You are on page 1of 10

‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬

‫جاندارن جي درجي بندي‬ ‫باب پهريون‬


‫سوال ‪ :‬درجي بندي ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندار شين کي سندن ھڪجهڙين خاصيتن يا عالمتن جي بنياد تي مختلف گروھن ۾ ورھائڻ جي‬
‫عمل کي درجي بندي چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬سائنسدان جاندار شين جي گروه بندي ڇو ڪندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندارن جي مطالعي کي آسان ۽ ترتيبوار بنائڻ ال ِء سائنسدان انهن جي گروه بندي ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬جاندارن کي ڪيترن گروھن يا حلقن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندارن کي پنج گروھن ۾ ورھايو ويو آھي جيڪي ھي آھن‪:‬‬
‫بيڪٽيريا – الجي – فنجي – ٻوٽا يا نباتات – جانور يا حيوان‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريا ڇا آھي؟‬
‫خلئي جي ٻاھران ھڪ ته سيل وال‬ ‫خلئي (جيوگهرڙي) وارا جاندار آھن‪ .‬جن جي ُ‬ ‫جواب ‪ :‬بيڪٽيريا ھڪ ُ‬
‫چڙيل ھوندو آھي پر خلئي جو ڪوبه مناسب مرڪز نه ھوندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريا ڪٿي موجود ھوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬بيڪٽيريا ھوا‪ ،‬پاڻي ‪ ،‬مٽي يا ڪنهن ٻئي جاندار جي جسم ۾ رھن ٿا‪.‬انهن مان ڪي بيماريون پيدا‬
‫ڪن ٿا ته ڪي وري دوائن ‪ ،‬ڏھي ‪ ،‬پنير وغيره تيار ڪرڻ جي ڪم اچن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬الجي ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬الجي گهڻي قدر ته ھڪ خلئي وارا جاندار ھوندا آھن‪.‬جن ڪي خلئي کي مڪمل ٻاھريون ته ۽‬
‫مرڪز ھوندو آھي‪ .‬ھنن ۾ ڪلوروفل به ھوندو آھي جنهنجي مدد سان ضيائي عمل وسيلي پنهنجو‬
‫کاڌو تيار ڪن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬الجي ڪٿي ٿيندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬الجي گهڻو ڪري پاڻي ۾ ئي ٿيندا آھن‪.‬اسين ڪيترائي الجي غذا طور استعمال ڪندا آھيون‬
‫پرڪي الجي ته بيماريون به پيدا ڪندا آھن‪ .‬مثالطور ڪٽليريا‪ ،‬الوا ۽ وولوڪس‪.‬‬
‫سوال‪ :‬فنجي ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬فنجي گهڻو ڪري ڪثير خلوي جاندار ھوندا آھن‪.‬جن جي خلئي جو ٻاھريون پردو ۽ مرڪز پڻ اعلي‬
‫قسم جا ھوندا آھن‪.‬انهن ۾ سائو مادو ڪلوروفل ڪونه ٿئي تنهنڪري اھي ٻين ڳريل سڙيل مادن‬
‫مان پنهنجو کاڌو تيار ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻوٽا يا نباتات ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻوٽا ڪثير خلوي جاندار آھن‪ .‬انهن جي خلئي جي باقائده مرڪز ۽ ٻاھريون ته ھوندو آھي ۽ سائو‬
‫مادو ڪلوروفل ھئڻ ڪري پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪن ٿا‪ .‬انهن کي پاڙون‪ ،‬ٿڙ‪ ،‬پن‪ ،‬گل ۽ ميوا ٿيندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪:‬جانور ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬جانور ڪثيرخلوي جاندارآھن‪.‬انهن جي خلئي کي مرڪز ته ھوندو آھي پرخلئي جي ڀت ۽ ڪلوروفل‬
‫ڪونه ھوندو آھي‪ .‬اھي کاڌي جي لحاظ کان ٻين جاندارن تي ڀاڙين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬جانورن کي ڪيترن گروپن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جانورن کي ٻن گروپن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬بنا ڪرنگهي وارا‬ ‫‪ . 1‬ڪرنگهي وارا جانور‬
‫سوال‪ :‬ڪهڙن جانورن کي ڪرنگهي وارا جانور چوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬جانور جن کي پٺي جو ڪرنگهو ھوندو آھي تن کي ڪرنگهي وارا جانور چوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڪرنگهي وارن جانورن کي ڪيترن ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب‪ :‬ڪرنگهي وارن جانورن کي پنجن ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪.4‬پکي‬ ‫‪ .3‬ريڙھيون پائيندڙ جانور‬ ‫‪.2‬پاڻي ۽ خشڪي تي رھندڙجانور‬ ‫‪ .1‬مڇيون‬
‫‪.5‬مئمل ( کيرڌارائيندڙ يا پياريندڙ)‬
‫سوال ‪ :‬سرد خون وارن جانورن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬سرد خون جانور پنهنجي ماحول مطابق جسم جو گرمي پد بدالئيندا رھندا آھن‪ .‬مڇيون‪ ،‬خشڪي ۽‬
‫پاڻي ۾ رھندڙ جانور۽ ريڙھيون پائيندڙ جانور سرد خون وارا جانور آھن‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫سوال ‪ :‬گرم رت وارن جانورن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گرم رت وارن جانورن جي جسم جو گرمي پد مستقل ھوندو آھي‪ .‬پکي ۽ مئمل گرم رت وارا جانور‬
‫آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مڇين بابت بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪:‬مڇيون پاڻي ۾ رھنديون آھن انهن کي کنڀڙيون ۽ جسم تي ڇلر ٿيندا آھن اھي آنا الھينديون آھن‪.‬‬
‫مڇيون ڪلين ذريعي ساھ کڻنديون آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پاڻي ۽ خشڪي ۾ رھندڙ جانورن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ايمفيبين خشڪي ۽ پاڻي ٻنهي تي رھندا آھن‪ .‬اھي پاڻي ۾ آنا الھيندا آھن‪.‬انهن جي چمڙي‬
‫گهميل رھندي آھي‪.‬وڏا ڏيڏر ‪ ،‬عام ڏيڏر ۽ سيليمينڊر ايمفيبين آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ريڙھيون پائيندڙ جانورن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬انهن جي چمڙي خشڪ ۽ ڇلرن واري ھوندي آھي اھي خشڪي تي آنا الھيندا آھن‪.‬ھنن کي‬
‫ريپٽائيل به چون‪ .‬ڪي ريپٽائيل پاڻي ۾ ته ڪي خشڪي تي رھندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پکين بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬پکين کي جسم تي کنڀ‪ ،‬ھڪ چهنب‪ ،‬ٻه ڄنگهون‪،‬ٻه پر۽ ھڪ پڇ ھوندو آھي ڪي پکي ننڍا پر‬
‫ھئڻ سبب اڏامي نٿا سگهن ته ڪي وري پاڻي ۾ به تري سگهن ٿا‪ .‬پکي آنا الھيندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مئمل ( کير پياريندڙ ) جانورن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫ُ‬
‫جواب ‪ :‬مئمل جانور ٻچا ڄڻندا آھن جن کي ما ُء کير پياريندي آھي‪ .‬مئمل جي جسم تي ان‪ ،‬وار‪ ،‬کل يا‬
‫چمڙي ھوندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بنا ڪرنگهي وارن جانورن کي ڪهڙين ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬بنا ڪرنگهي وارن جانورن کي ٻن ڪالسن يا درجن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬جيت‬ ‫‪ .1‬ڪيڙا‬
‫سوال ‪ :‬ڪيڙن ورمس بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ڪن ڪيڙن جو جسم ڀاڱيدار تي ڪن جو جسم لسو ھوندو آھي‪ .‬انهن کي ڄنگهون ڪونه ٿينديون‬
‫آھن‪ .‬ڄئور ۽ گول ڪيڙا وغيره ٻين جانورن جو رت چوسيندا آھن جڏھن ته مٽي وارا ڪيڙا يا سانپا‬
‫ماحول دوست آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬جيتن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬سڀني جيتن کي جوڙدار ڄنگهن جا جوڙا ھوندا آھن‪ .‬ڪن جيتن کي ھڪ يا ٻه جوڙا پر ٿين ته ڪن‬
‫کي مٿي تي ڇهڻا به ھوندا آھن‪ .‬جيتن جو جسم ٽن مکيه حصن ۾ ورھايل ھوندو آھي ڪي جيت‬
‫رت ته ڪي وري گلن جو رس چوسيندا آھن‪ .‬جيت به آنا الھيندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻوٽن کي ڪيترن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫‪ .2‬بي گل ٻوٽا‬ ‫جواب ‪ :‬ٻوٽن کي ٻن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي ‪ .1 .‬گلدار ٻوٽا‬
‫سوال ‪ :‬گلدار ٻوٽن بابت ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ھي ٻوٽا گل جهليندا آھن ۽ پنهنجي ٻجن مان نسلي واڌ ڪندا آھن‪ .‬ٻج سندن ميون جي اندر موجود‬
‫ھوندا آھن‪ .‬ھنن ٻوٽن کي حقيقي پاڙون‪ ،‬ٿڙ يا ڏانڊيون ۽ پن ھوندا آھن‪ .‬ھي ٻوٽا ڌرتي تي ھر ھنڌ‬
‫موجود ھوندا آھن‪ .‬مثلن سورج مکي‪ ،‬گالب جو ٻوٽو ۽ سرنهن جو ٻوٽو وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گلدار ٻوٽن کي ڪيترن گروھن ۾ ورھايو ويوآھي؟‬
‫جواب ‪ :‬گلدار ٻوٽن کي ٻن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا‪.‬‬ ‫‪.1‬ھڪ ٻج پن وارا ٻوٽا‬
‫سوال ‪ :‬ھڪ ٻج پن وارن ٻوٽن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬انهن ٻوٽن جي ٻج ڦٽڻ مهل فقط ھڪ پن نڪرندو آھي‪ .‬پن ۾ پوروڇوٽ نسون واضع ھونديون آھن‪.‬‬
‫ٽن ٽن جي گروپن يا ٽي سان ضرب ٿيندڙ حصن ۾ ورھايل ھوندا آھن‪ .‬مثال‪ :‬ڪڻڪ‪ ،‬مڪائي‪ ،‬چانور ۽‬
‫گاھ وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻه ٻج پن وارن ٻوٽن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪:‬ٻج ڦٽڻ مهل ٻه پن نڪرندا آھن‪ .‬پنن ۾ ڄاري وانگر نسون واضع ھونديون آھن‪ .‬ھنن جا گل چئن يا‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫پنجن جي گروپ ۾ گڏ ھوندا آھن‪ .‬مثال ‪ :‬انب‪ ،‬ليمون‪ ،‬چڻا‪ ،‬چونا‪ ،‬مٽر وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بي گل ٻوٽن جون خاصيتون بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬ھي ٻوٽا گل ڪونه جهليندا آھن‪ .‬ھنن مان ڪي ٻوٽا سنهڙن داڻن ته ڪي ٻجن وسيلي پنهنجي‬
‫نسل جي واڌ ڪندا آھن‪ .‬موسز کان سوا ِء ٻين سڀني ٻوٽن کي حقيقي پاڙون‪ ،‬ٿڙ‪ ،‬ڏانڊيون ۽ پن به‬
‫ھوندا آھن‪ .‬اھي گهميل مٽي ۾ واڌ ويجه ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بي گل ٻوٽن مان بنا ٻج وارا ۽ ڪهڙن کي ٻجدار ٻوٽا چوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬فرنس ۽ موسز کي بنا ٻج وارا ٻوٽا چوندا آھن ۽ ڪونيفرس کي ٻجدار ٻوٽا چوندا آھن‪.‬‬
‫خوردبيني جاندار‬ ‫باب ٻيون‬
‫سوال ‪ :‬باريڪ يا خوردبيني جاندار ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬جاندار جيڪي صرف خوردبين جي مدد سان ڏسي سگهجن اھڙن تمام ننڍڙن جاندارن کي باريڪ يا‬
‫خوردبيني جاندار چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬باريڪ يا خوردبيني جاندارن کي ڪهڙن مکيه گروھن ۾ ورھايو ويو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬اھڙن جاندارن کي ھيٺين مکيه گروھن ۾ ورھايو ويو آھي‪.‬‬
‫‪.3‬فنجائي‬ ‫‪.2‬وائرس‬ ‫‪.1‬بيڪٽيريا‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريا ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ :‬بيڪٽيريا يڪ خلوي يا ھڪ جيوگهرڙي وارا باريڪ جاندارآھن اھي خوراڪ کائين‪ ،‬چرپر ڪن‪ ،‬ساھ‬
‫کڻن ۽ تقسيم ٿي پنهنجو نسل وڌائين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬وائرس ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬وائرس سڀني يڪ خلوي جاندارن ۾ سادي ۾ سادا باريڪ جاندار آھن انهن جي بناوت ايتري ته‬
‫مختصر آھي جو انهن کي خليو به نٿو چئي سگهجي‪ .‬وائرس ٻين تي ڀاڙيندڙ جاندار آھن‪ .‬اھي ٻين‬
‫جاندارن جي جسم ۾ ئي رھي خوراڪ وٺن‪ ،‬زنده رھن ۽ نسل وڌائين ٿا‪.‬‬
‫سوال‪ :‬فنجي ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬فنجي ھڪ سيل وارا جاندار آھن‪ .‬ھن جو سيل بيڪٽيريا جي سيل کان ڪجه وڏو ۽ پيچيده ھوندوآ‬
‫ھي‪ .‬اھي خوراڪ کائين‪ ،‬وڏا ٿين‪ ،‬ساھ کڻن‪ ،‬چرپر ڪن ۽ پاڻ مرادو تقسيم ٿي وڌيڪ فنجي بڻجي وڃن ٿا‪.‬‬
‫اھي وڏي ۾ وڏا مئيڪروب آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬خوردبيني جاندارن مان ڪهڙا فائدا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬انهن مان ڪيترائي فائدا آھن جن مان ڪجه ھن طرح آھن‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار تحليل ڪندڙ آھن جيڪي گند ڪچري‪،‬ٻوٽن ۽ جانورن جي ڳريل سڙيل مادن کي خوراڪ‬
‫ٺاھڻ ال ِء استعمال ڪن ٿا ۽ ماحول کي صاف ڪن ٿا‬
‫* باريڪ جاندار ٻوٽن ۽ جانورن جي جسم ۾ ٿيندڙ عمل جهڙوڪ ھاضمي وغيره ۾ مددڪن ٿا‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار کاڌي جي شين ٺاھڻ ۾ مدد ڏين ٿا جيئن ڊبل روٽي‪،‬ڏھي ۽ پنير وغيره‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار دوائون جهڙوڪ اينٽي بائيوٽڪ ۽ ويڪسين جي تيار ڪرڻ ۾ ڪم اچن ٿا‪.‬‬
‫* باريڪ جاندار چمڙي تيار ڪرڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ وارا پائوڊر يعني ڊٽرجينٽس تيار ڪرڻ ال ِء استعمال ٿين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬باريڪ جاندارن جا ڪهڙا نقصانڪار اثر آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪي نقصانڪار باريڪ جاندار کاڌي جي شين ۾ داخل ٿي نقصانڪار ڪيميڪل تيار ڪري انهن کي‬
‫ڳاري ساڙي خراب ڪري ڇڏيندا آھن‪.‬‬
‫ڪي باريڪ جاندار پاڻي ۾ رھن ٿا ۽ پاڻي کي خراب ڪري بيمارين جو سبب بڻجن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬انفيڪشن ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪا به اھڙي بيماري جيڪا بدن ۾ موجود جيوڙن يا انهن جي واڌ جي ڪري پيدا ٿي پوي ته ان کي‬
‫انفيڪشن يا جيوڙن واري بيماري چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬وائرل انفيڪشن ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬بيماريون جهڙوڪ بخار ۽ مٿي جو سور جيڪي وائرس جي ڪري پيدا ٿين ٿيون تن کي وائرل‬
‫انفيڪشن چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيڪٽيريل انفيڪشن ڇا آھي؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ :‬بيماريون جيڪي بيڪٽيريا جي ڪري پيدا ٿين تن کي بيڪٽيريل انفيڪشن چئبو آھي جيئن اُلٽي ۽‬
‫دست‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬فنگل انفيڪشن ڇا آھي؟‬
‫ُ‬
‫جواب ‪ :‬بيماريون جيڪي فنجي جي ڪري پيدا ٿين تن کي فنگل انفيڪشن چئبو آھي جهڙوڪ اٿليٽس فٽ‬
‫۽ چمڙي تي ڪارا داغ‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بيمارين جا جيوڙا جسم ۾ ڪيئن داخل ٿين ٿا؟‬
‫جواب ‪ :‬کاڌي کائڻ وقت وات جي ذريعي‪ ،‬ساھ کڻڻ وقت نڪ جي ذريعي ۽ چمڙي ۾ ڪٽجڻ واري ھنڌ تان‬
‫داخل ٿين ٿا‪.‬‬
‫ٻج ؛ انهن جي بناوت ۽ ڦٽڻ‬ ‫باب ٽيون‬
‫سوال ‪ :‬ھائپوجيئل ۽ ايپيجيئل ڦوٽهڙن يعني ڦٽڻ وارن عملن جي وچ ۾ فرق يا ڀيٽ ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬هائپوجيئل ڦوٽهڙو ‪ -:‬ٻج ڦٽڻ جو اھڙو عمل جنهن ۾ شروعاتي ڪچڙا پن زمين جي اندر ئي رھن‪،‬‬
‫تنهن کي ھائپوجيئل جرمينيشن چئبو آھي‪.‬‬
‫ايپيجيئل ڦٽهڙو ‪ -:‬ٻج ڦٽڻ جو اھڙو عمل جنهن ۾ ڪچڙا پن يعني ڪاٽيليڊانس زمين کان مٿي‬
‫نڪري ايندا آھن تنهن کي ايپيجيئل ڦوٽهڙو چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٻجن جي ڦٽڻ واري عمل ال ِء گهربل حالتون بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬سائنسي تجربن مان معلوم ٿيو آھي ته ٻج جي ڦٽڻ ال ِء ھيٺين حالتن جو ھجڻ ضروري آھي‪.‬‬
‫آڪسيجن‪ -:‬آڪسيجن ٻج ساھ کڻڻ ۽ ٻج ۾ موجود کاڌي جي ڀڃ ڊاھ ال ِء ضروري آھي‪ .‬آڪسيجن‬
‫جي مدد سان کاڌو ڀڄي پوي ٿو ۽ ٻوٽي کي توانائي ملي ٿي‪.‬‬
‫پاڻي ‪ -:‬ٻجن کي ڦٽڻ ال ِء پاڻي ضروري آھي پاڻي جي مدد سان ٻج جو ٻاھريون سخت ته ڦنڊي‬
‫ڀڄي پوي ٿو ۽ ٻج ڦٽڻ شروع ڪري ٿو‪.‬‬
‫مناسب گرمي جو درجو يا ٽيمپريچر ‪ -:‬ڪيترائي ٻج ‪ 24 – 16‬درجا سينٽي گريڊ گرمي پد جي‬
‫وچ ۾ ڦٽندا آھن‪ .‬ٻج جا ڪي قسم وري گهٽ يعني ٿڌ وارو ٽيمپريچر يعني‬
‫‪ 4 – 2‬درجا سينٽي گريڊ تي ڦٽن ٿا‪.‬‬
‫نوٽ ‪ -:‬ڪن ٻجن کي ڦٽڻ ال ِء روشني ته ڪن کي اوندھ گهربل ھوندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڪاٽيليڊانس جا اھم ڪم ڪهڙا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪاٽيليڊانس ٻج جي ڦٽڻ ۾ اھم حصو وٺن ٿا‪ .‬اھي ڦوٽهڙي ال ِء خوراڪ ۽ توانائي فراھم ڪن ٿا‪ .‬ٻج‬
‫جي ھڪڙي ڦٽڻ واري طريقي ۾ ڪاٽيليڊانس زمين کان مٿي ڦٽي پاڻي ۽ سج جي روشني يعني ضيائي‬
‫عمل ذريعي ٻوٽي ال ِء کاڌو تيار ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مائيڪروپائيل ڇا کي چئبو آھي ؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج ۾ ھڪ سنهڙو ۽ باريڪ سوراخ ھوندو آھي جنهن کي مائيڪروپائيل چوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٽيسٽا ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج جي ٻاھرين ته کي ٽيسٽا چوندا آھن‪ .‬ھي ته ٻج جي اندرين حصي جو بچا ُء ڪندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڪوليوپٽائيل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج ڦٽڻ مهل ھڪ ڏانڊي نما بناوت زمين کان ٻاھر ڦٽڻ شروع ڪندي آھي تنهن کي ڪوليوپٽائيل‬
‫چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬اينڊوسپرم ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ٻج جو اندريون حصو جنهن ۾ خوراڪ جمع ٿيل ھوندي آھي تنهن کي اينڊوسپرم چوندا آھن‪.‬‬
‫ماحول جي آلودگي‬ ‫باب چوٿون‬
‫سوال ‪ :‬آلودگي ڇا آھي ۽ ان جا قسم ڪيترا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ماحول ۾ تبديلي جيڪا جاندارن جي زندگي ال ِء نقصانڪار ھجي تنهن کي آلودگي چئبو آھي‪.‬‬
‫آلودگي جا مکيه ٽي قسم آھن ‪:‬‬
‫‪ 1‬پاڻي جي آلودگي ‪ 2‬ھوا جي آلودگي ‪ 3‬زمين جي آودگي‬
‫سوال ‪ :‬آلودگي پيدا ڪندڙ ڇا آھن؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ :‬ھي اھي شيون آھن جيڪي ماڻهن جي سرگرمين جي ڪري پيدا ٿين ٿيون ۽ ھوا ‪ ،‬پاڻي ۽ زمين‬
‫واري ماحول ۾ اڻوڻندڙ يا نقصانڪار تبديليون پيدا ڪن ٿيون‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ھوا جي آلودگي جا ڪارڻ ڪهڙا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬گهرن‪،‬ڪارخانن ۽ گاڏين وغيره مان نڪرندڙ دونهون ھوا سان ملي ان کي آلودو ڪن ٿا مطلب ته ھوا‬
‫جي آلودگي جو ڪارڻ بڻجن ٿا ان کانسوا ِء بيڪار شين جي ٻارڻ مان نڪرندڙ دونهون به ھوا جي آلودگي جو‬
‫ڪارڻ آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پاڻي جي آلودگي جو ڪارڻ ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬گهريلو ڪمن جهڙوڪ ڪپڙن ۽ ٿانوڌوئڻ‪ ،‬وھنجڻ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ غسل خانن‪ ،‬پائخانن مان‬
‫نيڪال ٿيندڙ پاڻي‪ ،‬ڪارخانن مان ڪيميائي مالوت وارو نيڪال ٿيندڙ پاڻي ۽ زرعي زمين مان زھريلن جيت مار‬
‫دوائون مليل پاڻي جو وھي قدرتي پاڻي جي ذخيرن ۾ ملڻ سان پاڻي جي آلودگي پيدا ٿيندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬زمين جي آلودگي جو سبب ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬زمين جي آلودگي جو سبب ان تي ھر قسم جي گند ڪچري جا ڍير آھن جن ۾ پالسٽڪ جون‬
‫ڪاغذ‪ ،‬بوتلون‪ ،‬شيشين جا ٽڪرا‪ ،‬ٽين جا وڏا ننڍا دٻا‪ ،‬ڀاڄين ۽ ميون جا ڪپيل ٽڪرا‪ ،‬بيڪار ۽ ٿيلهيون‪،‬‬
‫بچيل يا ڳريل سڙيل ميون ۽ ڀاڄين سان گڏ جانورن ۽ انسانن جو پائخانو اچي وڃن ٿا‪.‬‬
‫)نوٽ‪ -:‬آلودگي جي مختلف قسمن جا اثر ۽ آلودگي گهٽائڻ جا اُپا َء ڪتاب مان پڙھو ۽ ياد ڪريو‪(.‬‬
‫مادو ۽ ان جي حالتن ۾ تبديلي‬ ‫باب پنجون‬
‫سوال ‪ :‬مادو ڇا آھي ۽ ان جون ڪيتريون حالتون آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬ھر اھا شي ِء جيڪا وزن رکي ۽ جڳه واالري تنهن کي مادو چئبو آھي‪.‬مادي جون ٽي حالتون آھن‪.‬‬
‫‪ .3‬گئس‬ ‫‪ .2‬پاڻياٺ‬ ‫‪ .1‬نهرو‬
‫سوال ‪ :‬مادي جي ٽنهي حاتن جون خاصيتون ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ .1 :‬نهرو ‪ -:‬اھو سخت ۽ نهرو آھي‪ .‬ان کي مخصوص شڪل ۽ مخصوص مقدار ھوندو آھي‪.‬‬
‫‪.2‬پاڻياٺ‪ -:‬اھو وھي سگهي ٿو‪.‬ان کي مخصوص مقدار ته ٿئي پر مخصوص شڪل ڪانه ٿئي‪.‬‬
‫‪ .3‬گئس ‪ -:‬اھو به وھي سگهي ٿو پر ان کي نه ئي مخصوص شڪل ٿئي نه ئي مخصوص مقدار‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مادو ڇا جو ٺهيل ھوندوآھي؟‬
‫جواب ‪ :‬مادو ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو ٺهيل ھوندو آھي جن کي ماليڪيول ۽ ائٽم چئبو آھي‪ .‬مادي جي مختلف‬
‫حالتن جو دارومدار به انهن ذرڙن جي ترتيب ۽ چرپر جي انداز تي ھوندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬نهرو‪ ،‬پاڻياٺ ۽ گئس جي ذرڙن جي ترتيب ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬نهرو ‪ -:‬نهرن شين جا ذرڙا يا ماليڪيول باقاعده خاص انداز ۾ ويجهڙا ۽ ڳتيل ھوندا آھن‪ .‬انهن جي وچ‬
‫۾ وٿي تمام گهٽ ھوندي آھي‪.‬‬
‫پاڻياٺ ‪ -:‬پاڻياٺ وارين شين جا ماليڪيول يا ذرڙا ڪجه وٿي تي ۽ گهٽ ڳتيل ھوندا آھن‪ .‬اھي‬
‫باقاعده ترتيب ۾ به ڪونه ٿين‪.‬‬
‫گئس ‪ -:‬گئس جا ذرڙا پري پري پکڙيل ھوندا آھن‪ .‬انهن جي باقاعده ترتيب ڪونه ھوندي آھي‪ .‬انهن‬
‫جي وچ ۾ تمام گهڻي وٿي ھوندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬مادي جون حالتون تبديل ڪندڙ عمل ڪهڙا آھن؟‬
‫جواب ‪ :‬مادي جون حالتون تبديل ڪندڙ عمل ھي آھن‪.‬‬
‫‪ .5‬چِڪائڻ‬ ‫‪ .4‬بخارجڻ‬ ‫‪ .3‬ٽهڪڻ‬ ‫‪.2‬ڄمڻ‬ ‫‪.1‬رجڻ‬
‫سوال ‪ :‬رجڻ جو عمل ڇاآھي؟‬
‫جواب ‪ :‬ڪن نهرن جسمن کي گرم ڪرڻ سان انهن جي ذرڙن ۾ توانائي اچي ويندي آھي ۽ اھي چرپر‬
‫ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ آخرڪار پاڻياٺ ۾ بدلجي وڃن ٿا‪ .‬ھن عمل کي رجڻ چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ڄمڻ جو عمل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬پاڻياٺ کي لڳاتار ٿڌو ڪرڻ سان ان جي ذرڙن مان توانائي خارج ٿي ٻاھر نڪري ٿي ۽ اھي چرپر به‬
‫تمام آھسته ڪندا آھن آخرڪار اھي ڄمي ويندا آھن اھڙي عمل کي ڄمڻ جو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬بخارجڻ وارو عمل ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ :‬اھڙو عمل جنهن ۾ پاڻياٺ جو ڪافي مقدار بخار جي صورت ۾ گئس واري حالت اختيار ڪري تنهن‬
‫کي بخارجڻ وارو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬چِڪائڻ وارو عمل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬اھو عمل جنهن ۾ پاڻياٺ جي بخارن کي ٿڌو ڪري وري پاڻياٺ واري حالت ۾ بداليو وڃي ان کي‬
‫چِڪائڻ وارو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬ٽهڪڻ جو عمل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ :‬پاڻياٺ کي گرم ڪرڻ جو عمل جنهن ۾ پاڻي توانائي حاصل ڪري ۽ ان جو گرمي جو درجو يا‬
‫ٽيمپريچر ايترو وڌي جو اھو اُٻرڻ لڳي تنهن کي ٽهڪڻ وارو عمل چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬پاڻي جي ڦيري ۾ پاڻي جا مختلف مرحال ۽ گرمي جو ڪردار بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬اھي مرحال ھن ريت آھن‪.‬‬
‫‪ .1‬سج جي گرمي سمنڊ جي پاڻي کي گرم ڪري ٿي‪.‬‬
‫‪.2‬سمنڊ جو پاڻي بخار ٿي ھوا ۾ مٿي ھليو وڃي ٿو‪.‬‬
‫‪ .3‬پاڻي جا بخار ٺري پاڻي جون بوندون بڻجي پون ٿا ۽ ڪڪر ٺهي پون ٿا‪.‬‬
‫‪ .4‬جڏھن پاڻي ٺري ٿڌو ٿي پوي ٿو ته پاڻي جون بوندون ڳوريون ٿي پون ٿيون ۽ واپس‬
‫زمين تي مينهن يا برف جي صورت ۾ ھيٺ ڪِ رن ٿيون‪.‬‬
‫‪ .5‬زمين تي ڪرندڙ پاڻي يا مينهن وارو ڪجه پاڻي زمين تي کڏن ۽ تالئن ۾ جمع‬
‫ٿئي ٿو ۽ باقي بچيل پاڻي دريائن رستي وھي واپس سمنڊ ۾ ھليو وڃي ٿو‪.‬‬
‫زور ۽ مشينون‬ ‫باب ڇهون‬
‫سوال ‪ :‬گاٺ جي وصف بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گاٺ ھڪ قسم جو زور آھي جيڪو شين کي آساني سان چرپر ڪرڻ کان روڪيندو آھي‪ .‬جڏھن‬
‫ڪي به ٻه مٿاڇرا ھڪٻئي مٿان چرپر ڪندا آھن يا ترڪندا آھن ته انهن جي وچ ۾ گاٺ وارو زور پيدا ٿيندو‬
‫آھي‪ .‬گاٺ وارو زور ھميشه مخالف طرف ۾ عمل ڪندو آھي ۽ چرپر ڪندڙ شين کي روڪيندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گاٺ جا فائدا ۽ نقصان بيان ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گاٺ جا فائدا ‪:‬‬
‫‪.1‬اسان کي فرش تي آساني سان ھلڻ ال ِء گاٺ جي ضرورت ھوندي آھي‪.‬‬
‫‪.2‬موٽر ڪارن جون بريڪون به گاٺ جي زور تي ڪم ڪنديون آھن‪.‬‬
‫‪.3‬گاٺ ڳنڍين جي کلڻ کي به روڪي ٿي‪.‬‬
‫‪.4‬نٽ‪ ،‬بولٽ ۽ ڪوڪا وغيره به گاٺ جي زور جي ڪري قابو بيٺا ھوندا آھن‪.‬‬
‫گاٺ جا نقصان ‪:‬‬
‫‪.1‬گاٺ جي ڪري تما گهڻي گرمي پيدا ٿئي ٿي‪.‬‬
‫‪ . 2‬گاٺ کي ختم ڪرڻ ال ِء ڪافي توانائي اڻ استعمال ٿيندڙ صورت ۾ پسگردائي واري‬
‫ماحول ۾ ضايع ٿي ويندي آھي‪.‬‬
‫‪.3‬گاٺ جي ڪري شين جي چرپر ڪندڙ پرزن ۾ ڀڃڀور پيدا ٿيندي آھي‪.‬‬
‫‪.4‬گاٺ جي ڪري موٽر گاڏين جي رفتار ڪنهن حد کان وڌيڪ وڌائي نه سگهبي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ :‬گاٺ کي گهٽائڻ جا طريقا ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ :‬گاٺ کي گهٽائڻ جا طريقا ھي آھن‪:‬‬
‫‪.1‬مٿاڇرن کي لسو ۽ ھموار بنائڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪.2‬مٿاڇرن جي پاڻ ۾ ملڻ وارن ھنڌن جي ايراضي گهٽائڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪.3‬مشينن جي چرپر ڪندڙ پرزن ۾ تيل ۽ سڻڀدار شيون استعمال ڪرڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪ . 4‬بال بيئرنگ ( يا گوليون) استعمال ڪجن ڇاڪاڻ ته گول ڦرندڙ شيون گسندڙ شين‬
‫کان گهٽ گاٺ پيداڪنديون آھن‪.‬‬
‫‪.5‬مٿاڇرن کي پالش ڪجي ڇاڪاڻ جو اھي آساني سان ھڪٻئي تان گسي نه سگهندا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ھوا جي رڪاوٽ ڇا آھي؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ -:‬ھوا جي روڪ به ھڪ قسم جو زور يعني گاٺ وارو زور ھوندو آھي جيڪو چرپر ڪندڙ شين جي‬
‫چرپر کي روڪيندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬زمين جي ڪشش يا ڪشش ثقل ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڪشش ثقل دراصل ھڪ قسم جو ڇڪڻ وارو زور آھي جيڪو ڪن به ٻن شين کي ھڪ ٻئي‬
‫ڏانهن ڇڪڻ وارو زور آھي‪ .‬ھي ھر قسم جي مادي وارين شين جي ھڪ اھم خاصيت آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مايي ۽ وزن ۾ فرق سمجهايو‪.‬‬
‫جواب ‪-:‬‬
‫وزن‬ ‫مايو‬
‫ڇڪڻ وارو زور جيڪو ڪنهن شي جي‬
‫ڪنهن شي ِء ۾ موجود مادي جي مقدار کي‬
‫مايي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي تنهن کي وزن‬
‫مايو چئبو آھي‪.‬‬
‫چئبو آھي‪.‬‬
‫وزن کي نيوٽن ۾ ماپيو ويندو آھي‪.‬‬ ‫مايو ڪلوگرام ۾ ماپيو ويندو آھي‪.‬‬
‫وزن زمين جي مختلف ھنڌن تي مختلف‬ ‫مايي جو ڪشش ثقل واري زور سان ڪوبه‬
‫ڪشش واري زور جي ڪري تبديل ٿيندو‬ ‫واسطو ڪو نه ھوندو آھي ۽ اھو ھر ھنڌ‬
‫رھندو آھي‪.‬‬ ‫ساڳيو ھوندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬متوازن ۽ غير متوازن زور جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬متوازن زور ‪ -:‬ڪنهن شي ِء تي مخالف طرفن ۾ لڳايل ھڪجيترا زور جن جي ڪري اھا شي چرپر‬
‫نه ڪري سگهي تن کي متوازن زور سڏبو آھي‪.‬‬
‫غيرمتوازن زور ‪ -:‬مختلف نوعيت جا زور جن جي ڪري شي ِء ۾ چرپر پيدا ٿئي تن کي غير متوازن زور‬
‫چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬انرشا ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬انرشا ڪنهن به جسم جي اھا خاصيت ھوندي آھي جنهن ڪري جيڪڏھن ڪو جسم آرام واري‬
‫حالت ۾ ھوندو ته اھو آرام واري حالت ۾ رھندو ۽ جيڪڏھن چرپر ۾ ھوندو ته اھو ساڳئي رفتار سان سڌي‬
‫ليڪ يا ھڪ ئي طرف ۾ ھلندو رھندو جيستائين ڪو ٻاھريون زور ان تي اثر انداز نه ٿئي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ليور ڇا آھي؟‬
‫جواب‪ -:‬ليور ھڪ سادي مشين آھي جيڪا ھڪ لوھ جي ڊگهي پٽي يا لٺ ھوندي آھي‪ .‬ليور ڪنهن‬
‫نقطي تي گوالئي ۾ چرپر ڪري سگهندو آھي‪ .‬ھن کي ٽي بيهڪ واريون جايون ھونديون آھن‪.‬‬
‫‪. 1‬وزن ‪ -:‬انهي جڳه تي ھٽائڻ ال ِء وزن رکبو آھي‪.‬‬
‫‪ .2‬ٽيڪ يا فلڪرم ‪ -:‬اھو نقطو جنهن تي ليور چوڌاري ڦري سگهي تنهن کي ٽيڪ يا فلڪرم چئبو آھي‪.‬‬
‫‪.3‬زور‪ -:‬ھي اھو نقطو آھي جنهن تي وزن کي ھٽائڻ ال ِء زور يا افرٽ لڳايو ويندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ليورجا قسم بيان ڪريو؟‬
‫جواب ‪ -:‬ليور جا ٽي قسم آھن‪.‬‬
‫پهرين قسم جا ليور ‪ -:‬ھن قسم جي ليور ۾ ٽيڪ يا فلڪرم ‪ ،‬زور ۽ وزن جي وچ ۾‬
‫ھوندو آھي‪ .‬مثال چيڪلي‪.‬‬
‫ٻئين قسم جا ليور ‪ -:‬وزن ‪ ،‬زور ۽ ٽيڪ يا فلڪرم جي وچ ۾ ھوندو آھي‪ .‬مثال ريڙھي‪.‬‬
‫ٽئين قسم جا ليور ‪ -:‬زور ‪ ،‬وزن ۽ فلڪرم جي وچ ۾ ھوندو آھي‪ .‬مثال ٻانهن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬لهواري سطح ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬لهواري سطح به سادي مشين جو ھڪ قسم آھي‪ .‬اھو بلڪل سڌو ۽ لهوارو ھوندو آھي‪ .‬جنهن‬
‫جي مدد سان ڳورين شين کي مٿي يا ھيٺ اڀين جاين تي پهچائي يا الھي سگهبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬چپر ڇا آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬چپر به ھڪ سادي مشين آھي‪ .‬جنهن کي ٻه لهوارا پاسا ھوندا آھن ۽ اھي ھڪ تيز ڪناري وٽ‬
‫اچي ملندا آھن‪.‬چپر شين کي ڪپي ڌار ڪري سگهندو آھي‪.‬مثال ڪهاڙي ‪ ،‬ڪوڪا ‪ ،‬ڇري ‪ ،‬ڪات وغيره‪.‬‬
‫روشني ۽ ان جون خاصيتون‬ ‫باب ستون‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫سوال ‪ -:‬روشن ۽ غير روشن شيون يا جسم ڇا کي چوندا آھن ۽ انهن جا پنج پنج مثال ڏيو؟‬
‫جواب ‪ -:‬اھي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ پيدا ڪري خارج ڪندا آھن تن کي روشن جسم چوندا‬
‫آھن‪.‬‬
‫مثال ‪ :‬سج ‪ ،‬تارا ‪ ،‬جگنو‪ ،‬بتي دار مڇي‪ ،‬ميڻ بتي بلب ۽ بتيون وغيره‪.‬‬
‫اھي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ پيدا نٿا ڪري سگهن ۽ ٻين روشن جسمن کان ايندڙ‬
‫روشني کي واپس موٽائي سگهن تن کي غير روشن جسم چوندا آھن‪.‬‬
‫مثال ‪ -:‬چنڊ ‪ ،‬فرنيچر ‪،‬ڪتاب ‪ ،‬ڪپڙا ‪ ،‬وڻ ‪ ،‬ٻوٽا ۽ سيا ره ۽ گرھ وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬روشني جي موٽ ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬جڏھن روشني جا ڪرڻا ڪنهن به جسم تي پوندا آھن ته اھي موٽ کائيندا آھن روشني جي‬
‫اھڙي عمل کي روشني جي موٽ چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬شفاف ‪ ،‬غيرشفاف ۽ نيم شفاف جسمن جي وچ ۾ تفاوت ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬شفاف جسم ‪ :‬اھڙا جسم جيڪي پاڻ مان روشني کي آساني سان گذرڻ ڏين تن کي شفاف‬
‫جسم چوندا آھن‪.‬جيئن پاڻي ‪ ،‬صاف شيشو وغيره‪.‬‬
‫غير شفاف جسم ‪ -:‬غيرشفاف شيون روشني کي پاڻ مان ھرگز لنگهڻ ڪونه ڏينديون آھن ۽ انکي‬
‫روڪي ڪجه حصو موٽائي ڇڏينديون آھن‪.‬جيئن سرن واري ڀت ‪ ،‬ڪاٺ جون ٺهيل شيون ‪ ،‬وڻ ‪ ،‬ٿلها‬
‫ڪپڙا وغيره‪.‬‬
‫نيم شفاف جسم ‪ -:‬اھي پاڻ مان روشني جي ڪجه حصي کي گذرڻ ڏيندا آھن‪ .‬جيئن دنڌلو‬
‫شيشو‪،‬سنهو ڪاغذ ۽ ڪي پالسٽڪ جون شيون‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬اسان کي چنڊ ڇو ڏسڻ ۾ ايندو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬جيتوڻيڪ چنڊ مان ڪابه روشني نه نڪرندي آھي‪ .‬اسان کي چنڊ ان ال ِء ڏسڻ ۾ ايندو آھي جو‬
‫جڏھن سج جي روشني چنڊ تي پوي ٿي ته اھو روشني کي واپس موٽائيندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬چنڊ گرھڻ ۽ سج گرھڻ جي وچ ۾ تفاوت ڪريو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬جڏھن چنڊ‪ ،‬ڌرتي ۽ سج جي وچ ۾ ۽ سج جي سامهون ايندو آھي ته اھو سج جي روشني کي‬
‫ڌرتي تائين پهچڻ کان روڪيندو آھي ته ان کي سج گرھڻ چئبو آھي‪.‬‬
‫چنڊ گرھڻ تڏھن نظر ايندو آھي جڏھن زمين‪ ،‬سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي بيهندي آھي‪.‬‬
‫بجلي ۽ مقناطيسيت‬ ‫باب اٺون‬
‫سوال ‪ -:‬بجلي جو ڪرنٽ ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬بجلي جي ڪاٽو چارج جو بجلي جي رستي (سرڪٽ) تان گذرڻ کي بجلي جو ڪرنٽ چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬بجلي جو سرڪٽ ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬بجلي جو سرڪٽ اھو رستو ھوندو آھي جنهن تان بجلي جو ڪرنٽ يا بجلي جي چارج گذري‬
‫وڃي ٿي ۽ ڪو ڪم ڪري سگهي ٿي‪ .‬جيئن بلب کي روشن ڪرڻ وغيره‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬فيوز ڇا آھي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬فيوز اھڙي شي ِء آھي جيڪا بجلي جي وڌيڪ ڪرنٽ جي وھڪ کان بجلي تي ھلندڙ شين يا‬
‫تارن کي نقصان رسڻ نٿو ڏي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬وڄ يا کنوڻ ڪيئن پيدا ٿيندي آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڪڪر به بجلي جي چارجز تي مشتمل ھوندا آھن‪ .‬جڏھن ٻه مختلف قسم جي چارج وارا ڪڪر‬
‫پاڻ ۾ اچي ملندا آھن ته بجلي جا چمڪاٽ ٿيندا آھن يعني کنوڻ پيدا ٿيندي آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مقناطيس يا چقمق ڇا آھي ؟‬
‫جواب‪ -:‬اھڙي شي ِء جو ٽڪر جيڪو ڪن شين جهڙوڪ لوھ ڪوبالٽ يا نڪل کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري‬
‫تنهن کي مقناطيس يا چقمق چئبو آھي‪ .‬ھن کي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب نالي سان ٻه قطب ھوندا‬
‫آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مقناطيسي ميدان ڇا کي چئبو آھي ؟‬
‫جواب ‪ -:‬مقناطيس جي چوڌاري جڳه جتي ان جو اثر ھجي يعني شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي تنهن‬
‫کي مقناطيسي ميدان چئبو آھي‪.‬‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫سوال ‪ -:‬برقي مقناطيس ڇا آھي ؟ ڪجه شين جا ناال ٻڌايو جيڪي برقي مقناطيس تي ڪم ڪن ٿيون‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬اھڙي مقناطيس جيڪا فقط بجلي جي ڪرنٽ گذارڻ سان ڪم ڪري تنهن کي برقي مقناطيس‬
‫چئبو آھي‪.‬‬
‫برقي گهنٽي ‪ ،‬برقي موٽر ۽ مينگلو ٽرين وغيره برقي مقناطيس تي ڪم ڪنديون آھن‪.‬‬
‫مٽي‬ ‫باب نائون‬
‫سوال ‪ -:‬مٽي جا ٽي اھم قسم ڪهڙا آھن ؟ ھرھڪ جون خاصيتون بيان ڪري ٻڌايو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬مٽي جا ٽي اھم قسم ھيٺ بيان ڪجن ٿا‪.‬‬
‫وارياسي مٽي ‪ -:‬اھڙي مٽي جنهن ۾ واري جو مقدار وڌيڪ ھجي تنهن کي وارياسي مٽي چئبو‬
‫آھي‪ .‬ھي کهري ھوندي آھي‪،‬ان جا ذرڙا پاڻي کي جذب نٿا ڪري سگهن ۽ اھي پاڻي سان گڏ وھي وڃن‬
‫ٿا‪ .‬وارياسي مٽي ۾ ڪيترائي ھوا جا خال موجود ھوندا آھن‪.‬‬
‫لٽ واري مٽي ‪ -:‬ھن قسم جي مٽي ۾ لٽ يعني اٽي وانگر تمام ننڍڙا ذرڙا موجود ھوندا آھن‪ .‬اھا‬
‫تمام لسي ۽ نرم ھوندي آھي‪.‬لٽ واري زمين ۾ پاڻي جو ڪافي مقدار موجود ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته ان جا‬
‫ذرڙا پاڻي کي پاڻ مان گهڻو ڪري گذرڻ ڪونه ڏيندا آھن ۽ روڪي رکندا آھن‪.‬‬
‫چيڪي مٽي ‪ -:‬ھن قسم جي زمين جو وڏي ۾ وڏو مقدار يا حصو چيڪي مٽي جو ھوندو آھي ان‬
‫۾ تمام گهڻو پاڻي ھوندو آھي جيڪو نيڪال نه ٿيڻ ڪري زمين ۾ سم جو ڪارڻ به بڻجيو پوي‪ .‬ھن مٽي ۾‬
‫ھوا به گهٽ ٿئي‪ .‬چيڪي مٽي ۾ معدنيات يا خوراڪي ذرڙا موجود رھن ٿا جيڪي ٻوٽن جي اوسر ال ِء‬
‫ضروري ھوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬ڇهڻ واري چڪاس ڇا آھي ؟ سائنسدان ان کي ڇا ال ِء استعمال ڪندا آھن؟‬
‫جواب ‪ -:‬ٻن گهميل آڱرين سان مٽي کي مهٽي آزمائش ڪري ان جو قسم يا نمونو معلوم ڪرڻ کي ڇهڻ‬
‫واري آزمائش چئبو آھي‪ .‬سائنسدان مٽي جي بناوت معلوم ڪرڻ ال ِء اھو طريقو استعمال ڪندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬جاندار شيون مٽي ال ِء ڪيئن ڪارآمد ٿين ٿيون؟ مٽي انهن ال ِء ڪيئن ڪارآمد ٿيندي آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬ڪي جاندار جهڙوڪ بيڪٽيريا ۽ فنجي بي جان ٻوٽن ۽ مئل جانورن کي کائي تحليل ڪري‬
‫خوراڪي جزا واپس مٽي ڏانهن موڪليندا آھن‪ .‬ڪي جانور مٽي ۾ ٻرون ٺاھي رھن ٿا اھڙي طرح‬
‫اھي مٽي کي ھيٺ مٿي ڪري مالئيندا آھن ۽ ان کي ھوادار بنائين ٿا‪.‬‬
‫مٽي به جاندارن ال ِء ڪارآمد آھي‪ .‬سڀ ٻوٽا مٽي ۾ ئي پيدا ٿيندا آھن ۽ اھي مٽي مان سندن‬
‫اوسر ال ِء خوراڪي جزا به حاصل ڪن ٿا‪ .‬ڪوڏ‪ ،‬سوپا ‪ ،‬ماڪوڙيون ‪ ،‬ڪوريئڙا ‪ ،‬سها ۽ ڪي ٻيا‬
‫جانور ته زمين ۾ اندر ئي رھن ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬مٽي جي کاڌ ڇاآھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬وھندڙ پاڻي مٽي کي چيري وھڪرو ٺاھي ٿو جنهن ڪري زمين جي سطح واري مٽي به پاڻ سان‬
‫گڏ کڻي ويندو آھي ۽ مٽي جا ٻيا ذرڙا به ان سان گڏ وھي ويندا آھن‪ .‬ھن عمل کي مٽي جي کاڌ‬
‫چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سوپا مٽي کي ڪيئن ھوادار بنائين ٿا؟‬
‫جواب ‪ -:‬سوپا مٽي کي کوٽي ڊگها سوراخ ۽ سرنگهون ٺاھيندا آھن جن مان ھوا مٽي اندر داخل ٿي وڃي‬
‫ٿي ۽ اھڙي طرح سوپا مٽي کي ھوادار بنائين ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تحليلي عمل ڇا کي چئبو آھي؟‬
‫جواب ‪ -:‬تحليلي عمل اھو عمل آھي جنهن ۾ ڪو بي جان شي ِء يا ان جو ڪو حصو ورڇجي ڌار ڌار‬
‫خوراڪي جزن ۾ بدلجي ويندو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬تحليل ڪندڙ ڇا آھن؟‬
‫جواب ‪ -:‬تحليل ڪندڙ دراصل باريڪ جاندار ھوندا آھن جيڪي مٽي ۾ رھي بي جان شين کي کائي چٽ‬
‫ڪري ڇڏيندا آھن‪ .‬انهي عمل دوران تحليل ڪندڙ بي جان شين ۾ موجود خوراڪي جزن کي ڌار‬
‫ڌار ڪندا آھن‪.‬بيڪٽيريا ‪ ،‬فنجي ۽ ڪي ڪيئان تحليل ڪندڙ جاندار آھن‪.‬‬
‫اسان جو شمسي نظام‬ ‫باب ڏهون‬
‫سوال ‪ -:‬شمسي نظام ڇا آھي؟‬
‫‪GENERAL SCIENCE 5TH‬‬
‫جواب ‪ -:‬شمسي نظام مختلف گرھن ‪ ،‬ڪيترن ئي چنڊن ‪ ،‬ننڍڙن گرھن ‪ ،‬پڇڙ تارن ۽ تباه ٿيل ننڍڙن گرھن‬
‫جي ذرڙن جهڙوڪ کڙندڙ تارن وغيره جو ھڪ ميڙ آھي جيڪي سڀئي سج جي چوڌاري گردش ڪندا رھن‬
‫ٿا‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن جا ترتيب سان ناال لکو‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن جا ترتيب سان ناال ھيٺ ڏجن ٿا‪.‬‬
‫‪. 4‬مريخ يا مارس‬ ‫‪. 3‬زمين‬ ‫‪. 2‬زھره‬ ‫‪. 1‬عطارد‬
‫‪. 8‬نيپچون‬ ‫‪. 7‬يورينس‬ ‫‪. 6‬زحل يا سيٽرن‬ ‫‪.5‬مشتري يا جوپيٽر‬
‫سوال ‪ -:‬مختلف گرھن کي ياد رکڻ ال ِء ڪو جملو لکو جيڪو ياد داشت ۾ مدد ڏي‪.‬‬
‫جواب ‪ -:‬مختلف گرھن کي ياد رکڻ ال ِء جملو ھيٺ ڏجي ٿو جيڪو ياد داشت ۾ مدد ڏي ٿو‪.‬‬
‫علي ۽‬ ‫ع‬ ‫عطارد‬

‫زمان‬ ‫ز‬ ‫زھره‬

‫زمين‬ ‫ز‬ ‫زمين‬

‫۾‬ ‫م‬ ‫مريخ‬

‫مڪائي کي‬ ‫م‬ ‫مشتري‬

‫زياده‬ ‫ز‬ ‫زحل‬

‫يوريا‬ ‫ي‬ ‫يورينس‬

‫نه ٿا ڏين‪.‬‬ ‫ن‬ ‫نيپچون‬

‫سوال ‪ -:‬اسان جي نظام شمسي ۾ موجود گرھن کي ڪيترن گروپن يا قسمن ۾ ورھائي سگهجي ٿو؟‬
‫جواب ‪ -:‬اسان جي نظام شمسي ۾ موجود گرھن کي ٻن گروپن يا قسمن ۾ ورھائي سگهجي ٿو‪.‬‬
‫‪ .1‬پٿريال گرھ ‪ -:‬عطارد ‪ ،‬زھره ‪ ،‬زمين ‪ ،‬۽ مريخ‪ .‬ھي سڀئي گرھ ننڍا ۽ پٿريلي مادي جا ٺهيل ھوندا آھن‪.‬‬
‫‪ .2‬گئس وارا وڏا گرھ ‪ -:‬جوپيٽر يا مشتري‪ ،‬زحل ‪ ،‬يورينس ۽ نيپچون کي گئس وارا گرھ‬
‫چئبو آھي ڇاڪاڻ ته اھي تمام وڏا ۽ گئسن جا ٺهيل ھوندا آھن‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬پڇڙ تارا ڇا ھوندا آھن ؟‬
‫جواب ‪ -:‬پڇڙ تارا يا ڪوميٽس به تمام ننڍڙا جسم ھوندا آھن جيڪي برف ‪ ،‬دز ۽ پٿريلي شين جا ٺهيل ھوندا‬
‫آھن انهن کي ھڪ مرڪز يا نيوڪليئس ھوندو آھي جنهن جي چوڌاري گهاٽي ڌنڌ جو ڪڪر‬
‫موجود ھوندو آھي جنهن کي ڪوما چئبو آھي‪.‬‬
‫سوال ‪ -:‬کڙندڙ تارا يا شهاب ثاقب ڇاکي چوندا آھن؟‬
‫جواب ‪ -:‬کڙندڙ تارا يا شهاب ثاقب دراصل پٿريال ۽ ڌاتن جا بچيل سچيل ذرڙا ھوندا آھن جيڪي خال ۾ مختلف‬
‫دائرن ۽ مختلف رفتار سان سج جي چوڌاري ڦرندا آھن‪.‬‬

You might also like