You are on page 1of 1

‫بسم الله الرح ٰمن الرحيم‬

‫خط مين لپٽي هوئي شام‬


‫عبد الله سولنگي‬
‫رات دير تائين پاسا ورائيندي خبر ناهي ڪهڙي مهل ننڊ اچي وئي هئي‪،‬جو صبح جو اٿڻ‬
‫محال ٿي ويو ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن راتن جو ننڊ نيڻن مان پرڏيهي پکين وانگر ائين اڏامي هلي‬
‫ويندي آهي جو وري واپس ورڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي ۽ ننڊ جو اکين ۾ ائين انتظار ڪبو آهي‬
‫جيئن ڪن ڏهاڙن ۾ ٽپال ذريعي ايندڙ خطن جو انتظار ٿيندو هو پر اڄ ڪلهه ان انتظار جي ڪيفيت‬
‫) اي ميل‪،‬ايس ايم ايس ( موبائيل فون ختم ڪري ڇڏي آهي زندگيَء جو هڪ اهڙو حصو به‬
‫گذاريو آهي جنهن دور کي ڀلي پاڻ ايترو نه ڏٺو هوندو پر ٰان خطن واري رومانس جو ذڪر‬
‫ڪندي ڪيترا ئي عاشق ٿڌا شوڪارا ڀري ويهن ٿا ڇو ته اڳي ڪمينيوڪيشن جو سلسلو نه هئڻ‬
‫برابر هيو جنهن جي ڪري خط )سڳيون‪،‬رومال‪،‬چوڙيون‪،‬مهنديون ۽ ٻيون کوڙ ساريون‬
‫سوکڙيون‪،‬پاکڙيون جنهن ۾ ميهڙ جي مهندي‬
‫جيڪڏهن موڪلي ويندي هئي ته اصل صفا عشق جو سوني ته سهاڳ ٿي ويندو هو پر هاڻي ٽپال‬
‫۾ پيار ڀريل خطن بجاِء ساه سڪائيندڙ ٽيليفون ۽ ٻين ڪيترن ئي خاطن جي بلن وارين ٽپالون‬
‫اچن ٿون‪،‬جنهن جي ڪري عاشقن کان ويندي دوستن‪،‬پيُء‪،‬ماُء‪،‬مٽن مائٽن سان گڏ ٽپالين جي‬
‫زندگيَء مان به ٰاهي مرڪون هلي ويون آهن جيڪي هڪ خط جي اوسيئڙي ۾ هونديون هيون‬
‫ٽپالي جڏهن صبح جي پهرين پهر ۾ در کڙڪائي ڪنهن مکڙي کي خط ڏئي اتان جيڪا مٺي مرڪ‬
‫وٺي موٽندو هو ته سڄو ڏينهن ڪپڙن ۾ ڪو نه پيو ماپندو هو‬
‫خط پراڻا هن جا پڙهندي‬
‫‪،‬ساگر لڙڪن سا رليو آ‬
‫ٰڙڪ لڙي وهبا هئا هڪڙو خط‬‫ڪڏهن راتن جو ائين به ٿيندو هو ته خط لکڻ دوران ڪاغذ مٿان لٰ‬
‫‪،‬لکي وري ٰان کي ڦاڙي ردي جي ٽوڪريَء حوالي ڪري ڇڏبو هو‬
‫ڪاغذ تي لڙڪ ٿي وهنديون رهيون اکيون‪،‬خط ائين انتظار جا لکنديون رهيون اکيون خطن ۾‬
‫جيڪي تحريريون هونديون هيون انهن جون به کوڙ ساريون ڪهاڻيون آهن جن وٽ اڄ به ٰاهي‬
‫پراڻا خط محفوظ آهن انهن ڄڻ هڪ دور جي تاريخ سنڀالي پاڻ وٽ رکي آهي لکندڙ ڀلي خط ‪10‬‬
‫صفحن تي لکي اماڻي ڇڏيندو هو پوِء به آخر ۾ اهو لکندو هو ته ”ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا“ يا‬
‫وري ” آمين ثم آمين “ کان علوه خط جي شروعات ۾ سلم بعد ”احوال هن ريت آهي ته“ کان‬
‫‪.‬سواِء سڄي سڄي ڳوٺ‪،‬محلي جي سلمن وارا نال لکيا ويندا هئا‬
‫‪،‬تهنجا خط پڙهندو آهيان‬
‫‪.‬اندر ۾ پيو اڀرندو آهيان‬
‫شيخ اياز جو ڪتاب جي ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“سڄو ئي خطن تي مشتمل آهي ۽‬
‫هر هڪ خط ڃڻ جي‬

‫ليکڪ؛ عبدالله خان سولنگي‬

You might also like