You are on page 1of 2

‫‪:‬۽ سنڌ جو مستقبل ‪ Weather patterns‬گلوبل وارمنگ‪ ،‬تبديل ٿيندڙ موسمي رجحان يا‬

‫الفت حسين پتافي‬

‫تبديلي ئي زندگي آهي‪ ،‬هڪ جاِء تہ ڄمي بيهي وڃڻ کي موت چئبو آهي‪ .‬ڌرتيَء جي ساڍا چار ارب سالن کان وڌيڪ جي هسٽري‬
‫ان ڳالھ جي گواھ آهي تہ پهرين ڏينهن کان ئي ڌرتي جياالجيڪلي‪ ،‬توڙي ماحولياتي يا موسمياتي حساب سان تبديل ٿيندي رهي آهي ۽‬
‫اهو سلسلو اڄ بہ جاري آهي‪ .‬گهڻي تفصيل ۾ نہ ٿا وڃون (تفصيل الِء اوهان زمين تي زندگي جو وجود نالي پوسٽ جا ٻارنهن‬
‫‪.‬حصا پڙهي سگهو ٿا)‪ ،‬باقي هڪ واقعو اوهان آڏو گوش گذار ڪيان ٿو‬
‫زمين تي جيڪي موسمياتي تبديليون اينديون رهيون آهن انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپ ۽ خوفناڪ تبديلي آئي هئي تقريبن ‪65‬‬
‫ڪروڙ سال اڳ جڏهن زمين مڪمل طور تي برف سان ڍڪجي وئي هئي‪ .‬اهو عرصو ٿو بيهي تقريبن ڏيڍ ڪروڙ سالن جو‪ .‬جي‬
‫بلڪل اوهان صحيح پڙهيو آهي ته هڪ يا ڏھ يا پنج هزار يا ويهه لک سال نه پر ڏيڍ ڪروڙ سالن ڌرتي هڪ برف جي گولي‬
‫‪.‬مثل هئي‬
‫ان تبديلي جي سببن تي پاڻ تفصيلي بحث ڪڏهن ٻي واري ڪندا سي‪ ،‬مختصر طور تي ٻڌائيندو هالن ته ڌرتي جي وايو منڊل ۾‬
‫ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ‪ ،‬ڪاربان مونو آڪسائيڊ‪ ،‬ميٿين ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي ڪري سج جي روشني ماحول ۾ ٽريپ ٿي ويندي‬
‫آهي ۽ ڌرتي گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي‪ 65 ،‬ڪروڙ سال اڳ اهي سڀئي گرين هائوس گيسز ڪنهن سبب جي ڪري ماحول ۾‬
‫کان ڌرتي ڄمڻ شروع ٿي وئي‪ poles .‬گهٽجڻ شروع ٿي ويون‪ ،‬نتيجي ۾ گرمي پد ڪرندو ويو‪ .‬ان ڪري ڏکڻ ۽ اتر قطبن‬
‫جئين ئي ڌرتي جي سطح تي برف وڌڻ لڳي ته سج جي روشني به ريفليڪٽ ٿي ماحول ۾ جذب ٿيڻ بدران واپس ٿيڻ لڳي ۽ وڌيڪ‬
‫ٿي ‪ chain reaction start‬ٿڌ پيدا ٿيندي وئي‪ ،‬وڌيڪ ٿڌ ۾ وڌيڪ برف ڄمڻ لڳي‪ ،‬اهڙي طريقي سان هڪ چين ريئيڪشن‬
‫‪.‬ويو‪ .‬صرف ڪجهه لک سالن جي اندر ئي سموري ڌرتي برف جي گولي ۾ تبديل ٿي وئي‬
‫هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان کي ڪئين خبر پئي ته ائين به ڪو ٿيو هيو‪ ،‬وڊيو يا ڦوٽا ته ڪنهن ورتا نه هيا‪ .‬ان جو جواب‬
‫‪.‬آهي ته‪ ،‬ان ڳالھ جا کوڙ سائنسي ثبوت موجود آهن‪ ،‬هڪڙو ثبوت سولي سنڌي ۾ اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو‬
‫اوهان پاڻي سان ڀريل پيالو فريزر ۾ رکندئو ته اهو پيالو برف ۾ تبديل ٿيڻ وقت ڦونڊجي پنهنجي واليوم کان وڏو ٿي ويندو آهي ۽‬
‫ٺڪر جو ٿانَو ڀڄي به سگهي ٿو‪ ،‬يا ٿڌن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن غار ۾ پاڻي ڀريل آهي ته سياري ۾ اهو پاڻي برف ۾ ڄمي‬
‫ڪري ڦونڊجي ان غار يا جبل جي ٽڪري کي ڀڃي ڇڏيندو آهي‪ .‬هن مان اوهان برف جي طاقت جو اندازو ته لڳائي سگهو ٿا‪.‬‬
‫جن عالئقن ۾ گليشيئر هوندا آهن ته اتي گليشيئرس جي ڄمڻ ۽ رجڻ دوران ڪيتريون ئي برف جون ڇپون ٽڪرا ٽڪرا ٿي وينديون‬
‫آهن ۽ اها ڇپ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ شفٽ به ٿيندي رهندي آهي هاڻي اچون ٿا پنهنجي ثبوت ڏانهن‪ .‬جئين ته اسان کي ڀلي ڀت‬
‫ڄاڻ آهي ته ڌرتي تي موجود مختلف جبلن جي عمر ۽ ڪيميڪل ساخت ڪئين آهي‪ .‬ڪيميڪل تجزيي ۽ ڪاربان يا آرگان ڊيٽنگ‬
‫ڪرڻ کان پوِء اسان ڪنهن به پٿر جي عمر ۽ سندس اصل گهر ٻڌائي سگهون ٿا‪ .‬هاڻي فرض ڪيو ته اسان کي هڪ پنج سئو‬
‫فٽن جي جابلو ڇپ بدين ۾ ملي ٿي پئي‪ ،‬ان پٿريلي ڇپ جي ڪيمسٽري نه جنگشاهي جي ٽڪرن جهڙي آهي‪ ،‬نه کير ٿر پهاڙ جهڙي‬
‫آهي نه ئي ڪارونجهر جو پٿر ٿو لڳي‪ ،‬بلڪه سمجهو ته اها ڇپ سائبيريا ۾ موجود ڪنهن جبل جو حصو ٿي لڳي‪ ،‬ڇوته ان جي‬
‫ڪيميڪل ڪمپوزيشن معدنياتي ساخت سائبيريا ۾ موجود جبلن جهڙي آهي‪ .‬هاڻي اوهان پاڻ ٻڌايو ته اها پنج سئو فٽ واري ڇپ‬
‫سائبيريا مان سنڌ ڪئين پهتي؟‬
‫نه ئي ان کي پاڻي لوڙهي ٿو آڻي سگهي‪ ،‬نه ئي هوا‪ ،‬نه ئي ڪو جن ڀوت نه ئي پاڻ قالبازيون کائي ڪري پهچي سگهي ٿي‪،‬‬
‫هڪڙي ئي طاقت آهي جيڪو اهو ڪم ڪري سگهي ٿي‪ ،‬اها آهي برف جيڪا لکين سالن ۾ انچ انچ ڪري اهڙي ڇپ کي هزارين‬
‫‪.‬ڪلوميٽرن تائين پهچائي سگهي ٿي‬
‫موجوده ماحولياتي تبديليون سمجهو ته ‪ 65‬ڪروڙ سال اڳ ايندڙ زمين جي برفاني دور جو ابتڙ آهي‪ .‬ان وقت گرين هائوس گيسون‬
‫تقريبن ختم ٿي ويون هيون ۽ برف ئي برف ٿي وئي‪ ،‬هائي گرين هائوس گيسز وڌي وڃڻ ڪري برف ڳرندي ٿي وڃي پئي ۽ گرمي‬
‫وڌندي ٿي وڃي پئي‪ .‬جيڪو چون ٿا پيا ته انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ جي برف تيزي سان ڳري ٿي پئي‪ ،‬جيڪو بلڪل به صحيح نه‬
‫آهي‪ ،‬سبب‪ ،‬سبب اهو آهي ته برف سج جي روشني کي ريفليڪٽ ڪري واپس مٽائيندي آهي جئين آئيني تي اس ڪري واپس موٽي‬
‫‪.‬ويندي آهي‪ .‬جئين جئين زمين جي سطح تي برف گھٽبي ته گرمي به وڌندي ويندي‬
‫هاڻي اچون ٿا سنڌ طرف‪ :‬جيڪي موسمياتي ماهر دنيا ۾ ويٺا آهن اهي مختلف سمنڊن جو گرمي پد ماپي پيشگوئي ڪندا آهن ته هن‬
‫سال مون سون ڪئين ۽ ڪيترو طاقتور هوندو‪ ،‬هن سال مئي مهيني ۾ ئي پيشگوئي ٿي وئي هئي ته هن سال سنڌ ۾ بلوچستان ۾‬
‫سراسري پوندڙ مينهن کان وڌيڪ مينهن پوندو‪ ،‬ٿيو به ائين‪ ،‬وڌيڪ ته ڇا پر سنڌ ۾ ته سئو سالن جا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن‪ ،‬بلڪه‬
‫ريڪارڊڊ هسٽري ۾ ايترو مينهن سنڌ ۾ نه آهي پيو‪ .‬گلوبل وارمنگ جي ڪري سمنڊن جو گرمي پد به وڌيل ٿو رهي ۽ اهڙا مينهن‬
‫هر سال نه ته ٽئين چوٿين سال سنڌ ۾ ضرور پوندا‪ .‬سنڌ ۾ اپريل مئي جون ۾ گرمي پد پنجاھ ڊگريز کان ٽپي ويندو‪ .‬هاڻي نه ئي‬
‫‪.‬انهن مهينن ۾ درياه ۾ پاڻي هوندو نه ئي گرمي گھٽبي‪ ،‬وري جوالئي آگسٽ ۾ اهڙا مينهن پوندا جو ھر شي چٽ‬
‫سنڌو درياه کي نوي سيڪڙو پاڻي اٽڪ کان پهرين گليشيئرس جو هوندو آهي ۽ سوبه اسڪردو جي آسپاس وارا گليشيئر‪ .‬هاڻي‬
‫موسمياتي تبديلين ڪري اسڪردو جو گرمي پد جون تائين به ويهه ڊگري مس ٿيندو آهي‪ ،‬تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته الڙ وارا‬
‫هاڻي اپريل مئي جون ۾ ساريون پوکڻ وارا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين‪ .‬شايد هر ڏهن سالن ۾ ڪو هڪ سال اهڙو هوندو جڏهن وقت تي‬
‫‪.‬پاڻي اچي وڃي‬
‫ڳالھ کي کٽائجي‪ ،‬اوهان کي ٺٽي سجاول بدين ضلعن جا لکين ايڪڙ زمين سمنڊ طرفان ڳڙڪائڻ واري حقيقت جي خبر ته هوندي‪،‬‬
‫سمجھو ته اها ته بس شروعات آهي‪ .‬ايندڙ پنجاھ سالن ۾‪ ،‬سال ‪ 2070‬تائين اڌ سنڌ پاڻي هيٺ هوندي‪ ،‬ڪراچي سميت سڄا سارا‬
‫ضلعا يعني ٺٽو سجاول بدين ٽنڊومحمد خان‪ ،‬مڪمل ميرپورخاص ڊويزن سمنڊ چڙهڻ جي ڪري ٻڏي ويندا‪ ،‬سمنڊ ڀنڀور کي نه پر‬
‫المنظر کي اچي لڳندو‪ .‬جئين هن وقت به سامونڊي وير يا لهر ڪيٽي بندر جهڙن شهرن ۽ عالئقن ۾ چڙهندي آهي وري لهندي آهي‪،‬‬
‫نتيجي ۾ سموري زمين پوکي الئق نه آهي رهي‪ .‬پنجاھ سالن کان پوِء به سمنڊ اونهاري ۾ حيدرآباد کي اچي ٽچ ڪندو وري سياري‬
‫‪.‬۾ سئو ڪلوميٽر پوئتي وڃي بيهندو‪ .‬کاري پاڻي جي اچ وڃ ڪري سمورو زرخيز الڙ کارو پٽ ٿي ويندو‬
‫موسمياتي تبديلي ڪا مذاق مستي نه آهي پر هڪ حقيقت آهي‪ ،‬انسانن وٽ شايد ڏه سيڪڙو چانس آهن ته هن مصيبت مان ڪورونا‪،‬‬
‫ٽي بي‪ ،‬ماتا‪ ،‬ڪوڙه جهڙين بيمارين وانگر پار پئجي سگهي‪ 2070 ،‬تائين زمين جي آبادي لڳ ڀڳ ڏھ ارب هوندي‪ ،‬موسمياتي جنگ‬
‫کٽڻ دوران انسان کي پنج ارب همراهن جي قرباني ڏيڻي پوندي‪ .‬پنج ارب انسانن جو بار ڌرتي شايد کڻي وڃي‪ .‬سنڌ به ‪ 2070‬۾‬
‫ڏھ ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ هوندو‪ ،‬گليشيئرس رجندا‪ ،‬سامونڊي سطح وڌندي ۽ ڪراچي سوڌو سڄي الڙ ۾ رهندڙ پنج ڪروڙ ماڻهن‬
‫‪.‬جي قرباني ڏيڻي پوندي‬

‫فلحال ته هي سڀ حوال لڳندا پر‪ ،‬هي قصو به ائين آهي جئين گذريل سال ڪو همراه ڪنهن الڙڪاڻي واسي کي چئي ها ته ڀائو‬
‫اڳين سال الڙڪاڻي ۾ سئو ڪالڪ الڳيتو مينهن وسندو‪ .‬ڪير اعتبار ڪري ها اهڙي ڳالهه تي‪ ،‬پر اڄ اها حقيقت بڻجي اوهان جي‬
‫‪.‬سامهون آهي‬

You might also like