مُنھِن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نه ويچارِي؛
ھوتَ! تُنھنجي ھَٿَ ري، پَھُچي نه پارِي؛
اَچِين جي، آرِي! ته پاندَ پُڄِي، لَڪُ لَنگِھيان.
4
ڪَڏِھن تان ٻاجَھ پَـئِي، ساڄَنَ! مُنجُ سَلامُ؛
سِڪَ تُنھنجِيءَ، سُپِرِين! ڪَيو تَنُ تَمامُ؛
ھَٿين ھاجَ وِہُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ؛
دوسَ! نه سَھان دامُ، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرِين!
5
بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون؛
ٻَہِ ٻَہِ ٿي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ؛
راڻِيُنِ وَرِي روُءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِئين.
6
جَتَنِ سان جانۡڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱُ ٿِيو؛
ڪَري ڪوھِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون؛
آئُون پڻ تَڏانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
7
مَتان ڪا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچي وِسَھي؛
ھُوندَ نه سُتِيَسِ، سَرَتِيُون! ويـھِي رَھِيَسِ وَڙِي؛
جَتَ پَنھنجي جُوءِ ۾، گھارِينِ مانَ گَھڙِي؛
ڪيچِيُنِ آئُون نه ڪَڙِي، ڪنھن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
8
اَدِيُون! آئُون نه تِيئَن، جِيئَن پِرِيَتَڻو پِرِيُنِ سين؛
ٻَڌِي سُتِيَسِ نه سوگھو، ڇَلۡوَرُ ڇاتِيءَ سِيئَن؛
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونھان وَڃَنِ ڪِيئَن؟
ڏوہُ مُنھنجي ڏِينھَن، پُنھونءَ کي ڪا مَ چَئي.
9
وَرَ! مَ وِساريجِ، آھِيان تُنھنجي آسِري؛
ڏاڍو ڏُونگَـرَ جو سُڄي، سو لُطفُون لَنگھائيجِ؛
اُسِرِي اُتَھِين، وِيرَ! تُون، آرِي ڄامَ اَچيجِ؛
نِماڻِيءَ کي نُورَ سين، لالَنَ! لَڏائيجِ؛
ظُلِمَتَ جا زمين جِي، سا نِرِمَلَ! نُورُ ڪَريجِ؛
ڪامِلَ! ڪَنِ ڪَريجِ، فَرياديُون فَقِيرِ جون.
وائي
ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ٻاروچلَ! ٻانھِي؛
جانِبَ جَھڙو جَڳَ ۾، ناھي ڪو ثانِي؛
پُنَھَلَ! نِيو پاڻَ سان، پورِھَيتِ پَرِٽِياڻِي؛
پورِھيو ڪَندِيَسِ پِرَ جو، ڀَرِيندِيَسِ پاڻِي؛
ھوتَ! مَ ڇَڏِيو ھيڪِلِي، ھِيءَ جا وِندُرَ وِڪاڻِي؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اِيندُمِ آرِياڻِي.
 
 
سُر ڪوهياري
داستان پهريون
1
لَيۡلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سِيئَن، ڪُلِّي نَوۡمُ ڪَياءِ!
قُمۡ ٿِي، پَهُچُ قَرِيبَ کي، اِجۡلِسۡ تو نه جُڳاءِ؛
مُٺِي! مهِمانَنِ سين، ويهِي راتِ وِهاءِ؛
جيلان نِنڊَ ڪَياءِ، تي روزُ رَهِين ٿِي راهَ ۾.
2
اِجۡلِسۡ ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ؛
نَوۡمَ نَوازِينءَ؛ اُن جي، مَرۡحَبا موڏَنِ؛
رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَلۡيَوۡم سِيۡرُوۡا، سَسُئِي.
3
غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ! تُون ڪِيئن، اَڻاسِي! اوجِھرين؟
چُپاتا چَڙهِي ويا، وڃِي پَهُتا توڙِ؛
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِين.
4
آلوڙو اَکينِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
هاڻي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گھارِيان ڪارَڻِ ڪِن؟
اَديُون! اوٺِـيَڙَنِ، هِنئين سان هاڃو ڪَيو.
5
سُتِينءَ پَير ڊِگھا ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ؛
دَرَ ڀَرِ اُڀِئين دوسِتَ جي، ته سُرِ پُرِ هُوندَ سُياءِ؛
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نه سِياءِ؛
پُنهُونءَ سين پِياءِ؛ ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرِين!
6
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛
سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي.
7
سُتِينءَ سَنجھيئِي، مُنهُن ويڙهي مُئنِ جِئَن؛
اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئِي؛
هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيُنِ ڪَرِين!
داستان ٻيو
1
ڏُونگَـرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين؛
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهِين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو؛
اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
2
ڏُونگَـرَ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِين گَڏِجان ته چوان؛
ڀِنِيءَ ٿِئين ڀَوارَئون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ؛
چڱِي ڪانَ ڪَياءِ، پَيرُ وِڃايُءِ پِرِينءَ جو.
3
ڏُونگَـرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
”پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نه پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنهِنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: ’وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!‘“
4
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛
گَھڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان هوتَ وَڃَنِ؛
تُون ڪِئن سَندا تن، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين؟
5
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها؛
هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛
گُوندَرَ جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!
6
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
سُڻِي سا تَنوار، مِرُون پِيا مامري.
7
ڏُونگَـرَ ڀُونيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين؛
هَهڙا سيڻ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِينءَ ڪي ٻِيا.
8
ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
ڪنهنکي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.
9
تَپِي ڪَندين ڪوهُ؟ ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي؛
تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱَ مُنهِنجا لوهُ؛
ڪَنهنجو ڪونهي ڏوهُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.
10
ٻَـڙِيَ! ته ٻيلِي گَھڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ؛
رَفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَـرَ ڪاري ڏُکُ؛
آرِيءَ جو اَهُکُ، مُون رَهَنُما راه ٿِيو.
داستان ٽيون
1
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هِت، هوتاڻِي! هاڻِ؛
اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ؛
پورهيو ڪَندِيسِ پاڻِ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.
2
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ ’پاڻِ‘؛
جي ڀُلايُون ڀاڻِ، تن کي رَسُ، رَسِيلا، راهَ ۾.
3
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا؛
وَمَ وِهاٽِي، وو! ڙي! ڪوهِياري ڪِرِڪَ؛
ڌَڙُ ڌُوڻِيو تنهن ڌَڪَ، جَڏِيءَ جِئڻ نه ٿِئي!
4
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻارَوچَنِ جا؛
پُنهونءَ جي پَيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجھان رُڪَ؛
هَنيَمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪري.
5
جيهِي جي تيهِي، ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛
حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيهِي؟
اَصۡلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئ آءٌ پيئِي؛
هُوءَ جا پائِينِ پيرَ ۾، تنهن جُتِي نه جيهِي؛
وِساري ويهِي، تن ڪيچِيُنِ کي ڪِيئن رَهان؟
6
هُئِي، جي نه هُئِي؛ ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛
اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي؛
هُنِ تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻَ هوتَ ڏي.
داستان چوٿون
1
ڳائِي نه وائِي؛ اَدِيُون! آرِيچَن جِي؛
ڪنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِھيان، جَبَلَ جھاجھائِي؛
جيڪسِ واجھائِي، هاڻي مَرَندِيَسِ هوتَ لَءِ؟
2
هَلَڻُ سَهان نه هوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نه وَسِ؛
اَللهَ! آرِيچَن جِي، گولِي ميڙِئين گَسِ؛
پِرِين، پَنهوار! تو پُڇان، ڏُونگرِيا! مُون ڏَسِ؛
اَکِينِ جِي آرَسِ، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي.
3
مُون کي جنِين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟
تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا! اُنِين ري؛
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلان ڳالھِه ڳَرِي ٿِـئِي.
4
مُون کي جنِين مارِيو، سُڃاتِمَ سيئِي؛
پُنهون پَيڪانَ پَڇَنڊِيا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي؛
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄڻَين.
5
پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، سَهائِي، سِياهُ؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگارَنگِي راهُ؛
پَهرِين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
6
پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانـئِيان ڏِينهُن ڀَوارئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ؛
مِٺِي مُصِيبَتَ، آرِي ڄامَ جِي.
داستان پنجون
1
رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪَيو، ويٺِي وِرِهُ چَران؛
اِنَ عَذابان اَڳَهِين، مادَرِ! ڇو نه مَران؟
اَدِيُون! جو نه اَوهان، سو مان سُر سَرَتِيُون!
2
اَدِيُون! اَگِھي آهِيان، پِرِيُنِ پُڄاڻا؛
سي ڪوهِيارا ڪيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا؟
جي سَسُئِي سيباڻ، سي وڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
3
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَرِي؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگَـرَ پَوَنِ ڏَرِي؛
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرِ اُڀِري ڪِينَ ڪِي.
4
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رسي سُورُ شَبانَ؛
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃي.
5
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي؛
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ!
وَرُ وِلَهِنِ جا وَسِيلَ! رَسُ، رَهَبَرَ! راهَ ۾.
6
سرَتِيون سُوراتِنِ جي، ڪوهُ ٿِيون پَٿَرِ پَوَنِ؟
گھاءُ نه لَڳُنِ گَھٽَ جو، رِيا مان ٿِـيُون رُوَنِ؛
چيتارِيو نه چَوَنِ، پارَ مُنهِجي پِرِينءَ تان.
داستان ڇهون
1
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ اَندَرِ ناهِ اُساٽ؛
لوهُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ؛
ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
2
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ پَچَڻَ ناهِ پَچارَ؛
اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجِھ خُمارَ؛
گِريي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
3
سُڃَ وَسَندِي تن کي، جوشَ جَلايا جي؛
طالِبَ جي تحَقَيقَ جا، نِينهُن تنِين وَٽِ ني؛
ٽيڏِي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪِڙو.
4
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ؛
وَرُ نه سَهي ويڪَ، تُون، ٽيڏِي! ٽِئايُون ڪَرِين.
5
اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
سُونهِين ٿِي سُواٽَ، ته مَنجھان دِلِ دَڳُ لَهِين.
6
پانهِين، پسِي پَٻُ؛ مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِئين؛
اَڳيان ڪَؤ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
 
 
سُر حسيني
داستان پهريون
1
لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ؛
سِڄُ سامُهون مُنهَن ۾، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِين.
2
اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛
سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛
ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.
3
ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛
آئُون ڏُورِيندي ڪيترو، پَهَڻن پيرُ پِيو؟
سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچي ٿِـيُمِ، جيڏِيُون!
4
سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي؛
پاڻي ناهِ، پَنڌُ گھڻو، اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ؛
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.
5
پَٽِيءَ نه پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نه ڇَمِيا؛
پويون هِيُ ڀـيرونِ، نِينهن نِباهي هَليا.
6
سُيءِ ڪا تنوارَ، ڪِي هُنئِين ٿِي هَٿَ کَـڻِين؛
سَوين رُليُون سَسُئِيون، هوتاڻَنِ هزارَ؛
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نه سِکيا.
داستان ٻيو
1
ڪِي ڌَرَتَتِي، ماءِ! ڪِي ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين؛
هَلي ۽ واجھاءِ، ٻِنِين ڄيرَنِ وِچَ ۾.
2
مَٿيان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
مُون کي طَعنا تي ڏِئين، جئن نه پَرُوڙِئين سَچُ؛
اَمڙِ! اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي.
3
مَٿي مَنجھانِ مِينهُن، پَسو! پاڻيءَ جئن وَهي؛
مُون ڀانيو نِينهُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
4
منجھان مُنهنجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسِرِي؛
ته مَرُ لَڳي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران!
5
پَهِي ڪامَ پِڃاءِ؛ اَمَڙِ! مُنهنجي آسِري؛
ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻيءَ پاءِ؛
ڪَتِـيُمِ جنهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيـچِ وِيو.
6
کوءِ هاڙهو! ٻَنِ هوتُ! کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيَتَڻو!
مادَر! مُون مَوتُ، پَسَڻان پرائيو.
7
کوءِ ٻولِي! ٻَنِ ٻَروچُ! گھورِي ذاتِ جَتَنِ جِي!
مُون کي چَئِي ”لوچُ“، پيهِي وِيا ڇَپرين.
8
جِئن جِئن تَپي ڏِينهُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛
ڪو آڳانجھو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
9
جان جِئَين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري ؛
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.
10
تَتِيءَ ٿڌِيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي؛
مَتان ٿِئي اُونداه، پيرُ نه لَهِين پِرينءَ جو.
وائي
شاديءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! مَرَڪُ مُنهِجو مُون پِرِين.
آهي ڳَههُ ڳِچِيءَ جو، ڏِئي هالورا هارُ؛
آهي اُگھاڙيِن کي؛ جانِبَ جو جنسارُ؛
آهِئين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تيارُ؛
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻو دِيدارُ؛
حُسۡنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ؛
سُڃَ ڪَيائِين سُرَهِي، واسِيائِين وَڻِڪارُ؛
ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪيُون، عَطُرُ ٿِيو آوارُ؛
ڪوڙيـين ٿِيا ڪيترا، نالي تان نِثارُ؛
سَدا صلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ؛
گھورِيان گَھرُ گِھٽِيءَ تان، اَچي جِئان آڌارُ؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِليو مُون مَنَٺارُ.
داستان ٽيون
1
ڪو گُھمندي گھورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، هِنئون هِتِ نه وِندُري.
2
ڀَنڀورَجَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِيو؛
هاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَـرَ ڏورِيان.
3
ڀينَرُ! ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَهو؛
اَڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرائِيا.
4
ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون؛
سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!
5
ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
مُون سين تنهن پَهاڙُ، ڏُکان هَڏِ نه ڏوريو.
6
اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اکينِ سان.
7
ڀُـلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَليو؛
شَهرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرِياڻِي اَتورُ؛
ماڻِيو تنِين مورُ، ديکِيو جنِين دِلِ سين.
8
بُرو هو ڀَنڀورُ، جو آرِياڻِيءَ اُجارِيو؛
لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ؛
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکـيُون، پُنهون ڪَيائُون پورُ؛
آيو سو اَتورُ، جنهن ڏُکيُون ڏِکَ وِهارِيُون.
داستان چوٿون
1
لَڄايا مُونهان، ساجُھرِ تي سيڻَ وِيا؛
پِيَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنهنجي ذاتِ جي.
2
آئُون جي هُيَسِ هَڏُ، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو؛
ساٿَ لَڏِيندي سَڏُ، هُوندَ ڪوهِيارا ڪَرِينِ مُون.
3
هُيَسِ جي سِياءِ، ته ڪَيُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي؛
اَدَبَ وچان اُنِ سين، ڳالھِ نه ڪَيَمِ ڪاءِ؛
ذات مُنهنجِي، ماءِ! ڪَچو ٿِي ڪيچيُن کي.
4
ساٿِي توءِ هَلَنِ، پَٿَرِ جي وارَ ڪَرِيان؛
جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏِ ٺو عَيبُ اَکينِ سين.
5
ساٿِيُن سَئِين نه جاڳِين، پوءِ ڪُڄاڙِيان روءِ؟
اِيَ پَرِ ڪُپَرِ هوءِ، جئن هُو سانگِي، تُون سُمَهِين.
6
مُون سَڏِيندي سَڏڙا، ساٿِي سَڏُ نه ڏِينِ؛
وِلَهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نه تنوارِينِ؛
هيڏا هاڃا ٿِينِ، بُري هِنَ ڀَنڀورَ ۾!
7
ڪَهان، تان ڪيچانَ پري! وِهان، تان وَٽِ مُون!
ڀُـلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.
8
ڪَهان ته ڪيچان پَري! سُمهان تان سِرَ هيٺ!
ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون! جيهِيءَ پَرِ ٿِي.
وائي
هوتَ! هوتَ! اي هوتا! ڏِيَندِيس ماهُ مِرُنِ کي؛
آئُون جَرا جِيُّ ڪَري.
ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳَري؛
آرياڻِي پُنهونءَ ري، مُون کي، سَرِتِيُون! تان نه سَري؛
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري؛
آءُ اوراهُون، سَپِرِين! وَڃُ مَ، پِيَّ! پري؛
مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرچِي تان نه وري؛
ڏُکِيءَ جي ڏيکارِئين، ڌاران مُنهَن مَري؛
پيالي پِرِيُنِ جي، موهِيَسِ ميٺَ ڪَري؛
آرِيءَ جي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري؛
توکي توءِ نه ڇَڏِيان، جي وَڃان ڀُونءِ تَري؛
ڌَڙُ وِجَھنديَس ڌُوڙ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري؛
هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي، پَسُ ڏَري؛
پِرِين! کَـڻِـجِ پانهِنجِيُون، اَکِـيُون ٻاجَھ ڀَري؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مَنَ ڪا مَهرَ ڪَري.
داستان پنجون
1
ليڙَنِ لَنگِھ لَسَ، مانباڻِيان مَٿي وِيا؛
وَ ٺِي وَرُ واٽَ ٿيا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ؛
هُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
2
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَي، پَهَڻَ پَٿَراڻِـيُون ڀانئِيان؛
جتي رَهان راتِڙِي، مِرُون مُنهنجا مِٽَ؛
سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڏُونگَـرُ ڏولِي مُون ٿِيو.
3
مُسافِرِنَـئُون، ماءِ! وِرِه وِهايُمِ وِتَرو؛
اَچِي ٿِـيَمِ اوچتِي، تن سانگِـيُنِ سين ساڃاءِ؛
جِيجان! جَھلَ مَ پاءِ، هِنئون هوتَ هَڻِي وِيا!
4
ڪِيئن اَڙايُءِ پاندُ، پلؤ پَرَڏيهِيُنِ سين؟
مَتِيُون مُوڙهِيُءِ، سَسُئِي! ڪَيُءِ ڪوهِيارو ڪانڌُ؛
رُلِي! ڀانئِيُءِ راندِ، ٻانڀَڻِ! عِشقُ ٻَروچَ جو!
5
مُنهنجو پاڙِيچَنِ، ڪَچو ڪونه ڍَڪِيو؛
پاسي چَڙهِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ؛
تيلان ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇڏِي نِنڊ ۾.
6
حُسيـنِيءَ جِي هاڪَ، مادَرِ! مارِي آهِيان؛
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ؛
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِمِ پِرِينءَ سين.
7
جيڪِي فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي؛
اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِيُنِ پَري ڪَيو.
8
ڦِرِي آءُ، فِراقَ! مُونکي وِصالان وِچُ پِيو؛
جي ٿي چِڪِيَمِ، سي پِرِينءَ گڏجِي پُورِيا.
وائي
پُنهون پَريشانُ، ٻَرِ! ٻَرِ! نڪو خانُ نه مانُ؛
هيءِ! هيءِ! حالُ مُنهِنجو.
مُونکي بُکَ بوتَنِ جي، ناقي ڀانئِيان نانُ؛
شَهرُ صَحرا ڀانـئِيان، مُون ليکي مَيدانُ؛
رُئان ٿي رُڃُنِ ۾، آرِيءَ لَءِ عُرِيانُ؛
پِٽِيان مُنهُن پَسَڻَ لَءِ، هِتي ٿِي حَيرانُ؛
آهي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ؛
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَن جو سامانُ؛
وِجِھجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِيَمِ! کائِي پانُ؛
ڪَڏهِن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ؟
آهِئين، عَبۡدُاللَطِيفُ کي، اَڳيان تُون اَڳوانُ.
داستان ڇهون
1
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
2
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
3
سَؤ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پڻ ڏِيان سَٽِ؛
جي مُون مِڙي مَٽِ، ته وِرِهُ وِهايان هيڪِڙو.
4
سُورَنِ سانگھارو، ڪَڏهِن تان ڪونَ ڪَيو؛
آيَلِ! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَهي.
5
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِيا قَضاڪَ!
اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ!
اَکَڙِينِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيـهِيُنِ جو.
6
ڏُکويُون ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي ويئِيُون؛
هاڻي ڪِنِ مُلان، پُڇان پِرِيُنِ خَبَرُون؟
7
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنهِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ؛
ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻانِ، وَيا وِهائُو نِڪري.
8
ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي! سَندِرو؛
ڪيچَ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرِين!
9
ڏُکَ سُکَنِ جي سُونهَن، گھورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!
جنِين جِيءَ وِرُونهَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
داستان ستون
1
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جڏهن پِرِينءَ کي؛
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
2
پُڇيو ئِي، تان پُورِ؛ ناتَ پُڇَڻُ هوءِ مَ پِرِينءَ کي؛
ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ، هَڏِ نه آهِينِ هوتَ کي.
3
ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان! شالَ مَ مِلان هوتَ!
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.
4
آئون ڏورِيَنءَ، شالَ م لَهَنءَ! پِرِين! هُئين پَري!
هَڏِ نه ساهَ سَري، تَنَ تَسَلِّي نه ٿِـئي!
5
ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا؛
اَدِيُون! آڙِيڪا، هِنئڙي پِيَمِ هوتَ سين.
6
جيڪا ڪَندي سَنگُ، مُون جئن ٻاروچَنِ سين؛
اَنگُنِ چاڙهي اَنگُ، رُئندِي سا رَتَ ڦُڙا.
داستان اٺون
1
آتَڻُ اورانگھي وِيا، آئون ٿي مَران، ماءِ!
پِٿُون ٿِيندِيَس پيرَ تي، ’هَيءِ! هَيءِ!‘ ڪَري هاءِ!
جِئڻُ مُون نه جڳاءِ، پِرِيُنِ تان پاسو ڪَيو.
2
ڄاڻِي جي ڄاتومِ، ته پوندو فلۡق فِراقَ جو؛
اَکَـرُ اِرادَتَ جو، ڌُريائين ڌوتومِ؛
پوءِ تان ڪونَ ڪَيومِ، هُوندَ ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
3
دُکائِيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻانِي وَڃُ؛
پِرِياڻونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين.
4
ڇِڄ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين؛
مَڇُڻِ ٿِئين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نه لَهِين.
5
پُڇِيوئِي جان دوستُ، تان پاسي ڪر پَرِهيزَ کي؛
جنِين ڏِٺو هوتُ، تن دِينَ سَڀيئي دُورِ ڪيا.
وائي
مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا! پَلَئ لَڳِي آهِيان.
ڇورِي ڇِنِي آهِيان، نِينهُن نِباهي نيجا؛
ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچِي! ڪِيمَ وَڃيجا؛
پُنهون مُنهنجو آن سين، ساٿُ سلامَتَ نيجا.
مون تان وَڙُ وِڃائِيو، اَئِين پنهنجو وَڙُ ڪَريجا؛
جوڳِيڪو ويسُ ڪَري، سِگَھڙِي سارَ لَهيجا؛
آرِياڻِي! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مُون تي وَهِلو وَرُ ڪَريجا.
داستان نائون
1
ڪاتِيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجُھلَڻَ وَڍِيو؛
ماريَسِ سُورَ تَنهين، جو نه جِئاري، جيڏِيُون!
2
جِئ مُنهنجو جَنِ، اَنگڙِيارو وَڍِيو؛
پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان، سَڄو نه ٿِئي!
3
رو، وِسانئي راندِ، پَہَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا؛
هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏِينهَڙا.
4
رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُھري؛
ڪُٺَلِ کي قَلبَ ۾، قُرب جو ڪاڙهو؛
هوتَنِ لَءِ هاڙهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
5
روئِي ڪَندِينءَ ڪوهُ؟ هاڻي ڪو هوتُ وَري؟
جيڏيُون! جيڏوئِي ڪَيو، ساڻُسِ سيڻَ سِتوهُ؛
ڊوهِي اَٿيان! ڊوهُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري!
6
کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنگُر مَ ڏِيو؛
هيڪَرَ اُجھايو، ڏيئي ٻُرَ لُهارَ جِئن.
7
تُون جي ڪالَھ مئِي، ته ڪالَھ ئِي گَڏِينءَ پِرِينءَ کي؛
ڪَڏَهن ڪانَ سُئِي، ته ڪا سَگِھي گَڏِي سَڄَڻين.
8
اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾!
مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون.
9
مَرُ، مَٿا ڏيئِي، پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾؛
ته سَرَتِيون سڀيئِي، واکاڻِينِئِي ويٺِيُون.
داستان ڏهون
1
واڪِيو واڪِيو وِک، پاٻوهِيو پيرُ کَڻي؛
سي نه چَڙَهندِيون ڏِکَ، موڙي پيرُ، مَرَن جي.
2
وِجُھ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين؛
ڏُکُ تِنين کي ڏِکَ، حُبُّ جنِين کي هوتَ جو.
3
واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مَٿي سَڏَڙا؛
مانَ تُنهنجِي ڪاءِ، سَڳَر ۾ سارَ ٿِئي!
4
سُورَنِ سانڍيـياسِ، پُورَنِ پالِي آهِيان؛
سُکَنِ جي، سَيَّدُ چئي، پُکي نه پِيياس؛
جيڪسِ آئُون هُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جي.
5
ڪِينهي طالِبَ تاتِ جا، نه ته آهي تاتِ تِيارُ؛
ڏورِيان پيو ڏُڪارُ، گھورِندَڙَ کَڻي وِيا.
6
ڪنهن جنهن نِينهَن نَنڌاهُ، جي مُون واجھائِيندي نه وَرو؛
جيڪِي مُئي ڪنداهُ، سو جانبَ! ڪَرِيو جِئري.
7
مَتان ٿِئين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهون آهِيان؛
ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُورُ، حَدَ ٻِنِين جِي هيڪِڙِي.
داستان يارهون.
1
جِئن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ، اُئَن تان اوٺِيُنِ نه ڪَيو؛
ٻڙڪِي ٻاهَرِ نِڪِتِي، گاذَرِ مَنجھان گامَ؛
ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَـرَ پَٽِيين.
2
لَڪِيُون! آن لَڳا، ڪي پلَءَ پانڌِيَڙَنِ جا؟
توهان گَھڻيرو، ماءِ! رُوندا اُوءِ رَتُ وِيا.
3
ڏوٿِيُنِ چَيُسِ ”ڏُورِ، ڪيچُ اَڳاهُون پَنڌُ ٿِيو“؛
پاڻا چَڙهِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
4
سَسُئِيءَ جِي سِرِيءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي؛
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ هُئِي ماندِي؛
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرياڻِيءَ آندِي؛
پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيب ٿِي.
5
هَيءِ ٿو وڃي هوتُ، آئُون ڪِ اَڳَـڀَرِي ٿِيان؛
مَتان چوءِ بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو“.
6
ڪَمِيڻِيُنِ هَٿان، ٿينِ مُورائِين مَدِيُون؛
تُون ڪَر پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجھا سُپرِين!
7
نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سڱِيڻِي؛
آهِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻَروچِيءَ نه جُڙان.
8
ڪيـچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهنجِي ذاتِ جِي!
مَتان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ مُنهنجِي لوءَ ۾!
داستان ٻارهون
1
ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جئن هوتُ اَکينِ سين؛
مُون کي چَيان ”لوچ“، پاڻا پيٺِيُون ڇَپَرين.
2
’ووءِ! ووءِ!‘ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻِ ’ووءِ!‘ وِسارِئين!
پاڻِي هار مَ پَڌِرو، روءُ مَنجھان ئي رَتُ؛
صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگھا ميڙي سُپِرِين.
3
ماٺِ ماريندِيَءِ پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ، رُئِين رَت!
ڇورِي! ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائِيو.
4
جَڙَ جِئري جن سين، مُئي پڻ سين تَنِ؛
جي هِتِ نه هوتُ پَسَنِ، سي ڪَنهن پَرِ ڪيـچِ پَسَندِيُون؟
5
اَوجَھڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿَ جي؛
جا نِينهَن ڳِنهَندِي نانءُ، سا مُون جِئن پَوندِي مامِري.
6
ٻَڌو ڪَنهن ٻَنڌاڻِ، هِنئڙو هوتاڻِيءَ سين؛
ڪا جا پِييَسِ ڪاڻِ، نِبيرِيانسِ، نه نِبِري!
7
ڏُونگَـرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارِکُو پُڇِيا؛
هيڪِليُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندِي تُوڻِ؛
اِي اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَن رِءَ نه سُٿِرِي.
8
لَکين لوڙائُو، سَهَسين آهِنِ سُڃَ ۾؛
بَرَ ۾ بورائُو، کَڻُ، پِيادِي! پاڻَ سين.
9
نِينهَن مَ نالو ڳِنُّ، پِرِيَتَڻي پيرَ ٻِيا؛
سُورَن ساڻُ مَ ڇِنُّ، وِرهُ وِهائجِ وِتَرو.
10
سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِّ، تن ڳِچِيءَ سِرِ ڳَہُ ڪَيو؛
ٻِيُون ڪوهُ ٻُجَھنِّ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو؟
11
هارِي! هِنئون مَ لوڏِ، سُکَنِ پَوَندِينءَ، سَسُئِي!
ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَ قَطارِيو.
12
حُسيـنِي حُسينَ لَءِ، بِيبِيءَ پاڻَ چئِي؛
تهان پوءِ ٿـئِي، خَبَرَ ٻِي خلقَ کي.
 
 
سُر ليلا چنيسر
داستان پهريون
1
داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورين؛
سائينءَ ڪارَڻِ سُپرين! وَڃِجِ مَ ڏُورين؛
آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾.
2
مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾، هائِيءَ هڻِي هارُ؛
سوڀِي! سُکُ سيَّدُ چئي، ڪَرِئين ڪوهُ قَرارُ؟
راجا رِيساڻو گھڻو، سَٽاڻو سردارُ؛
چؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيہِ ڏَهڪارُ؛
ٺاڪُرُ اکِيين ٺارُ، مَڻِـئي تي ٿِي مَٽِئين!
3
چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو؛
تنهن سين ڇِنِيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇُهِين!
4
مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
5
مَڻِـئي مَٿي جي هُئا، تِن چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ؛
هارُ کَٽَندِيَسِ هوڏَ ۾، نيبَہُ ٿيندُمِ نِتُ؛
ڪؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.
6
مَڻِيو ناهِ مَڻِـيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين؛
اَصۡلِ آهي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ ڪَڻِيـُون؛
اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون.
7
تو جو ڀانيو هارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو؛
چنيسَرُ چِتُ کـڻي، ٿِيو پورِهِيَتِ جو پارُ؛
اَوَڻت جو آچارُ، ڪانڌ ڪَنهِين سين مَ ڪَري.
8
نه ڪِي هو ٻانهَڙِيُنِ ۾، نه ڪِي ڳَرِ هُئومِ؛
نه مُون، سِينڌِ نه سُرمو، نه سِينگارُ ڪَيومِ؛
تيلانہ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.
9
سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
تيلانہَ پِيَّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجي ڇَڏِئِي.
10
اُو ڏَمِرِيو ڏِسُ! حِيلو هُنهَنيِن هارَ جو؛
سُڻو سَڀ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪَنهِين وَسِ؛
دَعَوىٰ پَهرِئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.
11
پُوچا ڏِٺَمِ پـيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا؛
مون ڀانيو تَنهِن ويرَ، ڪوجِھي ڪَندو پَرِيئَڙِي.
12
سَوَڙِيـين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهُو وِلارِيو؛
چَنيسَرَ ڪانڌاءِ! تان مُون هِئَن نه ڀانئيو!
داستان ٻيو
1
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُّرَ ۾ پئي؛
اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَـلِي!“، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.
2
هُئِينءَ ته گَھڻو هُوشِيارُ، ڪَلَ به هُيَئِ ڪانڌَ جِي؟
تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچئَ پائي هارُ!
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
وَهَمَ لَهي وِينجھارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.
3
وڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَھرِ سَرَتِيين؛
هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
4
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دُهِلين دَمامين، نَقرين، ٿي پَلِپَلِ پُڇِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، ٿِـيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيہَ ۾.
5
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
دُهلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِهارِياسِ؛
هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
تِنهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.
6
هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانَه پَرُوڙَ؛
مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجھي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
سامُهان ٿِـيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلَهو!
7
لِيلا! جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِـئين، مُوڙهِي! مُٺُءِ پاڻُ؛
ڀوري! ڪَيُءِ ڀاڻُ، تي آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
8
لِيلا! پُورِي نه پَـئِين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ؛
پاڻان ڌارَ پِرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنهنجو نه وَڻي.
9
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
دوسُ تُنهِنجو داسڙو، کاندِ وَڏيائِي کاءِ؛
ته ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.
10
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
اِيُ ڪانڌُ ڪَنهِجو نه ٿِئي، نه ڪا مُون نه تُون؛
رُئندِيُون ڏِٺيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادليُون.
11
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيـبيءَ گَڏِ؛
هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي.
داستان ٽيون
1
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
جان مُون پوءِ پَرُوڙِيو، ته هِيُ نه ماڻي ماڳُ
ڏَمِرِيو ڏُهاڳُ، سِگھو ڏِئي سُهاڳِـڻِيين.
2
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
ڪانڌَ ڪَنهِين جو نه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ؛
جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.
3
سَڀيئِي سُهاڳِـڻيُون، سَڀـنِي مُنهَن جَڙاءُ؛
سَڀَ ڪَنهِين ڀانيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ؛
پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
4
اَوَڳُڻ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا!
جِئَن تو رُسَڻَ سنديون رُوحَ ۾، تِئَن مون ڀيڻِي ناهِ ڀَتار!
سائِينءَ لڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.
5
جي مُون مُوڙهِي مَتِّ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!
اصۡلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِئين تُون اَتِّ؛
اِيَ، پِرَ! تُنهنجي پَتِّ، جِئَن وِلِهيُون ڍَڪِئين وَلَھا!
6
ڪوڙين تُنهنجُون ڪامِڻِيُون، تون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌُ؛
مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! ته وَڃان نه وِڻِواندُ؛
مون ڳِچيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چنيسَرَ! هَٿَ ۾.
 
 
سُر مومل راڻو
داستان پهريون
1
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙي، بابُو بيکاري؛
سامِئَ سيلو سِرَ تي، مالا موچارِي؛
ڏيئِي ڏيکارِي، ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو.
2
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جَهِڙو ماهُ مُنِيرُ؛
فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.
3
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِجَ کان پوءِ؛
پَسو سُونهَن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
جو مُنهِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنهِن مَسَ ٿِئي.
4
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي؛
سائِي سالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِي سونَ سَرِي؛
خَبَرَ ڏي کرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جي.
5
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
6
سِجُّ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ؛
اَچي ٿِي عَطُرَ جي، مَنجھان مُگَٽ‎َ بُوءِ؛
سا ڏيکارِيَهُون جُوءِ، جِئان لاهُوتِي لَعلُ ٿيو.
7
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِينهَن جو؛
پَتَنگَ جِئَن پيدا ٿِيو، سامِي سِجَّ وَڙاءُ؛
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِيو.
داستان ٻيو
1
آءُ لانگوٽِيا لالَ! ڪَنهِن پَرِ ڏِٺِيُءِ گُجَرِيُون؛
آبُ اَرتو اکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لال؛
ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪُہُ نه سَلائِيين؟
2
گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
هڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيهِيُنِ جُون.
3
گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچيو اَڏِي اُڀِيي؛
مَٿان پيئِي تِنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جي.
4
مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيُنِ کي آڪَري؛
سوڍِيءَ گھڻا سَڪائِيا، پَڙهِيا پَڻِتَ پِيرَ؛
هَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.
5
جوڳِيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامِري؛
لَنؤ لُڊُوڻي ڪَنڌِيـين، اَمَيو آهي؛
وَڃو جي ڪاهي، ته نِڪُون پَسو نِينهَن جُون.
6
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينهَن اُڇَلَ؛
نه ڪا جَھلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.
7
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَھڙِجي نِينهُن؛
نه ڪا راتِ نه ڏِينهُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
8
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙَهنِ؛
ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين.
9
آکُون، ڊاکُون، سِرَکَنڊَ شاخُون، جِتِ چَوکا چَندَنَ ڪَؤنرَ؛
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نه ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ ته پَسُون ڪاڪِ جا.
10
چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪارِي؛
فِڪِرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي؛
وِيا ڪاهِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلِ موچارِي؛
موٽِيا نه مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
داستان ٽيون
1
جَهِڙا گُلَ گُلابَ جا، تَهِڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
پَسيو سُونهَن سَيَّدُ چئي، نِينهَن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي.
2
جَهِڙا پانَنِ پَنَّ، تَهِڙِيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
مَڙهيا گَھڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
سُنهَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
مَنجِھ مَرڪِيَسِ مَنَّ: ”سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.“
3
سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِّ؛
اَگَـرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِّ؛
اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِّ؛
ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونهَن سَڙَنِّ؛
ٿِيا لاهُوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَءِ پِريَنِّ؛
اِجهي ٿا اچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي.
4
گُجَرِ گَھڻا گھائِيا، پاڻا لَڳُسِ گھاءُ؛
مينڌَري مُلاءُ، لڳَسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.
5
رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونهَن؛
لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونهَن؛
ڪانهي ٻِي وِرُونهَن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو.
6
ڪاڪِ نه جَهـلِيا ڪاپَڙِي، موهِيا نه مَحلَنِّ؛
ٻايُنِ ۽ ٻانِهِيُنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجَھنِّ؛
لکين لاهُوتِينِ، اَهِڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون.
7
ڪاڪِ نه جَھـلِيا ڪاپَڙِي، موهِيا ڪَنهِن نه مالَ؛
سوڍِيُون سِجھائي وِيا، هَهِڙا جَنِين حالَ؛
جي ڇورِيُنِ ڏِنا ڇالَ، تَپِ لاهُوتِي لَنگھي وِيا.
داستان چوٿون
1
شَمَعَ ٻاريندي شَبَّ، پِرِهَ باکُون ڪَڍِيُون؛
موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَّ؛
تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
2
اُڀي اُڀارِيامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَـئِي وِيا؛
هِڪُ مَيو، ٻِيو مينڌِرو، سَڄِي راتِ سارِيامِ؛
ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيامِ، سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
3
ڪَتنِ ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙُو اُڀا ٽيئِي؛
راڻو راتِ نه آئِيو، ويلَ ٽَري ويئِي؛
کوءِ سا کاڻِي راتِڙِي! پِريُن ري پيئِي؛
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وڃِي ڍولو ڍَٽِ قَرارِيو.
4
راڻو ڪا راتِ ويو، ڳُجِھي ڳالھه ڪَري؛
سوڍي رِءَ، سَرتيُون! هَڏ نه ساهَ سَري؛
وَڃِي، مانَ وَري! آسائِتِي آهِيان.
5
سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالھ ڪَئِي؛
سا جي پَڌَرِ پوءِ، ته سَرتِيوُن ڪانه سُمِهي.
6
راڻا! تُنهِنجي راهَ تي، ڏيهاڻِي ڏيکان؛
راڻي جِيءَ رِهاڻِ جُون، رُوحَ اندَرِ ريکان؛
مُحَبَتَ جُون ميکان، تو سين، لالَ! لَپيٽِـيُون.
7
آءُ، راڻا راحَتَ! ڌاڃَ ڌَرتِيءَ جا ڌَڻِي!
سِڪَنِ ٿِيُون سُهاڳِڻـيُون، سوڍا تُنهِنجي سَٿَ؛
مون تان لاهِ مَ هَٿَ، ڪامِلَ ڌڻِي ڪاڪِ جا!
داستان پنجون
1
سَڱُ ڪري سين سِينهَنِ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَهِين؛
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتُون مَنجھان نِينهَن؛
اِنءَ مَ وَسجِ عامَ تي، جِئَن مُومَلَ! وَسَنِ مِينهَن؛
سندي حَشَرَ ڏينهَن، سوڍو سارِيندِينءَ گَھڻو.
2
جا ڀُون پـيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄڻين؛
ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون؛
ڏِينهَن مَڙيئِي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چئي.
3
راڻو ڀانيو راندِ، ڪِئَن وِڙُ رائِيـين؟
وَرُ وِڏُوڻو اِيَهِين، جِئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ؛
هَيءِ! ڀَڳِيَءِ هيڪاندِ، سوڍو سارِيندِينءَ گَھڻو.
4
ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِيا، جلِي مُنهِنجِي جانِ؛
رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَس تَنهِن گُمانَ؛
هَڏِ نه جِيان هاڻ! سِگھو موٽِجِ سُپِرِين!
5
ڪاڪِ ڪَڙِهي وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ؛
تو پُڄاڻا سُپِرِين! هِنئَڙي اَچَنِ هولَ؛
جي مون سين ڪَيَءِ قولَ، سي سِگھا پارِجِ، سُپِرِين!
6
حال قُربانُ، مالُ قُربانُ، گھورِيان لُڊاڻو؛
فِدا ٿِئَ فَقيرِ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو!
مُيَنِ سين ماڻُو، مُناسِبُ نه، مينڌِرا!
داستان ڇهون
1
نه وارِثُ نه وَلَھو، نه سَڱُ، نه سِياڪو؛
تو پُڄاڻا، سُپِرِين! آيُمِ اولاڪو؛
پانڌِيا! پاراپو، ڏِجانءِ ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.
2
ڪَرَهو ڪَمِيڻيءَ تي، سوڍا! وارِ، سُڄاڻَ!
ڪُہُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي؟ تَنَ توهِين ڏي تاڻَ؛
لاهي غيرَ گُماڻَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيـين.
3
اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيـين، پرچِي پِيارا!
پَلَڪَ پَراهُون نه سَهَنءِ، جِيءَ جا جِيارا!
نِينهان نيزارا، سَڃِ، ته مانَ سُورُ لَهي.
4
پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا، سيئِي وِهاڻا؛
پَسِيو هَنڌَ، پَچي هِنئون، جي حَبِيبَنِ هاڻا؛
هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِيو موٽِيو تان نه مينڌِرو.
5
سوڍا! سُورَ سُڪائِـيُون، اَکِـيُون آبُ نه ڪَنِّ؛
راڻي جِيءَ رِهاڻِ کي، وِرُوڻِـيُون وَڃَنِّ؛
سي ڪِئَن، مينڌِرا! مَچَنِّ؟ جي تو سُورِيءَ چاڙِهيُون.
6
مُون گَھرِ اچِي جي ٿِئي، مينڌِرو مِهماڻُ؛
آڻي جھوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري وِجھان ڄاڻُ؛
تاڻي تَـنُورَنِ ۾، ڀيري هَڻان ڀاڻُ؛
پيڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گَھرُ تَڙُ گھورِيان پِرَ تان.
7
کوڙَ قناتوُن ڪاڪِ ۾، راڻا ويہُ رَهِي؛
ماڙهُو جي مَحلاتِ جا، سوڍا ڪَجِ سَهِي؛
وِيندِيَءِ ڳالِھ وَهِي، وِڪَرِ پَوَندين وَلھا.
داستان ستون
1
ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ! ڪاڻِياري ڪاڪِ ڪَري؛
آءٌ اَڳَهين آهيان، ٻَڌِي تُنهِنجي ٻولَ؛
توکي ساري، سُپِرِين! رُنُمِ مَنجِھ رَتولَ؛
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَہُ مُون وِهُ ٿِيا.
2
سوڍي سِرُ نِيو، هِتِ ڪَرَنگَھرُ سَکڻو؛
راڻي جي رِهاڻِ کي، سِڪي ساهُ پِيو؛
پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِءِ اَکَڙِيُنِ سين.
3
راڻي رِڻُ ڪَيو، جيڏِيُون! مُنهِجي جِيءَ سين؛
مَنُ مينڌِري وَڍِيو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِيو؛
ٻُجھان، ٻَهَرِ وِيو، هِنئون هَنڌِ نه هيڪِڙي.
4
رُئان ٿي، راڻا! هَنڌَ نِهاريو حُجِرا؛
پيئِي کِہَ کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا؛
ڌَرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ رِءَ وِهاڻا؛
جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِءَ ڪُوماڻا؛
مينڌِرا! ماڻا، تو رِءَ ڪَندِيَسِ ڪِنِ سين.
5
جِئَن ايندي ئِي موٽِئين، مينڌِرا! وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ؛
وَرُ نه هُئين؟ وَلَھا! هُوندَ جٽِي مون جاڳاءِ؛
ته سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا! سِگِھيائي ٿِيَءِ.
6
جڳ جِئَن تِي چوءِ، سوڍو تِئَن نه سِکِيو؛
راڻو تِئَن نه رُوءِ، ڳوڙهو جِئَن ڳَلِ ڳَڙي.
7
تِنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا؛
سوڍي رِءَ سَرِتيُون! ڪاڪِ نه اچي ڪَسِّ؛
راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيءَ جِئَن تاڻِيو.
داستان اٺون
1
ڪِينَ ساڱاهِيُمِ، سُپِرِين! جاڙُون ڪَيُمِ جالَ؛
سوڍا! مون کي ڪالَ، موٽِي مُنهَن ۾ آئِيُون.
2
خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلِ ٿِي مَتِّ؛
صَبرُ ٿِيو سُپَتِّ، مُنهِنجي حَقِّ، مينڌِرا!
3
ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگھاڙِي؛
ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪَيائِينمِ ڪاڪِ جو.
4
سوڍا! صَبرُ تُنهنجو، مَرَڪُ لَڄايُنِّ؛
چُپ سين جي چَوَنِّ، اَدَبُ ڪجي اُنِ جو.
5
سوڍا! صَبرُ تُنهنجو، سيکاري سَهَسَ؛
پُڄِي تِئان پَهَسَ، مون کي نَصِيبَ نيئِي جَھليو.
6
سوڍا! صَبرُ تُنهنجو، بي عَقُلَ آڻي بازِ؛
سندي صَبُرَ سازِ، توبَہَ ڪارِيَمِ تَڪڙِي.
7
جنين سندي مُنهَن ۾، نِهائِيُون نَڪَنِّ؛
تِئان وَڍِيو هيڪِڙو، ته ڪَهڙو ٿورو تَنِّ؟
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونهَنِّ، جن ڀـلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.
داستان نائون
1
راڻي جي رِهاڻِ مان، ڪو آديسِي آيو؛
چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، ڪَيو سامِيءَ سَهائو؛
لَٿو اُونداهو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سان.
2
راڻي جي رِهاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي؛
کَٿُورِيءَ خوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀِ واسي؛
سُوڌو سَناسِي، اُتانهِين ٿي آيو.
3
نَئون نِياپو آيو، راڻي مُلان راتِ؛
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ؛
ڪَهڙِي پُڇين ذاتِ؟ جي آيا، سي اَگِھيا.
4
ڪيڏانهُن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چَؤڏِسِ چِٽاڻو؛
مَنجِھين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِھين لُڊاڻو؛
راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.
5
ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چِٽاڻو چؤڌارَ؛
مَنجِھين ڪاڪِ ڪڪوري، مَنجِھين باغَ بَهارَ؛
ڪانهي ٻي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو.
 
 
سُر مارئي
داستان پهريون
1
’اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
’قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.
2
جَڏهِن ’ڪُن فَـيَڪُونُ‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين؛
تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟
هَمِيـرَنِ هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِــيُون!
3
نَڪا ’ڪُنۡ فَــيَڪُون‘ هُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛
نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ؛
هيڪائي هيڪ هُئي، وَحۡدانِّيتَ واهَ؛
لَـکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجھاندَرَ ڳاهَ؛
اکِــيُـن ۽ اَرۡواحَ، اِها ساڃاءِ، سُپِرِين!
4
’قَيدُالۡـماءِ‘ ٿِيومِ، هِتِ اَڙانگي گھارِيان؛
’هِناڪَ جِسۡمِيۡ وَالۡـفُؤَادُ لَدَيۡڪُمۡ‘، هِنئون هُتِّ سَندومِ؛
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙاڪو سِين مارُئين!
5
جَهِڙو ’ قَيدُالۡـماءِ‘، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو؛
’جَفَّ الۡـقَلَمُ بِـمَا هُوَ ڪائِنٌ‘، لَـهي نه تِـرُ تِئاءِ؛
عُمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائي ٿِئي آجِڙين!
6
رِءَ اِعرابِيُـنِ هِتِّ، گَھنگَھرُ گھارَڻُ مون ٿِيو؛
’بَڪَتِ الۡـعَيۡنَانِ فِـيۡ هَوَاڪَ دَماً‘، پُڄان ساڻُ پِرِتِّ،
مَنُ، اَکِــيُون، تَنُ تِتِّ، جِتي جَنَبُ جيڏِيـين.
7
هي هَنڌَ، ڀيڻِيـُون هاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيهِيُـن ري؛
’ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ‘، ٿي جِھڄان جھانگِــيُـنِ ڪاڻِ؛
ڀِرِي پَنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيـرَ جو!
داستان ٻيو
1
نَڪو ايرُ نه ڀيـرُ، نَڪو اوٺِي آيو؛
مون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائِران ڀَري پيـرَ؛
ڪِتابَتُون ڪيـرُ، آڻي ڏِيندُمِ اُنِ جُون؟
2
اوٺِي! ڳوٺِي آڻِئين، ڪو هُتي جو هِتِ هيـرَ؛
ته ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِــيَنِ سَرها سيرَ؛
آءُ ته اکِيين اُگھان، جي پائُرِ ڏِنَءِ پيرَ؛
اللهَ لَـڳِ لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ؛
ڪوٺِيين گهاري ڪير؟ مَحَلين مُنجھي مُون هِنئون!
3
جي اَمُرُ هَنيو اَڌَ ڪري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِيئَن؟
واڳِـــيُون جي وِصالَ سين، تنِين چاڙهي چِيهَن؛
رُئان راتون ڏِينهَن، جِئَن اُن جي وائِيءَ ۾ وَرَ گھڻا.
4
ٿَـرَ ٿـرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا؛
لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ؛
عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَهرِيو ٿي پَنَ چَران.
5
سَهَسين سيبا ڪَنجرِي، لوئِي ليِڙَ ٿِيامِ؛
اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪيامِ؛
جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تَنهنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَهائِيـين.
6
سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛
واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ؛
مارُوءَ جي مُهاڙِ رِءَ، اَندَرِ ناهِ اُڪِيرَ؛
هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙهِ وَڃان!
7
سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينهُن نه ڪَچوئي؛
کَٿِيءَ وَٽِــيُون کُٿِيـُون، سَتِي سِيڻي سي؛
مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، ته لڄائِيُءِ ٿَرَ ڄائِــيُون!
داستان ٽيون
1
پَٽولا پَنوَهارِيُون، مُورِ نه مَٿي ڪَنِّ؛
جهُ لاکَ رَتائُون لوئِــيُون، ته سالُنِئان سُونهَنِّ؛
اُنَّ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخِمَلَ بافتَنِّ؛
سَکَـرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنهِبَنِّ؛
جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.
2
آرَمَ هَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيرَ؛
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ؛
مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِــيُون جَهِڙيُون کِيرَ!
اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرينءَ پنوَهارَ جِي.
3
سونَ بَرابَرِ سَڳِڙا، مارُوءَ سَندا مُون؛
پَٽولا پَنوَهارِ کي عُمَرَ! آڇِ مَ تُون؛
وَرُ لوئي جي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.
4
سونَ برابرِ سڳِڙا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُّ؛
رُپو جنهن رَدِّ ڪَيو، ڪوڙ تَنهِين کي ڪَکُّ؛
مُون مارُوءَ جو مَکُّ، تيلُ نه لائِيان تُنهنجو.
5
تيلُ نه لائِيان تُنهنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِّ؛
ڪَرِيان ٻِي نه ڪَنِّ، آهَرَ اُنَهِين آهِيان.
6
ڪَرايُنِ ڪَڙورِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِّ؛
سو مَرَڪُ مارُوئَڙنِّ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
7
ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اسان کي سُوءَ؛
وَرُ جيڏِيُنِ سِين جُوعَ، فاقو فَرحَتَ ڀانــئِيان.
8
اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان.
9
وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛
ويڙهيا گُھمَنِ وَلِيين، جھانگِي مَنجِھ جَھنگَنِّ؛
مُون کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!
10
پَلُرُ پِيَڻُ اَوڇَڻُ اُنَّ، جن جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ؛
وِهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جِي اجوکِي اوطاقَ؛
پاڻُ نه پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ؛
عُمَرَ! اُوءِ نه عاقَ، ڏُکِيا جِمَ ڏُکوئِيين.
11
جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛
سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.
داستان چوٿون
1
مينڍا ڌوءِ مَ مارُئِي، پييَسِ پَنوَهاريون چِتِ؛
راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتيجي هِتِ؛
آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَــپَتِ؛
وينگسِ ويڙِيچَن رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ؛
سُومِرا! سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽيان نِڪَري.
2
محلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِــيَمِ مُنهَن مَلُورَ؛
اَڻِڀا سَڻِڀا نه ڪري، سُونهَن وِڃايَسِ سُورَ؛
پِيَسِ لوهَ لَطِيفُ چئي، لَٿَسِ ڪوڏَ، ڪَپُورَ؛
چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نه ڪنديون.
3
ڪريو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:
”سُهِجُ سُورِي ڀانئِيان، سُومِرا! سَندوءِ؛
مِلڪَ مارُوءَ جِي آهِيان، جورِ نه ٿيان جوءِ؛
سو قَلَبُ ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتيجَنِ هَٿِ ڪيو.“
4
بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛
مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.
5
لِنگڙِياري لوءَ ۾، جنِين لَءِ ٿِياسِ؛
تنِين تِـرَ جيترو، پَلَڪُ نه پُڇِياسِ؛
جَھروڪَنِ جھورِيو هِنئون، ڪوٺِــيُنِ آءٌ ڪُٺِياسِ؛
مارُنِ مُنجَّھ مُياسِ، ناتَ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِي.
6
جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، ته سڀاڳومِ سَنئون،
نِتُ نِتُ آهِ نَئون، مون کي پَسَڻُ پنوَهارَنِ جو.
7
آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.
داستان پنجون
1
سُونهَن وِڃايَمِ سُومِرا! مارُو مَسَ مَڃِينِ؛
ڏُنگا ڏاڏي پوٽِيين، ڪِنِ ڏنا، ڪي ڏِينِ؛
جي مان لوهَ لاهِينِ، ته ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هُئان.
2
سُونهَن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ؛
وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.
3
سُونهَن وِڃايَمِ سُومِرا، ٿيندِيَسِ ڪِئن قَـبُول؟
ڪونهي سُهڳُ نه سُولُ، پُوچي مُنهُن پنوَهارَ سين!
4
تِنِ مُنهَن موچارا مارُئين، مَلِيرُ جنِين ماڳ؛
ناقِصَ نوازي گَھڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ؛
اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي هِيئَن ٿِيو.
5
ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِين جو اَڀاڳُ؛
’قُلۡ لَّنۡ يُّصِيۡبَنَآ اِلَّا مَا ڪَتَبَ اللهُ لَنَا‘، اِيُ مَعذِرَتَ ماڳُ؛
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.
داستان ڇهون
1
جَھڙِي آيَسِ جِيئن، جي تهڙِي وَڃان تِن ڏي؛
ته لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندُنِ اُٺا مِينهَن؛
ماڙِيءَ لَـڳُمِ مِهڻو، سڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن؛
ٿِــيَسِ ڪاڻِياري ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هِيئَن؛
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئن، مَنهَن مارُوئَڙَنِ جي؟
2
هيڪُ جِئن نه ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مران؛
گَھنگُھرُ گَھڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.
3
سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومِرا! مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ، مِيرَ!
ٿورين گَھڻين ڏِينهَنڙين، وِيندِيَسِ هُتِ هَمِيرَ!
مَڇُڻِ مَنجِھ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿانهون نه کَڻان.
4
مَ سَپَـنِي مارُئِي! مُئِي! مَ ڄائِي؛
جنهن اَچِي عُمَرَڪوٽ ۾ لوئي لڄائي؛
جا سانگِــيُنِ سِيڏائِي، سا ڪِينَ مَرڪي ماڙِيـين!
5
اَلا! اِئَن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾!
جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ؛
پَهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَنڙا!
6
آءٌ بَندِياڻي بندَ ۾، ڪِ ڪي پِيَسِ بَند؟
مُنهِين لڳو مَهڻو، ڪِ مُنهِين ڪَڙو ڪَنڌِ؟
مَران جي هِنَ هَنڌِ، ته نِجانءِ مَئِٿُ مَلِير ڏي.
7
واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ڏِيان ساهُ؛
بُتُ منهنجو بَندَ ۾، قيدِ مَ ڪريجاهُ؛
پَرَڏيهِياڻي پِرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاهُ؛
ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاهُ؛
جي پويون ٿِئي پَساهُ، ته نِجانءِ مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
8
واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ساهُ ڏِيان؛
هِيُ سِرُ ساڙيہَ سامُهون، مُنهِنجو نِج، ميان!
مُقامِياڻي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان!
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
9
واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
10
ڳِچِيءَ ڳانا لوهَ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛
پَيڪَڙا پَيرنِ ۾، ڪوٺِــيُن اندَرِ ڪِيرَ؛
چارِي چؤگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛
ڇَنِ نه ڇَڄي آهيان، اهڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ؛
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَهارِ کي.
11
زيرِيـين ٻيڙِيـين لوهَ ۾، ڳَٽَنِ ڪَيَسِ ڳاهُ؛
سَنڪي سَندي سُومِري، هَڏِ نه چاڙهِيُمِ ماهُ؛
سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاهُ، ته ڀَـرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي.
12
ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي، جَنهِن ۾ اڇِي اُنَّ؛
ته پڻُ ويٺي وِنڌِيان، توڙي پَوَنـِسِ تُنَّ؛
غافِلُ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجِھ اَمُنَّ؛
سَرتِــيُنِ ساڻُ سَمُنَّ، آهِمِ اُٺي مِينهَنڙي.
داستان ستون
1
پنوَهارَنِ پاٻوهِيو، وَرِيا واهُندا؛
سارِيَمِ سيڻَ سَيَّدُ چئي، گاڏيلِيُون گُندا؛
ڀِٽُن ڀَرِ هُندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
2
پَنوَهارَنِ پاٻوهِيو، ڪي وَسَ واهُندَنِّ؛
لَٿو سِيُّ لَطِيفُ چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦرَنِّ؛
اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئَرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِّ؛
عُمَرَ! اُنَّ اَگُندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِّ؛
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَنِ نوراپَنِّ؛
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِّ؛
ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِّ: ”مَلِيرِ گُهرجي مارُئِي!“
3
آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيهاڻِي، سُومِرا!
سَٿا ڪَيو، سَيَّدُ چئي، سائُون سُڪائِينِ؛
مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چائُرَ ڪَيو چاڙهِين؛
پُلاءُ نه پاڙِين، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
4
تِن وَنِهيَنِ ويڙِيچَن ۾، سَدائِين سُڪارُ؛
چُنڊِيو، آڻِيو چاڙهِيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ؛
جن جو ويڙِنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هوُنِ نه ڏُٻِرا.
5
ٿوري قُوتَ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِّ؛
کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اهَڙِيءَ ڀَتِّ؛
پَنوَهارَڪِي پَتِّ، پيهِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.
6
نَڪا جَھلَ نه پَلَّ، نَڪو رائُــرُ ڏيهَه ۾؛
آڻِيو وِجَھنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گُلَّ؛
مارُو پاڻَ اَمُلَّ، مَلِيرُونِ مَرڪَڻو.
7
مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛
کُڙِيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پَگَھرُ سِرِ پيرَنِ؛
اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَـکِيا.
8
دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو؛
ڪوڙِيـين اَڏِيان ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تو؛
جي مُلِ نه آيا، مارُئِي! تنِين رَڙُ مَ رو؛
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پنوَهارنِ ۾.
9
سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛
ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛
هِنئو مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛
پَکَنِ منجِھ پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.
10
سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين منُّ؛
هَڻِي کَڻَ حِلِمَ جا، تَہَ وِڌائِين تَنُّ؛
ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِي اِبرَ ري؟
11
پاڇاهِي نه پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ؛
ڍَڪي اُگھاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪيائِين پاڻُ!
ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اَوصافَ کي!
داستان اٺون
1
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
’ڪَنان عَهدَ اَلَسۡتَ‘ جي، ڪِ تِهائِين پَري؛
’لَمۡ يَلِدۡ وَ لَمۡ يُوۡلَدۡ‘، مارُئِي ڪوهُ ڪَري؟
اَڄُ ڪِ ڪالهه مَري، ساري سانڀِيَڙَنِ کي!
2
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
جن ٿي پَي پِياريو، مَنجھان سِڪَ سَري؛
وَنهِيَنِ ويڙِيچَن جي، سِٽائُنِ سَري؛
ٿَرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِيَڙا اُڪِري.
3
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪينَ وَرَنِّ؛
’لَـيۡسَ ڪَمِثۡلِہٖ شَيۡءٌ‘، پَسَڻُ ناهِ پِريَنِّ؛
پَکا پَنوَهارنِّ، نيئِي اَڏِيا ناهِ ۾.
4
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ؛
اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي موهَ؛
ويرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَھڻو صُبُوحَ؛
وَرُ سي کارا کُوهَ، سِنجيَمِ جي ساڙيہَ جا!
5
بِيـَرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَهُون؛
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ وير وَهُون؛
پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون؛
ڏِينهان ڏينهن نَئون، مُون کي وِرِهُ ويڙِيچَنِ جو.
6
آڌِيءَ اُٿَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَ ۾؛
وارو ويسِرُينِ ڏِينهان ڪونه ڏِئي؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي وِيا!
7
سَرِتِيُنِ سِنجَڻُ ڇڏِيو، سَتِيُنِ ڳالِھ سُئِي؛
ماريچِي ماڙِيُنِ ۾، ڪَڏَهِن ڪانَ هُئِي؛
عُمَرَ! آءٌ نه مُئِي، ان اوڀالِيان اَڳَهِين.
8
ڀِـنِيءَ جي ڀُوڻَنِّ، ڀيڄَ ڀُـڻِڪو نه سُڻانِ؛
سِنجَڻَ وارِيون سُتِيُون، وڃِي ويڙهِ وَرَنِّ؛
پِيا سيٽَ سَڙَنِّ، تَرَهي ٻِنهي ڪنڌِيين.
9
عُمَرَ! ٿِـيَمِ اَپارَ، وِرَهُ وَٽِيان ڪِنِ سين؟
ڏوٿِـيَڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جِن تَنوارَ؛
سِٽائُون سَنگھارَ، کُوهَنِ تان کَڻي وِيا.
داستان نائون
1
جُھڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا؛
هِنَ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ؛
جيڪُسِ آءٌ وِسِرِيانِ، مارو قُوتَ قَرارِيا.
2
جُھڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيها، چِلُڙَ چِڪَ؛
اَندَرُ ٿو اُڃَ مري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ؛
پِيَهُون شالَ پَهيُون ڀري، تِئان ڏيئي تِڪَ؛
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائي گھورِيا!
3
ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهِيَنِ مارُوئڙَنِ جا؛
پائُـرُ سَڀِ پَچِي پِيو، گَھرِ گھارِيندي ڪيرَ؛
ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِنئون.
4
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِهين وَڳَ وارِينِ؛
ڇَڇِيا ڇيڪاريو ڇيلِڙا، پَٽين پَهرائِينِ؛
نيڻَ مُنهِنجا اُنِ کي، جَھجھو جَرُ هارِينِ؛
تاڙا تَنوارينِ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
5
هِنَ مُندَ مارو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشِحالَ؛
سائُون، سِيارِڇُ، مَکَـڻِي، جيڏِيُون! آڻِنِ جالَ؛
سَتِيءَ جِي سَيَّدُ چئي، ڪا ساڙيہَ مَنجِھ سَنڀالَ؟
لِڱَنِ تان، لَطِيفُ چئي، لوئِي لاهِ مَ لالَ!
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
6
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَـرَ ڍارَ رَهَنِّ؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِّ؛
هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُرَ مَنجِھ کِلَنِّ؛
کاٽُونبا کاڄَنِّ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
7
سَدا جِنِ پَرياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ سين؛
مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِيَڙا ٿَرِ اُڪِرِي!
8
پاسا پولِڙِيُنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻيئِي؛
اَکِيون، نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي؛
ڏُورِ ٿِيا ڏيهي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!
9
ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَھلَّ، پِپُون پائُـرَ وَٽِ ۾؛
سيئِي سارِيو، سومِرا! اَچي آبَ اُڇَلَّ؛
سانڀِيَنِ ڏِنَمِ سَلَّ، ڏِٺي جِن ڏِينهَن ٿِيا.
10
جُهران جِهڄان تي، جِئَن پَسَڻان پَري ٿِيا؛
اَلا! اوٺِي آڻِيـين، جو کِينءِ جِي خَبَرَ ڏي!
مَنَ مُنهِنجي کي، واڪو لَهي ويڙِه جو!
داستان ڏهون
1
اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِينءَ واڌايُون آيُون؛
لَٿِي لوئِڙِيارِيـين، مِڙَنِي مُنهَنِ ڪاڻِ؛
صُلحُ وارِيو سُومِري، چَئِي پَنوَهارَنِ پاڻِ؛
هَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُهتُ لَهَندِينءَ مارُئِي!
2
اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيَ کَرِي؛
وِساريجِ مَ وَرَ کي، پَــئِجِ مَ مُنڌَ! مَرِي؛
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينهُن آهِين ڪوٽَ ۾.
3
ڪو ڏِينهُن آهِئين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاهِ؛
ڪامَڻِ! اَهِجي ڪُرَ جي، اَڏِ وَڏائِي آهِ؛
هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪِڙو، پائُرَ جي پَساهَ؛
سَتِي! سِيلُ نِباهِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
4
سي ساهيڙِيُون ساريِنِ تو، سِيلُ جنِين جو سَچُّ؛
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجِ سونَ کي.
5
ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچ جِنِين جو سِيلُ؛
نَڪو قالُ نه قِيلُ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
6
جو ڏيہَ ڏاڏاڻِيان آيو، ڏِنُمِ تَنهِن طَعنو:
”پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو؛
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئي، کانءِ مَ خَزانو؛
سَرتِيُنِ سِيلُ چَوايو، جورِ هَڻِي جانو؛
ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي هيڪِڙي.“
7
مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪَهڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون؟
چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِيَنِ رَتَ ڄَيُون؛
نيڻين نِنڊَ وِهُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون؛
هِتي جي هُيُون، ته سُڌِ پِيـيَنِ سِيلَ جِي.
8
”سَتِي! تُنهِنجي سَتَ ۾، ڳالِھه گُهرجي ڳَچُّ؛
وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُّ؛
ساڻُ اَمانَتَ اَچُّ، ته ٿِئين سَمانِي ساڙيہَ ۾.“
9
جانڪِين سَتِيُنِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾؛
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نه نِيرُ؛
جِئَن هُوءَ اَبرَ آسِري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ؛
کائُـرَ پِيَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
10
جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، آهِينِ اَبرَ آسِري؛
جِئَن ڪُنجُون سارِينِ روهَ کي، مُون تَنَّ اندرِ تِيئَن؛
هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتِ نه ڀانيُمِ هِيئَن؛
ڪوٺيُنِ وِهان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نه هُئان؟
11
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبرُ آساروسِ؛
ٻاڙو پِئي نه ٻِپُڙِي، مِٺو مُنهِن لَڳوسِ؛
ماڻِڪُ تي مِڙيوسِ، جِئَن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.
12
سِکو سَڀِ، سَرتِيُون! سِپُنِ مُلان سيرُ؛
ٻِيو مَٽائي نيرُ، اُڀِيون اَبرَ آسِري.
داستان يارهون
1
مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو؛
وَرِيا واهارُو، هاڻُو سَڀِ هِيڻا ٿِيا.
2
پَهِي سُکَ پيرَنِ کِيہَ! ڪو نِينهَن نِياپو مارُئين؟
اَتِ اُڪَنڍِي آهِيان، تَنهِن آتَڻَ، تَنهِن ڏيہَ؛
سَندِي جا ساڙيہَ، کِہَ کَٿُوري ڀانـئِيان.
3
سَکَرِ سيئي ڏِينهَن، جي مُون گھارِيا بَندَ ۾؛
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينهَن؛
واجھاڻِـيَس وِصالَ کي، ٿِـيَس تَهِوارُون تِيئَن؛
نِيَرُ مُنهِنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
4
عُمَرَ! اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهيِن ڏيہَ جا؛
پاراڀا پِرِيُنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ؛
لهِي لوهَ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
ابيات متفرقه
1
جُه سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين ڀَرِ رَهَنِّ؛
مارُو منجِھ ٿَرَنِّ، رَهِي رَهَندا ڪيترو؟
2
جُه سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين سندِيءَ ڌِيرَ؛
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنهِن دَرِ ڏِيندا دانهَنڙِي؟
3
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران!
پاڻِي واري پانهِنجو، ويندِيائِي وَران!
ٿورو مَنجِھ ٿَران، هُندَ لَڳي لوئَڙيارِيـين!
4
ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿيروئِي خُوبُ؛
ميروئِي محبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.
5
مُنهُن مُنهِنجو سُومِرا! مَرُ ميروئِي هوءِ!
متان مارُو چوءِ، ته ڌوتوءِ ڌوراڻَنِ ۾.
6
جِت کَـرَڙَ، کَٿا ۽ کاهِيُون، پالَ، پَڪا ۽ پَڪَّ؛
سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَّ؛
مارُوئَنِ سين ماڻِيان، شالَ مُندائتِي مَڪَّ؛
کِنڪارِيان خَلَقَّ، جا ٿَـرَ ڄائِي ۾ ٿوُهَرين.
7
جي هِتِ هُئِي مارُئِي، ته لَڌِيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ؛
ارداسِيُمِ عُمَرَ کي، ويجھو ٿي وَٽانسِ؛
جي نه ڇَڏِيائِين ڪِ جَھليائِين، ته پنهنجو اَنگُ آڇِيانسِ؛
لاهي لوهَ لَطِيفُ چَئي، هِتان هُندَ هَلانسِ؛
موکي مَلِيرَ سامُهِين، وَٺِي ٻانهَن وَڃانسِ؛
رَهِبَرُ ٿِي ريڙِهيانسِ، سُنهاري ساڻيہَ ڏي.
8
جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِھ ڳَنڍِيرَ، تِئن مُون مَنِ مارُوئَڙَنِ جُون؛
ڏِنيُون لَسَ لَطِيفُ چَئي، هِنئڙي کي هَمِيرَ؛
وَڃِي مَنجِھ مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِينديَسِ سُومِرا!
9
سُڻِي ساڻيہَ ڳالَھڙِي، لَهِي وِيا لوهَ؛
اَندَرَ جا اَندوهَ، لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا.
10
توکي توڙائِين لِکِي، عُمَرَ! اَڇائِي؛
جنهن تو سامائِي، مامَ نه ڀَڳي مارُئين.
11
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ؛
تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ؛
پَهُچَندِينءَ پَنوَهارِ، سِگِھي سنگھارَنِ کي.
12
اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنهِيَن ويِڙيچَنِ جا؛
سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛
مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنهِنجا ڪَپِيا.
 
 
سُر ڪاموڏ
داستان پهريون
1
تُون سَمو، آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ؛
پَسِي راڻِـيُنِ رُوءِ، مَتان ماڱَرِ مَٽِئِين!
2
تُون سَمو آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ؛
پَسِي لِيَّ لَغارَ، متان مَاڱَرِ مَٽِئِين!
3
تون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي ، آءٌ مُهاڻِي مَي؛
مُون کي ڏُهاڳُ مَ ڏي، آءٌ جا نالي سُيَسِ تُنهنجي.
4
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ گَندِري غَرِيبِ؛
تو سين ڄامَ! قرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
5
کِکيءَ هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ؛
پاندُ جنِين جي پاندَ سِين، لَڳو ٿِئي لَڄَ؛
سَمو ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.
6
ڪارِيُون، ڪوجِھيون، ڪُوڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون؛
وَٺِـي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکيءَ جُون کارِيُون؛
اُنِين جُون آرِيُون، سمي ري ڪيرُ سهي!
7
گَندُ جِن جِيءَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ؛
اُنِين جِيءَ اوطاقَ، راڄا رِيجِھي آئِيو.
8
ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُهاڻا مَحرُومَ؛
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِريءَ، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ؛
جي ڪِنجُھرَ، جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.
9
نه وَڍي، نه وِڪِڻي، نه ماري نه ڌاري؛
کارو وِڌائِين کُوهَ ۾، نِرِتُون نِهاري؛
سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
10
نه وَڍي نه وِڪِڻي، نه کَڻي ۾ کاري؛
اُهِجَ، سُهِجَ ساهِمِيُون، ڌُرِيان نه ڌاري؛
سائي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
11
پاٻوڙو پيشِ ڪَيو، نَئون نُورِيءَ نيئِي؛
حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سڀيئِي؛
نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙهِي گَندِرِي.
12
مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گاءُ؛
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجھايائِين راءُ؛
سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
13
نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَھلُ هوءِ؛
سَمو سِرُ سَڀِنِ ۾، مي مُورِڇِيو سوءِ؛
اَچيو اُڀِـيَن پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
14
هَٿين پيرين آرِکَڻين، مُنهِن نه مُهاڻِي؛
جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي؛
اَصُلُ هُئي اُنَ کي، اَهۡلَ ڄاماڻِي؛
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهَن ۾.
15
تَهِڙو ڪِنجُهرَ ڪِينَ ٻِيو، جَهڙي سُونهَن سَندِياسِ؛
مَڏَ، مِياڻِـيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي هَڻي.
16
کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
وَرُ سي ڪِنجُھرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.
وائي
هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽِينِ وِچَ ۾.
نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين.
گَندَگِيءَ گوشو ڪَيو، عَطُرَ اوتَ اوتِيائِين.
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائين.
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونه مَٽِيائِين.
قِيمَت ڪَمِيڻَن سين، جَهِڙِيءَ وَٽَ وَٽِيائِين.
موتِي مڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.
ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين.
ڏيئِي سونُ سُوال ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين.
پاڻِـيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين.
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گھوري سَڀِ گھورِيائِين.
اُتي عَبۡدُاللَّطِيفُ چئِي، اُڇِلي اَمُلَ ڏِنائِين.
داستان ٻيو
1
سِرُ سَلابَتَ سُپِرِين، مَرَڪَڻَ! تُون مَ مَريجِ؛
آهِيين ٺارُ اَکِـيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ؛
تَماچِي تڳيجِ، ڪو ڏِينهُن ڪِنجُهرَ ڪَنڌِيـين.
2
هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.
3
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي پِرِين سَندامِ؛
ڪوڙِيـين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَ رهِيو.
4
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِّ؛
وَرِئي واهُوندَنِّ، ڪِنجُهرُ کَـٿُورِي ٿِئي.
5
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون؛
ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄُٻيرِنِ وِچَ ۾.
6
نُورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تَماچِي تي؛
گاڏِيءَ چاڙهيءَ گَندِرِي، ماڙِهُو ڪَيو مي؛
ڪِنجُهرِ چُوندا ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالَھڙِي.
7
ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تِن جِي نِرِتِ نُورِيءَ کي ناهِ؛
نه مَنَهِن نه مارِڪي، نه وَڃَنِ ڪنهن وِهانءِ؛
سي ڪِنجُهرَ ڪَندِيُون ڪانہِ، جِن تَماچِي تَڪِيو.
8
نه ڪَنهن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ؛
نَنڍِيءَ وَڏِي گَندِرِيءَ، سَڀِنِ آهِ سِياءُ؛
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُولَدۡ“، اِيُ نِجابَتَ نِياءُ؛
ڪِبِرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِي ڄامَ جو.
9
پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو؛
گُوندَرَ لاهِيو، گَندِرِيُون! آتَڻَ اُجارِيو؛
ڪِنجُهرُ قَرارِيو، سَمي سامَ بَخشِي.
10
ڪو جو ڪامَڻُ مَي، آهي اکَڙِيُنِ ۾؛
تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني؛
عِشقُ اِئَن ڪَري، جِئَن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪَيو.
 
 
سُر گھاتو
داستان پهريون
1
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَتِ مَهائِيين؛
وِيا گَڏجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهِن مَهراڻِ؛
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسري.
2
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پئِي؛
اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجَهه وَهِي؛
ڪَلاچِيان ڪَهي، ڪَڏَهِن ڪونه آئِيو.
3
ڪو جو قَـهَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي؛
خَبَرَ ڪونه ڏِئي، رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
4
ڪالھ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کڻي ڇُڳيرَ؛
ڀائِرَنِ ڀيرو نه ڪَيو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ؛
اهڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَّ ورائي جَھـلِي.
5
تَرِيُون پَسان نه تارِ ۾، جُھڳا جاءِ نه ڪَنِ؛
مادَرِ! ملاحَنِ، ماڳِ نه ڍويا مَڪُڙا.
6
ڏِهاڻِي ڏِٺَمِ ڪيتِرا، جنِين مارِيو موڪَ؛
گَھرَ ۾ گھاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارينِمِ ٿوڪَ؛
لَڏي وِچان لوڪَ، اُونهي ويا اوهِرِي.
7
اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جَھليو ڪُنَّ ڪِنارَ؛
گھاتُو گَھرِ نه آئِيا، وَڏِي لَڳِـيَنِ وارَ؛
هُيَسِ جنِين هارَ، سي موڙي چَڙِهيا مَڪُڙا.
8
جِتي گھورِيو گھاتوئِين، تِتي وارِيءَ بُٺَّ؛
سَهسين ساٽي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
9
مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، اللهَ! گھاتُو آڻِ،
مِيان! مُدارَنِ سين، مونکي، قادرَ! وِجُھ مَ ڪاڻِ؛
هَٺَ مُنهِنجي هاڻِ، قَدُرُ لِڌو جِنِ ري.
10
اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيَ پَرِ گھاتُوئڙَنِ جي؛
ڪُنَّ ڪلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نه سُتا ڪَڏهِين.
11
گھورِيندي گھورِپِيا، اَگھورِ گھورِيائُون؛
مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهَن سَنَرا.
12
جِئَن جُھڳا پائِيين جھولَ ۾، اِئَن نه مَرَنِ مَڇَّ؛
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِـيُون رَڇَّ؛
هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.
 
 
سُر سورٺ
داستان پهريون
1
اَللهَ جي آسَ ڪري، هَليو هِيائِين؛
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُھوڙا ۽ جھائِين؛
ڏولِي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين؛
وَينَتِي واحِدَ دَرِ، تَنهِن ويرَ ڪَيائِين؛
”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجھائِين راڳَ سين.“
2
”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، هلِي آيو هُون؛
اُونچو تون عرشَ تي، آن ڀورو مٿي ڀُون؛
ڪِيئَن تُسَندين تُون؟ هِيُ سِرَ سوالِي مَڱَڻو.“
3
”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، سُڻَي آيُسِ شانُ؛
مَڱان ڪَهڙِي مَتِ سين؟ نِسورو نادانُ؛
سو ڪو ڏِيارئِين ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.“
4
”سَردِيءَ سالِمُ نه رَهان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ؛
اَمَنُ ڏيجِ اَمانَ تون، سائِلُ هَڻي سازُ؛
رَبابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.“
5
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا: جاجِڪُ وٺي جِيُّ؛
ڪَنان ’نارٌ حامِيَہ‘، هاڻِ بَچائِجِ هِيُّ؛
والي! ڏِياريئِي وِيُّ، جِتِ آهي ’جَنَّاتُ عَدۡنِ‘.“
6
”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنهِنجي دَرِّ؛
سُونهارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنهِنجِي ڪَرِّ؛
ڀلا! ڀيري ڀَرّ، پالهو پاندُ پينارَ جو.“
داستان ٻيو
1
جاجِڪُ جُھوناڳَڙہَ ۾، ڪو عَطائِي آيو؛
تَنهِن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهِي وَڄايو؛
شَهِرُ سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو؛
دايُون دَرِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو؛
چارَڻَ ٿي چايو، ته مارِي آهي مَڱڻو.
2
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَّ؛
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَّ؛
رازُ ڪَيائِين راءَ سين، ڪَنهِن موچارِيءَ مَهَلَّ؛
”اَنَا اَحۡمَدُ بِلا مِيمِ“، سَينَ هَنئِي سائِلَّ؛
ڪَنهِن ڪَنهِن پَيئِي ڪلَّ، ته هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
3
ڪِنِين ڪِنِين ماڙُهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي؛
رَسيا جي رَمۡزَ کي، تن پارسِي پائِي؛
”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“ ورتِي اِيَ وائِي؛
راجا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
4
سِرَ جِي هُئائِين هَليو، چارَڻُ چِتائي؛
سو مُوڙا جَھلي نه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي؛
”تو دَرِ آيُسِ تي، جِئَن تو ناهِ نه سِکيو.“
5
”جي مِيراثِي مَڱـڻا، آءٌ پُڻِ مَنجھان تَنِ؛“
ڪِي ڪَہُ مُنهِنجي ڪَنِ، اِرۡثَ مَنجهاران اُنِ جي.“
6
”ڪا جا ڳالِھ ڳَرِي، ٻِيجَليا! ٻُڌاءِ مُون؛
پيٺين جِئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري؛
ڪِ تو پَنڌُ پري، ڪِ مَڱَ جَھـلِيندين؟ مَڱڻا!“
7
”مَڱَ نه جَھـلِيان مُورَهِين، نه مُون پَنڌُ پَري؛
ڳَـڻِي آيُسِ ڳالَھڙِي، ڳُجِھي تو ڳَري؛
سا سَمجِھج سورَٺِ وَرَ! وِيندُسِ ڪِينَ وَري؛
پَريان پيرَ ڀَري، تو لَءِ آيو آهِيان.“
8
سِرُ مَڱي سِرُ گُھري، سِرَ رِءَ ٿِـئي نه صلاحَ؛
غَرِيبَنِئُون نه گُذِري، ٿو ماري مِيرَ مَلاحَ؛
نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَ؛
خالقُ سَنجِھ صُباحَ، ڪونه ڇَڏيندو ڪِٿَـهِين.
داستان ٽيون
1
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ؛
راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ؛
”آءُ مٿاهُون مَڱـڻا! مُقابِلِ مَيدانَ؛
گھورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تُنهنجي قَدمَنِ تان قُرِبانَ؛
مَٿو هِيءُ مِزمانَ! هَلِي آءُ ته هِتِ ڏِيَنءِ.“
2
”آءُ مٿاهُون مَڱڻا! چڙهي ۾ چَؤڏولَ؛
توکي گھوٽَ گُھرائِيو، راڄا مَنجِھ رَتولَ؛
ٻيجَلَ! توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.“
3
مَحَلين آيو مَڱـڻو، کَـڻِي سازُ سِرِي؛
لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي؛
هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي ٻِيجَلَ! دانهَن ٻُرِي؛
سِسِي تَنهِن سُلطانَ کان، اچِي گھوٽَ گُھرِي؛
جُهونا ڳَڙهُ جُھرِي، پُوندي جھانءِ جَھروڪَ ۾.
4
ڏاتارَ ۽ مَڱـڻي، ڪونه وسِيلو وِچِ؛
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ؛
جي هِتي جي هُتِ، ته ڳالھِ مِڙِيائِي هيڪِڙِي.
5
”جاجِڪَ! تو جُهارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ چئي؛
جَنهِن ۾ مالُ نه مِرِيءَ جيترو، تَنهِن تون طَمَعَدارُ؛
جي اچيئِي ڪَمِ ڪَپارُ، ته وِيہَ ڀيرا وڍَي ڏِيَنءِ.“
6
”ٻيلي! ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا؛
چوري رَکِـيَم چِتَ ۾، ڏِسِيُنِ جا ڏاتارَ؛
هِيُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنهِن نه ٻولِيو.“
7
”سو جِيُ، مَڱَـڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهِن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو؛
جو مُون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ؛
تان جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.“
8
”مَٿو مَٿائِين گھورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ؛
هَڏو هِيُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ! وَهِلو جاءِ؛
تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهِين.“
9
”مَٿو مُورِ نه پاڙِيان، تُنهنجي تَندُ تَنوارَ؛
سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناهِ ڪِي، موٽُ مَ، مَڱـڻهارَ!
ڪِينهي منجِھ ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاهِيان.“
10
”سؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان؛
اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِـئي، جيڏانهن ٻِيجَلَ ٻُرائي؛
سَکِـڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪِي.“
11
”مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُوَنِ ڪَپارَ؛
ته وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ؛
ته پِڻُ تَندُ تَنوارَ، مُوهان مٿائُون، مَڱـڻا!“
12
”جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اِي سِرُ سَڀِڪو ڏي؛
ڪِي نانہِ جَهِڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿِـئي سُواليِـين.“
13
پَسِي پاٽُ پُرِ ٿِيو، سندو جادِمَ جُودُ؛
مَڱَ وِهاڻِيءَ مڱڻا! مَٿو هيرَ مَوجُودُ؛
بَلَڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ، نابُودُ ۾.
14
چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا؛
صَدا جي سَيَّدُ چئي، وائِي ڪَيائِين واتا؛
تَنهِن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وڏِيءَ داتا؛
مَرڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچَ جي.
داستان چوٿون
ا
رِءَ مَصلِحَتَ مَڱـڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ؛
نُورُ تَجَلَّو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِّ؛
خِيمي ۾ کَنگھارَ جي، چانڊُوڻا چِمِڪَنِّ؛
لَڌائِين لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ؛
تيلان مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱـڻهارَ کي.
2
”مَرُ ته آئين، مَڱـڻا! مامَ پَرُوڙِي مُون؛
جيڪا ڳاهَ ڳالهائِيين، سا سَڀِ سَمجهِي سُون؛
تَنهِن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِي پَوَيئِي پَٽَ ۾.“
3
”چارَڻَ! تُنهنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ؛
هَڻِي آيو هَٿَن سين، جِئَرو رکِيو جِيُّ؛
راتِ مُنهنجو رِيُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.“
4
”تانُ نه آهي تَندُ جو، رُون رُون ڪري رازُ؛
هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀِڪو چئي سازُ؛
سَٽَ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيُ، ته ٿوڪُ پِرائِيين.“
5
”تَندُ تُمارِيءَ تانُ، ڪَهِيو سو قَبُولُ پِيو؛
سِرُ ته آهي سَٽَ ۾، پَرَ ٻِيو ڪِي مَڱِجِ دانُ؛
خاڪِ، مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُھ نَهِين.“
6
”چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، گُهرِيُءِ سو گھورِيان؛
گَهرُ، سورَٺِ نه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان؛
ڳُجِھي آهِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري، تان اورِيان؛
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان؟ ڪِ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَنءِ؟“
7
ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛
”تَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛
اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!“
8
ڪَنجهي ڪيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتي؛
هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنهِن پارِسَ پيراتِي؛
ڏِسَنديئِي ڏِياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي؛
ڪَڍِي تَنهِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾.
9
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِـيُون پِٽِينِ؛
سَهسين سورَٺِ جَهِڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رَمَگيو!“
10
سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگھارَ؛
ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ؛
سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پسو! راڄا راضِي ٿِيو.
 
 
سُر ڪيڏارو
داستان پَھريون
1
ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛
ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
2
مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛
مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين!
3
مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛
ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا.
4
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.
5
سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
داستان ٻيو
1
چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
2
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
3
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛
ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛
سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِهَ سُپِرِين.
4
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
5
دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.
داستان ٽيون
1
ڏِٺو ڪـالَھ ڪَـنھِين، جُھونجھارِڪـو جَھـڳِڙو؛
ھـاٿِيُنِ ھَڏَ مُڇـائِيا، ريلو رَتَ نَـئِين؛
ڀانـئِنِ سـا سَنئِين، جِئـان جِيءُ جوکو ٿِـئي.
2
آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
3
ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.
4
بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛
وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛
ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.
5
ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛
سُرِنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِّ؛
گھوٽَنِ ۽ گھوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
6
گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.
7
جِھمَندِيُون اَچَنِ، جھوليُون جُھونجھارَنِ جُون؛
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛
پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو.
8
”ڪانڌَ! ڪَلارين ڪَپڙين، وَرَ! وِناھِيو آءُ؛
جِتِ سانگِيُنِ جِي سَٽِ وَھي، اُتِ وِکَ وَڌندِي پاءِ؛
نان تان ڀَؤ مَ ڀاءِ، جان جان نُوڌين نه چَڙِھِين.“
9
’ڀَڳو‘ آئوُن نه چَوان؛ ’مارِيو‘، ته وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
10
مُنهَن مَٿاھان جن جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پاَر؛
”جيڏِيُون! ھِنَ جُھنجھارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪَيا.“
11
مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ!
ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا.
داستان چوٿون
1
ڪا جا ڍُرِي ڍُنگرِي، ڪو جو وَرِيو واءُ؛
عَلِيءَ شير وِياءُ، رِڻَ ۾ پِيَن راتِڙِي.
2
جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن.
3
ڪُوفِيُنِ قَھِرُڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين؛
پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَہُ وَرِ پِيو؛
سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو.
4
ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛
”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.“
5
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!
6
پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي؛
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنهِن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛
”ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَّدَ عَرَبِي!“
داستان پنجون
1
حَسَنُ ناه حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻاھُون؛
ساڙيہ شَهزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛
يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟
2
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَيءِ! جي حَسَنُ هو؛
ڀيڙو ڀيڙو پَنهنجي ڀاءُ سين، پَتَنگَ جِئَن پِيو؛
آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حُسينَ تان؟
3
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀِ نه ھُوَنِ؛
پِڙَ تي سيئِي پُوَنِ، موٽَڻُ جنِين ميھِڻو.
4
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَر جو پائي؛
اَڃا اُنَ کي جِئڻَ جو، آسانگو آھي؛
سُورِهُ سو چائي، جو رُڳوئِي رِڻِ گِھڙي.
5
سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.
6
حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛
”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛
ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.“
7
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَّ کي، اَزَلَ ۾ اَصۡلا؛
چَڙھِي آئِيو جَنگِ تي، ھلِي ھُنَ پارا؛
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي: ”گھورِيُسِ آن مَٿاءِ“؛
”لَا يُڪَلِّفُ اَللهُ نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَهَا“، جيڪا پُڄَندِيَمِ سا؛
گھوٽَ به لڳا گھاءَ، سر پڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِيو.
8
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻِي ھَزارِي ھولُ؛
جَوَھَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ؛
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهيو مِيرَ حُسينَ جو.
9
ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
10
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛
مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.
داستان ڇھون
1
ڪَؤنر، ڪِلي جا ڪوڏِيا! جانڪِي تائِين جِي؛
مَٿان اَڙِنِ اُسِري، رُڪَ پِيالو پِيُ؛
ڳاهُ ڳِجُھنِ جو ٿِيُ، ويٺي جن وَرِهَ ٿِيا.
2
ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجُھنِ رانـئِيو؛
وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛
مُهاَينِ وَھُون، نِيرُ مَهانگو ڪَندِيُون.
3
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِّ؛
سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِّ؛
”يُجَـاھِدُونَ فِى سَبِيۡل اللّهِ“، ڪَمُّ اِھو ئِي ڪَنِّ؛
حُورُون ھارَ ٻڌَنِّ، سِهرا شَهِيدَنِ کي.
4
جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
فانِي ٿِيا ’فى اَللهَ‘ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!
5
حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
6
حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جن نه ھِنئَڙي جارُ؛
خالِقُ، رَبُّ جَبَّارَ، ڪِينَ مَرھِيندو تن کي.
 
 
سُر سارنگ
داستان پھريون
1
آگَمِيو آھي، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
وِھو مَ لاھي، آسِرو اَللھَ مان.
2
آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.
3
آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛
سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.
4
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.
5
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
6
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
پِريِن جي پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا.
7
اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛
8
اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.
9
پِيَّ پَسايو پانھِنجو، نِظارو نا گاهَ؛
لَٿو ڪَٽُ قَلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واهَ؛
اُميدُون اَرِواحَ، پِيَّ پَسندي پُنِيُون.
10
وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جِئَن، جي ھُوند سِکــئِين، مِينھَن!
ته ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بسِ بُوندَيَنئُون نه ڪَرِين.
11
گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿِيو؛
پَسِي پَرِ پِريُن جِي، ڏُور ٿِيا سَڀ ڏَنجَ؛
شالَ وَسندَو سَنجَ، عاشقَ تي اوھِيڙا ڪَري.
12
اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.
13
بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
14
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺوجيسَرُميرَ؛
آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پِيرَ؛
لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ؛
سَرَھا ڪَيائُون سيرَ، سَرَھيُون سَنگھارِيُون ٿِيُون.
15
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيہَ تان.
16
سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.
17
سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.
وائي
مُنھِنجي سَيّدُ سارَ لَهندو؛ موُن کي آهِ اُميدَ اَللھَ ۾.
سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيُون زورِ ڪَريِندو؛
اُمَتَ ڪارَڻِ اَحۡمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ پِنَندو؛
صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، اَکِـيُون سَڀ سِجُ ڪَڍندو؛
ميڙُو ٿِيندو مومِنين، اُتِ مُحَمَّدُ مِيرَ مَلَهندو؛
نفسَاً نفِسِي سڀَڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو؛
مُھُتُ ڏيِندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخِشائِيندو.
داستان ٻيو
1
سارَنگَ سائي سِٽَ، جَھڙِي لالِي لاکَ جي؛
اِئَن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جِئَن سي چُنيءَ چِٽَ؛
بَرِسيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
2
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارَنگُ سُھِجَ مَنجھان؛
کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
3
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا، وُٺو وارِياسو؛
کُڻيـتِيءَ کِنوَڻِ ڪَيو، چَڱو چَؤماسو؛
ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئِي پَٻَ پاسو؛
خالِقَ ڪَيو خاصو، چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌِيـين.
4
چِيھو چُکِيءَ ڪُنڌِيـين، ڪَيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ؛
ھَڏاڪُٽيان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ؛
آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارَ ٿِي.
5
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي.
6
مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئي اَکَرَ ھيڪِڙي؛
جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪيِھان؛
بادَلُ ٿي بيِھان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
7
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُھڙُ پَسِيو جِھڄَنِ؛
وَرَ رِءَ وانڍِيُنِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ؛
اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ته ڪَنھن کي ڪارُون ڪَنِ؛
وارِثُ وَري تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
8
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُھڙُ پَسِيو جُھڻِڪَنِ؛
سُڻِيو رَڙِ رَعِدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيُون ڪَنبُنِ؛
ڪَلِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.
داستان ٽيون
1
گَــنَيرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاهَ پَئِي؛
ھِنڊوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ؛
چِمِڪَنِ چوڏَس چَنڊَ جِئَن، وِڄڙِيُون وَھِسَنِ؛
لوچَنِ ٿا، لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لءِ پِرِيَنِ؛
ڪَيسَرَ قرِيبَنِ، سَنباھي ساڻُ کَنيا.
2
مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛
سَرَھِيون ٿِـيُون سَنگھارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛
ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِــيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛
لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
3
مُندَ ٿي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
4
مُحبَّ مُنھِنجا سُپريِن! آڻيئِي اَللهُ؛
توکي سارِيو ساهُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
5
آگَمَ ڪَيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئن؛
پاسي تِنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرُ سِڪِيا.
6
اُوڇڻَ گُھرِجي آجِڪو، جُھوپو سَھي نه سِيُ؛
سُڻائِج سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيُ؛
اَڱڻَ آيو ٿِيُ، ته ڍولِيا! ڪَنھن ڍَنگِ ٿِيان.
7
ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سَنجھي سيءَ مَران؛
ڪامِلَ! ڪَپاھُنَ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران؛
تارِيءَ تو تَران، جِئَن وَرُ وِھاڻِيءَ وارِئين.
8
ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀِ راتِ؛
ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَھپَ نه اچي جھاتِ؛
اَچِين جي پِرڀاتِ، ته آئُون سِيُّ نه سارِيان.
داستان چوٿون
1
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئَن، جُھڻِڪَنِ پاسي جھوڪَ؛
ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجھان مِينھَن موڪَ؛
لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪَيو اَکِيُنِ سين.
2
واھُندان وِڄُون ٿِـيُون، کِڙِيُون ڏَنھن کَنڀاتَ؛
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ؛
سَنگھارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃُ اُساٽَ؛
جُھڙُ ڦُڙُ ڏيئي جھاتَ، پُسائِينديُون پَٽـيُون.
3
سَڄو صافُ نه اُڀِري، سَرِلي وِچان سِجُ؛
مُنھُن چَڙِھيو ماڙھن کي، ڏِئي وڌايُون وِڄُ؛
ھِنئَڙا! کَپُ مَ کِجُ، سِگھا مِلَندَءِ سُپِرين.
4
ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پيئِيُون، ٿِيا وَلھارَنِ وِيَ؛
سِڄُ، چَنڊُ نه پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيہَ؛
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گَھرِ آئِيا.
5
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئِيُون، وِڄُنِ ڪَيا ڌَرَمَ؛
واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، ڪُنڍِنِ ساڻُ ڪَرَمَ؛
سَنگھارَنِ شَرمَ، رَکُ مُنھنجا سُپِرين!
6
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
7
موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛
سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَهِ سُھائو ٿِيو.
8
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.
9
اَندَرِ جُھڙُ جُھورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ؛
وَسائِيندي وِڄُڙي، حُبَّ جنِين کي ھوءِ؛
لالَنُ جنِين لوءِ، تن اوڪاڻِين نه اَکــيُون.
10
آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ؛
جي پِرين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَن ميڙيا.
وائي
آئِي مُندَ مَلارَ، آئون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا؛
وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا، اَڄُ مُنھنجي يار؛
لارَ لائِيندي وَڇُڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ؛
پَکي آءُ پِريِن تُون، لَہُ مُنھنجِي سَيّدُ! سارَ.
 
 
سُر آسا
داستان پهريون
1
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُّ؛
سُپيرِيان جي سُونهَن جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ؛
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُّ، هُتِ پِرِينءَ پَرِوا ناهِ ڪو.
2
”آئُون“ سين اُنَ پارِ، ڪَڏِهن تان ڪونَه پِيو؛
”اِنَّ اللهَ وِتۡرٌ يُّحِبُّ الۡوِتۡر“، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ؛
هيڪِڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي هُئَڻَ جُون.
3
ٻَنِ! ٻِيائِي، سُپِرِين! پاڻان مُون کي پَلِ؛
”آئُون“ اورِيان جَھلِ، توکي رَسي ”تو“ ڌَڻِي.
4
هُو پِڻُ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان ڌارَ؛
”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“، پَرُوڙِج پَچارَ؛
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙِي.
5
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ؛
سَڀِ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
6
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛
وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
7
نابُودِيءَ نيئِي، عَبۡدَ کي اَعلىٰ ڪَيو؛
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پِڻُ سيئِي؛
ڪَبِي اِتِ ڪيهِي؟ ڳالِھه پِرِيان جي ڳُجَھ جِي.
8
جن وِڃايو وُجُود کي، سي فانِي ٿِيا ”فِي اللهَ“ ۾؛
نه تِنِ قِيامُ نَه قُـعُودُ ۾، نه ڪو ڪَنِ سُجُودُ؛
جيلان ٿِيا نابُودُ، تيلان گَڏِيا بُودُ کي.
داستان ٻيو
1
اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
2
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيُنِ کي؛
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جه ڏِٺو مُنهُن مَحۡـبُوبَ جو.
3
تِنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جِنِ ساجُھرُ سيڻَ سانڀيٽِيا؛
جِيءَ، جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُّ ڪَيو.
4
اَکِـيُون عَلَي الصَّباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون؛
اُڀِيندِيُون اَرِداسَ ۾، ٻِي نه ڪَندِيُون ڪاءِ؛
رَچَندِيُون رِءَ پاهَ، پَرِچَندِيُون پِرِينءَ سين.
5
وَسَنِ ۽ وَهسَنِ، ڏيهاڙِي ڏِسَڻَ لَءِ؛
ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ؛
ڍاپِيو نه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجھان پِرِينءَ جي.
6
اَکَڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏوسَ ڪَرِينِ؛
جيلانہَ سِڪَڻُ سِکِـيُون، تيلانہَ دَعوىٰ مَنجِھ دَڙِينِ؛
کِلَنِ ۽ کَرِينِ، رُسَنِ پَرۡچَنِ پاڻَ ۾.
7
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪِي جُھلُون پائِيان؛
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون؛
مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرِچِي آئِـيُون.
8
اَکِيُنِ پَنهَنجِي مَتِ، پاڻَ سين پاڻَهِين ڪَئِي؛
اُتي وَڃِي لَڳِـيُون، جِتي جانِ کَـپَتِ؛
نَه ڪا ڳالِھ نه ڳَتِ، جِيَّ ڏِني رِءَ نه جُڙي.
9
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونهان پُڇِي نه ڪَيو؛
اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي چَوَڻَ نه چارو؛
هِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَھلِيو وِجُھلي.
10
اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ؛
مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
11
تان جي ٿِيَنِ سامُهان، پُٺِيرا سُونهَنِ؛
سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنهُن جي مانڏي ڪَنِ؛
رَڳُون سَڀِ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.
12
اَکِـيُون سي ئِي ڌارِ، جِنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي؛
ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَھڻو رِيسارا سُپِرِين.
داستان ٽيون
1
ديکُ مَ تُون سين تَنِ، هِي جي مَجازِياڻِـيُون مُنهَن ۾؛
ڪِينَ نه سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ؛
پِرِين سي پَسَنِ، ٻَـئِي جنِين ٻُوٽِـيُون.
2
مَجازِي مَ مَٽِ ڪَرِ، ڀَنڀِيُون اِئَن نه ڀيرِ؛
پُڇِي ٿِئين ته پيرِ، هارِي! حَقِيقِيءَ جي.
3
سَنئِين سُونهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجھائي؛
طَلَبَ ۽ تَحۡصِيلَ، اورِيان ئِي آهي؛
مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.
4
جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِيُ خاڪِيءَ جو خِيالُ؛
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.
5
جان تَنُ ڪَيوءِ نه تِيئَن، سوئيرِيان ئِي سَنِهڙو؛
پِرِين پائِيندا ڪِيئَن، توکي اَکَڙِيُنِ ۾؟
6
اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، ته آئُون واري ڍَڪِيان؛
توکي ڏِسي نه ڏيھُ، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو.
7
کَرَ کي کَـپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪرِي؛
اُڀو جو اوناءِ، سُرِ پُرِ سَندِي سَڄَڻين.
8
سَڄَڻَ سَنئِيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِــيُون؛
سَندِي سُپِرِيَنِ، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکڙو.
9
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ؛
جو حُسُنَ سَندو حَقُّ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!
10
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِيو ويڇُون؛
مُحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
11
مُئي هاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛
مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛
”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛
سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.
وائي 1
مُنهَن مَنجِھ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.
سَڌَ مَ ڪَر صِحَّتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ؛
نالو ناهِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُّ جَلِيلُ؛
مُنهَن ۾ مُسَلمانُ تُون، قَلۡبُ تان قَلِيلُ؛
والِيءَ جي وِصالَ ۾، دوئِي ناهِ دَلِيلُ؛
اَلا! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، سَچو رَکائِجُ سِيلُ.
وائي 2
مَؤتَ مُندَ نه آهي، تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا.
”عَجِّلُوۡا بِالتَّوۡبَةِ قَبۡلَ الۡـمَوۡتِ،“ ويھُ تُون ويرَمَ لائي؛
پِرِيان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگھو ويھُ سَنباهي؛
اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِي ٿو ڪاهي؛
وِڌائِين وَڍَڻَ لَءِ، ڳَنُ ڪُهاڙِيءَ پاهي؛
عِمارَتُون اَنڌَنِ جُون، ڊاهِيو ٿو ڊاهي؛
نِبا گھوٽَ گَھرَنِ ڏي، ڪَنهن وَڏِيءَ ويرَ وَناهي؛
اُتي، عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، بِنا ڪَفَنَ پَراهي.
داستان چوٿون
1
مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛
چِڙِيءَ جِيئَن چُهِنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ واديءَ وِچَ ۾.
2
اَسِين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي؛
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ“، وَنءُ اوڏانهِين پيهِي؛
تِهان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي.
3
ڏِسَڻُ ڏِسِين جي، ته هَمہَ کي حَقُّ چَئِين؛
شارِڪَ! شَڪُ مَ ني، اَنڌا! اِنهِيءَ ڳالھِ ۾.
4
آڏو جو اِثباتِ کي، سو شِرڪُ لاهي شَڪُ؛
هُئي جنهن ۾ حَقُّ، تنهن نَفِيءَ جِهو ناهِ ڪو.
5
اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛
دَغا تُنهِنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛
مُنهَن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.
6
ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ؛
هِندُو هَڏِ نه آهِئين، جَڻِيو تو نه جُڳاء؛
تِلۡڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرۡڪَ سين.
7
مُنهُن ته آهيرِيان ئِي اَجِرو، قَلۡبَ ۾ ڪارو؛
ٻَهَران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو؛
اِنَ پَر ويچارو، ويجھو ناهِ وِصالَ سين.
8
تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي؛
دُوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعۡرِفَتَ مَلهاءِ؛
سُپيرِيان جِي سُونهَن ۾، رُخنو ڪونَ رِهاءِ؛
اَکِ اَشَهَد چاءِ، ته مُسَلِمانِي ماڻِئين.
9
سُرمُون سِياهيءَ جو، رَننِ کي رِهاءِ؛
ڪانِي ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿي مَ پاءِ؛
اَکِـيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَنَ جي.
10
سُرمون سُرخِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن؛
تَڏهن ڏِٺِـي تن، رَوۡنَقَ ريٽي جَهِڙي.
11
سُرۡمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن وِڌو جن؛
تَڏهن ڏِٺِي تن، اَڇائِي عالَمَ ۾.
12
مُون تان لِڪائِي گَھڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ؛
رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجھان زَردِيءَ ظَنُ؛
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِھ ڪَيائِين ڳُجَھ جِي.
13
لَکين سَئين مَهَراڻَ، آٽِي سَڀِ اُڌَمِيا؛
سَڙان مَنجهِين مانَ، ٻَهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.
14
”پاڻُ“ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ؛
وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ هِنَ جو.
15
”پاڻُ“ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ! سُڻجِ تُون؛
نَڪا هان نه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.
16
”مُون“ مُونهِين ۾ سَپَجي، مُون کي ”مُون“ جُڳاءِ؛
مُونهين جي ساڃاءِ، مُونهين مَنجھان ”مُون“ ٿِئي؛
اُنَهِين اِئن جُڳاءِ، آن کي اِئن نه چَوَڻو.
17
گُندِي نِينهُن نه سَپَجي، تُھَ نه پَچي ماھُ؛
ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئاءُ، ٿِئي سَماجوڳُ سَڄَڻين؟
18
نَظَرُ نِزدِيڪونِ، سَهِي نه سَگھان ساعَتَ سِيئن؛
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نالي ڳِيڙي نِجُھران.
19
مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.
20
پِيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالِهو رَهي؟
سالِڪَ! مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِين پاندَ جو.
21
ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
هِنئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.
22
ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏَهِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ؛
ساري سَناسِيُنِ جِئَن، لائِقَ! رَکِجِ لانگَ؛
ته چارَئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪرِين.
23
سُتوئِي سيڄَ گُھرِين، جَفا ڏِئين نه جانِ؛
صُلِحَ رِيءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نه چَڙهِين.
24
صُلِحُ جِنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي؛
”اَلَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا وَکَانُوۡا يَتَّقُوۡنَ“، اِنَ پَر اُڀا جي؛
نيئِي نُونڌين تي، ڏِکي چِٽي چاڙِهيا.
25
جي ٿِيا حَلُّ حَبِيبَ سين، سُمهڻُ تن ثَوابُ؛
نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خوش ڪَيائُون خَوابُ؛
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِيان تَنِين دُورِ ٿِيو.
26
تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛
تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛
”وَحۡدَهٗ لَا شَرِيۡڪَ لَہٗ“، اِهو راڳُ رَڳُنِ؛
سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
وائي
ڪِي اُنِهين مَنجِھ آهي، هُو جي جُھونا پَسجَنِ جُھوپِڙا.
اِنَ دَرِ سيئِي اَگِھيا، جن کي ڪونَ چِتائي؛
ڌارِيان ڀانئِنِ ڌارِيو، پاڻُ پِرِيان سين کائي؛
”اِنَّ اَوۡلِيَائِيۡ تَحۡتَ قَبَائِيۡ“، پَنهنجا پاڻَ پَهرائي؛
”لَا يَعۡرِفُهُمۡ غَيۡرِيۡ“، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي؛
پَنهنجِي ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙهُ اُنِين جي رائي؛
خِدمَتَ ڪَرِ خُلۡقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، اِتاهِين ڪِي آهي.
 
 
سُر رپ
داستان پھريون
1
گُوندَرَ ڪَيو غَرَقُ، ماءُ! مُنھِنجو ڄِندُڙو؛
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳـرَ پَنڌڙَو.
2
گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻين؛
مادَرِ! مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِينءَ جي.
3
گُوندَرَ ھَٿَ نه پيـرَ، وِرِهُ مَنجِھينِ وَھَڻو؛
ڪُڙهِ ۾ قطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيـرَ؛
مُون جِئَن گھاري ڪيـرَ، ھيڪِلي رِءِ سَڄَڻين؟
4
اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَھارَنِ ۾؛
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُه ڦوڙائو سَڄَڻين.
5
ڳَرَنِ ۾ ڳَرَھيج، روئي ڪَجِ مَ پَڌِرا؛
تان سُوراڻي سَھيجِ، جان لا ھِيندَڙُ ڪو لَهِين.
6
ڳُرَ ۾، ڳُجھو روءُ، پَڌَر وِجُھ مَ پَرِينءَ ري؛
سُورَنِ سُڀَرُ ھوءُ، ھِنئَڙا! ڪُمَ ڪَنَنِ جِئَن.
7
جاءِ نه سَڄو ڏِينھُن، ھِنئَڙو اوٺي وَڳَ جِئَن؛
مُون پِرِيان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نه ڪَيو.
8
پَلَ پَلَ ۾ پَلِيانسِ، پَلُ نه رَھي پِرِينءَ ري؛
جِئَن جھوريءَ کان جَھلِيانسِ، جِھڄِيو تِئَن جھوريءَ پَوي.
9
ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُھڙُ نيڻَنئُون نه لَهي؛
اَڄُ مُنھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
آءُ سَڄڻ! لَـھُ سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.
10
مُون مَنجھيئي مِينھُن ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين؟
سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِرِيان جو نه لَھي.
11
جُه سي سَنڀِرِ جَنِ، سَهَ تنين سين اورِيان؛
لُنؤ لُنؤ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِئَن.
12
چَتُـرُ رَھي نه چِتُ، ويڻين واڳِيو نه رَھي؛
رَئيءَ لَٽِجي نِتُ، ھِنئَڙو واٽَ وِرِکَ جئَن.
13
چوري چوري چِتُ، جان نَئينءَ وِھاڻِيءَ نِڪِران؛
نِينھُن گُھرائي نِتُ، پِريان سَندي پيـرَ ۾.
14
چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نه وِسِري؛
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.
15
چيتاري چَونَدِياسِ، ڳالِھيُون سَڀوئي سَڄَڻين؛
جُه مُقابِلِ ٿِياسِ، ته سَڀِ وَڃَنِمِ وِسِري.
داستان ٻيو
1
سَڄَڻَ سان نه ڀيٽَ، ڳُجُھ ڳَرھِيان ڪِنِ سين؛
ڳالِھيُون اِنھيءَ ريٽَ، سَلا ٻَڌي مورِيُون.
2
ڳالِھيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيوُن؛
پَرَ سين مُون نه ڪَيُون، گوشي پِرِين نه گَڏِيا.
3
گَونِي ۽ گُونِي، پِرِين پَٽائين گَجَ جِئن؛
جي مَنَ مـجُوني، سي ڪِئَن وَڃَنِ وِسِرِي؟
4
اَندَرِ اَندَرِيُون، جِئَن سي وانجِھيءَ لَٺِ ۾؛
مُون تَنَ تيترِيُون، ته ”ڪِئَن مِلِبو سَڄَڻين؟“
5
جِئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ واريءَ گاڏُئان؛
ھِنئَڙو پِرِيان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نه نِـبِـري.
6
سَٻَرُ سِيُّ پِيو، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
نه مُون ڪانڌُ، نه قُوتُ ڪي، جوڀَنُ وَھِي وِيو؛
تنِـين حالُ ڪِھو، نِڌَرَ جنِـين نـِجُھرا؟
7
اُتَرُ اوتُون ڏي، نه مُون سَوَڙِ نه گَبـَرو؛
سِيُّ سارِينديُون سي، جنِين نِڌَرَ نـِجُھرا؟
8
اُتَرُ ڏِني اوتَ، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
چارَئي چُنِـيءَ پوتَ، مُون ريڙھِيندي راتِ گَئِي.
9
نِينھُن نھِائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوهُ نه ڍڪِئين؟
ڄَرَ ڄَيري ڇَڏي، ته ڪِئن پَچَندا ٿانءَ؟
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالَھڙِي.
10
نِينھُن نِھائِينءَ جِئَن، ڍَڪِيو ڪوهُ نه ڍَڪئِين؟
ڄَرَ ڄيري ڇَڏي، ته رَڇَ پَچَندا ڪِئَن؟
تُون پڻ ڪَريج تِئَن، جِئَن ڪنڀارَڪَرِن ڪَمَ سين.
11
نھِائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين!
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.
12
نيڻَ نِهائِين جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان؛
اُجھامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين!
13
ڪي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽيءَ پائي مَنِيو؛
تَنھن مان تِرَ جيتِري، جي پَئي خَبَـرَ کـرَنِ؛
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي!
 
 
سُر کاهوڙي
داستان پھريون
1
کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
2
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
3
ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
4
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟
سَوارا سَنڊَ کَـڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟
5
ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نه ٻُڌِي؛
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛
وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
6
ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛
ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَـئِي نه ڪَنِ؛
ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَھڙِي.
7
تان وَنئُن ويـھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.
8
ڏُٿُ نه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛
اُھۡڃاڻِـيُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛
تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالھڙِي.
9
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ کي!
10
مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَھرين نه گھارِينِ؛
واحِدَ لَڳِ وِلۡـهُنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛
گُوندَرِ گُذارِينِ، جهُ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.
11
کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.
12
کَڻَنِ نه ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا؛
ڏوٿَيِرا ڪَنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ؛
کاهوڙِيُنِ اُهڃاڻَ، اَنگ نه سَڄِي اَڳِڙِي.
13
سُڪا مُنهَن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَھن؛
ڳُجھا ڳُجھيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌَ جُون.
14
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟
داستان ٻيو
1
پِيوجن پَرو، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جو؛
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهوتِي ٿِيا.
2
پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جي؛
واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
3
پيئِي جنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جِي؛
ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
4
ڪَهڙو اَٿيئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟
پَسِي تنهن پاهڻَ کي، اَچي نه آرامُ؛
مَتان ڏُونگـرَ ڏورِئين، اُجِھين ڪُہُ عَوامُ؟
هَرا ڪَري حَرام، کامُ ته کاهوڙِي ٿِـئين.
5
ڏيهُه ڏيهائِي ناهِ، جِتي پـيرُ نه پَکِيان؛
تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
6
جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟
داستان ٽيون
1
اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
اُوءِ بصِيرَ بَرَّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛
ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُھمَنِ؛
فِراقِيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛
لَنگھا ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛
کَـپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئي نه لَهي.
2
ڏِسِي ڏوري ڏُونگَـرَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
ڪُرَندان ڪِي پَرُوڙِيو، رَندُ سي نه رِڙهَنِ؛
ٻيئِي دارَ دَيُون ڪَيو، پِيرَتِ تان نه پُڇَنِ؛
ڌُوڙِپِرِيان لَءِ ڌارِ ڪَيو، ويچارا وِجَھنِ؛
خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ لاهُوت جي.
3
ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنهِين پاتو پيرِيين؛
جِيان مُنجھڻَ ماڙُهِئين، سَڄَڻَ تِيان ئِي سيرُ؛
اُنَ ڀُون سَندو ڀـيرُ، ڪوڙِنِ مَنجھان ڪو لَهي.
4
سُونهَپَ ۾ سَپَ گھڻا، مُنجَھڻُ ماکِي هوءِ؛
پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان.
5
ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ! کاهوڙِي آئِيا؛
مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪَنهن پارَ جِي.
6
جَھنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛
اَوَجَھڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.
7
جَھنگَلُ آهيڙِيُنِ کي، ڀَـنَڻُ ڪَيو رُوندو؛
نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪُون، چَڙهِيو اُڀو چُوندو؛
هَڏهِين نه هُوندو، اِنهان پوءِ عالَمَ ۾.
8
وَرُ سا سُڃِي ويڙه، جنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪڙو؛
سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.
9
ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينهُن، اِيُّ صِفَتان نُور؛
جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪر.
10
ڏُونگَرين ڏسِجَنِ، اَڄُ پِڻُ رُيُون اُنِ جُون؛
ڏوٿِـيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ؛
خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنهِين ڀيڻِيـين.
11
کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيا؛
سوجھي جن ڪَيا مَٿي اَڱڻِ آهِرا.
 
 
سُر بروو سنڌي
داستان پھريون
1
ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿِئين ٻِـيَنِ جو؟
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو؛
سَؤکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشۡقُ اَللهَ سين.
2
جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛
اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛
ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہُ ٻانهَن؟ سُورَهِنئين کي سامُهان.
3
ڌَرَتِي دُونہَ جِئَن، سِرَ ڀَرِ سُپيرِيُنِ ڏي؛
لَڳو آهِ، لَطِيفُ چئي، تَنُ پِريان ڏي تِئَن؛
حاصُلُ ٿِئي هِئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.
4
لَڳِيءَ جو، لَطِيفُ چَئي، نڪو قال نه قِيلُ؛
لِکـئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ؛
ھِنئَڙا! ٿِيُ سُڌِيرُ، ڪالهه قَرِيبَنِ لَڏِيو.
5
ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين؛
ڪي سَنڀِرجَن نه ڪَڏھِين، ڪي نه وِسرَنِ مُورِ؛
جِئَن مينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
6
ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛
ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛
”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛
مُئِي مارِيائُون، کِـلِي گھائِيو سَڄَڻين.
7
ماڙھُو گُھرِنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏِينهَن گُھران سُپِرِين؛
دُنيا تَنهن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛
ڪَيَسِ نامَ نهالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.
8
ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛
ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجھاندَرَ ڳَـرَهِين؛
اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين.
9
صُورَتَ گھڻو سُهِڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوهَ؛
ريلو ڏِئي رُوحَ، جو کائي، سو کامِي مَري.
داستان ٻيو
1
جانِبَ! تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعُورَ سين؛
مُون تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرِين! توهُ تُسِي تيڏو؛
اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاهَ سين.
2
جانِبَ مُنهنجي جِيءَ ۾، تُنهنجِي طَمَعَ پوءِ؛
وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ؛
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِهارِئين.
3
جانِبَ! اِيئَن نه جُڳاءِ، جِيئَن مارِيو، موٽِيو نه پُڇِين؛
رَتِيءَ رَتُ نه سِنجُري، سِڪَ تُنهنجي ساءِ؛
اَسان تو ئِي لاءِ، پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪَيُون.
4
جَڏهِن پَوي يادِ، صُحۡبَتَ سُپيرِيُنِ جي؛
فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَہَ وَڃَنِ نِڱِيو.
5
ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو.
6
نازَ مَنجھاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون پڻ ”بِسِمِ اَلله“ چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گَھڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوگَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.
7
فانِي نِي فانِي، دُنيا دَمُ نه ھيڪِڙو؛
لَٽي لوڙهُ لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ، جانِي!
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَڪَنهِين.
8
اَڄُ پِڻُ اَنگِـيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.
9
اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.
داستان ٽيون
1
عِشۡقُ اَهڙِي ذات، جو مانجِھي مُنجھائي مَيَنِ کي؛
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ؛
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحۡـبُوبَنِ جِي.
2
يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛
آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي.
3
آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.
4
شُڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ!
ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛
ڌَڻِـيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.
5
کوڙي، کَڻُ مَ سُپِرِين! کَنيَئِي تان کوڙِ؛
عادَتَ جا اَکِيُن جِي، سا نيئِي نِباهِجِ توڙِ؛
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين!
6
ڪِئان سِکِـئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪارِ؟
تِکِي ڪاتِي هَٿِ ڪَري، مُنِيءَ سين مَ مارِ؛
چوري چاڪَ نِهارِ؛ سورَنِ سانگھيڙا ڪَيا.
 
 
سُر رامڪلي
داستان پهريون
1
نُورِي ۽ نارِي، جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾؛
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
2
جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾، هُئا مَنجِھ حَمامَ؛
آرامان اَرَڳُ ٿِيا، اوڏا نه آرامَ؛
ڪَيائون قِيامَ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
3
وارو! ويراڳِـيُنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ؛
قَدَمُ ڪاپَڙِيُنِ جا، لِيلائي لَهيجِ؛
پِـيرَتَ پَسِيو پَٿَ جي، وَڃَڻَ کي وڃيجِ؛
راتو ڏِينهَن رِڙهيجِ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
4
واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ؛
سونُ سَڀوئِي سِڱــيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ؛
ويساهي ويلَ ڪَنهِين، پُورَبِ ويندو پَٿُ؛
هَلُ! کَنيائُون هَٿُ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
5
واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ؛
مَقالان مَهَندِ ٿِيا، ڪونهي وَٽِنِ قالُ؛
حاصُلُ جنِين حالُ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
6
جان ڪِي مُون کي ني، پَڳہ پائي پاڻَ ڏي؛
پَہَ پَرُوڙِيَمِ پَٿَ جا، مَنجھان ڪِينَرَ ڪي؛
هاڻي جي هِنئي، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
7
سَتُرُ سِڱِڙيُنِ سين، لَحظي لاٿائُون؛
ڪِينَرَ ڪُٺِي آهِيان، اُنِهِن جي آئُون؛
مُون کي مارِيائُون، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
8
ميڙِيو ڀاڻُ ڀَرِيون ڪَيو، جوڳِي جَلائِينِ؛
سامِي سِڱِڙِيُنِ سين، خودِيءَ کي کائِينِ؛
هُو جي تارِ تَڳائِينِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
9
پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُدُوها اَچَنِ؛
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيُنِ جا، صُبُحَ تان نه سُڄَنِ؛
جي رائي منجِھ رَهَنِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
10
آسَڻَ وَٽِ آهُون ڪَرِيان، وَسِ نه مُنهِنجي واتُ؛
لَڳُمِ لاهُوتِيُنِ جو، ڪِينَرَ مَنجھان ڪاتُ؛
هَلڻَ کي هَيهاتُ! آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
11
وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
12
بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڄُ نه آسَڻَ وَٽِ؛
خودِي کانـئِي هَلِيا، پيرُ نه لائي پَٽِ؛
”هَيءِ! هَيءِ!“ جنِين هَٽِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
13
بابُو بِيکاري ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ؛
نِسوروئِي نِينهَن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ؛
سِرِکَنڊُ جَنين ساڻُ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
14
نانگا نانِيءَ هَلِيا، هِنگِلاجان هَلِي،
ديکِي تن دُوارِڪا، مَهيسِيُنِ مَلهِي؛
آڳَہُ جن عَلِي، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
15
پاڻَهِين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ؛
سامِي سَفَرِ هَلِيا، آسَڻُ اُجھائِينِ؛
رُخِصَتَ رُئارِينِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
16
جُزو وِڃايو جوڳِـئين، ڪُلَّ سين آهينِ ڪَمُ؛
آسَڻُ جِنِ عَدَمُ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
وائي
سَندَڙِيانِ سِڱَڙِي، ڳالِھه ڳُجَھڙِي، مُون مارِيندي ڪَڏَهِين.
جا وَڄائِينِ جَتَڙا، نه تَنهِن نَڙَ جَهِڙِي؛
مُرلِيءَ کي جَنهِن ماتِ ڪَيو، نه تَنهِن تُلِ تُنبَڙِي؛
تارِيو جَنهِن توڏِيءَ کي، نه سو گِھنڊُ نه گِھنڊَڙِي؛
ڏارِيو جَنهِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنهِن تِکَڙي؛
نه سِري، نه سِنڌُ ڪا، نڪا هِندُ هَهِڙِي؛
مِٺائِيان مِٺِي گَھڻو، چَوندا جن چَکَڙِي؛
وَنئُن اونائي اُنَ کي، ويہُ مَ، کَڻُ وِکِڙِي؛
بيخودِ بابُو سي ٿِيا، ٻُرَندِي جن ٻُڌَڙِي؛
جا ساراهيلَ سُبحانُ جِي، تَنهِن واکاڻُ ڪَهِڙِي؟
سَهَسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَھندَڙِي؛
گھانڊارَ مِرُون موهِيا، هِيءَ ماڙُهو مُهَندَڙِي؛
اَديون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، هِيءَ مُئا جِيارِيندَڙِي.
داستان ٻيو
1
ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَهرين ڏِينهن پَرُوڙَ؛
سَگھا ساعَتَ نه هڪڙي، چارئي پَهرَ چُورَ؛
سدائين سيَّدُ چئي، هونِ سناسي ۾ سُورَ؛
جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
2
ويهي ويراڳِــيُنِ جو ٻِئي ڏِينهن ٻُڌُمِ حالَ؛
اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالَ؛
تن ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ؛
ويچارا وُجودَ جِي، ڪَنهِن سان ڪَنِ نه ڳالِ؛
نانگا ٿِيا نِهالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
3
ٽِئين ڏينهن ٽِمڪائينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ ۾؛
ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِـيُون، جوڳِي جَلائِينِ؛
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيُنِ آهِينِ،
ڳُجُهه نه ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
4
چوٿين ڏِينهن چَوگانَ ۾، ڪَنهن جَنهن پَہ پِيا؛
وَهَمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪُوڙَ ڪِها؟
اندَرِ آديسِيُنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِها؛
سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
5
ڪَنهن جَنهن پُورَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينهن پَئِي؛
اَندَرِ آديسِيُنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي؛
مُحَـبَتَ جي ميدان ۾، لاشَڪُ پِيا لَهِي؛
تن کي ساري راتِ، سيَّدُ چئي، گُوندَرَ ساڻُ گَــئِي؛
ڪَريو سيڻَ سهي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
6
پِيا ڪَنهِن پَرياڻَ ۾، ڇَهين ڏِينهن ڇَڻِي؛
اَندَرِ آديسِيُن کي، ڌُريان ئِي ڌڻِي؛
ٻَرِي ٻاجھارا ڪَيا، کانـئِي خاڪَ کڻِي؛
پِنِيو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
7
سَتين ڏِينهن، سَيَّدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون؛
اُڀِي اَلَکَ سامهُون، ٻانهُون ٻَڌائون؛
وَڏِيءَ ڪَنهن وِلاتِ جا، اُهُڃَ آندائُون؛
رُوحُ پَنهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون؛
کَـڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
8
اَٺين ڏِينهن، اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ؛
سا پَرِ سامِي سکيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ؛
ويروتارَ وُجودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَهيوئِي آهِ؛
ڪَنهن جَنهن ڪمائِي لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
9
نائين ڏِينهن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِيا؛
سَٻاجھي ٻاجَھ ڪَئي، سُڃاڻي سيڻانِ؛
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ؛
اِهي اُهُڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
10
ڏَهين ڏِينهن ڏِکَ ٿِيا، پِرِينءَ پاٻوهِيا، پَسُ؛
وَرقَ جي وِصالَ جا، سي واري ڪيائُون وَسُ؛
لَڌائُون، لَطِيفُ چئي، سَندو گُروءَ گَسُ؛
جوڳِـيُنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
11
وَريو ويراڳِـيُنِ جو، ڪارِهين ڏِينهن ڪَرَمُ؛
جوڳِـيُنِ جاٽائُون پُنِيُون، هَلِي وِيا حَرَمُ؛
دائِم جَھـلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
12
مَنَ مُرادون پُنِيُون، ٻارِهين ڏِينهن ٻَـئِي؛
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي؛
سَمانا سيئِي، جي گُـرَ گَڏِجِي آئِيا.
داستان ٽيون
1
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مٿي راهَ؛
پُرَنِ پُورَبَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهه موالِي ماهَ؛
جنِ اَلَکَ سين آگاهَ، هَلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.
2
نِڪرُ ناهِ ڪُلهي ڪَري، هو مَ هُوندَنِ جِيئَن؛
لاهُوتِي، لَطِيفُ چئي، هُونِ نه آديسِي اِيئَن؛
سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جي ڌارِين تَعَلُقُ تِرَ جيتِرو؟
3
ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ چِيرَ؛
سَدا وِهَنِ سامُهان، عاشِقَ اُتَرَ هِيرَ؛
تَسا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ؛
جي فَنا ٿِيا فقِيرَ، هَلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.
4
سامِي کامِي پرِينءَ لَءِ، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ؛
جَهِڙو ڏِسَن ڏوهَ کي، تَهِڙو تِنِ ثَوابُ؛
اوتِين اَرِتي گاڏُئون، مَنجھان اکِيُنِ آبُ؛
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِئَن پُڇِين تِن کي؟
5
سامِيُنِ سِڱُ ڪُلَهَنِ تي، سَنگُ مِڙوئِي سُورُ؛
ڪَهَندا وِيا ڪابُلَ ڏي، ڪو جو پِيَڙُنِ پُورُ؛
مَڙهِيءَ جو مَذِڪُورُ، ڪالَھه ڪَندا وِيا ڪاپَـڙِي.
6
سامِي! مَڙهِي سَندِياءِ، سامُهِين مون سيلَهه ٿِي؛
سا تان ڪُہُ اَڏياءِ، جان نانگا وَڃِين نِڪِرِي؟
داستان چوٿون
1
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئي ڇِنُ؛
وڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي، نانگا! ڪِيمَ نِنُ؛
پَٽِ تِنِين جي پِنُ، جِنِ ٻُجِھي نه ٻُجھيو.
2
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ؛
جي ڄاوا نه ڄاپَندا، جِيُّ تنِين سي جوڙِ؛
ته تُون پَهُچِين توڙِ، مُحَـبَّتَ جي مَيدانَ ۾.
3
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته مَنُ پُوري، منجِھ مارِ؛
دائِمُ دُونهِين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها وارِ؛
سَہُ سَڀَڪا آرِ، آگي جي اَدَبَ سين.
4
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته ڪِين پيالو پِيُّ؛
ناهِ نِهاري هَٿِ ڪَري، ”آءٌ“ سين اُتِ نه ڀِيُّ؛
ته سَندو وَحۡدَتَ وِيُّ، طالِبَ! توڙان ماڻـئِين.
5
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته مُنهَن ۾ مُنڊا پاءِ؛
ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جِنِ ۾ ڪوڙين ڪَڪَرَ وِڌاءِ؛
ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نه جُڳاءِ؛
ته سامِيَڙا! سَندِياءِ، گُـرَ وَٽِ گِلا نه ٿِئي.
6
جوڳِـيُنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پِڻُ سُونهي جوڳِيين؛
جوڳِـيُنِ سَندِي جانِ ۾، ڳُجُھ ڳُجھاندَرُ آهِ؛
هاءِ! مُونهِين کي واءِ! جا آءٌ جوڳُ نه سِکي.
7
جوڳَ نه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳَ جُون؛
هِڪِڙو پَنڌُ پِرِيُنِ جو، ٻِي تُنهنجِي ڀُون؛
سامِي سيڻَنِ ڏُون، رُئَندا ئِي رَتُ وِيا.
8
جوڳِي هُونِ نه جِئَرا، پائي جوڳُ مَ جِيُّ؛
هارِيا! هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيهو اِيُّ:
”وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُّ“؛
هَڏَهِين ڪونهي هِيُّ، اَسارا! ”آءٌ“ چَوِين!
9
جان ڪي جوڳِي ٿِيُّ، نا ته نِرڄا! وَنئُن نِڪِري؛
ڪوهُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِين، جان نه سَهِين سِيُّ؟
ڀَڄُ! پَراهُون ٿِيُّ، مَتان ٻِيا لَڄائِيين.
10
جوڳِي ٿِيَنِ نه يارَ، ڪَنهِين سين قَرِيبُ ٿِي؛
مان مُلاقِي اُنِ سين، جَنِ پُورَبَ جي پَچارَ؛
اَٺَـئِي پَهَرَ اُنِ جِي، آهِ نانِيءَ ڏانهَن نِهارَ؛
لائي وِيا لَطِيفُ چئي، اَندَرَ مَنجَھ اَپارَ؛
سامِيُنِ ساڻُ، سَتارَ! لاهُوتِي لالُ ٿِيان.
11
گولا جي گِراهَ جا، جُوٺا سي جوڳِي؛
ڦِٽَلَ سي ڦوڳِي، جِنِ شِڪَمَ سانڍِيا.
12
ڪَنَ ڪورائي، ڪاپڙِي، جِندا! ٿِيُّ مَ جوءِ؛
سِرَ سِپاهِيُنِ وِڪيا، سو ڪِ نه، سامِي! سوءِ؛
جيڪِي پُڇِين، پُڇُ سو، گُنگا نِيَنِ نه گوءِ؛
وَڃُ لاهُوتِي لوءِ، عِجِزَ کي آجو ڪَري.
13
نِسوروئِي نِينهَن جو دِلِ ۾ دُودُ دُکاءِ؛
آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ؛
جِندا! اِيئَن جُڳاءِ، جِئَن آتَشان آبُ ٿِئي.
14
هُو جي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سو نه سُڻِينِ؛
اَندَرِ جي آهِينِ، سُڻُ سَنِيهو اُنِ سين.
داستان پنجون
1
مُونا طُور سِينا، سَندا سَنياسِيُنِ؛
پُورَبِ کَنيو نه پاڻَ سين، بُودُ بيراڳِـيُنِ؛
رِدا آهي رازَ جِي، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
قُربُ ڪاپَڙِيُنِ، نَهَن چوٽِيءَ سِيئَن ڍَڪِيو.
2
مُونا جن مِحِرابُ، جُسو جامِعَ تِنِ جو؛
قِبِلي نُماءُ قَلۡبُ ڪري، تَنَ کي ڪَيائُون طَوافُ؛
تَحۡقِيقَ جِي تَڪِبِيرَ چئِي، جِسمان ڪَيائون جوابُ؛
تِنِ ڪَهِڙو ڏوهُ حِسابُ، جن هِنئَڙي هادِي حَلُ ٿِيو.
3
مُنهُن مِحِرابُ پِرِينءَ جو، جامِعَ سَڀَ جَهانُ؛
فَرَهِيءَ تان فُرقان جِي، ڪاٽِيائون قُرآنُ؛
اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرفانُ؛
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪاڏي وڃِي نِيَتِيان.
4
مَنجِهه مُحَـبَتَ مَچُ، ٻَهَر ڌُوڌا ڌُوڙِ سين؛
ڇَڏِيائُون چُرَ لَهِي، ڪُوڙُ، ڪُلکَڻُ، ڪَچُ؛
اَوَڳُڻَ اوڏا نه ٿِيا، ڳُڻُ ڪَيائُون ڳَچُ؛
جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَچُ، جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَنَرا.
5
ڪيهي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَهڙِي رَوَشِ رَوَنِ؟
نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِهِشتُ گُهرَنِ؛
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، ته پِرين ڪَجو پانهِنجو.
6
نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيَنِ؛
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالبَ اوءِ تَقدِير جا.
7
نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
ڪَڏَهِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏَهِين هيٺ هَلَنِ؛
سامِيَڙا سَمُونڊَ ۾، تنبي جِئن تَرَنِ؛
جي واڳوءَ واتِ وڃَنِ، ته ڪُسَنِ، ڪُڇَنِ ڪِينَ ڪِي.
8
لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگِھيو جَنِ؛
عَدَمَ جي اوڙاهَ تي، ڪَيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ؛
گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.
9
وِلهُون، ويلا، واوَ، جوڳِـيُنِ جَھـلِيا جانِ ۾؛
اَجھو رِءَ اَللهُ، ڪونهي ڪاپَڙِيُنِ جو.
10
نا مُرادِي نِجُھرو، عَدَمُ اوتارونِ؛
رَضا راڄُ سَندونِ، مُورُ نه مَڱَنِ ڪِي ٻِيو.
داستان ڇهون
1
ڪَنهِن جنهِن ڪُٺا ڪات، جِئَن سامِي مُورُ نه سَنرا؛
ڏِينهان ڏکِي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄائِي راتِ؛
سَندي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان! هوءِ جَڏائڙِي.
2
رُوح ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَهرِ ٻولِينِ ڪِي ٻيو؛
پِيالو پُرُ ڪري، جوپَ پِيتائُون جامُ؛
تِهان پوءِ تَمامُ، تنِ تَڪيا تاڪي ڇَڏيا.
3
مَٿا مُوءِ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي؛
ڪوٺي ڪَنهِن نه پُڇِيا، ڪي اَندَرِ اَندوهِيانِ؛
جيڪا ڄَمارانِ، سا مَنجِھ گُوندَرَ گُذرِي.
4
ويٺي جَنهِين وَرِهَ ٿِيا، مَٿي سين ميري؛
اَکِيون جَنهِن جُون اَلَکَ ڏي، ڀُون ڏي نه ڀيري؛
ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄَراٽِيا ڄيري؛
لُڙِڪَ لال لَطِيفُ چئي، ڪنبي ۽ ڪيري؛
نِينهُن نه نِبيري، سُورَ چَرندي سَنَرو.
5
نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينهَن؛
مَڙِهِنِ اُٺا مِينهَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.
6
نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نه نَمائِينِ؛
جاٽا ڪَنِ نه جوڳَ کي، جوڳُ نه جُهارِينِ؛
آديسِي آڻِينِ، اُهڃاڻِـيُون اَلماسَ جُون.
7
هَرَ هَرَ ڪَنِ اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِهاڻِي ڌوتِيا؛
جن نه مارِي ميسَ، ناٿُ نه نَمي تن کي.
8
گُهنڊِنِ پاسي گِهنڊَ، گَڏُ گُذارِينِ گودَڙِيا؛
پَليـتِيءَ کان پانهِنجا، پاڪُ رَکِيائون پِنڊَ؛
نانگا ڪَنِ نه نِنڊَ، وَڃَنِ رُوندا رامَ ڏي.
9
تَهِڙا ڪَڙڄَ ڪَڪِرا، جَهِڙا جائُنِ ڦُلَ؛
تِنِ سامِيُنِ جي سڌ مَران، جِن جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ؛
اندَرِ مُلان مُلَ، ٻَهَرِ ڪوجھا ڪاپَڙِي.
10
يادِ گُـرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا؛
پَڙهَنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيَنِ تَنهِن پِيٺا؛
جيلان مُنهَن مِيٺا، تيلان نَشا چاڙِهيائُون نِينهَن جا.
داستان ستون
1
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَـڙِي، طعامَ نه طاماعُو؛
سَيِنَ هَنيائُون سُڃَ ۾، پَهرَ نه پينائُو؛
اَوَسَرَ آسائُو، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.
2
پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گَهران؛
مَهيسِي مخۡلوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران؛
پُڇَنِ ڪوهُ شَرعان، جُه اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جي؟
3
پِنَنِ جِو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻنِ؛
ته بَرَ ۾ بِيکَ لَهَنِ، پَهرَ نه پِنَنِ ڪاپَـڙِي.
4
اَسُکُ جِن اَويرَ، سي سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
لاهُوتِي لَطِيفُ چئي، آڌِي ِڏيَنِ اُليرَ؛
سُتو لوڪُ پَسي پِيا، سامي مٿي سَيرَ؛
ڪيڏانهُن ڪندا پيرَ؟ مِڙوئي مٿو ٿيو.
5
وِچِينءَ ويٺا رَهَنِ، سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
بُکَ مَرندي بِکِيا، ڪَنهِن کان ڪينَ گُھرَنِ؛
پيٽَ نه هيرِيائُون پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳيان پِـنِي ماٺِ جِي.
6
ڪَشي ساڻُ ڪَشَنِ، ڏِيلَ ڪَيائون ڏُٻِرا؛
پيٽَ نه هيرِيائُون پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
اهِڙِيءَ راهَ رَسَنِ، ڪاپِـڙِي ڪابُولَ کي.
7
آديسِي آديسُ، هِتان ڪَري هَلِيا؛
ڪاپَڙِيُنِ قَلۡبَ ۾، ڪَيو ڏُوراڻو ڏيسُ؛
ويراڳِي نئون ويسُ، راوَلَ ڍڪي رَميا.
8
آديسِيُنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيُنِ ۾؛
تن جو حَسَبُ نَسَبُ ناهِ ڪي، نه اَما نه اَبُ؛
سامِيُنِ کي سَڀين پرين، رُوحَ ۾ رَهيو ربُ؛
رِءَ لانگوٽِيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نه پاڻَ سين.
9
لُنگُ ڪَڍيائون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نه مَسَحُو؛
جا اِسلامان اَڳي هُئِي، سا سُئائُون ٻانگَ؛
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکناٿَ کي.
10
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ! ٻَنِ رُجاتُ؛
لِباسان لَطِيفُ چئي، پَلِ ويراڳي! واتُ؛
مَنُ ماري ڪرِ ماتُ، ته تِيرٿَ پَسِين تَڪِيو.
11
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي! رَکِج جوڳُ؛
خَلِقَ خادِمُ جِئَن ڪَرِين، اِيُ راوَلَ! وڏو روڳُ؛
ڀَڳَنِ ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وَڃَنِ نِڱِيا.
داستان اٺون
1
رَهِيا اَٿَيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابرِي؛
لُنءَ لُنءَ منجِھ، لَطِيفُ چئي، ڪَرِ تنِين جِي تاتِ؛
سَندِي جوڳِيانِ ذاتِ، ٻِئي ڀيري مَسَ مِڙي.
2
تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گھورِ؛
وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
3
تان ڪِي وَٽِنِ ويہُ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
سامِي سَفَرِ هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيہُ؛
ڇَڏي سُکُ ساڙيہُ، مٿي گَنگا گَجيا.
4
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، جاڳَـرُ جوڳِـيَڙَنِ جو؛
ساري سَناسِيُنِ کي، رُئَندين تان رو؛
پَسُ! پارِيان تو، لاهُوتِي لڏي وِيا.
5
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
6
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِـيُنِ جوڙَ؛
ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِـيَسِ کوڙَ؛
مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِيا.
7
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، ڪَرڳَل ڪِينَ رُوئَنِ؛
نه اُهي آديسِي اَسُکا، جن سين مَڙهِيُون سُونهَنِ؛
مَڙُھُ پُورِيائُون ماٺِ تي، واڄَٽَ ڪِينَ وَڄَنِ؛
وِيا نانگا سي نِڪِرِي، پَهرَ نه پُورِبِيَنِ؛
سارِيو سَناسِيُنِ کي، اولاڪا اَچنِ؛
لاڄَئُون لاهُوتِيَنِ، جوڙي ڏِنيُون جِيَّ کي.
8
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، دُونهِين، ڌُنڌُ، نه لاٽَ؛
وِيا ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
آءٌ مارِيَسِ تَنهِين ماٽَ، جِيجان! جوڳِـيَڙَنِ جي.
9
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ؛
سندو پُورَبَ پارُ، آڇِيائِين اَنڌَن کي.
10
هيءِ! جي هُئا هِتِ، ته مَٿِن هُوندَ حَقُّ ٿِيو؛
مَڻِيُون، مُورَتَ، مَتِ، مانَ وِسرِيُون ڪِي لَهان.
داستان نائون
1
بُکَ وِڌائُون بُگِرِيـين، جوڳِي ڪندا جُڃَ؛
طَلَبَ نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ؛
لاهُوتِيُنِ، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃَ؛
سامِي جھاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجھا ٿِيا.
2
نه گِندا نه گَـبَرِي، نه لانگوٽِي لِکَ؛
جيڏَنهِن ڀَرينِ وِکَ، تيڏَنهِن صاحِبُ سامهُون.
3
ڪڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينهَن جِي؛
جَهِڙا آيا جَڳَ ۾، تَهِڙا وِيا موٽِي؛
اُنيِن جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.
4
جِئَن ٿا پُڇَنِ اَنَّ کي، تِئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ؛
ته رِڙهِي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.
5
جا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ؛
روزا رِندَ رَکنِ، عيدَ نه اوڏا ڪاپَـڙِي.
6
جَنهِن سَناسِيءَ سانڍِيو، گَندي ۽ گِراهُ؛
اُنهِيءَ کان اللهُ، اَڃا اَڳاهُون ٿِيو.
7
ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَر ڪا هِنئارَ هَلَڻَ جي؛
اَڄُ، آديسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.
8
پرِينديئِي پيرِ ٿِيا، ڇڏي گَنجو گامُ؛
گُروءَ سندي گَسَ ۾، جِن ڪَيا تَنَ تَمامُ؛
ويـهِي ڪَيو نه وِچَ ۾، تِنِ آديسِيُنِ آرامُ؛
رَهَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَـڙِي.
9
اَکِـيُون، آلو ماهُ، سدا سَناسِيُنِ جُون؛
واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳي جَھـلِيا جوڳِـئين.
10
اڃا سي آهِينِ، جي سَزاوارَ سِڱِيُنِ جا؛
ويٺا وَڄائِينِ، جي سَنِاسِي! سُڻِئين.
11
مَرَڻُ مُسَلَّمُ جِنِ، واحِدُ تِنِ نه وسري؛
مٿي سَڳَـرُ ڪاپَڙِي، ڪا نانگا نِنڊَ نه ڪَنِ؛
نيڻَ سدائِين تِنِ، اوجاڳَنِ اُجارِيا.
12
ڏورَڻُ گَھڻو ڏاکِڙو، ڏورِجِ مَ رِءَ ڏِئي؛
تان تان هوئِـجِ حُجِري، جان سين يارُ جِئي؛
جڏَهِن پاسي پاڻَ ٿِئي، تَڏهِن ڇَڏِجِ تَڪِيو.
13
ڏورِ مَ ڏِئان ڌارَ، ڏورَڻُ گَھڻو ڏاکِڙو؛
ڪوڙين لَکَ هَزارَ، اِنَ اُونداهِيءَ اَنڌا ڪَيا.
14
تو جو ڏِئو ڀانـئِيو، سا سُورَجَ سُهائي؛
اَنڌَنِ اُونداهِي، جي راتِ وِهامِي ڏينهُن ٿِيو.
15
ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ نه نهارِيو جوڳِـئين؛
ڪي ڪُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ؛
هُو هِنَهِين هَنڌِ، ٿي هُنهَئِين وِيا هِنگِلاجَ ڏي.
16
ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ پِڻُ نِهاريو جوڳِـئين؛
سي سُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ،
هُو هُئو هِنَ هَنڌِ، هُنِ هِنگِلاجان هَٿِ ڪيو.
17
گُذَرَ گَـئِي گُذِرانُ، ڪِينَ قَـبُولِجِ ڪاپَـڙِي؛
عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَـرُ سَناسِيُنِ کي.
18
هُو جي ٿِيا هَرِڪيسَ، تِنِ لڳِي ڪينَ لِباسَ سين؛
وَتَنِ وِلَهي ويسَ، لاهُوتِي لَطِيفُ چئي.
19
بُکَ اُنيِن جِي بِکِيا، ڌُوڙِ اُنيِن جو ڌُوپُ؛
ڪَيائُون سو ئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
20
سِڱِـيُون، سيلِيُون، گَـبَرِيُون! ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو؛
پَٽُ هَڻِي پَٽَ سين، ڀـيري تِنِ ڀَڳو؛
لاهُوتُ جِنِ لَڳو، سي مَڙِهيان مُورُ نه نِڱِيا.
21
کوءِ گودَڙَ! ٻَنِ گَـبَرِيُون! نيئِي کِدائُون کانءِ؛
جيڏانهِين جوڳُ وِيو، نيڻَ تيڏانهِين نانءِ؛
ڀُڻو اِيئَن ڀانءِ، ته سِڱِـيون شُومَتَ هَٿَ جُون.
22
جا گُـرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ؛
چيلا! ماري چَرَخُ، اوڍي ويہُ اَدَبَ سين.
23
جا گُـرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا ٿِئي لاهِيندي لَڄَ؛
سندا تنهن سُهَڄَ، چيلو چوندو ڪيتِرا؟
24
جا گُـرَ ڏني گودِڙِي، سا مُون گَهڻِي سُهاءِ؛
نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِئين جي اَدَبَ سين.
25
اَندَرِ رِلا رِليُون، ٻَهَرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، گَڏَهَ جا گولا.
26
ٻَهَرِ رِلا رِليُون، اندَرِ پَٽولا؛
اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، خدا جا گولا.
27
گُلَ گُلَ پَسِي گودِڙيا، گھڻا مَ ڀانئيجِ؛
سوئِي سُڃاڻيجِ، هِيُّ هُو آهي هيڪِڙو.
28
پَٽَ ڇَڏِيائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ!
آلائِشان اَڳي ٿِيا، موٽِي ٿِيَنِ نه مِسُ؛
هِيُّ ڇَڏِيائُون حِسُ، وَڃِي ڪالَھه ڪُلُ ٿِيا.
 
 
سُر ڪاپائتي
داستان پهريون
1
توڻي تُون ڪاتارِ، جِمَ هيڪِلِي ڀيرِئين؛
ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ اِنَهِين سُٽَ ۾.
2
جان ڪَتِين تان ڪِتُ، هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي؛
ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪِتي سيباڻِي؛
ڄاتو جِن ڄاتِي، تِنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي.
3
هيءَ هَڏِ وِهاڻي، جان ڪَتين تان ڪِتُ؛
ڪو پنَهِنجي عِيدَ کي، ڀيري ڪَجِ ڀَرَتُ؛
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچَ سَرتِيين.
4
ڪَتَڻَ جي ڪانه ڪَرِين، سُتي ساهيِن هَڏُ؛
صُباحَ ايندَءِ اوچِتو، عيدَ اُگھاڙَنِ گَڏُ؛
جِتِ سَرتِيون ڪَندَءِ سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سينگارَ کي.
5
اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
ڀوري! توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا؟
6
اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
مونا اُٺجِي اُکَڙِيا، اَرٽَ ڍَرڪِي مالَ؛
هَيءِ! تنِين جي حالَ، جن ڪاپي منجھان ڪِينَ ڪَيو.
7
سي تو ويهي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سندا ڏينهَن؛
اَرِٽَ اوڏِي نه ٿِئين، ڀورِي! ڀوري سِيئَن؛
ڪَنڌُ کَـڻندِينءَ ڪِيئَن، اَڱڻِ عجِيبَنِ جي؟
8
سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهُ نه ڪَتِين رَڏِ؟
ويهِي ڪُنڊَ، ڪاپو ڪَرِ، گُھتُون گوهِيُون ڇَڏِ؛
ته صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.
9
ڀَڳو ئِي ڀيرِ، جانسين رَتو راسِ ٿِئي؛
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، هارِي! پاڻُ مَ هيرِ؛
ڪِتُ ڪَتِينديُون ڪيرِ، نَئين سين نه ڄاڻِجي؟
10
ڀيرِئين ۽ ڀانـئِيين، اِئَن وِڏُوڻو ڪانڌُ؛
ويٺِي اورِ اَرَٽَ سين، ڳِچيءَ پايو پاندُ؛
ته تُنهِنجو ئي وِڻواندُ، ڪِتو وِتو نه ٿِئي.
11
چائُتِ پائي چِتَ ۾، سَنهو ڪَتيو جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نه ڪَيو.
12
مُحَبَتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگھائِيو.
13
ڪو جو وَهُ ڪاپائِتِيَنِ، ڪنبَن ۽ ڪَتَنِ؛
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجھ اَچَنِ؛
اُنِ جِيءَ سُونهَنَ، سَيَّدُ چئي، صَراف ئي سِڪَنِ؛
اَگِھيا سُٽَ سَندَنِ، پائي ترازِيءَ نه تورِيا.
14
سُٽُ اُنيِن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ؛
آوازُ اَرَٽَ جو، ساهَ نه سُڻائِينِ؛
لِڪايو، لَطِيفُ چئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ؛
جي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلُھ مَهانگو اُنِ جو.
15
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِھ ڪِتَنِ؛
سُٽُ اُنِ جو سَڦَرو، مَٽِيو ماڻِڪَنِ؛
قادرَ ڪِيمَ ڪَڍَنِ، ٿيلهي ٿُلهي وارِيُون.
16
ڀيرِئين، ۽ ڀانـئِيـين، ڀانـئِڻُ ڀَڃي ڇَڏِ؛
ڪِتو وِتو پورِهيو، هوڏَ وِجَھنديَءِ هَڏِ؛
هِتي ڏيڍو مَٽِجِ ڏَڏِ! جتي ڏَڪَنِ ڏَهَسئي وارِيُون.
17
اولياڻِيانِ اَرَٽَ، ڪيڏانهن ڪَتَڻَ واريون؟
پَهيُون مٿي پَٽَ، لُڙِجَنِ لاکِيڙَنِ جُون.
18
ڪَتي ڪَتي ڪالَھ، اَڄُ نه آتَڻِ آئِيُون؛
اَرَٽُ اُکلي مالَھ، پُوري ويئِيون نِجُھرا.
19
نه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون؛
پَسِيو بازارِيُون، هِنئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي.
20
تاڃِي توريائُون، عَيبَ نِڪتا اَڳِيان؛
ڪوٺي ڪاپائِتِيُنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِيائُون؛
اَگَلَڙي آءٌ، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نه ٿِيا.
وائي
ڪا هِنئين سين لاءِ ڀوري! ڪا هِنئين سين لاءِ.
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جِنِ پِڃايو پاءُ؛
لَسي تَندُ، لَطِيفُ چئي، هَلي تِنِ هَٿاءُ؛
پَهيُون تُنهِنجُون جِھرِڪَنِ جھورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ؛
اَرَٽَ پاسي اوجِھرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو ساءُ؛
آڌيءَ، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، رِوئِي رِيجھائِجِ راءُ.
 
 
سُر پورب
داستان پهريون
1
ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛
آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيهو، وِچ مَ وِساريجِ؛
اَللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجھو ڳالِهائيجِ؛
چُئان تِئَن چئيجِ، ته کِنياتا! خوشِ هُئين.
2
آءُ اُڏامِي، ڪانگَڙا! پارانڀانِ پَچارِ؛
ويـهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ؛
جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
3
پارانڀانِ پَچارِ، مٿي لامَ لَطِيفُ چئي؛
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اَوَان جِي ڪارِ؛
جي ڏِٺي ۾ ڏيٺارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
4
وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا! لَنئُن لاتِ؛
وِيا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
5
ڪانگَلَ! سي ئِي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرڏيہِ وِيا؛
جنِين رِءَ جَهانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ؛
اللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڪَجِ ڳاراچو ڳوٺِ؛
جي ڏَمِرِيا ڪَنهِن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
6
پِرِين جي پَرديسَ ۾، تِنِ جي ڪانگا! ڪَجِ خَبَرَ؛
ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پکِي! تُنهِنجا پَرَ؛
گُھمِي مَٿان گَھرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
7
ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛
وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
پِرين مانَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي!
8
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشڪَ کَـٿورِيءَ مَڻُ؛
اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگِھجِ اَڱَڻُ؛
تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي.
9
آندِيوُن ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واهَ؛
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيون سَرَهائِيُون ساهَ؛
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنهِنجا سابِ پِيا.
10
ڪانگَلَ! تُنهِنجِي ڇانگَ، جَڏو جِيُ جِياريو؛
مٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولِئين سِرِ ٻيلانگَ؛
اُڏِرُ مٿان ڦانگَ، ته گَھرِ آوَنِ سُپِرِين.
11
ڪانگَلَ! نيئِي ڪانگِ، مُنهِنجِي ڏي مَحِبُوبَ کي؛
”لالَنَ! لايَـئِي ڏِينهَڙا، ڪَنهِن سِٽاڻي سانگِ؛
اَوان رِءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِهَ وَسائِيان.“
12
رِءَ پِرِيان پَرديسَ ۾، وِرِهَ وَڌِي ڪِي وَسَ؛
اَکِـيُون پارِ پِرِيُنِ جي، ٿِيوُن گامَ نِهارينِ گَسَ؛
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَرُون.
13
زاغَ! تُنهِنجِي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون؛
اُڏامِجِ، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏُون؛
ڪَجِ وينَتِـيُون وِتَرِيُون، ٻاجھائِجِ ٻَهُون؛
ته ”لالَنَ! ڪونَ لَـهُون، جِھو تو جَهانَ ۾.“
14
قَرِيبَنِ جو ڪانگڙو، مٿي ٽارَ ٽِلي؛
کَـڻِيو کِنياتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِيو کِلي؛
لائِي جَنهِن لالَنَ سان، مُنهِنجي باتِ بِلي؛
سو وَرُ چَشِمَنِ سان چَلي، جو دَرِبارِي دوسَ جو.
داستان ٻيو
1
تَن اَکِيُنِ اُتان سُکَ، کِلندي کَڻَنِ جي؛
پِرِيُنِ پاٻوهَڻَ سان، ڏُورِ ڪَيا سَڀِ ڏُکَ؛
ماڙُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنَا ڪيا.
2
سامي چائِيـين، سُکُ طَلبِئين، سِکِـئين نه، سامِي!
اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي؛
گُـرَ کي تُون نه گَڏِئين، چائِيـين اِنعامِي؛
دائِمُ مُدامِي، پورو رَهِجِ پِرِينءَ سين.
3
پُورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ؛
سُيَمِ نه سَنياسِيُنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ؛
ڪا جا جوڳِيءَ ذاتِ، مِٽَ نه معذُورَنِ جا.
4
مٿي راهَ رَوان ٿِيا، پُورَبِ پُورِيائُون؛
هي گَھرُ گھورِيائُون، آڳانڍِيائُون اڳِيان.
5
پُورَب پُورَب تَبِ ڪَرُون، جَب هِنئَڙي آوَنِ پُورَ؛
سِڪَندي کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ؛
مارِيَسِ تَنهِن سُورَ، جِئَن ساڄَنُ سُڄي، نه مِلي.
 
 
سُر ڪارايل
داستان پهريون
1
”وَحۡدَهٗ“ وائِي، چَڙَهندي چَيائِين؛
سو لُڙُ لَنگِھيائِين، جِتي پارَکَ پَکِيان.
2
ٻَگَھنِ سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاسِ؛
جِتي پِرِين سَنداسِ، سو سُر مَڻي هَنجَڙو.
3
اکڙيُون اوڙاهَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ؛
پِٿُون جي پاتارِ، هَنجُ تنِين جو هيرَئُون.
4
وَڃِين نه پيهِي، پِٿُنِ لَءِ پاتارَ ۾؟
ڪنڌِيءَ ۾ ڪيهِي، هاجَ تُنهِنجِي هَنجَڙا.
5
ٿِيو حُضُورِي هاڻِ، سوجھا پِيَسِ سَرَ جي؛
کَنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِـيَڙي پاتارَ ۾.
6
اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ؛
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنهِن سَرَ مٿي هَنجَڙا.
7
هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِهارِئين؛
ٻَگَھنِ ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلَھ نه ٻَڌِين ڪَڏهِين.
8
آءُ اُڏامِي هَنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي؛
مَتان مارِينَئِي، پاڙِهيري پَھُ ڪَري.
9
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا.
10
ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
ٻِنِين سَندِي ڳالھڙِي، عِشق اِيُّ اُهڃَ؛
توءِ نه لَهينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
11
جيهَرَ لوڪُ جَھپَ ڪري، اوهيرَ اُڏامَنِ؛
پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارِيو چُڻَنِ؛
ڪوهُ ڪَندا کي تَنِ، پاڙِهيڙِي پَہُ ڪَري؟
12
وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.
داستان ٻيو
1
سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي هَنجُ؛
پيهِي جان پَرُوڙِيو، مون پانهِنجو مَنجُھ؛
ڏِيلَ جَنهِن جو ڏَنجُھ، سو مارِي ٿو مَنجِھ ڦِري.
2
سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسِينگَنِ جا؛
جَنِين جي جَھڙَپَ، هاٿِي هَنڌان ئِي نه چُري.
3
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، اُوءِ ڪَڇَرَ وِهَ کَري؛
تِن جا مُنهَن مَلَڪَنِ جَهِڙا، ٽِڪو نان نه ٽَري؛
جي اُنهِين ساڻُ اَڙي، ته ڪانهي جاءِ جَرِيءَ جي.
4
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، تن جي وِهُ جو وَرَنُ ٻِيو؛
تن جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو؛
پُرِيَنِئان آهي پَڌِرو، تن نانگَنِ جو نِهو؛
ڪِلي ويلَ ڪِهو، جو سامُهون ٿِئي سَپَنِ کي؟
5
ڪَنهِن ڪَنهِن ڪاريءَ ذاتِ کي، مورَ به مَٽائِينِ؛
جي چَتُرا چَکِيا ڪَري، ته وَڳَ وَرائي ڏِينِ؛
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽِيا.
6
پَهرِين ڪاري نانگَ جِي، ڪو ڇِرڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري؛
هي هَڻي ڏَنگَ ڏَسائِيو، ته ويجھو تان نه وَري؛
جيڪي ٽَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.
7
کَـپُرَ! گاروڙِيُنِ سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ؛
نانگَ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ؛
هِيُّ تنِين جو ڊيرُ، جن جُهوناڳَڙُھ جَلائِيو.
 
 
سُر پرڀاتي
داستان پهريون
1
اِيُّ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجِھي ويٺين ويرُ؛
توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَـڻو؟
2
سُتو ڪِئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ؛
سُڀان سازُ سندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.
3
سيراندِيءَ سازُ ڪيو، سُمهِين سارِي راتِ؛
جاجِڪاڻي ذاتِ، اِيَ هوءِ اَڳَهِين؟
4
جنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ؛
رُڃُنِ راهَ پُڇَنِ، مٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.
5
مُوڙهو ڀُڻين مَڱَـڻا! ڪيڏانهن هُئين ڪالَ؟
لَنگھا! ڇَڏِ، لَطِيفُ چئي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ؛
سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ ته قيمَتَ آڻِئين.
6
چارَڻُ لَڱو، پَنڌُ گھڻو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ؛
هِتِ ڪِي هلائيجِ، اُتي آءٌ نه اچڻو.
7
جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِھيان ئِي ڳُجَھ ۾؛
سي جي سُڻَنِ ڪَڏَهِين، ڪِرِتِ وارا ڪي؛
ته سازَ مِڙوئي سي، هُوندَ پِٿون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.
8
اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيتِرا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ؟
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪري، سو مِڙوئِي ڏوهُ؛
تون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان.
9
اُٿِيو اَٻوجھاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو؛
جِئَن اَئِين ڪِيرَتَ ڪَٽُ نه سِکِيا، تِئَن پاڻا رِيڌو راءُ؛
مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اَوهان جو آهِيان.
10
ڏاتِ نه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي؛
آريُون اَٻوجَھنِ جون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي؛
جو راءَ وَٽِ راتِ رهي، تَنهِن جُکِي تان نه ٿئي.
11
ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گُھريجِ تُون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي؛
سَپَڙَ راتِ سَنباهِيا، تازِي تو لائي؛
جو ڄاڻي نه ڳائي، تَنهِن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَھ ڪِي.
12
پِيو ليٽِين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين؛
اُٿِي آڌِيءَ نه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ؛
رُونجھي راتِ اُپَٽِيا، پيٽِنِيَئُون پاڻَيٽَ؛
ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چَارڻين.
13
ڏاتارَ ڏُکَ ڪَيا، پاڻا مَٿي مَڱَـڻين؛
”مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱَـڻا! مَڱِين ڪوهُ ٻِيا؟
تَڏِهن تو پِيا، وِچان وِلَھا ڏِينهَڙا.“
14
مَڱُ تَنهِين کان، مَڱَـڻا! جو ڏِيهاڙي ٿو ڏِئي،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ! مَڱِين جي؛
سُڀان توهِين کي، موٽي ڏِيندا مُنهَن ۾.
15
کَڙَھَ اَڳِيان کَپُ، ڏِهاڻِي ڏاتارَ جي؛
لَنگھا! لاهِ مَ لِکَ سِيئَن، مَٿان چانئُٺِ چَپُ؛
مَڱَـڻهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري.
16
سَپَڙُ ساهُ پَساهِ، جاجِڪ! جِمَ وِسارِئين؛
ريهي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ؛
لَنگھا! تون لِيلاءِ، اڳِيان وڃِي اُنَ جي.
17
تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون صاحِبُ، آءٌ سَڳُ؛
پُڇِي تُنهِنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.
18
تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آءٌ ڏوهُ؛
تُون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان.
19
اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي؛
سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين.
 
 
سُر ڏهر
داستان پهريون
1
ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون؛
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنهِن پَرِ ڏِينهَن گُذارِئين؟
2
جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِـيُنِ جو؛
مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نه ڪَرِئين.
3
ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَهِيَڙو؟
4
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا؛
جُنگنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا.
5
سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو؛
سو پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيون نه آيو؛
ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻـئِين.
6
ڍورُ نه اَڳـينءَ ڍارَ، مهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو؛
موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻيءَ پارَ؛
جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.
7
جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
ڪائي ۾ ڪوه ڪَرِئين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ؟
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهِميزُون مَلاحَنِ جُون.
8
جان جَرُ هُئَڙو جالَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
پَوَندِيَءِ اَڄ ڪِ ڪالَ، سانڀويُون سانگِنِ جُون.
9
جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَھٽَ به جَھـلِيَءِ گھاتُئين.
10
مَتو آهِين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين؛
جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَنڙا.
11
ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏهِن هَنيائُون؛
موتِ نه ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏُکَ جِي.
وائي
لايَءِ جا وَرۡنَ کي، سا ڪانڌَ! مُنهِنجي ڪورا.
ماءُ! مارِيندَمِ ڪَڏهِين، هِنَ پِرِينءَ جي هورا؛
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا، ڪَرَ ٻاٻِيهو جِئن مورا؛
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتورا؛
ڇَپَرُ کَـٿُورِي ٿِيو، ٻِي تازِي ڦُلَنِ ڦورا؛
اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، سانوَل ميڙِ سَنڀُوڙا.
داستان ٻيو
1
مَدِيني جا مِيرَ! سُڻُ مُنهِنجا سَڏَڙا؛
سَرَڻِ تُنهِنجي سِيرَ، تُون پارِ لَنگھائِيين پَيَڙا.
2
ڌَڻِي! سو وارِئين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين؛
وَهِيءَ واٽَ مَٿاءُ، هِنئَڙي آسَرَ مَ لَهي.
3
نيڻَ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا؛
هَنجُون نه هارِينِ، پاڻِي پُنهُونءَ ڄامَ ري.
4
نيڻَ نِهاري مُنهِنجا، روئِي ٿِيا رَتُ؛
پُنهُونءَ هوءِ پَهَتُ، ته پارِي نِيَنِ پاڻَ سين.
5
َاڄُ اَڱَڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيانِ؛
ڏُونگَرِ ڏِينهَن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.
6
اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛
خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛
نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.
7
صاحِبَ! تُنهِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛
پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون؛
جيڪَرَ اچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.
8
جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛
رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛
ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
9
سَتَرُ ڪرِ سَتّارَ! آءٌ اُگھاڙِي آهِيان؛
ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو.
وائي
مُون کي نِنڊَ نه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَن ۾.
موٽُ تُون آيَلَ! مُنهِنجِي ماءُ! تان تو ڏُکُ نه ڪيڻين ڪيڻين؛
هُوءِ نه نينِمِ پاڻَ سين، جا ويندڙِي سيڻين سيڻين؛
ڪالهُوڻِيان اَڄُ گَھڻِي، جھورَڙِي جھيڻين جھيڻين.
ٻِيُون سَڀُ واڳِيون وَرَنِ سين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻين ويڻين.
هِنئَڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتڙو نيڻين نيڻين.
اَلا! عَبۡدَاللَطِيفُ چئي، مُحِبَّ اسان تُون ميڙين ميڙين.
داستان ٽيون
1
ڪَرِ ڪو ڀـيرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجھري؛
پِرِين! تُنهِنجي پاندَ، ڍولا! ڍَڪِي آهيان.
2
جِئن تون قائِمُ، ڪانڌ! تِئَن آءٌ وَرَ! وِلَهي نه ٿِيان؛
پَکي ڇِنان پاندَ، ڳَنڍُ نه ڄاڻي ڪو ٻِيو.
3
ڪانڌَ ٻِـيُنِ ڪيتِرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ؛
پاڻا ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوهُ اَکِـيُنِ سين.
4
وَرَ سين وِجِھيو ڪاڻِ، کَـرَ سين کِلَڻ پائِيين؛
ڀورِي! مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇَڏِيو تُھَ ميڙِئين.
5
سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نه ٿِـئي.
6
ڪِي سُمھُ، ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيھُ ڀانـئِيو.
7
جاڳَڻَ مَنجھان جَسُ، آهي اَدا! جن کي؛
لاهي جو، لَطِيفُ چئي، مَٿان قَلۡبَ ڪَسُ؛
وَرنہَ! ڪَجان وَسُ، صُبُحَ ساڻ، سَيَّدَ چئي.
8
هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُـلِئين؛
راتِيُون ٻِيُون گَھڻِـيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪِلي.
9
سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏو ئِي ٿِيو؛
پِرِين سين پاڙو، مُنهِنجو نِنڊَ نِبيرِيو.
10
پِرَهَ ڦُٽِي، راتِ گَـئِي، جھيڻا ٿيا نَکَٽَ؛
هارِي! وِيَءَ وَٽَ، گَھڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا.
11
پيئِي جا پِرِڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا!
روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏسي ڏُکويَنِ کي.
12
ڍولُ مَ کڻي ٻانهَنڙِي، پِرِهَ مَ کَـڻي پاندُ؛
آءٌ پَنهِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائِيان.
13
ڦِريا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِيَنِ کِيرُ نه چَکِيو؛
دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِيا.
داستان چوٿون
1
روهِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پڻ هَلَڻَ هارِيُون؛
ڪَرڳَلُ ڪُونجَڙِيَن، رائي ۾ راتِ ڪَيو.
2
وَڳَـرُ اُڪِيري سَرُ سارِيو، سُورَ چَري؛
جُھري جِھڄندي ڏِئي، سَنِيها کي سَڄَڻين.
3
وَڳَـرُ وِساري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
ڪِ تو نه ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين؟
4
وَڳَـرَ وِيا وَهِي، ڪالَھ تُنهِنجا ڪُونجَڙِي!
ڪَندِينءَ ڪوهُ رهِي، سَر ۾ سُپيرِيُنِ ري؟
5
وَڳَـرَ ڪَيو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنَنَ پاڻَ ۾؛
پَسو پَکِـيَڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گَھڻو.
6
مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين چاڪَ؛
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَھرِ گھارِيندِيُون ڪيتِرو؟
7
ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَڙا.
8
اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهُونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري؛
پِرِين پَسِي مَنجِھ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.
9
ڪُونجُون ٿِـيُون ڪُڻِڪَنآِ، جيڪُسِ هَلَڻَ هارِيُون؛
ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.
10
آيُون ڍورَ ڍرِي، اصُلَ سَندي آسِري؛
کَنڀَڙَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پَـير ڏُکويا پَکَـڻين.
11
ڪُونجَ نه لَکِيو ٻاڻُ، مارِيءَ سَندي مَنَ ۾؛
اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.
12
ڪُونجَ! نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنهِن سين ڍَٻيو؛
مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.
13
مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛
جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي.
14
ڪَيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگھارَنِ سين؛
جنِين جي خَمِيسَ، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.
15
جِيَنِ سي سَنگھارَ، اَجھي جنِين گھارِيان؛
مانَ لَهَنِئُون سارَ، وِچِ وِلَهين ڏِينهَڙين.
16
جي ڀانئِين وَسَ چَران، ته سَنگھارَنِ سين لَڏِ؛
ته هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِين ڪَڏَهِين.
17
مَنڌِيُون مَٽِ گُڙَنِ، جھوڪَ به سُونهَنِ پَهِيَڙا؛
سَندِي سَنگھارَنِ، جُوءِ جِئاري جَڏَڙين.
18
جاڳو، جاڙيجا! سما سُک مَ سُمهَو؛
پَسو، آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيُون ڪَري.
19
ٽاٽُونڪِينِ پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرِکِرا؛
لاکي لوڙائِنُ جا، اَهِڙا ئِي اُهڃاڻَ؛
ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.
20
ريـٻارَڻِ! رِيجھاءِ، لاکو لُولاٽِيُنِ سين؛
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ مَٽائي ٺاڪُرُو.
21
لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀـيرُ ٻِيو؛
جَنهن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجھ ڪُنبَنِ؛
جَنهِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نه لَهي.
22
لاکو لکِيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ؛
سونهرايُون سِرِ ڪَيو، ڀِيڙي ٻَڌي بيٺِ؛
ڪَندو ڏَمَرَ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀَڪَنهِين.
 
 
سُر بلاول
داستان پهريون
1
وِسَھُ اِنَهِين ويڻَ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا؛
مَضۡمَضَہۡ واتا، وِجُھ ته ڏيئِي واتَ ۾.
2
پيُ مَ طَهُورا، وانءُ اورانگھي اورِيان؛
وِچان جي وِصالَ کي، سي سَڀِ اُجُورا؛
حاصُلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀِ ٿِـئي.
3
سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛
ڳَـهَڻَ! تُنهِنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛
جِنِ جيها ئِي پَٽُ، تِنِ تيها ئِي بِکِيا.
4
سمو تِنِ سَڏَ ڪري، جِنِ تي وڏو ويرُ؛
اُٿي ته آجِي ٿِيان، پائي پاکوڙي پيرُ؛
تو رِءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي.
5
سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلَهَنِ؛
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ؛
جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌِرو.
6
تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو؛
ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ؛
وِلَها جنهن وَنهِيا ڪَيا، پاڳَ تَنهِنجِي پَسُ؛
ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.
7
علاؤالدِّينُ آئِيو، کَـڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ؛
ڪَنهِين ڪِينَ هِمَٿِيو، ڪانَ جَھـلِيندو ڪيرُ؟
سُومِرينِ سامَ کَنئِي، اَبڙي ڪَيو اُٺَ پيرُ؛
هو مُهانئِين مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.
8
سَرَڻِـيُنِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛
جي آيوُن اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.
9
ٻِـيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نه ڏُونگَـرَ راءُ؛
اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛
لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.
10
اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَھلو ڀارِي؛
سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلہَ وسارِي؛
مَنَهَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛
پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.
11
ابڙو اَڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئَن ٻيلي؛
سي پَٽَ ڪَنهِن نه پُورِيا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي؛
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَنءَ جِئَن، رُڄُون ٿو ريلي؛
اَچَنِ جي ويلي، تِنِ بورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.
12
اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونهن سَڀَنِ؛
تَنهِن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.
داستان ٻيو
1
جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پيدا ڪَيو؛
ڪيهَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇُون مَلُھ موڙي؛
سَمُونڊَ جِئن سِيرَ ڪَيو، ٿو ٻارِ جِئَن ٻوڙي؛
گھوٽُ چَڙهِيو گهوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچِرا.
2
جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا؛
جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائِين نه ٻِيا؛
مِٽِي تَنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتِرِي.
3
ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نه ٻِيا چَڙهَنِ؛
ته ڪي کُوھَ کَڄَنِ، جهُ سَرُ لَڀي سَڀَرو؟
4
هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي وِچِ مَ پوءِ؛
پِي پِي سو پُرِ ٿِيو، جو حاتِمَ پاسي هوءِ؛
ڪَيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَهانَ ۾.
5
هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ؛
”اچو! آيا نِچُ!“ سَمي وائِي واتَ ۾.
6
جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛
مُهَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛
”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَڪانُ؛
اِيُ آگي جو اِحۡسانُ، جَنهِن هادِي ميڙِيُمِ هَهِڙو.
داستان ٽيون
1
ڪوهُ نه جُهارِئين جَکِرو، جنهن ڏيھَ ڍيا ڏيئي؟
جي لُڏِيا ٿِي لِينگُهن ۾، شالُن ۾ سيئِي؛
سَمي سَڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪيا.
2
اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.
3
اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پـَيرِيندي ٺَرِيا؛
مَنجِھ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيـين.
4
تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اجھو، تُون اَڳُ؛
هِتِ پِڻُ تُنهِنجو تَڪِيو، مَهَندِ پِڻُ تُونهِين ماڳُ؛
سي لورِيُون ڏِيَنِ نه لاڳُ، جي اَجھي آيُون اَبِڙي.
5
پَسَنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکِرو ئي جاجِڪَ؛
تِئان ڏِنِي مَڱَـڻي، طَهُورا جِي تِڪَ؛
سَمي ڀَڳِـيَنِ سِڪَ، واصِلُ ٿِيا وِصالَ ۾.
6
جي اُڌَمِيو اَڄُ، ته وَسندو سونَ سَنگُ؛
جالَ ڍَئِيندو جُنگُ، جَڳُ ڍَئِيندو جَکِرو.
داستان چوٿون
1
وَڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسَنِ ڪينَ وِڌوسِ؛
گَندِي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پِـيرَ ٿِيوسِ.
2
وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ؛
مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نه ڏِنُسِ جوءِ؛
ويٺو اِئين چوءِ، ته پِيران پاسي نه ٿِيان.
3
اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آهِ وڳَندُ؛
هَڏِ نه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جِي.
4
اَسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛
جُسي ۾ جَڏو، پر کِـيَڻَ تي کُڙا کڻي.
5
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ؛
خاوَندَ! ڏي خُوشبُوءِ، ته سُرهو ٿِيان سُپِرِين!
6
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجھو؛
ڇَڏي نه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطارَ سين.
7
داتا سَندي دَرَ تي، وَڳَندُ ويٺو پَسُ!
تَنهِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلوُدو آزارَ سين.
8
وَڳَندُ ورِي آئِيو، نِسورو ئِي نَرَڳُ؛
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيَّدَ جو سَرَڳُ؛
عَطُرَ سين اورَڳُ، ته هُئين سَدائِين سُرَهو.
9
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو بي نِـمازُ؛
جِئَن تِتِرَ مٿي بازُ، وَڳَندُ تِئَن سُرهاڻِ تي.
10
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪوٽِڙِيان ڪُلاٽُ؛
سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، هَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻين.
majidbhurgri@yahoo.com

Contents
انتساب 4
مهاڳ 6
انٽرنيٽ ايڊيشن جو مهاڳ 9
سُر ڪلياڻ 13
سُر يمن ڪلياڻ 23
سُر کنڀات 45
سُر سريراڳ 54
سُر سامونڊي 70
سُر سهڻي 78
سُر سسئي آبري 102
سُر معذوري 121
سُر ديسي 131
سُر ڪوهياري 144
سُر حسيني 153
سُر ليلا چنيسر 170
سُر مومل راڻو 177
سُر مارئي 189
سُر ڪاموڏ 210
سُر گھاتو 216
سُر سورٺ 219
سُر ڪيڏارو 228
سُر سارنگ 237
سُر آسا 247
سُر رپ 258
سُر کاهوڙي 263
سُر بروو سنڌي 270
سُر رامڪلي 276
سُر ڪاپائتي 298
سُر پورب 303
سُر ڪارايل 308
سُر پرڀاتي 312
سُر ڏهر 316
سُر بلاول 325
 
 

Contents
 
انتساب
مهاڳ
انٽرنيٽ ايڊيشن جو مهاڳ
سُر ڪلياڻ
سُر يمن ڪلياڻ
سُر کنڀات
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر معذوري
سُر ديسي
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر ليلا چنيسر
سُر مومل راڻو
سُر مارئي
سُر ڪاموڏ
سُر گھاتو
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
سُر ڪاپائتي
سُر پورب
سُر ڪارايل
سُر پرڀاتي
سُر ڏهر
سُر بلاول

 

Sign up to vote on this title
UsefulNot useful