Professional Documents
Culture Documents
Suhbat Nama SD
Suhbat Nama SD
ترمجو
صحبت نامہ (فارسي)
ملفوظات شريف
امام العارفني حضرت پري سائني روضي ڌڻي
قَدَسََاللَهََسَرَهََالَعَزَيزََ
جامع
حضرت خليفو حممد حسني مهيسر عليہ الرمحة
مرتجم
مفيت عبدالرحيم سڪندري
2 صحبت سپريين جي
ڪتاب جو نالو :صحبت سپريين جي
ترمجو ”صحبت نامہ“ (فارسي)
موضوع :ملفوظات پري سائني روضي ڌڻي
ليکڪ :خليفو حممد حسني مهيسر
سنڌيڪار :مفيت عبدالرحيم سڪندري
ڪمپوزنگ :عبدالرحيم نظاماڻي
ڇاپيندڙ :مڪتبه جمدديه ()www.maktabah.org
سال2015 :
3 صحبت سپريين جي
مقدمو
حضرت امام العارفني حمبوب سبحاني قطب يزداني پري دستگري سيد حممد
راشد قادري نقشبندي عرف پري سائني روضي ڌڻي � جن سنڌ جي هڪ عظيم
هسيت آهن .سندن فيض ۽ ارشاد جي سرهاڻ اڄ به سڄي سنڌ ۾ حمسوس ڪئي وڃي
ٿي .سندن فيوض و برڪات جي هڪ بي بها نشاني سندن ملفوظات شريف آهن،
سنڌيء جي ڪالسيڪل صويف ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿا .جيئن َ جيڪي
شاعريء ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي � جن جو ڪالم آهي ،تيئن نثر ۾ پري سائني جنَ
جا ملفوظات شريف آهن .سندن ملفوظات شريف ٻن خليفن گڏ ڪيا .وڏي ملفوظات
شريف سندن خليفه اعظم خليفه حممود نظاماڻي � جن سندن وصال کان 14سال پوء
بنام جممع الفيوضات (فارسي) گڏ ڪئي ،جنهن ۾ سورنهن باب ۽ ٻه هزار کان ڪجھ
مٿي نقل آهن .ان ۾ مصنف مسيت ڪيرتن ئي راوين کان روايتون موجود آهن .ٻي ملفوظات
شريف ننڍي خليفي حممد حسني مهيسر � جن پري سائنيؒ جن جي حياتي مبارڪ ۾
سندن ئي صحبت ۾ ويهي لکي ،جنهن ۾ صرف خليفي صاحب جي زباني نقل آهن .ٻئي
ڪنهن راوي جي روايت هن ملفوظات ۾ شامل ڪانهي .خليفه حممد حسنيؒ پري سائنيؒ
جن جا ارشادات گرامي لکي ،پوء کني پڙهي ٻڌائيندا هئا ،جنهن ڪري هي ملفوظات
مبارڪ نايل ”صحبت نامہ“ جيڪا فارسي ۾ لکي وئي ،صحت جي اعتبار کان سڀ
کان وڌيڪ مستند ۽ معترب آهي .هي ملفوظات شريف جممع الفيوظات کان گھڻي خمتصر
آهي ۽ صرف 83نقلن تي مشتمل آهي.
”صحبت نامہ“ (فارسي) جو سنڌي ترمجو جناب عالمه مفيت عبدالرحيم
سڪندري صاحب ”صحبت سپريين جي“ جي نايل سان ڪيو آهي ،جيڪو سڀ
کان پهريان 1994ع ۾ پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيو .جلد ئي ان جي ختم ٿي وڃڻ جي
ڪري ٻيو ڇاپو نڪتو جيڪو يف سبيل اهلل تقسيم ڪرڻ جي الء هيو .هن جي طلب
۾ اضايف جي ڪري عني ممڪن آهي ته اهو ٻيو ڇاپو پڻ عنقريب ختم ٿي ويندو .انهي َء
ڪري هن عاجز ارادو ڪيو ته مڪمل ڪتاب مان صرف ملفوظات گرامي ٽائيپ
4 صحبت سپريين جي
ڪري هڪ خمتصر رسالو تيار ڪيو وڃي ،جيڪو انٽرنيٽ تي شايع ڪيو وڃي.
نهيء ڪوشش ۾ هي خمتصر رسالو تيار ٿيو آهي ،جنهن ۾ مڪمل 83ملفوظات شريف ا َ
شامل آهن ۽ ضروري فوٽ نوٽ پڻ ڏنا ويا آهن .انٽرنيٽ تي شايع ڪرڻ سان گڏ ،هي
عاجز ان جون پرنٽ ڪاپيون مفت تقسيم ڪري رهيو آهي .جيڪي به دوست هي
رسالو پڙهن ،تن کي عرض آهي ته هن عاجز کي پنهنجني دعائن سان نوازين .دعا آهي ته
شال اهلل تبارڪ و تعالى هن فقري جي هي حقري ڪوشش صاحب ملفوظات جي
برڪت سان قبول فرمائي ۽ اسان سڀين کي سندن فيوض و برڪات سان مستفيض
فرمائي .آمني!
عبدالرحيم نظاماڻي
اڱارو 16 ،مئي 2006ع
5 صحبت سپريين جي
َالرح ٰمنَالرحيمَ
بسمَاللَه َ
ىَ
الحمد َللَه َالَذي َنور َقلَوب َالعاشقين َبانوار َالمحبة َوالصلَوة َوالسَلام َعل َٰ
ى َالهََوصحبه َالنجباءَالکرامَالبررةَاجمعينَ.
سيَدناَمحمَدَخيرَالخليقةََوعل َٰ
امَاَبعد!َ
هڪ ڏينهن ماوى و ملجائي درماندگان حضرت پري دستگري ادامَاللَهَ .1
ارشاده جن جي زبان دُرافشان مان هن طرح ٻڌڻ ۾ آيو ته مريد کي جڳائي ته
جيڪو به نڪتو پنهنجي مرشد جي زبان گوهر افشان مان ٻڌي ته ان کي وحيءَ
وانگر ڄاڻي لکي ڇڏي .اميد آهي ته انهن برڪت ڀرين لفظن جي طفيل (اهو مريد)
نهيء سبب جي ڪري جڏهن هن فقري بي بها نعمت ۽ اعلى درجي کي پهچندو .ا َ
(ليکڪ) معرفت جي درياھ ۾ ٽٻني هڻندڙ عزت وارن بزرگن ۾ چونڊيل جو
ڪالم ،جيڪو ڄڻڪه مئل هڏن کي جياريندڙ هيو ،سندن ئي مبارڪ زبان
فرحت نشان مان ٻڌو ته ان کي مٿـئني فيض واري فرمودي موجب هن هنڌ لکي
ڇڏيو.
هڪ وقت ساداتن سڳورن مان هڪ شخص ،حضرت پري دستگري .2
جن جي خدمت بابرڪت ۾ عرض ڪيو ته :اي حقيقت واري واٽ جا مالڪ
۽ واليت جي ملڪ جا وايل! هي ڏکايل ٻانهو اوهان کي پرتل آهي .ان جي جواب ۾
(کيس) ارشاد فرمايائون ته :ڪنهن شخص هڪ واٽ ويندي بزرگ کي دعوت
کائڻ الء عرض ڪيو .ان بزرگ چيو ته مون ساڻ هڪ گڏھ به رفيق آهي ،متان
اوهان جي هٿان ان جي خدمت نه ٿي سگھي! ميزبان ،پاڻ تي قسمني قسمني کاڌي
پييت ۽ گاھ داڻي ڏيڻ کي مقرر ڪيو .ان فقري ميزبان جي چوڻ تي اعتبار ڪري،
توڪل واري واٽ ،جيڪا انسان الء مضبوط رسي آهي ،ان کي ڇڏي ڏنو ۽
6 صحبت سپريين جي
حق ُسبحانہ ٗ و تعالى کان سواء غري تي ڀروسو ڪري ويهي رهيو .جڏهن رات ٿي
ى ان جي دل تان غري تي ڀروسي ڪرڻ جي غريت سببان،
ته اهلل جلَشانهََوَتعال َٰ
گڏھ جي خدمت ڪرڻ (واري ڳالھ) وسارائي ڇڏي .جيئن حضرت يوسف صلواةَ
ساقيء کي عزيز مصر اڳيان پنهنجي حال پيش ڪرڻ الء چيو هو
َ ىَعليه
اللَهَتعال َٰ
۽ حق سبحانہ ٗ و تعالى ان ساقيءَ جي دل تان ،متام گھڻو وقت اها ڳالھ وسارائي
ڇڏي هئي ،جيئن اهو قصو مشهور آهي .صبح جو موڪالئڻ وقت اهو بزرگ
جڏهن گڏھ تي سوار ٿيو ته گڏھ ساري رات جي سخت اڃ ۽ بک سببان بيحال
ٿي ڪري پيو .اهو مثال انهن بي دين ۽ رمسي پرين مشائخن جو آهي ،جيڪي
(نذرانن ۽ حتفن) وٺڻ الء ته حمڪم ۽ مستقيم هوندا آهن( ،مگر) دين جي دڳ کان
دور ۽ روڪيل هوندا آهن .جيڪي ماڻهو اهڙن بي دينن کي هديا ۽ خرياتون ڏين
ٿا ،اهي وري انهن الء دعائون گھري ،قيامت جا بار پاڻ تي کڻي انهن کي آسرا ڏئي
چون ٿا ته توهان اطمينان ڪريو جو اسان توهان کي سوال جواب وقت آزاد
ڪرائينداسون .سو انهن جو مثال به ان گڏھ واري مثال جهڙو آهي .اهي به گھڻني
ٻٽاڪن جي ڪري قيامت جي ميدان ۾ ڪريا پيا هوندا جو (اهلل ُسبحانہ ٗ و
تعالى جو فرمان ڇڏي) غري جي چئي تي ڀروسو ڪري اهلل تعالى جي ذڪر
ىَعليهََوسلَم
فڪر کان غافل ۽ سست ٿا ٿني .جيئن رسول خدا صلَىَاللَهَتعال َٰ
جن جو فرمان آهي :اَنَاَغَيَورَ َوَاللَهَ َاَغَيَرَ َمَنَي .1يعين آئون غريت وارو آهيان ۽ اهلل
تعالى مون کان وڌيڪ غريت وارو آهي.
ترمجو :ڀت تي ٽيڪ ڏمن ته مٿي رباعي
تي مٽي ڪري پئي ،جيڪو تکيه بر ديوار کردم برسرم افتاد خاک
غري تي ڀروسو ڪري ان تي شال خاک بادا برسرش کو تکيه بر غريي کند
1مٿني حديث لفظن جي ٿوري ڦريڦار سان حضرت ابوهريره ۽ حضرت مغريه رضي اهلل عنهم کان مشڪوات
شريف جي باب اللعان فصل اول ،صحيح مسلم جلد اول ،۽ املستدرڪ للحاڪم جلد رابع ۾ موجود آهي.
7 صحبت سپريين جي
مٽي پوي .سارو جهان ڏٺم (مگر) برسر ديدم جهان را هيچ کس غمخوار نيست
ڪوبه غمخوار ڪونهي ،هر آزمودم هر کسي را جز خدامي يار نيست
هڪ آزمايو اٿم خدا تعالى کان
سواء ڪوبه مددگار ڪونهي.
ان کان پوء ان سيد صاحب کي فرمايائون ته :وسواس نه ڪجو ،ڇو ته
مون هي نصيحت مبوجب فرموده ڪالم اهلل ”وَاَنذَرََعَشَيرَتَكََالَاَقَرَبَينَ “1جي
اوهان کي چئي آهي ۽ اوهان وس آهر ڪوشش ۾ مشغول رهو ڇو ته” :اَنَلَيَسََ
ى “2يعين انسان جي وس ۾ صرف ڪوشش ڪرڻ آهي.
لَلَاَنَسَانََاَلَاَمَاَسَع َٰ
ىَذَکَرََاللَهَ “3يعين اهلل جلَشان َهَ
۽ ٻئي هنڌ اهلل تعالى جو فرمان آهي ته ”فَاسَعَوَاَاَل َٰ
ى جي ذڪر ڏانهن ڊوڙو (سندس يادگرييءَ الء ڪوشش ڪريو) ،تنهن
وَتعال َٰ
يادگرييء ۾ مشغول هجو.
َ ڪري ان جي
هڪ ڏينهن واعظ ۽ نصيحت فرمائڻ ۾ مشغول هيا .گفتگو هلندي .3
فرمايائون ته عارفن کي هر قسم جي مسجھ عطا ٿيل آهي .جيئن هڪ قصو آهي
ماڻهوء کي حضرت بهلول دانا � طرف امتحان وٺڻَ ته هڪڙي بادشاھ پنهنجي
خاطر ٽن سوالن پڇڻ الء موڪليو .پهريون ته درويشي َء جو حال ڪيئن هوندو
آهي .ٻيو ته جڏهن هر شيء خدا تعالى جي طرفان تقدير ۾ لکيل آهي ته پوء خدا
تعالى ڪنهن گناھ وغريه جي ڪري ڇو ٿو مواخذه فرمائي؟ ٽيون ته ابليس عليہ
اللعنة جڏهن باھ جي پيدائش آهي ته پوء باھ جو عذاب ان کي ڇا ڪندو؟
1اها آيت سورة شعراء جي عه 214آهي جنهن جي معنى آهي ته ”۽ پنهنجن وجيھن عزيزن کي ڊيڄار“.
2سورت النجم آيت عه 39
3سورت مجعة آيت عه 9
8 صحبت سپريين جي
ان سوال ڪندڙ شخص کي حضرت بهلول � هڪ ڀرت کڻي زور سان
وهائي ڪڍيو ،جنهن سبب ان سوال ڪندڙ کي ڏاڍو سور ٿيو ۽ اهو بادشاھ
وٽ دانهن کڻي آيو .بادشاھ حضرت بهلول � کي پاڻ وٽ گھرايو .فريادي ۽ جوابدار
ياديء پنهنجي دعوى پيش ڪئي ته هن مون کيکي پنهنجي اڳيان ويهاريائني .ان فر َ
ڀرت هنيو آهي جنهن ڪري مون کي ڏاڍو سور ٿيو آهي .ان کي حضرت بهلول دانا
� جواب ڏنو ته مون ته تنهنجن سوالن جا جواب ڏنا آهن .فريادي چيو اهو وري
ڪيئن؟ تنهن تي بهلول � فرمايو ته :تو سوال ڪيو هو ته درويشي ڪيئن
هوندي آهي؟ آئون توکان سوال ٿو ڪريان ته سور ڪيئن ٿيندو آهي جيڪو
توکي ڀرت لڳڻ سان ٿيو آهي .فريادي چيو ته سور سور آهي جيڪو زبان سان
ٻڌائي نٿو سگھجي ،ان جو تعلق حال سان آهي .تنهن تي حضرت بهلول دانا �
فرمايو ته جڏهن تون سور کي زبان سان بيان ڪري نٿو سگھني ته آئون وري توکي
درويشي جنهن جو تعلق به حال سان آهي اها ڪيئن زبان سان ٻڌائي سگھندس؟
”الحالَلاَيعبرَبالمقال“ يعين حال جو بيان قال سان نه ٿي سگھندو آهي .ٻيو تو
پڇيو هو ته ابليس لعني باھ جي پيدائش آهي ۽ باھ کي باھ ڇا ڪندي؟ ان جو
مٽيء جي پيدائش آهني جيئن اهلل سبحانہ ٗ و تعالى
َ جواب هن طرح ڏمن ته تون به ته
قرآن جميد ۾ ارشاد فرمايو آهي” :مَنَهَاَخَلَقَنَاکَمََوَفَيهَاَنَعَيدَکَمََوَمَنَهَاَنَخََرجَکَمََ
مٽيء مان خلقيو آهي ۽ ان ۾ توهان کي
َ تَارَةَ َاَخََرىَٰ “1ترمجو :توهان کي اسان
مٽيء جو آهي
َ موٽائينداسون ۽ ان مان ئي اوهان کي ٻيهر ڪڍنداسون .سو ڀرت به
مٽيء کي مٽي ڇو نقصان ڏنو؟ تو ٽيون سوال ڪيو هو ته تقدير قادر ڪرميَ پوء
جي طرفان آهي پوء ٻني تي ڇو ٿي تهمت رکي وڃي؟ ان جو جواب هي آهي ته پوء
مون کي عيوض وٺڻ الء ڇو پڪڙيو اٿـ َو؟
هڪ ڏينهن ڪتاب خريد فرمايائون .پوء فرمايائون ته (دينـي) ڪتاب .4
مهانگا خريد ڪرڻ بهرت آهن ،ڇو ته دنيا خسيس ۽ لعني ،پليد ۽ فاني آهي ،اها ڏئي
دين متني خريد ڪرڻ گھرجي .جيئن اهلل تعالى فرمايو آهي” :مَاَعَندَکَمَ َيَنفَدَ َوَمَاَ
عَندَ َاللَهَ َبَاقَ “1يعين توهان وٽ جو ڪجھ آهي سو ختم ٿيندو ۽ جيڪي اهلل
تعالى وٽ آهي سو هميشہ رهندڙ آهي.
هڪ ڏينهن فرمايائون ته جيڪو شخص اهلل تعالى جي رضامندي .5
خاطر (دينـي) ڪتاب مهانگا خريد ڪندو ته اهڙي شخص جي اوالد ۾ علم
باقي رهندو.
هڪ ڏينهن واعظ نصيحت فرمائڻ ۾ مشغول هئا .ان دوران ۾ ڪتاب .6
مشائل حممدي ﷺ مان هڪ قصو بيان فرمايائون ته حضرت پيغمرب ڪرمي عَلَيَهََ
ى َعَنَهَمَ کي بيحد حمبت
الصَل َٰوةَ َوَالسَلَامَ سان صحابه ڪرام َرضَيَ َاللَهَ َتَعَال َٰ
هوندي هئي .اُحد شريف واري جنگ جي ڏينهن شيطان لعني مدينه منوره زادهاَ
اللَهَشرفَاَوَتعظيمَا ۾ اچي ڪوڙو اعالن ڪيو ته حضرت رسول مقبول عَلَيَهََ
الصَل َٰوةَ َوَالسَلَامَ دارالبقا ڏانهن رحلت فرمائي ويا آهن .اهو اعالن ٻڌي هڪ
عورت مدينه منوره کان ٻاهر (احد شريف ڏانهن) ڊوڙندي ٿي وئي ۽ چوندي ٿي وئي
ته حضرت رسول خدا ﷺ وڃي ڏسان .پوء ان عورت کي واٽ ۾ چار جنازا نظر
آيا جيڪي ماڻھو کنيو ٿي آيا .ماڻهن ان عورت کي چيو ته هي هڪ تنهنجي پيءُ
جو جنازو آهي ،ٻيو جنازو تنهنجي ڀاءُ جو آهي ،ٽيون جنازو تنهنجي پٽ جو آهي
۽ هي چوٿون جنازو تنهنجي مڙس جو آهي .ان عورت انهن جنازن ڏانهن ڏٺو به
ڪني ۽ چوڻ لڳي ته هي مصيبت مون الء متام هلڪي آهي .مونکي رسول خدا
ﷺ ڏَسيو ته آئون سندن زيارت ڪريان .پوء ائني چوندي ڊوڙندي ٿي ويئي ته
ڍڳي جي پڇ ۾ چنبڙي پئي .پوء جڏهن درياھ جي وچ سري ۾ پهتا ته مڙس زال کي
چيو ته ڍڳي جو پڇ مضبوط جھلجان .عورت مڙس جي خمالفت ڪرڻ سبب ڍڳي
جو پڇ کڻي ڇڏيو ته ٻڏي وئي.
اي عزيز! اهڙي طرح جيڪا دل (غري جو پڇ ڇڏي) هميشہ نفس جي
خمالفت پئي ڪندي سا نيٺ حقيقت واري درياھ ۾ مستغرق ٿيندي .جيئن قدسي
حديث آهي :دعَنفسكَوَتعال (يعين پنهنجي نفس کي ڇڏ پوء اچ).
هڪ دفعي رات جو درگاھ مبارڪ واري مسجد شريف ۾ ويٺو هئس .8
ته اوچتو حضرت جن مون وٽ آيا ۽ اچي مون سان صحبت ۾ مشغول ٿيا .ان دوران
مسجد شريف جي اڱڻ واري ڀت ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون ته اي ادا! سڀاڻي
هن ڀرت ۽ سون ۾ ڪو فرق نه ڪجان (يعين عارف جي نظر ۾ سون ۽ مٽي برابر
هجڻ گھرجن).
هڪ ڏينهن پنهنجي زبان گوهر افشان سان فرمايائون ته پنهنجي عملن کي .9
دنياوي غرضن ۽ نفساني خواهشن کان پاڪ ڪريو .ائني فرمائي مثنوي شريف مان
ڪرَمََاللَهَََوجَهَهَ جن هڪ ڪافر
هڪ نقل آندائون ته حضرت امري املؤمنني علي َ
کي (جنگ دوران) قتل ڪرڻ الء زمني تي دسيو .ان وقت ان ڪافر حضرت علي
� جن جي منهن مبارڪ ڏانهن (حسد وچان) ٿڪ اڇالئي .پاڻ ان کي ڇڏي
ڏنائون .ڪنهن شخص عرض ڪيو ته حضرتا هن ڪافر کي ڇا الء ڇڏي ڏن َو؟
ڪٺم ٿي، پاڻ فرمايائون ته پهريائني هن کي خالص باري تعالى جي رضا واسطي ُ
مگر هاڻي ٿورو نفساني غرض به هن ۾ شامل ٿي ويو آهي .توڙي جو ڪافر کي
ڪهڻ ڀلو عمل آهي پر پوء به هن کي ڇڏي ڏنو اٿم.
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته جڏهن باري تعالى تي توڪل ڪئي هيم، .10
پوء پنهنجي حويلي ۾ وڃي اهل خانه صاحنب کي چيو هيم ته اسان خدا تعالى تي
12 صحبت سپريين جي
توڪل ڪئي آهي اوهان به ڪريو .جيڪڏهن اوهني اهو امر جبا نه آڻيندا ته
اسان اهلل تعالى جو اهو امر جبا آڻينداسون جيڪو خدا تعالى پنهنجي حمبوب
ڪرمي ﷺ جن کي قرآن جميد ۾ فرمايو آهي ته” :يَاََاَيَهَاَالنََبيََقَلَلَاَزَوَاجَکََاَنَ
َکنتَنََتََردَنََالَحََٰيوةََالدَنَيَاَوَزَينَتَهَاَفَتَعَالَيَنََاَمَتَعَکَنََوَاَسََرحَکَنََسَرَاحَاَجَمَيلَا“1
ترمجو :اي نيب پنهنجني گھروارين کي چئو جيڪڏهن توهان دنيا جي حياتي ۽ ان
جو سينگار گھرو ٿيون ته اچو توهان کي گذاري جو سامان ڏيان ۽ سهڻي منوني ڇڏي
ڏيان.
تنهن تي سڀين اهل خانه صاحنب چيو ته اسان به اهلل تعالى تي توڪل
ڪئي آهي .ان کان پوء آزمائش طور اسان تي ڪجھ ڏينهن فقر ۽ فاقه جي تلوار
وسندي رهي ۽ متام گھڻيون تڪليفون آيون .ان کان بعد باري تعالى ايرتي ته فراخي
عطا فرمائي جو هي هيرتا سارا ٻيا ماڻھو به بفضل االهي کائي رهيا آهن.
هڪ ڀريي سومهڻي جي مناز کان بعد درگاھ شريف واري مسجد .11
شريف اندر هن فڪر ۾ ويٺو هئس ۽ دل ۾ پھ ويٺي پچامي ته وقت نٿو ملي جو کڻي
پنهنجي اندر جو احوال مرشد ڪرمي کي عرض ڪريان .ان فڪر ۾ حريان ويٺو
هئس ۽ پاڻ حضرت جن مسجد شريف اندر مراقيب ۾ ويٺا هيا .پوء پاڻ اوچتو
مراقيب مان اٿي کڙا ٿيا ۽ حويلي مبارڪ ڏانهن وڃڻ لڳا .جڏهن هن فقري جي ڀرسان
اچي لنگھيا ته منهنجي دل جي حال موافق جواب ڏيندي فرمايائون ته :خدا تعالى
توهان جي دلني جا حال ڄاڻندڙ آهي (يعين جيڪي به اوهان جي دل ۾ آهي تنهن
کي هو ڄاڻي ٿو) ٻئي کي حال ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي.
هڪڙي ڏينهن مسجد شريف جي اڱڻ ۾ ويٺو هئس .حضرت ميان .12
صاحب (حضرت پري سائني روضي وارن قَدَسَ َاللَهَ َسَرَهَ َالَعَزَيزَ جن جو والد
ماجد حضرت سيد حممد بقا شاھ شهيد نَوَرَ َاللَهَ َمَرَقَدَهَ) جن واعظ ۽ نصيحت
فرمائڻ ۾ مشغول هيا .اوچتو فرمائڻ لڳا اي ڀائرو! ٻڌايو ته جيڪڏهن هن وقت اهلل
تعالى توهان سڀين کي کڻي وفات ڏئي ته پوء اهل عيال ٻار ٻچا ڪنهن جي حوايل
ڪندؤ؟ (نيٺ ته اهلل تعالى جي ئي حوايل ڪندؤ تنهنڪري هي ڀلو نه آهي جو)
جنهن کي مرڻ بعد اهل عيال حوايل ڪندؤ ان کي هاڻي ئي هن حياتي ۾ حوايل
ڪري ڇڏيو.
هڪڙي ڏينهن الڙڪاڻي شهر ۾ حضرت جن جي خدمت اقدس ۾ .13
ويٺو هيس۔ حضرت جن مون کان سوال پڇيو ته مرد کي اوگھڙ ڍڪڻ ڪيستائني
فرض آهي؟ عرض ڪيم ته دُن تائني .پوء فرمايائون ته عارف شخص جو دُن
ڪهڙو آهي؟ عرض ڪيم ته مون کي خرب نه آهي ،اوهان مسجھايو؟ تنهن تي پاڻ
فرمايائون ته :عارف جو دُن عرش عظيم آهي .عارف الء ضروري آهي ته هو پاڻ
کي عرش عظيم تائني ڍڪي ،ان کان مٿي جيڪڏهن اگھاڙو آهي ته ڀؤ ناهي.
هڪ وقت پنهنجي مسجد شريف جي ڀرسان وضو ٿي ساريائون. .14
جڏهن وضو ڪري فارغ ٿيا ته پنهنجي سونهاري مبارڪ کي ڦڻي ڏنائون .اوچتو
منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته حضرت جن رات جو ڦڻي ڏين ٿا (سو االئي جائز
آهي يا نه؟) تنهن تي منهنجي حال موافق جواب ڏيندي فرمايائون ته :سرور عامل عَليهََ
الصَلوٰةَ َوَالسَلَامَ عشاء جي وقت ڦڻي ٿي ڏني ته اوچتو مؤمنن جي ماءُ حضرت
الىَعَنَهَا پڇيو ته حضرتا! روزانو رات جو ڦڻي ڏيندا
عائشہ صديقہ َرضَيََاللَهََتَعَ ٰ
آهيو تنهن ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ پاڻ فرمايائون ته رات جو جيڪو شخص
سونهاري کي ڦڻي ڏيندو تنهن تي قرض نه ٿيندو .پوء مؤمنن جي ماءُ پڇيو ته حضرتا!
اوهان تي ڪنهن جو قرض آهي ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته هائو اوهان جو ڪابـني
(مهر) اسان تي قرض آهي .تنهن تي ام املؤمن نني عرض ڪيو ته حضرتا مون پنهنجو
ڪابـني اوهان کي بخش ڪيو .پوء ٻي رات وري ام املؤمننين ڏٺو ته پاڻ ڦڻي ڏئي
رهيا آهن .تڏهن حضرت صديقہن عرض ڪيو ته حضرتا جيڪي اسان جو قرض
14 صحبت سپريين جي
هيو اهو ته بخشيوسون ،هاڻي ڇا الء ٿا ڦڻي ڏيو؟ پاڻ فرمايائون ته جنهن شيء مان
اهڙو فائدو ٿئي ان کي ڇا الء ڇڏيان؟
هڪڙي ڏينهن (حضرت جن سان گڏ) رسيت سان ويندي ڪجھ ماڻهو .15
رسيت ۾ مالقاتي ٿيا .جڏهن انهن وٽان لنگھياسون ته مون انهن جي اهانت ڪئي
(يعين انهن تي چٿر وغريه ڪيم) تنهن تي پاڻ فرمايائون ادا حممد حسني! هي ڇا ٿو
چوين؟ اسان کي ڏمرائني ٿو .اڃا تنهنجي نظر چڱي مٺي تي آهي ،توکي جڳائي ٿو
ته تون سڀ ڪنهن کي چڱو ڄاڻ ،چڱو چئو ۽ چڱو ڀانء .پوء ان ئي وقت مون
تي راضي ٿيا ۽ ڪجھ توحيد جي رمز مسجھايائون.
هڪ دفعي حضرت جن سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار هيس .پنهنجي شاگرد .16
کي چيم ته منهنجي چادر ڌوئي صاف ڪري اچ .تنهن تي مون کي حضرت جن
فرمايو ته :تون پاڻ ڇو نٿو ڌوئني؟ مون عرض ڪيو ته حضرتا اوهان جي حاضري
کان جدا ٿي نٿو سگھان .پوء ان وقت فرمايائون ته :خادم کي جيڪڏهن خمدوم
ڪو ڪم چوي ته جائز آهي .پر اوهان کي تعليم الء چوان ٿو ته طاقت ۽ توفيق
هوندي پنهنجو ڪم ٻئي کي چوڻ نه گھرجي .پر جيڪڏهن چئجي ته ڀؤ ناهي.
هڪڙي ڏينهن رسيت سان ويندي عرض ڪيم ته شايد قيامت وجيھي .17
اچي وئي آهي جو هر هڪ شهر ۽ ديھ جو ٽيون يا چوٿون حصو آباد آهي (يعين
آبادي جي ڪثرت قيامت جي نشاني آهي) .پاڻ خوش طبعي ۽ ڀوڳ جي انداز ۾
مونکي فرمايائون ته تنهنجي قيامت وجيھي اچي وئي آهي.
هڪ ڀريي رات جو (هن ملفوظات شريف جي جامع الء) فرمايائون ٿي .18
ته :خليفو به سٺو آهي ۽ سٺو مسجھيو اٿس ،پر آئون ڪوبه اهڙو ماڻهو نٿو ڏسان
جنهن سان پنهنجي علم ۽ راز جي ڳالھ ڪجي.
هڪ وقت الڙڪاڻي شهر ۾ حضرت جن جي حضور ۾ ويٺو هيس. .19
ان وقت پاڻ فرمايائون ته عارف کي اهڙو عروج هجڻ گھرجي جو جٿي به سندس
15 صحبت سپريين جي
نظر پوي ته انهيءَ وقت ۾ پنهنجي قدم کي ان هنڌ تي رکي ،توڙي جو سندس نظر
لکن سالن جي واٽ تي پويس ته به بنا دير پنهنجي قدم کي نظر واري جاء تي رکي.
هڪ دفعي خليفي صاحب حممود نظاماڻي (عليہ الرمحة) جي ڳوٺ .20
(ڪڙيو گهنور) ۾ مهمان هياسون .فقري مسجد شريف ۾ ويٺا هيا ۽ پاڻ کٽ تي
جيڪا مسجد شريف جي ڀرسان پيل هئي ،ان تي آرامي هيا .آئون سندن
سرياندي کان ويٺو هيس .ڪنهن مهل پنهنجي هٿ مبارڪ کي ڊگھو ڪري
فرمايائون اي ادا حممد حسني! اڄ پاڻ ڳالهيون ڪونه ڪيون آهن .ايئن فرمائيندي
پنهنجو دست مبارڪ منهنجي ٻانهن ۾ وجھي مون کي پنهنجي کٽ تي کڻي
ويهاريائون .پوء جيڪي سندن نوڪر خادم ۽ حاضر جملس وارا هئا سي مون
تي ڏمريا .تنهن تي انهن کي فرمايائون ته :اوهني هن تي ڇو ٿا ڏمرجو! اوهان پاڻ سڄو
ڏينهن لسي ٿا کائو ۽ ٻني کي پاڻي ٿا ڏيو .سڀ مؤمن ڀائر آهيون اهڙو فرق نه ڪريو.
هڪڙي وقت فرمايائون ته :آئون ننڍڙائپ ۾ ڪڏهن ڪڏهن طالب .21
علمن جي صحبت ۾ وڃي وهندو هيس .پوء مون کي حضرت ميان صاحب نَوَرََ
اللَهََمَرَقَدَهَ جن فرمائيندا هيا ته بابا اهڙن شخصن جي صحبت ۾ نه وهندا ڪريو.
ڇاڪاڻ ته اهي صرف زباني ڳالهيون ڪندا آهن .انهن وٽ رڳو قال آهي پر حال
ڪجھ به نه اٿن .پوء قال بنا حال جي بي نصييب آهي.
معنى :قال کي ڇا ڏسندين؟ حال ڏانهن قال را چه بيين بنگر بسوء حال
نهار .تنهنجي اشهد تي باللن وارو اسهد بر اشهد تو خنده زند اسهد بالل
کلي ٿو.
(يعين حضرت بالل � جيڪو رسول ڪرمي ﷺ جو عاشق ۽ صاحب حال هو
سو ٻاتائيندو هو ۽ ٻانگ ۾ اشهد چوڻ جي جباء اسهد چوندو هو .سو حال ۽ حمبت
واري جو اسهد تو قال واري جي اشهد کان ڪيرتا حصا بهرت آهي).
16 صحبت سپريين جي
هڪڙي وقت مسجد شريف ۾ ويٺا هئا .مون پنهنجو حال سندن .22
خدمت بابرڪت ۾ عرض ويٺي ڪيو ۽ درخواست ويٺي پيش ڪيم .پوء پاڻ
فرمايائون :جيڪڏهن هٿن کي باھ تي رکجي ته نفس سهي سگھندو يا نه؟ عرض
ڪيم ته نه! تڏهن فرمايائون ته اوهان منهنجا هٿ آهيو .جيڪڏهن پنهنجي هٿن
کي سڙڻ نه ڏمن ته انشاءاهلل تعالى توهان کي به سڙڻ نه ڏيندس .بمنهََوَکمالَکرمهَ
هڪ وقت حضرت جن سان گڏ رسيت سان ٿي ويس .عرض ڪيم .23
ته يا شيخ! توهان اهلل تعالى جي خزانن جا ڪنجي بردار آهيو .جيڪڏهن خزاني
مان ڪجھ عطا فرمائيندؤ ته ڇا ٿيندو؟ ۽ خدا عزوجل جي خزاني ۾ ڪا کوٽ
به ڪانه ٿيندي ۽ هڪ ذري جيرتي به ڪمي ڪانه ايندي .ڪنجي بردارن
کي (حاڪم جي طرفان) اختيار به گھڻا هوندا آهن .جيئن مري نصري خان بروهي
پنهنجي نائب ڏانهن ،ڪنهن کي جاگري جو پروانو لکي ڏئي ،پوء جيڪڏهن اهو
نائب چاهي ته ان پرواني کان وڌيڪ ڏئي يا ان پرواني کان گھٽ ڪري ته به نائب
جو اختيار آهي ،ڪنهن کي ڏئي يا نه ڏئي( .۽ اوهني به اهلل تعالى جا پيارا آهيو)
تنهن تي فرمايائون ته :انهن جو حاڪم انڌو آهي ۽ اساجنو حاڪم ڄاڻندڙ ۽
ڏسندڙ آهي ۽ انهن جو حاڪم پرپٺ ۽ غائبانه ڏسڻ کان نابني آهي ،ان جا خزانچي
جيڪي به ڏين ٿا تنهن کي هو ڪونه ٿو ڏسي ،اسان جو حاڪم عامل الغيب
والشهادة آهي” .اَنََاللَهََعَلَيمََبَذَاتََالصَدَورَ “1ترمجو :بيشڪ اهلل تعالى سينن جا
راز ڄاڻندڙ آهي .اي عزيز! اسان جو حاڪم جنهن کي ڏياريندو آهي ته ان کي
ڏيندا آهيون ۽ جنهن کي نٿو ڏياري ته تنهن کي نٿا ڏيون.
هڪ دفعي سندن خدمت ۾ عرض پئي ڪيم ۽ پنهنجو حال ويٺي .24
ٻڌامي .پوء پاڻ فرمايائون ته اي ڀاءُ! تون مونکي گھڻو ئي پيارو آهني ،پر تنهنجي ۽
کي سڏي پنهنجي وجيھو ويهاري پڇيائون ته ابتدا ۾ سرور ڪائنات عليهََالصَلوٰةََ
وَالسَلَامَ جن جو حال مبارڪ ڪهڙو هيو؟ فرمايائون ته مون عرض ڪيو ته مون
کي خرب نه آهي ۽ ڪجھ گھڙي کن دير جو ڪيم ته ان بعد پاڻ مون کي مسجھايائون
ته ابتدا ۾ سرور ڪائنات عليهََالصَلوٰةََوَالسَلَامَ جن جو يتيمي حال هو .جيڪي
ڪجھ آهي سو يتيمي ۾ آهي.
هڪ ڏينهن حضرت جن جي ڪچهري ۾ ويٺو هيس ته فرمايائون :اي .31
ادا مان ۽ اسان (پنهنجي هسيت) واري دعوى ڇڏي ڏيو ۽ ڪنهن سان به دعوى نه
ڪريو .پوء ان متعلق مثال ڏنائون ته هن طرح ڪريو جو هي ڪپڙو جيڪو
منهنجي ڪلهي تي آهي ۽ هي تسبيح جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي ،انهن الء
جيڪڏهن ڪو شخص مون کي چوي ته اهي شيون منهنجون آهن ته آئون اهي
شيون جلدي ان کي ڏئي ڇڏيندس ،توڙي جو اهي شيون منهنجي ملڪيت آهن.
پر ان ڪري جو جيڪڏهن آئون چوندس ته اهي شيون منهنجون آهن ۽ هو چوندو
ته منهنجون ته ان ’مان‘ ۽ ’اسان‘ منجھان جھڳڙو پيدا ٿيندو .پوء حق ُسبحانہ ٗ و
تعالى جي طالب کي جڳائي ٿو ته هو ڪنهن سان به دعوى ٻڌي ڪورٽ ۾
حاضر نه ٿئي.
هڪ ڀريي ترائي جي ڳوٺ ۾ مسجد شريف جي صحن ۾ حضرت جن .32
سان ويٺو هيس ته مون کي فرمايائون ته ادا حممد حسني! اوري آءُ ته ڪا ڀڄڻ جي
صالح ڪريون .عرض ڪيم ته ڪهڙي طرف ڀڄون؟ فرمايائون بر الرحيم جي
طرف (يعين پنهنجي رب رحيم ڏانهن).
هڪ ڀريي حضرت جن سان گڏ رسيت سان ٿي ويس .ته ڪنهن .33
شخص چيو ته اڄ رات عيد جي آهي .تنهن تي پاڻ فرمايائون :عيد اها نه آهي ،اسان
الء عيد ان ڏينهن آهي ،جنهن ڏينهن خامتو باخلري ۽ اميان سان ٿئي.
20 صحبت سپريين جي
هيڪر حضرت جن سان ٻيڙي تي سوار هيس .تڏهن فرمايائون تهُ :مالن .34
الهداد چڱو ٿيو آهي پر اڃا مڙس نه ٿيو آهي جو ماڪوڙي به نه ماري اٿس .يعين
ظاهري زينت ٿو رکي.
هڪ ڀريي حضرت جن سان ٻيڙي َء تي سوار هيس .ان وقت ماڻهن .35
حضرت جن جي گھوڙن الء ايرتو ته گاھ پئي آندو جو هڪڙو کٽوئي نٿي ته ٻيو پئي
آندائون ۽ گاھ ٻيڙي َء ۾ بچيو پيو هو .پوء حضرت جن پنهنجي زبان مبارڪ سان
فرمايو ته اي يارو! ڏسو ته اهلل جل شانہ ٗ جڏهن اسان جي گھوڙن کي به جلدي جلدي
روزيء الء اجائي
َ رزق رسائي ٿو ته پوء اسان کي ڇا ٿيو آهي جو پنهنجي
تڪليف ڪريون ٿا.
هڪ دفعي فرمايائون ته :مريد چوڻ بدعت آهي ’يار‘ چوڻ بهرت آهي. .36
ڇاڪاڻ ته پيغمرب ڪرمي عليهَ َالصَلوٰةَ َوَالسَلَامَ جن جي زماني پاڪ ۾
’اصحاب‘ لفظ چوندا هيا جنهن جي معنى يار آهي .پوء نقل ٻڌايائون ته حضرت
ميان صاحب نَوَرََاللَهََمَرَقَدَهَ جن به پنهنجي مريدن الء فرمائيندا هيا ته فالڻي هنڌ
منهنجو يار آهي (مريد ڪني چوندا هيا).
هڪ دفعي مون کان پڇيائون ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جو باغ، .37
پاڻي نه ملڻ جي ڪري خشڪ ٿي ويو هجي ۽ ويران پيو ٿئي ،ان حالت ۾
جيڪڏهن ڪو شخص ان باغ کي پاڻي ڏئي آباد ڪري ته ان باغ جو مالڪ
پاڻي ڏيندڙ شخص کان ڪيرتو نه خوش ۽ راضي ٿيندو! مون عرض ڪيو ته ان
باغ جو مالڪ ته ڏاڍو خوش ٿيندو پر جيڪو به ان باغ کي ڏسندو ته اهو به خوش
ٿيندو .تنهن تي پاڻ فرمايائون ته هي جهان به اسان جي نظر ۾ باغ جي مثل آهي.
هڪ دفعي جي ڳالھ آهي ته ڪنهن شخص پرپٺ يا سندن حضور .38
پرنور ۾ اعرتاض طور عرض ڪيو هيو ته حضرت ميان صاحب قَدَسََاللَهََسَرَهَ
جن هر هڪ شخص کي (بيعت ڪري) تلقني فرمائني ٿا ،عامل هجي خواه جاهل،
21 صحبت سپريين جي
سيد هجي يا غري سيد ،ننڍو هجي توڙي وڏو ،عورت هجي چاهي مرد .تنهن تي
پنهنجي زبان درافشان سان فرمايائون ته :سڀئي اهلل تعالى جا ٻانها آهن .هي جيڪو
زمانو آهي سو آزمائڻ ۽ جتربي جو زمانو ڪونه آهي .جيئن اڳيان بزرگ آزمائي ۽
استخاره ڪرائي پوء (بيعت الء) تلقني فرمائيندا هيا .بعد ۾ هي مثال بيان فرمايائون
ته :اهو به ان شڪاري جي مثل آهي جيڪو پنهنجي دام جي چوڌاري داڻا
ڇٽي ڇڏيندو آهي ۽ انهن داڻن چڳڻ الء ڪانو ڪبوتر گڏجي ايندا آهن .پوء
جيڪڏهن شڪاري ڪانون کي اڏاريندو ته ڪبوتر به هليا ويندا .تنهن الء
هينئن ڪرڻ گھرجي ته ٻنهي (ڪانون ۽ ڪبوترن) کي ڪجھ به نه چئجي،
جنهن جو نصيب هوندو سو اچي دام ۾ پاڻهيئي پوندو.
هڪ ڀريي رسيت سان هلندي برادرم مالن سائينڏني عجز ۽ نياز سان .39
چيو ته آئون سڀين کان گھٽ آهيان .تنهن تي پاڻ فرمايائون ته تون سڀين کان ڀلو آهني،
جو تون پاڻ کي گھٽ ٿو ڏسني ۽ ڀائني .ان کان بعد هڪ نقل بيان فرمايائون ته حضرت
موسى عليهَ َالسَلَامَ جي زماني ۾ پنج سؤ يا ڪجھ گھٽ وڌ متام وڏا پرهيزگار
شخص گڏ ڪيا ويا جن الء چيو ويو ته هنن مان جيڪو وڌيڪ پرهيزگار هجي
ان کي منرب وار هڪ هڪ ڪري چونڊي ڪڍي اچو .پوء سڀ چونڊي
ڪڍي باقي پنج شخص وڃي ڇڏيائون .پوء انهن پنجن مان به وڌيڪ پرهيزگارن
کي چونڊي ڪڍڻ الء چيو ويو .تان جو باقي ٻه ڄڻا وڃي رهيا ،جن کي ٻني سڀين
کان متام گھٽ مسجھي ڇڏي ڏنائون .تڏهن حضرت موسى عليهَ َالسَلَامَ فرمايو ته
اهي ٻئي ڄڻا سڀين کان ڀال آهن ،ڇو ته انهن کي ماڻهن سڀين کان گھٽ ڪري ڇڏي
ڏنو اٿن.
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته :حضرت نيب ڪرمي ﷺ جن جي متابعت .40
کي هٿان نه ڇڏيو .سندن سنت اطهر کي فرض مثل ڄاڻي ان تي پوري اعتقاد سان
عمل ڪريو.
22 صحبت سپريين جي
هڪ ڀريي حضرت جن فرمايو ٿي ته جيڪي به سنتون منهنجون ڏٺل ۽ .41
منهنجي نظر ۾ آيل آهن انهن سڀين کي پنهنجي حمبوب ڪرمي ﷺ جن جي متابعت
خاطر پورو ڪيو اٿم .پر اڃا ٻڪريون ڪونه چاريون اٿم .هڪ ڏينهن وڃي
انهن کي به چاريندس ته جيئن ڪل متابعت حاصل ٿئي.
هڪ ڀريي زبان گوهر افشان سان فرمايائون ته :هڪ ڏينهن خليفي ميان .42
الھ رکئي� حضرت ميان صاحب نَوَرََاللَهََمَرَقَدَهَََوجعلَالجنَةَمثواه کان سوال
ڪيو هو ته حضرتا! هن ڳالھ ۾ ڪهڙي حڪمت آهي جو ماڻهو اڃ بک جي
وگھي مري ٿا وڃن؟ جواب ڏنائون ته انهن جي نظر پاڻي تي آهي پر ساقي تي نه آهي.
جيڪڏهن ماڻهن جي نظر ساقي تي هجي ها ته کني اڃ بک هرگز نقصان نه ڏئي
ها.
هڪ دفعي فرمايائون ٿي ته :اي يارو! ُمبتدي (سلوڪ ۾ نئني داخل .43
ٿيندڙ طالب) کي گوشه نشيين ضروري آهي جو مڙني شني کان پنهنجو منهن موڙي
حق سبحانہ ٗ و تعالى ڏانهن متوجہ ٿئي .جيئن سرور عامل ﷺ جن معراج واري رات
”مَاَزَاغََالَبَصَرَ“ جو سرمو اکني مبارڪن ۾ پاتو هئائون .يعين مٿي وڃڻ وقت براق
کي اهڙي طرح هاليو هيائون جو ڪنهن به غري ڏانهن ڪونه ٿي واجھايائون .تان ته
وڃي پنهنجي مطلوب حقيقي وٽ پهتا .ان کان بعد جڏهن واپس موٽيا ته بهشت،
دوزخ ،حورن ،قصورن ،غلمانن ۽ ٻني شني جو نظارو فرمائيندا آيا .تنهن ڪري
عرفان جي واٽ جي طالب الء الزم آهي ته هو (پنهنجي حمبوب ۽ مطلوب حقيقي
جي رضا خاطر) هڪ گھڙي ۽ اک ڇنڀ جيرتو وقت به پنهنجي دل کي َماس َوا اهلل
ڏانهن ڪڏهن به متوجه نه ڪري.
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته ساري رات مسهي ننڊ نه ڪندا ڪريو جو .44
رات ۾ (رب ڪرمي جي رمحت جا) ڪيئي نظارا ٿيندا آهن .پوء جيڪڏهن
ڪو ماڻهو سڄي رات مسهي ننڊ ڪندو ته حق سبحانہ ٗ و تعالى جي رمحت جي
23 صحبت سپريين جي
نظاري کان بي نصيب ٿي ويندو .پوء فرمايائون ته اي ادا! جيڪڏهن ننڊ ڪرين
ته ويهي ڪر ،ان الء جو حمبوب حقيقي حق تعالى ڄاڻندڙ ۽ ڏسندڙ آهي .اهو
(توکي ويٺل ڏسي) فرمائيندو ته هي بندو پاسي ڀر مسهي ننڊ ڪرڻ واري لذت کي
منهنجي (رضا) واسطي ڇڏي ويهي ننڊ ٿو ڪري .ائني چئي فرمايائون ته ڏسو،
جيڪڏهن ڪو سوايل ڪنهن جي در تي چند ڏينهن ويهي رهندو آهي ته ان
کي ڪجھ نه ڪجھ ضرور ملندو آهي ،خدا تعالى ته ارحم الرامحني آهي .ايئن
فرمائي سندن اکيون مبارڪ لڙڪن سان ڀرجي آيون.
هڪ دفعي ”الصوفي َلاَمذهبَله“ مقويل جي معنى هن طرح ٻڌائڻ .45
فرمايائون ته :صويف چئين مذهنب (حنفي ،شافعي ،حنبلي ۽ مالڪي) ۾ اختيار
وارو آهي ته هو جنهن کي اختيار ڪري ته ان الء جائز آهي .ان جي ٻي معنى
هيء به آهي ته مذهب هلڻ جي جاء کي چئبو آهي .جڏهن ڪو شخص عارف
ڪامل ٿي ،ڪمال واري درجي کي پهچي ٿو ته پوء ان کي طرف ،قبلي ،مڪان،
زمان ،رات ،ڏينهن ۽ مذهب جي ضرورت ڪانه آهي.
هڪ وقت پنهنجي زبان درافشان سان فرمايائون ته پنهنجي خالق ساڻ .46
ائني هجو ڄڻ ته خلق موجود ئي ڪانه آهي ۽ خلق ساڻ ائني هجو ۽ ائني زندگي
گذاريو ڄڻ ته توهني پاڻ ڪونه آهيو.
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته ماڻهو ڀائني ٿا ته اهلل تعالى جي ولني کي خدا .47
پاڪ جو خوف نه آهي .جيئن (ظاهر ۾) ”اَلَاََاَنََاَوَلَيَاءََاللَهََلَاَخََوفََعَلَيَهَمَََولَاَ
هَمَ َيَحَزَنَونَ “1سورة يونس ۾ آهي (معين :ٻڌو بيشڪ اهلل تعالى جي ولني تي نه
ڪجھ خوف نڪو غم) .ليڪن انهن کي اهلل تعالى جو ايرتو ته خوف آهي جو
هڪ ڀريي حضرت جن ،مرحوم مغفور ميان سراج الدين جي تعزيت الء .49
اسان جي مسجد شريف ۾ اچي ويٺا .پوء ٽپهري جي وقت حضرت حامت اصم
قَدَسََاللَهََسَرَهَ جو نقل ،پنهنجي زبان مبارڪ سان بيان فرمايائون ته :هڪ هنڌ
حضرت حامت اصم ويٺو هيو ۽ هڪ عورت به سندن ڀرسان اچي ويٺي .اوچتو ان
عورت کان واءُ وهي ويو (جنهن ڪري ڏاڍي شرمندي ٿي پئي) .پر حضرت حامت
اصم � صرف ان عورت جي پرده پوشي ڪرڻ خاطر ان کي (سندس سوال
جو) جواب نه ڏنو ۽ پاڻ کي ڄاڻي واڻي ٻوڙو ظاهر ڪيائني .اها عورت تقريبًا ويھ
ايڪيھ سال کن زنده هئي ،تيستائني حضرت حامت اصمؒ پاڻ کي ٻوڙو سڏايو .ان
کان پوء ان بزرگ تي ’اصم‘ معنى ٻوڙو لقب پئجي ويو .اي مؤمن ڀائرو! عيب پوشي
ائني ڪرڻ گھرجي ،جيئن مٿي ذڪر ٿيو.
هڪ ڀريي رات جو مؤمنن کي ارشاد ويٺي فرمايائون .ان مهل ٻه ٽي .50
دولتمند سادات سڳورا قدم بوسي الء آيا ۽ ڪنهن شخص کي چيائون ته حضرت
جن کي اسان جو عرض ڪري واقفيت ڪراء .ان شخص حضرت جن جي
خدمت مبارڪ ۾ (انهن دولتمندن ساداتن سڳورن الء) عرض ڪيو .پاڻ ان کي
صاف جواب ڏنائون ته توهان کي حق تعالى جي ڪم ۾ دنياوي ڪم جو رخنو
نه وجھڻ گھرجي .ارشاد فرمائڻ کان بعد جڏهن فارغ ٿيا ته انهن ساداتن کي گھرائي
ساڻن بغلگري ٿيا ۽ انهن دعا الء عرض ڪيو ته کني دعا فرمائي رخصت ڪيائون.
ان بعد فرمايائون ته :دنيادارن کي انتظار ڪرائڻ گھرجي ته جيئن سندن حق ۾
نيڪي لکجي وڃي .بالشڪ ويهڻ سان اثر به وٺندا پر جيڪڏهن انتظار
ڪري نه ويهندا ته شرمندا ٿي اٿي ويندا ۽ وري نه ايندا.
هڪ دفعي فرمايائون ٿي ته :اي حق تعالى جا طالبو! خدا تعالى جي .51
عشق ۾ وس آهر ڪوشش ڪريو جو عشق االهي مهدي آهي .ڏٺو ويو آهي ته
ڪي طالب نفساني غرضن ،سڌن ۽ خواهشن مطابق زندگي گذارين ٿا .ڀلي هو
26 صحبت سپريين جي
ڪيرتو به چون ته اسان سڌون ۽ خواهشون ڇڏي ڏنيون آهن پر هو نفساني
خواهشن کي سڃاڻن ئي ڪونه ٿا .مگر نفساني سڌن جو سڃاڻيندڙ هزارن ۾
ڪو هڪڙو هوندو.
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته :ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ويل ڀانئني ٿا( .پر) انهن ۾ .52
واليت جو ڪوبه اثر ڪونهي ،۽ جيڪو شخص پاڻ کي پرهيزگار ڀانئي ٿو اهو
به تقوى جو صاحب نه آهي .اولياءاهلل کي پاڻ تي نظر نه هوندي آهي نڪي ٻني جي
عينب تي.
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته :هڪ بادشاھ جي شهر ۾ ڪنهن بزرگ .53
جي وفات کان پوء سندس مس َند تي ڪو ٻيو بزرگ مس َند نشني ٿيو .ان بزرگ جي
زيارت ۽ قدم بوسي الء اهو بادشاھ ڪڏهن ڪڏهن وٽس ايندو هو ،پر اهو
درويش بادشاھ سان ڪجھ به ڳالهائيندو نه هو .بادشاھ ساڻس ڳالهائڻ الء متام گھڻو
مشتاق هوندو هو .ان ويل شخص جا ڪي مائٽ ٻئي هنڌ رهندا هيا ،انهن پاڻ ۾
صالح ڪئي ته اسان جو فالڻو عزيز هيڏي وڏي مرتيب تي پهچي ويو آهي جو
بادشاھ به ساڻس ڳالهائڻ الء سڪي ٿو .پاڻ کي ان وٽ هلڻ گھرجي ته جيئن اسان
کي بادشاھ کان انعام اڪرام وٺي ڏئي .اها صالح ڪري اهي شخص ان بزرگ
وٽ اچي ويٺا .جڏهن بادشاھ ان ڀالري شخص جي مالقات الء آيو ته ان بزرگ
بادشاھ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ کيس فرمايائني ته هي (منهنجا عزيز پري کان آيا
آهن) سي پنهنجو اڌ منهن ڪارو ڪري آيا آهن ۽ ٻيو اڌ ُمنهن جو تون ڪارو
ڪرين .تڏهن بادشاھ چيو ته جيڪو به انهن جو ڪم ڪار هوندو سو
انشاءاهلل ڪندس .ان کان پوء بادشاھ ان بزرگ کان سوال پڇيو ته حضرتا! ڪهڙو
سبب آهي جو مرجع خلق (خملوق جي رجوعات) ٽن شخصن وٽ آهي يعين خلق
ٽن شخصن ڏانهن رجوع ٿيندي آهي .هڪ بادشاهن وٽ ،ٻيو ولني وٽ ۽ ٽيون عاملن
وٽ .مگر وفات کان بعد ۾ ٻن مجاعنت (عاملن ۽ بادشاهن) وٽ خلق جي رجوعات
بند ٿي ويندي آهي .باقي ولني وٽ وفات کان بعد به خلق جي رجوعات رهندي
27 صحبت سپريين جي
آهي .جواب ۾ فرمايائون ته اصل مرجع اهي نه هوندا آهن ،بلڪه اسم اعظم
هوندو آهي .بادشاهن کي اسم اعظم پيشاني ۾ ٿيندو آهي جيڪو مرڻ کان پوء
ان مان سلب ڪيو ويندو آهي .عاملن کي زبان ۾ ٿيندو آهي جيڪو ان مان به
ملڪ املوت سلب ڪري ٿو وٺي .پر اولياء اهلل کي دل ۾ هوندو آهي ،ملڪ املوت
کي طاقت نه آهي جو اهو اولياء اهلل جي دل مان ڪڍي سگھي .هڪ ٻئي بزرگ
حضرت جن کان سوال پڇيو ته سائني! ظاهر جي عاملن کي ڇا هٿ آيو آهي؟
فرمايائون ته :انهن جي نظر صرف کل تي پئي آهي ۽ کني صرف شريعت پاڪ جي
(ظاهري متابعت واري) کل حقيقت جي (اصلي اخالص واري) مغز کان خايل هٿ
آئي آهي.
هڪ وقت فرمايائون ٿي ته ڪنهن بزرگ خدا تعالى جو خواب ۾ .54
مشاهدو ڪيو ۽ درگاھ معلى ۾ عرض ڪيائني ته يا االهي! تنهنجي بارگاھ
ڪربيائي جي الئق سڀ کان وڌيڪ مناسب ۽ بهرتين حتفو ڪهڙو آهي؟ جواب
۾ ٻ ُڌائني ته اسان جي بي پرواهي واري درٻار ۾ سڀ ڪجھ موجود آهي .مگر
عاجزي ،نهٺائي ۽ بيوسي ڪانه آهي .ان کان وڌيڪ بهرت حتفو اسان جي درگاھ
معلى ۾ ٻيو ڪجھ به نه آهي .پوء طالب کي جڳائي ته هميشہ عاجزي انڪساري
۽ بيوسي کي پنهنجي عادت بنائي (جو اها اهلل تعالى جي درگاھ ۾ وڌيڪ پسند
آهي).
هڪ دفعي فرمايائون ٿي ته ڪامل انسان ”عامل امر“ ۽ ”عامل خلق“ جو .55
جامع آهي .ڪامل انسان جو دُن عرش عظيم آهي .ان کان مٿي پنج لطيفا آهن جن
کي گڏي عامل امر چئبو آهي .ان (منزل) ۾ پهچڻ وارا هيئن چون ٿا.
من خدامي من خدامي من خدا
فارغم از ڪرب ڪينه و از هوا
28 صحبت سپريين جي
(انهن لفظن چوڻ وارا) ان وقت مطلق حق هوندا آهن .۽ دن کان هيٺ
”عامل خلق“ جو آهي .ان ۾ چار عناصر (مٽي ،پاڻي ،هوا ۽ باھ) ۽ پنجون نفس شامل
آهي .اتي نفس مان مراد اها موهوم هسيت (خيايل وجود) آهي جو ان (منزل) ۾ ذوق
۽ شوق جي ڪري پاڻ تي عبديت کي الزم ڪيو اٿس .مناز جي وقت اهي
لب املولى مذڪر“ جي مصداق هوندا آهن سي پنهنجا ڪامل مرد جيڪي ”طا ُ
هٿ دُن جي هيٺان رکي پاڻ کي عامل خلق (عبديت) ۾ ڄاڻي واڻي بندگي ۽ عبوديت
۾ مشغول ڪن ٿا ۽ ڪابه گھڙي بندگي کي نه ڇڏيندا آهن .جيئن هي بيت آهي.
ترمجو :آئون ان ڪامل مرد جو غالم منم آن بندهء مرد متامي
آهيان جو سرداري هوندي به غالمي جو کنم با خواجگي ڪار غالمي
ڪم ڪريان ٿو.
مگر دن جي مٿان جو عامل امر آهي .اتي ٻانهو نه آهي ،بلڪه حق آهي .زالون
جيڪي ”طالب العقبى مؤنث“ جي مصداق آهن سي پنهنجا هٿ سيين تي ٻڌن
ٿيون ۽ پنهنجي حقيقت کي نه سڃاتو اٿن ۽ عامل امر جي کني ڪابه ڄاڻ نه آهي،
سڀ جو سڀ مٿي کان پرين تائني عامل خلق جو آهن.
هڪ ڏينهن فرمائي رهيا هئا ته مرد الء ٽي ڪپڙا ڪفن جا آهن .جن .56
مان مراد ڪلمو شهادت ،مناز ۽ روزو آهي .۽ زالن الء پنج ڪپڙا ڪفن جا
آهن جن مان مراد شهادت جو ڪلمو ،مناز ،روزو ،حج ۽ زڪواة فرض آهي.
خدا تعالى جي مردن جي مناز حمض خدا تعالى جي ذاتي قرب ۽ حق تعالى جي
مشاهدي جي حمبت ۽ شوق الء هوندي آهي جيڪو کني هن ئي جهان ۾ هٿو هٿ
حاصل ٿيندو آهي .۽ نيڪ شخص ،بهشت ،حورن قصورن جي حصول ۽ دوزخ
جي عذاب کان بچاءُ الء مناز پڙهندا آهن ،ڇاڪاڻ ته سندن مناز ۾ االهي حمبت
۽ ديدار حقيقي جو ڪوبه حصو نه هوندو آهي .نقد (روڪڙ) کي ڇڏي اوڌر
جي آسري تي مزدوري ڪندا آهن .دنيا جا طالب جيڪي ”خمنث“ (کدڙا) آهن
سي حق تعالى جي ديدار ۽ بهشت ،حورن قصورن کان بي نصيب آهن ،جيڪي
29 صحبت سپريين جي
به ڪن ٿا سو دنيا جي حاصل ڪرڻ الء ،باقي بهشت جي اميد ۽ دوزخ جي
خوف کان گھٽ ڪن ٿا.
هڪڙي وقت حضرت جن فرمايو ته :حضرت آدم عليهََالسَلَامَ کان جو .57
معصيت ۽ نافرماني صادر ٿي هئي ،مگر ان هوندي به هو معصوم آهي .ڇاڪاڻ
ته اها نافرماني به حق ُسبحانہ ٗ و تعالى جي قرب جي ڪري ٿي هئي .جيئن جو
ٻڌو هيائني ته هن وڻ کي جيڪڏهن کائيندين ته بهشت ۾ هميشہ رهندين جو ان
وڻ کي ”شجرةَالخلد“ چون ٿا .اها ڳالھ کيس ابليس لعني چئي هئي .۽ اهو به ٻڌو
هئائني ته جيڪڏهن ان وڻ مان نه کائيندين ته بهشت مان ٻاهر ايندين .اهو ٻڌي
ڪڻڪ جو داڻو کاڌو هيائني جنهن ڪري کانئونس گناھ صادر ٿي پيو .ليڪن
حضرت آدم عليهََالسَلَامَ کي نفساني ارادو هرگز ڪونه هيو .جيئن قرآن جميد ۾
آهي” :ولمََنَجَدََلَهََعَزَما “1يعين ان ۾ اسان سندس (حضرت آدم عليهََالسَلَامَ
جو) ارادو نه ڏٺو .داڻي کائڻ جو سبب (سندس خيال موجب) صرف اهو هيو ته
متان نه کائڻ جي ڪري حق سبحانہ ٗ و تعالى جي قرب کان پري ٿي وڃان.
ابليس لعني به سجدو ڪونه ڪيو هو ،جنهن سبب جي ڪري بي
فرمان ٿي پيو جو حق تعالى جو امر جبا نه آندائني ۽ سندس اها نافرماني تڪرب جي
ڪري هئي جو چيو هئائني ته” :اناَخيَرََمنَهَ( “2يعين آئون آدم عليهََالسَلَامَ کان ڀلو
آهيان) ان سبب جيڪري لعنيت ٿي تڙجي ويو .حضرت آدم عليهََالسَلَامَ ترڪ
نهي جو ڪيو هو ۽ ابليس لعني ترڪ امر جو ڪيو .انهن ٻنهي ۾ فرق آهي .جڏهن
ته حضرت آدم عليهََالسَلَامَ جي معصيت حق تعالى جي حمبت ۽ قرب سبب هئي
هڪ ڀريي حضرت جن فرمائي رهيا هيا ته :اهلل تعالى جي ولني جو .59
عارضي وجود به اياز جي گودڙي مثل آهي .جنهن ان گودڙي کي پنهنجي اڳوڻي
عاجزي واري حالت ڏيکارڻ الء پاڻ وٽ سنڀايل رکيو هو .عارفن به بشريت واري
گودڙي اهڙي طرح پاڻ تي ڍڪي آهي جيئن چوڻي آهي:
ترمجو :سرداري الء عاجزي ۽ ويچارائپ جز عجز بيچارگي
کان سواء ٻي ڪا روڪڙ ڪانهي. نقدي نه دارد خواجگي
هڪ ڏينهن حضرت جن فرمايو ٿي ته :عارف شخص جو وجود گالب .60
جي گل مثل آهي ،جنهن جي فيض جي سرهاڻ هر خاص ۽ عام جي دماغ کي
(سندس ديل ارادت مطابق) پهچندي آهي .عارفن جو ڪالم وري عرق گالب
جي مثل آهي جو انهن جي وصال کان پوء هر هڪ شخص پنهنجي پنهنجي قابليت
خوشبوء سان ،پنهنجي دماغ ۽ روح کي معطر
َ ۽ اهليت مطابق انهن جي فيض جي
ڪندو رهندو آهي.
هڪ ڀريي حضرت جن پنهنجي زبان مبارڪ سان فرمايائون ته: .61
دنيادارن سان دوسيت گھٽ ڪريو .ائني فرمائي ،حضرت ميان صاحب نَوَرَ َاللَهََ
مَرَقَدَهَ جن کان نقل بيان فرمايائون ته :حضرت والد معظم جن اسان کي ڪيرتا ڀريا
وصيت فرمائي هئي ته بابا دنيادارن جي اعتقاد تي ڀروسو نه رکجو ،توڙجيو هو
ڪهي اوهان جي مهماني ڪن ته به ڄاڻجو ته اهو سندن پٽ جو پنهنجو پٽ ُ
ڪهڻ به ذاتي مطلب کان خايل نه هوندن (يعين اُهي اوهان سان پوء به خملص نه
هوندا).
هڪ ڀريي فرمايائون ٿي ته :دنياوي دوسيت جو مثال هن طرح آهي جيئن .62
ڪنهن بادشاھ جا ٻه غالم هيا .تن مان هڪ بادشاھ تي عاشق هيو (۽ ٻيو
ڪنهن ڌارين عورت تي عاشق هيو) .بادشاھ ٻنهي کي ڪنهن ڪم سان
32 صحبت سپريين جي
موڪليو .جيڪو غالم بادشاھ تي عاشق هيو تنهن رات ڏينهن هڪ ڪري
ان ڪم الء ڪوشش ڪئي ته جيئن هي ڪم جلدي ڪري وڃي بادشاھ
ساڻ مالن .۽ هو ٻيو غالم جيڪو پرائي عورت تي عاشق هيو ،سو بادشاھ جي
ڪم کي ڇڏي وڃي ان عورت سان ويٺو (۽ ائني ڪايف عرصو گذاري ڇڏيائني).
ان کان بعد بادشاھ انهن ٻنهي غالمن کي ماڻهو موڪلي پاڻ وٽ گھرايو.
(پوء فرمايائون ته) جيڪو غالم بادشاھ تي عاشق هيو ،ان کي ٻه
خوشيون مليون .جيئن حديث شريف ۾ آهي” :لَلصَائَمََفََرحَتَان“ ،يعين روزائت کي
ٻه خوشيون ٿينديون (هڪ روزي کولڻ وقت ،ٻي خدا تعالى جي ديدار وقت).
اهڙي طرح ان غالم کي به ٻه خوشيون ٿيون .هڪ ته بادشاھ سان مالقي ٿيو ،ٻيو ته
بادشاھ جي ڏسيل ڪم کي پوري ڪرڻ سببان بادشاھ جو وڌيڪ قرب حاصل
ڪيائني (تنهن الء هو کلندو خوس ٿيندو ۽ ڊوڙندو آيو) .پر ان ٻئي غالم کي ”خَسرَ
الدنياَو َالاخرة“ (يعين دنيا ۽ آخرت ۾ نقصان) جي مصداق ٻه غم ٿيا .هڪ ته
کيس ان معشوقه عورت جي جدائي جو غم ۽ ٻيو بادشاھ سالمت جي ڪاوڙ
جو غم .ان حالت ۾ ڇا چوندو؟ افسوس جيڪر مون کي بادشاھ جي روبرو نه
وٺي وڃن ۽ هيت ئي مٽي ۾ پوري ڇڏين” .ياَليَتنَيَکنتَ َترَابَا( “1جيڪر ته
مٽي هجان ها) .انبياء عليهَمََالسَلَامَ ۽ اولياء ڪرام جو حال ۽ گمراهن جو حال
به ان طرح آهي.
هڪ ڀريي عبداهلل فقري ڪاتيار کي فرمايائون ٿي ته :انهن خيالن کان باز .63
اچ ۽ پاڻ کي عبداهلل (اهلل جو ٻانهو) مسجھ ۽ توبہ تائب ٿيءُ ۽ هنن ڪمن کان رجوع
ٿي ،خداوند ڪرمي جي حضور ۾ توبہ ڪر .مذڪور فقري رندي ۽ قلندرانه
مشرب رکندڙ هو( ،بيخودي ۾) ڪڏهن مناز به ڪونه پڙهندو هو ۽ گھڻو ڪري
ان حالت ۾ رقص ڪري صوفيانه ڪالم چوندو هو ۽ حضرت جن کي سڪر
جي حالت ۾ پنهنجو خدا ڪري ڀائيندو هو .ان حالت ۾ مٿئني عاشق (عبداهلل
فقري) حضرت جن کي عرض ڪيو ته :اي سائني توبہ ڪرڻ ۽ ڏوھ جي تهمت سر
تي کڻڻ ،سو مون کي ته توبہ ڪرڻ کان توبہ آهي .ان وقت وجد ۽ مسيت ۾ اچي
غري شرعي ،۽ شرڪ آميز شعر چوڻ لڳو .حضرت جن کيس فرمايو ته عارف کي
گھرجي ته دُن تائني (جنهن مان مراد عرش عظيم آهي) پاڻ کي ڍڪي ،ان کان مٿي
اگھاڙو هجي ته جائز آهي .مگر پوء به ڪپڙا ڍڪڻ تقوى آهي.
هڪ دفعي خليفي حممود عليہ الرمحة ،جيڪو حضرت جن جو جماز .64
مطلق ۽ خليفو برحق هيو ،حضرت جن جي حضور پرنور ۾ عرض پيش ڪيو ته
حضرتا! عشق واري سڪرات ۾ مناز جيڪا مؤمن جو معراج آهي سا وسري
ٿي وڃي .کيس فرمايائون ته :اي ادا! ان حالت ۾ اصل مناز ئي ته ٻانهي واسطي
تارو اهو هوندو آهي
االهيء الء) عينڪ ٿـئي ٿي ،۽ درياھ جو (سٺو) ُ
َ (ديدار
جيڪو ڇولني ۾ پنهنجون اکيون ۽ ڪن ٻڏڻ نه ڏئي.
هڪ ڏينهن حضرت جن مسجد شريف کان پنهنجي حويلي ڏانهن اچي .65
رهيا هئا .رسيت تي (پنهنجي) صاحبزادي ميان حممد ياسني شاھ (اول) کي
(جيڪي ننڍڙا هيا) مٽي ۾ ڀريل ڏسي وٽس ويهي ،سندس منهن ۽ مٿو صاف
ڪري هنج ۾ ويهاريائون .ان ئي مهل ڏٺم ته حضرت جن جي منهن مبارڪ جو
رنگ بدجلي ويو .پاڻ واپس ٿي مسجد شريف ۾ مراقبو ڪري ويهي رهيا .ايرتي
۾ ڪنهن ماڻهو اچي ٻڌايو ته صاحبزادي ميان حممد ياسني کي االئي ڇا ٿي ويو آهي
جو پنهنجي هوش ۾ ڪونهي ۽ سڪرات واري حالت ٿي وئي اٿس (تنهن ڪري)
حضرت جن کي هلڻ گھرجي .مگر حضرت جن پنهنجي منهن مبارڪ کي مراقيب
مان مٿي ئي نه کنيو .ايرتي ۾ ٻه ٽي ٻيا ماڻهو به حضرت جن کي سڏڻ الء آيا .نيٺ
صاحبزادي جي وفات جي خرب آئي .پوء پاڻ مراقيب مان مٿو مبارڪ کڻي
شڪراني جو نفل پڙهيائون .سالم کان پوء مجاعت ڏانهن منهن مبارڪ ڪري
34 صحبت سپريين جي
ويٺا ۽ فرمايائون ته اي ڀائرو! حمبوب جي حالت کي زبان سان ٻڌائڻ ته مشڪل
آهي .پر اوهان جي هدايت خاطر توهان کي ڪجھ ٻڌايان ٿو جو اهلل تبارڪ و
تعالى جي ذات پاڪ ايرتي ته غريت واري آهي جو جيئن سرور عامل ﷺ جن
فرمايو آهي ته :آئون غريت وارو آهيان ۽ مون کان وڌيڪ خدا تعالى کي غريت آهي.
گھڙيء ۾ رب العزت ايرتي ته غريت ۾ اچي ويو جو اوهان پاڻ ڏٺو .جن ماڻهن
َ هڪ
االهيء جي) ڪهڙي
َ مال ،عيال ۽ پنهنجي جان سان ايرتي دل التي آهي سي (حمبت
حجت ڪندا؟ ائني فرمائيندا رهيا ۽ اکني مبارڪن مان موتني جهڙا لڙڪ
ڳاڙيندا رهيا ۽ مجله مجاعت به روڄ ۽ راڙي ،وجد ۽ مسيت ۾ مستغرق هئي.
ڪايف وقت گذري ويو آهي پر زبان ان حسن بيان (جي ڪيفيت) ٻڌائڻ کان
گونگي آهي .گھڻي وقت کان پوء پاڻ اٿيا ۽ صاحبزادي جي ڪفن دفن وغريه ۾
شامل ٿيا.
هڪ ڀريي حضرت جن سوئي شريف جي مسجد شريف ۾ جناب .66
حمبوب سبحاني سيد صاحب ميان حسن شاھ جيالني (جيڪو حضرت جن جي
وڏن خليفن ۽ پيارن مريدن مان هو) وٽ صبح جي مناز کان بعد مجاعت جي سامهون
ويٺا هئا .اوچتو سيد صاحب جون اکيون مبارڪ پاڻي سان ڀرجي آيون ۽ سندن
منهن مبارڪ ڳاڙهو ٿي ويو .جوش ۾ اچي چوڻ لڳو ته حضرتا! اڄ مون کي اجازت
ڏيو ته آئون اعالن ڪريان ته سڀئي ماڻهو اوهان جي زيارت فيض بشارت هن هنڌ
ڪن ۽ جنهن به اڄ اوهان جي زيارت ڪئي ۽ اوهان کي ڏٺائني ،تنهن تي دوزخ
جي باھ حرام آهي .حضرت جن مرڪي فرمايو ته اي حمبوب! اها ته اوهان جي
واليت آهي .جڳائي ته ائني ٿو جو توهان ئي پنهنجو منهن مبارڪ خلق کي ڏيکاريو.
سيد صاحب عرض ڪيو اي حمبوب! منهنجو اميان ۽ عقيدو اوهان ئي آهيو ،آئون
ڇا آهيان ۽ ڪري آهيان جو پنهنجو منهن ڏيکاريان .آئون ته اوهان جي ئي ذات
واالصفات جي ڪمرتين ۽ ننڍڙن غالمن مان هڪ غالم آهيان .آخر پاڻ سيد
صاحب جي رضا الء اجازت ڏيڻ فرمايائون .سيد صاحب جوش ۾ اٿي بيهي پڙهو
35 صحبت سپريين جي
پي ڏنو ته اي خدا پاڪ جا ٻانهو! اچو ۽ اچي منهنجو حمبوب ڏسو ،پاڻ تي دوزخ
جي باھ حرام ڪرايو .ان اعالن تي خلق جو ايرتو ته انبوھ اچي گڏ ٿيو جو ويهڻ
جي جاء نٿي ملي .صبح کان وٺي ويندي اڳني مناز تائني حضرت جن مسجد شريف
۾ واعظ ۽ نصيحت فرمائڻ ۾ مشغول ويٺا رهيا ۽ فرمايائون ٿي ته :فقري ڇا آهي؟
اهو ته مٽي جي مثل آهي ،جيڪا ڪٽي سٽي پاڻي ۾ پسائيب آهي .فقري کي
جڳائي ته مال عيال ،بلڪه نفس کان به بيزار هجي .ڪيرتائي اهلل تعالى جا اهڙا
بندا آهن جيڪي ڪنهن کي به نه رجنائيندا آهن .پر ڪي ٿورا اهڙا هوندا
جيڪي ڪنهن جي رجنائڻ سان رنج نه ٿني.
هڪ ڀريي حضرت جن رياست بهاولپور (جي حدود) ۾ رسيت سان .67
مجاعت مسيت وڃي رهيا هيا .رياست جي نوابن جو هڪ مالزم خانپور شهر
(غالبًا خانپور ڪٽورا) کان ٻاهر پنهنجي اٺ جي ڳوال ۾ پئي ويو .اوچتو ان جي نظر
حضرت جن جي مجاعت تي پيئي .تڏهن ان شخص اچي حضرت جن جي ذات
واالصفات جي قدم بوسي ڪئي ۽ ڪجھ پنڌ پيادل حضرت جن سان گڏجي
هليو .ان کان پوء (واپس ٿيڻ جي) موڪل گھريائني .حضرت جن ان کي فرمايو ته :اي
ادا! ڪيرتا ڏينهن اٺ جي طلب ۾ رهندين؟ ڪم اهو ڪر ،جيڪو سڀاڻي
ڪم اچيئي .هي جيڪا حياتي آهي سا انسان کي غنيمت ڪري ڏني وئي
آهي .پنهنجي دل کي هن ڪميڻي دنيا کان ڇين مضبوط يقني ۽ حضرت نيب ڪرمي
اهڙيء طرح ڳچ تائني فرمائيندا رهيا،
َ ﷺ جن جي دين سان حمڪم ٻڌڻ گھرجي.
تان جو ان مالزم جو منهن بدجلي ويو ۽ جوش ۾ اچي بيهوش ٿي ويو .ڪجھ وقت
تائني غش پيو هو ۽ حضرت جن به گھوڙي تي بيٺا رهيا .جڏهن اهو مالزم هوش ۾
آيو ته مريد ٿيڻ الء عرض ڪيائني .حضرت جن به کيس اتي (سلسلي ۾ داخل
فرمائي) مريد ڪيو .ان کان پوء اهو شخص خانپور جي اوسي پاسي ۾ حضرت
جن سان گڏ هيو .پوء اجازت وٺي هليو ويو .ڳالھ ٿا ڪن ته حضرت جن جي
36 صحبت سپريين جي
اجازت کان پوء اهو شخص وري شهر ۾ (واپس) نه ويو ۽ اتي ئي جھنگل ۾ حجرو
االهيء ۾ مشغول رهيو ۽ انساني
َ ٺاهي ويهي رهيو .جيستائني جيئرو هيو ته ياد
ضرورت کان سواء ان حجري مان ٻاهر نه نڪتو .تان ته وفات کان پوء سندس الش
حجري مان ٻاهر ڪڍيائون.
هڪ وقت حضرت جن مون کي فرمايو ته اي ادا حممد حسني! فقري، .68
دانشمند ۽ صويف ڪنهن کي چوندا آهن ۽ درويش ،زاهد ۽ عارف ڪري آهي؟
مون عرض ڪيو ته حضرتا! اوهان مسجھايو جو ڪل عقل اوهان جي ذات
مبارڪ آهي ،هن بندي تي مهرباني فرمائي ڪجھ مسجھايو .فرمايائون ته فقري ۾
چار حرف (ف ،ق ،ي ،ر) آهن .ف مان مراد فاقو ڪڍڻ ،ق مان مراد قيام شب،
رات جو جاڳڻ ۽ ڏينهن جو عبادت ڪرڻ مراد آهي .۽ ي مان مراد هر هڪ ۾
يقني ڪرڻ ۽ ر مان مراد آهي ته خداوند ڪرمي جي رمحت ۾ اميدوار هجڻ
گھرجي.
دانشمند ۾ ست حرف (د ،ا ،ن ،ش ،م ،ن ،د) آهن .د معنى دنيا کي ٽي
طالقون ڏئي ،الف معنى آخرت کي طليب ،ن معنى نصيحت چوندڙ هجي ،ش معنى
شريعت حممدي ﷺ الء ڪوشش ڪري ،م معنى مسڪني ٿي زندگي گذاري،
ن معنى نشست برخواست (تعلق) خدا تعالى کان سواء ڪنهن ٻئي سان نه رکي ۽
د معنى دين جي حفاظت ڪري.
صويف ۾ چار حرف (ص ،و ،ف ،ي) آهن .ص معنى اندر جو صادق هجي ،و
معنى وفا ڪندڙ قول جو هجي ،ف معنى فاني نفس هجي ۽ ي معنى ياري (مدد)
خدا تعالى کان طليب.
درويش ۾ پنج حرف (د ،ر ،و ،ي ،ش) آهن .د معنى دنيا کي طالق ڏئي ،ر معنى
دنيا جو رنج سهي ،و معنى وجه حالل يعين حالل روزي حاصل ڪري ،ي معنى
ياري (مدد) خدا تعالى کان طليب ۽ ش معنى شريعت حممدي ﷺ تي عمل ڪري.
37 صحبت سپريين جي
زاهد ۾ چار حرف (ز ،ا ،ھ ،د) آهن .ز معنى زينت ترڪ ڪري ڇڏي ،الف
معنى آخرت کي اختيار ڪري ،ھ معنى هواء نفس يعين نفساني سڌون ڦٽي ڪري
۽ د معنى دنيا کي طالق ڏئي.
عارف ۾ چار حرف (ع ،ا ،ر ،ف) آهن .ع معنى عايل همت هجي ،الف معنى اهلل
پاڪ کي ياد ڪري ،ر معنى هر حال ۾ راضي هجي ۽ ف معنى فارغ جهان ۽
خلق کان هجي.
هڪ دفعي حضرت جن سان گڏ ٿر جي سفر ۾ پئي وياسون .رسيت ۾ .69
ڪجھ ماڻهو ڊوڙندا آيا ۽ حضرت جن جي قدم بوسي ڪري سندن سواري
مبارڪ جي واڳ کي وٺي پنهنجن گھرن ڏانهن ڇڪي ،دعوت ۽ مهماني کائڻ الء
منٿون ڪرڻ لڳا .حضرت جن به انهن جي دجلوئي خاطر خاموش رهيا ۽ انهن سان
گڏ سندن ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا .تنهن تي ان عالئقي جي ڪجھ معترب مريدن حضرت
جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته حضرتا! هي ماڻهو چور آهن .ڦر ،چوري ڪرڻ
۽ حرام کائڻ کان سواء انهن جو ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه آهي .ان قوم جو ڪم
ئي اهو آهي ،تنهن ڪري انهن جي دعوت ۽ مهماني قبول نه فرمايو .حضرت جن
جواب ۾ فرمايو:
ترمجو :جيڪڏهن عارف مرد قاتل زهر مرد عارف را مني دارد زيان
کائيندو ته به اهو ان کي نقصان نه ڏيندو. گر خورد او زهر قاتل را عيان
۽ فرمايائون ته باري تعالى جي مرضي هيٺان جيڪو راز خمفي ۽ پردي اندر آهي
سو جلد پنهنجي حجاب (پردي) مان ظاهر ٿيندو .پوء سڀين کڻي ماٺ ڪئي ۽ پاڻ
اوڏانهن روانا ٿيا ۽ دعوت قبول فرمايائون .دعوت کان پوء ان ڳوٺ جا سڀ ننڍا وڏا،
مرد ۽ عورتون چوري ۽ سڀين گناهن کان سچي دل سان توبہ تائب ٿيا ۽ حضرت
جن جي بيعت ڪري مريد ٿيا .حضرت جن فرمايو ته هڪ دل کي خدا تعالى
جي راھ تي آڻڻ سؤ سال جي حالل کائڻ کان بهرت آهي.
38 صحبت سپريين جي
ٿئي ته نه ويهجي (جو اهڙي کي فيض نه ملندو) ۽ بي نصيب رهجي ويندو .پوء هي
بيت فرمايائون:
آ گم ڪيو اچن ،سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن،
پاسي تن وسن ،جي سڀ ڄماندر سڪيون.
ان کان پوء مثال ڏنائون ته جيڪڏهن گھور گھوربي ته ان مان حصو ان کي
ملندو جيڪو ڪپڙو وڇائيندو ۽ جيڪو غافل ٿي ڪپڙو نه جھليندو سو ان
گھور کان بي نصيب رهجي ويندو.
پوء فرمايائون ته هڪ ڏينهن هڪڙو بادشاھ ڪنهن ويل جي زيارت
جي ارادي سان روانو ٿيو .ويل سڳوري جي درٻار ۾ جيڪي به صحبيت ويٺل
هيا سي بادشاھ جو ٻڌي ،سڀئي ان ويل جي ڪچهري ڇڏي بادشاھ کي ڏسڻ
الء ٻاهر هليا ويا .مگر هڪڙو فقري جيڪو اکيون اکني ۾ اڙايو بزرگ جي ديدار
۾ مست ويٺو هيو ۽ درويش کان پري نٿي ٿيو تنهن کي درويش فرمايو ته تون به بادشاھ
جي اڳ تي وڃ .تنهن تي ان فقري هي بيت پڙهيو:
بيت
همه شهر پر ز خوبان من در خيال ماهي
چه کنم که چشم بدخو نه کند بکس نگاهي
يعين :سارو شهر سهڻن سان ڀريل آهي مگر آئون پنهنجي هڪڙي حمبوب جي
خيال ۾ آهيان .پنهنجي بڇڙي عادت واري اک کي ڇا ڪريان جيڪا هڪ
حمبوب کان سواء ٻئي ڪنهن ڏانهن نهاري ئي ڪانه ٿي.
هڪ دفعي حضرت جن جي صحبت ۾ ويٺو هيس .پنهنجي زبان .75
مبارڪ سان نقل بيان فرمايائون ته :هڪ رات امحد شاھ (ابدايل) پنهنجي وزير
42 صحبت سپريين جي
سان حضرت خمدوم صاحبؒ جي زيارت الء پريان لوء شريف آيو .حضرت خمدوم
صاحبؒ پنهنجي هڪ فقري سان گڏجي شهر کان ٻاهر اچي بادشاھ سان مالقات
ڪري هيٺ زمني تي ويهي رهيا ۽ امحد شاھ ابدايل بيٺو رهيو .ان کان بعد بادشاھ
جي وزير پنهنجو ڪپڙو وڇايو پوء بادشاھ ان ڪپڙي تي ويهي رهيو .تنهن تي
فقري جيڪو حضرت خمدوم صاحبؒ سان گڏجي آيو هيو ،تنهن هي بيت پڙهيو:
نڪي ٻانهڙين ۾ نڪي منجھ ڪنن،
حمب پايو من ،ٿي ملي ماال تن کي.
هڪ دفعي هڪ فقري حضرت جن جي ڪپڙي مبارڪ جي دامن .76
وٺي سندن حضور ۾ عرض ڪيو ته :دامن لڳي جو ننگ توهان تي آهي .ان فقري
کي فرمايائون ته هي دامن وارو ڪپڙو نيٺ فنا ٿي ويندو .دامن اها نه آهي .دامن
هي آهي ته اوهان متابعت (تابعداري) واري دامن کي سچي ارادي ۽ ڪامل
اعتقاد سان مضبوط ڪري وٺو جيڪا ڪڏهن به فنا نه ٿيندي.
هڪ وقت فرمايائون ته :خدا تعالى جي طالب کي جڳائي ٿو ته هر گھڙي .77
هر پ َلڪ اهلل تعالى جي يادگريي کان غافل نه ٿئي .جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن
پياري عزيز کي ان جي ٻاهر وڃڻ وقت هميشہ ياد پيو ڪندو رهندو آهي ،تيئن
خدا تعالى کي ياد ڪجي.
سرور عامل ﷺ جن فرمايو آهي :انَاَغَيَورَ َوَاللَهَ َاَغَيَرَ َمنَي ،يعين آئون
غريت وارو آهيان ۽ اهلل تعالى مون کان وڌيڪ غريت وارو آهي .بيت:
ينء کي،
اکيون سي ئي ڌار ،جنهن سان پسني پر َ
ٻئي ڏي ڪيم نهار ،راول ريساڙو گھڻو.
يک چشم زدن غافل زان ماه نباشم يعين :هڪ اک ڇنڀڻ جيرتو به پنهنجي
ترسم که نگاهي کند آ گاه نباشم چنڊ (جهڙي حمبوب حقيقي) کان غافل
43 صحبت سپريين جي
هڪ وقت سندن فيض ڀري صحبت ۾ ويٺو هيس .تڏهن فرمايائون ته: .78
جمازي عشق جي تعريف جڏهن ته زبان سان نٿي ڪري سگھجي پوء حقيقي
عشق جي ڳالھ زبان سان ڪيئن ٿي سگھندي؟ ان کان بعد هڪ نقل بيان
فرمايائون ته ٻه ڀينر هيون تن هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو هو ته اسان ٻنهي منجھان
جيڪا اڳ ۾ پرڻيب سا ٻي ڀيڻ کي نڪاح جي لذتن جي خرب ٻڌائيندي .جڏهن
انهن مان هڪ جي شادي ٿي وئي ته ٻي ڀيڻ کانئس پڇيو ته اي ادي! ٻڌاء ته نڪاح
جون لذتون ڪيئن هونديون آهن؟ تنهن تي ان چيو ته اي منهنجي ڀيڻ! اهي لذتون
ينء ته ان وقت توکي
زبان سان بيان نٿي ڪري سگھان .جڏهن تون نڪاح ڪند َ
انهن جي خرب پوندي .اي يارو! جڏهن جماز جي لذتن کي زبان سان بيان نٿو ڪري
سگھجي ته حقيقي لذت کي زبان سان ڪيئن چئي سگھبو؟
هڪڙي وقت مسجد شريف ۾ فقرين سان صحبت دوران زبان .79
مبارڪ سان نقل بيان فرمايائون ته :هڪڙي ويل شخص پنهنجي جاء تي پنهنجي
ڪپڙن مان ُجون ويٺي ڪڍيون .ان دوران هڪڙو بادشاھ پنهنجي وزير سان
گڏجي ان ويل جي زيارت الء سندس دروازي تي آيو .هڪڙو مريد ان بزرگ
سان گڏ ويٺو هو ،تنهن جو بادشاھ کي ايندو ڏٺو ته خوشي مان رڙ ڪري چيائني
ته :سائني! بادشاھ بيٺو آهي .تنهن تي مريد کي ان بزرگ چيو ته آئون مسجھان ٿو ته
شايد ڪا وڏي جون لڌي اٿئي تڏهن خوش ٿيو آهني .ان کان پوء بادشاھ ۽ وزير
ٻئي ڄڻا ان بزرگ جي اڳيان اچي ويٺا پر بزرگ پنهنجي حال ۾ جيئن جو پري ڊگھا
ڪيو ويٺو هو تنهن بادشاھ ڏانهن واجھايو به ڪني( .وزير کي ان ڳالھ تي مٺيان لڳي
ته هي درويش بادشاھ ڏانهن واجھائي به ڪني ٿو تنهن تي) وزير ان بزرگ کان پڇيو
44 صحبت سپريين جي
ته اي فقري! اوهان ڪڏهن کان پري ڊگھا ڪيا آهن؟ بزرگ فرمايو ته ان ڏينهن کان
جڏهن کان اسان طمع جو هٿ ڪوتاھ ڪيو آهي.
هڪ دفعي حضرت جن قدَسَاللَهََسَرَهََالمقدس جي صحبت ۾ ويٺو .80
هيس .زبان دُرافشان سان فرمايائون ته :حق تعالى جي طالب کي گھرجي ته جالل
۽ مجال جي حالت ۾ خوش هجي ۽ خوشي ۽ غمي ۾ به هڪ جهڙو هجي .ان
کان بعد هي بيت پڙهڻ فرمايائون:
سدا ُسور نه هُون ،گُو َندر وڃن گذري،
اوکايُون عاقل چوي ،پَرکا ڪارڻ پُون،
چڱا ائني چُون ،ته در نه َمٽجي دوست جو.
هڪ وقت فرمائي رهيا هئا ته :اهلل تعالى جي ولني جا گھڻائي قسم آهن. .81
هڪڙا انهن مان ”عزليت“ (يعين گوشه نشيين ڪندڙ) هوندا آهن ،جيڪي پاڻ کي
هر حالت ۾ گمنام ۽ لڪل رکندا آهن .ان کان بعد هڪ نقل بيان فرمايائون ته:
هڪ اهڙي قسم وارو ولني مان ننڊ ۾ هو ،جنهن کان ننڊ جي حالت ۾ زبان تي
اهلل جو اسم بلند آواز سان جاري ٿي ويو .صبح جي وقت ان کي سندس زال ٻڌايو
ته رات ننڊ ۾ تنهنجي زبان مان هن طرح بلند آواز سان مون اهلل پاڪ جو اسم
مبارڪ ٻڌو آهي .ان ڳالھ ٻڌڻ شرط کيس افسوس ٿيو ته هي مون کان ڇا ظاهر
ٿي پيو آهي ۽ (ان افسوس ۾) هو گذاري ويو .ان کان پوء سندس ڀيڻ ان جي وفات
جي خرب ٻڌي آئي ۽ اچي چيائني ته هن ڪچي الء ڪهڙي طرح روئان ،جو هي
اڃا ڪچو هيو .ڇاڪاڻ ته پاڻ کي خواب ۾ خوار ڪري وڌائني.
هڪڙي وقت مسجد شريف جي اڱڻ ۾ فقرين جي مجاعت سان .82
صحبت ويٺي فرمايائون .ان دوران فرمايائون ته :اهلل تعالى قرآن جميد ۾ فرمايو آهي:
ى َتنفَقواَمَمَاَتحَبَونَ “1يعين توهان هرگز ڀالئي کي نه پهچندؤ
”لنَتَنَالَواَالَبَرَ َحَتَ َٰ
جيستائني خدا جي راھ ۾ پنهنجي پياري شيء کي خرچ نه ڪندؤ .پوء هي بيت
پڙهيائون.
يعين :مال ۽ ساھ ٻئي گڏي گھور ڪر،
مال جان را تو برو يکجا بباز
رستو ته وجيھو آهي پر تو ان کي ڇو ڊگھو
راه نزديکست چرا کردي دراز
ڪيو آهي؟
هيء وصيت فرمايائون :اَلصَبرَ َمَفتاحََ
هڪڙي وقت صحبت دوران َ .83
خوشيء جي ڪنجي آهي .ان کان بعد پنهنجي زبان وحي
َ الَفَرحَ .يعين صرب
ترمجان سان هيٺيان بيت پڙهيائون:
1
صرب جن جو سري ،تري نه گسي تن جو.
2
الئي ترار ال جي ،کڻي خچر کي هڻ،
َسڌن جون سيد چويَ ،وٿون سڀ وڪڻ،
پري تنهان پوء کڻ ،ته هلڻ ۾ هورو ٿئني.
3
هي هي جو هڪدمَ ،ا َجل کان اڳي مرين،
مرتبو تنهنجو مرشد چوي ،تهڙو ٿئي اُمت،
ڪيو ادريس اهڙو ڪم ،ته جوڳو جنت جو ٿيو.
4
اوڀر ڏانهن ٿي اڀريو ،ته ڪڪر الٿي ڪس،
سائدي جو سيد چوي ،هت رهڻ ڪونهي رس،
اتي نيئي وس ،جاٿي ساڪن منهنجا سپرين.
46 صحبت سپريين جي