Professional Documents
Culture Documents
ڪميونزم جا اصول
ڪميونزم جا اصول
ڪميونزم جا اصول
فريڊرڪ اينگلس
جواب :پرولتاريه سماج جو اهو طبقو آهي جيڪو پنهنجي گذران لء صرف ۽ صرف پنهنجي محنت
وڪڻي ٿو ۽ نه ڪنهن سرمائي جي سيڙپ مان حاصل ٿيل منافعي تي اهو ماڻهن جو اهو طبقو آهي جنهن
جي تقدير جنهن جو زندگي ۽ موت جنهن پورو وجود محنت جي طلب جي هجڻ تي منحصر آهي ان جو
گذران ڪاروبار جي مندي ٻاڙائي جي لهن چاڙهن تي آهي ۽ بي لغام مقابلي جي ڪشمڪش تي آهي .
هڪ لفظ ۾ پرولتاريه پرولتاريه جو طبقو اوڻيه صدي ۽ اڄ جو طبقو آهي۔
جواب :نه غريب ۽ پورهيو ڪندڙ طبقو هن کان اڳ ۾ به موجود هوندو هو پورهيت طبقو انتهائي غريب
هوندو هو پر اهڙا غريب ۽ پورهيت جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته غربت جي حالتن ۾ رهندا هئا پر
.پرولتاريه )مزدور( موجود نه هئا جهڙي تهڙي مقابلي بازي آزادي بي لغام نه هوندي هئي
جواب :پرولتاريه جي بنياد 18صدي جي پوئين اڌي ڌاري انگلينڊ جي صنعتي انقلب جي دوران پيو،
جيڪي دنيا جي سڀني مهذب ملڪن ۾ دهرايو ويو هي صنعتي انقلب ٻاڦ جي انجڻ جي ايجاد سان
شروع ٿيو هو ۽ ٻين مختلف اڻندر ميڪنڪل مشينن جي وجود ۾ اچڻ سان ٿيو هو .اهي مشينون
مهانگيون هجڻ جي ڪري صرف سرمائيدار طبقو ئي لڳائي سگهندو هو جيئن اڳتي هلي پوري پيداواري
.طريقي کي بدلئي ڇڏي
انهن سرمائيدارن پورهيتن کي فارغ ڪري ڇڏيو ڇو ته مشينون گهٽ لڳت سان ۽ مهارت سان گهڻي
پيداوار ڪنديون جيڪي مزدور اڏائن هٿن سان ڪري نه سگهندا هئا مشينن صنعتن جو ڪنٽرول
سرمائيدارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ سندن هٿن جي اوزارن اڏائڻ وغيره کي ڪاٻاڙي مال بڻائي ڇڏيو
اهڙي طرح سرمائيدارن هر شيء جو قبضو حاصل ڪري ورتو ۽ مزدورن جي لء ڪجه به نه بچايو
انهيء عمل دوران ڪپڙي جي پيداور لء فيڪٽري جو نظام متعارف ڪرايو ويو هڪ دفعي مشين ۽
فيڪٽري سسٽم جي متعارف ڪرائڻ واري قدم کانپوء صنعتن جي هر شعبي پيداوار جا نوان طريقا
متعارف ڪرايا ويا ،ڪتاب سازي ،پرٽنگ ۽ ڌاتن جي پيداوار وغيره محنت کي وڌ کان وڌ تقسيم ڪيو
ويو ته جيئن پورهيت جيڪا شيء مڪمل طور پاڻ ٺاهيندو هو ان شيء جي صرف هڪ حصي تي ڪم
ڪندو محنت جي تقسيم پيداوار ۾ تيزي ۽ نتيجي طور قيمتن ۾ گهٽتائي آندي ان پورهيت جي انفرادي
سرگرمي کي گهٽائي سادو ڪري ڇڏيو ۽ لڳاتار مڪينڪل عملداري نه فقط اڳي وانگر پر اڳي کان به
. .بهتر انداز ۾ ٿي پئي سگهي
اهڙي طرح اهي سڀ صنعتون ٻاڦ جو مشينون اسٽيم پاور جي قبضي هيٺ اچي ويون مشين ۽ فيڪٽري
سسٽم جي قبضي هيٺ اچي ويون ،جيئن هن کان اڳي اڏائڻ ۽ هٿ سان هلندڙ ميشنون ڪنديون هيون
ساڳي وقت اهي مڪمل طرح وڏن سرمائيندارن جي قبضي ۾ اچي ويا انهن صعنتن ۾ پڻ مزدور پنهنجي
رهي سهي آزادي به وڃائي ڇڏي ننڍن صنعتن کان سواء دستڪار پڻ هوريان هوريان صنعتن جي نظام
جي بلدستي ۾ ايندا هئا پڻ وڏن سرمائيندارن ننڍن خود مختيار دستڪارن کي وڏا وڏا دڪان قائم ڪري
جتي محنت جي تقسيم قيمتون گهٽ ٿي سگهيون ٿي جمع ڪري ڇڏيون يا بي دخل ڪري ڇڏيو
اهڙي طرح اسين آخري صنعتي تي اچون ٿا ته مهذب ملڪن ۾ پيدارو جا سڀ شعبا فيڪٽرين سان
سلهاڙيل هوندا آهن جتي ننڍن دستڪارن ڪاريگرن جي جاء تي وڏا وڏا صنعتي مرڪز پيداوار ڪندا
آهن هن عمل جي ذريعي وچولو طبقو ۽ ننڍيون صنعتون تباهي ڏانء ڌڪبيون رهنديون آهن پورهيتن
جي اڳوڻي حالت تبديل ٿيندي آهي ۽ ٻه نوان طبقا وجود ۾ ايندا آهن جيڪي آهستي آهستي ٻين سڀن طبقن
کي ڳڙائي ويندا آهن؛
-وڏن سرمائيدرن جو طبقو 1
وڏن سرمائيدار جو طبقو جيڪو سڀن مهذب ملڪن ۾ هن وقت تائين گذران جي سڀن وسلين تي قابض
آهي اهو بورجوازي جو طبقو آهي
مڪمل طور تي ملڪيت کان وانجهيل طبقو جيڪو پنهنجي پيٽ گذر لء ڪنهن برجوازي وٽ 2-
پنهنجي محنت جي لء يا محنت جي قوت وڪڻڻ جا موقعا تلش ڪري ٿو هن طبقي کي ئي پرولتاريه
.جو طبقو )مزدور( چيو وڃي ٿو
سوال :5ڪهڙين حالتن ۾ مزدور طبقي جي محنت جو يا محنت جي قوت جو وڪرو ڪنهن سرمائيدار
يا بورجوازي وٽ ٿيندو آهي ؟
جواب :محنت )محنت جي قوت( ٻين جنسن وانگر هڪ جنس آهي ان جي قيمت مقررهوندي آهي
تنهنڪري ٻين جنسن وانگر محنت جي مقرري به ساڳيو ئي قانون آهي وڏين صعنتن جي بلدستي هيٺ
قيمتون به آزادي مقابلي جيڪو هڪ ۽ ساڳي شيء آهي جيئن اسان اڳتي ڏسنداسين مجموعي طور
هيمشه پيداوار جي لڳت جي برابر هونديون آهن تنهنڪري محنت جي پيداوار جي لڳت جي برابر
آهي .محنت جي قوت جي پيداوار جي لڳت فقط ان رقم جي برابر آهي جيڪا پورهيت جي گذران ۽
پورهيت کي بک مرڻ کان روڪڻ لء هوندي آهي تنهنڪري محنت جو معاوضو يا پگهار گهٽ کان
گهٽ هوندو آهي جيئن ته ڪاروبار ڪڏهن بهتر هوندو آهي ۽ ڪڏهن ٻاڙائي هوندي آهي ته پورهيت
کي به ان حساب سان گهٽ يا وڌ اجرت ملندي آهي جهڙي طرح فيڪٽري جو مالڪ پنهنجي منصوعات
جو معاوضو ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌيڪ کڻندو آهي پر جيئن ته فيڪٽري جو مالڪ ڪاروبار سٺو
هجي يا خراب پيداوار جي لڳت جي سراسري جي حساب سان منافعو کڻندو آهي تنهن ڪري مزودر
کي هن جي سراسري حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ملندو هي معاشي قانون پوري قوت سان لڳو ٿيندو آهي
.جڏهن وڏي صنعت پيداوار جي سڀني ذريعن تي قابض ٿيندي آهي
سوال :6صنعتي انقلب کان اڳ ڪهڙي قسم جو پورهيت طبقو موجود هوندو آهي؟
جواب :سماجي ترقي جي جي مختلف ڏاڪن تي مدار رکندڙ محنت ڪش طبقا مختلف حالتن ۾ رهيا آهن
۽ حڪمران طبقي ۽ ملڪيت جي مختلف رشتن ۾ رهيا آهن قديم زماني ۾ پورهيت پنهنجي مالڪن جا
غلم هوندا هئا جيئن اڄ به ڪن پٺ تي پيل ملڪن ۾ آهن ايتري تائين جو ڏکڻ آمريڪا ۾ اڄ تائين )
3
(1847غلم آهن وچئين دور ۾ پورهيت زميندار آپي شاهي جا غلم هوندا هئا جهڙي طرح اڃا تائين
هنگري پولينڊ ۽ روس ۾ آهن ان کان علوه وچين دور ۾ ۽ صنعتي انقلب تائين شهرن ڏانهن سفر ڪري
وچولي طبقي جا هنر مند ٿيا آهستي آهستي دستڪاري جي ترقي سان هنر مند ڪاريگر پيدا ٿيا جيڪي
.سرمائيدارن وٽ ڪم ڪندا هئا
جواب :غلم هميشه جي لء وڪرو ٿيندو آهي جڏهن ته مزودر پاڻ کي هر ڏينهن ۽ هر ڪلڪ جي
حساب سان وڪرو ڪندو آهي غلم پنهنجي مالڪ جي پنهنجي ملڪيت هوندو آهي هن جي زندگي
ڪيتري ڏکي ۽ تڪلف ده هوندي يا سکي هوندي ان جو دارو مدار مالڪ مفادتي هوندو حيثيت ۾ پوري
سرمائيدار طبقي جي ملڪيت هوندو آهي جڏهن محنت ڪش طبقي جي تحفظ سان واڳيل آهي غلم
مقابلي بازي کان ٻاهر هوندو آهي مزدور ان ۾ )مقابلي بازي ( موجود هوندو آهي مقابلي بازي جهٽڪا
برداشت ڪندو آهي غلم جي حيثيت جي جاندار جنس واري هوندي آهي ۽ هو سماج جو فرد نه هوندو
آهي جڏهن ته مزدور کي انسان جي طور تي سماج جي فرد جي حيثيت حاصل آهي غلم ،مزدور کان
بهتر وجود رکي سگهي ٿو تنهن هوندي مزدور جي سماجي ترقي جي اعلي درجي جو حصو آهي تنهن
ڪري غلم کان مٿانهون آهي غلم پاڻ ذاتي ملڪيت واري جنسي غلمي مان نجات ڏياري ٿو ۽ پاڻ کي
مزدور بنائي ٿو جڏهن ته مزودر پنهنجو پاڻ کي پوري ذاتي ملڪيت واري نظام کي ختم ڪري آزاد
.ڪري سگهي ٿو
جواب :زرعي غلمي کي پيداواري ذريعن جي مالڪي ڏني ويندي آهي زمين جو ٽڪرو حصيداري تي
يا مزدوري ڏني ويندي آهي مزدور پيداواري اوزارن سان ڪم ڪندو آهي جيڪي ڪنهن ٻئي جا هوندا
آهن ۽ پيدار جا واپسي عيوض ڪنهن ٻئي جي خاطي ۾ ڪم ڪندو آهي زرعي غلم ڏيئي ۽ مزدور وٺي
ٿو زرعي غلم جو وجود محفوظ هوندو آهي مزدور جو نه ،زرعي غلم هر قسم جي مقابلي کان ٻاهر
هوندو آهي ۽ مزودر مقابلي بازي ۾ رهندو آهي زرعي غلم شهرن ڏانهن ڀڄي ۽ ڪاريگر ٿي پاڻ کي
آزاد ڪرائي ٿو يا ننڍو زميندار ٿئي يا جاگيدار کي بي دخل ڪري ان جي جاء تي پاڻ کي ملڪيت دار
بڻائي مختصر لفظن ۾ هڪ يا ٻي طرح پاڻ کي ملڪيت دار طبقي ۾ بدلئي مقابلي بازي ۾ اچي مزدور
.پاڻ کي مقابلي بازي ختم ڪري ذاتي ملڪيت طبقاتي تضاد کي ختم ڪري آزاد ڪري ٿو
جواب :پرولتاريه جي ڀيٽ ۾ نام نهاد ڪاريگر ،جنهن حالت ۾ هو هاڻي موجود آهي ،پوئين صدي
)اڙهين صدي( ۾ هر هند موجود هو ،۽ هاڻي به هت هتت موجود آهي ،هو عارضي طور پرولتاري آهي.
پر هن جو مقصد پاڻ ناڻو حاصل ڪري ٻين پورهيتن جو استحصال ڪرڻ هوندو آهي .جتي گلڊ موجود
آهن يا وري جتي گلڊ جي پابندين جي ڪري اڃان فيڪٽري واري پيداوار شروع نه ٿي آهي يا اڃان
مقابلي بازي نه متي آهي ،اتتي اڪثر ڪري هو هن مقصد ۾ ڪامياب به ٿي ويندو آهي .پر جئين ئي
دستڪاري واري پيداوار ۾ فيڪٽري واري پيداوار داخل ٿئي ٿي ۽ مقابلي بازي شروع ٿئي ٿي ،اهو پيش
منظر ڌندلئڻ لڳي ٿو ۽ ڪاريگر ڏينهون ڏينهن پرولتاريه ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ٿو .انهي ڪري ڪاريگر
پنهنجي پجڻ کي آزاد ڪندي يا ته سرمايه دارن جي صف ۾ شامل ٿي وڃي ٿو يا وري عام مڊل ڪلس
جو حصو بنجي وڃي ٿو يا ٻي صورت ۾ )جئين اجڪلهه عام آهي( مقابلي بازي جي ڪري پرولتاريه
جو حصو بنجي وڃي ٿو .آخري صورت ۾ هو پرولتاري تحريڪ )ڪميونسٽ تحريڪ( ۾ شامل ٿي پاڻ
.کي آزاد ڪرائي سگهي ٿو
سوال : 10مزدور ننڍي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت کان ڪيئن مخلتف آهي ؟
جواب :سورهين صدي کان ارڙهين صدي تائين دستڪاري صنعت ۾ پورهيت گهڻو ڪري پنهنجي
پيداوري اوزارن جو مالڪ هوندو آهي ،هن جو چورخو هن جي ڪٽنب جي لء اڏاڻو ۽ ننڍو زمين جو
ٽڪرو جيڪو هو پنهنجي گهر جي ڀر ۾ آباد ڪندو هو .مزدور)صنعتي( اهڙي ڪنهن شيء جو مالڪ
نه آهي ،دستڪاري دور ۾ ورڪر گهڻو وقت مالڪ ٿي رهندو هو ،۽ گهڻو ڪري پنهنجي زمينداري يا
مالڪ سان پدرانه رشتي ۾ ڳنڍيل رهندو هو ،پرولتاريه مزدور اصولي طور وڏن شهرن ۾ رهي ٿو ۽ هن
جو پنهنجي مالڪ سان صرف پيسن جو رشتو آهي .وڏين صنعتن ۾ دستڪاري دور جي پورهيت کي
.پدري حالتن کان ڪڍي ذاتي ملڪيت کان محروم ڪري پرولتاري بنايو ويندو آهي
سوال : 11صنعتي انقلب ۽ سماج جي بورجوازي پرولتاري طبقن ۾ ورهائجڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪتا؟
جواب :پهريون ؛ مشيني پيداور جي ڪري صنعتي پيدوار جي قيتمن ۾ لڳاتار گهٽتائي جو نتيجو اهو
نڪتو جو هٿ سان ڪيل پيداوار جي پراڻي صنعت مڪمل طور تباه ٿي وئي سڀ نيم وحشي ملڪ
جيڪي هن کان اڳ تقريبن تاريخ انقلب سان پيدا ٿيا ۽ جن جي صنعت هيل تائين هٿ جي پورهئي تي
ٻڌل هئي گمنامي مان ٻاهر نڪري آيا انهن انگريزن جي سستي پيداوار خريد ڪئي ۽ پنهنجي دستڪارن
کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو اهڙي طرح اهي ملڪ جيڪي ٽي هزار سالن تائين ترقي نه ڪري سگهيا
جيئن انڊيا پوري طرح تبديلي ويجهو پهچي چڪو آهي اهو عمل ايترو تيز ٿي ويو آهي جو جيڪا مشين
انگلنڊ ۾ ايجاد ٿئي ٿي اها هڪ سال جي اندر چائينا جي اندر لکين پورهتين کي ڦري لٽي ماني ڳڀي کان
محروم ڪري ڇڏي ٿي ان طريقي سان وڏي صنعت ڌرتي جي سڀني قومن کي ويجهو ڳانڍاپي ۾ آندو آهي
سڀن ننڍن مقامن مارڪيٽن کي پري اڇلئي دنيا جي هڪ مارڪيٽ ۾ گڏ ڪيو آهي هر طرف ترقي ۽
تهذيب ڦهلئي آهي ۽ اهڙي صورت حال پيدا ڪئي آهي جنهن ۾ تهذيب يا فته ملڪن ۾ هر ڳاله جو اثر
.ٻين ملڪن ۾ ٿئي ٿو
تنهن ڪري هن وقت ) (1848جيڪڏهن انگلنڊ يا فرانس جا پورهيت پاڻ کي آزاد ڪرائين ٿا ته ٻين
ملڪن ۾ پڻ انقلب جو سبب بڻجي سگهن ٿا دير بدير ضروراتي پورهيتن جي ڇوٽڪاري تي ختم ٿيندو
ٻيو ته :هر هنڌ جتي به ننڍي دستڪاري جي صنعت جي جاء وڏي صنعت والري آهي ان وڏن اميرن ۽
بورجوازي جي طاقت کي وڏي پيماني تي وڌايو آهي ۽ ان کي بورجوازي کي ڌرتي جو بالدست طبقو
بڻايو آهي هن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته جتي به هي عمل ٿيو آهي اتي بورجوازي سياسي اقتدار
پنهنجي هٿن ۾ ورتو آهي ۽ پنهنجي چوڌاري اڳواڻ حڪمران طبقا امير ۽ ننڍا صنتعڪار ۽ انهن جا
نمائندا گڏ ڪري مڪمل بادشاهت پيدا ڪئي آهي بورجوازي اميرن آپيشاهي جي حڪمرانن جي طاقت
کي زمين جي تقسيم ۽ وڪرو وارا قانون ختم ڪري ۽ اميرن جون سڀ مراعتون ختم ڪرڻ جي ذريعي
تباه ڪيو انهن دستڪارن جي هڪ هٽي ۽ مڊل ڪلس جي طاقت ٽوڙي ان کي تباه ڪري ڇڏيو ان
ٻنهي جي جاء جي تي انهن بوجوازي آزاد مقابلي کي قائم ڪيو يعني اهي سماجي حالتون پيدا ڪيون
5
جنهن ۾ هر هڪ کي اهو حق آهي ته هو پيداور جو ڪهڙو به شعبو کڻي ۽ جنهن ۾ هن کي ڪو به
روڪي نٿو سگهي سواء ضروري سرمائي جي تنهنڪري آزاد مقابلو هڪ اعلن آهي ته هاڻي کان پوء
سماج جي ميمبرن صرف اوستائين نا برابر آهن جيستائين سرمايو نا برابر آهي آزاد مقابلو وڏي صنعت
جي شروع ڪرڻ جي لء ضروري آهي ڇاڪاڻ ته فقط اهو ئي شرط آهي جنهن ۾ وڏي صنعت ترقي
ڪري ٿي ان کان پوء بوجوازي اميرن ۽ ڪاريگر طبقي جي سماجي طاقت کي ۽ ان جي سياسي طاقت
کي تباه ڪرڻ ڏانهن وڌيو جيئن هن بورجوازي سماج ۾ پاڻ کي فرسٽ ڪلس بنايو هو تهڙي طرح
سياسي طرح پاڻ کي ذريعي ڪو جنهن جو بنياد قانون جي نظر ۾ شهري برابر ۽ آزاد مقابلي جي قانوني
.مڃتا ٿي آهي
يورپ ۾ هن قسم جي حڪومت ۽ بادشاهت جي شڪل ۾ ٺاهي وئي انهن آئيني بادشاهتن ۾ فقط ان کي راء
دهي جو حق هو جن وٽ سرمائي جو جو مخصوص مقدار هجي يا فقط بوجوازي اهي بورجوازي
نمائندا چونڊين ٿا ۽ اهي بورجوازي نمائندا ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار واري حق جي ذريعي بورجوا
.حڪومت قائم ڪن ٿا
ٽيون ته هر هنڌ جي اهي بورجوازي کي ترقي ڏياري ٿو ان حساب سان پرولتاريه کي به وڌائي ٿو ساڳي
رفتار سان جيئن بورجوازي امير ترين ٿيندو وڃي ٿو تيئن پرولتاريه جو تعداد وڌندو وڃي ٿو جنهن قدر
ان ڳاله جو تلعق آء ته پرولتاريه کي سرمايو ئي اجرت تي رکندو آهي انهن حد تائين اهو چئي سگهجي
.ٿو ته جيتري سرمائي واڌ ٿيندي اترو پرولتاريه جي واڌ ٿيندي
ساڳئي وقت اهو بروجوازي پرولتاريه کي وڏن شهرن ۾ گڏ ڪري ٿو جي صنعت کي تمام منافعي بخش
بڻائي سگهي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ واري ذريعي پرولتاريه کي پنهنجي طاقت جو احساس ٿئي ٿو وڌيڪ نيون
مشينون ايجاد ٿين ٿيون ۽ دستڪاري کي به دخل ڪن ٿيون صنعت جيترو ترقي ڪري ٿي اوترو اجر تن
کي گهٽ کان گهٽ ڪري ٿي اهڙي طرح مزدور جي حالت ناقابل برداشت بڻجو وڃي اهڙي طرح اهو
هڪ پاسي وڌندڙ بي اطمناني ٻئي پاسي پرولتاريه جي وڌندڙ طاقت سماج کي پرولتاريه جي انقلبي
.عمل مان گذاري ٿو
جواب ٻاڦ جي انجڻ جي ذريعي جي صنعت پيدا ٿي جنهن جي ذريعي اها محدود وقت ۾ بي حساب
صنعتي پيداوار ڪري سگهي ٿي آزاد مقابلو جيڪو وڏي صنعت جو لزمي حصو آهي جلد ئي آسان پيدا
وار جي نتيجي ۾ شديد خصوصيت پيدا ڪري ڪيترن ئي ساڳئي قسم جي انڊسٽري ورتي ۽ ٿوري ئي
وقت ۾ ضرورت کان وڌيڪ پيدا ڪندا هئا نتيجو اهو نڪرندو هو مصنوعات وڪرو نه ٿي سگهنديون
هيون ۽ نام نهاد مالي بحران پيدا ٿيو فيڪٽريون بند ٿينديون هيون ڪارخانن جي مالڪن جو ڏيوالو
نڪري ويندو هو ۽ پورهيت روزي کان محروم ٿيندا هئا هر طرف سخت پريشاني جو عمل هو ڪجه
وقت کان پوء اضافي پيداوار وڪرو ٿي فيڪٽريون وري هلنديون اجرتون آهستي آهستي وڌنديون
ڪاروبار اڳي کان وڌيڪ هوندو هو پر گهڻي عرصي لء نه وري ڪيتريون مصنوعات گڏ ٿي وينديون
هيون ۽ اڳي وانگر وري نئون بحران پيدا ٿيندو هو هن صدي جي شروعات کان صنعتون پنهنجي
خوشحالي ۽ بحران جي دور ۾ اڳتي پوئتي ٿينديون رهيون اهڙو بحران هر پنجن سالن کان ستن سالن جي
دوران ٿئي ٿو ۽ پاڻ سان هر دفعي مزدور طبقي لء مشڪلتون عام انقلبي اڀار ۽ خود سماج جي لء
.خطرا کڻي اچي ٿو
جواب :اهو سڀ کان پهرين صنعت ۽ پيداوار جي سڀني شعبن کي مقابلي باز فردن جي هٿن مان کسي
سماج جي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڏيندو )يعني سماج جي بحيثيت مجموعي ( عام منصوبي جي مطابق سماج
جي سڀني ميمبرن جي شرڪت سان عمل ۾ آڻيندو اهڙي طرح اهو مقابلي کي ختم ڪندو ۽ تعاون کي
عمل ۾ آڻيندو تنهنڪري ذاتي ملڪيت ختم ڪرڻ لزمي آهي ۽ ان جي جاء تي پيداوار جي ذريعن ۽
ورهاست جي سڀني شين کي باهمي مهائدي تحت جنهن کي اجتماعي ملڪيت به سڏجي ٿو سماج جي
ڪنٽرول ۾ ڏنو ويندو ذاتي ملڪيت جو خاتمو دراصل سماجي تبديلي جو مختصر دائرو آهي جيڪي
.صنعتي ترقي جي ڪري ضروري آهي اهو ئي ڪميونسٽن جو اهم مطالبو آهي
جواب :نه ،سماجي نظام جي هر تبديلي ملڪيت جي شڪلين ۾ بنيادي تبديلي پيدا واري قوتن جي پيدائش
جو لزمي نتيجو هئي جيڪا پراڻي ملڪيتي شڪلين سان ضابطي ۾ نه اچي سگهي ها اهڙي طرح خود
ذاتي ملڪيت به وجود ۾ آئي جڏهن وچين دور جي آخر ڌاري دستڪاري ۾ پيداوار جو نئون طريقو پيدا
ٿيو هو جيڪو خود جاگير ملڪيت ۽ ڪاريگرن جي هڪ هٽي سان مطابقت ۾ نه هو پوء پيداواري
طريقي جي نيئن شڪل اڀري جنهن پراڻين ملڪيتي شڪلين کي ختم ڪيو هو ۽ پنهنجي جديد ذاتي
ملڪيت وارو نظام پيدا ڪيو ننڍي صنعت ۽ وڏي صنعت جي اوسر جي شروعاتي دور ۾ ذاتي ملڪيت
کانسواء ڪو ٻيو طريقو ممڪن نه هو جيستائين پيدوار سڀن ضرورتن لء پوري نه ٿي وڃي نه فقط
ضرورتن لء پر سماجي سرمائي اضافي لء جهجهي مقدار ۾ گڏ ٿي وڃي ۽ پيداواري قوتن جي ترقي
لء پڻ اوستائين هڪ طبقو انهن پيداوري قوتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لء ضرور موجود هجي ۽ هڪ
غريب استحصال شده طبقو پڻ موجود هجڻ ضروري آهي انهن طبقن جي ڪردار جو دارو مدار
پيداوار جي ترقي جي ڏاڪي تي آهي وچون دور زراعت تي ڀاڙيندو هو جنهن ۾ غلم ۽ آقا هوندا هئا ان
کانپوء جي شهري وچين دور ۾ اسان کي ڪاريگر ۽ انهن ستريهن صدي ۾ ننڍيون صنعتون ۽ هٿ سان
ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ اوڻهين صدي ۾ وڏا صنعت ڪار ۽ صنعتي مزدور آهن صاف ظاهر آهي ته
7
شروع کان هن وقت تائين پيداواري قوتون ايتري ترقي يافته نه هيون جو سڀني جي ضرورتن مطابق پيدا
ڪري سگهن ۽ ذاتي ملڪيت پيداوري قوتن پيرن جي زنجير بنجي ويئي هجي پر هاڻي جڏهن
سرمائيداري ۽ پيداواري قوتون پيدا ٿي ويون آهن جن سان پيداواري قوتن کي محدود وقت ۾ حساب
وڌائي سگهجي ٿو ۽ جڏهن اهي پيداور واري قوتون جن سرمائيدارن جي هٿن ۾ گڏ ٿي ويون آهن جڏهن
ته عوام جو وڏو تعداد مزدور طبقي ۾ شامل ٿي ويو ۽ سندن حالت ناقابل برداشت حد تائين خراب ٿي
چڪي آهي ۽ بورجوازي جو دولت ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي رهي ۽ انهن اجگر جيڏن پيداواري قوتن
ذاتي ملڪيت ۽ بورجوازي کي ان حد تائين ختم ڪري ڇڏيو آهي جو هر لمحي اهي سماجي نظام کي
دهرم برهم ڪريو ڇڏي تنهن ڪري ذاتي ملڪيت جو خاتمو نه صرف ممڪن آهي پر انتهائي ضروري
.پڻ آهي
جواب :اها خواهش آهي ته ذاتي ملڪيت جو خاتمو پر امن طريقي سان ٿئي ۽ ڪميونسٽ پهريان
هونداجيڪي انهيء طريقي )پرتشدد( جي مخالفت ڪندا ۽ ڪميونسٽن کي انهيءڳاله جي به پوري ڄاڻ
آهي ته سازشون نه رڳو بيڪار آهن پر نقصاندار به آهن اهو به ڄاڻين ٿا ته بين القوامي انقلب ڄاڻي
واڻي نه ٿيندا آهن پر اهي جتي ڪٿي ۽ هر وقت انهن حالتن جولزمي نتيجو هوندا آهن جيڪي مڪمل
طورتي ڪنهن فرد يا پارٽين جي هدايت کان آزاد هوندا آهن پر ساڳي وقت ڪميونسٽن کي اهابه خبر
آهي ته سڀني تهذيبي ملڪن ۾ پرولتاريه کي پر تشدد انداز ۾ دٻايوويو آهي ۽ اهڙي ريت ڪميونسٽن جا
دشمن پوري طاقت کان انقلب کي لزمي طورپر تشدد بڻائيندا جڏهن دٻيل پرولتاريه کي پر تشدد انقلب
.ڏانهن ڌڪيو وڃي ٿو ته پوء ڪميونسٽ پرولتاريه جي هر ممڪن حمايت ۽ مدد ڪندا
جواب :نه ،ڪميو واري سماج جي تڪميل لء جيتري قدر پيدواري قوتن کي وڌائڻ ممڪن ٿي سگهي
ٿو ان کان وڌيڪ نه ،امڪاني طور پرولتاري انقلب سماج کي قدم به قدم تبديل ڪندو ويندو ۽ نجي
.ملڪيت کي تڏهن ختم ڪرڻ ٿيندو جڏهن پيداوري قوتون ڪافي مقداري حد تائين ترقي ڪري وينديون
جواب :سڀ کان پهريون جهموري آئين قائم ٿيندو ۽ سڌي يا اڻ سڌي طرح پرولتاريه جو سياسي اقتدار
قائم ڪندو .سڌي ريت ،جتي هن وقت به عوام جي اڪثريت پرولتاريه تي ٻڌل آهي .اڻ سڌي طرح ،
فرانس ۽ جرمني ۾ جتي عوام جي اڪثريت ،پرولتاريه ،هارين ۽ پيٽي بورجوازي تي مشتمل آهي اهي
هاري ۽ پيٽي برجوازي پرولتاري ٿيڻ جي عبوري مرحلي ۾ آهن ۽ پنهنجي سياسي مفادن جي ڪري وڌ
کان وڌ پورهيتن تي ڀاڙين ٿا تنهنڪري ان طبقي جي مطالبن کي مڃيندا هي غالبا ٻئي مرحلي جي
جدوجهد کي ضروري بڻائيندي جيڪي بحرحال پرولتاريه جي فتح تي ختم ٿيندي جهموريت بلڪل
بيڪار هوندي جيڪڏهن اها ذاتي ملڪيت جي ترت خاتمي جي طور تي ڪم نٿي ڏيئي ۽ پرولتاريه جي
وجود کي محفوظ نٿي بڻائي انهن گهڻن اهم اپائن مان جيڪي موجوده حالتن جو نتيجو آهن اهي هي آهن؛
ذاتي ملڪيت کي ڀاري ٽيڪس جي ذريعي محدود ڪرڻ ورهاست جا ڳراٽيڪس مائٽن جي ورهاست 1-
جو خاتمو مثال طور ڀائر ،ڀائيٽيا وغيره زبردستي فرض ڏيڻ وغيره
زمين جي مالڪن مل مالڪن ريل رستن جي مالڪن بحري جهازن جي مالڪن رياست جي صنعت 2-
سان مقابلو ڪندڙ ڌرين وغيره جي بتدريج بي دخلي
جائدادن سڀني تاريڪين وطن ماڻهن ۽ باغين جيڪي عوام جي اڪثريت جي خلف آهن جيڪي 3-
ضبطگي يا بي دخلي
مزودرن روزگار يا انهن جي تنظيم ڪاري قوم اثاثن تي ،ڪارخانن تي ۽ ورڪشاپن جنهن طريقي 4-
سان مل مالڪن ۽ مزودرن ۾ مقابلي کي ختم ڪرڻ جيستائين اهڙي ڪا صورتحال آهي ساڳيون ڳريون
پگهارون ڏڻيون پونديون جيتري رياست ڏيئي ٿي
جيستائين ذاتي ملڪيت جو خاتمو نٿو ٿئي سماج جي فردن کي ڪم ڪرڻ لزمي هوندو صنعتي فوج 5-
جي تشڪيل خاص طورزراعت لء
اسٽيٽ بنئڪ جي ذريعي ڪريڊٽ سسٽم ۽ پيسي جي چر پر جي رياست جي هٿ ۾ رکڻ ۽ پرائيوٽ 6-
بينڪن بينڪارن جو خاتمو
قومي ڪارخانن ،ورڪشاپن ،ريل رستن ۾ اضافو ڪرڻ ،غير آباد زمينن کي واپس وٺڻ ۽ آباد 7-
زمين کي بهتر بڻائڻ
سڀني ٻارن جي قومي ادارن ۾ پالنا قومي خرچ تي جڏهن ماء ٻار کي جنم ڏيئي 8-
قومي جاين تي مزدورن ۽ زراعت ۾ ڪم ڪرڻ ڪميون جي شهرين جي لء رهائش جا وڏا وڏا 9-
مرڪز ٺاهڻ جيڪي شهري ۽ ٻهراڙي جا فائدا وٺي سگهن
شهرن جي غير صحت مند ۽ ناقص اڏاوتن کي ڊاهڻ 10-
جائز ۽ ناجائز ٻارن جي لء ورهاست جا مساوي حق 11-
آمد رفت جي سڀني ذريعن کي رياست جي هٿ ۾ ڏيڻ اهي سڀ اپاء هڪدم نٿا وٺي سگهجن پر هڪ 12-
جي تڪميل ٻئي شروعات جو بنياد فراهم ڪندو ذاتي ملڪيت تي پهرين حملي کان پوء پرولتاريه اڳتي
کان اڳتي وڌندو ويندو ۽ سرمايو صنعت ،زراعت ،ٽرانسپورٽ ۽ زرمبادله رياست جي هٿ ۾ مرڪوز
ڪندو .ارتڪاز جي تڪميل جي لء اڳتي وڌندي اهي سڀ اپاء آسان ۽ نتيجه خيز هوندا ساڳئي حساب
سان جيئن پرولتايه جي محنت ملڪ جي پيداواري قوتن کي ترقي وٺرائي هوندي آخر ۾ جڏهن سرمايو ۽
پيداوار قومي هٿن ۾ اچي ويندي پوء ذاتي ملڪيت ختم ،پيسو وضول بنجي ويندو پيداوار وڌي ويندي ۽
ماڻهو ايترو تبديل ٿي ويندو جو پراڻي دور جا طريقا ختم ٿي ويندا۔
جوابي نه ،وڏي صنعت ،وڏن مارڪيٽن جي ذريعي ڌرتي جي سڀني ماڻهن کي خاص طرح تهذيبي يا
فته ماڻهن کي ايترو ته ويجهو رابطي ۾ آڻي ڇڏيو آهي هر قوم جو دارو مدار ان تي آهي ته ٻئي ملڪ ۾
ڇا ٿي رهيو آهي مزيد بران ،ان تهذيبي يا فته سماجي ترقي کي ايتري حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي جو
انهن سڀني ملڪن ۾ پرولتاريه ۽ بورجوازي تي سماج جا ٻه اهم طبقا آهن ۽ انهن ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ سب
کان وڌيڪ آهي تنهنڪري ڪميونسٽ انقلب هڪ ملڪ ۾ نه ايندو پر مهذب ملڪن ۾ خاص ،انگلنڊ ،
آمريڪا ،جرمني ،فرانس ۾ گڏو گڏ ايندو انهن مان ملڪ مان هڪ ملڪ ۾ ان جي پيداواري قوتن ،
9
سماجي دولت جي گهڻائي ۽ ترقي يافته صنعت جي حساب سان تيز يا تڪڙو ايندو اهڙي طرح اهو
جرمني ۾ مشڪل ۽ ڍرو ايندو ۽ انگلنڊ ۾ سولو ۽ تيز ايندو هڪ ملڪ ۾ ڪميونسٽ انقلب دنيا ٻين
ملڪن کان سخت رد عمل کي جنم ڏيندو ۽ فيصلئتي انداز ۾ تبديلي ٿيندي ۽ ترقي کي روڪيندو اهو
).ڪميونسٽ انقلب( بين القوامي انقلب هوندو ۽ اوترو ئي علئقي تي ايندو
جواب :جڏهن سماج پنهنجي پاڻ پيداوار قوتن جو ،ٽرانسپورٽ جي سڀني وسلين جو ۽ شين جي ورهاست
جو استعمال ذاتي سرمائي جي هٿن مان کسي ۽ هڪ منصوبي تحت اجتمائي طور سماج جي ضرورتن
۽ سماج جي سڀني پيدواري قوتن کي واپار جي ذريعن کي ۽ پيداور جي مٽا سٽا ۽ ورڇ کي نجي
سرمائيدار کان کسي ان جو انتظام اهڙي منصوبي سان ڪندو جنهن جو بنياد تي دستياب وسلين ۽ سڄي
سماج جي گهرجن تي هوندو سڀ کان اهم ڳاله اها آهي ته هن طريقي سان انهن ڪڌن نتيجن جو خاتمو
ٿي ويندو جيڪي وڏين صنعتن جي طور طريقن سان جڙيل آهن وڌيڪ ڪو به بحران نه ٿيندو ڇو ته
وڌندڙ پيداوار جيڪا سماج جي موجود نظام ۾ زائد پيداوار هوندي آهي ۽ انهي ڪري موجود تباهي جو
ڪارڻ آهي ۽ انهيء ڪري اها پوء انتهائي گهربل ٿي ويندي بلڪ ان کي اڃا به وڌائڻ لزمي ٿي ويندو
ڪا تباهي آڻڻ بجائي اها زائد پيداوار نه رڳو سماج جون ابتدائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لء گهربل
هوندي بلڪ هر هڪ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ضامن پڻ هوندي اها )زائد( پيدوار ٻين گهرجن
کي به پيدا ڪندي ۽ انهن جو پورائو ڪرڻ جا ذريعا به پيدا ڪندي اها نئي ترقي قوت متحرڪ پڻ
هوندي ۽ ان لء حالتون پڻ پيدا ڪندي ۽ جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي ان جي برعڪس سماجي نظام
الجها پيدا نه ڪندي وڏي صنعت ذاتي ملڪيت جي دٻاء کان آزاد ٿي ايتري تيزي سان پکڙجندي جنهن
جي ڀيٽ ۾ اڄ جي دور جي پيداوار انتهائي حقير نظر ايندي صنعت انهيء انداز سان ترقي ڪندي جو
.سماج جو هر ڪنهنجو گهرجون پوريون ڪرڻ جي لء سماج کي جهجهي پيداوار مهيا ڪندي
اهو زراعت لء پڻ سچ هوندو جنهن کي پڻ نجي ملڪيت جي دٻاء جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽
جيڪا ذاتي ملڪيت جي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورڇ جي ڪري بدحالي جو شڪار آهي انهي ۾ به جديد
بهتر ۽ سائنسي طريقا اختيار ڪيا ويندا ۽ سماجي گهرجون پوريون ڪرڻ جي لء جهجهي پيداوار کي
يقيني بڻايون ويندو
اهڙي طريقي سان شين کي جهجهي پيداوار هر فرد جي گهرجن جو پورائو ڪندي تڏهن سماج کي پاڻ ۾
دشمني رکندڙ طبقن ۾ ورهائڻ غير ضروري ٿي ويندو يقيني طور تي نه رڳو غير ضروري بلڪه نئي
سماج ۾ ناقابل برداشت به هوندو محنت جي ورڇ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين جيڪي طبقا پيدا ٿيا آهن ۽
خود محنت جي ورڇ پڻ ماڳهين گم ٿي ويندي جيئن ته رڳو مشيني ۽ ڪيميائي عمل گهربل ذريعي
صنعتي ۽ پيداوار ڪرڻ لء ڪافي نه آهن ان ڪري انهن طريقن کي عمل ۾ آڻڻ وارن کي به ساڳئي
.انداز سان گهربل طريقي ڏيڻي پوندي
جهڙي طرح پوئين صدي جا هاري ۽ ڪاريگر جڏهن وڏين صنعتن ۾ ڇڪجي آيا ته انهن جو پورو ترز
زندگي ئي بدلجي وئي ۽ بلڪل مختلف قسم جا ماڻهو بڻجي ويا اهڙي طرح سان جڏهن سماج مجموعي
طور تي سماجي پيداوار جو ڪميون وارو بندوبست ڪندو ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري ترقي جون
.گهرجون هڪ نئي طرز طور جي انسان جي تشڪيل ڪنديون
ماڻهو جنهن طرح سان اڄڪله پيداوار جي ڪنهن هڪ شعبي جا قيدي آهن اهي وڌيڪ انهيء ۾ نه
رهندا ۽ پنهنجي صلحيتن کي رڳو هڪڙي پاسي کان هڪ ترقي ڏيڻ تي مطئمن رهندا بلڪي پيدواري
عمل تي مجموعي حيثيت سان ابور حاصل ڪندا اڄوڪي صنعت به اهڙن محدوم ۽ جامد صلحيت
رکڻ وارن کي ڏينهون ڏينهن بي فائدا سمجهي ٿي اهڙي صنعت جنهن کي سماج مجموعي طور ته هلئي
رهيو هجي ۽ هڪ منصوبي تحت هلئي رهيو هجي ته ان جي پهرين ئي شرط اها آهي ته ماڻهو گهڻ
رخا هجن ۽ انهن جو صلحيتون متوازن طور ترقي يافته هجن جيڪي پيداوار کي هڪ قل جي طور
.تي ڏسي سگهن
محنت جي اهڙي ورڇ جيڪا ڪنهن کي هاري ٿي بڻائي ڪنهن کي ڪاريگر ٽيئن کي مزدور ۽ چوٿين
کي اسٽاڪ ايڪس چينج جو آپريٽر بڻائي ٿي ان کي مشينري اڳ ۾ ئي ڌنڌلئي ڇڏيو آهي جيڪا نيٺ
مٽجي ويندي تعليم نوجوانن کي ان قابل ڪندي ته اهي سڄي پيداواري نظام کان واقف هجن ۽ سماجي
گهرجن مطابق يا وري پنهنجي رهجان مطابق پيداوار جي هڪ شعبي کان ٻئي شعبي ڏانهن منتقل ٿي
سگهن اهو عمل انهن کي رخي ڪردار کان آزاد ڪندو جيڪا موجود دور جي محنت جي ورڇ هڪ
فرد تي مسلڪ ڪري ڇڏي ٿي ڪميونسٽ سماج اهڙي طرح پنهنجي ميمبرن جي لء اهو ممڪن
بڻائيندو ته اهو پنهنجي جامع طور ترقي ڏنل صلحيتن جو ڀرپور استعمال ڪن پر جڏهن اهو ٿيندو ته
طبقا لزمي طور تي ختم ٿي ويندا انهيء مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ڪميونسٽ بنيادن تي منظم سماج
هڪ پاسي طبقن جي وجود سان مطابقت ئي نٿو رکي ۽ ٻئي پاسي اهڙي سماج جي تعمير جو عمل پاڻ
.طبقن کي ختم ڪرڻ جا ذريعا پڻ مهيا ڪندي
اسان ڳينڍيل اها ڳاله آهي ته شهر ۽ ٻهراڙي جو فرق ختم ٿيڻ اڻٽر آهي زراعت ۽ صنعت جو انتظام
مختلف ماڻهن جي طبقن بجاء هڪڙي ئي طبقي جي هٿ ۾ هجن خالص مادي حوالي کان پڻ ڪميونسٽ
ايسوسيئشن جي لزمي گهرج آهي زراعت سان سان وابسطا ماڻهن جو زرعي زمين يا ٻنين تي پکڙيل
هجن ۽ صنعت سان وابسطا ماڻهن جو وڏن شهرن ۾ ڳتيل هجڻ اڳ ۾ ئي ترقي جي راه ۾ رڪاوٽ
.محسوس ڪيو پيو وڃي
سماج سڀني ماڻهن جو سڀني وسلين جي منصوبابندي استعمال لء باهمي تعاون ۽ پيداوار جو انهيء حد
تائين ڦهلء جو اهو سڀني ماڻهن جو گهرجون پروريون ڪري سگهي ،انهيء صورتحال جو خاتمو
جنهن ۾ ڪجه ماڻهن گهرجون پوريون ڪرڻ لء ٻين کي محروم ڪرڻو پوي ٿو سڀني طبقن ۽ انهن جي
باهمي تضادن جو خاتمو ۽ محنت جي موجوده ورڇ جو انت آڻي سماج جي سڀني فردن ۽ تعليم جي
ذريعي ۽ انهن کي گهڻ رخا ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏيئي گهڻ رخي صلحيتن جي ترقي ۽ سڀني جي پيدا
ڪيل لطف اندوزي ۾ سڀني جي شرڪت ،شهر ۽ ٻهراڙي کي هڪ ڪرڻ اهي آهن اهي اهم نتيجا
.جيڪي ذاتي ملڪيت جي خاتمي سان نڪرندا
سوال : 21ڪميونسٽ سوسائٽي جو خاندان تي ڪهڙو اثر هوندو؟
جواب :اهو ٻنهي جنهن )مرد عورت( جي باهمي لڳاپن کي نج ذاتي يا خانگي معاملو بنائيندو ۽ ٻنهي
لڳاپيل ماڻهن سان تعلق رکندو ،جنهن ۾ سماج کي مداخلت ڪرڻ جو حق نه هوندو اهو)ڪميونزم( ائين
ڪندو ڇاڪاڻ ته اهي نجي ملڪيت ختم ڪري ٻارن جي مجموعي تربيت ڪري ٿو ۽ اهڙي ريت ٻئي
بنياد ختم ڪري ٿو جيڪي اڄ تائين جاري آهن جيئن ذاتي ملڪيت جي ڪري عورت جو مرد تي ۽
ٻارن جو والدين تي ڀاڙڻ آهي هن ۾ ئي پيٽي بورجوازي جي اعتراضن جو جواب به موجود آهي جيڪو
هو ڪميونسٽ جو سماج جي عورتن تي ڪندا آهن عورت جو گڏيل ملڪيت هجڻ بورجواز سماج جي
ئي خصوصيت آهي جيڪو عورت جي جسم فروش ۾ نمايان نظر اچي ٿو جسم فروش مڪمل طورتي
ذاتي بنياد رکي ٿو ۽ ان جي )ذاتي ملڪيت( خاتمي سان ئي ختم ٿيندي .ڪميونسٽ تنظيم ،عورت سماج
.جي متعارف ڪرائڻ جي بداران حقيقت ۾ ان بنياد کي ئي ختم ڪري ٿي ڇڏي
11
سوال :22موجودقوميتنڏانهنڪميونزم جو ڇا رويو هوندو؟
ڪميونٽي جي اصول مطابق ماڻهن جون سڀئي قوميتون هڪ ٻئي سان جڙڙي
وينديون ۽ هن جڙڙت جي ڪري پاڻ ۾ رلي ملي وينديون ۽ اهڙي طرح سان هڪ ٻئي ۾
ضم ٿي وينديون ،بلڪل اڙئين ئي جئين ٻيا ملڪيتي ۽ طبقاتي فرق لزمي طور ختم ٿي
.ويندا ڇو ته انهن جي بنياد ’ذاتي ملڪيت‘ ختم ٿي ويندي
هاڻي تائين جا سڀئي مذهب عوام جي انفرادي يا گروهي تاريخي ارتقا جو اظهار رهيا
آهن .پر ڪميونزم تاريخي ارتقا جو اهو مرحلو آهي جيڪو انهن سڀني مذهبن کي هڪ
.سطحي شي بنائي انهن جو انت آڻيدو
جواب :سوشلسٽ ٽن طبقن ۾ ورهايل آهن پهريون طبقو جاگيردارن ۽ پدرشاهي سماج جي باقيات آهي
جيڪا پنهنجو ئي پيدا ڪيلن هٿان روز تباه ڪئي پئي وڃي يعني بورجوازي سماج هي طبقو موجوده
سماجي براين مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته جاگيري ۽ پدرشاهي سماج وري قائم ڪيو وڃي ڇو جو اهي
برايون پوء ذڪر ڪيل سماج ۾ نه هيون قدامت پرست سوشلسٽن جو اهو طبقو پرولتاريه سان همدردي
انهن جي ڏکن تي ڳوڙها ڳاڙڻ باوجود هميشه ڪميونسٽن جي حملي جو هدف رهيا آهن ڇاڪاڻ ته؛
اهي ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ ٿا چاهين اهي دستڪارن آفيسرن ،فوجن ،پنڊتن ،۽ اميرن جي 1-
حڪمراني قائم ڪرڻ گهرن ٿا اهڙي معاشري جي ذريعي جنهن ۾ موجود معاشري واريون برايون ته نه
هونديون پر سماج کي ان حد تائين ڪيرائيندا جنهن ۾ اڄ کان وڏيون برايون هونديون ۽ بنا ڪنهن
.ڪميونسٽ تنظيم جي جنهن مزدور طبقي جي ڇوٽڪار جي اميد هجي
جڏهن به پرولتاريه انقلبي ڪميونسٽ بڻجندو آهي ته اهي هر وقت پنهنجا حقيقي ارادا ظاهر ڪن 2-
ٿا ،اهي سوشلسٽ پرولتاريه خلف بورجوازي سان اتحاد ڪندي دير نه ڪندا آهن ٻيو طبقو سماج جي
حامين جو آهي جنهن مان برايون جنم وٺن ٿيون انهن کان گهڻن کي ڊيڄاري ان کي جاري رکن ٿا
تنهنڪري اهي موجوده سماجي مشڪل کي باقي رکڻ چاهين ٿا ۽ ان سان ڳنڍيل براين کي ختم ڪرڻ
چاهين ٿا هن مقصد کي نظر ۾ رکندي ڪجه ماڻهو وڏي پيماني تي خيراتي اپاء وٺڻ جي تجويز ڏين ٿا ٻيا
وري وڏي پيماني تي سماجي اصلح جنهن سماج جي نئي سر تنظيم جي آڙ ۾ موجوده سماج کي باقي
رکڻ گهرن ٿا ڪميونسٽن کي اهڙي طرح بورجوازي سوشلسٽن سان به مسلسل وڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ
ته اهي ڪميونسٽن جي دشمنن سان گڏ ڪم ڪن ٿا جنهن سماج کي ڪميونسٽ بدلئڻ چاهين ٿا ،ان
جو دفاع ڪن ٿا آخري ۾ ٽيون طبقو سوشلسٽ ڊيموڪريٽن تي مشمتل آهي جيڪي سوال 18۾ ڏنل اپائن
کي تسيلم ڪن ٿا انهن مان ڪجه اپائن کي ڪميونسٽن وانگر محسوس ڪن ٿا پر اهي )سوشلسٽ
ڊيموڪريٽ( انهن حاصلت کي ڪيمونزم ڏانهن ابوري مرحلو سمجهن ٿا ،فقط موجود سماج جي براين
کي ختم ڪرڻ ۽ بدحالي کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا اهي سوشلسٽ ڊيموڪريٽ يا ته اهي پرولتاريه آهن
جيڪي پنهنجي نجات جي تقاضائن کان نا واقف آهن يا اهي پيٽي بورجوازي جا نمائندا آهن هڪ طبقو
جيڪو جمهوريت جي حاصلت ۽ انهن مان ڦٽندڙ نتجين تائين اهي مفاد هوندا آهن جيڪي پرولتاريه جا
هوندا آهن تنهنڪري ڪميونسٽن انهن سوشلسٽ ڊيموڪريٽن سان عمل جي ميدان ۾ گڏ هوندا ۽ عام
طرح انهن سان حالتن جي مطابقت سان عام پاليسي اختيار ڪندا بشرطيڪ اهي سوشلسٽ بورجوازي
سان ملي ڪميونسٽن تي حمل آور نه ٿين۔
سوال : 25اسان جي دور جي سياسي پارٽين سان ڪميونسٽن جو ڪهڙو تعلق آهي؟
جواب :هي تعلق مختلف ملڪن مختلف آهي انگلنڊ ،فرانس ۽ بليجيم ۾ جتي بروجوازي حڪومت
ڪري ٿي ڪميونسٽ گڏيل مفادن خاطر ٻين جمهوري پارٽين سان گڏ آهن ،مفاد جيڪي جيتري قدر
پرولتاريه سان مفادن جي نمائندگي ڪندا اوتري قدر ڪميونسٽ فيصل واضع انداز ۾ اڳتي وڌندا مثال
طور انگلنڊ ڪميونسٽ جمهوري پيٽي بروجوازي ۽ نام نهاد ريڊيڪلز کان وڌيڪ چارٽسٽن جي وڌيڪ
ويجهو آهن جيڪي مزدورن تي مشتمل آهن آمريڪا ۾ جتي جمهوري آئين قائم ٿيو آهي ڪميونسٽ ان
در جي پاسي هوندا جيڪي ان آئين کي بورجوازي جي خلف ۽ پرولتاريه جي مفاد ۾ استعمال ڪري
يعني زرعي قومي سڌارا سئٽزرلينڊ ۾ ريڊيڪل ڌر ،توڙي جو اها هن وقت گڏيل پارٽي آهي ،اها ئي
هڪ ڌر آهي جنهن سان ڪميونسٽ ڊيل ڪري سگهن ٿا ۽ انهن ريڊيڪلز مان واڌ ۽ جنيوا وارا بهتر
آهن جرمني اڃا تائين بروجوازي ۽ بادشاهت جي وچ ۾ جدوجهد کي منهن ڏيئي رهي آهي جڏهن ته
ڪميونسٽ انهي جدوجهد کي فيصل ڪن نٿا بڻائي سگهن ۽ بورجوازي جيستائين حڪمران نٿي بڻجي
ڪميونسٽن جي مفاد ۾ اهو آهي ته اهي ڏسن ٿا ته جيترو جلد بورجواز اقتدار حاصل ڪري اوترو ئي
جلد انهن )بورجوازي( کي اقتدار کان بي دخل ڪن تنهنڪري ڪميونسٽن کي حڪومت جي خلف
بورجوازي جي ساٿ ڏيڻ گهرجي پر انهن )ڪميونسٽن( کي هر طرح جي خبرداري رکڻ گهرجي ته
جيئن اهي بورجوازي جي دوکيبازي يا ڪوڙن دلسن ۾ نه اچڻ گهرجي ته ڪو اها فتح پرولتاريا جي
فتح هوندي بورجوازي جي فتح ڪميونسٽن کي صرف اهو فائدو ڏيئي سگهي ٿي ته پهريون ڪيترن ئي
قسمن جون رعايتون ملڻ سان ڪميونسٽن لء پنهنجو دفاع ،صلح مشورو ۽ پنهنجي اصولن کي ڦهلئڻ
سولو ٿي پوندو ته جيئن پرولتاريه منظم ڪري انهن کي منظم ويڙهاڪ طبقو بڻائي سگهجي ۽ ٻيو ته
جڏهن به بادشاهي حڪومت ختم ٿئي ته ان ڏينهن کان پرولتاريه بورجوازي ۾ جدوجهد يقنن هوندي ان
ڏينهن کان وٺي ڪميونسٽن جون پاليسيون اهي ئي رهنديون جيڪي ٻين ملڪن ۾ آهن جتي بورجوازي
.حڪومت ڪري رهي آهي
13