You are on page 1of 4

‫مير منصور مڱريو‬

‫لقاء رهيو آهي ‪ .‬ان سان گڏ ٿر جي‬


‫ُ‬ ‫ٿر هونئن ئي قدرتي مظهرن جو وڏو‬
‫مٽيء اهڙن جوڌن کي جنم ڏنو جو انهن ان امرت مان اهڙا ُڍڪ ڀريا‬
‫َ‬ ‫امرت‬
‫جو کين تاريخ به شاهد بڻجي وئي‪ .‬اسان کي ڪيترائي نامور نالا ۽ مثال‬
‫ملن ٿا جيڪي اجگر دل رکندڙ سٻاجهڙا ۽ وطن دوستي جي پرچار ڪندڙ‬
‫رهيا آهن‪ .‬انهن اهم شخصتين ۾ ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وڪڙيئي ۾‬
‫‪ 1921‬ڌاري محمد عثمان برهاناڻي جي گهر ۾ هڪ ٻالڪ اک کولي ٿو‬
‫جنهن کي غلام محمد جنهنجي جي نام سان نوازيو وڃي ٿو‪ ،‬کيس ڄم سان‬
‫ئي اهڙي شناخت ملي جو ان جوهر مان نڪري نه ٿو سگهي‪ .‬اڪيلو اولاد‬
‫هجڻ ڪري انتهائي لاڏ ڪوڏ سان پلڻ ڪري سندن مزاج ۾ خود ياوري جا‬
‫عنصر شامل ٿيندا رهيا‪ .‬اهي عنصر اهڙا هئا جن کيس محمد (صه) جو غلام‬
‫ته بڻائي رکيو پر سماج جي ڪيڏي به طاقت هن کي جهڪائي نه سگهي‪.‬‬
‫هو اٽل آدمي سان گڏوگڏ انتهائي پيار ڪندڙ ۽ ويساهه جو ايڏو وڏو مثال‬
‫هو جو آسي پاسي جي عورتن ڪڏهن ڊپ ڊاهه ۾ نه گذاريو سندن چوڻي‬
‫هوندي هئي ته ” زندگي اهڙي نموني گذاريو جو دشمن به توهان کي‬
‫دعائون ڏي“ ‪ . .‬اهڙي اثر رسوخ واري ماڻهون جا سڄڻ به گهڻا ته دشمن به‬
‫گهڻا‪ .‬ايئن ئي هڪ مثال سندن زندگي مان ملي ٿو ته ڪنهن دشمن کين‬
‫دعوت رکي جيڪا دعوت سقراط کي به (هيم لاڪ) جي صورت ۾ قبولڻي‬
‫پئي ساڳئي حالت هن اجگر دل جي مالڪ سان به ٿي‪ .‬ماني کائي جڏهن‬
‫گهوڙي تي روانا ٿيا ته ان وقت ئي کين محسوس ٿيو ته کاڌي ۾ زهر هو‪.‬‬
‫هو ٿر جو مڃيل ڏاهو حڪيم هو ۽ گهر ۾ پهچڻ سان ئي پنهنجو علاج شروع‬
‫ڪري ڏنائون‪ .‬ا ن زهر ڪري کين گردن تي سڄي حياتي اثر رهيو‪ .‬کيس‬
‫دشمن وڏي ڪرڀ مان گذريو ۽ معافين جا انبار کڻي کڻا ڪيائين ته پاڻ‬
‫کين جواب ڏنائون ”مون توکي ان وقت ئي معاف ڪري ڇڏيو هو“‪ . .‬اهڙي‬
‫فراخي دلي فقط وڏن خوابن جي تعمير ڪرڻ وارن جي ئي حصن ۾ ايندي‬
‫آهي‪ .‬سندن جو شعر انهي پسمنظر جي ڀرپور نشاندهي ڪرائي ٿو‬
‫جھڪي ڪريين جھان ۾‪،‬‬

‫دشمن جي ديري ‪،‬‬

‫ٿين خاڪه خبيث سي‪،‬‬

‫ويجھا مون ويري‪،‬‬

‫تن گھڻي غلام محمد چئي بڇئين‬

‫ڦڦڙن ۾ ڦيري‪،‬‬

‫ڪرن اونھي‬
‫واحد مون ويري‪ِ ،‬‬

‫پاڻ ڪافي علمن جا ڄاڻو هئا هندوستان جي يونيورسٽين ۾ وڃي ليڪچر‬


‫ُٻڌڻ لڳا‪ .‬انهي اڀياسي اوک ڊوک دوران هن جن علمن ۾ مهارت حاصل‬
‫ڪئي تن ۾ تاريخ‪ ،‬جاگرافي‪ ،‬نجوم‪ ،‬هٿ ريکائن جو علم ۽ علم الاعداد‬
‫سرفهرست آهن‪ .‬علم جي انهي جستجو منجهس شاعري جو شوق پيدا ڪيو‬
‫۽ هو سنڌي زبان ۾ شاعري ڪرڻ لڳو‪ .‬سندس شاعري ۾ جيڪا پختگي آهي‬
‫تنهن مان شيشي جيئان لطيف جا جلوا پسجي سگهجن ٿا‪ .‬پاڻ لطيف جي‬
‫پنڌ جا پانڌيئڙا هئڻ ڪري سموري ڪلام ۾ لطيف واري روحاني رمزن کي‬
‫حاصل ڪندي جيڪا بيت جي جوڙجڪ ڪئي آهي تنهن کي ڏسي ايئن لڳي‬
‫ٿو ته روحاني تسڪين واري ڪلام جي روايت وڌيڪ روشن ٿيندي‪.‬‬

‫مونکي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي ڄام ساقي جي عيادت لا ِء پنهنجي‬


‫همروح سائين نور احمد سان گڏ ڪراچي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ ويس ته‬
‫ڄام ساقي سندس والد جي شاعري تي ڳالهائڻ شروع ڪيو‪ .‬بابا غلام محمد‬
‫جي ڇپيل ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال کي“ صرف ان ٽائيٽل تي ڄام ساقي‬
‫ڳالهايو ۽ مخاطب ٿيا سائين نور احمد سان ته ”صوفين لا ِء موت ملڻ آهي‬
‫حقيقي مالڪ سان ‪ ،‬هي ويجها ٿيا وصال کي ان جو مطلب به اهيو ئي‬
‫آهي ته مالڪ سان ملڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ سرهائي جهڙي ڳالهه‬
‫آهي“ ڄام کي پنهنجي لفظن پاڻ دکي ڪري وڌو هن جي ڳوڙهن وارين‬
‫سڌ پئي ته اهي ڳوڙها هن‬
‫اکين ۾ جا چمڪ اچي وئي تنهن مان مونکي ُ‬
‫بهادر جي معمار جي اکين ۾ وصال کي ويجهي ٿيڻ جي خوشي جا آهن ۽‬
‫جام انقلاب پيئاريندڙ ڄام وصال‬
‫ِ‬ ‫پو ِء ڪجهه ئي مهينن کان پو ِء سڀن کي‬
‫کي ويجهو ٿيو‪ .‬بابا غلام محمد جي شاعري ۾ تصوف جي جهلڪ تمام‬
‫گهري آهي ۽ جيڪا ٻولي جي پختگي آهي ان مان خبر پئي ٿي ته ڪيڏي‬
‫طويل سفر مان پاڻ لنگهيا آهن‪ .‬اهڙي پنڌ کين جيڪي ڪجهه عطا ڪيو‬
‫سندن شعر مان جهلڪي پيو ‪.‬‬

‫جي ويجھا نه وڃن وه کي‪ ،‬جو عشق ڀڃي ُاڃ‬

‫ماڻن سي نه مشا ھدو‪ُ ،‬رلن ڀڻا ُر ڃ‪،‬‬

‫سڃ‪،‬‬
‫گھلا غلام محمد چئي‪ ،‬سولي ڀانئن ُ‬
‫پَٽن کائيو پڃ‪ ،‬ڏورين ڏيھه ڏاتار‬

‫داناء به ڪيو جو کيس صوفي محمد‬


‫ُ‬ ‫اهڙي ِوه جو تعين هن وقت جي‬
‫ڪٺو تو‬
‫صديق صادق فقيرجا لفظ چوڻا پيا ته ”آئون اهو ئي آهيان جي ُ‬
‫ڪلهه“ سندن شاعري ۾ اهڙو ئي تصور ملي ٿو ؛‬

‫ات‪ ،‬وڍيئي ماهه منهنجو‬


‫ڪٽي ڪ ُ‬
‫ڪٽي َ‬
‫َ‬
‫ڪ۾‬
‫س َ‬
‫سپريان جي ِ‬
‫آء مات‪ُ ،‬‬
‫نه ٿيس ُ‬
‫ايڏي ڪمال جي تخليقڪار ۽ وڏ وڙائتي ماڻهو کي ويٺو دل جي حضور‬
‫سان پڙهجي پنا کٽي ويندا پر دل جو درپن نه گهٽجندو‪ ،‬پر بدقسمتي سان‬
‫هن سماج ماڻهن جي وئي کان پو مڃتا ڏني آهي پر سندن حال حيات ۾ نه‬
‫سمجيو ويو ڪڏهن ته ايئن ٿيو آهي جو ڪيترائي وئي کان پو به تاريخ جي‬
‫پنن ۾ به ساهه نه کڻي سگهيا صرف ذاتي ڪدورتن جي ڪري ‪ .‬انگريزي جو‬
‫مشهور شاعر ‪ Dylan Thomas‬شايد اهڙن عقلمندن لا ِء ئي چئي ويو ته‪:‬‬
‫‪Wise men at their end know dark is right‬‬

‫ڏاهن ماڻهن کي آخرڪار ايئن ئي لڳو ته جهالت رحمت آهي‬

You might also like