You are on page 1of 5

‫‪1‬‬

‫سن ڌ جو تاريخي‬
‫ما ڳ ” ڪتي جي قبر“‬
‫ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار‬ ‫رپورٽ‪:‬‬
‫اڳوڻي لڙڪاڻي ضلعي ۽ موجودهه قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي‬
‫تعلقي قمبر جي کيرٿر رينج جي ڏاڙهياري جبل جي چوٽيَء تي واقع ”ڪتي جي قققبر“‬
‫جي نالي سان هڪ پراڻو تاريخي ماڳ آهي‪ .‬ڪتي جي قبر وٽ سققنڌ ۽ بلوچسققتان جققو‬
‫دنگ هئڻ سان گڏ چانڊڪا جاگير جو به پڻ دنگ آهي‪ ،‬جيڪو لڙڪاڻي ۽ قمبر کان اولهققه‬
‫طرف آهي‪ .‬جتي ڪتي جي وفاداري ۽ فرمانبرداري جي دلچسپ ڪهققاڻي آهققي‪ .‬اتققي‬
‫وڏي اهميت واري ڳالهه اها به آهي ته ڏاڙهياري جبل جي جنهن چوٽي تي ڪتي جققي‬
‫قبر آهي‪ ،‬اتي جڏهن ‪1902‬ع ۾ انگريزن ڪوئٽا کان وٺي ڪراچي تائين کيرٿر جبل جققي‬
‫رينج جي سروي ۽ ماپ ٿي ڪئي ته ڪتي جي قبر واري ڏاڙهياري جبل جي چوٽي تقي‬
‫کيرٿر جبل جي رينج ۾ سطح سمنڊ کان اوچي ۾ اوچي وڏي چوٽي قرار ڏنو هيو‪ ،‬جي ڪا‬
‫ان زماني جي سروي ۽ ماپ موجب ‪ 72‬سئو فوٽ )ست هزار‪ ،‬ٻه سؤ فققوٽ( اوچققي‬
‫آهي‪،‬جڏهن ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ سڀ کان وڌ ۾ وڌ ٿڌو ۽ سرد علئقققو آهققي‪ .‬جي ڪو‬
‫گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌو ۽ سرد آهي ۽ سطح سمنڊ جي لحاظ کان گققورک‬
‫کان به وڌيڪ اوچو ۽ مٿي آهي‪ .‬پر اسان جي بد قسمتي اها آهي تققه هققن وقققت تققائين‬
‫اتي پهچڻ لِء ڪو به سٺو ۽ سؤلو رستو ڪو نه آهي‪ ،‬جڏهن تققه قمققبر کققان وڌ ۾ وڌ ‪-60‬‬
‫‪ 70‬ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي‪ .‬جيڪڏهن روڊ رستا هجن ته ڪلڪ‪ ،‬يققا ڏي قڍ ڪلڪ‬
‫جو فاصلو آهي‪ .‬ٻي اسان سنڌ وارن جي اها بدنصيبي آهي جو هي علئقو سنڌ ۾ آهققي‪،‬‬
‫جنهن جي ڪري اهو علئقو ڪا به ترقي وٺي نه سگهيو آهي‪.‬‬
‫ڪتي جي قبر تي پهچڻ لِء گڏهن ۽ اٺن تي وڃڻو پوي ٿو‪ ،‬جنهن ڪري اچڻ‬
‫۽ وڃڻ ۾ ‪ 6‬کان ‪ 7‬ڏينهن لڳي ٿا وڃن‪ .‬هڪڙو رستو سيتا جي نئين جققابلو نققدي سققان ۽‬
‫ٻيو مزاراڻي نئين سان ۽ ٽيون رسقتو ڇانهقار نئيقن سقان آهقي‪ ،‬جڏهقن چوٿقون رسقتو‬
‫بلوچستان جي موچڙو ۽ ونگو لڪ کان ٿيندو ڪرخ پير ابراهيقم تقائين وڃقي ٿقو‪ .‬جي ڪو‬
‫جيپن ۽ فور ويل گاڏين کان سواِء موٽر سائيڪلن جو آهققي‪ .‬پيققر ابراهيققم کققان پققوِء بققه‬
‫ڏاڙهياري جبل جي ڪتي جي قبر تائين پيادل ۽ اٺن جو مشڪل رسقتو آهقي‪ .‬جيڪڏهقن‬
‫سيتا نئين‪ ،‬مزاراڻي نئين ۽ ڇانهيار واري نئين سان وڃبو ته قدرت جا جبلققن ۾ حسققين‬
‫نظارا ۽ قدرتي منظر آهن‪ .‬هر جبل جي هر ندي جقي پنهنجقي پنهنجقي سقين‪ ،‬بيهقڪ ۽‬
‫نظارو آهي جيڪي انسان کي لطف ڏيڻ سان گڏ عبرت ۽ حيرت ۾ وجهي ٿا ڇڏين‪ .‬هققي‬
‫سڀ منظر ۽ قدرتي نظارا چانڊڪا جاگير ۾ آهن‪ .‬ڪتي جي قبر جو ذڪر سڀ کققان اڳ‬
‫۾ ”ايسٽنلي نيپئير ريڪس“ فوڪ ٽيلس آف سقنڌ اينقڊ گقذرات“ ۾ ‪1857‬ع ۾ ڪيقو آهقي‪،‬‬
‫جنهن کي هن وقت ‪ 152‬سال ٿي ويا آهن‪ .‬جڏهن ته هي قصو اڃا به ‪ 100-50‬سققال‬
‫پراڻو اڳ جو هوندو‪ ،‬جنهن کي اٽڪل ‪ 250 -200‬سال ٿيا هوندا‪.‬‬
‫ڪتي جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ڏاڙهياري جبل تي هڪ مالونققد مققاڻهو رهنققدو هيققو‪،‬‬
‫جنهن جي مال جي حفاظت ۽ چوڪي لِء هڪ ڪتو هوندوهيو‪ ،‬جيڪو خطرناڪ بلئن‪ ،‬۽‬
‫جققانورن جهقڙوڪ بگهقڙ‪ ،‬چققراغ ۽ رڇ کققان بچققاَء لِء چوپققائي مققال رڍن ۽ ٻڪريققن جققي‬
‫حفاظت ڪندو هيو‪ .‬اتفاق سان ان مالونقد مقاڻهو کقي سقيڌي سقامان يقا پئسقن جقي‬
‫‪2‬‬

‫ضرورت پئي ته هن هڪ دوڪاندار کان قرض وٺي پنهنجو وفادار ۽ نمڪ حلل ڪتققو ان‬
‫دوڪاندار وٽ گروي رکيو ته آئون توهان جو قرض ڏئي پوِء ڪتو ڪاهي ويندس‪ ،‬جنهن‬
‫کان پوِء اچانڪ هڪ رات دوڪاندار جي دوڪان ۾ چور چوري ڪري ويا‪ .‬جڏهن صبح جو‬
‫ل گهوڙا ڪيققائين‬ ‫دوڪاندار ڏٺو ته دوڪان مان سامان چور چورائي ويا آهن‪ ،‬ته وٺي گه َ‬
‫جنهن تي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا‪ ،‬ڪٿي به پيرو وغيرهه نه پيو لڳي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته جبل‬
‫جي پٿرن تي پير ظاهر نه پيو ٿئي پر اهو ڪتو چقورن جقي پيقري پويقان هقر هقر اچقي‬
‫وڃي پيو‪ ،‬۽ دانهون ڪوڪون ڪري ڀونڪي پيو‪ .‬جنهن تي ڪنهن ڏاهققي مققاڻهو چيققو تققه‬
‫يار ڪتو هر هر ڀونڪي پيو ۽ اچي وڃي ٿو هلو ته سهي ته ڪتي جي پويان هلي ڏسون‬
‫ته ڪهڙي ماجرا آهي‪ .‬پوِء جڏهن دوڪاندار سميت ڳوٺاڻن ڪتي جي پويققان هلقڻ ل ڳا‬
‫ته ڪتو چند ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري انهيَء هنڌ تي اچي بيهي رهيو ۽ پيققرن سققان مٽققي‬
‫کوٽڻ لڳو ته دوڪان مان چقوري ٿيقل سقامان ظقاهر ٿقي پيقو‪ ،‬جي ڪو چقورن پقوري ۽‬
‫لڪائي رکيو هو ته بعد ۾ اچي ڪڍنداسون‪ .‬دوڪاندار کي جڏهن پنهنجي سموري چوري‬
‫ملي وئي ته هن خوش ٿي ڪتي جي مالڪ جو قرض معاف ڪري خوشيَء مان ڪتي‬
‫کي آزاد ڪري هڪ چٺي لکي ا ڳڙي ۾ ٻڌي ڪتي جقي ڳچققي ۾ ٻڌي ڇڏي ۽ ڪتي کققي‬
‫چيائين ته تون هاڻي آزاد آهين ڀلي پنهنجي مالڪ ڏي وڃ‪.‬‬
‫هوڏانهن ڪتي جي مالڪ کي به ڪتي جي سخت ضرورت هئي‪ ،‬جيڪو‬
‫دوڪاندار جي قرض جا پئسا هٿ ڪري دوڪاندار ڏانهن پئسا کڻي اچقي رهيقو هقو تقه‬
‫ڪتو کيس انهيَء هنڌ تي ملي ويو جتي ڪتي جقي ققبر موجقود آهققي‪ ،‬هقن ڪ ڪتي جقي‬
‫مالڪ ڪاوڙ ۽ غصي ۽ بي خبري واري حالت ۾ ڪتي کي ڀققونڊو)بجققو( ڏنققو ۽ چيققائين تققه‬
‫نيمڪ حرام اڄ مان توکي آزاد ڪرائڻ لِء اچي رهيو هوس تون دوڪاندار سان بيوفائي‬
‫ڪري ڇو ڀڄي آيو آهين‪ .‬جنهن تي ڀونڊو ملڻ شرط ڪتو اتي ئي مري ويو‪ ،‬جڏهن ڪتي‬
‫جو مالڪ دوڪاندار وٽ پهتو ۽ کانئس ڪتي جققي بيوفققائي تققي معققذرت ڪري قققرض‬
‫معاف واپس ڪرڻ لڳو ته دوڪاندار کيس پنهنجي چوري جي سڄي ڳالهه ڪتي جققي‬
‫مالڪ کي ٻڌائي ۽ چيائين ته مون تنهنجو قرض معاف ڪري ڪتي کي آزاد ڪري اهڙي‬
‫چٺي ڪتي جي ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏي هئي‪ ،‬جنهن کان پوِء ڪتي جقو مقالڪ پشقيمان ٿيقو ۽‬
‫واپس اچي ڪتي جي قبر کوٽي ڪتي کي اتي پوري ڇڏيو‪ .‬جنهن کان بعد اڄ تائين اهققا‬
‫ڪتي جي قبر طور مشهور آهي‪ -10 .‬مقارچ ‪1996‬ع ۾ آُء ۽ لهقور جقو بقرک صقحافي‬
‫سلمان رشيد جڏهن ڪتي جي قبر تي پهتاسون ته‬
‫ڪتي جي قبر مٿان هڪ پٿرن جو ڍير قبر جيان ٺهيل هيو‪ ،‬جنهققن کققي مققارچ ‪1996‬ع ۾‬
‫جڏهن پرنٽ ميڊيا تي مون ۽ لهور جي برک صحافي سلمان رشيد هاِء لئيٽ ڪيققو تققه‬
‫ان وقت جي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽقو صققاحبه نقوٽيس وٺنققدي سققنڌ جقي‬
‫اڳوڻي وزير اعل ٰي سيد عبققدالله شققاهه ۽ ا ڳوڻي ايققم ايققن اي قمققبر شققهدادڪوٽ ۽‬
‫ضلعي جي اڳوڻي ناظم‪ ،‬چانڊڪا جاگير جي نواب مرحوم شبير احمد خان چانڊيو جن‬
‫کي ‪ -22‬اپريل ‪1996‬ع تي ڪتي جي قبر وزٽ ڪرڻ لِء موڪليو‪ ،‬جيڪي هيلي ڪاپٽر‬
‫ذريعي ڪتي جقي ققبر تقي پهتقا هئا ۽ هقڪ پلسقٽڪ جقو ننڍڙو ريسقٽ هقائوس جقو پقڻ‬
‫بندوبست ڪرايو هيائون‪ .‬جنهن ۾ چند پلسٽڪ جون ڪرسيون وغيرهه به رکيون ويققون‬
‫هيققون تققه جيئن وزيٽققرس لِء ڪجهققه سققهوليت هجققي‪ .‬ريسققٽ هققائوس جققو سققامان‬
‫عبدالعزيز ڇٽو کي ڏنو ويو هو ۽ عبدالله شاهه ‪ -3‬ڪروڙ روپيا به منظور ڪيا هئا ۽ روڊ‬
‫ٺهرائڻ لِء به انجنيئر گهرايا ويا هئا پر سقائين عبققدالله شقاهه جققي مرضققي گققورخ هققل‬
‫ٺهرائڻ جي هئي‪.‬‬
‫‪3‬‬

‫جڏهن اها خبر علئقي ۾ رهندڙ مانهن کي پئي ته هنن ۾ ڪن ماڻهن‬


‫سمجهو ته ڪتي جي قققبر ۽ ان جققي اتققر اولهققه طققرف ‪ 100‬فققوٽ جققي فاصققلي تققي‬
‫انگريزين جي ٺهيل سروي بئچ مارڪ ۾ دنيا پوريل آهققي‪ .‬جنهققن لِء ايققتري مققالڪي ٿققي‬
‫رهي آهي‪ ،‬انڪري اتي رهندڙ ڇٽا قبيلي‪ ،‬گائنچا قققبيلي‪ ،‬چققانڊين ۽ بروهققي قققبيلي جققي‬
‫ماڻهن مان ڪنهن به اچي ڪتي جي قبر ڊاهي ڇڏي آهي‪ ،‬جڏهن ته بئينچ مارڪ کي بققه‬
‫نقصان ڏنو آهي‪ .‬جنهن ۾ سروي ۽ بينچ مارڪ جا ڪاغذ رکيل هئا جيڪي عبدالعزيز ڇٽو‬
‫وٽ موجود آهن اندازو اهو آهي ته مقاڻهن پوريقل دنيقا سقمجهي هقن کقي کقوٽڻ جقي‬
‫ڪوشش ڪئي آهي‪ ،‬جڏهن پرنٽ ميڊيا ۾ ڏاڙهياري جبل ۽ ڪتي جي قبر جي پبسققلٽي ۽‬
‫مشهوري ٿيڻ لڳي ته هي علئقو تمام گهڻو سرد ۽ ٿڌو آهي‪ ،‬ته بلوچسققتان ح ڪومت‬
‫دعوا ٰي ڪئي ته اهو علئقو اسان جققو آهققي‪ .‬جنهققن تقي سققنڌ ۽ بلوچسققتان ح ڪومت ۾‬
‫گهڻو بحث ٿيو هيو‪ ،‬جڏهن ته ل ڙڪاڻي جققي ريسققٽ هققائوس ۾ سققنڌ ۽ بلوچسققتان جققا‬
‫سيڪريٽري سطح جا آفيسر پڻ آيا هئا‪ ،‬جتي ان وقت جي ڊپٽققي ڪمشققنر ۽ موجققودهه‬
‫سيڪريٽري ثقافت سنڌ جناب شمس جعفراڻي ڪلهوڙا‪ ،‬ٽالپر ۽ انگريزن جي دور کان‬
‫وٺي دستاويز‪ ،‬نقشا ۽ ڪاغذات پيش ڪري ثابت ڪيو هو ته ڏاڙهيارو جبل ۽ ڪتي جققي‬
‫قبر چانڊڪا جاگير ۽ سنڌ ۾ آهي‪ .‬هن گڏجاڻي ۾ نواب شبير احمققد چققانڊيو بققه ڪاغققذن ۽‬
‫دستاويزن سميت موجود هيو‪ ،‬جڏهن ته مرزا قليچ بيگ ‪1885‬ع ۾ جڏهن وارهه ۽ نصير‬
‫آباد ۾ مختيار هيو‪ ،‬ته انگريز حڪومت ان کي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاڙهياري جبل جققي‬
‫ڪتي جي قبر واري چوٽي تي دنگ يا حد ڏسڻ لِء موڪليو هيو‪ .‬مرزا قليققچ بيققگ نققواب‬
‫غيبي خان چانڊيو جي ماڻهن خاص ڪري علي خان گائينچو ۽ ٻيققن سققان گڏجققي جققون‬
‫‪1885‬ع ۾ ڪتي جي قبر تي پهچي پٿر کي کرچي ‪ 3-2‬انچ هيٺ سقوراخ ڪري ٽڪنڊي‬
‫نموني جو ليڪو ڪڍي ان ۾ بانس جو لڪڙو کوڙي سنڌ بلوچستان جققو دنققگ سققرڪاري‬
‫طرح نروار ڪيو هيو‪ .‬اولهه طرف بلوچستان يا ”خقان“ جقي ح ڪومت ۽ اوڀقر طقرف‬
‫سنڌ حڪومت‪ .‬اهو ئي اولهه پاسي کان چان ڊڪا جققاگير جققو بققه دنققگ آهققي‪ .‬جڏهققن تققه‬
‫‪1902‬ع ۾ سروي دوران به سيمنٽ سان سروي بئچ مارڪ به مققرزا قليققچ بققه صققاحب‬
‫جي دنگ واري لڪڙي کان چند فوٽ اندر سنڌ جي حققد ۾ اوڀققر طققرف کققان ٺققاهيو ويققو‬
‫جيڪي نشان اڄ تقائين بقه موجقود آهقن‪ .‬جڏهقن مقارچ ‪1999‬ع ۾ بقه آئون لهقور جقي‬
‫صحافي سلمان رشيد سان گڏ لهور جي پي ٽي وي )‪ (PTV‬جي ٽيم سققان ٻيققو دفعققو‬
‫ويو هئس‪ ،‬ته انهن وٽ ڪئمرائن جو بيٽريون ختم ٿيڻ ڪري پي ٽي وي لهور جي ٽيققم‬
‫صرف ‪ 2‬منٽ رڪارڊنگ ڪري سگهي هئي‪ ،‬جتي اسان ڪتي جي قبر بگڙيقل حقالت ۾‬
‫ڏٺي ۽ بئچ مارڪ کي بققه نقصققان پهتققل ڏٺققو جڏهققن تققه ريسققٽ هققائوس جققي لِء رکيققل‬
‫ڪرسيون به غائب هيون‪ ،‬جنهن لِء معلوم ٿيو هو ته اهي ڪرسققيون بققه اتققان جققا ڇٽققا‬
‫کڻائي ويا هئا‪.‬‬
‫جيئن ته هي چانڊيا قبيلي جي جاگير آهي‪ ،‬جتي ڇٽققا‪ ،‬گائينچققا‪ ،‬چانڊيققا ۽ ڪجهققه بروهققي‬
‫رهندا آهن‪ ،‬جيڪي برسات يا جابلو ندين تي گذران ڪندا آهقن‪ .‬جيئن مقرزا قليقچ بيقگ‬
‫صاحبن پنهنجي ڪتاب )تقريرون ۽ تحريرون( ۾ لکيو آهي ته هي قَء وڏيققري غيققبي خققان‬
‫ڇٽا ۽ چانڊيققا رهنققدا آهققن‪ ،‬جي ڪي آبققادي وغيرهققه‬
‫چانڊيو جي جاگير آهي‪ ،‬جتي گائينچا‪ُ ،‬‬
‫ڪندا آهن ۽ غيبي خان چانڊيو کانئن ڪا به بٽئي يا حصو نه وٺندو آهي باقي غيبي خققان‬
‫يا سندس مهمان ايندا آهن ته هرڻن‪ ،‬سرهن ۽ گڊن جو شڪار ڪرائڻ ۽ مهمققانن کققي‬
‫ڪتي جي قبر يا ڏاڙهياري جبل جو سير ڪ ڪرائڻ انهقن لِء لزمقي ڊيقوٽي هونقدي آهقي‪،‬‬
‫جيڪو طريقو ۽ سسٽم اڄ تائين نافذ العمل آهي‪ .‬مسقئلو اهقو آهقي تقه مٿقي پقاڻي جقا‬
‫چشما وغيرهه ڪو نه آهن‪ ،‬جنهن ڪري اتان جي ماڻهن جا ڏاندن سان ڪيقڻ ه ڻي تلَء‬
‫‪4‬‬

‫کوٽيل آهن‪ .‬جيڪي برسات جي پاڻي سان ڀريا ويندا آهن‪ .‬جنهن جو استعمال اتققان جققا‬
‫رهاڪو سخت گرمين جي مهينن اپريل‪ ،‬مئي‪ ،‬جون‪ ،‬جولئي ۽ آگسققٽ تققائين پنهنجققي ۽‬
‫کق ِڙ“ سقڏيندا آهقن‪ .‬جيئن ”ويقڍ“ واري‬ ‫پنهنجي مال لِء ڪنقدا آهقن‪ ،‬جنهقن تلَء کقي هقو” َ‬
‫علئقي ۾ ”قبول چانڊيو“ جي ک َ ِڙ مشهور آهي‪.‬‬
‫حقيقت هي آهي ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ اتر طرف کان چانڊيا ۽ مگسي‬
‫حرباب لڪ“ تائين ‪ 60‬يا ‪ 70‬ڪلوميٽر کيرٿر جبل جو‬ ‫قبيلي جي دنگ کان دادو ضلعي جي ” ُ‬
‫هي پٽو سرد ۽ ٿڌو آهي‪ .‬جنهن جا مختلف هنڌن تي مختلف نال آهن‪ .‬جئين اتققر طققرف کققان‬
‫ل“‪،‬‬‫گن“ يا گونڊ ”شوشانگي“ )گرينڊ ڪئينئن آف سنڌ( ‪”،‬مڇ َ‬ ‫ڏکڻ طرف هنئين نال آهن”ميان ُ‬
‫”لکاني“‪َ ” ،‬ڪ َڪُر“‪” ،‬ويڍ“‪” ،‬انگهڙ“‪”،‬ڪتي جي قبر“‪” ،‬باري پير“‪” ،‬باِرغ “‪”،‬ٺوٺ“‪َ” ،‬دٻهقي‬
‫وارو ٺوٺ“‪”،‬پينئرو“ وغيرهه‪.‬‬
‫ل‪ ،‬ڪتي جي قبر ۽ دٻهي واري ٺوٺ تي انگريزن جي سروي جا بئچ‬ ‫ڇ َ‬
‫م َ‬
‫َ‬
‫مارڪ ٺهيل آهن‪ .‬جڏ هن ته َڪ َڪَر‪ ،‬کان وٺي بارغ تققائين وچ ۾ جبققل کققي ڏاڙهيققارو سقڏيو‬
‫ويندو آهي‪ .‬ڪتي جي قبر ۽ بارغ وڏيون چوٽيون آهن انگريز دور جا ڪامورا گهر ويٺققي‬
‫ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري اڄوڪي دؤر جي ڪامورن ۽ اديبن جيان روپورٽون ڪو نققه‬
‫ٺاهيندا هئا‪ ،‬پر پاڻ اتي سرزمين تي وڃي اکين سان ڏسندا هئا‪ ،‬جيئن مٿي ذ ڪر ڪيققل‬
‫انگريز آفيسرن پاڻ هالر جبل جي قطارن ۾ ڏاڙهياري جبقل جقا دورا ڪيققا ۽ روپورٽققون‬
‫لکيون‪ .‬جنهن ۾ پاڻي جي چشمن‪ ،‬سرد جاين‪ ،‬اوچي چققوٽين ۽ ل ڪن جققون روپورٽققون‬
‫ٺاهيون‪،‬انگريزن جي دور ۾ سنڌ جا نگريز ڪمشنر‪ ،‬پوليس جا آفيسر ‪ ،‬ڊپٽي ڪمشققنر ۽‬
‫ٻيا آفيسر کيرٿر جبل ڏاڙهيارو‪ ،‬ڪتي جي قبر جو سير ۽ سروي ڪري شڪار ڪري ويا‬
‫آهن‪ ،‬جڏهن ته پاڪستا ن ٺهڻ بعد به اهم شخصيتون ۽ حڪومت جا سربراهه پڻ کيرٿققر‬
‫جبل ۽ ڏاڙهياري جبل جققو تفريحققي سققير ڪري چ ڪا آهققن ‪ ،‬جنهققن مققوجب انگريققزن‬
‫سميت انهن جي لسٽ هن طرح آهي‬
‫‪ .1‬مسٽر ايس مينسفيلڊ – ڪمشنر سنڌ ‪1862‬ع‬
‫‪ .2‬مسٽر ڊبليو ايڇ ليوڪس صاحب‪ -‬ڪليڪٽر لڙڪاڻو ‪1893‬ع ‪1902 ،‬ع‬
‫‪.3‬مسٽر ايڇ ايم جيمس ڪمشنر سنڌ ‪1893‬ع‬
‫‪ .4‬خانبهادر خداد خان‪ -‬مصنف لب تاريخ سنڌ ‪1893‬ع‬
‫‪ .5‬مرزا قليچ بيگ ‪1885‬ع ۾ پنهنجن دوست پوليس انسپيڪٽر غلم دستگير سان ۽ ٻيو‬
‫دفعو ‪1913‬ع ۾ ويو‪.‬‬
‫‪ .6‬مسٽر مارٽن ڪيلڪٽر لڙڪاڻو ‪1912‬ع‬
‫‪ .7‬مسٽر گورنو وال‪ -‬ڪليڪٽر لڙڪاڻو ‪1927‬ع‬
‫‪ .8‬هز مائينس مير عبدالحسين سانگي ‪ -9‬فبروري ‪1917‬ع‬
‫‪ .9‬مسٽر اومني صاحب ڊي آِء جي سنڌ ۽ سندس بيگم‬
‫‪ .10‬سر رابرٽ سنڊيمن گورنر جنرل بلوچستان ‪1887‬ع‬
‫‪ .11‬دادو ضلعي جي ‪ -3‬ڪليڪٽرن‬
‫‪ .12‬وي‪ -‬آر پار پيا صاحب ڪليڪٽر لڙڪاڻو ‪1939‬ع‬
‫‪ .13‬شهزادو محمد خان‪ -‬ڪليڪٽر دادو‬
‫‪ .14‬سائين جي ايقم سقيد چقار دفعقا ڏاڙهقاري جقو سقير ڪيقو ‪-1940 -1937-1928‬‬
‫‪1953‬ع‬
‫‪15‬وزيراعل ٰي سنڌ عبدالستار پيرزادو ‪1953‬ع‬ ‫‪.‬‬
‫‪ .16‬امين دين‪ -‬ايجنٽ گورنر بلوچستان ‪1951‬ع‬
‫‪5‬‬

‫‪ .17‬ميجر جنرل اسڪندر مرزا گورنر جنرل ‪1956‬ع زال ناهيد سميت‬
‫‪ .18‬فيلڊ مارشل صدر ايوب خان کيرٿر جبل جو دورو ڪيو ‪1963‬ع ۽ ‪1965‬ع‬
‫‪ 19‬شهيد ذولفقار علي ڀٽو‪1976 -1974 - 1965 -‬ع‬
‫‪ .20‬ڊبليو ايف هڊسن‬
‫‪.21‬گولڊ اسمنڊ‬
‫‪ 22‬ايڇ ٽي ليمبرڪ ۽ سي ايف بولٽن‬
‫مقدد ي ڪتقاب ” سقنڌ جقو اتقر ڪاڇو “ عقرف ”چقانڊڪو ڪاڇو‪ ) “،‬مصقنف حڪيقم‬
‫عبدالمجيد خان چانڊيو ( ۽ ڪتاب تقريرون ۽ تحريرون “ )مرزا قليچ بيگ (‬
‫جڏهن انگريز آفيسرن ڏاڙهياري جبل تي ٽي بي سينيٽوريم جي سققفارش ڪئي هئي انگريققز‬
‫آفيسرن کي سخت گرميَء ۾ ڏاڙهياري جبل تي رهڻ جي صلح ڏني هئي‪ .‬سنڌ جي آفيسققرن‬
‫۾ ڪليم الله لشاري ۽ سليم رضا کهڙو جن جا نال به قابل ذڪر آهن‪ .‬جن اکيققن سققان وڃققي‬
‫ڪتي جي قبر ڏٺي آهي‪ .‬ان کان سواِء شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏاڙهيارو جبقل پقاڻ وزٽ ڪيقو‬
‫هقل‬ ‫هيو‪ ،‬جنهن ڪري سندس خيال هيو ته ڏاڙهياري جبل ۽ ٿڌن علئقن تققي تفريحققي مققاڳ ۽ ِ‬
‫اسٽيشن ٺاهي هن علئقي کي ۽ هتان جي ماڻهن کي ترقي وٺرائجي تنهققن ڪري محققترمه‬
‫بينظير ڀٽو به پنهنجي دور ۾ وزير اعل ٰي سقنڌ سقيد عبقدالله شقاهه ۽ نقواب شقبير احمقد خقان‬
‫چانڊيو کي ڏاڙهياري تي ‪-22‬اپريقل ‪1996‬ع موڪليقو هيقو‪ ،‬جنهقن جقو ذ ڪر مٿقي ڪري آيقا‬
‫آهيون‪ ،‬ڇاڪاڻ ته هتي هيتري سردي آهي جو شديد گرمي ۾ به هتان جا ماڻهو ٽيهپققري کققان‬
‫سڄي رات باهه ٻاري هٿ سيڪيندا آهن‪ ،‬۽ پاڻ کي گرم رکندا اهن‪ ،‬جڏهن رات جو سققوڙيون‬
‫۽ رليون مٿان وجهي سمهندا آهن ۽ ڏينهن جو گرم ڪپڙا‪ ،‬لويون‪ ،‬سوئيٽر ۽ ڪوٽ پائيندا آهن‪.‬‬
‫جيڪڏهن حڪومت هتي سهولتون فراهم ڪري تفريحي ماڳ ٺاهي بجلي پڄققائي ۽ پققاڻي جققو‬
‫بندوبسققت ڪري تققه ل ڙڪاڻو‪ ،‬دادو‪ ،‬ڪراچققي‪ ،‬حيققدرآباد‪ ،‬ش قڪارپور‪ ،‬جي ڪب آبققاد ۽ قمققبر‬
‫شهدادڪوٽ ضلعي جا ماڻهو گرمين ۾ ڪوئٽا ۽ ڪوهه مقري وڃقڻ بقدران هقتي اچقي فيملقي‬
‫سميت گرمين جي سيزن گذارين جڏهن ته سياحت ۽ ثقافت جي حوالي سان حڪومت کي‬
‫آمدني ٿئي ۽ هتان جي غريب جابلو ماڻهن جي بقه زنقدگي ٺهقي وڃقي‪ .‬ڇا ڪاڻ تقه هقت نقه‬
‫اسڪول آهن ۽ نه علج لِء اسپتالون يا ڊسپينسريون آهن‪ .‬هتققان جققا مققاڻهون گرمققي ۾ هققت‬
‫رهندا آهن ۽ سردي ۾ هيٺ رهندا آهن ٻنهي هنڌن تي سندن گهر موجود آهن‬
‫ڏاڙهياري جبل ۽ ڪتي جي قبر متعلق سلمان رشيد جا انگريزي رسالي ”هيرالڊ“ ‪ ،‬انگريققزي‬
‫اخبار ”دي نيوز“ مخلتف انگريزي جريدن ۽ مئگزينن کان سواِء ڪتاب ”پرزنققر آن َء بققس“ ۽‬
‫ٻين ۾ آرٽيڪل ‪1996‬ع کان ڇپبا رهيا آهن‪ .‬جڏهن ته سقنڌي اخبقار ”جقاڳو“ ۽ ٻيقن ۾ پقڻ ڇپيقا‬
‫آهن‪.‬‬
‫افسوس اهو اهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوِء لڙڪاڻي يا قمبر شهدادڪوٽ‬
‫ضلعي جو ڪو به انتظامي آفيسر هتي ڪو نه ويو آهي‪ ،‬جڏهن تقه ‪2000‬ع جقي چقونڊ دوران‬
‫ديهه ڏاڙهيارو کي بلوچستان جي يونين ڪائونسل ”ڪرخ“ ۾ شامل ڪيو ويو هيو‪ ،‬جنهن جققي‬
‫به هن وقت تائين خبر ڪو نه آهي ته اها ديهه سنڌ کي واپس ملي آهي يا نه؟‬
‫باقي جڏهن کان سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا آئي آهي ته ان ۾ سسئي جيان جبل جا‬
‫اڙانگا پنڌ ۽ سفر ڪري ڏکن جا ڏونگر ڏاري سڀ کان اڳ ۾ مرحققوم نققواب شققبير احمققد خققان‬
‫چانڊيو‪ ،‬علي نواز خان چانڊيو ۽ نوابزاده مير محمد خان چانڊيو عرف مٺل سائين جققي تعققاون‬
‫سان سنڌ ٽي وي نيوز جي ٽيم وڏي مشڪل سان اتي پهتي آهي‪ ،‬جڏهن ته سنڌ ٽقي وي نيقوز‬
‫جي ٽيم کي چانڊڪا جاگير ۾ هالر جبلن جققي سلسققلي ۾ مختلققف هنڌن تققي ‪ 7-6‬هققزار سققال‬
‫پراڻي تهذيب جا به پراڻا آثار مليا آهن‪ .‬جيڪي به جلد سنڌ ٽي وي نيوز ۽ عققبرت تققان ظققاهر‬
‫ڪيا ويندا‪.‬‬

You might also like