Professional Documents
Culture Documents
مطالعي جي کوٽ ۽-WPS Office
مطالعي جي کوٽ ۽-WPS Office
جڏهن اڃا لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان دنيا ايتري ترقي نہ ڪئي هئي ،تڏهن بہ دنيا ۾ تمام وڏا وڏا عالم پيدا ٿيندا رهيا .انهن کي
عام ٻوليَء ۾ ”ڏاهو“ بہ چيو ويندو آهي (جيتوڻيڪ انهن منجھان کوڙ سارن ڪڏهن بہ پاڻ کي ڏاهو يا عالم نہ سڏايو) ،جن وٽ
جيڪا ڏاهپ هوندي هئي ،ان جو بنياد گھڻي ڀاڱي سندن مشاهدن ۽ تجربن تي آڌاريل هوندو هو .ائين ئي ان ڳالھ کان بہ شايد ئي
ڪو انڪار ڪري تہ اها ڏاهپ جيئن تہ محدود مشاهدن ۽ تجربن تي آڌاريل هوندي هئي ،انڪري ان دور جي نسبت ان جي تمام
گھڻي اهميت ضرور هوندي هئي .پر اڄ جي جديد دور جي نسبت سان شايد اها ايتري وسيع نہ هجي .بهرحال ،جيئن جيئن دنيا
ترقي ڪندي وئي ۽ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو شروع ٿيو ،جنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پرنٽنگ مشين تمام اهم ڪردار ڪيو .ان حوالي سان
يورپ اندر شروع ٿيل ”سجاڳيَء واري دور“ کي ڏسجي تہ ان وقت مارٽن ڪنگ لوٿر جي سندس همعصر دور ۾ جاري ريتن
رسمن ۽ توهم پرستيَء کي چئلينج ڪرڻ هجي ،جنهن حوالي سان سندس وڏو ڪارنامو بائيبل کي مقامي ٻوليَء ۾ ترجمو ڪري،
پرنٽنگ مشين جي مدد سان ان ترجمي کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ويو ،تنهن جيڪو اتان جي سماج ۾ انقالب
وارو ڪم ڪيو ،سو بہ اڄ تاريخ جو حصو آهي .ائين ئي سقراط ،ارسطو ،افالطون کان ويندي هيگل ،ڪارل مارڪس سميت دنيا
جي ڪيترن ئي فلسفين ،عالمن ۽ سائنسدانن وغيره جي علم کي ڪتابن جي شڪل ۾ جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو ويو ،تنهن
.يقينن دنيا کي تهذيبي طور سڌرڻ ۽ معاشي ،سياسي توڙي سماجي طور اڀرڻ ۾ تمام گھڻو ڪردار ادا ڪيو
پوريَء دنيا سميت ننڍي کنڊ ۽ پاڪستان اندر ماضيَء ۾ لکڻ پڙهڻ جو تمام گھڻو رجحان رهيو آهي ،جنهن ۾ نہ فقط تعليمي ادارن
جو ڪردار هو ،پر شايد انهن کان بہ وڌيڪ کاٻي ڌر ۽ ترقي پسند سياسي تنظيمن ان روايت کي پروان چاڙهڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ
ڪردار ادا پئي ڪيو .اهو ان پڙهڻ ۽ لکڻ جي روايت جو ئي ڪمال هو ،جو هن ملڪ اندر کوڙ سارا علمي ،فڪري ،سياسي،
سائنسي ۽ سماجي حوالن سان ماڻهو پيدا ٿيا ،جن سماج کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ڪافي ڪردار پئي ادا ڪيو آهي .پر افسوس
.تہ گذريل ڪجھ عرصي کان اها لکڻ پڙهڻ واري روايت مسلسل زوال پذير ٿيندي نظر اچي پئي
جيئن دنيا جي تقريبن هر ايجاد جا مثبت توڙي منفي پاسا ٿين ٿا ،ائين ئي ٽيڪناالجي جي وڌڻ جا پڻ تمام گھڻا مثبت فائدا به آهن ته
ٻئي طرف کوڙ سارا منفي پهلو پڻ موجود آهن ،جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي .انهن منفي پاسن ۾ جنگ جي اوزارن کان
ويندي اڄ سماجي ميڊيا جي ذريعن جو منفي استعمال پڻ شامل آهي .جيتوڻيڪ مختلف ايجادن کي غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ به
انسان جي ئي هٿ وس آهي .جيڪڏهن انسان فقط انهن منجھان مثبت فائدا وٺڻ چاهي ته ائين ممڪن آهي .جيتريحد تائين جنگ
وغيره طور ٽيڪناالجي جي استعمال جو سوال آهي ته ،ان حوالي سان يقينن سامراجي قوتن جا مفاد هجن ٿا ،جن جي حاصالت الِء
دنيا کي دوزخ بڻائڻ کان به اهي قوتون نٿيون ڪيٻائين .پر سماجي ميڊيا جو استعمال اسان جي هٿ وس آهي ،جنهن پٺيان به
نيئولبرلزم ۽ سرمائيداريَء جي آڙ ۾ کوڙ ساريون حرفتون شامل رهن ٿيون ،پر تنهن باوجود به جيڪڏهن اسين چاهيون ته ،سماجي
.ميڊيا جي منفي استعمال کان بچندي ،ان کي مثبت طور استعمال ڪري سگھجي ٿو
اهو سماجي ميڊيا جي غلط استعمال جو ئي نتيجو آهي ،جو ڪالهه تائين ڪتاب پڙهڻ ۽ سياسي ۽ سماجي بحث مباحثن ۾ جيڪو وقت
خرچ ڪبو هو ،ان ئي وقت جو وڏو حصو هاڻي فيس بوڪ ،ٽوئيٽر ،انسٽاگرام ۽ يوٽيوب وغيره جي استعمال تي خرچ ڪيو وڃي
ٿو .پڙهڻ جو رواج گھٽجڻ وارو معاملو فقط پاڪستان ئي نه پر ٻين ملڪن ۾ به نظر ايندو رهي ٿو ،جيڪو مون کي چين ۾ به
ڏسڻ وٽان ملندو رهيو .مثلن چين اهو ملڪ آهي ،جنهن جو شمار دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو ،جتي حڪومتي سطح تي هر
سال سڀ کان وڌيڪ مختلف ٻولين منجھان علم کي چيني ٻوليَء ۾ ترجمو ڪيو وڃي ٿو .چين جي حڪومت جي اهڙين ڪوششن
سبب ئي چيني ٻولي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي رهي ٿي .پر ٻئي طرف جهڙيَء طرح چيني ماڻهو موبائل جو استعمال ڪن ٿا ،ان
جو وڏي پئماني تي منفي اثر نظر اچي ٿو .مثلن صبح جو آفيس يا تعليمي ادارن ڏانهن ويندي ،ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد جو ميٽرو
ٽرين ۾ ڪم ئي موبائل تي وڊيو رانديون يا ٻيَء ڪنهن وندر ۾ لڳل رهي ٿو .ائين ئي هوٽلن ۾ ماني کائڻ وقت به شايد ئي ڪا
ڪچهري وغيره جهڙي صورتحال نظر اچي ،نه ته گھڻي ڀاڱي ماني کائڻ دوران به موبائل سامهون رکي ان تي فلم وغيره ڏسڻ کي
.ئي اوليت ڏني وڃي ٿي
مٿي چين جي اهڙي صورتحال بيان ڪرڻ منجھان اهو مقصد هرگز نه ورتو وڃي ته ڪو چيني ماڻهو سست ۽ ڪاهل آهن .موبائل
جو استعمال هو فقط ڪم ڪار کان فارغ ٿيڻ بعد ئي ڪن ٿا ،پر هتي اهو سڀ بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ،اڄ کان ڪجھ
ڏهاڪا اڳ تائين ،جڏهن موبائل فون جو استعمال ايترو عام نه بڻيو هو ،تڏهن ماڻهو گاڏين ۽ ٻين عوامي هنڌن تي گھڻي ڀاڱي ڪتاب
ئي پڙهندي نظر ايندا هئا .ان حد تائين جو هاڻي ته ڪتابن جي دڪانن تي به ماڻهو اڳ ۾ جيئن ويهي ڪتاب پڙهندا هئا ،سا
روايت نه هئڻ برابر نظر اچي ٿي .مطلب ته هن ڊجيٽل دور ۾ ڪتابن کان پري ٿيڻ جو معاملو فقط سنڌ ۽ پاڪستان ئي نه پر دنيا
.۾ مجموعي طور اهڙي ئي صورتحال نظر اچي ٿي ،جنهن جي سببن ۽ ان جي اثرن تي سوچڻ تمام گھڻو ضروري آهي
منهنجي خيال ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان گھٽجڻ پٺيان گھٽ ۾ گھٽ ماڻهن جي مصروفيت وڌڻ جو سوال هرگز نه آهي ،پر جيئن ته
هر دور جي حساب سان دنيا ۾ نيون نيون تبديليون اينديون رهن ٿيون ،جن ۾ ٽيڪناالجي به شامل آهي ،سبب ماڻهن جي اوليتن ۾ به
تبديلي اچي ٿي .اهو سڄو معاملو اوليت جو ئي آهي ،جو ڪالهه تائين ماڻهو جهڙيَء طرح نه فقط پنهنجي فارغ وقت ۾ پر پنهنجي
مصروفيت باوجود وقت ڪڍي ڪتاب پڙهندا هئا ،سو رحجان هاڻي ڪتاب جي بجاِء موبائل ۽ انٽرنيٽ وغيره جي استعمال طرف گھڻو
ٿيندو پيو وڃي .مثلن هاڻي ماڻهو ناشتي جي ٽيبل تي به گھڻي ڀاڱي اخبار پڙهڻ بجاِء موبائل استعمال ڪن ٿا .ائين ئي آفيس ويندي
۽ اتي به چانهن ،ماني جي وقفي دوران به سندن ڌيان موبائل ڏانهن ئي رهي ٿو .هاڻي ته صورتحال ان حد تائين وڃي پهتي آهي،
جو ماڻهن وٽ موبائل/ليپ ٽاپ کان ايتري به فرصت نه بچي آهي ،جو هو پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن کي وقت ڏيئي سگھن ،سي ڀال
!ڪٿي ٿا ڪتابن پڙهڻ ۾ ايترو وقت لڳائين
ڪتابن کان پري وڃڻ جو نقصان اهو ٿئي پيو ،جو ماڻهو ڄاڻ جي خزانن کان پري ٿيندو وڃي ۽ نتيجي طور ماڻهن جي شعوري
سطح ان ڏاهپ ۽ ڄاڻ وارن پئمانن تي نه پئي پهچي سگھي .ساڳيَء طرح ماڻهن جي ڳالهائڻ منجھان به خبر پئي ٿي ته ،فيس بوڪ
يا واٽس ايپ جي ڪنهن پوسٽ/اسٽيٽس تي مڪمل طور انحصار ڪري ،ڪيئن نه غلط ۽ بلڪل سطحي قسم جي بحث مباحثن کي
جنم ڏنو پيو وڃي .هاڻي ماڻهو ڪتاب ته ڇڏيو ،پر چند صفحن تي مشتمل ڪنهن تحقيقي مقالي پڙهڻ جي به زحمت نه ٿا ڪن.
افسوس جو مقام اهو آهي ته ،ان صورتحال جو شڪار مجموعي طور ماڻهو ته آهي ئي آهي ،پر تعليمي ادارن اندر ڪيترن ئي پاڻ
.کي ”محقق“ ۽ ”عالم“ سڏائيندڙن جو به ڪجھ اهڙو ئي حال آهي
ان سڄيَء صورتحال ۾ هڪ ٻي ڳالهه اڄ جي دور جي حساب سان تمام گھڻي اهم پڻ آهي ته ،هاڻي جيئن ته ڪتاب پڙهڻ جي
حوالي سان ايندڙ گھٽتائيَء سبب ،ان جو متبادل سوچڻ تمام گھڻو ضروري آهي ،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن علمي طور اسان جيڪو بحث
ڪرڻ يا جيڪو پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا ،اهو لکڻ جي صورت ۾ نه ته پوِء وڊيو وغيره جي صورت ۾ پڻ ماڻهن تائين
پهچائي سگھجي ٿو .مثال طور ،ڪافي عرصو اڳ کان الهور جي مشهور يونيورسٽي ،الهور يونيورسٽي آف مينيجمنيٽ سائنسز
( لمس) جو پروفيسر ڊاڪٽر تيمور رحمان ،جيڪو نظرياتي طور کاٻي ڌر جي نه فقط خيالن کان متاثر آهي ،پر گڏوگڏ هو عملي
طور به سياسي ميدان ۾ رهي ٿو ،تنهن طرفان مختصر وڊيوز ۾ مارڪسزم ،فيمنزم ۽ لبرلزم کان ويندي ملڪي سياست ۽ معيشت
بابت ڪيتريون ئي وڊيوز ٺاهي ،يوٽيوب تي رکيون وينديون رهيون .ائين ئي هاڻي ته سيد مزمل احمد ۽ منصور علي خان سميت ٻين
کوڙ سارن صحافين پنهنجا يوٽيوب چينل ۽ پوڊڪاسٽ شروع ڪيا آهن ،جن جا کوڙ سارا فائدا ٿين ٿا .هڪ طرف يوٽيوب وغيره
جي انهن پروگرامن ذريعي پنهنجو موقف کليل طور رکي سگھجي ٿو ،جيڪو ڪنهن الڪٽرانڪ ميڊيا جي چينل تي پيمرا جي پاليسن
تحت ائين آزاديَء سان رکڻ ممڪن نه آهي .ٻئي طرف ماڻهن جو جيڪو تمام وڏو تعداد پڙهڻ کان پري آهي ،تنهن تائين وڊيو
.ذريعي رسائي پڻ ممڪن بڻجي ٿي
ان سڄي صورتحال کي سامهون رکندي ،منهنجي خيال ۾ حڪومتي سطح تي علم جي خزانن کي ڊجيٽالئيز ڪرڻ ذريعي محفوظ ڪرڻ
گھرجي ته جيڪڏهن اسان جو اڄوڪو نوجوان يا ايندڙ نسل ڪتاب هارڊ ڪاپي ۾ پڙهڻ نٿو چاهي ته گھٽ ۾ گھٽ سافٽ ڪاپي ۾
ئي هو ڪتاب سان پنهنجو رشتو جوڙيو رکي .ائين ئي سياسي پارٽين ،خاص طور کاٻي ۽ قومپرست ڌرين کي به گھرجي ته اسٽڊي
سرڪل جي شڪل ۾ پراڻين روايتن کي اڄ جي ڊجيٽل دور کي سامهون رکندي ،ٻيهر اپنائڻ گھرجي ته جيئن اسان جو نوجوان نسل
بجاِء ڪنهن ”شارٽ ڪٽ“ طرف وڃڻ جي ،ڪتاب سان رشتو قائم رکندي ،علم جي خزانن کان پري نه وڃي سگھي .ساڳيَء طرح
اڄ جي دور جي مناسبت سان اسان کي وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جي حوالي سان پوڊڪاسٽ وغيره ذريعي مختلف بحث مباحثن ڇيڙڻ
.سميت تنقيدي ،تعميري ۽ اصالحي سوچ کي پروان چاڙهڻ الِء پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي