You are on page 1of 4

‫‪Awareness Session on Protection‬‬

‫‪ .1‬هنگامي حالتن ۾ بي پهچ ماڻهن جو تحفظ‬

‫اسان جي سماج ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جن کي اسان جي مدد جي ضرورت آهي ۽ انهن جو خيال رکڻ‬
‫اسان جي سماجي‪ ،‬اخالقي ۽ مذهبي ذميواري آهي ‪.‬خاص طور تي هنگامي حالتن ۾ جڏهن ڪي ماڻهو‬
‫ڪنهن قدرتي يا اوچتي آفت جو شڪار ٿين ٿا ۽ سڀ ڪجهه وڃائي بي گهر ٿين ٿا ‪.‬ٺيڪ ان وقت اسان‬
‫کي پنهنجي اخالقي‪ ،‬سماجي ۽ مذهبي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي ته جئين کين وقت سر مدد مهيا‬
‫ڪري سگهجي‪.‬‬

‫هنگامي حالتن‪ ،‬جهڙوڪه ٻوڏ‪ ،‬طوفان‪ ،‬تيز برساتن‪ ،‬سوڪهڙو‪ ،‬زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾اهڙن ڪمزور‬
‫ماڻهن جو خيال رکڻ ۽ انهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اڃا به وڌيڪ ضروري ٿيو وڃي ڇاڪاڻ ته‬
‫هنگامي حالتن ۾ هر ماڻهو افراتفري واري صورتحال ۾ هوندو آهي ۽ هو صرف پنهنجو ۽ پنهنجي‬
‫گهرڀاتين جو خيال رکندو آهي جڏ هن ته سندس پاڙي ۾ يا ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪمزور ماڻهن کي وساري‬
‫ويهندو آهي جن کي سندس مدد جي ضرورت هوندي آهي‪.‬‬

‫‪ .2‬معاشري ۾ ڪمزور ماڻهن جي سڃاڻپ‬


‫اهي ماڻهو جيڪي معاشرتي تعصب جو شڪار ٿيا هجن‬ ‫‪‬‬
‫بيواهه عورتون جن جو سنڀاليندڙ نه آهي‬ ‫‪‬‬
‫طالق يا فته عورتون جن جو سنڀاليندڙ نه آهي‬ ‫‪‬‬
‫مهلڪ يا جان وٺندڙ بيمارين ۾ ڦاٿل عورتون جن جو ڪو سنڀاليندڙ نه آهي‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫ضعيف يا پوڙها مرد جن جو ڪو سنڀاليندڙ نه آهي‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫يتيم يا بي سهارا ٻار جن جو ڪو سنڀاليندڙ نه آهي ۽ اهي اڪيال گهر سنڀاليندا هجن‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫معاشرتي ظلم جو شڪار ٿيل عورتون‪ ،‬مرد ۽ ٻار‪.‬‬ ‫‪‬‬

‫‪ .3‬ٻوڏ دوران ڪمزور ماڻهن جو تحفظ‬


‫‪ ‬سڀني سگهه وارن جي ذميواري آهي ته اهي ٻوڏ دوران انهن ڪمزور ماڻهن کي ڳوٺ ‪ ،‬گهر کان‬
‫ٻاهرمحفوظ جڳهين ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪن‪.‬‬
‫‪ ‬ڪئمپ ۾ رهڻ دوران ڪمزور عورتن جي عزت جو خاص خيال رکڻ گهرجي‪.‬‬
‫ڪمزور ماڻهن ۽ سندن ٻارن جي کاڌ خوراڪ ۾ مدد ڪرڻ ته جئين کاڌي جي ڪمي َء جي ڪري‬ ‫‪‬‬
‫ڪو جاني نقصان نه ٿئي‪.‬‬
‫مختلف ادارن طرفان امدادي سامان جي ورهاست دوران ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي‬ ‫‪‬‬
‫ته اهي به امدادي سامان وٺي سگهن‪.‬‬
‫پوء ڪئمپ يا هنگامي حالت ۾ رهڻ دوران ڪيتريون ئي بيماريون منهن ڪڍن ٿيون‪،‬‬ ‫ٻوڏ کان ِ‬ ‫‪‬‬
‫انهن جي اعالج معالجي جي سهولت ڏيارڻ‪.‬‬
‫‪ .4‬ٻوڏ کان بعد ڪمزور ماڻهن جو تحفظ‪:‬‬
‫گهرن ڏانهن واپس ورندڙن کي ٻيهرآبادڪاري ۾ ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ‪ ،‬کين ڪئمپن ۽‬ ‫‪‬‬
‫عارضي اجهن مان ڪڍي ڳوٺن ڏانهن منتقل ٿيڻ ۾سندن مدد ڪرڻ‪.‬‬
‫ٻوڏ سبب سندن تباهه ٿيل گهرن ما ن ملبو صاف ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫ٻوڏ سبب تباهه ٿيل‪ ،‬خراب ٿيل يا وڃايل ضروري سامان کي هٿ ڪرڻ ۾سندن مدد ڪرڻ ۽‬ ‫‪‬‬
‫سندن روزگار‪ ،‬مستقل ڪاروهنوار ال ِء اتساهڻ ياسار لهڻ‪.‬‬
‫امدادي سامان وٺڻ ۾ سندن مدد ڪرڻ ۽ ان ڳالهه جو خيال رکڻ ته ڪٿي افراتفري واري ماحول ۾‬ ‫‪‬‬
‫انهن ڪمزور ماڻهن جو حق رهجي نه وڃي‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫ساڻن گڏ هئڻ جو احساس ڏيارجي ته جيئن انهن ۾ ڪا احساس محرومي جنم نه وٺي‬ ‫‪‬‬
‫‪ .5‬تحفظ متعلق اسالمي تلقين‪:‬‬

‫اسالم ۾ پاڙيسري‪ ،‬يتيم ۽ ضرورتمندن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن مدد جي باري ۾ تلقين ڪئي‬

‫وئي آهي ‪.‬ان سلسلي ۾ حضور صلى هللا عليه وسلم جن فرمايو آهي ته‪:‬‬

‫جيڪو ماڻهو ڪنهن يتيم ٻار سان ڀالئي ڪري ٿو ته مان ۽ اهو شخص جنت ۾گڏ هونداسين‪.‬‬

‫حضرت ابوهريره � کان روايت آهي ته حضور صلى هللا عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته مسلمانن جي‬
‫گهرن ۾ سڀ کان سٺو گهر اهو آهي‪ ،‬جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان سٺوسلوڪ ٿيندو هجي ۽ مسلمانن‬
‫جي گهرن ۾ سڀ کان بڇڙو گهر اهو آهي‪ ،‬جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان برو سلوڪ ڪيو ويندو‬
‫هجي‪.‬‬

‫‪ .6‬انساني همدردي جي بنيادن تي ڪم ڪندڙ ادارن جون ذميواريون‬

‫انساني همدردي جي بنيادن تي ڪم ڪندڙ ادارن ادارن کي گهرجي ته‪:‬‬

‫انساني حقن ۽ انهن جي تحفظ متعلق مختلف گهرجن جي نشاندهي ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫پنهنجي اداري جي ورڪرن جي تحفظ متعلق تربيت ڪرڻ ۽ ذميوارين جي ورهاست ڪن‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫ڳوٺن ‪ /‬عالئقن يا ڪئمپن ۾ ذميوار فردن ۽ گروپن جي تربيت ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫پوليس‪ ،‬ضلعي اختيارين ۽ ٻين قانون الڳو ڪندڙ ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ۽ اهڙو سهڪاري‬ ‫‪‬‬
‫ماحول جوڙڻ جنهن تحت بي پهچ ماڻهن جو تحفظ ٿي سگهي ‪.‬‬
‫قدرتي آفتن سبب بي گهر ٿيل بي پهچ عورتن‪ ،‬يتيم ٻارن‪ ،‬ٻڍن ۽ ٻين اهڙن ماڻهن کي نفسياتي طرح‬ ‫‪‬‬
‫مطعمن ڪرڻ ۽ کين همٿ ڏيارڻ‪.‬‬
‫بي پهچ ماڻهن سان ٿيل واقعن جا تفصيل گڏ ڪرڻ يا سروي ڪري متعلقه ادارن ۽ ماڻهن تائين‬ ‫‪‬‬
‫متاثر ماڻهن سان مالقاتون ڪرڻ ۽ پنهنجا حق گهرڻ ال ِء کين راغب ڪرڻ‬ ‫‪‬‬
‫ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچي قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي‬ ‫‪‬‬
‫صاف پاڻي‪ ،‬نڪاسي‪ ،‬صحت‪ ،‬تعليم ۽ کاڌ خوراڪ کي يقيني بنائڻ‪.‬‬
‫‪ .7‬کاڌ خوراڪ جي تقسيم دوران ضروري آهي ته‪:‬‬
‫ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي صورتحال کي نظر ۾ رکجي ۽ حقدار ماڻهن جي نشاندهي‬ ‫‪‬‬
‫ڪجي‪.‬‬
‫ڳوٺ يا عالئقي جي صحيح آدم شماري ڪرڻ ۽ مرد‪ ،‬عورتن ۽ ٻارن جا صحيح انگ اکرگڏ‬ ‫‪‬‬
‫ڪرڻ‬
‫ڳوٺ وارن ۽ متعلقه ادارن‪ ،‬ماڻهن سان ورهاست متعلق مشاورت ڪرڻ ۽ امڪاني خطرات کي‬ ‫‪‬‬
‫الء رٿابندي جوڙڻ گهرجي‬‫منهن ڏيڻ ِ‬
‫ٻين محلق بيمارين ۾ ڦاٿل ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ کين ورهاست ۾ ترجيحي بنيادن تي شامل‬ ‫‪‬‬
‫ڪرڻ‬
‫ورهاست جون ڄڳهيون رجسٽرڊ ماڻهن جي ڳوٺن يا عالئقن جي ويجهو يا ڳوٺن ۾ ڪرڻ گهرجن‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫ڳوٺ کان ٻاهر ورهاست ڪرڻ جي صورت ۾ ورهاست جو اهڙو وقت مقرر ڪجي ته جيئن‬ ‫‪‬‬
‫ماڻهو پنهنجو سامان وٺي ڳوٺن ڏانهن واپس پهچي سگهن‪.‬‬
‫راء‬
‫فورم جوڙڻ يا ڪو جوڳو انتظام ڪرڻ ته ماڻهن کي ورهاست جي شڪايت ۽ صالح يا ِ‬ ‫‪‬‬
‫ڏئي سگهن‪.‬‬
‫کاڌخوراڪ جي ورهاست جو صحيح رکارڊ رکڻ گهرجي جنهن ۾ مستحق ۽ الچار ماڻهن جي‬ ‫‪‬‬
‫ورهاست ۾ واضع نشاندهي ٿيل هجي‬
‫ڳوٺ جي سطح تي کاڌ خوراڪ جي ورهاست جون ڪميٽيون ٺاهي ۽ انهن بي پهچ ماڻهن جي‬ ‫‪‬‬
‫شرڪت کي يقيني بنائڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪ .8‬بي پهچ ماڻهن جي صفائي ۽ صاف پاڻي‬

‫صاف پاڻي مناسب ۽ ماحول دوست نڪاسي ۽ صفائي صحتمند زندگي جون نشانيون آهن ۽ انسان جون‬
‫بنيادي ضرورتون آهن ‪.‬هنگامي حالتن دوران انهن جي اڻ هوند يا ڪمي ڪيترن مسئلن جو سبب بنجي‬
‫ٿي‪.‬‬

‫‪ ‬بي پهچ ماڻهو اڃا به وڌيڪ خطرن جي زد ۾ هوندا آهن ‪.‬مثال طور ڪئمپن ۾ رهائش دوران‬
‫عورتون انهن سهولتن کي استعمال ڪرڻ دوران جنسي حراس جو شڪار ٿي سگهن ٿيون‪،‬‬
‫هنگامي حالتن دوران اهڙن ماڻهن جي عزت نفس ۽ وقار جو خاص خيال رکڻ گهرجي ‪.‬‬
‫‪ ‬اسڪيمون اهڙي نموني ٺاهجن جيئن ماڻهن خاص طور عورتن جي پردي جو مناسب انتظام هجي‬
‫ڪئمپ يا ڳوٺ ۾پاڻي ۽ نڪاسي جون سهولتون سندن رهائش جي ويجهو ٺاهڻ گهرجن‪.‬‬
‫‪ ‬ڳوٺاڻين ڪاميٽين ۾ بي پهچ ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بنائڻ گهرجي ته جئين ڳوٺ يا عالئقي ۾‬
‫‪ ‬جي سرگرمين متعلق فيصال گڏيل صالح سان ڪري سگهجن‪.‬‬
‫‪ .9‬عارضي اجهي يا گهر ٺاهڻ پاري عمل ۾ بي پهچ ماڻهن جو تحفظ‬

‫ڪنهن قدرتي آفت يا هنگامي حالتن دوران ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿين ان وقت ماڻهن خاص طورتي بي‬
‫پهچ ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ حڪومتي ادارن‪ ،‬غير سرڪاري ادارن ۽ وس وارن ماڻهن جي ذميواري آهي‪.‬‬

‫عارضي اجهن يا گهر ٺاهڻ وقت انهي َء ڳالهه جو خيال ڪرڻ گهرجي ته اتي زندگي َء ضرورتون‬ ‫‪‬‬
‫ميسر آهن‪ ،‬جن ۾ خاص طور عورتن جو جنسي حراست جو مسئلو ته نه آهي‪.‬‬
‫هر گهر کي مناسب مفاصلي تي ُ‬
‫پٽ مهيا ڪيو وڃي ته جيئن آساني َء سان اجهو ٺاهي سگهي‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫عارضي اجهي ڏيڻ وقت عورتن‪ ،‬ٻارن‪ ،‬بيواهن‪ ،‬مظلوم عورتن جي ضرورتن جو خاص خيال‬ ‫‪‬‬
‫رکڻ‬
‫گهرجي‪.‬‬ ‫‪‬‬
‫ٽ سهي سگهن‬ ‫س َ‬
‫ان ڳالهه جو خاص خيال رکجي ته اهي باهه لڳڻ کان محفوظ آهن‪ ،‬سياري جي َ‬ ‫‪‬‬
‫ٿا ۽ ٻين امڪاني قدريتي آفتن جهڙوڪه برساتن ۽طوفانن کان محفوظ آهن‪.‬‬
‫ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته بي پهچ ماڻهو عارضي اجهي جي حاصالت يا ٺاهڻ جي‬ ‫‪‬‬
‫عمل ۾ ڪٿي وڌيڪ استحصال جو شڪارنه ٿي وڃن‪.‬‬

You might also like