Professional Documents
Culture Documents
94591082 امر جليل افسانا
94591082 امر جليل افسانا
94591082 امر جليل افسانا
سر مارٽيمر ويلر (قديم آثارن جو جڳ – مشهور ماهر) هوٽل جي انتظار گاهه ۾ داخل ٿيو .ٿڪل ٿي ڏٺو .چيائين“ ،معاف
ڪجو .مان اصل هينئر موهن جي دڙي کان حيدرآباد پهتو آهيان”.
انتظار گاهه ۾ صحافي ،پريس فوٽو گرافر ،ريڊيو پاڪستان جانمائيندا ،شاگرد ۽ سرڪاري ڪامورا موجود هئا .هڪڙي
صحافي َء سرمارٽيمر ويلر کان پڇيو”،موهن جي دڙي کي ڪڏهن کان ڪلر ڪوري رهيوآهي ؟”
سر مارٽيمر ويلر ٺهه پهه وراڻيو“ ،اهو سوال سياسي نوعيت جو آهي .مان جواب نه ڏيندس”.
“موهن جو دڙو سنڌ جي عالمت آهي ”.يونيورسٽي َء جي هڪ شاگرد سر مارٽيمر کان پڇيو “ ،موهن جي دڙي کي بچائڻ
الء اوهان ڪهڙا اُپا َء وٺي رهيا آهيو”.
ِ
“ اهو سوال پنهنجي حڪومت کان پڇو ”،سر مارٽيمر سرڪاري ڪامورن ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
هڪ بندرو ،ٺوڙهو ۽ نهايت بيڊولو شخص ،شاگرد ،صحافين ۽ پريس فوٽو گرافرن کي تڪيندو ،اڳتي هليو آيو .هن ڀڳل
ٽٽل ۽ انگريزن جي ارواح کي عذاب ڏيندڙ انگريزي َء ۾ سر مارٽيمر سان پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو “ ،مان فلمن جو
مشهور ۽ سڀ کان شاهوڪار پروڊيوسر آهيان”.
“ مون کي افسوس آهي ،مسٽر پروڊيوسر ”،سر مارٽيمر وراڻيو“ ،اسان حڪومت کي تاڪيد ڪئي آهي ته ڪنهن کي به
موهن جي دڙي ۾ فلم جي شوٽنگ ڪرڻ نه ڏين”.
“ اسان کي موهن جي دڙي سان ڪابه دلچسپي نه آهي”.بيڊولي ٺوڙهي ساڳي لهجي ۾ چيو “ ،مون کي پنهنجا پيسا حرام
ڪرڻا ناهن جو کنڊرن جي فلم ٺاهيان”.
پوء ؟” سر مارٽيمر ويلر حيرت مان پڇيو. “ته ِ
الء بنيادن سميت اصلوڪي هنڌان کڻي “ ڪجهه سال اڳ مصر ۾ فرعون جي قديم عبادت گاهن کي پاڻي َء کان بچائڻ ِ
جاء تي پهچاپو ويو هو ”.بيڊولي پروڊيو سر چيو“ ،اسان کي به بس اهڙو هڪ ڪم ڪرائڻو آهي”. محفوظ ِ
سر مارٽيمر عجب مان پڇيو “ ،تون ڇا کڻائيندين”.
“هر سال سڀيئي فلم اسٽار ۽ هيرامنڊي َء جا هيرا ڪشاالڪڍي قلندر شهباز جي ميلي تي سيوهڻ ايندا آهن ،اسان جو وقت
برباد ڪندا آهن ”.ٺوڙهي ۽ بندري پروڊيو سر چيو“ ،اسان فيصلو ڪيو آهي ،ته ائين قلندر لعل شهباز جي سموري
درگاهه بنيادن سميت پٽائي الهور کڻي وڃون .ان سلسلي ۾ تون اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟”
سچل سرمست Trouble۾
ٻه اڇن اُجرن ڪپڙن سان قداور ،ٿلها ۽ ٽڪڻ وٽان گنجا شخص ٽنڊي جي مشهور ٻاڪڙا هوٽل ڪيفي ڪنگال ۾ لنگهي آيا.
ٻئي پنجاهه جي لڳ ڀڳ هئا ۽ وٽيل سٽيل هئا .ٻاڪڙي ۾ ويٺل گراهڪ سندن شخصيت کان بيحد متاثر ٿيا ۽ منهن ورائي
هنن ڏانهن ڏسڻ لڳا (ٿلها ماڻهو ڏسڻ ۾ رعبدار۽ معتبر ايندا آهن ) .ٻئي ٿلها نڪ سڌو وڃي دخل *تي بيٺا ۽ ڪيفي ڪنگال
جي مالڪ عاشق آزاد سان ڳالهائڻ لڳا.
ڪيفي ڪنگال جو اصلو ڪو نالو “ اسٽار آف سنڌ ريسٽورنٽ” آهي ،تنهنڪري سندس ستارو گردش ۾ آهي .هن ٻاڪڙا
هوٽل ۾ فقط اُهي گرا هڪ ايندا آهن ،جن جي هٿن جا ليڪا ٽيڪن ۽ ڪوڏرن جي رهڙن سان ڊهي ويندا آهن .ٻاڪڙن جا
گرا هڪ پنهنجين پيشانين تي صدين جي تاريخ جا آثار کڻي گهمندا آهن .سندن چپن تي انسانيت جي اُها گم ٿيل مرڪ
هوندي آهي ،جنهن جي تالش ۾ انسان “ فيس پائوڊر “ کان “ گن پائوڊر “ تائين ايجادون ڪري ڇڏيون ،پر ُمرڪن جي
فيڪٽري تيار ڪري نه سگهيو آهي.
ٻاڪڙا هوٽلن ۾ ڇوڙ ڀڳل چيڪاٽ ڪندڙ ٽيبلون ۽ ڪرسين بدران بينچون رکيل هونديون آهن ،جتي مون جهڙا موالئي ايندا
آهن ،ويهندا آهن ۽ ڪڙڪ چانهه پي فلمن جا گانا ۽ قوالين جا رڪارڊ ٻڌندا آهن.
ڪيفي ڪنگال جو مالڪ عاشق آزاد ،آسر کان اڌ رات تائين زور زور سان لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جا رڪارڊ
وڄائيندو آهي ۽ اهڙي َء طرح پنهنجي ٻاڪڙي جي پبلسٽي ڪندو آهي .هوٽل ۾ چار الئوڊ اسپيڪر لڳل آهن ،جن مان ايڏو ته
آسمان ڦاڙ آواز نڪرندو آهي ،جو ٻاڪڙي جا گراهڪ اندريان آواز وساري گانن جي لهرن ۾ لڙهي ويندا آهن ،سپ سپ
ڪري چانهه پيئندا آهن ۽ پنڪيون کائيندا آهن.
پوء
ڪيفي ڪنگال جي بلڪل سامهون نور مسجد آهي .مسجد جي مينارن تي اڳ ٻه الئوڊ اسپيڪر لڳل هوندا هئا .پر ِ
جڏهن عاشق آزاد محمد رفيع جو فلم “ برسات” ۾ ڳايل ڳانو “ مين زندگي مين هردم روتا هي رها هون” جو رڪارڊ وٺي
آيو ،تڏهن مسجد جي انتظامي ڪاميٽي َء هڪ هنگامي اجالس سڏايو ۽ ٿڏي تي ٻن وڌيڪ الئوڊ اسپيڪرن خريد ڪرڻ جي
رٿ پاس ڪري ڇڏي .تڏهن کان نور مسجد جي مينارن تي چار الئوڊ اسپيڪر لڳل آهن ،جن مان ڏينهن ۾ پنج دفعا ٻانگ
جو آواز ايندو آهي ۽ جمع ڏينهن موالنا عبدالجبار گپچاڻي الڳيتو ڏيڍ ڪالڪ تائين خطبي کان اڳ ڳالهائيندو آهي .هو ماڻهن
کي قبر جي عذاب ،قيامت جي ڊپ ۽ هللا سائين َء جي قهر کان ڏڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي .ماڻهو ،جيڪي بک جي
عذاب ،بيروز گاري َء جي ڊپ ۽ خالي ذهن ۾ ويٺل راڪاسن جي قهر کان ڪنبيل آهن .تن تي موالنا عبدالجبار گپچاڻي َء جي
تقريرن جو زبردست اثر ٿيندو آهي.
جڏهن به نور مسجد جي چئن الئوڊ اسپيڪرن مان ٻانگ جو آواز اچڻ شروع ٿيندو آهي ،عاشق آزاد هڪدم رڪارڊنگ *
بند ڪري اکيون به ڪري ڇڏيندو آهي .۽ پو ِء جڏهن ٻانگ ۾ محمد رسول هللا جو نالو ٻڌندو آهي ،تڏهن ٻئي اڱوٺا چمي
اکين* تي رکندو آهي .ٻانگ ختم ٿيندي آهي ته پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي وارن ڀريل سڀني کي شوڪارو هڻي ،هڪدم
رڪارڊنگ شروع ڪندو آهي “ ،مين زندگي مين هردم روتاهي رها هون “ .
هڪ دفعي موالنا عبدالجبار گپچاڻي ڪيفي ڪنگال آڏو اچي بيٺو هو .چولي جون ٻانهون ٺونٺين تائين کنجي ،هٿ لوڏي ،
ٻانهون لوڏي ،پير ڌرتي َء تي هڻي ،ننهن چوٽي َء جو زور لڳائي ،رڙيون ڪرڻ لڳو هو .ايڏي َء جفاڪشي َء کان پو ِء به
ماڻهو فقط “ روتا هي رها هون “ ٻڌي رهيا هئا .جڏهن ماڻهن جو ميڙ ٻاڪڙي جي ٻاهران وڌندو ويو ،تڏهن عاشق آزاد
الء تيار ٿي ويٺو .موالنا اول آزاد کي قبر جي عذاب ،قيامت جي ڊپ ۽ هللا سائين
رڪارڊ الهي ڇڏيو ۽ موالنا جي ڳالهه ٻڌڻ ِ
پوء چيو هئائين “ ،شرم ڪر ،عزيزم ،جناب عاشق علي آزاد بن معشوف جي قهر کان ڏڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ،۽ ِ
علي برباد* شرم ڪر ”.عاشق آزاد دخل جي خاني مان رڪارڊنگ ڪرڻ جو ليسن ڪڍي موالنا کي ڏيکار يندي چيو هو،
“مون وٽ رڪارڊنگ ڪرڻ جو ليسن آهي ”.موالنا ليسن نظر انداز ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي هئي “ .من مسلمان
هوندي به تون هندستاني فلمن جا رڪارڊ ،يعني ڪافرن جو رڪارڊ وڄائيندو رهين ٿو .ڇا پاڪستاني ڳائڻا مري ويا آهن؟
ڇا ملڪه ترنم ميڊم نور جهان صاحبه تمغه خدمت ۽ جناب مهدي حسن صاحب تمغه خدمت مري ويا آهن؟ ڇا پاڪستان ۾
گوين جو ڪال پئجي ويو آهي! شرم ڪر ،ڪجهه ته خيال ڪر .پاڪستاني فلمن جارڪارڊوڄائيندو ڪر ،جهڙوڪ –
“ميرا کوئي نهين هي تيري سوا”.
موالنا جي تلقين ،قبر جي عذاب ۽ قيامت جي ڊپ جو عاشق آزاد تي تر جيترو به اثر نه ٿيو ۽ هو اڃان تائين زور زور سان
لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جارڪارڊ وڄائيندو آهي .هر جمعي تي موالنا عبدالجبار گپچاڻي پنهنجي تقرير ۾ نمازين کي
ٻڌائيندو آهي ته عاشق آزاد هندستان جو سيڪريٽ ايجٽ آهي ،پاڪستان جو دشمن ۽ غدار آهي ،۽ اندرئي اندر ائٽم بم تيار
ڪري رهيو آهي .جڏهن ٻه اڇن اُجرن ڪپڙن سان قداور ،ٿلها ۽ ٽڪڻ وٽان گنجا شخص ڪيفي ڪنگال ۾ لنگهي آيا ،تڏهن
سڀني گراهڪن کي سخت تشويش ٿي ۽ هر ڪو منهن ڦيرائي هنن ڏانهن ڏسڻ لڳو .مون سمجهيو خدائي فوجدار آهن ۽
عاشق آزاد جي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا آهن.
هو ٻئي دخل تي ٺونٺيون رکي بيٺا هئا ۽ رڙيون ڪري عاشق آزاد سان ڳالهائي رهيا هئا .سندن سموريون رڙيون محمد
رفيع جي رڙين ۾ گم ٿي پئي ويون“ ،او دنيا ڪي رکهوالي ،سن درد بهري ميري نالي ”.هو ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي ۽ ڍريون
ڀانء ته
ِ ڪري ،منهن سڄائي ۽ لڙڪائي ،اکيون ڦوٽاري ۽ چنجهيون ڪري عاشق آزاد سان ڳالهائي رهيا رهيا هئا .پريان،
گونگي فلم هلي رهي آهي.
رڪارڊن جي مغز ٽوڙ آوازن ۾ فقط هوٽل جو ٽيبل وارو * ڌڻي بخش عرف ڌنو ڳالهائي سگهندو آهي .رڪارڊن جي گوڙ
گهمسان ۾ سندس آواز ٻڌي سگهبو آهي“ ،ساب سي ڇهي آنه ليو ،ڇهه آنه” – “ايڪ سنگل دال فرائي اور ايڪ پتير
پهينڪو” – يا “بهائي ڪو ايڪ ڪڙڪ گولي مار چائي مارو ”.جڏهن رڪارڊ وڄڻ بند ٿي ويندوا آهن ،تڏهن ڌڻي بخش
الء ڳائڻن وانگر
عرف ڌنو به ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي .اصل ۾ ڌني جو آواز گهگهو ٿي ويهجي ويو آهي ۽ ڳالهائڻ ِ
ڪ ٿي غالم” جهڙن سازن جو سهارو رڪارڊن مان وٺڻو پوندو آهي .ميوزڪ يعني موسيقي َء جي آڌار کيس “ڌوم ڌڙام ٿ ُ َ
تي ڌني جو آواز بيحد دلفريب ،وڻندڙ ۽ سريلو ٿي پوندو آهي .ڌني جو دنيا ۾ فقط هڪ دوست آهي ،اُهو آهيس قلندر شهباز
چوچو هو .لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جي گانن تي مست ٿي ڌنو آرڊر تي آرڊر ڏيندو ويندو آهي ۽ قلندر لعل شهباز جو ُ جو ُ
سرن تي سر ڌوڻڻ لڳندو آهي. هو ُ
هاء گهوڙا ۽ وٺ پڪڙ ۾ ڌني جو آواز ٻڌي ۽ سمجهي سگهندو آهي .ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي عاشق آزاد رڪارڊن جي ِ
ته عاشق آزاد جيڪڏهن ٽنڊي ۾ ٻاڪڙا هوٽل نه کولي ها ته جيڪر اسماعيل آزاد قوال جي مقابلي ۾ قواليون ڳائي ها ،ملڪ
۾ نالو ڪڍي ها ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري ها .هن ۾ اهڙا “ گٽس” آهن .عاشق آزاد کي ٽي هابيون يعني مشغوليون پسند
آهن .هو اخبارن ۽ رسالن مان فلم ايڪٽريس شميم آرا جا فوٽا ڪپي هوٽل جي ڀتين تي چنبڙا ئيندو آهي ۽ ريڊيو پاڪستان ،
ريڊيو سيلون ،آڪاش واني “ آمدآباد (ني) ٻڙودا” ۽ آل انڊيا ريڊيو جي اردو پرو گرامن ۾ فرمائشي خط لکندو آهي*.
عاشق آزاد ڪَنَ تي هٿ رکي ٻنهي ٿُلهن جي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو .جڏهن کيس رڪارڊ جي گوڙ ۾
ٿلهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ،تڏهن هن رڪارڊ الهي ڇڏيو .اوچتو رڪارڊ الهڻ ڪري هوٽل ۾ مڪمل خاموشي َء ڄڻ
اچي ڦهڪو ڪيو.
رڪارڊ بند ٿيڻ شرط ڌني به ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو .ٻئي ٿلها پنهنجو ڦاٽل دهل جهڙو آواز ٻڌي ششدر ٿيا .هڪ ٻئي جي
منهن ۾ ڏسي خاموش ٿي ويا.
ٻنهي ٿلهن مان هڪ جي ڦٿل نڪ هيٺان ڀوائتيون مڇون هيون ۽ ٻيو صفا چٽ هو ۽ سندس نڪ سر ڻ جي چهنب جهڙو
هو .هن کنگهڪار ڪري زور سان پڇيو “ ،سچل ڪٿي آهي؟”
پنهنجو نالو ٻڌي مون ڪن کڙا ڪيا .هنن ڏانهن نهاريم ،عاشق آزاد مون طرف هٿ سان اشارو ڪندي چيو “ ،سامهون
جيڪا دري آهي نه”.
“ ها ”،صفا چٽ وراڻيو.
“ ۽ دري َء جي ڀرسان شميم آرا جو فلم “ برباد جواني” مان ورتل فوٽو لڳل آهي نه”.
“ ها”.
“ ان فوٽو َء جي بلڪل هيٺان ڀت کي ٽيڪ ڏيئي جيڪو موالين جهڙو ڇوڪراٽ ويٺو آهي نه”.
“ ها”.
“سو آهي سچل”.
ٻنهي ٿلهن مون ڏانهن اهڙين نظرن سان ڏٺو ڄڻ مان ماڻهو نه پر مترڪو هوس ۽ سماجي شيش محل کي ُچور ُچور ڪري
رهيو هوس .ٻنهي جي اکين جي مشڪوڪ نگاهه ،نرڙ جا گهنج ۽ ڪنڌ جي آڪڙ ڏسي هڪدم سمجهي ويس ته هو ٻئي
عاشق آزاد جي نه ،پر منهنجي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا هئا.
جن ڏينهن ۾ مان پرائمري ماستر هوس ۽ هڪ سئو پنجن رپين مان پندرهن ڀاتين جو نه پيٽ ڀري سگهندو هوس ۽ نه تن
ڍڪي سگهندو هوس .تڏهن حڪومت کي دڙڪو ڏنو هوم ته منهنجي پگهار وڌايو يا وڏي پگهار واري نوڪري ڏيو نه ته
الء پنهنجي مرضي َءپوء جلدئي مون کي خبر پئجي وئي هئي ،ته هتي نه فقط مون جهڙن انسانن ِ مان خودڪشي ڪندسِ .
مطابق زنده رهڻ ڏوهه آهي ،پر پنهنجي مرضي َء سان مرڻ به ڏوهه آهي .خودڪشي َء جو اعالن ڪري پاڻ کي اجايو
قانون جي نظرن ۾ ڏٺو ڪيو هوم .ٻنهي ٿلهن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي سمجهي ويس ته خدائي فوجدار آهن ۽ مون کي ُمڙدن
الء مجبور ڪرڻ آيا آهن.سوچيم ،ڀڄي وڃان .پر اوچتو خيال آيو ته انسان عزرائيل کان پيڇو ڇڏائي جهڙي زندگي گذراڻ ِ
سگهي ٿو ،پرهن قسم جي مخلوق کان جان ڇڏائڻ ناممڪن آهي .تنهنڪري رب جي رضا تي راضي ٿي ويهي رهيس.
سڄي ٻاڪڙي جا گراهڪ ٿلهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ ٿلها قدم قدم سان مالئي مونڏانهن وڌي رهيا هئا .جڏهن ٻئي ڄڻا مون
کانپوء هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺائون،
ِ کي ويجهو پهتا ،تڏهن ڳالهائڻ بنا النگ ورائي بينچ تي ويهي رهيا .منهنجو جائزو وٺڻ
پوء ڊوميسائيل سنڌي َء ۾
هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائون .ڄڻ سندن شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو هو .صفا چٽ نڙي صفا ڪئي ۽ ِ
پڇيائين “ ،تنهنجو نالو سچل آهي؟”
“ ها ”،وراڻيم “ ،منهنجو نالو سچل آهي .مون اڄڪلهه خودڪشي َء جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ،۽ خدا جي فضل
سان ۽ منسپالٽي َء جي ڪرم سان راحت سينيما جي ڀرسان پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم”.
پوء به نه ڳالهايو.خاموش رهيا ۽ منهنجي منهن ۾ چتائي ڏسڻ لڳا .سندن نگاهون پنهنجي جسم ۾ هنن منهنجي ڳالهه کان ِ
چڀنديون محسوس ڪيم .بيچيني محسوس ڪيم ته چيم “ ،توهين يقين ڪريو ،مون سچ پچ خودڪشي َء جو ارادو ملتوي
ڪري ڇڏيو آهي ،ذري گهٽ رد ڪري ڇڏيو اٿم .ڏسو نه ،زنده رهڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي .مزوئي مزو آهي!اسان هوا ۾
الء ته پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم .مرڻو ساهه کڻي سگهئون ٿا ،کلي سگهئون ٿا ،روئي سگهئون ٿا .ڏسو نه ،جيئرو رهڻ ِ
هجيم ها ته جيڪر ماستري نه ڪريان ها!”
هنن تڏهن به نه ڳالهايو .ٽيبل تي ٻانهون رکي ،کاڏين هيٺان اُبتا هٿ ڏيئي مون ڏانهن ڏسندا رهيا .سندن خاموشي مون کي
پريشان ڪرڻ لڳيُ .گهٽ محسوس ڪيم ته ڳالهايم “ ،مان سچ پچ پڪوڙا وڪڻندو آهيان .توهان به دل ۾ سوچيندا هوندا ،ته
ڀال گريجوئيٽ به ڪڏهن پڪوڙا وڪڻيا آهن! گريجوئيٽ ته ڪالرڪ ٿيندا آهن ،دفتري ٿيندا آهن ،ماستر ٿيندا آهن! سائين
مان گريجوئيٽ آهيان ،پر مون وٽ سرٽيفڪيٽ ڪونهي .مون پنهنجو سرٽيفڪيٽ سچل نالي هڪ شخص کي ڏهن رپين ۾
وڪڻي ڇڏيو آهي .هن وٽ جئڪ هو .هو هينئر گزيٽيڊآفيسر آهي”.
ٻنهي ڄڻن تڏهن به نه ڳالهايو .سندن منهن سانڊي وانگر رنگ مٽائيندا رهيا .منهنجو ساهه منجهڻ لڳو .منهنجي ڀرسان آچر
ويٺو هو ( آچر جي پي ُء جو نالو سومر آهي) .هن منهنجي حال تي رحم کاڌو .منهنجي پاران چيائين “ ،ها سائين ،سچل
جڏهن پرائميري ماستر هو ،تڏهن بک مرندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن بک ۾ پاهه ٿي خودڪشي َءجو ارادو ڪيو هئائين،
چريو ”.ٻنهي ٿلهن ڪافور جي ُگڏن وانگر ڪنڌڦيرايو .مون تان نظرون هٽائي آچر جي منهن تي کپائي ڇڏيائون.
آچر چيو “ ،سچل جڏهن کان ماستري ڇڏي پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا آهن ،تڏهن کان آسودو آهي .خودڪشي َء جو خيال
به دل مان ڪڍي ڇڏيو اٿائين”.
ٻنهي ٿلهن جون اکيون عقاب جي اکين وانگر گول ٿي ويون .هنن تڏهن به نه ڳالهايو .آچر جي حالت مون جهڙي ٿي ويئي.
هن چيو “ ،سائين ،مان ني ،راحت سينيما وٽ ڳنڍيريون وڪڻندو آهيان”.
“ خاموش ”،ٻنهي ٿلهن اوچتو رڙ ڪئي .رڙ بيحد خوفناڪ هئي ،ايتري قدر جو قلندر لعل شهباز جي چوهي کان به ڇرڪ
نڪري ويو .آچر ڊپ وچان سوال جي نشاني ٿي ويو .جنهن ٿلهي جو نڪ ڦٿل هو ،سو ڏسڻ ۾ هوبهو مانگر مڇ جهڙو پئي
آيو .هن آچر کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.”get out “ ،
آچر انگريز ي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ سنڌ جي نمائندن جهڙو آڙي ڪاپ آهي .هن جملو االئي سمجهيو هو يا نه ،پر جملي جو
لهجو هڪدم سمجهي ويو ۽ بنا دير جي ٻاڪڙي مان کسڪي ويو.
ٻيا گراهڪ به ٻاڪڙي جي هنگامي حالت ڏسي کسڪڻ لڳا.
ٻنهي ٿلهن ٻيهر پنهنجون نظرون مونتي ُکپائي ڇڏيون.
مون جست ج ي چٻي ٽنڊي جڳ مان جست جي چٻي ٽنڊي گالس ۾ پاڻي پيٽيو ۽ يڪ ساهي پي ويس ،پاڻي پي ،ٿڏو ساهه کڻي
ٻنهي ڏانهن ڏٺو .کين ڏسي نظرون جهڪائي ڇڏيم ۽ آڱر سان ميز جي مر الهڻ لڳس.
کنگهڪار جو آواز ٻڌي منهن مٿي ڪيم .صفاچٽ پڇيو ،تون ڪڏهن کان شاعري ڪري رهيو آهين؟”
“شاعري ”.مونکان ڇرڪ نڪري ويو .ڄڻ پٿر هڻي ڪڍيائون.
“ ها شاعري”.
وراڻيم “ ،مان ۽ منهنجي گهر جا ڀاتي جڏهن بک مرندا هئا ۽ دوا بنا درد ۾ ڦتڪندا هئا ،تڏهن به مونکي مرڻ جو خيال آيو
هو ،پر شاعري َء جو خيال نه آيو هو”.
صفاچٽ پنهنجي مانگر مڇ جهڙي ساٿي َء کي انگريزي َء ۾ چيو “ڏاڍو چاالڪ آهي ”.مانگر مڇ جو ڦٿل نڪ پڪوڙي
جهڙو ٿي ويو .هن پڇيو “ ،تون انڪار ٿو ڪرين ،ته تون شاعر ناهين”.
“ مان بلڪل سالم دماغ جو انسان آهيان ”،وراڻيم “ ،شاعرن ۽ افسانه نگارن کي کوپري َء ۾ خلل هوندو آهي .مان چاڪ
چڱو ڀلو آهيان ،۽ پڪوڙا وڪڻندو آهيان”.
“ ياد رک ”.صفا چٽ چيو “ ،اسان تنهنجو هڪ هڪ جواب نوٽ ڪري رهيا آهي .ڇاتون شاعر ناهين؟”
“ نه منهنجو پي ُء شاعر هو ۽ نه مان شاعر آهيان ۽ نه ئي منهنجي اوالد مان ڪو شاعر ٿيندو”.
“ ڇا تنهنجا شعر رسالن ۾ نه ڇپيا آهن؟”
وراڻيم “ .مونکي فقط هڪ رسالي جي خبر آهي ،جيڪو ڪاغذ جو نه پر ڏامر جو ٺهيل آهي ۽ جتي شعر نه پر ڪتا نظر
ايندا آهن .اُهو آهي حيدرآباد جو رساال روڊ”.
مانگر مڇ چيو “ ،اسان کي کلڻ جي عادت ڪونهي ،تنهنڪري اسان کي اجايو کالئڻ جي ڪوشش نه ڪر”.
وراڻيم “ .مان گذريل هڪ ڪروڙ سالن کان کلي نه سگهيو آهيان ،ٻين کي ڪيئن کالئي سگهندس”.
صفاچٽ چيو “ ،تو شايد اسان کي سڃاتو ناهي “ ”.نه ”،وراڻيم “ ،پر ايترو سو سمجهي سگهان ٿو ته توهان ٻئي منهنجي
ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا آهيو”.
صفا چٽ ۽ پنهنجي ساٿي َء جي واقفيت ڪرائي .مان سندن ناال ۽ عهدا ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيس .ٻئي عالمي جاسوس هئا .کين
پڪ ڏيارڻ خاطر چيم “ ،توهان ناميارا ڊٽيڪٽو پنهنجو قيمتي وقت وڃائي رهيا آهيو .مان اقرار ٿو ڪريان ته مون
خودڪشي َء جو ارادو ڪيو هو ،پر مان شاعر نه آهيان ۽ ايندڙ ست هزار سالن تائين شاعر ٿي نه سگهندس”.
مانگر مڇ چيو “ ،اسان ٻئي خالئي ستاري جا مشهور ۽ بي مثال عالمي جاموس 008۽ 009آهيون .اسان جي اک
ڪيميرا آهي”.
وراڻيم “ ،سائين ،منهنجي فوٽي جو نيگيٽو پازيٽو هوندو آهي ،۽ پازيٽو هميشه نيگيٽو لڳندو آهي”.
“ تنهنجيون ڳالهيون بلڪل جپاني شاعرن جهڙيون آهن ”.صفاچٽ چيو.
“ اسان کي معمولي ماڻهو نه سمجهه ”،مانگر مڇ چيو “ ،اسان اُن خالئي ستاري جا باشندا آهيون ،جيڪو زمين تي امن
الء صدين کان گردش ۾ آهي .پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به اسان هتي اچي چڪا آهيون .جيڪي امان برقرار رکڻ ِ
به انقالبي هندو ۽ مسلمان شاعر زهريلي شاعري ڪنداهئا ،تن جا پول پڌرا ڪندا هئاسين ۽ کين ٽيپ کارائيندا هئاسين.
1857وارو بلوو اسان جي غير موجود گي َء ۾ ٿيو هو .اُنهن ڏينهن ۾ اسان آفريڪي حبشين خالف مهم سر ڪرڻ ويا
هئاسين”.
ُ ُ
هنن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجو سونهري ماضي ياد ڪري گد گد ٿيا .مان حيرت مان سندن حيرت انگيز ڪارناما ٻڌندو
رهيس .صفا چٽ چيو“ ،جيڪي به باغي شاعر عالمتي يعني Symbolicشاعري ڪندا هئا ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندا هئا .اسان تن جا ارادا خاڪ ۾ مالئي ڇڏيندا هئاسين”.
مانگر مڇ چيو “ ،جتي انگريز ڊٽيڪٽو ناڪام رهندا هئا ،اُتي اسان اهڙا ته ڪارناما ڪري ڏيکاريندا هئاسين ،جو انگريز
عملدارن کي ڏندين آڱريون پئجي وينديون هيون”.
وراڻيم“ ،سائين ،ڏندين آڱريون اسان ديسي ماڻهو ڏيندا آهيون .انگريز ڏندين بُرش ڏيندا آهن”.
ڳالهاء سچل ”،ڦٿل نڪ واري چيو “ ،تنهنجو رويو جپان جون حدون ٽپي چين ۾ داخل ٿي رهيو آهي”. ِ “ زبان سنڀالي
صفا چٽ چيو “ ،تو عالمي امن خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي .اڄ ڪلهه تون سخت اعتراض جو ڳي ۽ انقالبي شاعري ڪري
رهيو آهين”.
“ انقالبي شاعري!” حيرت مان پڇيم.
“ ها ،تون سو في صدي خالص ملحدانه ۽ انقالبي شاعري ڪري رهيوآهين ”.عالمي جاسوسن 008۽ 009ڪورس ۾ چيو.
انقالب ۽ شاعري َء جون ڳالهيون ٻڌي ،رهيا کهيا گراهڪ به ڊپ وچان ٻاڪڙو ڇڏي ڀڄي ويا .هوٽل ۾ ٻن ٿُلهن ۽ مون کان
سواء عاشق آزاد،ڌڻي بخش عرف ڌنو ۽ قلندر لعل شهباز جو چوهو وڃي بچيا .شاعري ،فساد ۽ افقالب جي بحث جو قلندر ِ
لعل شهباز جي چوهي تي زبردست اثر ٿيو .هو هڪ بينچ تي ليٽي پيو ۽ کينوڙي جيتري مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي ٿُلهن جون
ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
مانگر مڇ چيو “ ،تو جهڙا انقالبي شاعر سماج دشمن آهن ”.چيم“ ،جيڪا شي َء وجود ۾ ئي ڪونهي تنهن جو مان دشمن
ڪيئن ٿيندس”.
“ تون سماج جي وجود کان انڪار ٿو ڪرين؟”
پوء مان سماج جي وجود کان انڪار نٿو ڪريان”. وراڻيم “ ،گهاڻي جو ٻيو نالو جيڪڏهن سماج آهي .ته ِ
پوء صفا چٽ چيو “ ،اسان تو کي گرفتار ڪنداسين”. ٻنهي ٿلهن پاڻ ۾ سرگوشي ڪئيِ .
“ ڇو؟”
“ ڇو جو تون سچل آهين”.
“ مان سچل آهيان ،اُن ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي .ڏوهه منهنجي پي ُء جو آهي جنهن منهنجو نالو سچل رکيو آهي ”.جواب
ڏنو “ ،پر مان پنهنجي پٽ جو نالو ڪُوڙل رکندس .جهڙو ديس تهڙو ويس”.
کانپوء چيو.
ِ “ جيڪي ڪجهه تنهنجي باري م ٻڌو هئوسين ،تون ان کان به سرس آهين ”.صفا چٽ ڪجهه دير
“ڇا ٻڌو هيو؟”
“ته تون سڌو سنئون ڪارل مارڪس جي اثر هيٺ آهين “ ”.مان مئچ باڪس جي اثر هيٺ آهيٺان”.
“يعني ،تنهنجي شاعري ۾ شعال آهن .تنهنجي شاعري ساڙيندي آهي!”
ڌڻي بخش عرف ڌنو بحث ۾ ٽپي پيو “ ،سائين هي ويچارو ڇا ڄاڻي شاعري َء ٻاعري َء مان .هي ته مستانو آهي ،مستانو”.
پوء ويهي رهيو .چيائين “ ،مستانو ،يعني مست ،يعني سر مست ،يعني “ڇا چيئه ،مستانو!” صفا چٽ رڙڪري اُٿي بيٺو ۽ ِ
هي سر مست آهي”.
مانگر مڇ چيو“ ،ڪيئن ! ڦاسي پئين نه سچل سرمست”.
صفا چٽ چيو“ ،اسان کان بچي وڃڻ سولو ڪونهي ،مسٽر سچل سرمست”.
چيم“ ،مان سچل سرمست ناهيان ،سچل پڪوڙائي آهيان.
راحت سينيما جي ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو آهيان”.
“تون نه فقط سچل پڪوڙائي آهين ،پر سچل چرچائي به آهين”.
مانگر مڇ چيو “ ،تون اصل ۾ سچل سرمست انقالبي شاعر آهين”.
ٻڌاء مذهب جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟” صفا چٽ هڪدم پڇيو ،ڀال ِ
“مذهب!” پڇيم “ .ڪهڙو مذهب؟ دنيا ۾ گهڻائي مذهب آهن ،اسالم ،عيسائي ،ٻڌ ڌرم ۽ “ -
“بس بس بس ”،صفا چٽ ذري گهٽ اُٿي بيٺو ۽ ويهي رهيو .سندس منهن مان فتح جو احساس ظاهر ٿيڻ لڳو .چيائين“ ،تون
سياڻي ڪانو وانگر ٻه ٽنگو ڦاسي رهيو آهين ،سچل سرمست”.
مونکي توهانجي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ”.ٻنهي ٽهڪ ڏنو ۽ مون تان ٺٺولي ڪندي چيائون “ ،ڪهڙو مذهب!”
صفا چٽ چيو“ ،تون ڄائي ڄم کان مذهب ،مسجد ،نمازن ،پيرن ۽ بزرگن جي خالف آهين ،تون ڪميونسٽ آهين”.
مانگر مڇ هڪدم شعر پڙهيو:
“مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
پيرن بزرگن پنڊتن بيحد ڀُاليا،
ڪي نمازون نو ڙي پڙهن ،ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا ،عقل وارا عشق کي”.
صفا چٽ پڇيو“ ،ڇا اهو ملحدانه شعر تنهنجو ناهي؟”
کانسواء هن دنيا ۾ منهنجو ڪجهه به ڪونهي”. ِ وراڻيم “ ،تيل جي ڪڙائي ۽ پڪوڙن جي گاڏي
ڪجهه دير تائين ٻئي ٿلها خاموش رهيا.
“مسٽر سچل سرمست ”،مانگر مڇ نيٺ ڳالهايو.
“سچل سرمست نه ،مان سچل پڪوڙائي آهيان”.
“ ”،o.kهن کلندي چيو “ ،ڇا تون مسلمان آهين”.
“ها .پڪو”.
“توکي ڪنهن مسلمان ڪيو آهي؟”
“هان!”
“توکي ڪنهن مسلمان ڪيو هو؟”
“جي ! ڪنهن به نه”.
“ڪنهن به نه؟”
“منهنجو مطلب آهي ”،مان سندس آڏي پڇا آڏو هٻڪڻ لڳس،
“منهنجو مطلب آهي ،مان ڄائي ڄم کان مسلمان آهيان”.
“ڦاٿين ”،مانگر مڇ ٽيبل تي مڪ وهائي ڪڍي .چيائين
“ٻيهر ڦاٿين ،مسٽر سچل سرمست”.
صفا چٽ چيو “ ،پنهنجو هڪ بيت ٻڌ-
ڪلمي مونکي ڪين ڪيو ُمورئون مسلمان،
نڪو احمد موڪليو عرب کان ايمان،
سچو آهي سبحان ،ماڻهن ليکي آدمي”.
مانگر مڇ چيو “ ،جنهن ڳالهه جو اظهار هينئر ڪيو اٿئي ،تنهن جو اقرار پنهنجي هن شعر ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهين”.
“ڇا تون اڃان به انڪار ٿو ڪرين ته تون باغي شاعر سچل سرمست ناهين؟” صفا چٽ پچيو.
“مان سچل سرمست ناهيان ”.مون احتجاج ڪيو.
“اسان تون کي ٻيهر Catchڪنداسين”.مانگر مڇ ڇيو،
“خبردار ٿي ُء” ۽ هن ٻنهي هٿن جون ڀيڪوڙيل ُمڪون ٽيبل تي هڻي ڪڍيون.
قلندر لعل شهباز جو ُچو هو ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهيو .صفاچٽ پڇيو “ ،اُردو ڄاڻين”.
“واهه ”،وراڻيم “ ،هزارين اڙدو فلمون ڏٺيون اٿم ،اڃان به اڙدو نه ايندي ته قيامت ڏينهن ايندي”.
“ ”،Goodهن پڇيو “ ،پنجابي ڄاڻين؟”
“ها ”،وراڻيم “ ،فردوس منهنجي پسنديده اداڪاره آهي .هو َء پنجابڻ آهي .سندس پنجابي فلمون ڏسي ڏسي پنجابي سکي ويو
آهيان”.
“يعني تون پنجابي به ڄاڻين”.
“ها”.
“سرائڪي ڄاڻين؟” صفا چٽ پڇيو.
“ثريا ملتانيڪر جون سرائڪي ڪافيون سمجهي ويندو آهيان”.
“يعني ته سرائڪي به ڄاڻين”.
“ها”،
“فارسي به ايندي اٿئي؟” پڇيائون .
“ها ،پاڪستان جو قومي ترانو سمجهي ويندو آهيان”،
وراڻيم “ ،۽ مون کي اها به خبر آهي ته ڀوري َء کي پارسي َء ۾ عندليب چئبوآهي”.
“واهه واهه ”،مانگر مڇ خوش ٿيندي چيو “ ،ته تو کي فارسي به ايندي آهي”.
“ها .ڪجهه ڪجهه”.
“هندي ،ڄاڻين؟”
“ها .لعل پشپ ۽ گني سامتاڻي َء جا سنڌي افسانا سمجهي سگهندوآهيان”.
“۽ عربي؟”
“ڪلمي جي معني تشريح سان ايندي اٿم”.
“۽ سنڌي تنهنجي مادري ٻولي آهي؟” صفاچٽ پڇيو.
“ها”.
“ڦاٿين .سچل سرمست ڦاٿين ”.مانگر مڇ ميز تي مڪون هڻندي چيو “ ،تون هڪ ئي وقت اردو ،پنجابي ،سرائڪي فارسي،
عربي ،هندي ۽ سنڌي ڄاڻين ٿو .يعني تون ست ٻوليون ڄاڻين ٿو”.
صفا چٽ آڱر سان منهنجي منهن ۾ اشارو ڪندي چيو،
“تنهنجو ٻيو نالو شاعر هفت زبان به آهي .ڪيئن ،سچل سرمست!”
مانگر مڇ اکيون ڦوٽاريندي پڇيو “ ،ڇا ان کان وڌيڪ به تون ثبوت گهرين ٿو؟ تون سچل سرمست آهين .سو فيصدي،
خالص ۽ نجو سچل سرمست آهين”.
مان منجهي پيس .ٻنهي ٿلهن جا ثبوت ٻڌي مونکي به ٿورو ٿورو شڪ ٿيڻ لڳو ته مان سچل پڪوڙائي نه ،پر سچل سرمست
هوس.
صفا چٽ چيو “ ،تون سابق صوبه سنڌ* ڪفر ،الحاد ۽ ڪميونزم جو پرچار ڪري رهيو آهين”.
“ڪميونزم جو پرچار!” چيم“ ،سائين ،مان انبن جو اچار وجهي رهيو آهيان .توهان کي ڪنهن غلط خبر ڏني آهي”.
“اسان کان ڪوبه جديد شاعر بچي نه سگهندو ”،مانگر مڇ چيو.صفا چٽ چيو “ ،اڄ تون گرفتار ٿيو آهين .سڀاڻي کان هڪ
ٻئي انقالبي شاعر جي ڳوال شروع ڪنداسين”.
پڇيم “ ،اهو ڪير خوشنصيب آهي جيڪو توهان کان بچي ويو آهي؟”
“اوهه! ته تون پنهنجي ساٿي انقالبي شاعر کي سڃاڻڻ کان به انڪار ٿو ڪرين!”
“ساٿي! منهنجو ساٿي؟”
“ها ،تنهنجو ساٿي “ ،مانگر مڇ چيو “ ،ڇا تون شاهه عبداللطيف ڀٽائي َء کي سڃاڻڻ کان به انڪار ٿو ڪرين”.
قلندر لعل شهباز جو چوهو اُٿي بيٺو ۽ حيرت مان ٿلهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
“ڪيئن! پنهنجي ساٿي َء جو نالو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويئه نه؟”
صفا چٽ چيو ”،اسان کان ڪوبه بچي نه سگهندو”.
مانگر مڇ چيو “ ،اڄ سچل سرمست تون گرفتارٿيو آهين”
سڀاڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وارو آهي”.
اُن وقت قلندر لعل شهباز جو چوهو مٿو پٽيندو ڊوڙندو ،ٻاڪڙا هوٽل مان ٻاهر نڪري ويو.
جالوطن
جالوطن
ٿوهر جي ٽڙيل پکڙيل پاڇن ۾ هڪ ڏتڙيل حال شخص مٿي هيٺان ڀتر ڏيئي سمهيو پيو هو .ڪپڙا ليڙون ۽ وار وکريل هئس.
منهن تي صدين جي ستم ظرفي َء جا گهنج هئس.
کانپوء کيس پنهنجي سيني تي ڪجهه چڀندو محسوس ٿيو.
ِ ٿوري دير
هن اک کولي نهاريو.
خاڪي ڪپڙن سان هڪ ڪاموري قسم جو ڏنڊو مشٽنڊو مرد کيس بيد جي لڪڻ سان جاڳائي رهيو هو.
خاڪي ڪپڙن واري مرد چيو“ ،اُٿو جي .ايڊي ننڊ ناڪر”.
ڏتڙيل شخص پڇيو“ ،سمهڻ تي به بندش پئجي ويئي آهي ڇا؟”
سمدو آهي!”“اُٿو جي ،اُٿو ”.خاڪي ڪپڙن واري وٽيل سٽيل مرد ڳالهايو“ ،ٿوهر جي ڇان ۾ به ڪو ُ
هو اُٿي ويٺو .ليڙن سان انگ ڍڪيندي وراڻيائين“ ،هتان جا وڻ وڍجي ويا آهن .هي َء سنڌ آهي”.
“او ڇڊو جي ”.مرد رعبدار آواز ۾ چيو“ ،اچو ،جيپ کي ڌڪو ڊيو”.
هو اُٿي بيٺو .ليڙون لٽا ڇنڊي خاڪي ڪپڙن واري شخص جي ڪڍ هلندو ،ڪچو ڇڏي ڏامر جي پڪي رستي تي اچي پهتو.
سڙڪ تي جيپ بيٺي هئي.
جيپ ۾ رنگا رنگي ڪپڙن ۽ خوشبو َء سان ٻهڪندڙ عورتون ويٺيون هيون .خاڪي ڪپڙن واري مرد جيپ ۾ ويهندي ڏتڙيل
شخص کي چيو“ ،ها سائين ،لگايو جي ڌڪو”.
هن جيپ کي ڌڪو ڏنو .جيپ جي بند مشين اُٺ جي اوڳر جهڙا آواز ڪري ،گهرڙاٽ ڪري هلڻ شروع ڪيو.
خاڪي ڪپڙن واري مرد بريڪ تي پير رکي ،جيپ بيهاريندي چيو“ ،اسين ڀٽ شاهه ونجي رهيا آهيون .تون شاهه لطيف
جو ميلو ڊسندين؟”
“مان ڀٽ شاهه کان جالوطن ٿيل آهيان ”.هن نرڙ تان پگهر اُگهندي وراڻيو“ ،مون کي ڀٽ شاهه تي پير پائڻ جي به اجازت
ناهي”.
خاڪي ڪپڙن واري مرد کيس حيرت وچان وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو .پڇيائين“ ،تون ڪير آهين”.
پوء ٿوهر جي ٽڙيل پکڙيل پاڇن ڏانهن هليو ويو.
“مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهيان ”.هن جواب ڏنو ۽ ِ
Posted by wahabsahito at 9:47 AM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
شڪست
شڪست
صبح جا يارهن ٿيا هئا.
جاء نه هئي .سمورو هال عورتن ،مردن ۽ ٻارن سان سٿيو پيو هو .جن کي اندر جا ِء نه ملي هئي، بسنت هال ۾ پير رکڻ جي ِ
سي هال جي ٻاهران ورانڊي ،ڏاڪڻ ،اڱڻ ۽ اڱڻ جي ڀتين تي ويٺا ۽ بيٺا هئا .ڪجهه ماڻهو وڻن جي ٽارين تي چڙهي ويا
هئا.
گذريل هڪ ڪالڪ کان جيڪو جتي هو ،اُتي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو .ڪن جون اکيون اچرج ۾ ڇنڀڻ وساري ويٺيون هيون ۽
ڪن جون ڄاڙيون حيرت کان لٽڪي پيون هيون .ڪي وات ڦاڙي ۽ ڪي گاڏين هيٺان هٿ ڏيئي پروفيسر ڪريم جو اندر
مان اُڀرندڙ آواز ۽ آواز ۾ سندس بين االقوامي اڀياس ٻڌي رهيا هئا .سندس آواز اونهو ،لفظ چٽا ۽ لهجو گنڀير هو .هو جملن
جوڙڻ جو جادوگر هو.
پروفيسر ڪريم وچولي قد جو هو .سندس عمر چاليهه کن سال هئي .مٿي جا وار لوندڙين وٽان اڇا ٿي ويا هئس .سندس نڪ
سنهو هو .نڪ جي مٿان نرڙ تي الڳيتو سوچڻ سبب ُگنڊ پئجي ويو هوس .سندس اکيون وڏيون ،ذهين ۽ مقناطيسي ڪشش
رکندڙ هيون .سندس منهن تي ميڪسم گورڪي َء وانگر گهاٽيون ۽ واڇن وٽان وريل ُمڇون هيون .رنگ سانورو هوس .بدن
پورو پُنو ۽ هاٺي ويڪري هئس .الڳيتو هڪ ڪالڪ تائين ڳالهائڻ ڪري ٿڪل ٿڪل ٿي ڏٺو.
سري آيو .ٿورڙو ج ُهڪي ،نوڙي ڳوڙهي آواز ۾ چيائين، پروفيسر ڪريم هڪ هٿ مائيڪرو فون ۾ وجهندي ڪجهه اڳتي ُ
پوء به،
ِ کان رڻ گذ صدين پر آهن. رهيا بدلجندا سڙندي ۽ “ دوستو ،انساني وهنوار جا قدر وقت جي کوري ۾ کامندي ،پڄرندي
انسان ذات جي هڪ ٻئي ڏانهن نفرت ۽ حقارت ،ڏاڍ ۽ ڏهڪا ُء جا بنيادي سبب ساڳيا رهيا آهن”.
الء ٻڌندڙن تي اُڏامندڙ نگاهه وجهي اکيون بند ڪري ڇڏيون. هُن آواز روڪي ،جملو اڻپورو ڇڏي ،هڪ گهڙي َء ِ
آهستي آهستي اکيون کوليندي ،هن چيو “نئين منزل جا همسفر رفيقو ،ساٿيو ،ازل کان اڄ تائين نفرت جي واگهه نک مان
ٽمي ،ڌرتي َء جي دامن کي داغدار ڪندڙ انساني رت ،انصاف جي عدالت ۾ مذهبي جنون ،نسلي برتري ۽ نظرياتي
الء آلو آهي ۽ قيامت تائين آلو رهندو”.
ڪشمڪش تي شاهدي ڏيڻ ِ
هڪ نگاهه بسنت هال جي گرڊرن تي وجهندي چيائين“ ،ظلم هر دور ۾ ،هر حال ۾ ساڳيو رهيو آهي ،فقط مظلوم بدلجي ويو
عيسي بدلجي ويو آهي ،ڪربال جو ٰ آهي .زهر جو پيالو ساڳيو آهي ،فقط سقراط بدلجي ويو آهي .صليب ساڳيو آهي ،پر
ميدان ساڳيو آهي ،پر حسين ابن علي بدلجي ويو آهي”.
ٻئي ٻانهون بلند ڪندي ،جذباتي لهجي ۾ چيائين “ ،انسانيت جا محافظو! اچو ته اڄ هٿ هٿ ۾ مالئي عالمي امن ۽ پيار کي
پنهنجي دائري ۾ پناهه ڏيون .اچو ته اڄ اسين مظلوم ۽ ڏتڙيل حال انسان عهد ڪريون ته اسين هن ڌرتي َء ال ِء نئون آدرش
ٿينداسين .اسين مذهبي جنون ،نسلي برتري جي احساس ۽ نظرياتي ڪشمڪش جي آدم خور آڏو هماليه وانگر اٽل ٿي
بيهنداسين ۽ ڏتڙيل انسانيت جي حفاظت ڪنداسين”.
پروفيسر ڪريم ڪرسي َء تي ويهي رهيو.
ُ
سڄو هال تاڙين جي ڦهڪي سان ڦاٽڻ لڳو .جيڪي ڪرسين تي ويٺا هئا ،سي اٿي بيٺا .جيڪي ماڻهو ورانڊي ۽ ڏاڪڻ وٽ
بيٺا هئا ،سي هال ۾ ڌوڪڻ لڳا .وڻن ۽ ڀتين تان هر ڪو هيٺ لهڻ لڳو .ائين پي ڏٺو ،ڄڻ ماڻهن جو سيالب هو ۽ بند ڀڃي
اندر هال ۾ ڪاهيندو پي آيو.
پروفيسر ڪريم ٽيبل تان پاڻي َء جو گالس کڻي ٻه ڍڪ مس ڀريا هوندا جو عقيدتمندن جو بي پناهه هجوم کيس وڪوڙي ويو.
هن گالس ٽيبل تي رکي ڇڏيو .ايڏي گوڙ گهمسان ۾ ڪوبه لفظ ،ڪوبه جملو چٽو نه هو .آواز جو سمنڊ هو.
منتظمين جون وايون بتال ٿي ويون .هو هجوم کي پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳا.
جلسي جو سيڪريٽري ،پروفيسر ڪريم وٽ آيو .چيائين“ ،سائين ،پوئين در کان نڪري هلو”.
پروفيسر ڪريم اٿي بيٺو .اڃا اتيئي بيٺو هو ،جو ڪجهه شاگرد پيهه کي چيريندا هئا ،واٽ ڪندا وٽس اچي نڪتا .کين هٿن ۾
آٽو گراف بُڪ هئا .هر هڪ پنهنجو پنهنجو آٽو گراف بڪ اڳتي وڌائڻ لڳو .پروفيسر کانئن آٽو گراف بُڪ وٺي پنهنجي
صحيحي َء سان گڏ ڪهن عالم جو قول ،ڪو بيت ۽ ڪا نصيحت لکي بُڪ موٽائيندو ويو .ائين ڪندي ،ڪي چاليهه آٽو
گراف بڪ صحيحي ڪري ويو .انتظاميه جو سيڪريٽري فڪرمند ٿيڻ لڳو .سوين ماڻهو ڪاغذ ،نوٽ ،نوٽبڪ ،آٽو گراف
بڪ ۽ جيڪا به لکڻ الئق ڪا شئي هٿ لڳن ،کڻي ،پروفيسر ڪريم کي وڪوڙي ويا.
سيڪريٽري َء پروفيسر ڪريم کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو“ ،سائين ،نڪري هلو ،نه ته چيڀاٽجي وينداسين”.
پروفيسر ڪريم سيڪريٽري َء ڏانهن ڏٺو ۽ ڪلها لوڏي ڪنڌ سان ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيائين.
سيڪريٽري نوجوان هو ۽ هڪ مقامي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو .جلسي جو انتظام “ٿنڪرس فورم” طرفان هن ئي ڪرايو
هو .کيس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته پروفيسر ڪريم ڪو ايتريقدر مقبول هوندو هو جو سندس تقرير ٻڌڻ ۽ کيس ڏسڻ جي
شوق ۾ حيدرآباد جو سارو شهر اُٿلي پوندو .هن ساڳئي بسنت هال ۾ ملڪ جي مشهور مفڪرن کي خالي ڪرسيون ڏسي
فڪر مند ٿيندي ڏٺو هو .هن هال ۾ وڏن وڏن عالمن جون تقريرون هلندي ٻڌندڙن کي اوٻاسيون ڏيندي ۽ هال مان کسڪندي
ڏٺو هو .پنهنجي ان تجربي جي آڌار تي هن اڌو گابرو انتظام ڪيو هو .ٿنڪرس فورم جي ڪن ميمبرن کيس خبردار به
ڪيو هو ،پر هن سندس ڳالهه رد ڪندي کين چيو هو“ ،ميان ،پروفيسر ڪريم ڀل يورپ ،مشرق بعيد ۽ وچ مشرق ۾
کانپوء پنهنجي وطن وريو آهي .ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ِ مشهور هجي ،پر هتي خير ڪو سڃاڻيس .وڏي ڳالهه ته اڄ ڏهن سالن
اچن ته شڪر ڪجو”.
الء حيدرآباد گهرايو ويو ،تڏهن سندس تقرير ٻڌڻ پر اُن ڏينهن صبح جو جڏهن پروفيسر ڪريم کي عالمي امن تي ڳالهائڻ ِ
الء سوين نه ،پر هزارين شهري اڳواٽ بسنت هال ۾ پهچي ويا .سيڪريٽري َء جي اک به تڏهن ُکلي ،جڏهن يونيورسٽي َء ۽ ِ
ڪاليجن جي پروفيسرن ،ليڪچرارن ،عالمن ،اديبن ۽ صحافين کي هال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو .خلق ۾ وڏو تعداد شاگردن جو
الء ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کي چيو هو“ ،يار ،مون کي خبر نه هئي ته اڄوڪو نسل هو .سيڪريٽري َء ڦڪائي الهڻ ِ
الء ايترو آتو آهي!”
امن ِ
الء ڪيتري قدر آتو آهي! اها خبر سيڪريٽري َء کي تڏهن پيئي جڏهن پروفيسر ڪريم پنهنجي تقرير اڄوڪو نسل امن ِ
پوري ڪئي.
هڪڙي غيرملڪي اخباري نمائندي پنهنجي ڊڪٽافون جو مائيڪ پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌائيندي سوال ڪيو“ ،عالمي امن
نظرياتي ڇڪتاڻ ۾ ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي .پر اوهان نظرياتي ڪشمڪش سان گڏ مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جو به
الء هاڃيڪار آهن .مهرباني ڪري وضاحت ڪندا”. ذڪر ڪيو آهي ،جيڪي امن ِ
پروفيسر ڪريم بدران ،سيڪريٽري َء اخباري نمائندي کي جواب ڏنو“ ،پروفيسر ڪريم شام جو پريس ڪانفرنس سڏائي
آهي .هن وقت کانئن ڪجهه پڇڻ مناسب ناهي”.
“مان پروفيسر ڪريم کي يورپ کان وٺي رڪارڊ ڪري رهيو آهيان ”.اخباري نمائندي چيو“ ،هن وقت دنيا ۾ فقط ٽي
مفڪر آهن جيڪي هزارن جي هجوم ۾ به حواس قائم رکي اخباري نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندا آهن ۽ انهن مان هڪ
پروفيسر ڪريم آهي”.
“جئڪ” پروفيسر ڪريم غيرملڪي نمائندي کي چيو“ ،تو مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جي باري ۾ پڇيو آهي نه؟”
“ها سائين”.
پروفيسر ڪريم جي چوگرد بيٺل ماڻهو خاموش ٿي ويا.
هن چيو“ ،جئڪ ،ابراهام لنڪن ۽ مهاتما گانڌي جيئرا آهن”.
“جيئرا آهن!” اخباري نمائندي جئڪ کان ڇرڪ نڪري ويو.
“ها ،جيئرا آهن ”.پروفيسر ڪريم وراڻيو“ ،جڏهن کان کين شهيد ڪيو ويو آهي ،تڏهن کان ٻئي ڄڻا انسانيت جي عدالت ۾
نسلي امتياز ۽ مذهبي وحشيپڻي تي شاهد ٿيا بيٺا آهن”.
“مارٽن لوٿرڪنگ جي باري ۾ توهان جو ڇاخيال آهي؟”
“هو دنيا جي عظيم انسانن منجهان هڪ آهي”.
“ڇا هو آمريڪا جي شيدين کي اڇي آدمشماري َء خالف نه پيو ڀڙڪائي؟”
“هرگز نه ”،پروفيسر ڪريم جي نرڙ تي ُگنڊ ظاهر ٿي پيو .چيائين “مارٽر لوٿر ڪنگ جي چوڻ موجب آمريڪا ۾ ڪارن
ماڻهن جي اڇن ماڻهن خالف جدوجهد نه آهي ،بلڪه مظلوم جي ظلم خالف ،ڏتڙيل جي بي انصافي َء خالف ۽ روشني َء جي
اوندهه خالف جدوجهد آهي .پر تون ڏسندين جئڪ ،ته مارٽن لوٿر ڪنگ کي حق جي راهه ۾ پنهنجي ِس َر جو نذرانو ڏيڻو
پوندو”.
هڪڙي اردو روزاني اخبار جي نمائندي وچ مان پڇيو” ،ان لحاظ کان توهين سمجهو ٿا ته پاڪستان ُڇٽو پيو آهي”.
“نه”.
“ڪيئن”.
کانپوء هتان جي عوام تي جيڪاِ “ 1947کان 1958تائين ،پاڪستان جا پهريان يارهن سال افراتفري َء ۾ گذري ويا1958 .
فوجي ۽ ڪاموري آمريت مڙهي ويئي آهي ،تنهن سندن حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن .پاڪستان سنڌي ،پنجابي ،بنگالي،
پٺاڻ ۽ مهاجر جي ڇڪتاڻ ۾ ولوڙجي ويندو”.
سيڪريٽري َء چيو“ ،سائين پيهه سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي .خدارا نڪري هلو”.
“جئڪ ”.پروفيسر ڪريم چيو“ ،پاڻ وڌيڪ شام جو ڳالهائينداسين”.
“شام جو مان نه اچي سگهندس ”.جئڪ چيو“ ،اڄ شام جو مونکي ڪراچي َء ۾ پريزيڊنٽ ايوب خان جي پريس ڪانفرنس ۾
شريڪ ٿيڻو آهي .توهين مهرباني ڪري منهنجي سوال جي پوئين حصي تي پنهنجو رايو ڏيو”.
“تنهنجي سوال جي پوئين حصي جي جواب ۾ دنيا جون اُهي جنگيون آهن ،جيڪي مذهب جي نالي ۾ وڙهيون ويون آهن .يا
اُهي ملڪ جيڪي مذهب جي نالي ۾ ٺاهيا ويا آهن ،يا ورتا ويا آهن”.
“مثال طور؟”
“اسرائيل ۽ ”-پروفيسر ڪريم هڪدم جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
نوجوان سيڪريٽري َء ٽيڏي اک سان سي – آ ِء – ڊي وارن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
پروفيسر ڪريم ڊائس تان هيٺ لٿو .هال جي پوئين در وٽ ٻيهر ماڻهو کيس ورائي ويا .ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کيس
پنهنجي گهيري ۾ آڻي ،ماڻهن کان بچائي ٻاهر آندو.
الء لفظ نٿي مليا .هنڪار تائين پهچڻ کان اڳ هڪ نوجوان سندس سامهون اچي بيٺو .عقيدت جي شدت کان کيس ڳالهائڻ ِ
هٻڪندي چيو“ ،سائين مان فرينچ لٽريچر جو شاگرد آهيان”.
پروفيسر خوش ٿي ساڻس هٿ ماليو.
نوجوان چيو“ ،سائين ،اخبارن ۾ پڙهيو هيم ته البرڪامو َء جي ايڪسيڊنٽ کان وٺي مرڻ گهڙي َء تائين توهين وٽس هئا”.
پروفيسر ڪريم جي منهن تي ڏک جو پاڇولو تري آيو ۽ موٽي ويو.
“سائين” نوجوان چيو“ ،مان البرڪامو َء جو مداح آهيان ،يا کڻي ائين سمجهو ته مان ڪامو َء جو عشق آهيان”.
سيڪريٽري َء نوجوان کي چيو“ ،پروفيسر ڪريم صاحب کي آرام جي سخت ضرورت آهي .کين شام جو پريس رپورٽرن
کانپوء پڪي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو اٿن”. ِ سان ملڻو آهي ۽ ان
“مون کي بس هڪڙي ڳالهه پڇڻ ڏيو ”.نوجوان عرض ڪيو“ ،سائين ،البرڪامو مرڻ کان اڳ ڪجهه چيو هو”.
“ها ”.پروفيسر ڪريم ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويو .چيائين“ ،البرڪامو َء مرڻ کان اڳ چيو هو،
ته اڄوڪي انسان کي ٻٽي جنگ لڙڻي آهي .هڪ ظلم جي ظاهري قوتن سان ۽ ٻي پنهنجي اندر ۾ لڪل وحشي جذبن سان”.
“بس سائين ،مهرباني ”،نوجوان ،پروفيسر ڪريم جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليو ۽ سندس اکيون ڀرجي آيون.
سيڪريٽري ۽ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن دائرو ٺاهي پروفيسر ڪريم کي پيهه کان جدا ڪري ڇڏيو .هو آهستي آهستي
موٽر ڏانهن وڌڻ لڳا .موٽر جي در وٽ ڪجهه ماڻهن کيس آٽو گراف بڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر انتظاميه جي ميمبرن
کين روڪي ڇڏيو .هڪ ميمبر موٽر جو در کولي بيٺو .پروفيسر ڪريم موٽر ۾ وڃي ويٺو .ميمبر در بند ڪري ڇڏيو.
هڪ اٺن – ڏهن سالن جو ٻار گلدستو کڻي موٽر ڏانهن وڌندو پي آيو .ماڻهن کي ڌڪيندو ،پيهه مان واٽون ڪندو ،ڌڪا ڏيندو
۽ ڌڪا کائيندو هو موٽر وٽ اچي پهتو .اُن وقت موٽر آهستي آهستي ُچرڻ شروع ڪيو .ٻار ڊُڪ پاتي .پير وچڙيس .ٿاٻو
کائي سڙڪ تي ڪري پيو .گلدستو هٿن مان نڪري ويس .هن نماڻا نيڻ کڻي موٽر ڏانهن ڏٺو.
پروفيسر ڪريم منهن ورائي ٻارڙي ڏانهن ڏٺو ۽ ڊرائيور جي ڪلهي تي هٿ رکيو .ڊرائيور موٽر بيهاري ڇڏي.
هو موٽر مان لهي آيو .هن ٻار کي ٻانهن کان وٺي سڙڪ تان کڻي ورتو .ڪپڙا ڇنڊيندي ،سندس نگاهه ٻار جي رهڙيل
ٺونٺ تي پيئي جنهن مان رت ٽمي رهيو هو .هن هڪدم رومال ڪڍي ٻار جي زخم تي رکيو.
اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو .ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ۽ ميمبر وائڙن وانگر پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳا .ايتري ۾
ڪجهه ٻيا ماڻهو به ميڙ ڪري بيٺا.
پروفيسر ڪريم ٻار جي نرڙ تان وار پري ڪري سندس منهن ۾ نهاريو .ڪجهه دير هو ٻار جي منهن ۾ ڏسندو رهيو.
الء حيرت ليئو پائي ورتو .ٻار سڙڪ تان گلدستو کڻي ڏانهس وڌايو .هن گلدستو وٺندي ٻار سندس گنڀير منهن مان کن پل ِ
کي وارن تي ِمٺي ڏني ۽ موٽي وڃي موٽر ۾ ويٺو.
موٽر بسنت هال وٽان هلي جيستائين جنرل پوسٽ آفيس تائين پهتي ،تيستائين هو ٻار ڏانهن ڏسندو رهيو.
سيڪريٽري َء اهڙي نوع ۾ ڳالهايو ،ڄڻ پروفيسر ڪريم جي معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ پي چاهيو .چيائين“ ،اهو ڇوڪرو
پکراج جو پٽ آهي .حرامي ٻار آهي”.
پروفيسر ڪريم کيس جواب نه ڏنو.
موٽر جي پوئين سيٽ تي پروفيسر ڪريم ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ويٺا هئا ۽ اڳين َء تي ڊرائيور جي ڀرسان فورم جا
ٻه ميمبر ويٺا هئا.
سيڪريٽري َء چيو“ ،پکراج حيدرآباد جي مشهور Prostituteآهي”.
هن رنڊي َء بدران لفظ پراسٽيٽيوٽ استعمال ڪندي پنهنجي پَ َر ۾ لفظ جي زهر کي ڪيپسول ۾ وجهي ڇڏيو.
موٽر جي اڳين سيٽ تي ويٺل هڪ ميمبر منهن ورائيندي چيو“ ،سائين ،وڏا وڏا واپاري ،زميندار ۽ سرڪاري آفيسر قدردان
اٿس .سندس هڪ اشاري تي سرڪاري نظام جي ڪايا پلٽجي سگهي ٿي”.
پروفيسر ڪريم جي نڪ مٿان نرڙ تي گنڊ جو نشان ظاهر ٿي پيو.
الء چيو“ ،ارنيسٽ هيمنگوي جي مرڻ تي توهان جيڪو تبصرو ڪيو هو ،سو پاڪستان جي سيڪريٽري َء ڳالهه بدالئڻ ِ
گهڻن ئي عالمن کي پسند نه آيو”.
“۽ توهان کي؟” پروفيسر ڪريم سيڪريٽري َء ڏانهن ڏسڻ بنا پڇيو.
سيڪريٽري َء جا حواس خطا ٿي ويا .سندس ٻنهي ساٿين اڳين َء سيٽ تان منهن ورائي ڏانهس ڏٺو ۽ سندس بيڪسي ڏسي
منهن ڦيرائي ويهي رهيا.
“هيمنگوي دنيا کي گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ دنيا کان گهڻو ڪجهه ورتو ”.پروفيسر ڪريم چيو“ ،هن ڀرپور زندگي گذاري.
جڏهن پاڻ کي ڪارائتو نه ڀانئيائين ،تڏهن خودڪشي ڪيائين .سندس اهو عمل عظيم هو .مان پاڪستاني عالمن ۽ ُملن کي
الء پنهنجو رايو نه مٽائيندس”.
خوش ڪرڻ ِ
سسي ويو.موٽر يونيورسٽي َء وٽان ٿڌي سڙڪ ڏانهن ڦري ويئي .ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ُ
اڳين َء سيٽ تان هڪڙي ميمبر منهن ورائيندي آهستي چيو“ ،سائين ،اجازت هجي ته ڪجهه پڇان؟”
پروفيسر ڪريم هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ميمبر چيو“ ،اوهان جي تقرير مان ائين پئي محسوس ٿيو ،ڄڻ اوهين مذهب جي خالف آهيو؟”
“مان ڪير ٿيندو آهيان مذهب جي خالف ٿيڻ وارو ”.پروفيسر ڪريم چيو“ ،مذهب مان منهنجو مطلب فقط اسالم نه آهي.
مذهب جي لفظي اصطالح ۾ اسالم ،هندو ڌرم ،عيسائي ،جين ۽ ٻيا مذهب اچي وڃن ٿا .جهڙيون حالتون رونما ٿي رهيون
آهن ،تنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته مذهب هن صدي َء جي پڄاڻي َء تائين ،يا ايندڙ صدي َء جي شروعات ۾ پنهنجو موت
جاء معاشي ۽ اقتصادي برابري َء جون قوتون واالرينديون”. پاڻ مري ويندو .مذهب جي ِ
هوٽل انڊس تائين ڪنهن نه ڳالهايو.
موٽر هوٽل انڊس جي حد ۾ داخل ٿي ۽ در جي سامهون وڃي بيٺي.
پروفيسر ڪريم در کولي ٻاهر نڪري آيو .سيڪريٽري ۽ فورم جا ٻه ميمبر به موٽر مان لهي آيا .پروفيسر ڪريم ڪنڌ
جهڪائي هوٽل جي ورانڊي ڏانهن هليو ويو .هو ٽيئي سندس پٺيان هلڻ لڳا.
الء.
الء ۽ ٻيو مالقاتين سان ملڻ ِ
الء ٻه ڪمرا مخصوص ڪرايا ويا هئا .هڪ سندس ذاتي استعمال ِ پروفيسر ڪريم ِ
بيرو اڳواٽ ئي سندس ڪمري جو در کولي ادب سان بيٺو هو .هو چاريئي ڪمري ۾ داخل ٿيا .سيڪريٽري َء پروفيسر
ڪريم کي هڪ ڪارڊ ڏيندي چيو“ ،هن تي شهر جا اهم ٽيليفون نمبر لکيل آهن .اسين به هر وقت حاضر آهيون”.
الء بلڪل اڪيلو رهڻ چاهيان ٿو”. پروفيسر ڪريم آرام ڪرسي َء تي ويهندي چيو“ ،مان ڪجهه دير ِ
سيڪريٽري َء چيو“ ،اسين هوٽل جي انتظاميه کي هدايت ڪري ڇڏيون ٿا ته اخباري نمائندن جي ڪانفرنس کان اڳ توهان
کي تڪليف نه ڏين”.
“مهرباني ”.هن اکيون بند ڪري ،مٿو ڪرسي َء جي ٽيڪ سان لڳائي ڇڏيو.
هو ٽيئي ڪمري مان نڪري ويا .بيري آهستگي َء سان در ٻيڪڙي ڇڏيو.
الء ڊپٽي
الء بندوبست ڪرائڻ ۽ جلسي ۾ انتظام رکائڻ ِ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري َء ۽ ٻه ميمبر رات جي جلسي ِ
ڪمشنر جي آفيس ڏانهن هليا ويا .ويندي ويندي هوٽل جي رسيپشنسٽ کي تاڪيد ڪري ويا ته شام واري پريس ڪانفرنس
کان اڳ ڪنهن کي به پروفيسر ڪريم سان ملڻ نه ڏي.
رسيپشنسٽ ٽيليفون تي پروفيسر ڪريم کان پڇيو“ ،سر ،لنچ تيار آهي”.
ان هڪ جملي کان وڌيڪ هُن ڪجهه نه ڳالهايو .رسيور ٽيليفون تي رکندي بيري کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيائين.
بيرو ڊوڙندو آيو.
بيري کي چيائين“ ،پروفيسر ڪريم لنچ نه کائيندا ،فقط ڪافي َء جو ڪوپ پيئندا”.
“يس سر” بيرو هليو ويو.
پروفيسر ڪريم ڪافي َء جا ٻه ڍُڪ ڀري ،ڪوپ ٽيبل تي رکي ،آرام ڪرسي َء جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيو .سندس منهن
مان ٿڪ ظاهر ٿي رهيو هو .هن اکيون کولي ،هٿ وڌائي ٽيبل تان ڪافي َء جو ڪوپ کڻي ورتو ۽ سپ سپ ڪري ڪافي
پيئڻ لڳو .ڪافي پيئندي ،ٽيبل تي رکيل اخبارن جون اهم خبرون نظرن مان ڪڍندو ويو .ملڪ جون ذري گهٽ سموريون
اخبارون سامهون رکيل هئس .سڀني اخبارن جون اهم خبرون پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان جي باري ۾ هيون .پريزيڊنٽ
ايوب خان وڻ پوکيو – پ ريزيڊنٽ ايوب خان هڪ هوٽل جو افتتاح ڪيو .پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان بنيادي جمهوريت
جي ميمبرن سان مالقات ڪئي .پريزيڊنٽ ايوب جيڪي ڪينيڊي َء کي هڪ گهوڙو تحفي طور ڏنو .پريزيڊنٽ ايوب –
پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب ۽ پريزيڊنٽ ايوب.
هن خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي ،ڪال بيل وڄائي.
بيرو ادب سان ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻڻ لڳو.
پروفيسر ڪريم جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو“ ،هي اخبارون کڻي وڃ”.
بيري ٽيبل تان اخبارون کڻي ورتيون ۽ ڪمري مان نڪري ويو.
کانپوء هو آرام ڪرسي َء تان اُٿيو .ڪوٽ الهي ڪلي َء تي ٽنگيائين .پاسي ۾ رکيل ڊريسنگ ٽيبل تان ڦڻي ِ بيري جي وڃڻ
کڻي وارن کي جائيتو ڪيائين .ڦڻ ي رکندي ،آئيني جي عڪس ۾ سندس اکيون اٽڪي پيون .پنهنجين اکين ۾ اکيون وڌائين ته
ڪجهه دير تائين پنڊ پهڻ ٿي ويو .سندس دل تي ان ٻارڙي جي ياد تري آئي ،جيڪو بسنت هال وٽ موٽر جي ٻاهران
گلدستي سميت سڙڪ تي ڪري پيو هو .ٻارڙي جي منهانڊن ۾ کيس پنهنجا منهانڊا نظر آيا هئا .آئيني جي آڏو کيس پنهنجي
ننڍپڻ جو خيال آيو .سوچيائين ،جڏهن پاڻ اٺن – ڏهن سالن جو هوندو ،تڏهن ضرور ان ٻار جهڙو هوندو.
آئيني وٽان هٽي ويو .پلنگ تي وڃي ليٽيو .ويهاڻي تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيائين .اکيون بند ڪيائين ته اکين آڏو
بسنت هال جو نظارو تري آيس .ڪن ن ۾ تاڙين جا آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳس .تڏهن ازخود سندس آڱريون بند اکين جي پنبڻين
سان وڃي لڳيون.
اکيون آليون هئس .بند اکين جي ڪُنڊن مان لڙڪ لڙي ،ويهاڻي تي ڳڙي آيس .ايتري عزت ۽ ايتري ناموس هوندي به سندس
اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي .هڪ غم هو ،غم جو احساس هو ،جيڪو کوري وانگر سندس وجود ۾ کامي رهيو هو .جبل جيڏو بار
ضمير جي مٿان اچي ڪريو هوس ،جنهن جي ضرب ۾ هو روح تائين گهائل ٿي ويو هو .پنهنجي وجود ۾ کامندڙ کوري کي
الء هزارين ڪتابن جي الء هن ڌرتي َء جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ ڌڪا کاڌا هئا .چٿيل چچريل ضمير تان ندامت جو بار الهڻ ِ ٺارڻ ِ
مطالعي جو بار کڻي ورتو هئائين .اندر واري انسان کي ،جنهن کي پنهنجن هٿن سان سوري َء تي لٽڪايو هئائين ،تنهن کي
سوري َء تان الهي ورتائين .کيس بچائي ورتائين ،پر سندس خشڪ ۽ ڪومايل چپن کي ُمرڪ موٽائي نه سگهيو .وطن
وريو ته پاڻ سان عالمي شهرت کڻي آيو .نالو کڻي آيو ،ناموس کڻي آيو؛ پر جنهن قلبي سڪون جي ڳوال ۾ نڪتو هو ،سو نه
آڻي سگهيو!
سنڌ ُ سنڌُ ساڻو – اک لڳي ويس. ٿڪل ذهنَ ،
اک کليس .واچ ۾ وقت ڏٺائين .شام جا پنج ٿيا هئا .ساڍي پنجين لڳي کيس اخباري نمائندن سان مالقات ڪرڻي هئي .پلنگ تان
اُٿي ،ڪال بيل جي بٽڻ تي آڱر رکيائين .بيروڪمري ۾ داخل ٿيو .بيري کي چانهه آڻن جو چئي ،غسلخاني ۾ هليو ويو.
غسلخاني مان نڪتو ته بيري اڳواٽ ئي چانهه جي ٽري ٽيبل تي آڻي رکي هئي .بيرو پرڀرو بيٺو هو .هٿ ۾ وزٽنگ ڪارڊ
هئس.
کانسواء چيو.
ِ “رک” هن ڏانهس ڏسڻ
بيرو وزٽنگ ڪارڊ ميز تي رکي هليو ويو.
ڪرسي َء تي اچي ويٺو .چانهه جو ڪوپ ٺاهيندي وزٽنگ ڪارڊ ڏٺائين .ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن ۽ رسالن جي نمائندن
جا ڪارڊ هئا.
واچ ۾ وقت ڏٺائين .سوا پنج ٿيا هئا .هن سپ سپ ڪري چانهه پي ،خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي ڇڏيو .ڪپڙا مٽائي ٻاهر
الء تيار ٿي بيٺو.
نڪرڻ ِ
بيرو اندر آيو .ادب سان چيائين“ ،سائين ،پکراج اوهان سان ملڻ آئي آهي”.
پروفيسر بيري ڏانهن نهاريو.
بيري ادب سان چيو“ ،شهر جي مشهور طوائف آهي ،مون ته”
بيري پنهنجو جملو پورو نه ڪيو ،پروفيسر ڪريم جي منهن تي ُگنڊ ڏسي خاموش ٿي ويو.
الء وقت ڪونهي”. پروفيسر واچ ۾ وقت ڏسندي چيو“ ،چئينس ،مون وٽ ملڻ ِ
الء ملندي”.
ِ منٽن پنجن فقط ٿي “مون ته اڳواٽ ئي چئي ڇڏيس ”.بيري وراڻيو“ ،پر چوي
هن واچ ڏسندي پڇيو“ ،ڪٿي آهي؟”
“مالقاتي ڪمري ۾”.
“۽ اخباري نمائندا؟”
“اُهي هوٽل جي الئونچ ۾ ويٺا آهن”.
“تون هل ”.پروفيسر ڪريم چيو“ ،هينئر پنج لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن .مان پوري ساڍي پنجين لڳي الئونج ۾ ايندس”.
بيرو ڪمري جو در کولي بيٺو .پروفيسر ڪريم ڪمري مان نڪتو ۽ هن کانئس اڳ وڌي مالقاتي ڪمري جو در کوليو.
پروفيسر جڏهن اندر هليو ويو ،تڏهن در بند ڪري ڇڏيائين.
ڪمري ۾ صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي هڪ عورت پٺيري ويٺي هئي .سندس ڪلها گول ۽ ڀريل هئا .کيس گالبي رنگ جي
ساڙهي پاتل هئي.
“ڌي َء ”.پروفيسر ڪريم چيو“ ،مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن”.
جاء تان اُٿي بيٺي ،پر منهن نه ورايائين.
هو َء پنهنجي ِ
پروفيسر ڪريم پنهنجو جملو ورجايو“ ،مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن ،ڌي َء”.
گهور ڪري نماڻين نگاهن سان پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳي. ُ “سر ”.هن ڪنبندڙ آواز ۾ هڪ لفظ چيو .ڦيرو کائي،
پروفيسر ڪريم جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي .ماڻڪيون پٿر ٿي ويس .ڀروون پاڻ ۾ ڳتجي ويس .ٽنگن مان ست نڪري
ويس .ڪرڻ تي هو ،جو پاڻ سنڀالي صوفا تي ويهي رهيو .ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ڇڏيائين.
پکراج ميز تي رکيل جگ مان گالس ۾ پاڻي پيٽي آئي.
“پيئو ”.هن آهستي چيو.
هن هٿن مان منهن ڪڍي پکراج ڏانهن ڏٺو .پکراج هر حسين طوائف کان وڌيڪ حسين هئي .پروفيسر ڪريم سندس هٿن
الء چپ چوريائين ،ته فقط ايترو چئي سگهيو، مان گالس وٺي ،يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويو .ڪجهه سامت۾ آيو .ڳالهائڻ ِ
“تون ،نسيمه!”
“ها ،سر ”.هن ادب سان وراڻيو“ ،مان پکراج ٿي پيئي آهيان ،سر”.
الء لفظ ڳوليندو رهيو.
هو خاموش رهيو .ڳالهائڻ ِ
جوڻ مٽائڻ جو ذڪر ڪيو هو نه”. پکراج چيو“ ،اوهان هڪڙي دفعي هيمليٽ ۾ روح جي تشريح ڪنديُ ،
پروفيسر ڪريم ڏانهس ڏٺو.
کانپوء جوڻ نه مٽائيندو آهي ،سر .ڪجهه انسان پنهنجي حياتي َء ۾ جوڻ مٽائيندا آهن .جيئن ِ هن چيو“ ،انسان فقط مرڻ
مون”.
هو حيرت ۽ پيشماني َء مان ڏانهس نهاريندو رهيو.
“مان نسيمه مان پکراج ٿي پيئي آهيان ”،هن چيو.
پروفيسر ڪريم ڳوري آواز ۾ ڳالهايو“ ،مان پاڻ کي معاف ڪري نه سگهيو آهيان ،نسيمه”.
هن هڪدم وراڻيو“ ،مان ماضي َء جو داستان دهرائڻ نه آئي آهيان ،سر”.
“مون توکي دوکو ڏنو آهي ”،پروفيسر ڪريم سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪندي چيو“ ،تنهنجو ڀرم ڀويو اٿم”.
پروفيسر ڪريم تعليم ۽ تحقيق جا تجربا حاصل ڪيا هئا ،پر جيڪا سمجهه پکراج زماني جا ستم سهي حاصل ڪئي هئي،
تنهن کيس ششدر ڪري ڇڏيو .هن ماٺيڻي آواز ۾ چيو“ ،توهان کي بدنام نه ڪنديس ،سر”.
الء مان ڌرتي َء
ساء ،ڄڻ پاڻ سان ڳالهايائين“ ،ضمير جو هڪ زخم ڀرڻ ِ پروفيسر ڪريم جو ڪنڌ جهڪي ويو .پنهنجي ِ
جي خاڪ اُڏائيندو رهيو آهيان .علم ۽ عالمن جي موجودگي َء ۾ اندر جو چڀڪو وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان .دل
الء جدوجهد ڪندو رهيو آهيان .پر جي ميدان ۾ مالمت ۽ ندامت جي متضاد قوتن جي جنگ کان منهن موڙي عالمي امن ِ
مان به ڪيترو نه ڀورڙو آهيان .ضمير جو زخم به ڪڏهن ڀريو آهي!”
“پر مونکي توهان سان ڪابه شڪايت نه آهي ”.پکراج چٽي آواز ۾ آهستي چيو“ ،فخر اٿم ته توهان جي شاگردياڻي رهي
چڪي آهيان”.
عذاب ۽ پشيماني َء جو احساس پروفيسر ڪريم جي وجود مان ڪوڙهه وانگر ڦاٽي نڪتو .لفظ لفظ ڪوريندو ،کيس چيريندو
رهيو .چيائين“ ،ڏهن سالن ج و عرصو تمام طويل هوندو آهي ،نسيم .پر اڄ جڏهن توکي ڏٺو اٿم ،تڏهن ڏهن سالن جو عرصو
ڏهن سيڪنڊن جي وڇوٽي َء تي بيٺل ٿو ڀانئجي .انسان سائنس ۽ ٽيڪناالجي َء جي زور تي خدا کي وڃي ڪلهو هڻندو ،پر
ويل وقت جي واڳ ورائي نه سگهندو .نسيمه ،اال ته اُهو وقت ٻيهر موٽي اچي جڏهن مان ڪراچي يونيورسٽي َء ۾ انگريزي َء
جو ليڪچرار هوس ۽ تون آنرس فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئين َء .اها گهڙي موٽي اچي جڏهن جنسي حوس جي راڪاس
مون کي ماري مات ڪيو هو ۽ مون تنهنجو ڀرم ڀوري ڇڏيو هو .اال! اهو وقت موٽي اچي .اهو راڪاس موٽي اچي ته مان
کانئس پهرين شڪست جو بدلو وٺان .کيس نهوڙي ناس ڪيان”.
پروفيسر ڪريم جذبن جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويو .ڪو واڍو هو ،جو وڍيندو پي ويس .ڪو رازو هو ،جو مٿان غمن جو
ڪوٽ اڏيندو پي ويس .هُن اهڙي لهجي ۾ ڳالهايو جنهن مان صدين جي پڇتا ُء جو پڙاڏو پي آيو .چيائين“ ،مان اُن ڏينهن کي
مالمت ڪندو آهيان نسيمه ،جڏهن تنهنجي اعتبار جو آئينو چور چور ڪيو هوم .جڏهن تنهنجو اعتماد حوس جي باهه۾ ڀسم
ڪيو هوم”.
هو صوفا تان اُٿي ويو .ڀت ڏانهن منهن ڪري بيٺو .اُتان چيائين“ ،مونکي تنهنجون اُهي وحشت ڀريل اکيون اڃا تائين ياد آهن
کانپوء مون ڏانهن ڏٺو هو”.
ِ نسيمه ،جن سان تو گهائل ٿيڻ
ڀت کي پٺي ڏيئي ،پکراج ڏانهن منهن ڪندي چيائين“ ،جڏهن اندر ۾ امن نه آهي ،تڏهن مان ڪهڙي عالمي امن جي تالش ۾
سر گردان رهيو آهيان! منهنجي پنهنجي وجود ۾ گهمسان آهي”.
پکراج شروع کان جيئن پلنگ وٽ بيٺي هئي ،تيئن بيٺي رهي .پنهنجي واچ ۾ وقت ڏسندي چيائين“ ،ڇهه ٿي رهيا آهن.
مونکي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي .اخباري نمائندا اوهان جو انتظار ڪندا هوندا”.
ُ
پکراج جو آواز پروفيسر ڪريم جي ڪنن تائين ڄڻ پهچي نه سگهيو آهي .هو پکراج جي سامهون اچي بيٺو .پنهنجين اداس
۽ اونهين اکين سان ڏانهنس نهاريندي چيائين“ ،مان توسان شادي ڪندس ،نسيمه”.
هو َء کانئس وک کن پري ٿي ويئي .وڏي اعتماد سان وراڻيائين“ ،اڄ توهين جنهن علم ،عزت ۽ ناموس جا مالڪ آهيو ،تنهن
کي پنهنجي بڇڙي وجود سان داغدار نه ڪنديس”.
ُ
پکراج جو جملو ڀالو بڻجي روح مان پار ٿي ويس .ڦٿڪي پيو .چيائين“ ،مون ان وقت به پڇتائيندي چرين وانگر توکي ڳوليو
االء ڪهڙين اونداهين ۾ گم ٿي ويئي هئين َء”.هو ،پر تون ٽٽل تاري وانگر ِ
“مونکي گم ٿيڻو پيو هو ،سر ”.پکراج ٿڌو ساهه ڀريندي چيو“ ،مون کي پنهنجي داغدار دامن کان وڌيڪ پنهنجي پي ُء ۽
الء مئل آهيان”.خاندان جي عزت جي اونو هو ”.ڀريل آواز ۾ چيائين“ ،اڄ مان هنن ِ
“نسيمه ”.پروفيسر ڪريم چيو“ ،تون جيئن آهين ،جهڙي آهين ،مان توسان شادي ڪندس”.
“ وساري ڇو نه ٿا ڇڏيو ان گناهه کي جنهن جو ڪوبه شاهد نه آهي .نه نسيمه ،نه نسيمه جي اندر واري عورت ”.ڏک وچان
چيائين“ ،مان پکراج آهيان”.
هو ٻئي واڪا ڪندڙ خاموشي َء جي خالئن ۾ ٻن بيچين روحن وانگر هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
خاموشي ٽوڙيندي پکراج چيو “هڪ عرض کڻي آئي آهيان”.
ُ
جذبن جو طوفان آيو ،لنگهي ويو .دل جي ڌرتي احساسن جي زلزلي ۾ ڪنبي ،وري ڄمي ويئي .اميدن جو بتڪدو گهڙي کن
الء آباد ٿي ،برباد ٿي ويو.
ِ
پروفيسر ڪريم چيو“ ،چئه”.
“اسد هينئر ڏهن سالن جو ٿيو آهي”.
“اسد؟”
“اسانجو اسد” پکراج ڇت ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
پروفيسر ڪريم حيرت ۽ شرمسار نگاهن سان ان عورت ڏانهن نهارڻ لڳو ،جنهن سندس گناهه جي نشاني َء کي پهرين پيار
جو تحفو سمجهي سيني سان سانڍي رکيو هو.
“اسد کي پنهنجي ماحول کان ڌار ڪرڻ چاهيان ٿي ”.هن دردناڪ آواز ۾ چيو“ ،کيس اسڪول ۾ داخال به نٿي ملي”.
“ڇو؟”
“ڇو جو هڪ وئشيا جو پٽ آهي”.
“منهنجو به ته آهي ”،پروفيسر ڪريم چيو.
“هرگز نه ”.هن اعتراض ڪيو“ ،اهو داغ اوهانجي ناموس تي لڳڻ نه ڏيندس”.
هو ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
پکراج چيو“ ،توهين کيس يتيم سمجهي پاڻ سان وٺي وڃو”.
پروفيسر ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا .هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
“کيس پڙهڻ ۽ اسڪول وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي ”.پکراج چيو“ ،ان واعدي تي توهان سان رهڻ تي راضي ڪيو ٿي مانس،
ته توهين کيس پڙهائيندا”.
پروفيسر ڪريم آلين اکين سان پکراج ڏانهن ڏسڻ لڳو .پڇيائين“ ،اسد ڪٿي آهي؟”
ٻاهر گاڏي َء ۾ ويٺو آهي ”.پکراج وراڻيو“ ،پر واعدو ڪريو ته زندگي َء جي ڪنهن به دور ۾ کيس اصل حقيقت کان ڪڏهن
به واقف نه ڪندا”.
“ڇو؟”
“ڇو جو کيس پي ُء جي نالي کان نفرت آهي ”.چيائين“ ،پرائمري اسڪولن ۾ ٻار کيس چيڙائيندا رهيا آهن”.
پروفيسر ڪريم بيل وڄايو .بيرو ڪمري ۾ آيو .بيري کي چيائين“ ،ٻاهر گاڏي َء ۾ هڪ ٻار ويٺو آهي .هن کي وٺي اچ”.
بيرو هليو ويو .جيستائين اسد نه آيو ،هو ٻئي خاموش رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
بيرو اسد کي در وٽ ڇڏي ويو.
ُ
الء سندس نگاهن آڏو بسنت هال جي ٻاهران اسد جو ڪرڻ ۽ ڪري اٿڻ وارو پروفيسر ڪريم اسد ڏانهن نهاريو .گهڙي کن ِ
منظر اُڀري آيو .زماني جي نفرت سندس منهن مان معصوميت ڦري ورتي هئي .هو هوبهو پروفيسر ڪريم جهڙو هو ،فقط
اکيون ۽ وار ما ُء وانگر ڪڪا هئس .پروفيسر ڪريم جي دل ۾ پيار جو قدرتي جذبو جاڳي اُٿيو .کيس سيني سان لڳائي،
پنهنجي ڀرسان ويهاري ڇڏيائين .ڏٺائين ،ته اکين مان اُداسي پي بکيس .ٻانهن ورائي کيس پاڻ سان چهٽائيندي چيائين“ ،اڃان
پيار جو سج نه اُڀريو آهي ،پٽ .پر ،يقين ڄاڻ ته صبح جو سوجهرو پري ناهي”.
بيمعني هو .هن ڏانهس نهاريو .کيس ٻانهه تي رهڙ مٿان رومال ٻڌل هو. ٰ الء
پروفيسر ڪريم جو جملو اسد ِ
پکراج وڌي اچي صوفه وٽ بيٺي .اسد کي مٿي تي مٺي ڏيئي ،ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيء ڇڏيائين .ڪجهه دير تائين کيس پاڻ کان
ڌار نه ڪيائين .جڏهن لڙڪ لڪائي ڇڏيائين ،تڏهن کيس ٻانهن مان ڪڍيائين .ڀريل آواز ۾ چيائين“ ،اسد کي پنهنجو ڪري
توهان انسانيت جو ثبوت ڏنو آهي .مون کي اجازت ڏيو .خدا حافظ”.
يس .ممتا جا موتي ڪارن ڪڪرن وانگر ڇپرن ۾ ُڇلي آيس .چپ ڀيڪوڙي ڪمري جي در تائين ڪ َ اکين وسڻ جا ويس َ
هلي ويئي .جڏهن در جي هٿيئي ۾ مٺ وڌائين ،تڏهن اسد صوفه تان اٿي ،ڊوڙ پائي ما ُء جي سيني ۾ وڃي منهن لڪايو ۽
سڏڪا ڀري روئڻ لڳو“ ،امان ،مان جڏهن پڙهي رهندس تڏهن تو وٽ موٽي ايندس”.
پروفيسر ڪريم صوفه تان اُٿي ما ُء ۽ پٽ وٽ وڃي بيٺو .اسد کي وارن تي هٿ ڦيرائيندي چيائين“ ،اسين ٻئي موٽي
اينداسين ،اسد ،منهنجا پٽ – ان ڏينهن هي َء دنيا نئين نور سان منور هوندي”.
پکراج در کولي ٻاهر هلي ويئي.
الء غسلخاني ڏانهن هليو ويو.ِ ڌوئڻ منهن پاڻ ويهاري، تي پلنگ کيس آيو. ۾ ڪمري پنهنجي پروفيسر ڪريم اسد کي وٺي
ٻاهر نڪتو ته بيرو ڪمري ۾ بيٺو هو.
“ڇو ”،هن ٽوال سان منهن اُگهندي کانئس پڇيو.
“سائين ”.بيري ادب سان جواب ڏنو“ ،سائين ،اخباري نمائندا اعتراض ڪري هليا ويا آهن”.
الء چيو.
پروفيسر ڪريم ٽيليفون تي رسيپشنسٽ سان ڳالهايو ۽ کيس مالقاتي ڪمري ۾ اچڻ ِ
اسد کي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي هو مالقاتي ڪمري ۾ آيو .رسيپشنسٽ اڳواٽ موجود هو.
“ڇا ٿيو؟” پروفيسر ڪريم کانئس پڇيو“ ،هو ڇو هليا ويا؟”
“چيائون ته توهان هڪ طوائف کي مٿن ترجيح ڏني آهي”.
پروفيسر ڪريم کيس ڪو جواب نه ڏنو.
کانپوء هو احتجاج طور هليا ويا”.
ِ “هڪ ڪالڪ ڏهه منٽ انتظار ڪرڻ
الء ذهني طرح تيار نه آهيان”.پروفيسر ڪريم سوچ ۾ٻڏي ويو .چيائين“ ،چڱو ٿيو جو هليا ويا .مان ڪجهه به ڳالهائڻ ِ
رسيپشنسٽ ادب سان بيٺو رهيو.
پروفيسر ڪريم پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي کيس چيو“ ،مان جلسي کان اڳ ڪنهن سان به نه ملندس .تون ٿنڪرس فورم
جي سيڪريٽري َء کي فون ڪري گهرائي وٺ .مون کي ساڻس ڳالهائڻو آهي”.
پروفيسر ڪريم ڪمري ۾ موٽي آيو .اسد پلنگ تي ننڊ پيو هو ،پيرن ۾ بوٽ هوس ۽ سندس پير لٽڪي رهيا هئا .هن بوٽ
الهي ،سندس ٽنگون مٿي ڪري ،مٿانئس بالنڪيٽ وجهي ڇڏيو .پاڻ آرام ڪرسي َء تي ويهي رهيو .آرام نه آيس ته اُٿيو.
خطن لکڻ جو پيڊ کڻي ،اڌ ڪالڪ ۾ ٽي – چار مختصر خط لکي لفافن ۾ وجهي ڇڏيائين.
ان وقت رات جا اٺ ٿيا هئا .کيس ساڍي اٺين لڳي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو هو ۽ کيس مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور
محسوس ٿي رهيو هو.
اوچتو سندس ڪمري جو در کليو ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سهڪندو اندر آيو .ويڙهيل سيڙهيل ڪاغذ کوليندي
چيائين“ ،سائين ،غضب ٿي ويو”.
پروفيسر ڪريم جواب ڏيڻ بدران هٿ لکيل پوسٽر پڙهڻ لڳو ،جنهن ۾ مٿس هڪ طوائف سان هڪ ڪالڪ تائين هوٽل
جي ڪمري ۾ عيش ڪرڻ جو الزام لڳايل هو.
“اها ڳالهه باهه وانگر ماڻهن ۾ پکڙجي ويئي آهي ”،سيڪريٽري َء چيو“ ،ماڻهن جلسي جي پنڊال کي باهه ڏيئي مٿس گند جا
ڊهه اُڇالئي ڇڏيا آهن”.
پروفيسر ڪريم فڪرمند ٿي اسد ڏانهن نهاريو.
سيڪريٽري َء اسد ڏانهن اشارو ڪندي چيو“ ،هجوم هيڏانهن اچي رهيو آهي .هن کي هتي ڏسي توهان ٻنهي کي ماري
وجهندا”.
“ڇو ،هن کي ڇاهي ”.هن اسد جي وارن تي هٿ ڦيرائيندي پڇيو“ ،ڇا هي ُء دنيا جي ٻين ٻارن جهڙو ناهي؟”
“هي ُء حرامي ٻار آهي .هن جي پي ُء جو ڪو پتو ڪونهي ”.سيڪريٽري َء چيو“ ،توهين دير نه ڪريو ،هجوم جي اچڻ
کان اڳ هتان هليا وڃو”.
پروفيسر ڪريم سيڪريٽري َء جي منهن ۾ نهاريندي چيو“ ،دنيا جي ڪيترن انسانن کي پڪ آهي ته جنهن کي هو پنهنجو
پي ُء سمجهن ٿا ،سو حقيقت ۾ سندن پي ُء آهي به ،يا نه”.
“اهي ڳالهيون اجايون آهن .حرامي ٻار بهرحال حرامي آهي ”.سيڪريٽري َء واچ ڏسندي چيو“ ،وقت نه وڃايو .مون توهان
الء ٽيڪسي آندي آهي .هجوم جي پهچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو .ڪوٽڙي َء تان ڪانه ڪا ريل ملي ويندو”. ِ
پروفيسر ڪريم اسد کي ننڊ مان جاڳايو .هو اکيون مهٽيندو پلنگ تي ويهي رهيو .کيس پنهنجي آڱر هٿ ۾ ڏيندي چيائين،
“هل پٽ”.
“ڪيڏانهن؟” اسد حيرت مان پڇيو.
“جتي انصاف روايتن جو غالم نه هوندو” پروفيسر کيس پلنگ تان اُٿاريندي چيو.
پوء جڏهن ريل جي ٿرڊ ڪالس گاڏي جي ڪنڊ ۾ ويهي پروفيسر ڪريم ۽ ننڍڙو اسد ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن وڃي ۽ ِ
رهيا هئا ،تڏهن هر طرف هيبتناڪ اوندهه ڇانئجي ويئي هئي.
پروفيسر ڪريم جي پريشان ذهن ۾ پکراج جو جملو کاٽ هڻندو رهيو ته “اسد کي پي ُء جي نالي کان به نفرت آهي .اسد کي
پي ُء جي نالي کان به نفرت آهي”.هن ٻانهن ورائي اسد کي اهڙي نموني پاڻ سان چهٽائي ويهاريو ڄڻ ته اسد کي ڪو
کانئس ڇني ڌار ڪري رهيو هو .اسد منهن مٿي ڪري ڏانهس ڏٺو.
هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي ٻنهي دري َء کان ٻاهر اوندهه جي پوالر ۾ نهاريو.
ريل رڙيون ڪندي ،گجندي ۽ گوڙ ڪندي اوندهه جو درياهه جهاڳيندي پئي ويئي.
پل صراط
منهنجي زال يعني گهر واري ،گذريل آچر ڏينهن صبح جو عادت جي خالف سوير ننڊ مان اُٿي ويٺي .هون َء هر آچر تي هو َء
دير سان ننڊ مان اُٿندي آهي .ننڊ نه هوندي اٿس ،پر تڏهن به دت هنيو سمهي پئي هوندي اهي .آچر ڏينهن ٻارن جا اسڪول
بند هوندا آهن .مونکي به پوسٽ آفيس وڃي لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻا نه پوندا آهن .تنهنڪري آچر ڏينهن صبح جو منهنجي
سر ويل اُٿي ڪڙڪ چانهه ۽ سڪل ماني َء واري صحت – بخش نيرن تيار ڪرڻي نه پوندي آهي .آچر گهرواري َء کي ا َ ُ
ڏينهن اسانجا ٻار ڍَ َو تي ننڊ ڪندا آهن .ٻار ما ُء سميت قطار ۾ قديم ۽ ٽُڪيل گلم تي تيل لڳل ميرن ويهاڻن تي ٿڪل مٿا رکي
الء آهيان ته جيئن منهنجا ٻار ننڊ ننڊ ۾ الوٽ پيا هوندا آهن .گهر ۾ ماٺ هوندي آهي .مان جاڳندو رهندو آهيان .جاڳندو ان ِ
ڪري سگهن.
ُ
گذريل آچر ڏينهن صبح جو جنهن وقت منهنجي گهر واري عادت خالف جلدي ننڊ مان اٿي کڙي ٿي ،تنهن وقت مان هڪ
روزاني اخبار ۾ “مغز ڦاڙ” معمو حل ڪرڻ ۽ هڪ لک رپيا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ۽ خيالن ئي
خيالن ۾ هوائي قلعا نه ،پر هڪ هوائي ڪچو گهر ،تن ڍڪڻ جيترو ڪپڙو ۽ ٻه ويال ماني حاصل ڪرڻ جا هوائي خواب
ڏسي رهيو هوس.
“مغز ڦاڙ” معمي ۾ ڪل اَٺ خال وارا اڻپورا جمال ڏنل هئا .هر هڪ اڻپوري جملي جي پڇاڙي َء ۾ ٽي لفظ لکيل هئا ،جن
مان هڪ لفظ خال ۾ وجهي جملو پورو ڪرڻو هو .جنهن وقت منهنجي گهر واري ننڊ مان سجاڳ ٿي ،تنهن وقت مان “مغز
ڦاڙ” معمي جو جملو نمبر ٽيون پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس .ٽيون اڻپورو جملو هن ريت هو.
عورت .....آهي( .رحمت ،زحمت ،رغبت).
معني تي ويچار ڪري ٰ ظاهري ۽ باطني جي زحمت ۽ رحمت وقت جنهن هئي. الء آلجبرا
معني منهنجي ِ
ٰ لفظ رغبت جي
رهيو هوس ،تنهن وقت منهنجي گهرواري ننڊ مان سجاڳ ٿي .ويچار ويچارو دماغ مان نڪري ويو.
مون اخبار جي “مغز ڦاڙ” معمي تان نظرون هٽائي گهر واري َء ڏانهن ڏٺو .هو َء اُداس نگاهن سان ٽُڪيل گلم تي ستل ستن
ٻارن ڏانهن ڏسي رهي هئي( .مونکي هللا جي ڏني مان چار پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن .هڪ ٻار پنڌ ۾ آهي -ماشا َء هللا).
منهنجي گهرواري َء ڳرا ڇپر مٿي ڪري مونڏانهن نهاريو .مونڏانهن ڏسي ،وري ٻارن ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين .سوچيم ،ٻارن
الء چيم“ ،ان ۾ منهنجو تر جيترو به ڏوهه ناهي جي پلٽڻ پريشان ڪيو اٿس ،تنهن ڪري سندس پريشاني دور ڪرڻ ِ
موالئڻ!” اُڀ ڏانهن آڱر اُڀي ڪندي چيم “ ،هو سڄو ڪم آسمان واري جو اٿئي .منهنجي ڪهڙي مجال آهي جو انسان پيدا
ڪري سگهان .مان ته هڪ عاجز بندو گندو آهيان ،هللا سائين َء جو موسٽ اوبيڊئنٽ سرونٽ آهيان”.
ُ
هن جواب نه ڏنو .تيل ۾ َڀتُ ٿيل ويهاڻو ڀت سان کپائي ،ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي .سندس غمگين چهرو وڌيڪ اداس ٿي
الء چيم“ ،فڪر نه ،ڪر موالئڻ! هر انسان پنهنجي نصيب جو ويو .ٻارن مان اک ئي نه پي ڪڍيائين .کيس دلداري ڏيڻ ِ
الء به ڪنهن نه ڪنهن راشن شاپ تي ان جو داڻو ضرور موجود هوندو ،جنهن تي سندس نالي داڻو پائي کائيندو آهي .هنن ِ
جو ٺپو لڳل هوندو”.
الء ته اسانجي ستن ٻارن مان هر الء ڇپر کڻي مونڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر اکيون ٻارن ۾ اٽڪائي ڇڏيائين .کيس قائل ڪرڻ ِ هن کن ِ
الء عبرتڪدو آهي .هر انسان الء دنيا ۾ آيو آهي ،چيم“ ،موالئڻ ،هي َء دورنگي دنيا اکين وارن ِ هڪ ڪنهن خاص مقصد ِ
هتي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيو آهي .اسانجا ٻار به قادر جي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيا آهن ،جهڙوڪ :ڌرتي َء مان سلو
ڦٽڻ ،مينهن وس ڻ ،چنڊ تارن جو چمڪڻ وغيره .ڏس نه ،ڪهڙي نه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته درياهه وهي ٿو ،آهي نه
ڪمال جهڙي ڳالهه! مار ،درياهه وهي ٿو ،اُف!” ڳالهه کي اڌ ۾ روڪي ،اک ٽيٽ ڪري گهرواري َء ڏانهن ڏٺم .هو َء ڪنهن
الء چيم“ ،هي اسانجا ٻار ،يعني ڪنڊو ،پتاشو ،انب وغيره بيڪار ٺپي وانگر خاموش ويٺي هئي .سندس دل وڏي ڪرڻ ِ
هڪ نه هڪ ڏينهن وڏا ٿيندا .ڪڻڪ جو فصل ڏسي حيران ٿيندا .درياهه کي وهندو ڏسي کين ڏندين آڱريون پئجي وينديون.
هڪدم سجدي ۾ ڪري پوندا .اهوئي سندس پيدا ٿيڻ ۽ دنيا دورنگي َء ۾ اچڻ جو مقصد آهي”.
ڏٺم ،ان سموري ڪٿا جو مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو .هو َء ٻارن کي ڏسندي رهي .سندس ساهه جي هلڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي.
ٻڌاء موالئڻ ،پيڪا ته نه ياد آيا اٿئي؟”
تڏهن هڪ خيال بيرنگ خط وانگر اڳيان اچي بيٺو .پڇيومانس“ ،سچ ِ
هن جواب نه ڏنو.
“اٽو ته نه کٽو آهي؟”
“تون ته اصل کان موڳو مٽر آهين ”.هو َء هڪدم ا ُٿلي پيئي .روئڻهارڪي ٿي ويئي.
مون کي موڳو مٽر سڏيائين ،پرمون کي حيرت نه ٿي .اهو جملو گهڻو اڳ جڏهن پهريون دفعو سندس واتان ٻڌو هوم ،تڏهن
مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو .اُنهن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا هئاسين .جيستائين رئيس ربڏني ميتڙي
(اهو ڪنهن ماڻهو َء جو نالو ناهي ،اسان جي اباڻي ڳوٺ جو نالو آهي) ۾ رهندا هئاسين ،منهنجي گهر واري مون کي “انب
جا پي ُء” ڪري ڪوٺيندي هئي .مون سان اک مالئي نه سگهندي هئي .اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو
پوء جڏهن حيدرآباد جي هڪ پوسٽ آفيس ۾ لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻ جهڙي اهم ۽ عاليشان نوڪري ملي ويئي ،تڏهن ۽ ِ
اسان ڳوٺ رئيس ربڏني ميتڙي مان ٽپڙ سهيڙي ،اچي حيدرآباد جا وڻ وسايا( .اهو فقط محاورو آهي ،شهر جا وڻ وسائڻ
منسپالٽي جو ڪم آهي) .ٺپا هڻندي ڪجهه عرصو گذريو هوندو ،جو هڪڙي ڏينهن منهنجي گهرواري َء چيو هو“ ،آئون
توکي هينئر انب جا پي ُء ڪري نه ڪوٺينديس ”.سبب پڇڻ تي ٻڌايائين“ ،انب به ڪو نالو آهي! پاڙي جا ٻار انب کي
الء ڄڻ ڪچي گهر جي ڇت اڏامي ويئي .چيو چيڙائن ٿا .تنهن ڪري مون انب جو نالو درپن ڪمار رکيو آهي .منهنجي ِ
هوم“ ،ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين موالئڻ .انب ۾ ڪهڙو عيب آهي .منهنجو پنهنجو نالو واڱڻ آهي .بابا جو نالو ليمون
آهي .گهر واري َء مون کي سمجهايو هو “ ،هينئر اسين شهر ۾ ٿا رهون .شهري ٿي رهڻو پوندو يا شهر نيڪالي ملندي .مون
به پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو آهي ”.مون کي روئڻ آيو .هن ٻڌايو“ ،مون پنهنجا ٻه ناال رکيا آهن .هڪ افشان ۽ٻيو صبيحه
خانم .تون مون کي افشي سڏيندو ڪر .مان ان انڪشاف تي بيهوش ٿي ڪرڻ تي هوس ،جو هن ٻڌايو هو“ ،تنهنجو نالو به
هينئر واڱڻ ناهي .مون هڪ اڙدو ناول ۾ هيري جو نالو ارسالن پڙهيو آهي .مون کي ڏاڍو وڻيو آهي اڄ کان تون ارسالن
آهين ”.کانئس پڇيو هيم ته“ ،ارسالن صاحب غازي صالح الدين ايوبي َء جو بورچي ته نه هو؟” تڏهن هن پهريون دفعو مون
کي چيو هو“ ،تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين”.
ان ڳالهه کي چار – پنج سال گذري ويا آهن .ان عرصي ۾ مان ٺپا هڻندو رهيو آهيان ۽ منهنجي زال عرف افشي ٻار ڄڻيندي
رهي آهي .ان دوران هن ٽي سو پنجونجاهه اُڙدو – پنجابي فلمون ڏٺيون آهن ۽ پيسو روز تي ملندڙ ٻارهن سو ٻٽيهه
الء مان ٽپال مان رساال ۽ ڪتاب پار ڪندو مسواڙي ناول ۽ افسانن جا مجموعا پڙهيا آهن .سندس خرچ پکو پورو ڪرڻ ِ
آهيان ۽ ڇوٽڪي گهٽي َء جي ڪٻاڙين کي ٻڌي ليکي وڪڻي ايندو آهيان .هو َء روزانو ٻه رومانٽڪ ناول پڙهندي آهي ۽
رومانٽڪ خواب ڏسندي آهي.
گذريل آچر تي جڏهن منهنجي گهرواري َء ڪاوڙ مان چيو“ ،تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين ”.تڏهن هڪدم مون کي ياد
آيو ته موالئڻ ضرور ڪو غريب خواب (عجيب نه ،ڇو جو امير ماڻهو عجيب خواب ڏسندا آهن .غريب ماڻهو فقط غريب
خواب ڏسندا آهن) ڏٺو آهي .پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم“ ،موالئڻ خواب ته نه ڏٺو اٿئي”.
پوء اڌ رئو ويڙهي سيڙهي وات تي رکي روئي پيئي .هڪدم سمجهي ورتم ته افشي ،عرف هن ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ ِ
ليلي يا سيف الملوڪ ڇاپ خواب ڏٺو آهي. ٰ الف ڪو ضرور اڄ صبيحه خانم ،يعني منهنجي زال
سندس پاسي ۾ وڃي ويٺس .پرچائيندي پڇيو مانس“ ،ڪهڙي قسم جو خواب ڏٺو اٿئي .خوفناڪ ،پراسرار يا ڀوائتو”.
جواب جي بدران سندس اوڇنگارن جو آواز ٻڌم.
پڇيومانس“ ،ڪوه ڪاف جو جن ته نه ڏٺو اٿئي؟”
وراڻيائين“ ،نه”.
“راڪاس؟”
“نه”.
“سامري جادو گر؟”
“نه”.
“راوڻ؟”
“اون – هون”.
“راڪيٽ؟”
جواب نه مليو.
“نيپام بم؟”
جواب نه مليو.
“ايٽم بم – هيڊروجن بم؟”
جواب نه مليو.
“موشي دايان؟”
جواب مليو .چيائين“ ،مان ته اصل کان چوندي آهيان ته تون صفا موڳو مٽر آهيان”.
ٻڌاء ته خواب ۾ ڇا ڏٺو اٿئي”.
پوء کڻي ِ “ته ِ
ٻه – چار سڏڪا ڀري ،سنگهه ڪڍي ،وڏو ساهه کڻي چيائين“ ،اڄ آئون ....آئون”....
“آئون آئون نه ڪر .ڳالهه ڪر”.
“اڄ خواب ۾ ساڳيو بزرگ ڏٺو اٿم ،جيڪو گذريل سال به هڪ دفعو خواب ۾ آيو هو”.
بزرگ! ڪهڙو بزرگ ؟”
“جنهن جي مٿي ۽ مڇن جا وار اڇا پشم جهڙا ۽ ڀروون به اڇيون هونديون آهن”.
“اوهه! تون ته اجائي پريشان ٿي آهين”.
“اجائي پريشان ٿي آهيان؟”
“ها ”.کيس سمجهايم“ ،اهو اڇين ڀروون ،پنبڻن ۽ پشم جهڙن وارن وارو ٻڍو وڏو ڦڏيباز اٿئي .تون کيس نٿي سڃاڻين”.
“تون ته ڄڻ سڃاڻينس ٿو”.
“ڇو نه اهو ٻڍو بزرگ وغيره ناهي ،اهو مشڪرو ڪرستانن جو سانتاڪالز اٿئي”.
منهنجي گهر واري ڪاوڙجي ويئي .چيائين“ ،اخبر اٿئي ،موڳا مٽر .اڄ هن ڳالهايو به هو”.
“ڳالهايو هو!”
“ها”.
“ڇا ڳالهايائين؟ منهنجو مطلب آهي ،ڇا چيائين؟”
افشان عرف صبيحه خانم ،يعني منهنجي گهر واري َء جواب ڏيڻ بدران اڌ رئي جو ويڙهوٽو وات ۾ وجهي سڏڪن ۽
کانپوء ،ٿڌو ساهه کڻي روئڻ بندِ اوڇنگارون ۾ اچي ڇٽڪي .مون کيس ڪجهه دير تائين روئڻ ڏنو .پنج منٽ کن روئڻ
ڪري ڇڏيائين.
ٻڌاء ڪُراڙي ڇا چيو؟” “ها ،شاباش ”.کيس آٿت ڏنمِ “ ،
“چيائين ”.هن ڳالهايو“ ،چيائين ،اي خدا جي نيڪ بندي ،هللا جي راهه ۾ پنهنجي سڀ کان پياري شي َء قربان ڪر”.
“ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي”.
هن ٻيهر روئڻ شروع ڪيو .سندس روئڻ ۽ هنجون هارڻ جو سلسلو جاري هيو ،جو اسان جو ننڍو پٽ پتاشو ۽ پياري ڌي َء
گدامڙي جاڳي پيا .ٻئي ٻار ما ُء کي روئيندي ڏسي روئڻ لڳا .مون کين سرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر ٻئي ٻار سخت
ڪاوڙجي ويا .پتاشي پنهنجي ننڍڙي ُمڪ اوالريندي چيو“ ،تو امان کي ماليو آهي”.
کين عرض ڪيم“ ،اڙي بابا ،مون نه ماريو اٿس .توهين خدا جي واسطي سمهي پئو .اڄ آچر آهي”.
“نه نه .تو امان کي ماليو آهي”.
منهنجي گهرواري َء پتاشي کي ساڄي ۽ گدامڙي َء کي کاٻي گوڏي تي ويهاري ڇڏيو .ٻئي ٻار ما ُء سان چنبڙي ،خونخوار
نظرن سان موڏانهن ڏسڻ لڳا .مون هٿ جوڙي ٻنهي کان معافي ورتي .هنن معاف نه ڪيو .پتاشي ڄڀ ڏيکاري منهنجا چٻرا
ڪڍيا.
ٻڌاء ته ،مان پنهنجي ڪهڙي شي َء قربان ڪيان؟” ٻڌاء نه موڳا مٽر ”.افشي َء چيوِ “ ، “ ِ
لنواء موالئڻ”.
“ ِ
“لنوايان؟” هن ڌوڏا ڦوٽاري چيو“ ،لنوايان؟ هان! هللا جي راهه ۾ پنهنجي پياري شي َء قربان نه ڪيان! تون ڪافر آهين،
انشا َء هللا دوزخ ۾ ويندين”.
“دوزخ ۾ ويندس جو آسمان تي به ڄڻ انڌير آهي ”.وراڻيم“ ،هڪ دفعو رڳو “مغز ڦاڙ” معمي جو صحيح حل نڪرڻ ڏي.
پوء
ڏسجانء ”.هڪ مسيت ٺاهرائيندس ،ٻه حج ڪندس ۽ پنجن فقيرن کي هڪ ويلو ماني کارائيندسِ . ِ پوء ويٺي تماشا ِ
ڪيئن ۽ ڇو دوزخ ۾ ويندس”.
ٻڌاء ته مان پنهنجي ڪهڙي پياري شي َء قربان “تون نه فقط موڳو مٽر آهين ،پر شيخ چلي به آهين ”.هن چيو“ ،تون مونکي ِ
ڪيان؟”
اسان ٻئي سوچڻ لڳاسين.
مونکي پنهنجي زال جون ٻه چار شيون سجهي آيون ،جيڪي کيس جان کان پياريون هيون .کيس صالح ڏنم“ ،هو جيڪو
شيفون جو ڪرمچي رئو اٿئي نه ،اڙي پامڪ وارو ،اهو توکي ڏاڍو پيارو آهي .هللا جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ”.
افشان ،عرف صبيحه خانم ،يعني منهنجي گهرواري َء ڏاڍي َء ڪاوڙ مان مونڏانهن نهاريو .سمجهيم ،کيس ٻي ڪا شي رئي
کانپوء مونکي ڪپڙن سبڻ جي مشين جو خيال آيو ،جيڪا اسان قسطن تي ِ کان به وڌيڪ پياري آهي .گهڻي سوچ ويچار
ورتي هئي .ان مشين جو نالو “سنگيت” هو ۽ منجهانئس اٽي پيهڻ جي مشين جهڙوآواز ايندو هو (هينئر اُن مشين مان ريل
گاڏي َء جي انجڻ جهڙو آواز ايندوآهي ).اها مشين منهنجي گهرواري َء کي ساهه کان پياري هئي.
هڪدم خوش ٿيندي چيم“ ،موالئڻ ،ڪپڙن سبڻ جي مشين “سنگيت” هللا جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ .ان مان ٻه فائدا ٿيندا”.
هن ڀروون ڳتي مون ڏانهن ڏٺو .مان ڳالهائيندو رهيس“ .ٻه فائدا هن ريت ٿيندا .اول ته تون پنهنجي سڀ کان پياري شي هللا
کانپوء اوڙي پاڙي جا ڪن ٺري پوندا”.
ِ ڪندينء .ٻيو ته مشين جي قرباني َء
ِ جي راهه ۾ قربان
منهنجي گهرواري َء ساڙ کائيندي چيو“ ،مان ته اصل کان چوندي آهيان ،تون صفا موڳو مٽر آهين”.
پتاشو ۽ گدامڙي تاڙيون وڄائي کلڻ لڳا.
منهنجي گهرواري َء چيو“ ،ڪڏهن ڪنهن َر َون ۽ مشينن جي به قرباني ڏني آهي؟”
“موالئڻ!” منهنجي نڙي خشڪ ٿي ويئي ،پڇيم“ ،ڪُهڻ ٻُهڻ جي ڳالهه آهي ڇا؟”
“ٻيو نه ته مغز ڦاڙ معمو حل ڪرڻ جي ڳالهه آهي ”.هن وات چٻو ڪندي چيو.
هو َء ۽ مان سوچڻ لڳاسين.
گدامڙي َء پتاشي کي پير ۾ چهنڊڙي وڌي .پتاشو وات ڦاڙي روئڻ لڳو .منهنجي گهرواري َء جون ڳتيل ڀروون هڪ ٻئي کان
ڌار ٿي ويون .سوچ ۾ چنجهيون ٿيل اکيون ويڪريون ٿي ويس .هلند ڙ ساهه جو سلسلو ڪجهه تيز ٿي ويس .پنهنجون اکيون
پوء ڏسندي ئي ڏسندي گدامڙي َء کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي .پتاشي پنهنجو روئڻ بند ڪري گدامڙي َء تي کپائي ڇڏيائينِ .
ڇڏيو ۽ حيرت وچان ما َء جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.
گهرواري َء کان پڇيم“ ،ڇو ،ڇا ٿيو موالئڻ”.
هن جواب نه ڏنو ،گدامڙي َء کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيائين.
“روئين ڇو پئي؟”
هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو“ ،مونکي گدامڙي سڀني کان وڌيڪ پياري آهي”.
“ڇا!”
“ها”.
ڇڏيندينء؟”
ِ “ته تون گدامڙي َء کي ڪُهي
“ها”.
“ائين وري ڪيئن ٿيندو؟”
“ڇو نه ٿيندو ”.هن وراڻيو“ ،حضرت ابراهيم به ته حضرت اسماعيل کي هللا جي راهه ۾ قربان ڪرڻ نڪتو هو”.
“پر حضرت ابراهيم ته دنبو ڪٺو هو”.
“ها ،پر ڪُهڻ ته اسماعيل کي ويو هو نه”.
الء اسان جانورن جي قرباني ڏيندا آهيون.
الء چيم “حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جي قصي جي ياد تازي رکڻ ِ کيس سمجهائڻ ِ
تون وري گدامڙي َء جي قرباني ڪيئن ڏيندين َء؟”
“منهنجو ايمان خراب نه ڪر ”.هن دڙڪو ڏيندي چيو“ ،مونکي بزرگ فرشتي حڪم ڏنو آهي ،ته هللا جي راهه ۾ سڀ کان
پياري شي َء قربان ڪيان”.
ٽن سالن جو پتاشو ۽ چئن سالن جي گدامڙي اسان جي بحث کان بي نياز ،هڪ ٻئي کي چيڙائي رهيا هئا .مون کي ستن ئي
ٻارن مان گدامڙي وڌيڪ وڻندي آهي .گهر واري َءکي پتاشو وڻندو آهي.
کيس چيم“ ،منهنجي ڳالهه ته ٻڌ موالئڻ”.
“نه ،نه ”.هن هڪدم چيو“ ،منهنجو ايمان خراب نه ڪر”.
“پر”.....
پوء گنڀير لهجي ۾
“بس ”.هن ڇت ڏانهن ڏسندي ،فيصلو ڪندي چيو“ ،مان گدامڙي َء کي هللا جي راهه ۾ قربان ڪنديسِ ”.
پوء گدامڙي َء کي ڇڏي ٻڪري ڪهنديس”. چيائين“ ،آسمان مان ٻڪري لهي آئي ،ته ِ
مون وڏي واڪ چيو“ ،پر توکي گدامڙي پياري ناهي”.
“آهي”.
“ناهي”.
“آهي”.
“ناهي ،ناهي ،ناهي ”.مون گدامڙي سندس هنج مان کڻي پنهنجي گوڏي تي ويهاري ڇڏي .گدامڙي منهنجي گوڏي تي چڙهي
بيٺي ۽ مون کي ڪن ۾ چڪ پاتائين .ڪن ڇڏائي گهرواري َء کي چيم“ ،گدامڙي ويچاري ته توکي ڄائي ڄم کان نه وڻندي
آهي”.
هن اکيون ڦوٽاريندي وراڻيو ،ٻيو نه ته تون وڻندو آهين”.
وڻانء ،نه ته جيڪر مونکي ته راتو واهه ننڊ ۾ ئي ڪُهي ڇڏين ها ”.چيم“ ،توکي ته سڀني ٻارن ۾ ِ “شڪر ٿو ڪيان جو نٿو
پتاشو وڻندو آهي .ويچاري گدامڙي َء جي ڪڍ ڇو پيئي آهين”.
منهنجي گهرواري َء جو وات حيرت وچان ڦاٽي ويو .اکيون پتاشي تي کپائي ڇڏيائين .پتاشو ٽپ ڏيئي ما ُء جي هنج مان لهي
منهنجي سامهون اچي بيٺو .ٽنگ ڊگهي ڪري پير جي آڱوٺي سان گدامڙي َء کي ڀيڏي َء ۾ چهنڊڙي وجهڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳو .ٻيا ٻار ننڊ ۾ هئا .وچ ۾ اسانجو ڪاڻو پٽ راڻو سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ ُمرڪي رهيو هو؛ شايد ڪو خواب ڏسي
رهيو هو.
افشان ،عرف صبيحه خانم يعني منهنجي گهرواري َء جي منهن تي انيڪ ليڪا اُڀري آيا .ليڪا گهنجن ۾ بدلجندا ويا .ان وقت
سندس منهن بند گوبي َء جهڙو ٿي ويو .اکيون مئل ڏنڀري جي اکين وانگر گول ۽ بينور ٿي ويس .مان سندس حالت ڏسي
ڏڪي ويس.
کيس دلداري ڏيندي چيم“ ،مونکي مٿي ۾ هڪ اٽڪل آئي آهي”.
هن مئل اکين سان مونڏانهن ڏٺو .کيس صالح ڏنم“ .اهو ضروري ناهي ته تون کک فرشتي جي چوڻ تي پنهنجو جاني پٽ
پتاشو قربان ڪري ڇڏين”.
هو َء خاموش ويٺي رهي .نڪ جون ناسون ڦنڊي ويون هئس .کيس ٻڌايم“ ،جيئن اڄ ڪلهه جو دستور آهي ،اسان کي به ائين
ڪرڻ گهرجي”.
آهه ڀريندي پڇيائين“ ،ڪهڙو دستور؟”
“غور سان ٻڌ ”.کيس سمجهايم “ ،اڄ ڪلهه جو انسان هللا جي راهه ۾ ڦاٽل ڪپڙو ،کوٽو پيسو ۽ پاروٿي ماني خيرات ڪندو
آهي .تون به ”.....جملو پورو ڪري نه سگهيم .منهنجيون اکيون ڪاڻي پٽ راڻي تي کپي ويون ،جيڪو ٻارن جي وچ ۾
سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ کلي رهيو هو.
ڳالهاء نه”.
ِ “ چيو، ڪندي پيار کي پتاشي ء
َ گهرواري “ڇو ،ماٺ ٿي وئين ”.منهنجي
آهستي ،رازداري َء سان چيم“ ،تون به هللا جي راهه ۾ ڪاڻو پٽ راڻو قربان ڪري ڇڏ”.
پوء جڏهنِ يو.و نڪري مان ميڄالي کانپوء مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو .دل ڀرجي آئي“ .مغز ڦاڙ” معمي جو خيال ِ اها ڳالهه ڪرڻ
گهرواري َء ڏانهن ڏٺم ،تڏهن هو َء بند گوبي َء جهڙي نه ،پر ڳاڙهي ٽماٽي جهڙي نظر آئي .پتاشي کي مٺيون ڏيئي ڏيئي
روئاري ڇڏيائين .پتاشي جي ٻاگهن تي راڻو جاڳي پيو .جاڳڻ شرط خواب ٽُٽي پيس ۽ چپن تان مرڪ غائب ٿي ويس .هڪ
پوء ٽپ ڏيئي مونکي اچي چنبڙيو .راڻي جي عمر ڇهه سال کن هئي .کيس اک ۾ ايٽي لڳي اک ٽمڪائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ ِ
هئي ۽ کاٻي اک وڃائي ويٺو هو .مون راڻي کي ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي پيار ڪيو .دل چاهيو ته کيس سيني ۾ لڪائي ڇڏيان.
مونکي رکي رکي پنهنجي بيوقوفي َء تي جک پي آيا ته آخر ڇو موالئڻ کي اهڙي اونڌي صالح ڏنم ،جنهن جي عذاب ۾ خود
مونکي پڇتائڻو پوندو.
ُ ُ
مون ڪاوڙ منجهان پنهنجي گهرواري َء ڏانهن نهاريو .منجهين اکين ۾ نفرت تري آئي .ان وقت مونکي اهي سموريون
چوڻيون ياد آيون جيڪي عورتن جي خالف هيون ،جهڙوڪ :عورت تون گوگائي مرچ آهين – عورت تون ڪوئنين جي
گوري آهين – ٿري ناٽ جي گولي آهين – عورت تون ون – يونٽ آهين – تون هي َء آهين ،هو َء آهين ،وغيره.
مون کان برداشت ٿي نه سگهيو .ذري گهٽ رڙ ڪيم“ ،هرگز نه .مان راڻي کي قربان ٿيڻ نه ڏيندس”.
“ڇا ٿو چوين ،واڱڻ ”.گهرواري َء قهري نگاهن سان مونڏانهن ڏسندي چيو“ ،مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي”.
“مٿو جائيتو آهي ”.وڏي واڪ چيم“ ،پر ڪن کولي ٻڌي ڇڏ .مان تنهنجي ميالخوليا تي پنهنجو راڻو پٽ قربان ٿيڻ نه
ڏيندس”.
“تون فرشتي جي خواب کي ماليخوليا ٿو سڏين!” هن ٻانهون لوڏيندي چيو“ ،تون ڪافر ٿي ويو آهين .ٽپال مان ترقي پسندن
جا رساال چورائي پڙهندو آهين ،ملحد ٿي ويو آهين”.
“جيڪي سمجهين ”.وراڻيم“ ،پر پنهنجو راڻو قربان نه ڪندس”.
“تون هللا جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ ٿو چاهين!” هن اورتي ايندي پڇيو.
“هللا جو عورتن ۾ اعتبار ڪونهي ”.مون موالئڻ کي چيو“ ،اهو ناممڪن آهي جو آسماني فرشتو ڪنهن عورت ڏانهن هللا
جو حڪم کڻي اچي”.
“ته مان ڪوڙ ٿي ڳالهايان؟”
الء چيم“ ،هڪ لک چوويهه هزار نبين “تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين يا سچ ،ان سان منهنجو واسطو ڪونهي ”.کيس هيسائڻ ِ
مان هڪ نبي به مؤنث نه هو .سڀئي مذڪر هئا .سمجهيئه”.
هو َء سچ پچ هيسجي ويئي .مون ڳنڍ پختي ڪندي چيو“ ،اسانجي ڪنهن ٻار جي قرباني َء جو جيڪڏهن آسماني حڪم اچي
ها ،ته اُهو سڌوسنئون مون وٽ اچي ها”.
“ڪهڙي خبر فرشتو ڀلجي پيو هجي؟”
“فرشتا سرڪاري شاهد ناهن جو ڀلجي َپون”.
ڪجهه دير تائين افشان ،عرف صبيحه خانم ،يعني منهنجي گهرواري َء نه ڳالهايو .چپ چٻاڙيندي رهي .ننهن سان ويڻيون ۽
ٻانهون کنهندي رهي.
نيٺ ڳالهايائين“ ،منهنجي دل چئي ۾ ناهي .آخر ڪجهه نه ڪجهه ته کڻي قربان ڪيون”.
“ٺيڪ آهي ”.وراڻيم“ ،ڪو جانور کڻي ٿا هللا جي راهه ۾ قربان ڪيون”.
پوء سوچين ڇا ٿو!” هن خوش ٿيندي چيو“ ،اڄ آچر آهي .واندو آهين .ڏسي وائسي ڪو جانور وٺي اچ”. “ ِ
“حاضر”.
بچيل سچيل پونجي ميڙي سيڙي مٺ ۾ ڪيم .ڳڻيم ته مون کان دانهن نڪري ويئي“ ،اڙي هنن پئسن مان ته سيهڙ به نه
ملندو”.
منهنجي گهرواري سخت ايماني جوش ۾ هئي .ٻارن جا ڀانڊارا ڀڃي ،ڏوڪڙ کڻي آئي .ٽين جي پيتي َء مان به بچت ڪڍي آئي.
سمورا پئسا ڳڻي ،مايوسي َء مان ڪنڌ لوڏيندي چيم“ ،موالئڻ هنن پئسن مان ٻڪر ته نه ملندو ،پر ٻڪر جو پٽ ڇيلو ضرور
ملي ويندو”.
هو َء پيسن جي ڳوال ۾ آثار قديمه جي ماهر وانگر جنبجي ويئي .پراڻن وهاڻن جون َڇوون پٽي ،ڇڪي الهي ورتائين .سوڙن
جي تهن مان نوٽ ڪڍي آئي .فرش جي هڪ لڏندڙ ِسر ٻاهر ڪڍي ،ڏوڪڙ کڻي آئي .مونکي سخت حيرت ٿي.
پيسا ڳڻي ،خوش ٿي کيس ٻڌايم“ ،هنن پئسن مان هڪ ٻڪر ملي ويندو”.
آڻجانء؛ متان پاڻ جهڙو آڻين”.
ِ جڏهن ٻاهر وڃڻ لڳس ،تڏهن چيائين“ ،ٻڪر ڪو چنگيرڙو
ان وقت تائين سڀيئي ٻار جاڳي پيا هئا .منهنجي کنڊي پٽ ڪنڊي پنهنجي وات ۾ آڱر وجهندي پڇيو“ ،بابا ،هللا جي راهه ۾
جانور ڇو قربان ڪبا آهن؟”
“ماٺ ڪري ويهه ”،ماڻس مٿي تي چماٽ وهائي ڪڍيس.
ٻڌاء نه .هللا جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن”.
“ڇو ماٺ ڪري ويهان ”،ڪنڊو ڪاوڙجي ويو“ .ها باباِ ،
الء ،ته جيئن جانور تي سوار ٿي قيامت ڏينهن پل صراط پار ڪجي”. الء کيس ٻڌايم“ ،ان ِ سندس معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ ِ
“پل صراط وار کان سنهڙي ۽ ترار کان تيز هوندي ۽ قيامت جي ڏينهن ظاهر ٿيندي ”.مون ٻارن کي ٻڌايو“ ،ان ڏينهن سج
جو ٻرندڙ گولو ڌرتي َء کان هڪ ڪاني جيترو پري هوندو .پل صراط جي هيٺان سمنڊ ٽهڪندو”.
ٻارن جو ساهه نڙي َء ۾ اٽڪي پيو .ڪنڊو پنهنجو کنڊو وات کولي روئڻ لڳو“ .بابا ،مون کي ڀؤ ٿو ٿئي”.
گهٻراء نه ،منهنجا کنڊا پٽ .مان توکي پاڻ سان پل صراط پار ڪرائيندس”. ِ “
“پر پاڻ ٻئي هڪ ٻڪر تي ڪيئن ويهي سگهنداسين بابا”.
مان سوچ ۾ پئجي ويس.
چنبڙي پيو.
ِ پتاشي چيو“ ،مان امان شان لنگهندش .بابا ڪنو آهي ”.هو ما ُء سان
منهنجو وڏو پٽ انب ،جنهن جو مٿو هنداڻي جيڏو آهي ،تنهن مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو“ ،ڳالهه مڙيئي ڀوائتي آهي ،بابا،
ڪرائجانء”.
ِ مون کي به پاڻ سان پل صراط پار
مون سوچيو ،هي ُء دوربه پل صراط جي سفر کان گهٽ خطرناڪ ناهي .قيامت ۾ هڪ خدا کي منهن ڏيڻو پوندو ،پر اَڄ،
گهٽي َء گهٽي َء ۾ خدا آهي .جيئن هن دور ۾ اسين سڀ ڀاتي هر گهڙي گڏ آهيون؛ هر گهڙي موت جي منهن ۾ آهيون ،تيئن
قيامت جي ڏينهن به گڏ رهنداسين .پل صراط جي سفر ۾ به ساڻ هونداسين.
مون گهرواري َء کي چيو “ ،اسان کي ڪو وڏو جانور قربان ڪرڻ گهرجي ،جيئن تون ،مان ۽ ٻارن جي پلٽڻ گڏجي ۽ مٿس
ويهي ،سوالئي َء سان پل صراط پار ڪري سگهون”.
کنڊي چيو“ ،بابا ،هاٿي قربان ڪر”.
“بس ڪر ،موئا ڀوڪ ”،ما ُء جي ڇڙٻ کائي ڪنڊو خاموش ٿي ويو.
افشي ،يعني منهنجي گهر واري ۽ مان جانورن جي باري ۾ سوچڻ لڳاسين .سيهڙ کان وٺي اُٺ تائين ،هر ڪو حالل جانور
اسان جي خيال ۾ آيو ۽ قيمت آڏو گم ٿي ويو.
آخر موالئڻ چيو“ ،ڳئون ئي کڻي وٺي اچ”.
“ڳئون وٺڻ جيترا پئسا مون عمر ۾ نه ڏٺا آهن”.
“مون وٽ ڪجهه زيور آهن”.
“آهستي چئه .چورن کي غلط فهمي َء ۾ نه وجهي ڇڏين ”.سڙٻاٽن ۾ چيم“ ،تو وٽ آهيئي ڇا! هڪ ڦلي ،هڪ ڪنگڻي ۽
هڪ منڊي”.
ُ
“تون کڻي ته وڃ ”.هو َء المارا ڏيندي اندرين ڪوٺي َء ڏانهن ويئي ۽ اڏامندي موٽي آئي.
“اچي وٺ ”.هن رومال ۾ ويڙهيل زيور ڏيندي چيو“ ،هاڻي وڃ”.
رومال ۾ ويڙهيل زيور چور کيسي ۾ لڪائي ڇڏيم.
ٻار ڏاڍي حيرت ۽ دلچسپي َء سان اسانجي گفتگو ٻڌي رهيا هئا .مان جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هوس ،تڏهن انب
اچجانء .اسان سڀئي ان ۾ چڙهي پل صراط تان لنگهنداسين ۽ ڄام شورو به گهمنداسين”. ِ چيو“ ،بابا موٽر وٺي
زيور سنڀاليندو ،مان صراف بازار آيس .ٻن – چئن سونارن مونکي شڪي نگاهن سان ڏٺو ۽ پوليس وارن جهڙا سوال
پڇيائون ،جهڙوڪ :ڪير آهين ،ڪٿان آيو آهين ،ڇا ڪندو آهين ۽ هي زيور ڪنهن جا آهن ،وغيره.
کين ٻڌايم “ ،مان واڱڻ ٽپالي ،ولد ليمون خاصخيلي آهيان ،۽ پوسٽ آفيس ۾ لفافن تي ٺپا هڻندو آهيان .منهنجي زال مونکي
ارسالن سڏيندي آهي .مان ٽنڊي ٺوڙهي مان آيو آهيان ،جتي ڪوبه ٺوڙهو نظر نه ايندو آهي ۽ هي زيور منهنجي زال جا
آهن”.
“چوري َء جا ته ناهن؟”
“چوري َء جا هجن ها ته توهان وانگر جيڪر ڪو دڪان دڙو نه کولي ويهان ها”.
هڪڙي ٿلهي سوناري جنهن کي ٻنهي هٿن ۾ اَٺ منڊيون ،ويڻي َء ۾ سوني زنجيري هئي ۽ جنهن جا اڳيان ڇهه ڏند به سونا
هئا ،مون کان پڇيو“ ،تون موالنا ڀاشاني َء جو ڇاڙتو ته ناهين”.
“مان آڪاش واني َء تان سنڌي پروگرام ٻڌندو آهيان ”.يڪدم وراڻيم.
“تون ڪريڪ مالوم ٿئين ٿو ”.سوناري هٿ وڌائيندي چيو“ ،هي وٺ هڪ سؤني پنتري روپيا .جيور ڇڏي ني تون
رڦوچڪر ٿي وڃ .پوليس کي پاڻ کوش ڪري ڇڏينداسين”.
“پوليس! ڇا جي پوليس؟”
“سياڻو نه ٿا مائي باپ ”.هن کلندي چيو“ ،پاڻ چوري جو مال هڪ نجر ۾ ڀاپي وٺندا آهيون .پيسا وٺي گم ٿي وڃ”.
پوء پوليس کان لڪندو ڇپندو “ٻڪري پڙي” جو رخ ڪيم .رستي تان هلندي ائين پي محسوس پيسا وٺي کيسي ۾ وڌم ۽ ِ
ڪيم ،ڄڻ پل صراط تان پي لنگهيم .ڀتين جا پاسا وٺندو ۽ وڻن هيٺان لنگهندو پڙي َء تي پهتس ،جتي جانور اسان وانگر
خاموش بيٺا هئا ۽ سڀني جا ڪنڌ جهڪيل هئا.
منهنجي کيسي ۾ ڪل رقم هڪ سؤ پنجاسي رپيا هئي .انهن پئسن مان مونکي هڪ مضبوط جانور خريد ڪرڻو هو ،جيڪو
اسان جي ڪٽنب جو بار سهي سگهي ۽ سالمتي َء سان پل صراط پار ڪرائي سگهي .ٻڪرن تي منهنجي اک نه ٻڏي .هڪ
پوء نفرت وچان ڏاند جهڙي سنڌي ڳنوار کان هڪ ڳئون َء جي قيمت پڇيم .هن مون کي وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺوِ .
چيائين“ ،اي هل هل .پڻهين به ڪڏهن ڳئون ڏٺي آهي”.
ٻڌاء”.
عرض ڪيومانس“ ،ناراض نه ٿي ُء ،سنڌڙي َء جا سرتاج .مون کي رڳو هن ڳئون َء جي قيمت ِ
هن الپرواهي َء سان ٻن – چئن ڍڳين ڏانهن اشارو ڪندي چيو“ ،هي َء پنج سؤ ،هو َء ست سؤ ،هو َء سوا ست سؤ ،هو َء اَٺ سؤ
۽ هو َء ٻارهن سؤ”-
مون سندس وات تي هٿ رکي ڇڏيو“ ،بس بس .مون توبهه ڪئي”.
هن مون کي ڌڪو ڏيندي چيو“ ،ٽَر ُ ڙي ڀيڻيان ڀونتري .تون ڇا ڳئون وٺندين! تون وڃي ڀولو وٺ”.
الء هڪ پٺاڻ جي ٻاڪڙا پوء جسماني ڌڪو ڏنو .حواس ۽ اندرين کي جائيتو ڪرڻ ِ ڏاند جهڙي شخص اول مونکي ذهني ۽ ِ
هوٽل تي وڃي ويٺس.
مون پٺاڻ کان چئنڪ ورتي ۽ ڍ ُڪ ڍ ُڪ ڪري پيئڻ لڳس ۽ پنهنجي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچڻ لڳس .سوچيم،
پوء قيامت جي ڏينهن به موٽرن وارا پل صراط تي اسان کان اڳ نڪري ويندا .مرضي جيڪڏهن حالتون اِهي آهن ،ته ِ
پوندن ته پل صراط تان لنگهڻ بدران ،پل صراط جي مٿان هوائي جهازن ۾ اڏامي ويندا .ٽهڪندڙ سمنڊ ۾ بيدا اوٻاريندا ۽
ترار جهڙي تيز پل صراط سان ڊبل روٽين جا سالئيس ڪپيندا .مان فڪر ۾ پئجي ويس ته مان ،منهنجي موالئڻ گهرواريء
۽ اسان جا ٻار پل صراط ڪيئن پار ڪنداسين!
“ڇو اُستاد ،فڪرن ۾ پئجي ويو آهين ”.پٺاڻ هوٽل واري جي ٿري ڇوڪري منهنجي هٿ مان خالي ڪوپ وٺندي پڇيو،
“پيسن ڏيڻ بنا ڀڄي ويندين ڇا؟”
پوء کيس سڄي ماجرا ٻڌايم ،۽ آخر ۾ کيس اهو به ٻڌايم ته مان جيڪڏهن ماڻهو نه ،پر ٻڪر مون هن کي همدرد ڄاتو ۽ ِ
هجان ها ته وهللا دنيا ۾ وڌيڪ قدر ٿئيم ها .هن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي واقفيت به ڪرائي .هن ُمڇ تي هٿ
ڦيرائيندي چيو“ ،توکي اهڙو پهلوان ٻڪر ٿو وٺي ڏيان ،جيڪو ريس جي گهوڙي وانگر ڊوڙندو پل صراط پار ڪري
وٺندو”.
مسڪين مون کي پڙي َء جي وچ ۾ وڃي بيهاريو .هڪ ٻڪر ڏانهن اشارو ڪندي چيائين“ ،ڪيئن ٿو ڀانئين .سستو ملي
ويندوء”.
ِ
مون ٻڪر ڏانهن ڏٺو ،جيڪو ڪنهن ناڪام عاشق وانگر اُداس بيٺو هو .ٻوٿ وڃي ڌرتي َء سان لڳو هوس .مسڪين کي
چيم“ ،يار هي ٻڪر رومانٽڪ آهي ،تنهنڪري منهنجي ننڍڙي پٽ پتاشي جو به بار سهي نه سگهندو”.
مسڪين ڪم جو ماڻهو هو .هن چيو“ ،هينئن ڪر يار .توهان گهڻا ڀاتي آهيو؟”
“ن ََو”.
نو ڇيال وٺي وڃ”. “ َ
“ڇيلو پل صراط تان ڪيرائي ماريندو”.
وبهو
“يار تون به بلڪل ٺپو آهين ”.مسڪين چيو“ ،تون ن ََو ڇيال وٺي وڃ .کين خوب کارائي پيئاري متارو ڪرين .جڏهن ه ُ
ڇڏجانء”.
ِ ٻڪر جهڙا نظر اچن ،تڏهن هللا جو نالو وٺي ڪاتي َء سان ڪم الهي
“فائدو”.
“واهه يار واهه .اڙي ميان ،هڪ هڪ ڀاتي پنهنجي پنهنجي ٻڪر تي ويهي پل صراط پار ڪندو”.
“ته تنهنجي صالح آهي ته اسين قافلو ڪري پل صراط پار ڪيون؟”
“ها ”.مسڪين چيو“ ،اچ ته توکي ڇيلن جي سڀ کان وڏي واپاري َء پي – پي دهلي واال وٽ ٿو وٺي هالن”.
“تنهنجو مالڪ توکي تانگهيندو هوندو”.
“اُن جي پرواهه نه ڪر .پاڻيهي منهن ڏيندومانس .پنهنجو سنڌي ڀا ُء آهين .اول تنهنجي مدد ڪندس ”.مسڪين چيو“ ،اچ ته
پي – پي دهلي واال ڏانهن هلون .پري ناهي .اچ”.
ُ
پي – پ ي دهلي واال جو وات پان جي پڪن سان ڀريل هو .چپ واڇن تائين ڳاڙها هئس .قميص جو آڳو ٿڪن ۾ چٽيل هوس.
هو اڌڙ عمر جو هو ۽ مڇن ڏاڙهي َء کان آجو هو .هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو“ ،مان دهلي ۾ هاٿي وڪڻندو هوس،
هتي يعني پاڪستان ۾ ڇيال وڪڻندو آهيان”.
هُن جو قدخطن سان ڀريل هڪ ڳوڻ جيترو مس هو .اکيون شيريون ۽ چنجهيون هئس .هن پاڪستان تي افسوس ڪندي
هاء .قسمت اهڙو ڦيرو کاڌو آهي جو تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهي َء جي فٽ پاٿ تي سمهندوآهي”. هاء ِ
چيوِ “ ،
“تاج محل جو مالڪ!”
“ها ها تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهي َء جي فٽ پاٿ تي سمهندو آهي ”.هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو“ ،هن جو
نالو شاهجهان آهي”.
مون ساڻس همدردي َء جو اظهار ڪيو .هو خوش ٿيو .چيائين“ ،پنهنجي مرضي َء سان ڇيال پسند ڪر .مسڪين جو دوست
آهين ،تنهنڪري توسان رعايت ڪندس”.
مون ڪارا ،ڪٻرا ،اڇا ۽ ميرانجهڙي رنگ جا ن ََو ننڍڙا ڇيال ڇڪي پرڀرو ڪري بيهاريا.
پوء ڇيلن ڏانهن ڏسندي چيائين“ ،کڻي وڃ .ويهين ويهين رپئي”. پي – پي دهلي واال مسڪين ڏانهن ڏٺوِ .
“يعني!” مون کي رڙ نڪري ويئي.
“يعني ن ََو ڇيال هڪ سو اسي رپين ۾ کڻي وڃ”.
“يار پي – پي دهلي واال ائين نه ڪر .منهنجي حال تي رحم ڪر ”.مون کيس عرض ڪيو“ ،ڀائي ،مان واپارنه ڪندس.
هي ڇيال جڏهن ٻڪر ٿيندا تڏهن انهن کي هللا جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ اهڙي َء طرح ٻارن سميت پل صراط پار ڪندس”.
“مان دهلي َء ۾ هاٿي وڪڻندو هوس ”.هن نرڙ ۾ گهنج وجهندي چيو“ ،مان ڇيلن جي هڪ قيمت ٻڌائيندو آهيان ۽ ان ۾
وڪڻندو آهيان”.
منهنجي ک يسي ۾ هڪ سو پنجاسي رپيا هئا .سوچيم ته جيڪڏهن ڇيال نه ورتم ته سڄي عمر ۾ هڪ ڳئون به وٺي نه
سگهندس .جيئن ته پل صراط ضرور پار ڪرڻي آهي ،تنهنڪري ڇيال به ضرور وٺڻ گهرجن .مون پي –پي دهلي واال کي
چيو“ ،مان ڇيال وٺندس”.
هن رڙ ڪري هڪ گڏهه گاڏي َء واري کي سڏڪيو .گڏهه گاڏي َء واري ڇيلن کي ڪنن کان وٺي گاڏي َء ۾ ويهاريو مون
هاء ڙي قسمت .دهلي َء ۾ هاٿي وڪڻندو هڪ سو اسي رپيا پي – پي دهلي واال کي ڏنا .هن پيسا کيسي ۾ وجهندي چيوِ “ ،
هوس ،هتي ڇيال ٿو وڪڻان”.
نء.
پوء جڏهن گڏهه گاڏي هلڻ لڳي ،تڏهن مسڪين چيو“ ،گڏهه گاڏي َء واري کي پنجن رپين کان مٿي هڪ پائي به نه ڏجا ِ ِ
سمجهيئ ِه”.
“پنج رپيا!”
“ها ها ،فقط پنج رپيا”.
کانپوء اسان وٽ ٽڪو
ِ گڏهه گاڏي سڙڪن تي ڊوڙڻ لڳي .مون کي اوچتو خيال آيو ته گڏهه گاڏي َء واري کي پنج رپيا ڏيڻ
به نه بچندو ۽ پهرين تاريخ ۾ اڃا ٻارهن ڏينهن پيا آهن .گهر ۾ اٽو به نه آهي .ڪنڊي کي چمپل گهرجي .پتاشي کي وڏي
کنگهه آهي .کيس دوا گهرجي .مون کي “مغز ڦاڙ” معمي جا ٻن روپين ۾ ٽي حل موڪلڻا آهن ،پرنه موڪلي سگهندس.
الء لوسڻ نه وٺندين”.
“ڀائو ”.گڏهه گاڏي َء واري ڳالهايو“ ،ڇيلن ِ
“لوسڻ؟”
“ها ،ٻيو نه ته ڇيال ماني کائيندا ”،هن کلندي وراڻيو.
“يار گڏهه گاڏي َء وارا ،اهو بدبخت لوسڻ ڪيتري جو وٺڻو پوندو”.
“بس اهوئي ڪو رپئي – ڏيڍ کن جو روز کائيندا .اڃا ننڍڙا آهن نه”.
“۽ جڏهن وڏا ٿيندا؟” ڏڪندي ڏڪندي پڇيم.
“تڏهن ٻين – اڍائي رپين جو لوسڻ روز کائيندا”.
“يار گڏهه گاڏي َء وارا ”.مون آهستي چيو“ ،منهنجي پگهار ذري گهٽ اڍائي رپيا روز آهي .ڇيال ٻين – اڍائي رپين جو
پوء منهنجا ٻار ڇا کائيندا”.
لوسڻ کائيندا ته ِ
“تنهنجا ٻار به لوسڻ کائيندا ”،گڏهه گاڏي َء واري وراڻيو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
مون محسوس ڪيو ،ڄڻ مان پل صراط تان پنڌ ڪري رهيو هوس ،جنهن جي هيٺان ٽهڪندڙ سمنڊ هو ۽ مٿان باهه ڇڏيندڙ
سج.
ساجن منهنجو دوست
ساجن سينٽر جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي.
پڙهيل ڪڙهيل ڪونهي .سياسي قيدي به ناهي .تنهنڪري کيس سخت پورهئي سان سزا مليل آهي.
روز صبح جو سليماني چانهه ۽ ڊبل روٽي َء جو سڪل ٽوسٽ کارائي ،کيس ٻين قيدين سميت جيل پويان نيشنل روڊ جا پٿر
الء وٺي ويندا آهن.
ڪُٽڻ ِ
سڀيئي قيدي رستي تي وڇايل پٿر ڪُٽيندا آهن .لوهي مار تولن سان وڏا وڏا پهڻ ڪُٽي ننڍيون ننڍيون پٿريون ڪري ڇڏيندا
آهن .نه ڳالهائن ،نه ٻولهائن .کين فقط پنهنجي ڪم سان ڪم هوندو آهي .هر طرف کان سپاهين جون تيز ۽ ڪرڙيون
پوء ،جڏهن منجهند جو نگاهون کين گهورينديون رهنديون آهن .صبح جو سندن هٿ ۽ هٿوڙا هوريان هوريان هلندا آهن .پر ِ
ُ
تندور ٿيندي آهي ،تڏهن سندن چوٽن جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي ۽ اهي سخت جالئيندڙ سج چوٽ چڙهندو آهي ۽ ڌرتي تپي ُ
۽ ڪٺور پٿر جيڪي صبح جي ٿاڌل ۾ آساني َء سان ٽوڙي نه سگهندا آهن ،پل ۾ پرزا ڪري ڇڏيندا آهن.
انسان مشينون آهن .پگهر سندن ڪلن جو تيل آهي .جڏهن به پگهر سندن عضوي عضوي مان ريال ڪري وهندو آهي ۽
جڏهن سندن جسم تپي لوهه ٿي ويندا آهن ،تڏهن ڪارا ڪارا ٽاڪرو پٿر به قيدين جي چوٽن ۾ چٿجي چور ٿي ويندا آهن.
الڳيتي پهڻ – ڪشي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ڪو قيدي پنهنجي زبون زندگي َء کي گار به ڏيئي وٺندو آهي.
الء اجنبي ناهي .هت اچڻ کان اڳ به هن جي هٿ ۾ هٿوڙو هوندو هو ۽ هو اڪثر پر ساجن خاموش رهندو آهي .مارتول هن ِ
هڪ ئي ڌڪ سان موٽرن ،الرين ۽ ٽرڪن جا ڪٽ کاڌل بمپر سڌا ڪري ڇڏيندو هو.
ساجن چاڪيواڙي جي پويان هڪ گيراج ۾ ڪلينر هو .سندس وجود سڙيل موبل آئل ،گندي پيٽرول ۽ ڄڙهه مليل گريس ۾
گم ٿي ويو هو .هن پنهنجي ماضي َء جي باري ۾ نه ڪڏهن سوچيو ،۽ نه ئي ڪڏهن کيس پنهنجي مستقبل جي چنتا ٿي هئي.
هوش سنڀاليندي هن پاڻ کي پراڻين الرين ،موٽرن ۽ بسن جي هيٺان ليٽيل لڌو هو .پنهنجي زندگي َء جو راند ڪرڻ وارو
زمانو موٽرن جامڊگارڊ چمڪائيندي گذاريو هئائين .صبح کان سانجهي َء تائين موٽرن جي مر الهڻ جي عيوض کيس سٺ
رپيا ماهوار ملندا هئا.
سٺ روپين مان ٽيهه روپيا ٻاڪڙي واري ملباري َء کي ڏيندو هو ۽ باقي پئسن مان عيش ڪندو هو .سندس عيش جي “مينو”
۾ َپنَ جون ٻيڙيون ،چرس ۽ ڪڏهن ڪڏهن “ڪنتري” شامل هوندا هئا .ڪو روڪ ٽوڪ ڪندو هوس ته ٻئي ٻانهون هوا
۾ ڦهالئي چوندو هو“ ،اڙي يار ،پاڻ موالي ته عيش ڪندا آهيون عيش .نه ڪنهن جي چوري ،نه سينه زوري ،ا ُڏايون ٿا
پنهنجي مزوري .لڳي دم – ِمٽي غم”.
۽ جنهن ڏينهن ٺري جي هڪ بوتل ڳڙڪائي ويندو هو ،تنهن ڏينهن سندس سوچ سمجهه جي ڪلن تان ڪٽ لهڻ لڳندي
هئي .ان رات اڪيلن رستن تان ڳائيندو ايندو هو“ ،لڳي دم ،مٽي غم – لڳي دم ،مٽي غم ”.چرس ڀريل سگريٽ جا ڪش
پوء گيراج جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن بس جي پراڻي سيٽ تي کيس ننڊ کڻي ويندي سندس ذهن کي هلڪو ڪندا رهندا هئا ۽ ِ
هئي.
جيستائين کائي پي موج ۾ نه ايندو هو ،تيستائين خاموش رهندو هو .کيس نه ٻين سان ۽ نه ئي ڪا پاڻ سان دلچسپي هئي.
مهيني ۾ هڪ دفعو غليظ ڪپڙا مٽيندو هو ۽ ٻه دفعا ميونسپل نل تي وهنجندو هو .هڪ دفعي ڪنهن سماجي ڪارڪن
کانپوء هڪ تصوير ڪنهن ِ الء گتي ۾ پنهنجي ڪئميرا استعمال ڪئي هئي .ڪجهه ڏينهن معاشري جي گندي تصوير ڇڪڻ ِ
اخبار ۾ نڪتي .تصوير ۾ ڏيکاريل هو ته ملڪ جا نوجوان ڪيئن نه پنهنجي زندگي َء سان خطرناڪ راند ڪن ٿا( .ليک ۾
اهو لکيل نه هو ته سياستدان به ملڪ جي نوجوانن سان خطرناڪ راند کيڏندا آهن ).مراد ڪاسائي َء ساجن کي اها تصوير
ڏيکاريندي پڇيو هو“ ،هن کي سڃاڻين!”
“ڪو مردود آهي ،يار هڻيس گولي ”.ساجن الپرواهي َء سان وراڻيو هو.
“اڙي ڀاڙيا تون آهين ”.مراد ڪاسائي َء کيس ٻڌايو هو .ساجن کي پنهنجي شڪل به چڱي َء طرح ياد نه هئي .ڪڏهن ڪڏهن
الپرواهي َء سان پاڻ کي الل خان پان واري جي آئيني ۾ ڏسي وٺندو هو.
الپرواهي ساجن جي زندگي َء ۾ شامل هئي .ايتريقدر جي ڪڏهن ڪڏهن ،جڏهن گيراج ۾ مستري رمضان جي ڪوٺي َء مان
سازن جو آواز ۽ ڇي ر جو ڇمڪو ايندو هو ،تڏهن به هو ڪا دلچسپي محسوس نه ڪندو هو .هن ڪڏهن به پنهنجي مالڪ
مستري رمضان کان اهو نه پڇيو هو ته رات جو گيراج ۾ طبال ڇو وڄندا آهن؟ ڊانس ماستر شيام سندر ڇوڪريون ڇو وٺي
ايندو آهي؟ ڇوڪريون سڄي سڄي رات گيراج ۾ رهي ڇو پونديون آهن؟
هن ڪجهه نه پڇيو ،ڪجهه نه سوچيو .جيڪو نه پڇي ۽ نه سوچي تنهن کي هر ڪو پسند ڪندو آهي .ان ڪري ساجن کي
به مستري رمضان بيحد پسند ڪندو هو ۽ کيس گيراج ۾ رهڻ جي موڪل ڏني هئائين.
مکڙيون مهٽجنديون رهيون .گل ڪومائجندا رهيا .رات جي تاريڪي َء ۾ انسانيت جو خون ٿيندو رهيو ،پر ساجن ڪڏهن به
پنهنجي دل ۾ چهنڊڙي محسوس نه ڪئي .هن پاڻ سان گڏ دنيا کي به ڀالئي ڇڏيو هو .هڪ دفعي ڪنهن عيسائي َء مشنري َء
الء کانئس پڇيو هو“ ،تون مسلمان آهين؟” جي فادر کيس زوري َء ڪرستان ڪرڻ ِ
“نه”.
“هندو آهين؟”
“نه”.
“ڪير آهين؟”
“مان ساجن ڪلينر آهيان”.
فادر خار وچان ساجن کي گهوريندو هڪ طرف هليو ويو هو.
دين ڌرم جي باري ۾ به ساجن ڪجهه نه سوچيو .ها ،هو ڪڏهن ڪڏهن مسجد جي ُمالن جي ٻانگ جو ۽ مهاديو مندر مان
گهنڊن جو آواز ٻڌندو هو ،پر کيس ٻنهي مان مزو نه ايندو هو .هن مالن کي ُگتي ۾لڪي لڪي شراب پيئندي ڏٺو هو ۽ ٻانڀڻ
کي ُڇپي ُڇپي گوشت کائيندي ڏٺو هئائين .ساجن کي مراد ڪاسائي َء جو جملو ياد هو ته “اڙي موالئي ،هي َء سڄي دنيا دوکو
آهي .فقط صبح جو سائين سچ آهي ”.دين ڌرم سڀ ڌوڙ آهي”.
۽ ساجن روز صبح جو گانجي جو دم هڻي ،کنگهندي کنگهندي چوندو هو،
“آ صبح جا سائين ٻيڙي ٻني الئين،
جيڪي پيئن سي جيئن ،نه ته پري ٿي بيهن،
آ صبح جا سائين”.
۽ هڪ صبح جو جڏهن سائين َء کي سڏ ڪري ساجن ٻيڙي ٻني الهي رهيو هو ،تڏهن هن مستري رمضان جي ڪوٺي َء مان
هڪ ڇوڪري َء کي ٿڙندڙ قدمن سان ٻاهر نڪرندي ڏٺو .شيڊ جي ميرانجهڙي َء روشني َء ۾ هن ڏٺو ته ڇوڪري َء جا وار
منجهيل هئا ۽ اکين جي چوگرد ٿَڪ ۽ اوجاڳي جا گهرا نشان هئس .ڇوڪري َء بس جو سهارو وٺندي ،گيراج تي هڪ نظر
وڌي .ساجن جي پاسي ۾ سينور لڳل گگهي ۽ جست جو ميرو ۽ مروڙيل گالس ڏسي وک وڌايائين .قدم وچڙي پيس .موٽر
جي ٽائر تان ٿاٻو کاڌائين ۽ ٻئي لمحي دونهاٽيل ڪاري فرش تي ڦهڪو ڪري ڪري پيئي .ساجن کي ڪاوڙ لڳي ته
الء پنهنجي ڪنڊ مانڇوڪري َء سندس سمورو سرور ڪافور ڪري ڇڏيو هو .هو بيدلي َء سان ڇوڪري َء کي سهارو ڏيڻ ِ
پوء الپرواهي َء سان ڇوڪري َء کي ٻانهن کان ڇڪي اُٿاريندي پڇيائين“ ،ڇا گهر جيئي ؟” اُٿيو ۽ ِ
“منهنجي ٻانهه ته ڇڏ ”.ڇوڪري َء ٻانهه ڇڏائيندي چيو“ ،منهنجي قميص تي پنهنجي ميري هٿ جا داغ ڪري ڇڏيندين”.
“تنهنجي ڪپڙن تي هن ڌرتي َء جا به ته داغ آهن”.
“ڀل هجن .اسان جي قسمت ئي داغدار آهي”.
“اُڃايل آهين؟”
“ها ،مان اُڃايل آهيان ”،ڇوڪري َء پنهنجن خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيو.
الء ُگگهي َء جي پاسي ۾ ويهي
پوء وڌيڪ پاڻي پيئڻ ِ ساجن کيس گالس ڀري ڏنو ۽ هو َء يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويئيِ .
رهي .مٺ مان مروٽيل نوٽ ڌرتي َء تي رکي پاڻي پيئڻ لڳي .ساجن سندس سامهون اچي ويٺو .مروٽيل نوٽ کڻندي پڇيائين،
“ڇا هي؟”
ڇوڪري َء جهٽ ڏيئي مروٽيل نوٽ ساجن جي چپٽي َء مان ڦري ورتو .وراڻيائين“ ،هي ڏهين رپئي جو نوٽ آهي .منهنجو
آهي .انسانيت جي قيمت آهي”.
“تنهنجو نالو انسانيت آهي؟”
“بلڪل ٻُڌو آهين ”،ڇوڪري َء ويران ٽهڪ ڏنو.
“نه .مان ٻڌونه آهيان .منهنجو نالو ساجن آهي”.
“ساجن!”
“ها ،منهنجو نالو ساجن ڪلينر آهي”.
“عجيب نالو اٿئي!” ڇوڪري َءرئي جي ڪنڊ ۾ نوٽ ٻڌندي چيو ،ضرور تنهنجي پي ُء رکيو هوندو”.
اهو نالو مراد ڪاسائي َء رکيو آهي ”.هن جواب ڏنو“ ،منهنجو ڪوبه پي ُء ڪونهي”.
“تنهنجو ڪو به پي ُء ڪونهي؟”
“مون کي ته ياد ناهي”.
۽ اوچتو اُداسين جا بادل اُڀرندا آيا .ڇوڪري اُٻاڻڪي ٿي ويئي .هن جي اندر ۾ پڙاڏو گونجيو ،ته ڇا مان به هڪ ڏينهن
ڪنهن اهڙي ساجن کي جنم ڏينديس جنهن جو ڪوبه پي ُء نه هوندو ۽ جيڪو ڪنهن گدلي گيراج ۾ ڪلينر ٿي سڄي دنيا کان
الپرواهه ٿي ويندو؟
ساجن ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
اوچتو ڇوڪري َء سوال ڪيو“ .تنهنجي ما ُءڪٿي آهي؟”
“هو َء ڪمبخت به مري ويئي”.
“مري ويئي!”
“ها ،مري ويئي ،اسان سڀ مري وينداسين .تون ،مان مسجد جو ُملو ،مندر جو ٻائو ،ڪرستان فادر ۽ منهنجي ما ُء .اسان
سڀ مري ويندا آهيون”.
“ڇا ٿيس؟”
االء .بس هڪ ڏينهن فٽ پاٿ تي مري ويئي .مان اُن وقت تمام ننڍو هوس ”،ساجن جواب ڏنو. “ ِ
خوف ،هراس ۽ ڊپ جي جذبن ڇوڪري َء جي تن بدن مان سيسڙاٽ ڪڍي سندس حواسن کي لوڏي ڇڏيو .هن پاڻ کي
ڪنهن فٽ پاٿ تي دم ٽوڙيندي ڏٺو .کيس پنهنجي نڙي َء ۾ ڪنڊا چڀندا محسوس ٿيا؛ ساهه ڦڦڙن ۾ ڦاسندو محسوس ٿيو ۽
سندس زبان خشڪ ٿيندي ويئي .هو َء پنهنجي حسرتناڪ موت جي تصور تي اُداس ٿي ويئي .نڙي َء ۾ موت جي تلخي
پوء گالس جو بچيل پاڻي ڳيت ڏيئي پي ويئي .گالس ُگگهي َء تي رکندي چيائين“ ،مون کي ٽئڪسي ته آڻي محسوس ٿيس ۽ ِ
ڏي .مان ٿڪل آهيان ساجن”.
پوء جڏهن ساجن ٽئڪسي آڻي گيراج جي ٻاهران بيهاري تڏهن ڇوڪري َء کيس دعا ڏني“ ،خدا تنهنجو ڀلو ڪندو ساجن”. ۽ ِ
ساجن آسمان ڏانهن ڏسي کلي پيو.
“ڇو ٿو کلين؟ ڇوڪري َء ٽئڪسي َء ۾ ويهندي پڇيو .ساجن جواب نه ڏنس ،پر ٻيو به هڪ ٽهڪ ڏنائين .کيسي مان پن جي
ٻيڙي َء ڪڍي ،دکائي ،ڪش هڻي ،دونهون آسمان ڏانهن ڇڏيندو اندر گيراج ۾ موٽي ويو.
الء گيراج کان ٻاهر نڪتو .در وٽ کيس ڪالهوڪي ٻئي ڏينهن سانجهي َء ڌاري ساجن پيرو موالي َء کان چرس وٺڻ ِ
ڇوڪري ملي ويئي .ساجن کي ڏسي بيهي رهي .ساجن پڇيس“ ،تون روز نچڻ ايندي آهين؟”
“نه .استاد شام سندر کان ڊانس سکڻ ايندي آهيان”.
“سڄي رات!”
“بلڪل ٻُڌو آهين ساجن ”.ڇوڪري َء طنز ڀريل لهجي ۾ چيو“ ،استاد شيام سندر ۽ مستري رمضان سڄي رات مفلسي َء کي
پيسي تي نچائيندا آهن”.
ڇوڪري َء جو جملو ساجن جي سمجهه ۾ نه آيو ۽ هو ڪياڙي کنهندو موالي َء جي اڏي ڏانهن هليو ويو.
ڍو تيڀيرو موالي َء جي اڏي تي جانو مڪراني َء ساجن کي خوب شراب پيئاريو .مفت جو مال قاضي َء کي جالل! ساجن َ
پيتو .ڪنتري َء جي ڪڙاڻ جڏهن سندس وات کي زهر ڪري ڇڏيو ،تڏهن هو ٽيبل کي لت هڻي ُگتي کان ٻاهر نڪري آيو.
هن قدمن کي هوا ۾ ٿڙندي محسوس ڪيو .دل ۾ رستي تي ليٽي پوڻ جي تمنا جاڳي اٿيس ،پر هلندو رهيو .ٿاٻو آيس ته فٽ
پاٿ تي اجايو ويهي پيسا ڳولهڻ لڳو .هلندي هلندي جڏهن اليڪٽرڪ پول سامهون آيس ته ان کي خوب گاريون ڏنائين .چنڊ
بادلن ۾ لڪي ويو ته پٿر کڻي آسمان ڏانهن اڇاليائين .گيراج ۾ پهتو ته پاڻ کي بس جي پراڻي سيٽ تي ا ُڇالئي ڇڏيائين .ٻئي
ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي ،ٽنگ ٽنگ تي رکي اکيون پوري ڇڏيائين .اوچتو پير ۾ خارش ٿيڻ لڳس .هٿ وڌايائين ته وڃي
پوء ٽنگ مٿي ڪري ،پراڻي ڇڳل النگ بوٽ کي کڙي َء کان ڇڪي الهي ڦٽو ڪيائين .ان وقت سندس النگ بوٽ ۾ پيس ۽ ِ
الء پڪاري رهي هئي .هن محسوس ڪيو ته آواز ڪن تي ڪنهن عورت جي آزي نيزاري َء جو آواز پيو .ڄڻ ته رحم ِ
مستري رمضان جي ڪوٺي َء مان اچي رهيو هو .هن اُٿڻ چاهيو ،پر گهيرٽ آيس ۽ جهٽ ۾ کيس ننڊ کڻي ويئي.
گهڻن ڏينهن تائين ساجن وري اُن ڇوڪري َء کي نه ڏٺو .هڪڙي ڏينهن سج لهڻ مهل ،هن ڪوٺي َء مان مستري جو آوازٻڌو.
ڪاوڙيل هو“ .جيستائين نوري نه ايندي ،مان هڪ پائي به نه ڏيندس”.
“هو َء اچڻ جهڙي ناهي اَبا ”،ساجن ڪمزور آواز ٻڌو .ان وقت هو مارتول سان رنگ تي ٽائر چاڙهي رهيو هو.
“اچڻ جهڙي ناهي ته پيسا به ناهن”.
“مستري ڪجهه ته خيال ڪر ”.ڪمزور آواز چيو“ ،اڃا تائين تو هن کي فلمن ۾ ڪم به نه وٺي ڏنو آهي ۽ ڃها تائين
کيس”....
الء کيس پيسا به ملندا آهن .خدا جي نالي ته نه ايندي آهي”.
“ان ِ
“پر اُن رات توهان ٻنهي”....
“پيسا به ته ڊبل ڏناسونس”.
ان وقت ساجن لوهي رنگ تي ٽرئڪٽر جو زبردست ٽائر چاڙهي ڇڏيو.
ڪوٺي َء مان مستري رمضان جو آواز آيو“ ،ٻين کي ويهه ڏيون تنهنجي ڌي َء کي ٽيهه .شراب به انگريزي استعمال ڪندا
آهيون .کيس ڪباب ۽ چاپون به ٻڪري َء جي گوشت جون کارائيندا آهيون .سودو فائديمند اٿئي پوڙهي”.
ساجن جون نگاهون وزني مارتول تي کپي ويون .مستري رمضان جا جمال سندس دماغ کي ڪنهن غيبي مترڪي سان
ڪُٽڻ لڳا .هن پنهنجي دماغ کي ،دماغ جي ويچارن کي چٿجندي محسوس ڪيو .احساس ٿيس ڄڻ ته مغز جون رڳون ڇڄي
پيون هيس .سمجهيائين ته رت ريال ڪري سندس منهن ڌوئي ڇڏيو هو .سندس اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا .روح جي نفرت مٺين ۾
ڀيڪوڙ جي ويس .انسان جي قيمت فقط ٽيهه رپيا! جسم کي پائمال ڪرڻ جي قيمت ٽيهه رپيا! جيڪي نادان هڏ کي مڏ تي
رکي اميدن جي جوٺي آس تي جيئندا آهن ،تن جي قيمت فقط ٽيهه رپيا! ساجن سستائي َء تي ٽهڪ ڏيڻ لڳو .عورت جي جسم
۽ ڪڻڪ جي هڪ مڻ جي ساڳي قيمت! هو ديوانن وانگر کلڻ لڳو .انسان جي عقل تي ،انسان جي اخالق تي ۽ انسان جي
وحشي جذبن تي.
تڏهن مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر ساجن جي ٽهڪن جو آواز ٻڌي پنهنجي ڪمري مان نڪري آيا .ساجن گهور
ڪري ٻنهي ڏانهن نهاريو .لوهه جي وزني هٿوڙي تي سندس گرفت مضبوط ٿيندي ويئي .هن حقارت مان ٻنهي ڏانهن ڏٺو ۽
چور ٿي ويئي ۽ پاڻي سڻڀي فرش تي زمين چور ُ پوء سڄي قوت سان هٿوڙو اڇالئي گگهي َء کي هنيائين .ٺڪر جي گگهي ُ ِ
جي انڊلٺ ٺاهي بيهي رهيو.
“ڪمبخت وڌيڪ پي ويو آهي ”،شيام سندر چيو.
مستري رمضان ڏند ڪرٽيندو ساجن ڏانهن وڌي آيو .کيس زوردار چماٽ وهائيندي چيائين“ ،ساجن ،ڄٽ جا پٽ .سوئر جا
ڦر ،حرامي ،مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا!”
ٽهڪ بادلن جي گجگوڙ وانگر گجي خاموش ٿي ويا .دل جي دنيا تي سارنگ وسڪارو ڪيو ۽ ساجن ٻنهي هٿن ۾ منهن
لڪائي سيٽ تي اونڌي منهن ڪري پيو.
الء خوب شراب پيتو ،ڪنتري ۽ ٺرو .جڏهن سندس کيسا بلڪل خالي ٿي ان رات هن مستري رمضان جي چماٽ وسارڻ ِ
ويا .تڏهن هن جانو مڪراني َء کي ڪنڌ کان وٺندي چيو“ ،اڙي جانو َء جا ٻچا ،پيسا ڪڍ”.
ڏيندء”.
ِ “پيسا هللا
“هللا ويٺو آهي مسيت ۾ ،هي گتو آهي پيسا ڪڍ”.
جوئا ڪندين؟”
“ها”.
“اچي هي رپيو وٺ ،اُڌارو .مراد ڪاسائي َء جي اوطاق تي جوئا هليئي پيئي”.
مراد ڪاسائي َء جي اوطاق تي جوئا هلي رهي هئي .ساجن سڀني کي ڦري ورتو ۽ پيسا کڻي گتي ۾ موٽي آيو .ٽيبل تي پير
کانپوء هن پنهنجي ڳل تي مستري رمضان ِ پٿاري ،ديسي شراب جي گالبي بوتل سوڍا ۾ مالئي پي ويو .ٺرو ۽ ڪنتري پيئڻ
جي چماٽ جو درد محسوس ڪيو .بي خيالي َء ۾ هن پنهنجون ٺريل آڱريون پنهنجي جلندڙ ڳل تي رکيون ۽ اوچتو سندس بدن
مان سيسڙاٽ نڪري ويو .هن رڙ ڪري پيرو َء کان هڪ ٻي بوتل گهري .بي بوتل جو شراب هن گالس ۾ نه پيٽيو ،پر
ٻُڪ ۾ وجهي پنهنجي جلندڙ ڳل ۽ پيشاني َء تي ڇنڊا هڻڻ لڳو .بوتل ۾ باقي بچيل ٺرو پنهنجي مٿي تي پيٽي ڇڏيائين .ساجن
جي ان حرڪت تي گتي ۾ ويٺل گراهڪن کي کل آئي .ڪي ته کلي کلي اونڌا ٿي پيا ۽ ڪن ٽهڪڙن ۾ چيو.
“خالص”.
“کالس”.
“ڦنيس”.
“آئوٽ”.
هن پيرو َء موالي َءکي ڪائونٽر تي بل ڏيئي باقي پيسا ڳڻيا .وٽس ڏهين ڏهين جا ٽي نوٽ هئا! پيرو َء کان وقت پڇيائين .رات
جا ساڍا ٻارهن ٿيا هئا .هن ڀڻڪيو“ ،نوري آئي هوندي”.
“ڪير نوري؟”
“مستري رمضان جي معشوق”.
“تنهن ۾ تنهنجو ڇاهي؟”
“اڙي سڙيل ڪاربيٽر ،ان بلبل جي قيمت آهي ٽيهه روپيا”.
“هان؟”
“ها ۽ اڄ رات مان ”.ساجن کي هڏڪي آئي“ ،مان نوري َء کي مستري رمضان جي ڪوٺي َء ۾ وڃڻ نه ڏيندس”.
“ڇو؟”
شش! ڪو ٻڌي نه وٺي ”.ساجن چپن تي آڱر رکي چوڻ لڳو. ،خبر اٿئي مترڪا ،نوري منهنجي – منهنجي – ڀيڻ آهي”. “ ُ
پيرو َء ان ڳالهه تي زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو“ ،وارو ڪر اڙي ساجن ،تنهنجي ڀيڻ مستري رمضان جي ڪڇ ۾ هوندي”.
پيرو َء جو جملو ساجن جي دل ۾ بڙڇي ٿي لڳو .هن جون نگاهون ڀت ڀت سان ٽڪرائڻ لڳيون .تڏهن اوچتو هن جي نظر
ڪنهن قومي ليڊر جي تصوير تي ڄمي ويئي .ساجن زوم مان بوتل ليڊر جي تصوير کي اُڇالئي هنئين ۽ ِ
پوء ٻئي ٻانهون
اُڀيون ڪري ڀت وٽ بيهي رهيو .گراهڪن ٽهڪ ڏيندي چيو.
“ڦنيس ”.
“کالس”.
“سالو آئوٽ آهي ،ڪُرو”.
ساجن ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي ڀت تي وهائي ڪڍيون ۽ چيائين“ ،مان کالس نه آهيان ،ڦنيس نه آهيان .مان کتم نه آهيان”.
پيرو موالي ڪائونٽر تان اُٿي آيو ۽ ساجن کي ڪنڌ کان وٺي لت هڻي گتي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين .ساجن ٿاٻڙندو،
اليڪٽرڪ پول سان وچڙندو اڳتي نڪري ويو .هن پنهنجي سيني ۾ جواال جلندي محسوس ڪئي .ڪنهن آتش فشان پهاڙ جو
الؤو سندس سموري وجود کي جالئڻ لڳو .آڳ جا شعال سندس اندر کي لهسائڻ لڳا.
الء لوهه کي وزني مارتول سان ڪٽڻو پوندو آهي .ڪڏهن ڪڏهن ته سڌ هئي ته ڪٽ کاڌل لوهه جي ڪٽ الهڻ ِ ساجن کي ُ
سخت زنگ آلود نٽبولٽ به مترڪي جي هڪ ڌڪ سان ڍرا ٿي ويندا آهن ۽ اڄ مستري رمضان جي زوردار چماٽ هن جي
ذهن جي ،ذهن جي شعور جي ،سوچ ويچار ۽ بي حس احساس جي ڪٽ الهي ڇڏي .هن جو ضمير ۽ ضمير جي غيرت
بيچين ٿي جاڳي اٿي .بغاوت جي باهه اندر ۾ ڀڙڪي اُٿيس .هن پنهنجي دل ۾ مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر خالف نفرت
جا لکين جذبا محسوس ڪيا .جيتوڻيڪ ٿڌي رات هير ۾ ٺري ويئي هئي ،پر تڏهن به هن جو بدن – باطن ۽ ظاهر ،تندور
وانگر تپي ويو هو؛ کوري وانگر کامي رهيو هو .هن ٿڙندڙ ٻرانگهن ۾ گهوماٽيل دماغ سان رمضان ۽ شيام کي مترڪن
سان چٿي چٿي ماري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو .هن ٻنهي کي ۽ ٻنهي جي دولت کي شڪست ڏيڻ ٿي چاهي .هن کيسي مان
ڏهين ڏهين جا ٽي نوٽ ڪڍي مٺ ۾ ڀيڪوڙيا .ائين ڪرڻ سان هن مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر جو ساهه پنهنجي
سٺ ۾ ڀيڪوڙجندو محسوس ڪيو .خوشي َء جو احساس ٽهڪن جي صورت وٺي رات جي خاموشي َء ۾ گونجندو رهيو.
پوء اوچتو سندس لهجو غمگين ٿي ويو .هن جي خوشي “هو هو ها! اڄ رات مان مستري رمضان کي مات ڪندس” ۽ ِ
ڪافور ٿي ويئي .ڏندن ۾ چپ چٻاڙيندي چيائين“ .اڄ رات منهنجي ڀيڻ مستري رمضان جي دولت ٿي نه نچندي .اڄ رات
منهنجي ڀيڻ استاد شيام سندر جي ڪڇ ۾ نه سمهندي .غريبي عورت کي نچڻ تي مجبور نه ڪندي”.
وءِ پ ۽ ٺو بي اچي ٻاهران دروازي ساجن پراڻي النگ بوٽ جي لت سان گيراج جو دروازو کولي ڇڏيو .هو ڪوٺي َء جي بند
رڙ ڪري چيائين “ ،اڙي مستري رمضان ،دئوس ٻاهر نڪري اچ .مان تنهنجو ۽ تنهنجي دولت جو دشمن آهيان .مان
نوري َء جو ڀا ُء آهيان .اچي ،کڻ هي ٽيهه رپيا ۽ نوري َء کي ٻاهر موڪل ”.ڪوٺي َء جو در کليو .هڪ صوبيدار ۽ ٻه پوليس
جاء تي پنڊ پهڻ ٿي ويو .ساجن جون نگاهون ڪوٺي َء الء تيار نه هو .هو پنهنجي ِ
وارا ٻاهر نڪري آيا .ساجن اهڙي واقعي ِ
جي در ڏانهن اُٿيون ته اتيئي ڄمي ويون .مستري رمضان جي هڪ هٿ ۾ شراب جو گالس ۽ ٻيو هٿ هڪ نيم ننگي
عورت جي چيلهه ۾ هوس .هو َء نوري نه هئي .سندس چپن ۾ سگريٽ هو .هن در جي چائنٺ تي قدم رکندي چيو“ ،مان
توکي ڇڏايان ها ساجن .پر نه .تو سوچڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي .اهڙا ماڻهو اسان کي پسند ناهن”.
اٿو ساجن ،جنهن مراد ڪاسائي َء جي اوطاق تي جوئا ڪئي ۽ جنهن جي پوء صوبيدار ڏانهن منهن ڪري چيائين“ ،هي ئي َ ِ
تالش ۾ توهان هتي آيا آهيو ۽ موقعي تي آيا آهيو”.
سپاهين ساجن کي هٿڪڙيون هنيون .ساجن خاموش رهيو .هن احتجاج نه ڪيو .آه به نه ڪيائين .فقط ويران نگاهن سان
مستري رمضان کي ڏسندو رهيو .مستري سگريٽ جو دونهون ڇوڪري َء جي منهن ۾ ڇڏيندي چيو“ ،هي َء نوري ناهي،
ساجن .پر ٻي ڪا نوري آهي .تو جهڙا سر ڦريا ،ديوانا ،ڪيترين نورين کي بچائي سگهندا؟”
مستري رمضان ٽهڪ ڏنو ۽ سٽ ڏيئي ڇوڪري َء کي سيني سان لڳائي ڪوٺي َء جو در ٻيڪڙي ڇڏيو.
ساجن سينٽرل جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي .روز صبح جو سليماني چانهه ۽ ڊبل روٽي َء جو سڪل ٽڪر کارائي ،کيس ٻين
قيدين سميت جيل پويان نيشنل روڊ جا پٿر ٽُڪڻ ِ
الء وڍي ويندا آهن.
Posted by wahabsahito at 9:37 AM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
] هڪ دفعي توکي چيو هوم ،ته مان ويراڳ مان موٽي ايندس ،۽ توسان پنهنجي بيپناهه محبت جي تجديد ڪندس .مان موٽي
آيو آهيان[.
جمعي جو ڏينهن هو .صبح جو وقت هو .مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس .سموري رات مون
خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو .صبح جو اُٿيس ته مٿو جائيتو نه هو .اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن،
بدمعاشن ،چورن ،ڦورن ،قاتلن ،ڌاڙيلن ،دانشورن ،سڌن سياستدانن ۽ اَڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان هللا سائين َء
جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس .جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي،
تڏهن کان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.
مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خبيث پوڙهي ٺوڙي جي تصوير ڏسي رهيو هوس ،جنهن اَسي سالن جي عمر
۾ سورهن سالن جي ڇوڪري َء سان شادي ڪئي هئي .اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائب هئي ،۽ پوڙهي
گهوٽ جي تصوير نمايان هئي ،جنهن پنهنجي ڏاڙهي َء جا وار ،۽ ڪياڙي َء تي ڇڏيل وارن جي جهـَـتَ ڪنهن ظالم جي دل
وانگر خضاب سان ڪاري ڪاري ڇڏي هئي .اُن وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو.
مون چيني کي چيو“ ،يار چينا ،سمجهان ٿو ،پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن”.
چينو مٽي َء جا ماڻهو ٺاهي رهيو هو .پڇيائين“ ،در کوليان ڇا؟”
“هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن ”.چيم“ ،در کولي ڇڏ ،اڄ قرض الهينداسين ،۽ ڪجهه يارن کي قرضن ۾
مبتال ڪنداسين”.
چيني چيو“ ،ماڻهو َء جي منهن تي نڪ فـِـٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان”.
چينو منهنجو ننڍو ڀا ُء آهي .ڏهن سالن جو آهي .بيحد ذهين آهي .ڏک سک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي .مون کي ملول
الء ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان .مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ٿيڻ نه ڏيندو آهي .مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني ِ
الء نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو .اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن ِ
سواء ڪجهه نه آهي .ڪجهه عرصي کان چينو مٽي َء مان ماڻهو ِ الء مالمت ۽ موت کان
اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن ِ
ٺاهڻ لڳو آهي .سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر علي َء جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن.
ٻيهر در کڙڪيو.
چيني ماڻهو َء جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو .ٻئي هٿ مٽي َء ۾ ڀريل هئس .ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين“ ،ٽينا جو پي ُء
هوندو .راتوڪي پارٽي َء مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي آيو هوندو”.
ٽينا ۽ ٽينا جو پي ُء اسان جا پاڙيسري آهن .ٽينا هڪ پرائيويٽ فرم ۾ اسٽينو گرافر آهي .وچولي قد بت واري سانوري
سلوڻي ڇوڪري آهي ،۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي .سندس پي ُء وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي.
الء کيڏندو هو ،۽ تمام
پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي .جواني َء ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم ِ
تيز بالنگ ڪندو هو .ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر تي پارٽيون ٿينديون آهن ،جن ۾ ٽينا جي فرم جا مالزم شامل ٿيندا آهن ،۽
رات جو دير تائين هـُـل هنگامو ڪندا آهن .صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پي ُء وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽي َء
الء معذرت ڪندو آهي ۽ صبح جو چانهه اسان سان مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي .هـُـل هنگامي ِ
الء طرحين طرحين جون پيئندو آهي .وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي .هو چيني کي مٽي َء مان ماڻهو ٺاهڻ ِ
صالحيتون ۽ مشورا ڏيندو آهي .هو چيني کي چوندو آهي“ ،ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر ،جن کي منهن تي
ڪنن بدران سوئر جا َوڄ هجن”.
چيني در کوليو .در ٻ اهران وڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو .در مان مون کي اڱڻ
۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو .سهڪي رهيو هو .ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان ،سومار چانڊئي
چيو“ ،ولو َء جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي .کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان”.
پڇيومانس؛ “دورو پيو اٿس ڇا؟”
روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين“ ،ها”.
سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي .سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي .ڏينهن جو اسڪول
ويندو آهي ،۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي .ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اَڌ
چريو آهي ،يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي .پر ،ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي .هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي ،۽
اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمبر آهي .بس ،ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس .سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس ،۽
پوء پگهر ۾ شم ٿي ويندو اٿس .اهڙي ڪيفيت ۾ هو گهر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ،۽ فقط هڪ جملو ورجائي ِ
وات مان ڪڍندو آهي“ ،مان سڀ سمجهان ٿو ،مان سڀ سمجهان ٿو .مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس”.
مائٽ مٽ ڏاڍو سمجهائيندا اٿس ته بابال ،سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي ،۽ هون َء به اسان مسڪين جو ڀال سچ
سان ڪهڙو واسطو -ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجهين.
پر ،دوري دوران ولو َء کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو آهي .هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس ،ته مان سڀ سمجهان ٿو،
مان سڀ سمجهان ٿو ،مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.
سوما ر چانڊئي کي ڪجهه سياڻن صالح ڏني هئي ،ته پنهنجي پٽ جو عالج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن
ڪراء -مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي ،۽ مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي .سومار چانڊئي حامي ڀري
ِ جمعي خان کان
پوء ،جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس ،تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيوهئي .پر ِ
هئائين“ ،ايندڙ هڪ صدي َء ۾ به مان پنهنجي پٽ جو عالج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگهندس”.
ولو َء ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مون سان ڀائپي آهي .هو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندا آهن ،۽ مان هنن جي ڳالهه
سمجهي سگهندو آهيان .منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها ،۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها ،ته هو پاڙي جي ڪيترن
ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها .تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي “ادا وڏو” ڪري سڏيندا آهن .ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو
آهي .منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي .چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي .مان هجان ته مون کي ،يا چيني کي پنهنجي گهر
پوء ،جڏهن سامت ۾ ايندو آهي،
وٺي ويندو آهي .اسين ولو َء کي پرچائي ،سمجهائي پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي ايندا آهيونِ .
تڏهن کيس گهر ڇڏي ايندا آهيون.
هي َء جنهن جمعي جي ڳالهه آهي ،تنهن ڏينهن سومار چانڊيو وڌيڪ پريشان نظر آيو ،چيائين“ ،کٽ جي پائي سان
مٿو هڻي ،مٿو پاڙي وڌو اٿائين ،رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس ،پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي”.
ڏنڊن ڏوٽن مشٽنڊن مردن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي ،مان سومار چانڊئي سان گڏ
سندس گهر ويس.
ولو کٽ سان ٻڌو پيو هو .نرڙ مان رت وهي رهيو هوس .رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين“ ،مان سڀ سمجهان ٿو ،مان سڀ
سمجهان ٿو .مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس”.
مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو .مان سندس پاسي کان ويهي رهيس .روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين“ ،ڏسين ٿو نه ادا
وڏا .مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون”.
سندس رسيون کوليندي چيم“ ،غلط ڪيو اٿائون ،منهنجا پٽ ،منهنجا ٻچڙا”.
مون ولو َء کي رسين کان آزاد ڪيو .هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو ،۽ چوڻ لڳو،
“مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس”.
سندس نرڙ تان رت اُگهندي چيم “ ،ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صالح ڪنداسين .جيڪڏهن چيني صالح ڏني ،ته
پوء توکي سچ ڳالهائڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو”.
پوء توکي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي ،۽ ِ
ِ
ولو َء کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس .چينو ماڻهو َء جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه
ٿيو هو .ولو َء جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولو َء کان پڇيو“ ،مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟”
ولو َء جي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.
مون چيني کي چيو“ ،هي ُء اسان جو سنگتي ،ولو ،چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي .تنهنجي ڪهڙي
صالح آهي”.
چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو .سوچ ۾ گم ٿي ويو .اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام
گهڻو ذهين آهي .سنڌو َء هڪ دفعي چيو هو“ ،چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي”.
چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو“ ،مان وتائي فقير جو وارث آهيان”.
سنڌو َء اُٿي کيس پيار ڪيو هو .پو َء هو َء جڏهن هلي ويئي هئي ،تڏهن چيني مون کي چيو هو“ ،سنڌو تنهنجي ِ
الء ميري
هيسڪل آهي .هو َء تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي .پر ،خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي
به پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگهندي”.
مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگهندو آهي .هو ايندڙ وقت جو امين آهي .هن هڪ
دفعو ولو َء کي چيو هو“ ،تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾ -ڌرتي َء جي باري ۾ ،آسمان
جي باري ۾ ،انسان جي باري ،عقيدي جي باري ،محبت جي باري ۾ ،زندگي َء جي باري ۾ ،موت جي باري ۾ -تون ڇاجي
باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!”
تڏهن ولو منجهي پيو هو .وائڙو ٿي ويو هو.
گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو .ڪجهه دير تائين ولو َء ڏانهن ڏسندو رهيو.
“ڏسينس ڇا ٿو!” چيم“ ،ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي”.
چينو ڳوٿل مٽي ۽ اَڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو.
نڪ بنا ماڻهو َء جو مجسمو کڻي آيو .نڪ بنا ماڻهو ڏاڍو عجيب پئي لڳو.
الء سچ ڳالهائڻ جو دؤر گذري ويو ”.چيني مٽي َء
“تون ،مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگهنداسين .اسان ِ
جي ماڻهو َء ڏانهن اشارو ڪندي چيو“ ،هن ماڻهو َء جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو ،تڏهن هي ُء ماڻهو چونڪ تي بيهي
اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگهندو”.
چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي .مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس
ڏانهن ڏٺو -پڪ ڪرڻ ال” ،ته منهنجي منهن تي نڪ آهي ،يا نه آهي!
تلڪ چاڙهي ،۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو هڪ بيحد سهڻي ڇوڪري اچي بيهندي آهي .نئين وڳي ۾
جاء وٽ ،ساڳي هنڌ تي ،نه هڪ وک هيڏانهن ،نه هڪ وک هوڏانهن .ائين هو َء روزانو اتي اچي بيهندي آهي -ساڳي َء ِ
ڀانء ته ٽيڪسي َء جو انتظار ڪري رهي آهي. ِ بيهندي،
مان يونيورسل بڪ ڊيپو َء جي ٻاهران فٽ پاٿ تي ٺهيل ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهن الڳيتو ڏسندو رهندو آهيان .هو َء
مون کي ائين انتظار ڪندي ،ڏاڍي وڻندي آهي .هو َء ،منهنجي وجود کان بيخبر ،روزانو ساڳئي هنڌ اچي بيهندي آهي .هو َء
ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبي َء کان وٺي اتي ب يهندي آهي ،۽ مان به ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبي َء کان
ڀانء ته ٽيڪسي َء جو انتظار ڪري رهي آهي! هو َء ڪالهه به اتيِ جاء تان ڏانهنس الڳيتو ڏسندو رهيو آهيان.
وٺي پنهنجي ِ
ئي بيٺي آهي .هو َء اڄ به اتيئي بيٺي آهي .سڀاڻي به هو َء اتي ئي بيٺي هوندي .وقت وڌي ويندو آهي .وڇوٽيون قائم رهنديون
آهن.
سڀاڻي شام جو هو َء جڏهن تلڪ چاڙهي َء ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ اچي بيهندي ،تڏهن سوچيان ٿو ،مان
يونيورسل بڪ ڊيپو َء جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهن الڳيتو نه ڏسندس ،مان فٽ پاٿ تي ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي نه
جاء تي ٻيو ڪو ،ممڪن آهي
جاء تي موجود هوندي .منهنجي َء ِ
جاء ٻيو ڪو اچي واالريندو .هو َء پنهنجي ِ
بيهندس .منهنجي ِ
توهان منجهان ڪو ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي کيس الڳيتو ڏسندو .اتي مان نه هوندس .مون ڪيفي جارج جي ٻن آن واري چالو
چانهه پيتي آهي.
ڪالهه جڏهن مان ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس ،۽ الڳيتو ڏانهن ڏسي رهيو هوس ،تڏهن هن هٿ سان مون کي پاڻ
ڏانهن اچڻ جو اشارو ڏنو هو .مان خوش ٿيو هوس ،۽ خوش ٿي ڏانهن وڌي ويو هوس .هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏامر جو
رستو هو ،۽ رستي تي بدحواسي َء سان ڊوڙندڙ موٽرن ،بسن ،رڪشائن ۽ ٽيڪسين جو سلسلو هو .وچ رستي هڪ آڙيڪاپ
وڏيري جي چلڪندڙ شورليٽ موٽر هيٺان مرندي مرندي بچيس .هر اُها موٽر جنهن ۾ وڌيڪ گوڙ ڪندڙ هارن لڳل هوندو
کانپوء ،موٽر جي مالڪ
ِ آهي ،سا موٽر گهڻو ڪري ڪنهن آڙيڪاپ وڏيري جي هوندي آهي .موٽر کي بريڪ هڻي بيهارڻ
مون کي خوفناڪ گار ڏيندي چيو“ ،مان هن وقت هوٽل اورئينٽ ۾ ڊنر تي پيو وڃان .واندڪائي هجي ها ته جيڪر کال
بخشيانء ٿو”.
ِ ٺوڪيانء ها .ڀـَـڄ،
ِ
سندس ڀوائتيون مڇون ڏسندي ،۽ ٻئي هٿ جوڙيندي ،کيس عرض ڪيم“ ،يا سخي ،سنڌ جا سرتاج تنهنجي مهرباني
جو مون صدين جي مسڪين جي جان بخشي اٿئي”.
هو مون کي هلڪڙي گار ڏيئي هليو ويو.
مان رستو لنگهي تلڪ چاڙهي ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ پهتس.
هو َء مون ڏانهن ڏسي رهي هئي .جڏهن ويجهو پهتم ،تڏهن پڇيائين“ ،موٽر ۾ ڪير هو؟”
“اڙي! تون نه سڃاڻينس؟”
“نه”.
“تعجب آهي ”.چيم “ ،صدين کان تون ۽ مان ،هن رستي جي ڪنارن سان ،هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا آهيون ،۽ هو صدين
کان اسان آڏو لنگهندو رهيو آهي .ڪمال آهي ،تڏهن به تون کيس نه ٿي سڃاڻين!”
“نه ”.چيائين“ ،مان کيس نه ٿي سڃاڻان”.
“اسان جو سائين هو ،سائين ”.چيم“ ،سنڌ جي عظمت جو زندهه مثال! اسان جا ڏک سور هر دؤر ۾ حڪومت جي
ڪن تائين پهچائيندو آهي .ڪڏهن ايم .پي .اي ٿيندو آهي ،۽ ڪڏهن ايم .اين .اي”.
“پڇيائين ““ ،تون ڪير آهين؟”
چيم“ ،مان ماڻهو آهيان”.
ک جو ساهه کڻندي پڇيائين“ ،ڇا ڪندو آهين؟”
“اوهه! مون سمجهيو هو ،شايد پوليس وارو آهين ”.سـُـ َ
“ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ،صدين کان توکي ڏسندو رهندو آهيان”.
“ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
“وڏيرن کي ووٽ ڏيندو آهيان”.
“ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
الء ٻوڙن مان تتر اُڏاريندو آهيان”.
“مغزز شڪارين ِ
“ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
“جڏهن ڪو عزتماب ايندو آهي ،تڏهن چار آنا وٺي نعرا هڻندو آهيان”.
“ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
مان منجهي پيس .هن جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي .چيائين“ ،ها ها ،ٻڌا” .ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
شرمائيندي وراڻيم“ ،ٻيو پـُـال َء پچائيندو آهيان”.
پڇيائين ،پڙهيل آهين؟”
“ايم .اي آهيان ،پر عقل کان وانجهيل آهيان”.
“نوڪري ڪندو آهين؟”
“نه”.
پوء ڇا ڪندو آهين؟”
“ته ِ
“مان محبت ڪندو آهيان ”.چيم“ ،ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبي َء کان وٺي مان توسان محبت ڪندو
آهيان”.
پڇيائين“ ،مان ملڪيت اٿئي؟”
“ڪنگال آهيان ”.وراڻيم“ ،پر دل جي دنيا جو بادشاهه آهيان”.
کانپوء هو َء وڌيڪ سهڻي نظر اچڻ لڳي.
ِ هن جواب نه ڏنو ،۽ سوچڻ لڳي .سوچ ۾ گم ٿيڻ
چيم“ ،سامهون واري مسجد جو مـُـلو منهنجو دوست آهي ،۽ اتفاق سان نڪاح رجسٽرار به آهي”.
هن پنهنجي پرس مان ٻه آنا ڪڍي منهنجي تري َء تي رکيا .چيائين“ ،ڪيفي جارج تي وڃي هڪ چالو چانهه پي ُء ،۽
ٺلهه وٽ بيهڻ ڇڏي ڏي .تون صدين جو سودائي ٿو ڏسجين”.
پوء ٻن آنن ڏانهن ڏٺو .ان وقت ساڳئي شورليٽ موٽر موٽي آئي ،۽ اسان ٻنهي وٽ اچي
مون ڏک وچان اول ڏانهن ،۽ ِ
بيٺي .پويون در کوليو ،۽ هو َء موٽر ۾ ويهي رهي.
سڀاڻي يونيورسل بڪ ڊيپو َء جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي مان نه بيهندس .منهنجي بدران ٻيو ڪو شخص ٺلهه کي
ٽيڪ ڏيئي بيهندو ،۽ الڳيتو ان بيحد حسين ڇوڪري َء ڏانهن ڏسندو رهندو ،جيڪا تلڪ چاڙهي ،۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ
وٽ روز شام جو اچي بيهندي آهي.
Posted by wahabsahito at 7:19 PM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
مون اڌ رات جو پنهنجي ڪچي گهر جي ڪچي َء ڇت تي چڙهي ،ڪچي مغز سان پڪو فيصلو ڪيو .مون چاهيو ته
تاريخ ساز تحريڪن جو شاهد آسمان منهنجي فيصلي جو شاهد هجي .مون آسمان هيٺان بيهي فيصلو ڪيو ته تاريخي روش
ڇڏي ڏيندس .ماضي بعيد ۽ حال استمراري َء جي وچ وارو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ۽ مجنون َء ۽ فرهاد جي روحن کي هرگز
خوش نه ڪندس .مجنون َء ۽ فرهاد جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو ٻيئي عشق ۾ برباد ٿي ويا .عشق ۾ برباد ته هر ڪو
الء تيار نه
ڄڻو ٿيندو آهي ،پر مجنون َء ۽ فرهاد جي عشق ۾ بربادي تمام عبرتناڪ آهي .ائين به نه هو ته مان ڪو بربادي َء ِ
هوس .منهنجو مسئلو مجنون َء ۽ فرهاد کان مختلف هو .هو ٻيئي فقط عاشق هئا .مان نه رڳو فهميده سان هڪ طرفو ازلي
الء ڪالرڪي به ڪندو هوس. عشق ڪندو هوس ،بلڪه پنهنجي َء پوڙهي َء ما ُء ۽ بيمار ڀيڻ ِ
عشق جي هڪ طرفي َء باهه ۾ جلڻ ڪري منهنجو هاضمو به خراب ٿي پيو .بک لڳڻ بند ٿي ويئي .راتين جي ننڊ
حرام ٿي ويئي .جيڪڏهن ننڊ کڻي ايندي به هئي ته ننڊ ۾ ڀوائتا خواب هنيا ُء ڏاريندا هئا .مون کان سڀڪجهه وسري ويو .ايشيا
جي بدحال معاشي تاريخ جي اڻلکيل صفحن مان منهنجي پوڙهي ما ُء ۽ بيمار ڀيڻ مون ڏانهن اُميد ڀريل نگاهن سان ڏسنديون
هيون .انهن حالتن ۾ مون روايتي انداز ۾ برباد ٿيڻ بدران ،مجنون َء ۽ فرهاد جي روش کان بغاوت ڪئي.
الء ،مون فيصلو ڪيو ته فهميده کان ڪجهه نه هاضمو درست ڪرڻ ال َء ،راتين جي رٺل ننڊ کي ريجهائڻ ِ
لڪائيندس ،کيس سڀڪجهه ٻڌائيندس .کيس چوندس ته فهميده ،مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي ،جهڙي دل وارا ڌرتي َء
سان ڪندا آهن .مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي .جهڙي سنڌي سٻاجهڙا موج ڀريل مهراڻ سان ڪندا آهن .مون توسان
اهڙي محبت ڪئي آهي ،فهميده ،جنهن جو مثال موت ۽ زندگي َء جي ڪشمڪش ۾ ته ملي سگهي ٿو ،پر عاشقن جي تاريخ ۾
الء ،آسمان
الء محبت جو حق تنهنجي ِ
هرگز ملي نه سگهندو ،مون آسمان ڏانهن ڏٺو ،۽ چيو ،مون اقتصادي طرح پيڙيل قوم ِ
هميشه وانگر خاموش رهيو .کيس منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
مان صبح جو سوير ننڊ مان جاڳيس .ان وقت منهنجي پوڙهي ما ُء مصلي تي ويٺي هئي ،۽ وڏي واڪ پنهنجي بيمار
الء دعا گهري رهي هئي ،جيڪا اوجها سينيٽوريم ۾ سلهه جهڙي شاهوڪار مرض ۾ مبتال هئي .دعا ڌي َء ،يعني منهنجي ڀيڻ ِ
کانپوء منهنجي َء پوڙهي ما ُء مون کان پڇيو“ ،سويل اٿيو آهين ،نماز پڙهندين ڇا؟”
ِ گهرڻ
وراڻيم“ ،نه”.
پڇيائين“ ،ڀال ڪسرت ڪندين ڇا؟”
“تون به شهيدن سان چرچا ٿي ڪرين ”.کيس ٻڌايم“ ،دال ماني َء تي ڪسرت نه ٿيندي آهي .اڳ يونيورسٽي َء جي
خرچ تي پلبو هوس ،تنهن ڪري ڪسرت ڪندو هوس”.
پوء ايترو سويل ڇو اٿيو آهين؟”
“ته ِ
“اڄ آفيس ڪجهه سويل ڀرو پهچڻو آهي”.
“وري ٿا امتحان وٺنين ڇا؟”
“امتحان!” مون حيرت مان امڙ ڏانهن ڏٺو .انهن ڏينهن ۾ اسان جي آفيس وارن جي مٿي ۾ امتحانن جو ڏيڏر ويهجي
ويو هو .هر ٻئي -ٽئين مهيني امتحان وٺندا هئا ،۽ هڪ -ٻن شهنشاهن کي نوڪري َء مان ڪڍي ڇڏيندا هئا( .اسين آفيس جا
ڪالرڪ هڪٻئي کي شهنشاهه سڏيندا هئاسين ).مون امڙ کي چيو“ ،ها .اڄ وري امتحان وٺندا”.
امڙ چيو“ ،اڳ به تون اهڙا چار -پنج امتحان ڏيئي ويٺو آهيان .هن دفعي به پير ميرل سائين تنهنجي مدد ڪندو”.
مون برش تي پيسٽ ڪڍي ۽ غلسخاني ڏانهن هليو ويس .برش ڪري ،کانئس پڇيم“ ،تنهنجو پير سائين پيرل ميرل
مڙس ماڻهو آهي ،يا الٽون”.
“وات نه هڻ ،موئا مرين!” امڙ پاراتو ڏيندي چيو“ ،پير سائين َء جي شان ۾ گستاخي نه ڪر”.
“چڱو معاف ڪر ”.غسلخاني مان نڪرندي چيم“ ،تنهنجي پير سائين َء ۾ جيڪڏهن کڙ تيل آهي ،۽ قبر مان ڪـَـنَ
پوء کانئس سفارش ڪرائي مون کان ڪا چڱيرڙي نوڪري ته ڏيار ،جنهن مان ٻه ڪڍي تنهنجو دعائون ٻڌندو آهي ،ته ِ
ويال ماني ته کائي سگهون .مان سئنيما جي گيٽ -ڪيپري ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان( ”.گيٽ -ڪيپري منهنجو
پارٽ ٽائيم ڌنڌو هو).
“تو جهڙي ڪافر جي پير سائين ڪڏهن به مدد نه ڪندو ”.امڙ ڪاوڙجي ويئي .ميز تي چانهه جو ڪوپ رکي هلي
ويئي ،ويندي ويندي چئي ويئي“ ،پير سائين َء جي باري ۾ بدشد ٿو ڳالهائين ،ڪٿي اها ڪالرڪي به وڃائي نه ويهين!”
“ڪالرڪي نه ،چئه شهنشاهت ”.مون ٽهڪ ڏنو .پر مون کي پنهنجو ٽهڪ اوپرو ۽ ڪنهن مقبري مان ايندو
محسوس ٿيو.
مان چانهه ج ي ڪوپ مان سرڪيون ڀرڻ لڳس ،۽ فهميده سان پنهنجي بي پناهه محبت جي اظهار ڪرڻ جون
ترڪيبون سوچڻ لڳس .هر هڪ انسان جي زندگي َء ۾ هڪ دفعو اهڙو وقت به ايندو آهي ،جڏهن هو عشق جي اڻانگين
راهن ۾ منجهي پوندو آهي .تڏهن ،ڪنهن سان الفت جو اظهار ڪرڻ جو خيال مغز کان ڦرڻي َء وانگر ڦيرائي ڇڏيندو آهي.
ان وقت سموري دنيا چوڏيل ۾ چڪر کائيندي نظر ايندي آهي .جيئن جيئن ڇوڪري وڌيڪ سهڻي ،من موهڻي ،تيئن چوڏيل
جا چڪر وڏا ۽ تکا .اهڙي َء حالت ۾ حياتي سوڙهي بوٽ وانگر اڻوڻندڙ ٿي پوندي آهي.
فهميده فقط سهڻي ،من مهڻي نه هئي .هو ُء پري پيڪر هئي .سونهن ۽ سوڀيا ۾ ڪو سندس ثاني نه هو .هو َء هر مرد
جي ذهن ۾ ديرو ڪيل ڪنهن تصوراتي عورت کان هزارين دفعا وڌيڪ حسين هئي.
فهميده ۽ مان آفيس جي ساڳئي ڪمري ۾ ويهندا هاسين ،جنهن جي ڀرسان اسان جي وڏي صاحب جو ڪمرو هو.
هو َء وڏي صاحب جي اسٽينوگرافر هئي ،۽ سندس اهم ۽ مخفي ڪاغذ ٽائيپ ڪندي هئي ،وڏي صاحب وڏي چاالڪي َء سان
فهميده کي آفيس جي ڏيڍ سؤ عملي کان جدا ڪري ڇڏيو هو .سؤ جي عملي مان فقط مون کي فهميده سان گڏ ساڳئي ڪمري
الء وڏي صاحب وٽ ٻه سبب هئا .هڪ ته مان وڏي صاحب جو بئڪ -ڊور هوس ،يعني ۾ ويهڻ ڏنو هئائين .ان مهرباني َء ِ
الء رشوت ۽ رشوت جو مال منهنجي معرفت وٺندو هو .تنهن چور دروازو هوس .هو اينٽيڪرپشن جي ڇاپي کان بچڻ ِ
ڪري هو هميشه مون کي پنهنجي ويجهو ويهاريندو هو .ٻيو سبب ته مان بدني بناوت ۾ اهڙو آهيان جو دنيا جي ڪابه
ڇوڪري ڀـُـل وچان هڪ دفعو مون ڏانهن ڏسڻ کان پو ِء وري ڪڏهن به مون ڏانهن ڏسڻ پسند نه ڪندي آهي .ماڻهن جو
خيال آهي ته جيڪا ڇوڪري سموري َء دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنصيب هوندي ۽ آپگهات جو ارادو رکندي هوندي ،سا فقط
مون سان محبت ڪري سگهندي.
“ڪهڙن فڪرن ۾ پئجي ويو آهين؟” امان چيو“ :پير سائين پيرل ميرل جي مهرباني َء سان امتحان ۾ چڱيرڙو ڪري
ايندين”.
پوء پڪ ڄاڻ ته چڱو ڪندس”.
مون آهستي چيو“ :جيڪڏهن هوش هٿان نه ويو ته ِ
الء مون خاص طرح تياري ڪئي .آمريڪن نيوي بلو سرج جو ڪوٽ ،اسٽيل زندگي َء جي سڀ کان وڏي معرڪي ِ
گري رنگ جي چوڪڙين واري پتلون ۽ اڇي قميص پاتم .ڪنڌ تي ميرون رنگ جو مفلر ويڙهيم .الئيٽ -هائوس سئنيما
واري َء گهٽي َء مان ورتل سيڪنڊ هينڊ آمريڪي ڪپڙا پائي ،ٽاٽائي ڪيم .ان وقت مان آمريڪين جي عظمت جو قائل ٿيس،
۽ سندن احسانمند ٿيس .آمريڪين کي سدائين ايشيا جي بکين ۽ اُگهاڙن ِ
الء دل ۾ درد هوندو آهي.
مان هڪ قديم آئيني آڏو وڃي بيٺس .پنهنجي عڪس ۾ مون کي اهڙي ڪابه خوبي نظر نه آئي ،جيڪا ڪنهن حسين
ڇوڪري َء جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي .عڪس ۾ مان اڳ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ڪسرتي پئي لڳس .پر اڄڪلهه جون
جديد ڇوڪريون پاور -هائوس پسند نه ڪنديون آهن .اڄڪلهه جون ڇوڪريون سهڻا ۽ نازڪڙا ڇوڪرا پسند ڪنديون
کانپوء بدلجي ويندي آهي ،۽ اهي ڇوڪرا انهن ڇوڪرين جون ساهيڙيون ٿي پوندا
ِ آهن ،جن جي جنس ڪجهه عرصي
کانپوء مس خالده ٿي پنهنجي َء
ِ آهن( .پڙهو جناح اسپتال جي رپورٽ مسٽر خالد حسين جي باري ۾ ،جيڪو ڪجهه عرصي
محبوبا جي ساهيڙي ٿي پيو).
پنهنجي عڪس ڏانهن ڏسندي ،مون سوچيو ته اسان جي لوڪ ڪهاڻين جا سمورا ڪردار جڙتو يا هٿ ٺوڪيا ناهن.
اسان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اهڙين عورتن جو به ذڪر آهي ،جيڪي بيحد سهڻيون هيون ،پر محبت جنگجو قسم جي جانٺن
جوانن سان ڪيائون .ان وقت مون کي پنهون َء ۽ ميهار جو خيال آيو .پنهون بلوچستان جو هڪ باغي اينگري ينگ مين
جنگجو جوان هو .هو اکروٽ مڪ سان ڀڃندو هو ،ڇانهي يعني هنداڻو تلوار سان ڪپيندو هو ،۽ کارڪون تير ۾ ٽنبي
کائيندو هو .ميهار به مانجهي مڙس هو .هو بيحد طاقتور شخص هو .جيئرن سانن جا مڻڪا ڀڃندو هو ،۽ جڏهن ڪاوڙ ايندي
جاء تي زوراورهئس ،تڏهن هڪ ڏينهن ۾ ٻه -ٽي دفعا ڇتي چناب ندي تري پار ڪندو هو .اهڙي َء ريت ،مان به پنهنجي َء ِ
هوس (“ آهيان) .پر پنهون ،ميهار ۽ مون ۾ ڪجهه بنيادي فرق هئا .هو ٻئي يار ڍَ َو تي هئا .ٻنهي مان ڪنهن جي به ما ُء
گهٽ غدا ڪري جلدي ڪراڙي نه ٿي هئي .ٻنهي مان ڪنهن جي به ڀيڻ اوجها سينيٽوريم ۾ داخل نه ٿي هئي .هنن ٻنهي ڄڻن
مان ڪوبه ڪالرڪ نه هو.
“آئيني ۾ ايڏو نه ڏس ”.امان جي آواز تي مون آئيني تان نظرون هٽائي ڇڏيون .امان چيو“ :مان ايندڙ رجب ۾ تنهنجي
شادي ڪرائينديس”.
“منهنجي شادي !” مان هڪدم آئيني وٽان هٽي ويس.
“ها ،تنهنجي شادي”.
“پر مان ”-
الء هڪ سٻاجهڙي ڇوڪري پسند ڪئي آهي”.
“مون تنهنجي ِ
“سٻاجهڙي فقط ٻڪري هوندي آهي”.
“وري وات ٿو هڻين!” امان ڪاوڙجي ويئي.
“وات ڪٿي ٿو هڻان ”.چيم“ :مان ته مٿو پيو هڻان”.
پوندء”.
ِ الء پسند ڪئي آهي ،تنهن سان شادي ڪرڻي
“ته بس .مون جيڪا ڇوڪري تنهنجي ِ
“پر مان شادي نه ڪندس”.
“ڇو نه ڪندين؟”
“بس ،نه ڪندس .هرگز نه ڪندس”.
امان منهنجي آڏو اچي بيٺي .سندس منهن جا گـُـهنج گهرا ٿي ويا .اکين ۾ ممتا ۽ ڪاوڙ گڏ ترڻ لڳس .پڇيائين“ :ڪٿي
ڪا ڇوڪري پسند ته نه اچي ويئي اٿئي؟”
مون امڙ کي جواب نه ڏنو .سندس اڇن وارن کي مٺي ڏيئي ٻاهر هليو ويس.
ٻاهر ،ڪراچي َء جو ڪوجهو شهر ،ڪنوار وانگر سينگاريل نظر آيو .موتمار بسون ڀنڀورين ۽ پوپٽن وانگر رنگين
۽ هلڪيون ڏسڻ ۾ آيون .موڳا ماڻهو ،منجهيل ماڻهو ،هيڻا ماڻهو ۽ هيڪال ماڻهو ،مون کي تڙاکڙا ۽ چست چاالڪ لڳا .ڄڻ
ڪائنات جي گٺل رڪارڊ جو ڪنهن پاسو ورائي ڇڏيو هو.
مان بس -اسٽاپ وٽ وڃ ي بيٺس ،۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس .مون محسوس ڪيو ،بس اسٽاپ وٽ بيٺل هر هڪ
ماڻهو َء جي نگاهه مون تي ڄمي ويئي هئي .شايد هنن پرکي ورتو هو ته هڪ ديسي عاشق مٿي ۾ عشق جو ۽ پيٽ ۾ بک جو
الء وڃي رهيو هو .بسون هميشه وانگر ڀريل پئي آيون .مون سوچيو ته پنهنجي زندگي َء جي
ڀوت کڻي محبت جي معرڪي ِ
پوء خيال آيو ته
ِ پر گهرجي. وڃڻ آفيس تي رڪشا آٽو ته نه، ۾ ء
َ ٽيڪسي گهٽ ۾ گهٽ سڀ کان اهم ڏينهن تي مون کي
پوء منجهند جي ماني َء کان محروم ٿيڻو پوندو .اسان جي آفيس -ڪئنٽين
جيڪڏهن آٽو رڪشا يا ٽيڪسي َء ۾ سفر ڪيم ته ِ
جي ماني پنهنجو مٽ پاڻ هئي -هڪ سنهڙي پاپڙ جهڙي ماني ،جنهن مان آرپار ڏسي سگهجي ،هڪ پتڪڙي پيالي دال
جي ،۽ هڪ لـِـڏ جهڙو شامي ڪباب .اها سموري عياشي پنجاهه پيسن ۾ ملندي هئي .تنهنڪري مون ٽيڪسي َء ۾ سفر
ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ،۽ هڪ ڀريل بس ۾ ڌوڪي پيس .پوئتان ايندڙ بيصرن اهڙي جوهه مان ڌڪو ڏنو جو
بـُـل کائي اڳتي هليو ويس ،۽ هڪ سنهڙي سيپڪ جو پير چيڀاٽي ڇڏيم.
سنهڙي سيپڪ تمام ڳوري آواز ۾ دانهن ڪئي“ :اور بدبخت وائڙا!”
مون هڪدم پنهنجو پير سنهڙي سيپڪ جي پير تان کڻي ورتو .هن جوهه وجهي مون ڏانهن نهاريو .ڀرون ڳتجي
ڪانو جهڙو نظر آيو.
َ ويس .چپ ڀيڪوڙجي ويس .ڪاوڙ ۾ هو کٿل
مون کانئس معافي ورتي.
پوء سندس منهن جي سيٽيل ک َل ڍري ٿي .اکين مان نفرت ختم ٿيس .چپن تي هو تڏهن به مون ڏانهن ڏسندو رهيوِ .
مرڪ آيس .مون کي ڪلهي تي آهستي ڌڪ هڻندي چيائين“ :يار ،مان ڀلجان ته نٿو .تون ڪراچي يونيورسٽي َء جو هيوي -
ويٽ باڪسر ،جانو آهين نه!”
مون آهستي وراڻيو“ :ها ،مان جانو آهيان”.
هن حيرت مان پڇيو“ :ڇهن -ستن سالن ۾ توکي ڇا ٿي ويو آهي .هيوي -ويٽ مان بدلجي الئيٽ ويٽ ٿي ويو آهين!”
مون کيس جواب نه ڏنو .مون ماضي َء ۾ جيڪي چار چڱا ڏينهن گذاريا هئا ،تن کي ياد ڪري ،حال کي غمگين
ڪرڻ نه پئي چاهيو.
هن پڇيو“ :تون پوليٽيڪل سائنس ۾ هئين نه؟”
“ها ”.مون آهستي وراڻيو.
““ مان مائڪرو بايوالجي َء ۾ هڪ مک وانگر معمولي شاگرد هوس ”.هن کلندي چيو“ :تون يونيورسٽي َء جو
چئمپين هئين”.
مان ماٺ رهيس.
هو ڳالهائيندو رهيو .چيائين“ :ايم .اي ڪيئه؟”
“ها”.
“وڌيڪ پڙهئين؟”
“ايل .ايل .بي”.
“واه واه ،ڀال اڄڪلهه ڇا پيو ڪرين؟”
“هڪ آفيس ۾ شهنشاهه آهيان”.
“شهنشاهه!” هن کان ٽهڪ نڪري ويو .چيائين“ :مشڪرو ٿي پيو آهين ڇا!”
وراڻيم“ :مان ابتر حالتن جي سرڪس جو بدحال مشڪرو آهيان”.
هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا.
“مون مائڪرو بايوالجي َء ۾ ايم .ايس .سي ڪئي آهي ،۽ هينئر انشورنس ايجنٽ آهيان ”.هن مون سان هٿ مالئيندي
چيو“ :منهنجو نالو عالمگير آهي .مان اڳئي اسٽاپ تي لهندس”.
مون ماٺ ميٺ ۾ ساڻس هٿ ماليو .جڏهن وڃڻ لڳو ،تڏهن چيائين“ :توکي حالتن ناڪ -آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي”.
جن انسانن جون خوشيون ،منهنجين خوشين وانگر ماضي َء ۾ دفن هونديون آهن ،هي وقت جي ٽـِـڪ تان دز لهندي
ڏسي اُداس ٿي پوندا آهن .مان آفيس تائين اُداس رهيس.
مان آفيس ۾ وقت کان ڪجهه اڳڀرو پهتس .فهميده نه آئي هئي .مان پنهنجي ڪرسي َء تي وڃي ويٺس ،۽ ايندڙ گهڙين
جي باري ۾ سوچڻ لڳس .شڪ جو ڪنڊو روح ۾ چڀڻ لڳو .گمان دل ۾ گهر ڪرڻ لڳو .هڪ سوال جا هزارين پڙاڏا
وايومنڊل ۾ گونجڻ لڳا -ڇا ڪندين! جيڪڏهن فهميده تنهنجي اڻميي پيار جي اظهار تي ناراض ٿي پيئي -ڇا ڪندين!
جيڪڏهن هن تنهنجي بيغرض محبت تي ٺٺولي ڪري وڌي -ڇا ڪندين! جيڪڏهن اندر جو حال اوريندي ،فهميده آڏو
پوء
الء مون وٽ فقط هڪ جواب هو ته جيڪڏهن فهميده خفي ٿي ،يا ناراض ٿي پيئي ،ته ِ ڀوڪ بڻجي پوين! هزارين پڙاڏن ِ
الء سڃ جو سفر ڪندس .مان پنهنجي هٿن سان مان پنهنجي وجود ۾ تاريخ جي ناڪام محبتن جا مقبرا کڻي ،المناڪ پڄاڻي َء ِ
پنهنجي شڪست جو قتلگاهه اڏيندس ،جتي غمناڪ ويرانين ۾ پنهنجو سر اڏي َء تي رکندس ،مان بي رحم آسمان جون اُهي
اکيون ڪڍي وٺندس ،جن سان هن ازل کان سچ کان ڪـَـچ آڏو هيچ محبت جو شاهد ڪندس ،۽ سر ڏيندس.
خوشبوء سان معطر ڪندي.
ِ تڏهن اوچتو ،فهميده ڪمري ۾ هلي آئي -هميشه وانگر کلندي ۽ ماحول کي
الء گڏ ڪيل لفظن کي به پاڻ سان منتشر ڪري ويو .ذهن پوالر ۾ ڀٽڪڻ لڳو ،۽
خيالن جو سلسلو ٽٽو ته ڄڻ اظهار ِ
مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
ڪرسيء تي ويهندي پڇيو.
ِ “مون کان خفي آهين ڇا ،جانو؟” فهميده
مون بدحواس ٿي ڪنڌ مٿي ڪيو .فقط ايترو چيم”:نه ،نه”.
پوء ،نه دعا نه سالم ،مون کي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيئه!”
بيحد دلفريب مرڪ سان چيائين“ :ته ِ
“او فهميده ،مان ڀوڪ آهيان ،مان ڀوڪ آهيان ”.مون ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيا.
“اڄ خير ته آهي نه توسان؟” هن ڪجهه حيرت وچان پڇيو.
الء فهميده ڏانهن ڏٺو.
“خير!” مون هڪ پـَّـ َل ِ
“طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟” هن مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.
مون ڇپر ڇنڀي ڏانهن ڏٺو .اندر ۾ متضاد قوتن جي وچ ۾ جنگ ڇڙي پيئي “ -ڳالهائين ڇو نٿو؟ -ڪٿي دفن ڪيا
اٿئي اُهي جمال ،جيڪي رات کان اُٿندي ويهندي گهڙيا اٿئي؟ -چوينس ڇو نٿو ،ڀوڪ ،بيوقوف ،ته مون توسان اهڙي محبت
ڪئي آهي ،جهڙي دل وارا ڌرتي َء سان ڪندا آهن -مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي ،فهميده ،جنهن جو مثال زندگي ۽
موت جي ڪشمڪش ۾ ته ملي سگهي ٿو ،پر عاشقن جي تاريخ ۾ هرگز ملي نه سگهندو -ڳالها” ،موڳا مٽر ڀوڪ،
بيوقوف ،ڳالها”!”
“تون مون کان ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ته نه پيو ڪرين!” فهميده پڇيو.
وڃاء -اها هڪ گهڙي تنهنجي ايندڙ
ِ وڃاء -وقت نه
ِ اندر ۾ آوازن جو طوفان اُٿي کڙو ٿيو “ -موقعو هٿان نه
زندگي َء جي ڪاتب آهي -چوينس ته فهميده ،مون توکي ايتري َء شدت ۽ سچائي َء سان چاهيو آهي ،جو هينئر منهنجي محبت
۽ عبادت ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي .مان ڪافر سهي ،ملحد سهي ،پر تون منهنجي روح جي عبادتگاهه جو مرڪز آهين”.
الء پنهنجا فڪر وساري ڇڏ ”.فهميده چيو“ :اچ ته سڀ کان اول هڪ هڪ ڪوپ چانهه جو
“چڱو ڀال ،ٿوري دير ِ
پيئون”.
چانهه به آئي ،پر دل کي هوش نه آيو.
پوء ڪيتري دير تائين
“ڪا نئين تازي خبر؟” فهميده روز صبح جو سڀ کان اڳ اهو اڻوندڙ سوال پڇندي هئيِ ،
اسين سياست جي اُپٽار ڪندا هئاسين .پر اُن ڏينهن مون ٽڙيل پکڙيل لفظن کي ميڙي ٺاهي چيو“ :اڄ دنيا جي سڀ کان اهم
خبر سنڌ مان نڪتي آهي”.
“ڇا جي خبر .ڪا خاص آهي ڇا”
“ها .هڪ ڀوڪ هڪ بيحد حسين ڇوڪري َء سان محبت ڪري ويٺو آهي”.
“ڀوڪن جو ٻيو وري ڪهڙو ڪم ! اها ڪا خاص خبر ناهي”.
“پر هي ڀوڪ ٻين ڀوڪن کان بلڪل مختلف آهي”.
“مٿي تي سڱ اٿس ڇا؟” هو َء هڪدم کلي پيئي .مان ککو وکو ٿي ويس.
تڏهن هن اوچتو پڇيو“ :ڪٿي تون ته ڪنهن ڇوڪري َء سان محبت ڪري نه ويٺو آهين ،جانو؟”
وقت جي ڪاتب قلم ّهٿ ۾ کنيو ،پر لفظن جو ميڙ ڇڙوڇڙ ٿي ويو .مون ڪجهه نه چيو.
فهميده چيو“ :فقط ڀوڪ محبت ڪندا آهن .تون محبت نه ڪجان””.جانو! محبت ۾ انسان کي موٽ ۾ درد کانسوا ِء
ڪجهه نه ملندو آهي”.
پوء؟”
پڇيومانس“ :سمجهه کڻي ته مون ڪنهن سان محبت ڪئي آهيِ .
پوء تون پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندين”.
هن آڱرين ۾ آڱريون جڪڙيندي چيو“ :ته ِ
کانپوء برباد ٿي ويندس!” مون وراڻيون“ :مان زندگي َء جي ڪشمڪش
ِ “هينئر ڪهڙو آباد آهيان ،جو محبت ڪرڻ
الء ٻن وقتن جو ويلو ڪمائيندو آهيان”.
۾ روزانو ارڙهن ڪالڪ ڪم ڪندو آهيان ،۽ پنهنجي َء پوڙهي ما ُء ۽ بيمار ڀيڻ ِ
پوء پنهنجو شارٽ هينڊ نوٽ بڪ
هو َء دري َء کان ٻاهر نهارڻ لڳي .ڪجهه دير تائين هو َء خاموش ويٺي رهي ،۽ ِ
کڻي وڏي صاحب جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
مان ڪمري م ب لڪل اڪيلو رهجي ويس .ان وقت مون دنيا جي معاشي تاريخ مان ڪنهن اهڙي ڪردار کي ڳولڻ
جي ڪوشش ڪئي ،جنهن پيٽ بکيو رکيو هجي ،۽ عشق ڪيو هجي.
کانپوء فهميده وڏي صاحب جي ڪمري مان ٻاهر آئي .چپن تي دلفريب مرڪ هيس .چيائين“ :صاحب ِ ٿوري َء دير
وڏو مهربان آهي مون کي پنجاهه رپين واري سالياني انڪريمينٽ ڏني اٿائين”.
““ منهنجي پنجن رپين واري سالياني انڪريمينٽ بند ڪئي اٿائين!”
“ڇو؟”
“مون کي الفالح سئنيما ۾ ڏسي ورتو هئائين”.
“گيٽ ڪيپري ڪندي؟”
“ها”.
فهميده جي چپن تان مرڪ گم ٿي ويئي .چيائين“ :تون ٻيو ڪو پارٽ ٽائيم ڪم ڇو نٿو ڪرين”.
“پارٽ ٽائيم ڪم سڀئي هڪ جهڙا هوندا آهن ”.مون وراڻيو.
پوء هڪ ڪاغذ ڪڍي ٽائيپ رائيٽ ۾ وڌائين.
هن بي آرامي َء مان ڪرسي َء تي پاسو ورايوِ .
مون کيس سڏ ڪيو“ :فهميده”.
“جي ُء”.
“اڄ دنيا ۾ هڪ تمام اهم خبر جو چوٻول آهي”.
“ڪهڙي خبر؟”
“ته ڪو ڪنهن سان محبت ڪري ويٺو آهي”.
“او جانو! اها ڀال ڪا خبر آهي!” هن کلندي چيو.
“ها ”.مون چيو “ :جڏهن ڪو نااهل ڪنهن سان محبت ڪري ويهندو آهي ،تڏهن اها دنيا جي سڀ کان وڏي خبر
هوندي آهي!”
الء ڪهڙي قسم جي قابليت جي ضرورت هوندي آهي؟”
ڪجهه حيرت وچان پڇيائين“ :محبت ڪرڻ ِ
وراڻيم“ ،هڪ وڏي چلڪندڙ موٽر ،وڏو بئنڪ -بيلنس ۽ وڏي قدبت تي هڪ وڏو پيٽ”.
“ ڪٿي تون اهو ته نٿو چوين ته فقط سماج جي درياهي گهوڙن کي محبت جو شوق آهي ”.فهميده اُداس ٿي ويئي.
چيائين“ :هو محبت مان ڇا ڄاڻن ،جانو .هو محبت نه ڪندا آهن”.
فهميده جي غمگين لهجي ڪمري جي ماحول کي اوچتو ئي اوچتو اُداس ڪري ڇڏيو .هوا ۾ ڄڻ خزان جي گيتن جي
مبهم گونج امل ٿي ويئي .ڪمري جي خاموشي َء ۾ ٻوسٽ جو احساس ٿيڻ لڳو .تڏهن ٻيهر ،فهميده کلي پيئي .مون سندس کلڻ
پٺيان ڏک جو ڏونگر ڏسي ورتو ،جنهن جو هن ڪڏهن اعتراف نه ڪيو هو .هن کلندي چيو“ :مان به وڏي ڪا بيوقوف
آهيان .هڻي ماحول کي اُداس ڪري ڇڏيم”.
مان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
ٻڌاء ته اهو ڀوڪ ڪير آهي ،جيڪو ويهين صدي َء جي آخر ۾ ڪنهن سان محبت
هن ٿڌو ساهه کنيو ،۽ چيو“ :هاڻي ِ
ڪري ويٺو آهي”.
“وساري ڇڏ دنيا جي ڀوڪن کي ،جن ڪڏهن محبت ڪئي هئي ”.مون وکريل لفظن جي ميڙ مان ڪجهه ڪڻا ڪڍي
ورتا .چيم “تون منهنجي مدد ڪر”.
“ڇا جي مدد؟” هن حيرت مان پڇيو.
مون جملن کي واڳ وجهندي چيو“ :مون کي ٻڌا” ،فهميده ،جيڪڏهن مون کي ڪنهن ڇوڪري َء سان محبت ٿي
الء مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مون ان ڇوڪري َء کي روح جي پوء پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪرڻ ِ
وڃي ،ته ِ
گهرائين مان چاهيو آهي .مون پنهنجي حياتي سندس تصور جي حوالي ڪري ڇڏي آهي .مون کي ٻڌا” ،فهميده ،ته مان کيس
پنهنجي چري چاهت ڪيئن سمجهايان -ڪيئن سمجهايان”!.
فهميده هڪدم پنهنجي ڪرسي َء تان اُٿي آئي ۽ منهنجي ميز آڏو اچي بيٺي .پنهنجين سمنڊ جهڙين گهرين اکين سان
منهنجين وياڪل اکين ۾ ڏٺائين.
پوء آهستي ،اهڙي آواز ۾ ،جنهن تي جوڳ جو گمان ٿئي ،فهميده پڇيو“ :اُها ڇوڪري ڪير آهي؟”
ِ
ٻڌاء ته مان ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ڪيئن ڪريان؟
جواب ڏيڻ بدران ،مون پنهنجو جملو ورجايو“ :مون کي ِ
اهڙي محبت ،جنهن جو مثال سنڌ کان ٻاهر ملڻ محال آهي ،اهڙي محبت ،جيڪا فقط ايشيا جي بدحال قومن جا باغي ڪري
سگهندا آهن”.
تڏهن اوچتو ،فهميده جي ٽيبل تي وڏي صاحب جي انٽرڪام فون جي گهنٽي وڳي .هو َء پنهنجي ميز ڏانهن موٽي
ويئي ،۽ فون جو رسيور کڻي صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ لڳي .رسيور رکندي چيائين“ :صاحب کي مٿي ۾ ڪا اٽڪل آئي آهي.
مان ڊڪٽيشن وٺڻ ٿي وڃان”.
هن پنهنجو ڊڪٽيشن -نوٽبڪ کنيو ،۽ ويندي ويندي منهنجي ميز آڏو اچي بيٺي .چيائين“ :منهنجو هڪڙو ڪم
ڪندين ،جانو؟”
“چـَـئـُـه”.
جاء تي وقت سر
“پوري ڏهين لڳي مسٽر شهيد علي نالي هڪ شخص مون کي فون ڪندو .چئجانس ،مان ٻڌايل ِ
پهچي وينديس”.
پوء هڪدم پنهنجي َء غلطي َء ۽ بيوقوفي َء جوا حساس ٿيم.
“ڪٿي؟” مون کانئس پڇيو ،۽ ِ
فهميده چيو“ :شهيد علي َء کي سڀ خبر آهي .تون لفظ ايترو چئجانس ته مان صاحب جي ڊڪٽيشن پيئي وٺان .پڪ
ڏيارجانس ته مان وقت سر پهچي وينديس ،فڪر نه ڪري”.
هو َء صاحب جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي .منهنجي اندر ۾ محبت جي عبادتگاهه جا ڪنگرا ڪري پيا .دل درد جي
سمنڊ ۾ لڙهي ويئي ۽ روح رڃ ۾ رلي ويو.
پوري ڏهين لڳي فون جي گهنٽي وڳي .دل چاهيو ته ڪاري ڪوجهي فون جو هڪ هڪ پرزو ڪڍي ڇڏيان .پر
جيڪي دل چاهيو سو نه ڪيم .فون رسيور کڻي ڪن سان لڳايم .ڪجهه نه چيم.
رسيور مان آواز آيو“ :مان شهيد علي پيو ڳالهايان”.
من ڪجهه نه چيو.
“هيلو ،فهميده! .....فهمي!”
مان ٻڌندو رهيس.
“تون ڳالهائين ڇو نٿي ،پياري!”
منهنجي رڳ رڳ ۾ نفرت جو زهر ڀرجي ويو
“ڳالها َء ،فهمي!”
صبر ۾ منهنجو ساهه منجهڻ لڳو.
“ڀال اِها به ڪا ڳالهه آهي جو ڳالهائين نٿي”.
اندر اڌ ٿيڻ لڳو.
“فهمي ،پياري ،ڳالها””.
مون کي ڪلهن تي پنهنجي صليب جو بار محسوس ٿيڻ لڳو.
شهيد علي َء هڪدم ڪاوڙ منجها چيو“ :ڪالهوڪي َء ڳالهه تان جيڪڏهن اڃا تائين ڦوڪيل آهين ته پو ِء وڃي جهنم ۾
الء ڇوڪريون کٽيون ناهن!”
پـئه .منهنجي ِ
هن وڏي آواز سان فون بند ڪيو.
مون رسيور رکي ڇڏيو.
مون سـَـنڌ سـَـنڌ ۾ سور محسوس ڪيو .ڇـَـپـَـر ڇپون ٿي پيا .روح کي ٻرندڙ جبل جو الوو جالئڻ لڳو .اکين وسڻ جا
ويس ڪيا .مان ڪرسي َء تان اُٿي ،دري َء وٽ وڃي بيٺس .ٻاهر اُس هئي ،روشني هئي ،پر منهنجي وجود تي ڪائنات جي
سموري اوندهه لهندي آئي .مان ،منهنجو سرڪش روح ،منهنجي مجبور دل ،اوندهه جي تهن هيٺان دفن ٿيندا ويا.
اسٽار سرڪس جو جوڪر
مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ماڻهو (جيڪي پاڻ بيمار رهندا آهن ،جن جا مائٽ بيمار رهندا آهن ).ڳوٺ حاجي ساوڻ
ڦلپوٽو مانڌياڻي َء کان ٻاهر ڀرتو ،والي بال ميدان وٽ ،خيراتي گشتي دواخاني واري الري َء جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
ڪجهه ماڻهو پاڻ بيمار هئا ۽ پنهنجي ال ِء دوا وٺڻ آيا هئا .ڪجهه ماڻهن جا مائٽ مٽ بيمار هئا ۽ هو پنهنجن مائٽن
ڇانو ۾ گوڏا اُڀا ڪري اوڪڙون ويٺا هئا .ڪجهه شخص ٻئي هٿ َ الء دوا وٺڻ آيا هئا .جيڪي شخص بيمار هئا سي وڻن جي ِ
مٿي تي رکي ويٺا هئا ۽ جهوٽا کائي رهيا هئا .جيڪي وڌيڪ بيمار هئا ،سي واڻ ڇڳل کٽن تي ڪن ڪڍي پيا هئا .ڪجهه
مريض ،جيڪي مرڻ ڪنڌي تي هئا ،تن کي جيئرو رهڻ جي تمنا ٻين کان وڌيڪ هئي ،۽ رکي رکي گشتي دواخاني جي
الري َء متعق پڇاڳاڇا ڪري بيهوش ٿي پئي ويا.
خيراتي گشتي دواخاني جي الري هفتي ۾ هڪ دفعو جمعي ڏينهن ،ڪنهن به وقت ،اسان جي ڳوٺ حاجي ساوڻ
ڦلپوٽو مانڌياڻي َء ۾ ايندي آهي .اسان اَسـُـر کان وٺي اڌ رات تائين الري َء جو انتظار ڪندا آهيون .دير مدار سهي ،پر الري
اسان جي ڳوٺ ضرور ايندي آهي ۽ اسان منجهان هر هڪ کي ڪونر دوا جو ڀري ڏيئي ويندي آهي.
انپوء
گشتي دوا خاني ۾ ٻه ماڻهو ايندا آهن .هڪ ميرو ،گدلو ،بڇڙو ۽ ڀوتن جهڙو ڊرائيور ،جيڪو بس بيهارڻ ک ِ
ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي ،۽ ٻيو ڊاڪٽر صاحب هوندو آهي .ڊاڪٽر صاحب سنهڙو ،سـُـڪل ۽ هيڊ جهڙو هوندو آهي .هو
ڏسڻ ۾ هوبهو چچي ،يعني ڪرڙي َء جهڙو آهي ۽ سڄو ڏينهن پان چٻاڙيندو رهندو آهي .سندس وات به چچي َء جهڙو وڏو،
ويڪرو ۽ چپن بنا آهي .هو مريضن کي دوا نه ڏيندو آهي ،پر شمع ۽ رومان معمه حل ڪندو آهي .اسان کي دوا گشتي
کانپوء ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي.
ِ دواخاني جو ڊرائيور ڏيندو آهي ،جيڪو الري بيهارڻ
انهن ڏينهن ۾ منهنجي ما ُء کي هڪ عجيب بيماري ٿي پيئي هئي .هو َء آسمان ڏانهن هٿ کڻي واڪا ڪندي هئي ،سڏڙا
ڪندي هئي ۽ احتجاج ڪندي هئي( .اها بيماري کيس اڃا به آهي .عالج هلندڙ اٿس ).هو َء ڪنهن ڪنهن وقت رڙيون
ڪري روئيندي به هئي .سندس عجيب بيماري َء کان وڌيڪ جنهن ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو ،سا اها هئي ،ته
منهنجي َء ما ُء اخبارون ،رساال ۽ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا .هو َء ٺـِـپُ ڄٽي هوندي هئي .الف کي لڪڻ سمجهندي هئي.
فتوي ڏني ويئي
ٰ اهڙي َء عورت جڏهن ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون ،تڏهن سڄي ڳوٺ جا طاق لڳي ويا .جهٽ پٽ
ته امان منجهه ڪو پڙهيل ڳڙهيل جن( ،جيڪو گريجوئيٽ کان گهٽ نه هوندو) ،داخل ٿي ويو آهي ۽ ويٺو کيس پڙهائي ۽
پڄرائي.
الء وڏن وڏن جادوگرن ،ڀوپن ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙن کي گهرايو ويو .سڀني ساڳي صالح ڏني ،ته
امان جو جن ڪڍڻ ِ
جيستائين امان کي ماري اڌ مئو نه ڪبو ،تيستائين جن منجهانئس ديرو نه ڪڍندو ۽ هو َء واڪا ڪري دنيا جو سک آرام
ڦٽائيندي رهندي.
ڀوپن جي چوڻ تي اسان جي مائٽن امان کي ڏنهن رات ڪٽڻ شروع ڪيو .ماري ماري ،هڏ گڏ چٿي چور ڪري
ڇڏيائونس ،پر هن واڪا ڪرڻ ۽ روئڻ پڙهڻ نه ڇڏيو .انهن ئي ڏينهن ۾ مان حيدرآباد مان ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو
مانڌياڻي َء موٽيو هوس .جڏهن امان کي دهل وانگر ڪٽجندي ڏٺم ،تڏهن ڀوپن کي چيو هوم“ :يار ترسو .منهنجي ما ُء جو خانو
خراب نه ڪريو .مان اجهو هينئر شهر مان تلوار هڻي ،يعني گراجوئيٽ ٿي موٽيو آهيان .منهنجي ما ُء ۾ جن ٻن ڪونهي.
ويهين صدي َء ۾ ويچارا جن هتان ڪوچ ڪري ويا آهن .مان پنهنجي ما ُء جو عالج پاڻ ئي ڪرائيندس.
ڀوپن مون کي ڪافر سمجهي ،منهنجي ما ُء جو عالج (مار ۽ موچڙو) بند ڪري ڇڏيو .تڏهن کان مون امان جو عالج
گشتي خيراتي شفاخاني مان ڪرائڻ شروع ڪيو ،جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي.
شروعات ۾ ڊرائيور ،جيڪو ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي ،تنهن منهنجي ما ُء کي تپاسيو .اڍائي سيڪنڊ کن جاچڻ
کانپوء ،مون کي چيو هئائين تنهنجي ما ُء کي ڄڀ تي ڪينسر ٿي پيو آهي ،تنهن ڪري سندس زبان تارون َء وٽان ڪپڻي
ِ
پوندي.
سندس فيصلو ٻڌي مان ڏڪي ويو هوس .عرض ڪيو هوم“ :ڪمپائونڊر شهنشاهه ،خدا جي واسطي ٻيو ڪو عالج
ٻڌا” ،ٻيلي ،منهنجي ما ُء جي زبان نه ڪپ”.
پوء ڪجهه دير تائين ڊرائيور/ڪمپائونڊر جي اسرار ۽ منهنجي عرض جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي .چچي َء جهڙو
ِ
ڊاڪٽر اسان جو آواز ٻڌي ٻاهر نڪري آيو .مان سندس پيرن تي ڪري پيس ،جن مان خوفناڪ ڌپ پئي نڪتي .ڊاڪٽر جا
پير چچي َء جي پيرن وانگر ويڪرا ،سنهڙا ۽ هيڊا هئا .هـُـن ويچاري منهنجو عرض اگهايو ۽ ڊرائيور/ڪمپائونڊر کي حڪم
جاري ڪيو ته هن مجهول جي ما ُء جو عالج واڱڻائي مڪسچر سان ڪيو وڃي.
تڏهن کان ،هر دفعي ،جڏهن به خيراتي گشتي دواخاني جي الري اسان جي ڳوٺ ايندي آهي ،مون کي واڱڻائي
مڪسچر جو ڪون ڀري ڏيئي ويندي آهي.
ان ڏينهن جمعو هو .مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ڳوٺاڻا (جيڪي) پاڻ بيمار رهندا آهن ،جن مائٽ بيمار رهندا آهن).
خيراتي گشتي شفاخاني جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
مان جڏهن به انتظار ڪندو آهيان ،تڏهن گانو ڳائيندو آهيان .گشتي دواخاني جي الري َء جو انتظار ڪندي ڪندي
ماسٽر چندر جو گانو ڳائڻ لڳس .ان وقت والي بال ميدان ۾ کتل ڪاٺي َء جي پول کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس ۽ ڳائي رهيو
هوس“ :تنهنجي ملڪ ۾ آيس قسمت سان پر سهڻا ڪين رهايو تو ،مون سان ڀورل ڪين رهايو تو”.
اڃا گانو شروع مس ڪيو هوم ،جو حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ ،جنهن کي ڪامڻ آهي ،منهنجي سامهون اچي بيٺو.
ڏانهنس ڌيان نه ڏنم ۽ ڳائيندو رهيس“ :ڀورل ڪين رهايو تو ،مون سان دلبر ڪين رهايو”.
حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ پاڻ کي آڙي ڪاپ سمجهندو آهي .سڄو ڏينهن ڳائيندو رهندو آهي ۽ قطب نما جهڙي
چنهبائي مڇ مروڙيندو رهندو آهي.
هن چيو“ :مجهول ،تنهنجي ما ُء سڄي دنيا جو کڻي آرام ڦٽايو آهي”.
گانو اڌ ۾ ڇڏي کانئس پڇيم“ :سڄي َء دنيا جو؟”
“ها”.
“مار! چئبو ته سڄي دنيا جي خبر چار رکندو پيو اچين”.
“گهٽ سمجهيو اٿئي ڇا!”
“تون جانسن جو ايلچي ته ناهين”.
خانڻ چيو“ :تون جڏهن کان شهر مان پڙهي آيو آهين ،تڏهن کان وڏو سوئر ٿي پيو آهين”.
“مهرباني”.
“تنهنجي ما ُء جي رڙين سچ پچ بيزار ڪيو آهي”.
الء افسوس آهي”.
“مون کي ان ِ
“تنهنجي افسوس مان ڪجهه نه ورندو”.
پوء جيئن حڪم ڪرين”.
“ ِ
“تنهنجي ما ُء جو عالج واڱڻائي مڪسچر سان هرگز ٿي نه سگهندو ”.خانڻ چيو“ :سهڻي صالح وٺين ته ما ُء جي
زبان ڪٽائي ڇڏ”.
چيومانس“ :مون کي چندر جو گانو ڳائڻ ڏي”.
پوء توکي
حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ کي ڪاوڙ لڳي .چيائين“ :جيڪڏهن پنهنجي ما ُء جي زبان ڪپائڻ نٿو چاهين ته ِ
ٻيو ڪو عالج ٻڌايون”.
“تون به ڀوپو ٿي پيو آهين ڇا؟”
“وڏو ڪو بدمعاش آهين”.
“مهرباني”.
“شودو به آهين”.
“مهرباني”.
خانڻ چيو“ :جيستائين تون راڳ ڳائي نه وٺندين ،منهنجي ڳالهه هر گز نه ٻڌندين .اول راڳ ڳائي وٺ”.
مون ٽن چئن منٽن ۾ چندر جو گانو ڳائي ورتو.
الء سولو عالج ڳولي ورتو آهي”.
خانڻ خوش ٿيندي چيو“ :مون تنهنجي ما ُء ِ
“سچ؟”
کانپوء تنهنجي ما ُء واڪا نه ڪندي .روئيندي به نه .رڙندي به نه.
ِ “ها .ان عالج
پوء جلدي ٻڌا” ،خانڻ”.
“ ِ
پوء هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين .ڄن ائٽم بم ٺاهڻ جو راز پئي ٻڌايائين .چيائين:
خانڻ اڳتي وڌي آيو .گنڀير ٿي ويوِ .
“پنهنجي ما ُء کي اخبارون ،رساال ۽ ڪتاب پڙهڻ نه ڏي .اهو سڄو وڳوڙ تڏهن کان ٿيو آهي ،جڏهن کان ماڻهين پڙهڻ
شروع ڪيو آهي .علم ماڻهو َء جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندو آهي”.
خانڻ کي جواب ڏنم“ :تون رواڻ جو ڀا ُء ببيڇڻ آهين .هليو وڃ .مان هينئر سي.ايڇ آتما جو هڪ گانو ڳائڻ شروع ٿو
ڪريان.
خانڻ مون کي ،منهنجي ما ُء کي ۽ علم کي بدشد ڳالهائيندو هليو ويو ۽ وڃي ٻٻر جي هيٺان بيٺو ،جتي ٻه -چار بيمار
سگهڙ هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏيئي رهيا هئا.
مان سي .ايڇ آتما جو هڪ سهگل ڇاپ گانو ڳائي رهيو هوس ،۽ سوچي رهيو هوس ،ته علم انسان جو سک چين
ڦٽائيندو رهيو آهي -علم انسان جو دشمن آهي ،جيڪو کيس ڄاڻ جا ٻاڻ هڻندو رهندو آهي.
اوچتو ڳوٺاڻا ڳاٽ اوچا ڪري ان گس ڏانهن ڏسڻ لڳا ،جتان گشتي شفاخاني جي الري ايندي هئي (اڃا به ايندي آهي).
گس ڏانهن نهاريم.
پريان دز ۽ مٽي َء جا ميرانجهڙا ڪڪڙ نظر اچي رهيا هئا .اسان جا ڪن الري َء جي آواز تي ٺهيل هئا .آواز الري َء
جو نه هو .مٽي َء جا ڪڪر وڌندا آيا .ڌوڪيندا آيا .آواز ويجها پوندا ويا.
پوء ،ٻه الريون ظاهر ٿيون .ٻنهي مان هڪ به الري شفاخاني واري الري نه هئي. “ ِ
ٻنهي الرين تي ستن رنگن جا پٽا ڏنل هئا .طرحين طرحين جون جهنڊيون الرين مان لٽڪي رهيون هيون .قسمين
قسمين گلن جون ڪنڍيون الرين جي المن سان ٻڌل هيون.
الريون والي بال ميدان وٽ اچي بيٺيون .اسان سڀئي حيرت ۽ اچرج مان الرين ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين .اهڙيون
رنگارنگي ۽ سينگاريل الريون مون فقط خوابن ۾ ڏٺيون هيون.
الرين مان ڪجهه ماڻهو لهي آيا .انهن کي به رنگارنگي ڪپڙا پاتل هئا .مٿي تي ڦندڻ واريون ڊگهيون ،ڪدو َء
جهڙيون ٽوپيون هئن .کين هٿن ۾ ويڙهيل ڇٽيون هيون ،جيڪي اُس ۽ مينهن کان بچا ُء ڪنديون آهن.
منجهائن هڪڙي ڄڻي َء کي ٽوپي َء ۾ وڏو ڦندڻ لڳل هو .هو وڌي اچي ڳوٺاڻن جي سامهون بيٺو .هن جي منهن تي
اهڙي مرڪ هئي ،ڄڻ کـِـ َل ۾ ڦاٽي پوندو .کيس نڪ جي چهنب تي ڳاڙهو رنگ لڳل هو .هن اول سڀني کي کيڪاريو ۽
پوء چيو“ :پيارا ڀائرو ،اسان اسٽار سرڪس جا مشڪرا آهيون .مان اسٽار سرڪس جو وڏو مشڪرو آهيان”.
ِ
اسان سڀني تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪئي .وڏي مشڪري چيو“ :اڄ اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر حيدرآباد
شهر ۾ پهچي رهيو آهي .مان توهان سڀني کر عرض ٿو ڪريان ،ته هلي ،عظيم جوڪر جو استقبال ڪريو”.
خانڻ چيو “ :اسان استقبال رڳو وڏن ماڻهن جو ڪندا آهيون .جڏهن به ڪو وڏو ماڻهو شهر ۾ ايندو آهي ،اسان کي
ٽرڪن ۾ چاڙهي شهر نيو ويندو آهي”.
وڏي مشڪري وراڻيو“ :عظيم جوڪر دنيا جو سڀ کان وڏو جوڪر آهي .سندس استقبال توهان تي فرض آهي”.
خانڻ جواب ڏنو“ :اسان خيراتي گشتي دواخاني جو انتظار ڪري رهيا آهيون”.
“اڄ شفاخاني جي الري هيڏانهن نه ايندي ”.وڏي مشڪري وراڻيو.
“ڇو نه ايندي؟”
“ڇو جو اسٽار سرڪس جي جانورن ان الري َء تي قبضو ڪري ورتو آهي”.
وڏي مشڪري جو جواب ٻڌي اسان سڀني کي مايوسي ٿي.
الء شهر جا ڌڪا نه کائينداسين”.
مون وڏي مشڪري کي چيو“ :اسان هڪ جوڪر جو استقبال ڪرڻ ِ
“پيارا ڀائرو ”.وڏي مشڪري چيو“ :منهنجو ۽ پنهنجو وقت نه وڃايو .الرين ۾ چڙهو”.
“اسان نه هلنداسين”.
“توهان کي هلڻو پوندو”.
“زور آهي ڇا؟”
“ها .توهان کي هلڻو پوندو”.
“اسان نه هلنداسين ”.خانڻ چيو“ :اسان ڏسي رهنداسين ته تون ڪيئن ٿو اسان کي وٺي وڃين”.
“ڇا ڪندؤ؟ بغاوت!”
“ڪجهه به ”.خانڻ چيو“ :اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين”.
وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو .چيائين“ :تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي”.
“ڪجهه به ”.خانڻ چيو“ :اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين”.
وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو .چيائين“ :تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي”
“نه”.
“ نظام سقه پخالي هو ۽ هن هڪ دفعي شهنشاهه همايون کي درياه ۾ ٻڏي مرڻ کان بچائي ورتو هو .شهنشاهه همايون
الء هندستان جي تخت تي ويهاريو هو ”.وڏي مشڪري پنهنجو بيان هن ريت جاري رکيو ته: خوش ٿي کيس هڪ ڏينهن ِ
“هڪ دفعي شهنشاهه همايون سخت غمگين پئي ڏٺو .رکي رکي ٿڌا ساهه پئي کنيائون .اهڙي المناڪ گهڙي َء ۾ اسٽار
پوء شهنشاهه همايون خوش ٿي سرڪس جي جوڪر ،شهنشاهه همايون کي کالئي وڌو همايون کلي کلي کيرو ٿي پيوِ .
الء هندستان جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي آڇ ڪئي .پر افسوس، اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر کي هڪ ڏينهن ِ
عظيم جوڪر ،نظام سقه وانگر تخت تي ويهڻ کان اڳ الوپ ٿي ويو .ان ڳالهه جو همايون کي سخت صدمو رسيو .همايون
کي پڪ هئي ته عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺندو .تنهن ڪري هن پروانو صادر ڪري ڇڏيو ته ،جنهن به صدي َء ۾ ۽ جنهن به
الء ڏنيون
الء حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ِ دؤر ۾ ،اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺي ،کيس هڪ ڏينهن ِ
الء اسٽار سرڪس جي عظيم وڃن .اهو ڏينهن اڄ آيو آهي .ڌرتي َء جي هن حصي تي ،يعني پاڪستان تي ،اڄ ،هڪ ڏينهن ِ
الء هلڻو پوندو”.
جوڪر جي حڪومت آهي .توهان سڀني کي دنيا جي سڀ کان وڏي جوڪر جو استقبال ڪرڻ ِ
“اسان تڏهن به نه هلنداسين ”.خانڻ چيو“ :اسان هڪ جوڪر جو استقبال نه ڪنداسين”.
وڏي مشڪري جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي .هن منهن ورائي ٻين مشڪرن کي اشارو ڏنو .ڏهه -ٻارهن
مشڪرا اڳتي وڌي آيا .وڏي مشڪري پنهنجي ڇٽي اسان ڏانهن سڌي ڪندي ،ڇٽي َء جي هئنڊل کي زور ڏنو .ڇٽي َء مان
اسٽين گن نڪري آئي .ٻين مشڪرن به ائين ڪيو .ڏهه – ٻارهن مشڪرا اسان تي اسٽين گن (خودڪار بندوقون) تاڻي بيهي
رهيا.
وڏي مشڪري کـُـهري آواز ۾ چيو“ :هلو -جلدي ڪريو .الرين ۾ چڙهو”.
هرڪو ڳوٺاڻو ايالز ڪرڻ لڳو ،ته سائين وڏا مشڪرا ،اسان بيمار آهيون .اسان جا ٻار ٻچا بيمار آهن .اسان جا مائٽ
مٽ بيمار آهن .اسان تي رحم ڪر.
وڏي مشڪري وراڻيو“ ،توهان جون تڇ زندگيون عظيم جوڪر جي استقبال کان وڌيڪ اهم ناهن .هلو ،جلدي
ڪريو”.
ڳوٺاڻن ۾ چرپر ٿي.
وڏي مشڪري چيو“ :جيڪو سستي ڪندو ،ٻين کي ڀڙڪائيندو ،تنهن کي گولي َء سان اڏايو ويندو”.
الء نه.
الء تيار آهيون ،پر گولي َء سان اڏامڻ ِ
اسان ڪنبي وياسين .اسان گولي َء سان مرڻ ِ
بيمار ،ڏٻرا ،نٻل ۽ ڪمزور ڳوٺاڻا الرين ۾ چڙهڻ لڳا.
مون خانڻ کي چيو“ :ڪنهن جوڪر جي آجيان ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻـُـڏي مري”.
وڏي مشڪري اسٽين گن جي نالي منهنجي سيني تي رکندي پڇيو“ :تون هنن ڳوٺاڻن جو ليڊر آهين؟”
ٽ فيڊر آهيان ،۽ پـَـٽ فيڊر وانگر بيڪار آهيان”.
“نه ”.وراڻيم“ :مان ليڊر نه آهيان پـَـ ِ
وڏي مشڪري چيو“ :بڪواس نه ڪر .الري َء ۾ چڙهه”.
پوء خانڻ ،اللو ۽ چيهو چڙهي آيا.
مان ٽپ ڏيئي الري َء ۾ چڙهي ويٺس .مون کان ِ
جڏهن سڀئي ڳوٺاڻا الرين ۾ چڙهي ويٺا ،تڏهن وڏي مشڪري پنهنجن تابعدار مشڪرن کي ڪجهه چيو .تابعدار
مشڪرا اسٽين گن ڇٽين ۾ لڪائي ٻنهي الرين ۾ چڙهي آيا .وڏي مشڪري به پنهنجي اسٽين گن ڇٽي َء ۾ لڪائي ڇڏي .هو
پهرين الري َء ۾ ڊرائيور جي ڀرسان وڃي ويٺو .ان وقت سندس منهن تي مرڪ هئي.
الريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.
جيستائين هوش ٺڪاڻي اچي ،تيستائين اسان منجهان ڪنهن نه ڳالهايو .هرڪو اُٺ وانگر چپ ٽڪائي ويٺو هو.
الريون ڪچي گس تان ڊوڙينديون رهيون .مٽي َء جا ميرانجهڙا ڪڪر اُڏامندا رهيا .ڪراڙا ۽ بيمار سرگهڙ هڪ ٻئي کي
ڳجهارتون ڏيندا رهيا.
االء ڪيئن ٿيندو”.
کانپوء چيهي چيو“ ،يار ،منهنجو ننڍڙو تپ ۾ ورتو پيو آهيِ .
ِ ڪجهه دير
کيس دلداري ڏنم“ :وٺ ڪنجڪ ڪريم جي ،جڳ جو والي جو”.
“تون ته آهين بيپرواهه بادشاهه”.
“مان حڪم جو غالم آهيان”.
“مون کي پنهنجي پٽ جو فڪر آهي”.
هڪ مشڪري خوفناڪ رڙ ڪندي پڇيو“ :او! ڪهڙي ڦس ڦس لڳائي اَ َ
ٿو؟”
کيس ٻڌايم“ :چيهي کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر کايو ٿو وڃي”.
مشڪري ڇٽي َء مان اسٽين گن جي نالي ٻاهر ڪڍندي چيو“ :تنهنجو پٽ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي”.
“ٺيڪ ٿو فرمائي تابعدار مشڪرو ”.چيهي کي سمجهائيندي چيم”:تنهنجو پٽ ڪنهن به صورت ۾ عظيم جوڪر کان
اهم ڪونهي”.
چيهي گوڏن ّ۾ منهن وجهي ڇڏيو.
الريون ور و ڪڙ کائينديون ،ڊوڙينديون ،ڪڏهن سڪل ۽ ڪڏهن ساين ٻنين وٽان لنگهنديون ،اڳتي ڌوڪينديون
ويون.
کانسواء مري ته نه ويندس!”
ِ ـر مجهول ،مان دوا
حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ ،جنهن کي ڪامڻ هو ،پڇيو“ :يـ َ َّ
“مرڻو ته توکي بهرحال آهي ئي .پاڻ نه مريندين ته ماريو ويندين ”.کيس دلداري ڏنم“ .پر گشتي شفاخاني جي دوا
کانسواء ڪجهه ڏينهن دير سان مرندين”.
ِ
اللو َء مون کي ۽ خانڻ کي چيو“ :هڪ مشڪرو توهان ٻنهي کي تاڙي رهيو آهي”.
خانڻ ۽ مان ماٺ ڪري ويهي رهياسين .الريون هلنديون رهيون .اسان ڏٻرا ۽ بيمار ،جوان ،ٻڍا ۽ ٻار ،الرين ۾ جهوٽا
کائيندا ،صبر جا ڍڪ ڀريندا ،مالڪ جا لک لک شڪرانا بجا آڻي رهيا هئاسين.
ٻنهي الرين ۾ پٽاپٽي ڪپڙن وارا مشڪرا پنهنجيون پنهنجيون ڇٽيون تاڻي ،دوڏا ڦوٽاري ،چپن تي مرڪ آڻي ويٺا هئا.
سندن عقابي نگاهون اسان تي کتل هيون ،جنهن به ڳوٺاڻي چـُـرپر ڪئي ٿي ،تنهن کي نظر ۾ پئي رکيائون.
منهنجي پاسي ۾ هڪ جاٺو مشڪرو بيٺو هو .کيس چيم“ :تون آمريڪي مشڪري جيري لوئس جهڙو آهين”.
واڇون ٽڙي پيس .پڇيائين“ :ڀال ٻيو ڪنهن جهڙو آهيان؟”
“ڪجهه ڪجهه نارمن وزڊم سان به ملين ٿو .پر تون نارمن کان قدم ۾ ڪجهه سرس آهين”.
“ڪنهن پاڪستاني مشڪري جهڙو نه آهيان؟”
“ٿورو ٿورو سڌير ۽ درپن سان به ملين ٿو ”.وراڻيم ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳس ،هو ڏاڍو سرهو پي ڏٺو.
کانئس پڇيم“ :شهر ۾ اسان کان ڪهڙو ڪم وٺندا”.
جانٺي مشڪري وراڻيو“ :توهان کي سڙڪن جي پاسن کان بيهاريو ويندو .جڏهن عظيم جوڪر توهان وٽان لنگهندو،
تڏهن توهان منجهان ڪجهه ماڻهو جهنڊيون لوڏيندا ۽ ڪجهه تاڙيون وڄائيندا”.
“ٺيڪ .بلڪل ٺيڪ آهي ”.کانئس پڇيم“ :اسان وٽ هڪ دمڙي به ڪونهي .موٽنداسين ڪيئن”.
مشڪري وڏو ٽهڪ ڏنو .چيائين“ :پرواهه نه ڪر .توهان کي اسٽار سرڪس جي پاران ماني کارائي ويندي ۽ موٽ
ڀاڙو ڏنو ويندو”.
اها خوشخبري اک ڇنڀ ۾ سڄي الري َء ۾ ،سڀني ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي.
اوچتو ،اسان جي اڳيان هلندڙ الري َء ۾ ڌمچر مچي ويو .اُها الري بيهي رهي .اسان واري الري به بيهي رهي .اسان
واري الري َء جا مشڪرا ڇٽين مان اسٽين گن ڪڍي ،ڌمچر واري الري َء ۾ چڙهي ويا.
ڌمچر واري َء الري َء جي مشڪرن ڪندن کي هوا ۾ لٽڪائي ڇڏيو هو .ڪندن هوا ۾ ڇڙيون هڻي رهيو هو ۽ رڙيون
سواء مري ويندي .اڙي مون کي ڇڏيو.
ِ ڪري چئي رهيو هو“ :اڙي مون کي ڇڏيو .منهنجي ڌي َء کي جلندر آهي ،دوا کان
مون کي وڃڻ ڏيو”.
ڪندن رڙيون به ڪري رهيو هو ۽ پاڻ کي الري َء مان اڇالئڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو .وڏي مشڪري جي
حڪم تي هڪ تابعدار مشڪري ڪندن کي لوندڙي َء تي رائيفل جو ڪنداڪ وهائي ڪڍيو .ڪندن جي ڪن ۽ لوندڙي َء
پوء بند ٿي ويون .ڪنڌ ڪلهي تي لڙي آيس ۽
مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو .سندس رڙيون ۽ ڇڙيون ڍريون ٿي ويون ۽ ِ
اکيون بند ٿي ويس.
اسان سڀني کي ماٺ ڳڙڪائي ويئي.
مون دل جهلي وڏي مشڪري کي چيو“ :سائين وڏا مشڪرا ،منهنجي ما ُء بيمار آهي .مون کي موٽڻ ڏي”.
پوء چيو“ :تنهنجي بلڊي ما ُء عظيم جوڪر جي جتي َء جهڙي به ناهي”.
وڏي مشڪري خار مان مون ڏانهن نهاريو ۽ ِ
مان ڪجهه چوڻ تي هوس جو جانٺي مشڪري (جنهن سان دوستي ڳنڍي هئم) ،مون کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي وڌي.
ڏانهن ڏٺم .هن خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو .مان خاموش رهيس.
جاء تي وڃي ويٺو .هرڪو پنهنجي پنهنجي الري َء ۾ چڙهي ويو .الريون حيدرآباد شهر ڏانهن
وڏو مشڪرو پنهنجي ِ
ڊوڙڻ لڳيون.
الء فڪرمند آهين”.
مون کي ماٺ ۾ ڏسي جانٺي مشڪري پڇيو“ :ما ُء جي ِ
“ها”.
“فڪر نه ڪر .هڪ ڏينهن ۾ نه مرندي”.
“منهنجي ما ُء قيامت تائين زندهه رهندي .ان جي مون کي پڪ آهي ”.وراڻيم“ :پر ڊپ اٿم ته ڪٿي گشتي شفاخاني
جو چچي َء جهڙو ڊاڪٽر سندس زبان نه ڪپي ڇڏي”.
“ائين وري ڪيئن ٿيندو؟” هن حيرت مان پڇيو.
وراڻيم“ :ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو”.
جانٺي مشڪري پڇيو“ :مان جيڪڏهن فلمن ۾ ڪم ڪريان ته ڪيئن لڳندس”.
“واهه جو ماڻهن کي رئاريندين”.
“رئاريندس!”
“ها ”.کيس ٻڌايم“ :پاڪستاني مشڪرن کي ڏسي ماڻهو روئيندا آهن ۽ گول مٽول هيرن کي ڏسي ماڻهو کلي کلي چريا
ٿي پوندا آهن”.
جانٺو مشڪرو ڪاوڙجي ويو .منهن ڦيري ويهي رهيو.
مون به ساڻس شهر تائين نه ڳالهايو .شهر تائين ڪنهن نه ڳالهايو.
مشڪرا اسان کي حيدرآباد شهر جي مختلف رستن تان گهمائيندا ڦيرائيندا ،ان وڏي رستي تي وٺي آيا ،جتان دنيا جي
عظيم جوڪر کي لنگهڻو هو .رستو چمڪندڙ ڏامر جو هو ،جنهن جي پاسن کان اليڪٽرڪ پول هڪ جيتري وڇوٽي تي
بيٺا هئا .فٽ پاٿ سان سنوت ۾ لڳو لڳ التعداد بانس جا لڪڙا کتل هئا ،جن ۾ رنگا رنگي جهنڊين جون ڪنڍيون ٽنگيل
هيون .جهنڊين سان گڏوگڏ هزارين ماڻهو ڳاهٽ ٿيل هئا.
هر طرف هل هنگامو هو .ڄڻ عيد جو ميلو هو .چوڏيل چڪر هڻي رهيا هئا .پينگهون لڏي رهيون هيون ،جن ۾ رنگا
رنگي ڪپڙن وارا مشڪرا ۽ باندر اُبتا لٽڪيل هئا .گول گپن ،آلو ڇولن ،ڏهي وڙن ۽ قلفي فالودي جا گاڏا گهٽي َء گهٽي َء ۾
گهمي رهيا هئا .پٽاپٽي جهنڊيون ۽ جهنڊا بلڊنگن جي بولڪونين ۽ ڇتين تي لهرائي رهيا هئا .ماڻهن مٿي تي توتڙن جهڙا
ٽوپال پائي ڇڏيا هئا ،جن ۾ هڪ هڪ ڳاڙهو ڦندڻ لڳل هو .اسٽار سرڪس جي جانورن جا پڃرا فٽ پاٿن تي رکيل هئا.
جانور حيرت مان ماڻهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
ڇانو ۾ سينگاريل سڙڪ تائين وٺي آيا.َ مشڪرن اسان کي هڪ ننڍڙي رستي جي اڌ ۾ الرين مان الٿو ۽ ڇتين جي
اللوء ۽ چيهي
ِ اسان کي اڳ بيٺل ماڻهن سان ڪلهوڪلهي ۾ مالئي بيهڻ جو حڪم مليو .حڪم جي پيروي ڪئي سين .خانڻ،
پنهنجي ٽولي نه ٽوڙي .اسان ڪن ڀڳل ڪندن کي به پاڻ سان ماليو ۽ سڙڪ جي پاسي کان بيهي رهياسين.
مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هجوم ۾ به اسان جهڙا ،اسان سان هم شڪل ،ڏٻرا ،نٻل ،بيمار ۽ ٿڪل ٽٽل ماڻهو بيٺا
هئا.
اڳ آيل هڪ پاڻ جهڙي کان پڇيم “تون ڪير آهين؟”
چيائين “مان اُٺ جو پٽ آهيان”.
““ مان مجهول آهيان ”.ساڻس پنهنجي سڃاڻپ ڪرايم .هن مون سان هٿ ماليو .کيس ٻڌايم “مون کي پنجاهه ميلن
الء آندو ويو آهي”.
جي پنڌ تان عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ ِ
اُٺ جي پٽ کي منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪابه حيرت نه ٿي .نه ئي هن مون سان همدردي َء جو اظهار ڪيو .هن چيو:
“مان هڪ سئو ساڍن ستن ميلن جي پنڌ تان ٻڪرين ۽ رڍن وانگر ڍوئجي هت پهتو آهيان”.
اوچتو اُٺ جي پٽ کي مٿي تي لٺ لڳي .هن ۽ مون منهن ورائي پوئتي نهاريو .هڪ مشڪرو (ان ڏينهن سڄي ملڪ
جو انتظام اسٽار سرڪس جي مشڪرن جي هٿ ۾ هو ).اکين ۾ شور وجهي اُٺ جي پٽ ڏانهن نهاري رهيو هو .هن ا ُٺ جي
پٽ کي چيو “ :تنهنجي ميڄالي ۾ ڏيڏر آهي ،جيڪو توکي ماٺ ڪري بيهڻ نٿو ڏئي .پنهنجي ٽان ٽان بند ڪر ،ورنه اُڦٽ نه
ماري وجهان””.
اُٺ جو پٽ ڌڪ پچائي رنگارنگي جهنڊين ڏانهن ڏسڻ لڳو .مون مشڪري ڏانهن ڏٺو .هو رنگ جو ڪارو هو ۽
چروٽ ڇڪي رهيو هو .چروٽ جو رنگ به ڪارو هو.
اُٺ جي پٽ ۽ منهنجي ڀرسان هڪ ڪراڙو شخص بيٺو هو ،جنهن جا وار ،ڀرون ۽ پنبڻيون کير جهڙيون اڇيون
هون .ٽڪڻ وٽان وار کٿل هئس ،جتان سندس مٿي جي اڇي ۽ چلڪڻي کل سج جي روشني َء ۾ تجال ڏيئي رهي هئي .هن اول
اُٺ جي پٽ سان همدردي َء جو اظهار ڪيو ۽ ِ
پوء آهستي چيو“ :سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي”.
اُٺ جي پٽ ساڻس نه ڳالهايو.
مون کانئس پڇيو“ :توکي ڪيئن خبر پيئي ته سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي”.
وراڻيائين“ :مان سڄي دنيا جو سير ڪري چڪو آهيان .ابن خلدون ۽ واسڪو ڊي گاما مون سان همسفر رهي چڪا
آهن”.
ک جي ڍٻري ڍلي اٿئي”.
ٿجاء مجهول ،ان کـَـ َ
ِ خانڻ منهنجي ڪن ۾ ڦسڪيو“ :خبردار
مون خانڻ جي ڳالهه اڻٻڌي ڪندي تاريخي پوڙهي کان پڇيو“ :ڀال سڄي دنيا ۾ ڪو اسان جهڙو نظر آئيه”.
“ها .ڌرتي َء جو چپو چپو اسان جهڙن انسانن سان ڀريو پيو آهي ”.تاريخي پوڙهي وراڻيو“ :مون صدين کان وٺي
انسان کي زندگي َء جي ڪڃري َء آڏو ليالئيندي ڏٺو آهي .انسان کي ماني َء جي گولي ڦيٿي پٺيان ڊوڙندي ڏٺو آهي .جيڪي
الء بيلٽ باڪسن ۾ ووٽ وجهي خوش ٿيندي ڏٺو اٿم”.
انسان پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا هوندا آهن ،انهن کي متارن ِ
ڪاري مشڪري ،پنهنجي ڪاري وات مان ڪارو چروٽ ڪڍي ،تاريخي پوڙهي جي چلڪڻي ٽڪڻ تي مهٽي،
وسائي ڇڏيو.
تاريخي ڪراڙي جي منهن تي ڪوبه تاثر نه آيو .هن رڙ نه ڪئي .سيسڙاٽ به نه ڀريائين .هن هٿ مٿي ڪري اڇن
پوء منهن ورائي مشڪري کي چيائين“ :مهرباني”. وارن تان چروٽ جي رک ڇنڊي ڇڏيائينِ .
مشڪري کلندي چيوهلل “تون صدين کان وٺي ائين ئي چوندو رهيو آهين”.
“تون صدين کان وٺي مون سان ائين ئي ڪندو رهيو آهين”.
“ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي ”.مشڪري وراڻيو“ :مان جتي به ويندو آهيان ،تون اُتي موجود هوندو آهين”.
تاريخي پوڙهي جواب ڏنو“ :پاڻ قيامت تائين ملندا رهنداسين ،دوست”.
ڪاري مشڪري وساميل چروٽ ٻيهر دکايو ۽ ڪش هڻي ،وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو .مان سندس وات ڏانهن نهارڻ لڳس،
جنهن مان ڪنهن ڪارخاني جي ڪاري چمني َء وانگر چروٽ جو دونهون نڪري رهيو هو.
تاريخي پوڙهي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
بيٺي بيٺي پهر گذري ويا .سج لهي ويو .اوندهه آئي .ٽيوب الئيٽون ۽ رنگارنگي پتڪڙا بلب ٻرڻ لڳا .عظيم جوڪر
جي سواري نه آئي .اکيون ٿڪجي پيون .پير ساڻا ٿي پيا .بدن نستو ٿي ويو .عظيم جوڪر جي سواري نه آئي .اڃ کان نڙي
خشڪ ٿي ويئي .چپ ڦاٽي پيا .پيٽ ۾ بک جا وٽ پوڻ لڳا .عظيم جوڪر جي سواري نه آئي .وقت نه بيٺو .اسان بيٺا
رهياسين .عظيم جوڪر جي سواري نه آئي.
نيٺ عظيم جوڪر جي سواري آئي ،۽ اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويئي .تاڙيون وڳيون ،وڄي بند ٿي ويون .رنگارنگي
جهنڊيون لڏيون ،لڏي پٽ تي ڪري پيون.
تڏهن سڄي هجوم کي پنهنجي پنهنجي گهر واپس ورڻ جي وائي ورائي ويئي.
گهٽين ۾ ،رستين تي ۽ سڙڪن تي اسٽار سرڪس جا مشڪرا ۽ الريون ڳوليون سين ،پر ناڪام رهياسين .هرڪو
ٽولي ٽولي ٺاهي اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي تالش ڪرڻ لڳو .اسان جي ٽولي َء ۾ ڪل پنج ڄڻا هئا -مان ،اللو ،خانڻ،
چيهو ۽ ڪندن.
اسان پنجن ئي وسان ڪين گهٽايو .اسٽار سرڪس جا مشڪرا الرين سميت جنن وانگر نظرن کان غائب رهيا .ڄڻ
سندن وجود ئي نه هو .خيالي جسم هئا .هوا ۾ تحليل ٿي ويا.
ڪالڪن تائين جڏهن اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پياسين ،تڏهن هڪ فٽ پاٿ تي اچي
ويٺاسين .اتي حاجي سانوڻ جي پٽ خانڻ چيو“ :مجهول ،کيسي ۾ گهڻا پيسا پيا اٿئي”.
“منهنجي قميص کي کيسو آهي ئي ڪونه”.
چيهي چيو“ :مون وٽ پنج پيسا آهن”.
“يار اهي پنج پيسا ڏي ته برف جو پاڻي پي پيٽ ٺاريون ”.خانڻ هڪدم چيو.
کانپوء جست جو هڪ چٻو ٽنڊوِ چيهي پنج پيسا ڪڍي خانڻ کي ڏنا ۽ خانڻ هڪ ٻاڪڙي ۾ گهڙي ويو .ٿوري دير
جڳ ۽ هڪ مروڙيل جستي گالس کڻي آيو .اسان پنجن ئي ڍَ َو تي ٿڌو پاڻي پي ،اکين تي ٿڌي پاڻي َء جا ڇنڊا هنيا .ڪجهه
هوش آيو .هوش آيو ،ته بک ڀڙڪي اُٿي .بک لڳي ،ته بيمار مائٽن جو خيال لهي ويو .اسان منجهان ڪنهن وٽ به هڪ
دمڙي نه هئي.
ان وقت رات جا اٺ -نـ َ َـو ٿي رهيا هئا .هٿ پير هڻي ۽ محنت مزدوري ڪري ڪجهه ڪمائڻ جو سوال ئي نٿي پيدا
ٿيو.
اللو َء چيو“ :بک کان منهنجو هان ُء ٿو ڍرڪندو وڃي”.
ڪندن چيو“ :منهنجو مٿو ٿو ڦري”.
پوء خانڻ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو .چيائين“ :مون کي هڪ اٽڪل مٿي ۾ آئي آهي”.
ِ
“ڇا جي”.
“ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائي پيٽ پالڻ ۽ ڀاڙو ڪري ڳوٺ ورڻ جي اٽڪل”.
“سچ ”.اسان سڀئي ڳاهٽ ٿياسين.
“ها”.
“ٻڌا””.
پوء ڪجهه دير تائين نهاريندو رهيو.
هن اسان سڀني جي منهن ۾ نهاريوِ .
ٻڌاء ڀال ”.چيهي چيس.
“ ِ
“ٻڌو ”.خانڻ وراڻيو“ :اچو ته پنڻ شروع ڪيون”.
“پنڻ! يعني فقير ٿيون!”
“ها”.
“نه يار .ڪهڙي چرين جهڙين صالح ٿو ڏئين”.
ڪجهه دير سڀني ڏاڍي غور سان اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر هر ڪو ناڪام رهيو .آخر ۾ سڀني
يڪراء ٿي خانڻ جي صالح مڃڻي پيئي.
ِ کي
پوء ڳوٺ هلنداسين”.
خانڻ چيو“ :اسان پننداسين ،خيرات مان اول ماني کائينداسين ،۽ ِ
ـر اڄ مڃڻوئي پيو ته تون آڙيڪاپ آهين”.
خانڻ کي چيم“ :يـ َ َ
خانڻ چيو“ :دير نه ڪريو .هڪ ٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي نڪري پئو”.
اسان سڙڪن ،رستن ۽ گهٽين ۾ نڪري آياسين .پنندا رهياسين ۽ سين هڻنداسين رهياسين.
“نيڪ مائي ،نيڪ بابا.
ڏي خدا جي راهه ۾”.
خانڻ چيو“ :اکيون بند ڪري انڌا ٿي هلو .شهري ماڻهو سڄن کي خيرات نه ڏيندا آهن”.
اکيون بند ڪري جڏهن سينَ هئين سين ،تڏهن ٻه -چار سخي ،حاتم کي لت هڻي ،خانڻ جي جهولي َء ۾ ڪجهه پيسا
وجهي رمندا رهيا.
خانڻ ،جنهن کي ڪامڻ هو ،تنهن کان پنهنجي تڪليف وسري ويئي هئي ۽ هو زور شور سان آالپ جي اڳواڻي َء
ڪرڻ لڳو“ :نيڪ مائي ،نيڪ بابا ،ڏي خدا جي راهه ۾”.
اسان چارئي ،مان ،ڪندن ،اللو ۽ چيهو کيس سـُـر وٺائيندا رهياسين .اسان ۾ ڪندن سڀني کان وڌيڪ سريلو هو.
جيتوڻيڪ سندسن لوندڙي ۽ ڪن مان آهستي آهستي رت ٽمي رهيو هو ،تڏهن هو ڏاڍي سوز مان ،وڏي آواز ۾ خانڻ کي سر
وٺائي رهيو هو“ :نيڪ مائي ،نيڪ بابا ،ڏي خدا جي راهه ۾”.
شهري ماڻهو ،جن کي شايد اسان کان وڌيڪ فڪر ورائي ويا هئا ،اسان جي آوازن ۽ صدائن تي ڪن الٽار ڪندا
اڳتي وڌندا پئي ويا .جرڪندڙ هوٽلن ۽ دڪانن مان ڪنهن به منهن ڪڍي اسان ڏانهن نه نهاريو .رستن تي ڊوڙندڙ موٽرون،
بسون ،ٽيڪسيون ،سائيڪلون ۽ ڦٽڦٽيون ماحول ۾ گهمسان پيدا ڪنديون رهيون .۽ اسين شهر جي روشنين ۽ تاريڪين ۾
الء سين هڻندا رهياسين“ :نيڪ مائي ،نيڪ بابا ،ڏي خدا جي راهه ۾”.
خيرات ِ
هڪ هنڌ فٽ پاٿ تي هجوم ماڻهن جو بيٺو هو .هجوم وٽان لنگهندي خانڻ چيو“ :خبردار جو ڪنهن اک کولي آهي”.
هجوم جي جڏهن ڀرسان پهتاسين ،مون اک ٽيٽ ڪري کـُـڙيون کڻي هجوم جي وچ ۾ نهاريو .ڪجهه اسان جهڙا ۽
اسان منجهان ڳوٺاڻا مداري َء وارا ڪرتب ڏيکاري رهيا هئا.
مون خانڻ کي چيو“ :جاڙو ۽ ڦتو ابتا بيٺا آهن .ٻنهي کي پيرن تي پڳ رکي آهي ۽ اکيون ٽانڊا ٿي ويون اٿن”.
خانڻ کي خار لڳا .وراڻيائين“ :جاڙو ۽ ڦتو وڃي کڏ پـَ َـو ِن .تون منڍ کان ئي اکيون ڦاڙيو پيو هلين .خيرات ڌوڙ
ملندي”.
ڪاشيء چٽي نظر اچي
ِ مون هڪدم اکيون بند ڪري ڇڏيون ،پر اهڙي نموني جو اکيون چنجهيون ٿي ويون ۽ هر
رهي هئي.
کانپوء خانڻ جي جهولي َء ۾ ڪجهه پئسا گڏ ٿيا .هڪ سئنيما وٽ ترسي (جتي ڪا نئين فلم لڳي
ِ ڪالڪ ڏيڍ يخي هڻڻ
الء چيائين .مهنجيون اکيون
هئي ،تنهن ڪري بلن ۾ چمڪي رهي هئي ).خانڻ پاڻ اکيون کوليون ۽ اسان کي اکيون کولڻ ِ
اڳ ئي کليل هيون ،رڳو چنجهيون هيون .پيسا ڳڻياسين .هڪ رپيو ويهه پيسا گڏ ٿيا هئا .خانڻ انهن پئسن مان ڊبل روٽيون ۽
پڪوڙا وٺي آيو .ان وقت سئنيما ۾ انٽرويل ٿيو هو ۽ هرڪو ٻاهر نڪري آيو هو ۽ ڪو پڪوڙا ،ڪو ڇوال ۽ ڪو گول گپا
کائي ،اوڳرايون ڏيئي رهيو هو.
ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي ،سئنيما جي ڪئنٽين مان پاڻي پي ٻاهر نڪتاسين .در وٽ هڪ مڪراني َء چيو“ :اڙي ام
سمجها ساال لوگ ڇي آنا واال هي .اڙي نڪلو ّمڦت خور!”
اسان ڊوڙ پائي سئنيما مان نڪري آياسين.
الء ساڍا ست رپيا گهرجن.
سئنيما کان پررو ٿي ،جڏهن اونداهه ۾ پهتاسين ،تڏهن خانڻ چيو“ :پاڻ کي ڳوٺ پهچڻ ِ
جلدي پنڻ شروع ڪريو”.
هڪدم آالپ هنيوسين“ :نيڪ مائي ،نيڪ بابا ،ڏي خدا جي راهه ۾”.
خانڻ چيو“ :آواز ۾ درد پيدا ڪريو”.
آواز ۾ درد پيدا ڪيوسين.
ڪندن چيو“ :منهنجي ڪن ۾ سور آهي .مان ڳائي نٿو سگهان”.
چيهي کيس صالح ڏني“ :تون رڳا چپ چور”.
االء بچي يا مري ويئي هوندي”.
پوء چيائين“ :منهنجي ڌي َء ِ
ڪندن چپ چورڻ لڳوِ .
خانڻ چيو“ :ڏسو ،مون کي ڪامڻ آهي ،مان تڏهن به ڳايان ٿو .پنو ته ڳوٺ پهچي سگهئون”.
اللوء کي پنهنجي بيمار پٽ جو
ِ کانپوء آالپ ڍرو ٿي ويو هو .مون کي رکي رکي امان جو خيال پي آيو.
ِ پيٽ ڀرجڻ
فڪر ورائي ويو هو .رڳو خانڻ ويچارو پنهنجو ڪامڻ وساري اسان کي پنڻ جي تاڪيد ڪري رهيو هو.
جيئن جيئن وقت پي گذرندو ،تيئن سڙڪن ،رستن ،گهٽين ۽ فٽ پاٿن تان ماڻهو ويا پي گهٽ ٿيندا .ڊوڙندڙ موٽر گاڏين
جو تعداد به گهٽ ٿي ويو هو.
اسان خانڻ جي سمجهائڻ ڪرڻ تي پنندا رهياسين“ :نيڪ مائي ،نيڪ بابا ،ڏي خدا جي راهه ۾”.
هڪ فٽ پاٿ تان سامهون هڪ ٿلهو ماڻهو اچي رهيو هو ،جنهنجو پيٽ بيحد وڏو ۽ منهن ننڍو هو .هن چيو“ :توهان
مڪريل انڌا آهيو”.
“سچ ٿو چوين ،ادا ”.چيهي هڪدم اکيون کولي ڇڏيون.
ٿلهي مون کي چيو“ :تون پنهنجين چنجهين اکين مان ڇا پيو ڏسين! اکيون کول”.
پوء اللو َء ،خانڻ ۽ ڪندن به اکيون کولي ڇڏيون.
مون به اکيون کولي ڇڏيونِ .
اچيو! پنو ٿا”.
ٿلهي چيو“ :اڙي شرم نٿو َ
خانڻ وراڻيو“ :شرم ته سچ پچ ڏاڍو ٿو اچي .پر ڇا ڪريون ،مجبور آهيون”.
الء پنڻ گناهه آهي”.
“هون!” ٿلهي چيو“ :مسلمانن ِ
“ڌاڙا هڻون؟”
“الحول وهلل .نوڪري ڪريو”.
“نوڪري ڏيار ڀال”.
“مار!” ٿلهي ڀڻ ڀڻ ڪئي“ :هڪ ته نصيحت ڪريان ۽ وري نوڪري به وٺي ڏيان!” ۽ هو چپن ۾ ڪجهه چوندو
هليو ويو.
اڳتي هلي اسان هڪ محلي ۾ پهتاسين جتي ٻنهي طرف وڏيون وڏيون عمارتون هيون .عمارتن جون بتيون ٻريل
ڪاون مان ٻاهر نڪري رهي هئي .ان گهٽي َء ۾ ماڻهو گهٽ ۽ هٿ گاڏا وڌيڪ هئا.
َ هيون ۽ روشني
مون خانڻ کي چيو“ :هاڻي ڪجهه به ٿي پوي ،مان انڌو نه ٿيندس”.
““ اسان به انڌا نه ٿينداسين ”.اللو َء ،ڪندن ۽ چيهي هڪدم چيو.
“چڱو ڇائي پايو ”.خانڻ چيو“ :هي شهري سڄن کي رڳو موچڙا هڻندا آهن”.
“ڇا ڪندين؟”
“اسان هڻ کڻ پير جا مريد ٿي شهرين کان خيرات وٺنداسين”.
اڃا منهنجي صالح تي ڪنهن به پڪو فيصلو نه ڏنو هو ،جو هڪ بندرو ،سنهڙو ماڻهو ،اسان وٽ اچي بيٺو .هن
جون اکيون اندر پوريل هيون ۽ ڳلن جا هڏا اُڀريل هئس .سندس نڪ سنهڙو ،چنهنبائي ۽ ڪنڍي َء وانگر وري هو .سندس
کاڏي ننڍڙي ۽ هيٺين چپ سان مليل هئي .کيس خاڪي پتلون ۽ اڇي بشرٽ پاتل هئي .اڇي بشرت جي اڌ ٻانهن مان هن جون
ڪانو جي کنڀن وانگر لڳي رهيون هيون.
َ هڏائيون ٺوٺيون ڪنهن کٿل
هن اسان کان پڇيو“ :مزور آهيو نه؟”
“مزور!”
“ها ،مزور”.
خانڻ حيرت مان ڪجهه چوڻ تي هو ،جو مون هڪدم کيس روڪيو ۽ جواب ڏنم“ :ها ،اسان مزور آهيون”.
اٿو؟.
“اڄ شايد روزگار نه مليو َ
“نه”.
“ڏاڍو چڱو ”.هن جي سنهڙن چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي .چيائين“ :اچو ،اوهان کي روزري َء سان لڳايان”.
چيهي اللو َء کي چيو“ :مون اجهو هينئر قلندر کان دعا پني هئي .اگهامي ويئي”.
ڪندن چيو“ :مزوري وٺي اڄ رات ئي ڳوٺ ورنداسين .منهنجي ڌي َء شل جيئري هجي .آهه .منهنجي ڪن ۾ سور
آهي”.
االء ڪهڙو حال ٿيو هوندو”.
“ها ضرور موٽنداسين ”.اللو َء چيو“ :منهنجي پٽ جو ِ
کيس دلداري ڏنم“ :وٺ ڪنجڪ ڪريم جي ،جڳ جو والي جو”.
سنهڙو اجنبي اسان کي هڪ بلڊنگ جي سوڙهي در مان وڏي گدام ۾ وٺي ويو .گدام بيحد وڏو .ويڪرو ۽ ڊگهو هو.
ڇت به تمام مٿي هئس .گدام جي هڪ ڪنڊ ۾ کوکا پيا هئا.
سنهڙي اجنبي َء چيو“ :هي کوکا هن پوئين در مان ڪڍي ،بيٺل ٽرڪن ۾ چاڙهيو”.
سنهڙي اجنبي َء گدام جي اونداهي َء ڪنڊ ۾ هڪ در ڏانهن اشارو ڪيو .در کليل هو .کليل در مان ٽرڪون نظر اچي
رهيون هيون.
اسان پنجن ئي ڄڻن هڪ هڪ کوکو مٿي تي کنيو ۽ اونداهي در مان نڪري ،ٽرڪن تائين پهتاسين.
اتي ڪندن چيو“ :منهنجي لوندڙي َء ۾ سور آهي ،مان کوکو نٿو کڻي سگهان”.
ان وقت چيهي چيو“ :مان گڙنگ چرسي آهيان .هنن کوکن ۾ چرس آهي”.
اسان حيرت مان ڏانهن ڏٺو.
مولي علي َء جو ،هنن کوکن ۾ چرس نه هجي ،ته قلندر جو مريد سڏائڻ ڇڏي ڏيان ”.چيهي چيو.
ٰ “قسم آ
خانڻ چيو“ :چرس جي نيڪالي ته نه ٿي رهي آهي!”
“ير ڪنهن ڏچي ۾ نه پئجي وڃون ”.اللو َء چيو.
اٿو جو ڀڄي جان بچايون .پوليس ڇاپو هنيو ته سيٺ سان گڏ اسان جو به الهه
مون کيس صالح ڏني”:چڱائي ان ۾ َ
نڪري ويندو”.
سڀني ان ڳالهه تي عمل ڪيو .اتان جو ڊوڙ پاتيسين ته ٻه -چار گهٽيون ،هڪ پارڪ ،ٻه سڙڪون ۽ هڪ ٽيڪسي
اسٽينڊ ٽپي ،ساهه پٽيوسين .سڀ سهڪي رهيا هئاسين.
پوء چيائين“ :تو اسان کي ذري گهٽ مصيبت ۾
خانڻ جو ساهه جڏهن جائيتو ٿيو ،تڏهن هن مون کي گاريون ڏنيونِ .
ڦاسايو هو”.
مون کانئن معافي گهري .خانڻ جي حڪم تي ٻيهر سينَ هڻي پنڻ شروع ڪيون“ :نيڪ مائي ،نيڪ بابا ،ڏي خدا جي
راهه ۾”.
ڪندن پنهنجي ڌي َء کي ياد ڪري روئڻ لڳو.
خانڻ چيس“ :ڪندن روئڻ ڇڏ .پنڻ تي زور رک”.
“موال سڻائي ڪندو ”.چيهي ڳالهايو.
هڪ اونداهي گهٽي َء ۾ هڪ قداور ۽ مضبوط شخص ڏنڊو کڻي اسان جي سامهون اچي بيٺو .اسان جو آالپ بند ٿي
ويو!
هن پڇيو“ :اڙي ڪهڙي ٽولي َء مان آهيو؟”
“ٽولي!” ۽ خانڻ پڇيو“ :ڇاجي ٽولي؟”
“پڻهين جي ٽولي ”.هن ڏنڊو اوالريندي چيو“ :هي َء بابهين جي حد آهي ،جو ٽپي آيا آهيو”.
“ڇا جي حد ادا ”.خانڻ پڇيو.
“اڙي لک لعنت اٿئي ”.هن خانڻ کي گهرڙي منهن ۾ ڀونڊو ڏنو“ :وڏا ٺڳ فقير آهيو ،پڇو ٿا ڇاجي حد”.
ڏڪندي ڏڪندي چيم“ :سائين ،اسان کي ڪابه خبر ڪونهي”.
ڪونهيو ته هي َء فقير بخشڻ ۽ سندس ساٿين جي حد آهي؟ هتي ڪنهن به ڌارئي فقير
َ “ڇا؟” هو ڏمريو“ :اها خبر به
کي اچڻ جي اجازت ڪونهي”.
چيم“ :رحم .اسان کي ڪا خبر ڪونهي سائين”.
ـر ۾ پنڻ جي اجازت آهي ”.هن چيو“ :هن عالئقي ۾ وڏا وڏا حاتم
ڪونهيو ،ته هن عالئقي ۾ فقط سـ ُ َ
َ ““ اها خبر به
رهندا آهن”.
ـر ۾ پننداسين ،سائين”.
عرض ڪيم“ :اسان به سـ ُ َ
“وڏا ڪي گڏهه آهيو ”.مضبوط مڙس چيو“ :هي َء حد فقير بخشڻ جي آهي .هي سڄو شهر فقيرن جي مختلف ٽولين ۾
ورهايل آهي”.
الء
مون کيس ڳالهه سمجهائي ته اسان ڪير هئاسين ۽ ڪيئن اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ ِ
پوء چيو“ :توهان سچ پچ همدري َء
شهر آندا ويا هئاسين .هن اسان جو احوال ٻڌي اسان سان همدردي َء جو اظهار ڪيو ۽ ِ
جي الئق آهيو”.
کانئس پڇيم”:تون ڪير آهين سائين”.
هن وراڻيو“ :مان سائين بابا ٺيڪيدار آهيان .فقيرن کان اوڳڙ ڪري ،مٿي تائين پهچائيندو آهيان”.
کانئسن پڇيوسين“ :ڀال اسان وڃون .سائين بابا”.
پوء وڃو”.
“اول کيسا خالي ڪريو ۽ ِ
خانڻ جهولي َء مان پيسا ڪڍي سائين بابا ٺيڪيدار کي ڏنا.
“بس!” هن رڙ ڪئي.
“سائين اسان نوان فقير آهيون .پنجن ڇهن ڪالڪن ۾ بس ايترو ئي ڪمائي سگهيا آهيون”.
“ڪوڙا آهيو .مان توهان جي تالشي وٺندس”.
سائين بابا ٺيڪيدار اسان جي تالشي ورتي .جڏهن ڪجهه نه مليس تڏهن چيائين“ :ٻئي ڪنهن هنڌ پيسا ته نه لڪايا
اٿو”.
َ
“نه سائين .اسان خانداني فقير ناهيون”.
“خانداني هجو ،يا نه هجو ،مون کي پيسا مٿي پڄائڻا آهن”.
“سائين اسان وٽ دمڙي به ڪونهي”.
اٿو ”.ٺيڪيدار
“اڄ سڄو شهر توهان بيوقوف ڳوٺاڻن سان ڀرجي ويو آهي .خيرات جو سرشتو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو َ
چيو“ :الهيو ڪپڙا”.
“ڇا!”
“ڇا جا پٽ ،الهيو ڪپڙا ۽ بوٽ به”.
اسان هٻڪياسين ته هن چيو“ :الهيو الهيو .دير نه ڪريو .پادر نه کائو”.
قميصون الهي ٺيڪيدار کي ڏنيون سين.
چيائين“ :سٿڻون به الهيو .۽ تون ،اي ”.هن چيهي ڏانهن اشارو ڪندي چيو“ :تون گوڏ الهه”.
گوڏ ۽ سٿڻون وٺندي چيائين“ :بوٽ به الهيو”.
“هي بوٽ ناهن سائين ”.عرض ڪيم“ :هي گهيتال آهن ،سي به ڇڳل آهن”.
“بڪ نه ڪر ”.هن ڏنڊو اوالريندي چيو“ :الهيو ،پير اگهاڙا ڪريو”.
گهٽي َء ۾ اوندهه هئي ،تنهن ڪري هڪ ٻئي جي ڦڪائي ڏسي نه سگهياسين .ٺيڪيدار اسان جا ڪپڙا ۽ گهيتال کڻي
روانو ٿي ويو.
شرم ۾ ٻڏل هئاسين .ڪنهن کي به چـُـرڻ پـُـرڻ جي همت نه هئي .آواز نڙي َء ۾ اٽڪي پيا هئا.
چيهي چيو“ :ير حيف آهي اسان تي .هڪڙو ڄڻو اسان کي اگهاڙو ڪري هليو ويو”.
ان وقت ٻه ٻار پنهنجي گهر جي دري َء مان گند اڇالئڻ آيا .اوچتو هنن جي نگاهه اسان تي پئجي ويئي .هو دري َء وٽ
پوء هنن وٺي رڙيون شروع ڪيون“ :چريا ڙي چريا ،چريا ڙي چريا”. بيهي رهيا .اوندهه ۾ اسان ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳاِ .
پوء ڏسنديئي ڏسندي،
گهرن جون بتيون ٻرڻ لڳيون .در دريون کلي پيا .بالڪونين مان ماڻهو ڳاٽ ڪڍي نهارڻ لڳا ۽ ِ
ٻارن پٿرن ،ٺڪرن ،خالي دٻن ۽ پراڻن بوٽن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو .ڪجهه وڏڙن به سندن ساٿ ڏنو ۽ سندن همٿ
وڌائي.
اسان هڪ ٻئي جي اوٽ ۾ ڌڪن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين .هڪ ٺڪري چيهي کي نڪ تي لڳي ۽
چيهي جي نڪ مان رت وهڻ لڳو .آنا ۽ ٽماٽا لڳا .مون کي نراڙ ۾ پٿر لڳو .رت نه وهيو .ڊول ٿي پيو ڪندن کي پيٽ ۾ باٺو
لڳو هو ۽ هو ٻٽو ٿي ڌرتي َء تي ڪري پيو هو.
ان وقت پٽ اپٽي الريون آيون ،اسان جي ويجهو اچي بيٺيون ،پٿرن ،ٺڪرن ،لٺين ۽ باٺن جو وسڪارو بند ٿيو .الري َء
مان وڏو مشڪرو ۽ سندس تابعدار مشڪرا لهي آيا .مشڪرن اسان کي ڪنڌ کان وٺي الري َء ۾ چاڙهي ڇڏيو ۽ پاڻ به
چڙهي ويٺا.
وڏي مشڪري پاڙي وارن کي مخاطب ٿيندي چيو“ :اڄ سڄو شهر چرين سان ڀرجي ويو آهي .ڄڻ چرين جو مينهن
وسيو آهي .پر توهان هينئر آرام ڪريو .اسان شهر جي هڪ هڪ چرئي کي گدو بندر موڪلينداسين.
پوء الري چرين جي اسپتال ڏانهن رواني ٿي ويئي.
“ ِ
ٽين دنيا
جاء جي نهايت سوڙهي ۽ واهيات اڱڻ ۾ ويٺو هوس ،۽ ٽئين دنيا جيمان ٽئين دنيا ۾ پنهنجي ٽئين درجي جي مسواڙي ِ
هڪ ٽئين درجي جي سياسي ،سماجي ،فلمي ۽ فيشني رسالي مان هڪ معمو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.
کانسواء حل ٿيڻ جوڳو نه هو .مان معمول حل ڪري هڪ لک رپيا هٿ ڪرڻ ِ معمو مشڪل هو ۽ مشڪل ڪشا جي مدد
اء جي
جي چڪر ۾ ذري گهٽ چريو ٿي پيو هوس .ڇت ڪتائي َء سبب مان ٽئين دنيا جي سياسي ،سماجي ،فلمي ۽ فيشني ج ِ
واحد ڪمري مان مون پنهنجي زال جو آواز ٻڌو .وڏي واڪ چيائين :ٻڌين ٿو”.
ان وقت صبح جو وقت هو ،جمعي جو ڏينهن هو ”،هڪ پاڙيسري ريڊيو تان اڱڻن ۽ عجيب جو ڪالم ٻڌي رهيو هو.
مون پنهنجي زال کي چيو“ :اڱڻن ۽ عجيبن کان وڌيڪ عجيب هي ُء معمو آهي ،جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٽئين
دنيا کان چوٿين دنيا ڏانهن سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهيان”.
نهايت ناگوار لهجي ۾ چيائين“ :معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين”.
“ ڪجهه يقين سان چيئي نه ٿو سگهان ته چريو ٿي پيو آهيان ،يا سڄو آهيان“ ”.چيم“ :پر ،ياد رک بختاور ،هي ُء
کانپوء اسان جا وار نيارا ٿي ويندا”.
ِ معمو حل ٿيڻ
“چوان ٿي هڪدم اندر آ ُء ”.سخت ڪاوڙ وچان دري َء مان منهن ڪڍندي چيائين“ :دودي جي نڙي َء ۾ ڪجهه اٽڪي
پيو آهي .ڳالهائي نٿو سگهي”.
شيء تي سخت ڪاوڙ آئي ،جيڪا بيوقت دودي جي نڙي َء ۾ اٽڪي پيئي هئي .دودو منهنجو پٽ آهي.
ِ مون کي ان
پنجن سالن جو آهي.
چيم“ :بختاور ،ٽئين دنيا جي هڪ رسالي مان معمو حل ڪري رهيو آهيان .چرچي جي ڳالهه ڪونهي”.
“پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي ”.منهنجي زال جيڪا مون کان ٿلهي آهي ،رئڻهارڪي آواز ۾ چيو“ :اچي ڏسينس ته
سهي .دودو ڳالهائي ڇو نٿو”.
“آچار کارائي ضرور سندس ٽرانسميٽر خراب ڪري ڇڏيو اٿئي ”.معمي تي ڌيان ڏيندي چيم“ :في الحال دودو هڪ
تعالي وري ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽
ٰ پوء ٽرانسميٽر ٺيڪ ٿيندس ته انشا َء هللا
هفتي تائين ڳالهائي نه سگهندو .هفتي کن کان ِ
ابراهيم سندس والد صاحب جو نالو آهي ،سندس والد صاحب کير جو واڙو هالئيندو آهي .چيائين“ :دودو ست سريون
ٻڌائيندو ٿلهي محمودان کي -بابا ويچاري کي ڇو ٻڌائيندو!”
محموده جو نالو ٻڌي مان ڇرڪي پيس .ٽئين دنيا جو سياسي ،سماجي ،فلمي ۽ فيشني رسالو عجيبن جي اڱڻ ۾ رکي
الء ڊرائينگ روم ،ڊائينگ
جاء جي واحد ڪمري ۾ داخل ٿيس ،جيڪو اسان ِ مان ٽئين دنيا ۾ مسواڙ تي ورتل ٽئين درجي ِ
روم ،بيڊ روم ،ڪچن ۽ باٿ روم جو ڪم ڏيندو آهي.
ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيم“ :توکي لک دفعا چيو اٿم ته دودي کي ڪڪڙ نه کارائيندي ڪر .نڙي َء ۾ ضرور ڪڪڙ
جي هڏي ڦاسي پئي اٿس .ايلزبيٿ ٽيلر کي به نڙي َء ۾ ڪڪڙ جي هڏي اٽڪي پيئي هئي”.
پوء!”
“اها رن به توسان يونيورسٽي َء ۾ پڙهندي هئي ڇا!” اکيون ڦوٽاريندي چيائين“ :محمودان کان اڳ هئي ،يا ِ
ڊڄي ،وک کن کانئس پري ٿي بيٺم .چيم“ :ايلزبيٿ ٽيلر انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪندي آهي”.
دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺم .بختاور کي چيم“ :هي َء ته کلي پيو!”
“ها ،کلي پيو ”.بختار چيو“ :پر ڳالهائي نٿو سگهي”.
مون دودي کان پڇيو“ :يار دودا نڙي َء ۾ ڪڪڙ جي هڏي ته نه ڦاسي پيئي اٿئي”.
بختاور چيو“ :گذريل پنجويهن ڏينهن کان گهر ۾ دال چڙهي آهي .ڪڪڙ جي هڏي وري ڪٿان ڦاسندس!”
دودو وري کلڻ لڳو -پر عجيب نموني.
بختاور روئڻ لڳي.
“نڙي ۾ ڇا ڦاٿو اٿئي دودا؟” دودي کان پڇيم“ :يار ڳالهائين ڇو نه ٿو!”
دودو عجيب نموني کلڻ لڳو.
بختاور کي چيم“ :سمجهان ٿو ،دودي جي نڙي َء ۾ هاٿي ڦاسي پيو آهي”.
“هاٿي!” بختاور کان رڙ نڪري ويئي .چيائين“ :ٽئين دنيا جو معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين!”
“اڙي سچ پچ جو هاٿي نه ”.چيم“ :مون ڪالهه دودي کي پالسٽڪ جو هاٿي آڻي ڏنو هو”.
بختاور هيٺ جهڪي ،هٿ وڌائي ،کٽ هيٺان پالسٽڪ جو هاٿي ڪڍي ورتو .چيائين“ :اچي وٺ ،پنهنجو پالسٽڪ
جو هاٿي”.
معاملي جي نزاڪت اوچتو گنڀير ٿي ويئي .مون دودي کي چيو“ :يار دودا تون ڳالهائين ڇو نه ٿو! فقط کلين ڇو ٿو!
۽ کلين به اهڙي نموني ٿو .ڄڻ اسان تان ٺٺولي ڪري رهيو آهين!”
بختاور چيو“ :هڪدم دودي کي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ”.
“اڄ جمعي جو ڏينهن آهي ”.چيم “ :جمعي بازار ۾ سڀ ڪجهه ملندو آهي ،پر ڊاڪٽر ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ وارا
پروفيسر نه ملندا آهن”.
بختاور چيو“ :جمعي ڏينهن ڊاڪٽر خادم حسين منجهند تائين مريضن کي مفت ڏسندو آهي ،۽ دوا ڏيندو آهي”.
“هو نه مفت مريضن کي ڏسندو آهي ،۽ نه مفت دوا ڏيندو آهي ”.چيم“ :ڊاڪٽر خادم حسين وڏو پلستر آهي .هو عالج
الء ماڻهن کان پيسن بدران واعدا وٺندو آهي”.
معالجي ِ
“ڇا جا واعدا؟” بختاور پڇيو.
“ ته جڏهن به چونڊون ٿينديون ،اسين پنهنجو ووٽ خادم حسين کي ڏينداسين ۽ مان ان قسم جو ڪوبه واعدو ڪرڻ
الء تيار نه آهيان”.
ِ
“ڇو!” بختاور اکيون ڏيکاريندي پڇيو“ :تون پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين!”
“ڪير محموده! ڪهڙي محموده!” مٿو کنهندي چيم“ :مان ڪنهن به محموده کي نه سڃاڻان”.
“هاڻي ٺهيو! اجايو معصومڙو نه ٿي ُء ”.بختاور چيو“ :اهائي ٿلهي محمودان جيڪا توسان يونيورسٽي َء ۾ پڙهندي
هئي ،۽ جنهن سان تون”...
ان کان اڳ جو بختاور پنهنجو جملو پورو ڪري ،دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
پوء ،هو َء
“ٻار جي سامهون اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر ”.چيم“ :محموده چونڊن ۾ حصو نه وٺندي ،شادي ڪرڻ کان ِ
تيزي َء سان ملڪ جي آبادي َء ۾ اضافو ڪري رهي آهي ،۽ هن وقت تائين خدا جي فضل سان پندرهن ٻار ڄڻي چڪي
آهي”.
“هو َرن چونڊن ۾ حصو وٺي يا نه وٺي ،تون ته پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ئي ڏيندين ”.بختاور چيو“ :وٺي وڃ
دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن جو دل ۾ قوم جو درد رکندو آهي”.
دودو وري کلڻ لڳو ،پر بلڪل ٻئي نموني! منهنجي لون َء لون َء ڪانڊارجي ويئي .مون بختاور کي چيو“ :مان دودي
کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن وٺي ٿو وڃان .دودي جي حالت ڪا چڱي نه آهي .معاملو سيريس آهي”.
دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال پهتس .اسپتال جي ٻاهران ،۽ اسپتال جي اندر مريضن جو
هجوم هو .هرڪو مريض زندهه رهڻ جي آرزو َء ۾ طرحين طرحين قسم جا واعدا ڪري رهيو هو.
الء چيو .مان ڪرسي َء تي
ڊاڪٽر خادم حسين مون کي سڃاتو ،۽ هٿ جي اشاري سان هڪ ڪرسي َء تي ويهڻ ِ
ويهي رهيس.
ڊاڪٽر خادم حسين پڇيو“ :تنهنجي انجمن جو ڪهڙو حال آهي؟”
“انجمن جي شادي ٿي ويئي آهي ،ڊاڪٽر صاحب ،۽ هينئر هو َء ٻن ٻارن جي ما ُء آهي ”.مون ٿڌو ساهه کڻندي چيو:
“مون به شادي ڪري ورتي آهي .ابراهيم کير واري جي ڌي َء سان .هي ُء منهنجو پٽ دودو آهي .هن جي نڙي َء ۾ ڪجهه
اٽڪي پيو آهي .ڳالهائي نٿو سگهي”.
ڊاڪٽر خادم حسين دل آويز مرڪ منهن تي آڻيندي چيو“ :ڀا ُء ،مان تنهنجي انجمن دال روٽي زندهه باد جي باري ۾
پڇا ڪري رهيو آهيان”.
دودو کلڻ لڳو.
کانپوء ڪلعدم
ِ مون کي پنهنجي غلطي َء جو احساس ٿيو .هڪدم چيو“ :اها انجمن واليتي دالين جي قيمت معلوم ڪرڻ
ٿي ويئي آهي”.
دودو وري کلڻ لڳو.
ڊاڪٽر خادم حسين چيو“ :تنهنجو پٽ ته ڏاڍو کلڻو آهي”
“ها ،ڏاڍوکلڻو آهي ”.چيم“ :پر اڄڪلهه بولتي بند اٿس”.
دودو وري کلڻ لڳو.
“هوبهو مون تي ويو آهي ”.چيم“ :مان به جڏهن پنجن سالن جو هوندو هوس ،تڏهن ڏاڍو کلندو هوس .هينئر مان
کلندو آهيان ته ماڻهو روئيندا آهن ،۽ جڏهن روئيندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن”.
کانپوء ،هن ٽارج ٻاري
ِ ڊاڪٽر خادم حسين منهنجي پٽ دودي جو معائنو ڪيو .لوهي چمٽو دودي جي نڙي َء ۾ الهڻ
وء
کانپوء ،هن ٽارچ ٻاري دودي جي نڙي َء جو باريڪ بيني َء سان جائزو ورتو .ڪافي دير کانپ ِ
ِ دودي جي نڙي َء ۾ الهڻ
ڊاڪٽر خادم حسين چيو“ :تنهنجي پٽ جي نڙي َء ۾ ڪجهه به ڦاٿل نه آهي”.
دودو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو .ڊاڪٽر خادم حسين کي دودي جو کلڻ پسند نه آيو .مون کان پڇيائين“ :تنهنجو پٽ ٺٺولي
پيو ڪري ڇا!”
چيم“ :مان سمجهان ٿو ،دودو تاريخ تان ٺٺولي ڪري رهيو آهي”.
“تون پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ ”.ڊاڪٽر خادم حسين چيو“ :تنهنجو پٽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي”.
چيم“ :منهنجو پٽ فقط ٺاڪ آهي! ٺيڪ نه آهي”.
“نيڪسٽ ”.ڊاڪٽر خادم حسين اشاري سان ٻئي مريض کي سڏ ڪيو.
دودي کي هنج ۾ کڻي ،ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال مان مايوس ٿي ٻاهر نڪتس .اسپتال جي ٻاهران وليداد عرف
ولو ملي ويو .هن مون کان حال احوال ورتو .ڪو وٺيس ،يا نه وٺيس وليداد عرف ولو مشورا جام ڏيندو آهي .چيائين“ :تون
پنهنجي پٽ کي ڪنهن ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ .مون کي ته تنهنجو پٽ نفسياتي مريض ٿو لڳي”.
دودي هٿ وڌائي وليداد عرف ولو َء جي ٺوڙهه تي ٺونگو هنيو.
“تنهنجو پٽ بدتميز قسم جو نفسياتي مريض آهي ”.وليداد عرف ولو َء چيو“ :هن کي هڪدم ماهر نفسيات ڏانهن وٺي
وڃ”.
الء مون وٽ ڪجهه نه آهي -نه دمڙي ،نه چمڙي”.
چيم“ :ماهر نفسيات کي ڏيڻ ِ
“ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي ”.وليداد عرف ولو َء چيو“ :تون پنهنجي بدتميز پٽ کي دماغي مرضن جي ڊاڪٽر ،ڊاڪٽر
عبدالجبار ڏانهن وٺي وڃ .تازو تازو آمريڪا مان ڊاڪٽر ڪري آيو آهي .دماغي ۽ نفسياتي مريضن جو انتظار ڪندي
ڪندي ويچارو پاڻ به نفسياتي مريض ٿي پيو آهي”.
چيم“ :پر ،في ته وصول ڪندو هوندو”.
الء مريضن جو
“اهو ئي ته ڪمال آهي ،جو في نه وٺندو آهي ”.وليداد عرف ولو َء چيو“ :هو پنهنجو علم آزمائڻ ِ
منتظر رهندو آهي -۽ في وٺڻ بدران مريضن کي ويندي مهل ٻه ٽي رپيا خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي”.
دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي ڊاڪٽر ،ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڏس پتو وٺي ،دودي کي هنج تي کڻي ،مان سڌو ڊاڪٽر
عبدالجبار جي اسپتال پهتس .هو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو جوان هو ،پر پيٽ ڪم خراب ڪري وڌو هوس .سندس پيٽ بيحد وڏ هو ۽
مٿي جا چڱا چوکا وار کٿل هئس .نهايت تفصيل سان مون عبدالجبار کي دودي جي باري ۾ ٻڌايو ،ته ڪيئن هو ڳالهيون
ڪندو هو -ٺٺوليون ڪندو هو -کنڊين عورتن جي اَهل ڪندو هو -پنهنجي ناني ابراهيم کير واري سان ته بنهه نه ٺهندو
هو -سندس نڪ ۾ دم ڪندو هو -پر اڄ صبح کان خاموش ٿي ويو آهي -بولتي بند اٿس .بس کلڻ تي زور اٿس.
دودو ،ڊاڪٽر عبدالجبار جي بيحد وڏي پيٽ ڏانهن ڏسي کلڻ لڳو.
عبدالجبار ڏاڍي پاٻوهه مان دودي کان پڇيو“ :يار ،ڪيئن آهين؟”
دودي وات کولي ،آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو ڪيو.
عبدالجبار مون کان پڇيو“ :ڇا ننڍپڻ ۾ دودي کي ڪو سخت ذهني صدمو پهتو هو”.
ڪهڙي قسم جو صدمو!” مون عبدالجبار کان پڇيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار چيو“ :ڪو اهڙو صدمو ،جيڪو دودي جي تحت الشعور مان ٿيندو سندس الشعور ۾ شامل ٿي ويو آهي”.
“مان دودي جي تحت الشعور ۽ الشعور کان بنهه بي خبر آهيان ”.چيم“ ،مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجو پٽ
ڏاڍو باشعور آهي”.
چيم“ :منهنجو پٽ ٽيليويزن تي سگريٽ جي اشتهار ۾ سيٽسفيڪشن سان نظر ايندڙ ڇوڪري َء تي عاشق ٿي پيو
آهي”.
دودو هاڪار ۾ مٿو ڌوئڻ لڳو.
ڊاڪٽر پڇيو“ :ڇا تنهنجو پٽ ان ڇوڪري َء سان شادي َء جو خواهشمند آهي؟”
چيم“ :شايد ها”.
ڊاڪٽر پڇيو“ :هڪ سخت ۽ جابر پي ُء وانگر ڇا تون ان شادي َء جي حق ۾ نه آهين!”
“منهنجي حق ۾ هئڻ ،يا نه هئڻ جو مسئلو نه آهي ”.چيم“ :اها شادي نه ٿي سگهندي”.
“ڇو نه ٿي سگهندي!” ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
مون دودي ڏانهن ڏسندي چيو“ :دودو هينئر پنجن سالن جو آهي .دودو جڏهن شادي َء الئق ٿيندو ،تڏهن سيٽسفيڪشن
واري ڇوڪري پوڙهي کک ٿي چڪي هوندي ،۽ سنڌن جي سور ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ مبتال هوندي -يا ان وقت تائين
وڃي مالڪ حقيقي کي ملي هوندي”.
کانپوء هن پڇيو“ :هي ُء جڏهن ننڍو هو ،تڏهن سندس
ِ آء سي!” ڊاڪٽر جبار سوچ ۾ پئجي ويو .ڪجهه دير
“اوه! ِ
ماٽيجي ما ُء جو ساڻس ڪهڙي قسم جو رويو هوندو هو”.
“هي ُء ته هينئر به ننڍڙو آهي -فقط پنجن سالن جو آهي ”.چيم“ :هن جي ما ُء ابراهيم کير واري جي ڌي َء آهي.
الء ماٽيجي ما ُء ڪٿان ايندي!”
ابراهيم کير واري جي ڌي َء جي مرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي .دودي ِ
دودو ڏاڍي زور سان کلڻ لڳو ۽ کلي کلي کير ٿي پيو.
عبدالجبار جي منهن تي گهنڊ پئجي ويو .هن غور سان دودي ڏانهن ڏسندي پڇيو“ :هي ُء ڪٿي ڪو ڄامڙو پوڙهو ته
نه آهي ،جيڪو ناڪام محبت جا صدما سهندي تحت الشعور ۽ الشعور جي ڪشمڪش ۾ مبتال ٿي ويو آهي!”
جهٽ ڏيئي مون دودي کي کڻي ورتو .ان کان اڳ جو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال مان نڪري وڃان .ڊاڪٽر
عبدالجبار منهنجي کيسي ۾ ڏهن رپين جو نوٽ وجهي ڇڏيو.
پوء ،هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي
دودي کي هنج ۾ کڻي ،مايوسي َء جي عالم ۾ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس .۽ ِ
شيء ڦاٿل رهي ۽ هن
ِ بي انداز ڏينهن گذري ويا ،۽ بي انداز راتيون گذري ويون .دودي جي نڙي َء ۾ بدستور ڪا پراسرار
جو ڳالهائڻ بند رهيو .بظاهر کيس ڪابه تڪليف نه هئي ،بس ،هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو .دودي جي خاموشي َء سبب مان
پريشان رهڻ لڳس.
هڪڙي ڏينهن منهنجي پهلوان سهري ،ابراهيم کير واري چيو“ :اڙي ڀوال ،بيمار ڇو ٿي پيو آهين! ڪهڙي وڏي
ڳالهه آهي جو پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي”.
پوء راڳ درٻاري َء جو وڏو ڳائڻو ڪيئن ٿي سگهندو!”
“تمام وڏي ڳالهه آهي ،بابا سائين ”.چيم“ :ڳالهائيندو نه ،ته ِ
“اڙي ڀوال ،دودي کي ميراثي ڪندين ڇا!” منهنجي سهري الر ڪندي پڇيو“ :پٽ کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ هڻندي ڇا!”
“ڳائڻ وڄائڻ ،نه سائين بابا ”،چيم“ :مان دودي کي فقط راڳ درٻاري َء جي تربيت ڏياريندس”.
منهنجي سهري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي .چيائين“ :اڙي ڀوال ،مٿو ته جائيتو اٿئي!”
کانسواء دنيا ۾ ترقي ڪري نه سگهندو”.
ِ “منهنجو مٿو جائيتو آهي ،سائين بابا ”.چيم“ :دودو راڳ درٻاري َء
“وڏو ٿي ڦاڙها ماريندو ڇا؟” منهنجي سهري پڇيو.
“جيستائين دودو وڏو ٿيندو ،تيستائين ملڪ مان ڦاڙها ختم ٿي ويندا ”.چيم“ :تڏهن دودو پاڻ ڦاڙهو ٿي پوندو ۽
الء کيس راڳ درٻاري ڳائڻو پوندو”.
شڪاري َء کان جان بچائڻ ِ
منهنجو سهرو ،ابراهيم کير وارو ،کير جو دٻو کڻي ،مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو.
الء توکي راڳ درٻاري َء جو فنڪار ٿيڻو
مون دودي کي پيار ڪندي چيو“ :پيارا پٽ دودا ،ٽئين دنيا ۾ زندهه رهڻ ِ
الء دنيا ۾ جيئڻ ممڪن نه آهي”.
کانسواء اسان جهڙن انسانن ِ
ِ پوندو .اهو الزمي آهي .هينئر ،راڳ درٻاري َء
دودو کلڻ لڳو.
پوء ،دودي جي خاموشي َء جي خبر اوڙي پاڙي ۾ پکڙجي ويئي .ڪجهه کک ڪراڙين ،جن کي وات ۾ ڏند نه هو،“ ِ
شيء اٽڪائي ،سندس ڳالهائڻ بند
ِ فتوي ڏيندي چيو ته دودي تي جن جو واسو آهي ،۽ جنات سندس نڙي َء ۾ ڪا پراسرار
ٰ
ڪري ڇڏيو آهي.
پاڙي جي کنڊين پوڙهين جي صالح تي مان دودي کي هڪ بنگالي پروفيسر ڏانهن وٺي ويس ،جنهن جو جنن سان
سڌو ۽ اڻسڌو واسطو هو .بنگالي پروفيسر سنهڙو سيپڪڙو هو ،۽ هوبهو سڪل ڇوهاري جهڙو نظر پئي آيو .مون کان
کانپوء هن دودي کي هڪ ميز تي سمهاري ڇڏيو ۽ سمجهه کان ٻاهر جمال وات مان ڪڍڻ
ِ دودي متعلق سربستو احوال وٺڻ
معني جمال وات مان
ٰ بي هو وجهي اکيون ۾ اکين جي دودي ڪڏهن ۽ ڪري، ڏانهن آسمان لڳو .اوچتو ،ڪڏهن ٻانهون
ڪڍندو رهيو.
بنگالي پروفيسر جون حرڪتون ڏسي دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
کانپوء :تنهنجي پٽ تي ڪوهه ڪاف جي هڪ پري عاشق ٿي پيئي آهي .هن پنهني
ِ بنگالي پروفيسر جنتر منتر پڙهڻ
مٺ تنهنجي پٽ جي نڙي َء ۾ وجهي ڇڏي آهي”.
“وڏي ڪا بيوقوف آهي ،ڪوهه ڪاف جي پري!” چيم“ :مون کي ڇڏي منهنجي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي!”
“اها ڪا چرچي جهڙي ڳالهه نه آهي ”.بنگالي پروفيسر چيو“ :ڪجهه پريون اصل ۾ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ
هونديون آهن”.
چيم“ :پر دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌي َء کان وڌيڪ خطرناڪ نه هوندي”.
بنگالي پروفيسر پڇيو“ :ابراهيم کير واري جي ڌي َء ڪير آهي ،۽ تنهنجو هن سان ڪهڙو تعلق آهي؟”
“ابراهيم کير واري جي ڌي َء منهنجي زال آهي ”.چيم“ :هو َء منهنجي پٽ دودي جي ما ُء آهي .پروفيسر صاحب ،دنيا
جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌي َء جي پٽ تي قبضو ڪري نه سگهندي”.
بنگالي پروفيسر سان وڌيڪ مٿو مارڻ بيڪار سمجهيم .دودي کي هنج تي کڻي سندس آفيس مان نڪري ويس.
پوء ڪنهن ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ درويش آيو آهي ،جيڪو دلين جي راز تان پردو کڻندڙ ”،ماضي ،حال ۽ مستقبل تي
ِ
دسترس رکندڙ آهي -پهتل ،۽ هللا لوڪ شخص آهي .مان دودي کي درويش ڏانهن وٺي ويس.
درويش جون اکيون بند هيون .هو گهري سوچ ۾ گم هو .معتقد ۽ سوالي ڪنڌ جهڪائي خاموش بيٺا هئا.
کانپوء درويش اکيون کوليون ۽ پنهنجيون نگاهون دودي جي چهري تي اٽڪائي ڇڏيون .دودي تان
ِ ڪجهه دير
نگاهون پري ڪندي ،۽ مون ڏانهن ڏسندي درويش چيو“ :تنهنجو پٽ سڄي عمر هڪ عورت جي چاهت ۾ ڦٿڪندو رهندو،
پر ان عورت سان پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪري نه سگهندو”.
پوء درويش ڏانهن ڏٺو.
مون تعجب وچان اول دودي ڏانهن ،۽ ِ
“تنهنجو پٽ ڪل جڳ ۾ عشق جو امام ٿيندو ”.درويش چيو“ :هو سڄي عمر فرهاد وانگر خوابن جا ٽڪر ڪٽيندو
پر تعبيرن ۾ پنهنجي شيرين کي حاصل ڪري نه سگهندو”.
مون ڏٺو ،دودو تمام غور سان درويش جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.
ـر تنهنجي پٽ جي وجود ۾ سنگيت جي ڪائنات کي جنم ڏيندا ،پر پيار جا گيت سندس چپن تي
درويش چيو“ :ست سـ ُ َ
اچڻ کان اڳ خاموش ٿي ويندا”.
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو .مون دودي کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو.
مون درويش کان پڇيو“ :پر هن ڳالهائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟”
کانپوء هن منهن مٿي ڪيو ۽ چيو“ :تنهنجو پٽ جڏهن جوان
ِ درويش پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو .ڪجهه دير
ٿيندو ،تڏهن دنيا جو رنگ ڍنگ نرالو هوندو .هو معاشري جي روش مطابق ڪوڙ جا ڪوٽ کڙا ڪري نه سگهندو .هو
ڪوڙ کي سچ ،اوندهه کي روشني ۽ ظلم کي انصاف چئي نه سگهندو”.
مون وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺو.
درويش ٻانهون وڌائي دودي کي منهنجي َء هنج مان کڻي ورتو .هن دودي کي پيار ڪيو .دودو خاموشي َء سان درويش
ڏانهن ڏسندو رهيو.
دودي کي منهنجي هنج ۾ ڏيندي ،درويش چيو“ :تنهنجي پٽ پيار جي پيالي مان خاموشي َء ۽ صبر جي زهر جو ڍڪ
ڀري ورتو آهي .هو سڄي عمر صبر جي عالمت ٿي جيئندو ،۽ خاموش رهندو”.
پڙالء
پڙال ُء
هال خالي ٿي ويو .هال جون بتيون وسامي ويون ۽ در بند ٿي ويا .اسٽيج مئنيجر ڪجهه ضروري ۽ قيمتي سامان
کانپوء ،نه هال ۾ ۽ نه اسٽيج تي ڪو پاڇو رهيو
ِ کڻائي ۽ اسٽيج تي آخري نگاهه وجهي ،هليو ويو .اسٽيج -مئنيجر جي وڃڻ
ُ
۽ نه ڪنهن آواز جو پڙال ُء ٿيو .اڳ جتي زندگي َء جي زهريلي وجود جو نقل ڪيو ويو هو ،اتي خاموشي هئي .آواز ڀتين
سان مٿو هڻي ماٺ ٿي ويا هئا .زندگي موڪالئي ويئي هئي.
ٿياسافيڪل هال جو ڪراڙو چوڪيدار ،هال جا در بند ڪري ،اسٽيج جا چار ڏاڪا چڙهي ،پردو هٽائي اونداهي
اسٽيج تي داخل ٿيو .گهگهه اوندهه ۾ هن ٽارچ بتي ٻاري اسٽيج جو جائزو ورتو .اسٽيج تي جهوپڙي َء جو سيٽ لڳل هو.
ٽارچ بتي َء جا سڌا ڪرڻا دائرو ٺاهي ،جهوپڙي َء ۽ جهوپڙي َء ۾ ٽڙيل پکڙيل سامان جو جائزو وٺي ،اسٽيج کان ٻاهر نڪري
ويا.
چوڪيدار ٽارچ جي روشني َء ۾ سامان کان بچندو ،ڪاٺ جي اسٽيج تي پنهنجي لوڙهه سان آواز ڪندوِ ،ونگ مان
نڪري ،ميڪ اپ روم وٽ آيو .ميڪ اپ روم جو در کليل هو .هن ٽارچ جي روشني ميڪ اپ روم ۾ وڌي .ميڪ اپ روم
جي پرين َء ڪنڊ ۾ هڪ شخص آرام ڪرسي َء تي ويٺو هو .سندس پير سامهون رکيل پالسٽڪ جي واڻيل ڪرسي َء تي رکيا
هئا .هن جون اکيون بند هيون .ڪنڌ جهڪيل هوس .کاڏي سيني سان لڳي رهي هيس .کيس معمولي قسم جا خاڪي ڪپڙا
پيا هئا .پيرن ۾ سادو چمپل هوس ،جيڪو هن الٿو نه هو ۽ چمپل سوڌو پير ڪرسي َء تي رکي ويٺو هو .چوڪيدار جي ٽارچ
جا ڪرڻا جڏهن سندس منهن تي پيا ،ته هن منهن مٿي ڪري ،اکيون کولي ،روشني َء ڏانهن نهاريو .سندس منهن تي جهريون
هيون .اکيون وڏيون ،غمناڪ ۽ ذهين هيس .سندس پيشاني ويڪري هئي ۽ اڇا -ڪارا وار اچي پياني َء تي پيا هئس.
سندس رنگ ڪڻڪ رنگو هو ،۽ جيتوڻيڪ ويٺو هو ،پر تڏهن به قد -بت جو ڀريل ۽ طاقتور نظر اچي رهيو هو .سندس
عمر پنجاهه -پنجونجاهه جي لڳ ڀڳ هئي.
“ساجن بابو!”
چوڪيدار جو آواز ٻڌي ،ساجن ڪرسي َء تان اٿيو ۽ ڪلي َء تان ڪوٽ الهي ،ڪلهي تي رکي ،ميڪ اپ روم جي
وڏي آئيني جي سامهون اچي بيٺو .اوندهه ۾ سندس اڻچٽو عڪس هن وانگر ئي مبهم ۽ گم سم هو.
“سڀ وڃي چڪا آهن ،ساجن بابو”.
ساء
پوء ٿڪل ٻرانگهن سان ميڪ اپ روم مان نڪري ،پنهنجي ِ هن منهن ورائي ڪراڙي چوڪيدار ڏانهن ڏٺوِ .
پوء در وٽ چوڪيدار جي ڪلهي تي هٿ رکندي ،ڳوري آواز ۾ چيائين“ :اسان به هليا
ورجايائين .سڀ وڃي چڪا آهنِ .
وينداسين ،الال”.
چوڪيدار ميڪ اپ روم جو در بند ڪري ڇڏيو .ساجن هٿ وڌائي فٽ الئيٽ جون بتيون ٻاري ڇڏيون ۽ اوچتو،
سمورو اسٽيج روشن ٿي ويو .هو آهستي آهستي هلندوِ ،ونگ مان نڪري ،اسٽيج تي تيز روشنين جي سامهون اچي بيٺو.
چوڪيدار ِونگ مان ڏانهنس ڏسي رهيو هو.هن ڳوري ۽ ٿڪل آواز ۾ چوڪيدار کي چيو“ :پردو هٽائي ڇڏ ،الال”.
چوڪيدار سئيچ -بورڊ وٽ پردي جي پلي َء کي ڦيرائي ،اسٽيج جي آڏو پردو هٽائي ڇڏيو .ساجن ٻه -چار وکون کڻي،
پوء ائين
جاء تي ڄمي ويو .نگاهون هال جي وچين سيٽن تي کپائي ڇڏيائينِ . فٽ -الئيٽ جي عين مٿان وڃي بيٺو .پنهنجي َء ِ
جاء تي بيٺل رهيو -ڄڻ پٿر جو بت هو.
ئي ،ڪيتري َء دير تائين ،هو پنهنجي ِ
“الال ”.ساجن اسٽيج تان ڳالهايو ،پر منهن ورائي اللي ڏانهن نه ڏٺائين.
اللو ونگ وٽ اچي بيهي رهيو.
“اڄ هيرو کي زبردست اوويشن ) (Ovationملي هئي نه ،الال”.
“ها ،ساجن بابو”.
““ الال ”.هن اوچتو ڦيرو کاڌو .اکين ۾ غير معمولي ظهور هيس .آواز وڏو ،گرجدار ۽ ڳورو ٿي ويس .چيائين““ :
ياد اٿئي ،الال ،اڄ کان پنجويهه-ٽيهه سال اڳ جڏهن مان اسٽيج تي ايندو هوس ،تڏهن اوويشن جو ڇا حال هوندو هو!”
“هال تاڙين جي آواز سان ڦاٽڻ لڳندو هو ”.چوڪيدار جي ڪراڙين اکين ۾ ماضي َء جا پاڇا موٽڻ لڳا“ :تڏهن ،ساجن
الء بيچين رهندا هئا .ٻه -ٻه ڪالڪ اڳ اچي اسٽيج جي پويان اوهان کي ڏسندا
بابو ،ماڻهو توهان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ ِ
هئا .توهان سان هٿ مالئي ،فخر محسوس ڪندا هئا”.
“پر ڇا مليو؟ هڪ گهڙي َء جي خوشي! هڪ لمحي جي خوشي! جر جو ڦوٽو ....لهر جو لوڏو ”.....ساجن خالي
سيٽن ڏانهن ڏسندي چيو“ :پر تڏهن به ،الال ،مان جڏهن به ماضي َء ڏانهن نهاريندو آهيان ،جڏهن به گذريل وقت کي
ورجائيندو آهيان ،تڏهن دل جي اوندهه ۾ روشني َء جو ڪو ڀٽڪيل ڪرڻو ڀلجي ايندو آهي ۽ موٽي ويندو آهي”.
“هن اسٽيج تي مون هزارين ڊراما ڏٺا آهن ،ساجن بابو ”.چوڪيدار چيو“ :پر جيڪو لطف پنجويهه -ٽيهه سال اڳ
ايندو هو ،اهو هينئر نه رهيو آهي”.
“ڌرتي َء جي اسٽيج تي اڄڪلهه هڪ هيبتناڪ ڊرامو هلي رهيو آهي ،الال ”.ساجن ِونگ ڏانهن ڏسندي چيو“ :موت،
ظلم ۽ عذاب جو ڊرامو! فن ڪٿي آهي؟ فنڪار ڪٿي آهن؟ اڄ جو فن الڪب ۾ آهي ،جيل ۾ آهي ،جنگ جي ميدان ۾ آهي”.
ساجن جو آواز خالي هال ۾ گونجندو رهيو .ساجن پنهنجو اوپرو آواز ٻڌندو رهيو.
“ساجن بابو”.
“جي”.
“مون کي اوهان جو اُهو ڊرامو به ياد آهي ،جنهن ۾ توهان اسٽيج تي روئي پيا هئا”.
پوء مان ميڪ اپ روم ۾ اچي رنو هوس .ايترو
“ها ،الال ،مون کي به ياد آهي ”.ساجن جو آواز ڀرجي ويو“ .ان کان ِ
رنو هوس ،جو اڄ تائين ٻيهر روئي نه سگهيو آهيان”.
خاموشي ڇانئجي ويئي.
“الال”.
“جي”.
“فٽ -الئيٽ جون بتيون وسائي ڇڏ ،الال”.
خاموشيء ۾ گم ٿي ويو .اوندهه زمان ۽ مڪان
ِ اللي فٽ -الئيٽ جون بتيون وسائي ڇڏيون ۽ سمورو هال تاريڪي َء ۽
جي احساس کي مٽائي ڇڏيو.
سمورو هال تاڙين جي ڦهڪي سان لڏڻ لڳو .سوين هزارين آواز ۽ سوين آوازن جا پڙاڏا ،سمنڊ وانگر بي انت ،هوا
وانگر اڻڏٺا پر چٽا ،شعور جي وهڪري سان وهندا ويا .ساجن! ساجن! ساجن ،توهان سان ڪا ڇوڪري ملڻ چاهي ٿي،
چوي ٿي ،توهان ۾ ڪم اٿس .نه نه .ساجن ڪنهن سان نه ملندو .تاڙيون! تاڙيون! ساڳي ڇوڪري ساجن سان ملڻ چاهي
ٿي ،چوي ٿي ،کيس ساجن ۾ ضروري ڪم آهي ۽ سندس نالو الماس آهي .الماس! الماس .ها ،ها .مان کيس ملندس .هيئن
ڪر ،الماس کي اسٽيج جي پويان ،مئنيجر جي آفيس ۾ وٺي اچ .تاڙيون! تاڙيون! مهرباني ،مهرباني ،ڪيئن ،ڊرامو پسند
آيئه ،الماس؟ ڊرامو توکي پسند آيو ،ان کان وڌيڪ چئه .مون کي چاهين ٿو نه عزيز؟ ها الماس ،منهنجي تقدير ،منهنجو
پوء اڄ توکي فيصلو ڪرڻو پوندو ته تون عزيز ٿي رهڻ چاهين نصيب ،منهنجي ڪاميابي تون آهين الماس ،تون آهين .ته ِ
ٿو ،يا ساجن .الماس! ها عزيز .اڄ مون سان بابا ،چاچا ،اما ۽ اسان جي خاندان جا ڪيترائي ڀاتي ڊرامو ڏسڻ آيا آهن .بابا
صفا چيو آهي ته جيستائين تون ڊراما لکندين ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندين ،تيستائين تنهنجي ۽ منهنجي شادي ٿي نه سگهندي.
الماس! مان مجبور آهيان .عزيز توکي اڄ ئي فيصلو ڪرڻو پوندو ته تون اڄ کان فقط عزيز ٿي رهندين ،ساجن نه .اِن جو
اعالن هينئر ئي ڪرڻو پوندو ،اسٽيج تان ،منهنجي خاندان جي ڀاتين آڏو .تون خاموش ڇو آهين ،مون کي نٿو چاهين .مون
سان محبت نه اٿئي .مان غريب آهيان الماس ،۽ تنهنجو خانبهادر پي ُء توکي مون کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿو .ائين ناهي ،عزيز،
ائين ناهي .تون هينئر ئي ،جڏهن آئيڊنس آڏو پيش ٿيندين ،چئي ڇڏ ،ته تون ڊرامن ۾ ڪم نه ڪندين ،اسٽيج کان دور رهندين،
الء
کانپوء ،مان کهنبي وڳي ۾ ،هميشه ِ
ِ پوء ڏس ،ته تنهنجي ۽ منهنجي جدائي فقط ڪجهه ڏينهن جي وڃي رهندي ۽ ان ۽ ِ
الء فقط عزيز نه رهندين ،عزيز، تنهنجي گهر هلي اينديس .جواب ڏي ساجن ،تون خاموش ڇو آهين؟ ڇا ،تون منهنجي ِ
جيڪو تنهنجو پنهنجو اصلي نالو آهي .جواب ڏي خاموش ڇو آهين.
مان ساجن آهيان ،مان ساجن ٿي زندگي گذاريندس ۽ ساجن ٿي مرندس .عزيز منهنجو ظاهر هو ،ڪوڙ هو ،ڏيک
هو .ساجن سچ آهي ،منهنجو باطن آهي ،حقيقت آهي ،مان ساجن رهندس .اسٽيج منهنجي زندگي َء جو ازلي حصو آهي.
الء انعام آڇي سگهي ٿو ،ٽرافي رکي سگهيالماس! تنهنجو پي ُء ڊرامو ڏسي تاڙيون وڄائي سگهي ٿو ،پنهنجو نالو ڪڍڻ ِ
ٿو ،پر کيس اسٽيج کان نفرت آهي .خبر اٿئي ڇو؟ ڇو جو تنهنجي پي ُء جي سيني ۾ نمرود جو آتشڪدو آهي .هو فن جو
دشمن آهي .هلي وڃ الماس .هلي وڃ .مان تنهنجي جدائي َء جو غم سهي ويندس .مان تنهنجو غم کڻي اسٽيج تي ايندو رهندس
سواء ڪنهن جو ٿي نه سگهندس.
ِ -الماس ،مان تنهنجو آهيان ،مان توکان
مون کي ڇڏي ڏيو.مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو .بند ڪريو ميڪ اپ روم جو در .مون کي اڪيالئي گهرجي .ساجن.
ساجن .م اڻهو توکي ڏسڻ چاهين ٿا .سڀ تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن .چئي ڇڏيون ته هو هليا وڃن .مان تماشو ناهيان جو
مون کي ڏسن .مان “زو” جو باندر ناهيان ،جو مون کي ڏسن ۽ ڪير ٿا ڏسڻ چاهين؟ اهي سيٺيون ،جيڪي ٽڪيٽ خريد
ڪري اسان تي احسان ڪن ٿا! اسان کي ڏند کوٽڻ جي تيلي سمجهن ٿا! سئيٽ ڊش سمجهن ٿا! چئون ته هليا وڃن .مون کي
اڪيالئي گهرجي .اڪيالئي .ماٺ ،خاموشي ،پوالر جي خاموشي.
“مان ميڪ اپ روم جو در بند ڪري ايترو رنو هوس الال ،جو اڄ تائين ٻيهر روئي نه سگهيو آهيان”.
ساجن ڪوٽ ڪلهي تي رکي ،ونگ مان نڪري ورانڊو لتاڙي ،ٿياسافيڪل هال جي پڌر ۾ پهتو ،اُتان منهن ورائي
هن اللي کي چيو“ :در بند ڪري ڇڏ ،الال”.
ساجن ٿياسافيڪل هال مان نڪري ،بندر روڊ جي فٽ پاٿ تي اچي بيٺو .ٽرئفڪ جهڪي ٿي ويئي هئي .تاج محل
سئنيما جو پويون شو ڪڏهانڪو ختم ٿي ويو هو .سئنيما جا پيداگير ۽ مڪراني سئنيما جي ڏاڪڻين تي الوٽ پيا هئا .رات
جو ڳچ حصو گذري ويو هو.
ساجن تاج مهل سئنيما ۽ ٿياسافيڪل هال جي وچ ۾ فٽ پاٿ تي بيٺل پپر جي گهاٽي وڻ هيٺان اچي بيٺو .جتي هو بيٺو
هو ،اُتي ٽيوب -الئيٽ جي روشني ،پهچڻ کان اڳ ،پنن ۽ ٽارين سان وچڙي ختم ٿي پيئي ويئي .ڪڏهن ڪو هوا جو جهوٽو
پنن کي لوڏي ٿي ويو ،تڏهن روشني َء جا ڪجهه ڪرڻا ساجن تائين پهچي گم ٿي پي ويا .هر دفعي جڏهن ائين ٿيو پئي ،هن
ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو پئي .پپر جو وڻ قديم هو .پنجويهه -ٽيهه سال اڳ جڏهن هو پهريون دفعو ڏڪندو ڪنبندو ،هڪ
جاء تي موجود هو .اُن
الء ٿياسافيڪل هال ۾ داخل ٿيو هو ،تڏهن به ساڳيو پپر جو وڻ پنهنجي ِ
ڊرامي جي ريهرسل ڪرڻ ِ
وقت ايڏو گهاٽو نه هو .گذريل پنجويهن -ٽيهن سالن ۾ پپر گهاٽو نه هو .پپر جڏهن وڌندو نه آهي ،تڏهن سندس ٽارين مان
پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن .ساڳي َء طرح جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگي َء ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن ،تڏهن ان
شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن ،جيڪي محسوس ته ٿينديون آهن ،پر ڏسڻ ۾ نه
اينديون آهن.
ساجن .ساجن.
ڪير آهي؟مون کي ڪير سڏي رهيو آهي؟ هي ڪنهن جو آواز آهي؟ ساجن .ساجن .تون پنهنجو آواز به سڃاڻي نٿو
الء اوپرو ٿي ويو آهي! ساجن! ڇا مليو اٿئيسگهين .هي تنهنجو پنهنجو آواز آهي ساجن .تنهنجو آواز تنهنجن ئي ڪنن ِ
اسٽيج تان .ڇا مليو اٿئي ڊرامن مان .جواب ڏي ساجن ،ڇا مليو اٿئي اسٽيج تان .اوجاڳا؟ اڪيالئي؟ روح جا زخم؟ غمن جي
ڪائنات؟ ڇا مليو اٿئي ساجن ،ڇا م ليو اٿئي؟ خاموش .مون کي پريشان نه ڪريو .مان نه فقط ساجن آهيان ،پر عزيز به
آهيان ،عزيز ،جنهن کان مون کي نفرت آهي ،پر تڏهن به مان کيس پنهنجي وجود کان ڌار ڪري نه سگهيو آهيان .عزيز
اڪائونٽس آفيسر آهي ،جنهن کي صبح کان شام تائين ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪرڻو پوندو آهي .مون کي کانئس نفرت آهي.
الء روزي ڪمائيندو آهي .صبح کان شام تائين ٻه واڌو ٻه مان ساجن ،عزيز کان نفرت ڪندو آهيان .پر نه .عزيز مون ِ
برابر چار ڪري مون کي ماني کارائيندو آهي .عزيز ساجن جو پيٽ پاليندو آهي .بيوقوف ،عزيز تنهنجو پيٽ پاليندو آهي.
ها ،ها ،ها .پر م ون کي عزيز کان نفرت آهي .نفرت! تو عزيز کان سندس محبت ڦري ورتي هئي .تو کيس الماس جو ٿيڻ نه
ڏنو هو ،تو مٿس ظلم ڪيو هو ،پر تڏهن به عزيز توکان خفي نه ٿيو آهي ،توکان ناراض نه ٿيو آهي .۽ تون ،جيڪو ساجن
آهين ،عزيز کي ڌڪارين ٿو! جيڪڏهن تون فقط ساجن هجين ها ته هوند اڄ بک مرين ها ،بي گهر هجين ها ،ٻين جو محتاج
هجين ها .هت فنڪار جي نصيب ۾ گمنامي ،بيروزگاري ۽ بک لکيل آهي .ڪئپيٽل سئنيما واري گهٽي َء ۾ منروا موويٽون
جو راجا ڏٺو اٿئي! هن کي چتائي ڏٺو اٿئي! سندس اکين ۾ مايوسي َء ۽ بربادي َء جا کنڊر ڏٺا اٿئي! وڃ ،ساجن وڃ .عزيز کي
الء کيس روزي ڪمائڻي آهي .وڃ ساجن آرام ڪرڻ ڏي .صبح جو عزيز کي ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪرڻو آهي .تنهنجي ِ
وڃ.
“ڊائريڪٽر-ليکڪ ساجن صاحب آهي؟”
هڪ عورت ،جنهن کي کير جهڙا اڇا ڪپڙا پاتل هئا ۽ جنهن جا وار به برف جهڙا اڇا هئا .ٿياسافيڪل هال جي در
ٻاه ران بيٺي هئي .فٽ پاٿ وٽ وڏي ،چمڪندڙ ۽ اڇي رنگ جي بيوڪ ڪار بيٺي هئي .عورت ٿياسافيڪل هال جي
چوڪيدار سان ڳالهائي رهي هئي.
“مون کي ڊرامي جي ڊائريڪٽر ،ساجن صاحب سان ملڻو آهي”.
“هو هليو ويو”.
“هليو ويو!”
“ها .ٿوري دير اڳ هليو ويو”.
ساء چيائين“ :مان جڏهن به کيس ڏسڻ آئي آهيان ،هو ٿوري
عورت در وٽان هٽي ويئي .ڪار ڏانهن ويندي پنهنجي ِ
دير اڳ هليو ويندو آهي”.
عورت هلي ويئي.
ان وقت ساجن وڻ جي پاڇي مان نڪري ٽيوب -الئيٽ هيٺان اچي بيٺو!.
“ساجن بابو! توهان اڃا گهر نه ويا آهيو”.
“مان ٽيڪسي َء جو انتظار ڪري رهيو آهيان ،الال”.
“الماس سلڪ ملز جي مالڪڻ اوهان کي ڏسڻ آئي آهي ”.چوڪيدار لوهي در کولي ٻاهر فٽ پاٿ تي نڪري آيو.
چيائين“ :هو َء اڳ به ڪيترائي دفعا توهان جي ڊرامن کانپو ِء توهان کي ڏسڻ آئي آهي .پر هر دفعي سندس اچڻ کان اڳ
توهان هليا ويندا آهيو”.
“مون کي خبر آهي الال ،مون کي خبر آهي”.
ساجن ڪوٽ ڪلهي تي رکي ،ڪنڌ جهڪائي ٿڪل ٿڪل قدمن سان بندر روڊ جي ٻئي پار هليو ويو.
هو ،مان ۽ هو َء
[ڪجهه سياڻن جو خيال آهي ته مان چريو آهيان ،۽ ڪجهه چرين جو خيال آهي ته مان سياڻو آهيان] .
االء ڪيئن ۽ ڪڏهن منهنجيهڪ اوپري شخص کي پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو .هو ِ
ڪمري ۾ داخل ٿيو هو .مان کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي ڪمري ۾ موجود ڏٺم .جڏهن طرحين طرحين جا خوف مون
کي ورائي ويندا آهن ،تڏهن مان کٽ هيٺان هليو ويندو آهيان .اتي مان سک جو ساهه کڻي سگهندو آهيان ،۽ مان محسوس
ڪندو آهيان .ڪيتري دير تائين هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي ۽ منهن گوڏن ۾ لڪائي کٽ هيٺان پيو هوندو آهيان ،ٻاهر تڏهن نڪرندو
آهيان ،جڏهن ڊپ کان آجو ٿيندو آهيان.
اُن ڏينهن کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي پنهنجي ڪمري ۾ موجود ڏٺم .مون کان ڇرڪ نڪري ويو .ا ِ
الء ڪير
هو! اوپرو شخص هو .هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو .مون کي هو بنهن نه وڻيو .مون کيس چيو“ :منهنجي ڪمري
۾ فقط ٻن قسمن جا ماڻهو اچي سگهندا آهن .هڪڙو منهنجي پي ُء جي ٽين زال جا مائٽ ،۽ ٻيو ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا
پوء مون کي ننڊ
ڪمپائونڊر .ڪمپائونڊر مون کي ڏسي قابو ڪندا آهن ،ڊاڪٽر مون کي هڪ سئي هڻي ڇڏيندو آهي .۽ ِ
اچي ويندي آهي ،۽ مان ورهين جا ورهيه ننڊ ڪندو آهيان.
هو خاموش رهيو ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو .چيم“ :انهن ٻن قسمن جي ماڻهن کانسوا” ،ٽئين قسم جو ڪوبه شخص
کانسواء داخل ٿي نه سگهندو آهي .منهنجو پي ُء به منهنجي ڪمري ۾ اچڻ جي سگهه
ِ منهنجي ڪمري ۾ ،منهنجي اجازت
ساري نه سگهندو آهي .تون منهنجي سمجهين پيو نه!”
هن جواب نه ڏنو .خاموش رهيو .سندس چهري تي ڪنهن قسم جو تاثر اُڀري نه آيو .هو بدستور ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن
االء ڪير هو.منهنجي پي ُء جي ٽين زال جو ڪو مائٽ هو ،يا ڊاڪٽر هو! اال ِء ڪير هو.
ڏسندو رهيو .ڏاڍو ڪو نؤد هوِ .
مون اوپري شخص کي چيو“ :يار ڳالهه ٻڌ! جيڪڏهن تون منهنجي پي ُء جي ٽين زال جو ڪو مائٽ مٽ آهين ،ته پو ِء
مهرباني ڪري هڪدم منهنجي ڪمري مان گم ٿي وڃ ،منهنجي پي ُء جي ٽين زال جي ناطي تون منهنجي پي ُء جو مائٽ ته
ٿي سگهين ٿو ،پر منهنجو هرگز نه”.
هو بيهودو شخص خاموش رهيو .مون ڏانهن ڏسندو رهيو .چيم“ :اهڙي طرح مون ڏانهن نه ڏس .منهنجي ڳالهه
سمجهڻ جي ڪوشش ڪر”.
سندس چهري تي ڪو تاثر نه آيو.
کيس ڳالهه سمجهائڻ خاطر چيم“ :مان جنهن ڇوڪري َء سان محبت ڪندو آهيان ،اها ڇوڪري منهنجي پي ُء جي ٽين
زال کان عمر ۾ ٽي سال وڏي آهي .منهنجي پي ُء جي ٽين زال عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهي .تون منهنجي ڳالهه
سمجهين پيو نه!”
مون غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏٺو .هو اهڙو ڪڇي ،جهڙي ڀت! ماٺ جو قسم کنيو هئائين شايد .اال ِء ڇو هو
مون کي احمق محسوس ٿيڻ لڳو ،.تڏهن چيم“ :يار! منهنجي ڳالهه چڱن چوکن سياڻن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي ،تون ته
شڪل شبيهه مان مون کي احمد پيو لڳين .منهنجي ڳالهه ڌوڙ تنهنجي سمجهه ۾ ايندي! سچ پڇين ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي
پڻ پنهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون آهن”.
نه اک ڇنڀيائين ،۽ نه ئي وات مان ڪو اکر اُڪليائين .ڄڻ پٿر جو بت هو .بيحس هو .سندس مسلسل خاموشي مون
کي بيزار ڪرڻ لڳي .چيم“ :ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته منهنجي مٿي ۾ ٽيومر آهي .ٽيومر سمجهين پيو نه! خاص
انگريزي قسم جي بيماري آهي .سولي سنڌي َء ۾ ٽيومر کي ڳوڙهو چئبو آهي .ٽيومر جو عالج فقط لنڊن ۾ ٿيندو آهي .پر مان
لنڊن هرگز نه ويندس .لنڊن کان مون کي نفرت آهي .مان جنهن ڇوڪري َء سان محبت ڪندو آهيان ،سا ڇوڪري لنڊن ۾
الء مون وٽ پيسا به نه آهن .مان ته ٽنڊي باگي
هڪ ڊاڪٽر سان مخفي محبت ڪندي آهي ،۽ يار ،سچ پڇين ته لنڊن وڃڻ ِ
وڃڻ جهڙو به نه آهيان .اصل ۾ مان ڪنگلو آهيان .مان ته ان قابل به نه آهيان جو پنهنجي محبوبه کي هڪ لڏون وٺي
کارائي سگهان .هون َء به منهنجي محبوبه کي ذيابيطس جي بيماري آهي .هو َء مٺين شين کان پرهيز ڪندي آهي .تون
منهنجي ڳالهه غور سان پيو ٻڌين نه!”
اوپرو شخص خاموشي َء سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ،۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو .چيم“ :منهنجي ما ُء کي
ذيابيطس جي بيماري نه هئي .منهنجي َء ما ُء جي دل ۾ گڙٻڙ هئي .دل جو معاملو ته نازڪ ٿيندو آهي نه! سو هيٺان وڃي
لڪي پيو هوس .منهنجي پي ُء مون کي کٽ هيٺان ڪڍي پيار ڪيو هو .منهنجا لڙڪ اگهندي چيو هئائين ته ،پٽ روين ڇو
ٿو -هڪ بدران مان توکي ٻه مائرون آڻي ڏيندس .تون منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ ۽ منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش
ڪر ،موڳا مٽر”.
الء ٻه مائرو وٺي آيو -هڪ
هو بنا ڪنهن تاثر جي منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيو هو .چيم“ :منهنجو پي ُء سچ پچ منهنجي ِ
عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي ۽ ٻي عمر ۾ مون کان ڏهه سال وڏي”.
نه تعجب جو تاثر ڏنائين ،۽ نه حيرت جو .ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو .مان ڪرسي َء تي ويهي رهيس .کيس
ڪرسي َء تي ويهڻ جي آڇ ڪيم ،قبول نه ڪيائين .بيٺو رهيو.
چيم “ :بابا جي ٻي زال جيڪا عمر ۾ مون کان ڏهه سال ،۽ بابا جي ٽين زال کان عمر ۾ پندرهن سال وڏي هئي ،سان
نيڪ بخت پنهنجي زندگي َء جو چڱو چوکو وقت قياس آرائين ۾ گذاريندي هئي .هو َء بابا جي ٽين زال ،منهنجي ٽوهه ۾
رهندي هئي .اَٺ ئي پهر پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئائين .جاسوسي َء جي مهم شروع ڪري ڇڏي هئائين .هو َء وڏو ڪو راز
فاش ڪرڻ جي چڪر ۾ هئي .تڏهن ،کيس خبر پيئي ته مان هڪ اهڙي ڇوڪري َء سان محبت ڪندو آهيان ،جيڪا بابا جي
پوء هڪڙي ڏينهن پنهنجيٽين زال کان ٽي سال وڏي آهي :تڏهن کيس ان ڳالهه جو صدمو رسيو .هو َء اُداس رهڻ لڳي ،۽ ِ
پيڪي هلي ويئي .انا هلل و انا اليہ راجعون”.
پٿر جي بت جهڙو اوپرو شخص خاموش رهيو .مون محسوس ڪيو ته هو منهنجي پي ُء جي ٽين زال جو مائٽ نه هو.
هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو .مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي .هو پنهنجن ٻن برجستن ڪمپائونڊرن هٿان مون کي قابو
پوء مون کي ،ورهين تائين ننڊ اچي ويندي آهي.
ڪرائي ،منهنجي ٻانهن ۾ هڪ سئي يعني انجيڪشن ٽنبي ڇڏيندو آهي .۽ ِ
مان جاڳڻ چاهيان ٿو .هو مون کي سچ پچ ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو .سندس ٻيئي ڪمپائونڊر غائب هئا .مون ڪنبنڊي
ڪنبندي اوپري شخص کي چيو“ :تون ضرور ڪو نئين قسم جو ڊاڪٽر آهين .مون کي سئي هڻي ورهين تائين سمهارڻ آيو
آهين .مان ج اڳڻ چاهيان ٿو ڊاڪٽر .مان سجاڳ رهڻ چاهيان ٿو .مون کي نه سمهار .مون کي نڀاڳي ننڊ نه ڏي .مان ڏاڍو
ٿڪجي پيو آهيان .مون ته هينئر ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو آهي .مان پنهنجي وهمن ،سودائن ۽ انومانن جو ذڪر به ڪنهن سان نه
ڪندو آهيان .جڏهن سوچن جا غبار ورائي ويندا آهن ،تڏهن خوف وچان مان کٽ هيٺان لڪي ويهي رهندو آهيان .مان
پنهنجن وهمن ۽ پنهنجين سوچن متعلق ان ڇوڪري َء سان به ذڪر نه ڪندو آهيان ،جنهن سان مان محبت ڪندو آهيان ۽
هو َء لنڊن جي هڪ ڊاڪٽر سان مخفي محبت ڪندي آهي”.
اوپرو شخص اوپروئي رهيو .هو پٿر جي بت وانگر خاموش رهيو .اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندو رهيو .ڪجهه دير
کانپوء هو مون کي پنهنجي پي ُء جي ٽين زال جو مائٽ وغيره محسوس نه ٿيو ،۽ نه ئي هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيو. ِ
سندس چهري تي ڄڻ بيحسي َء جو نقاب چڙهيل هو .نه خوشي ،نه غم ،۽ نه غصو! هو مون کي پراسرار مخلوق محسوس
ٿيڻ لڳو .سندس گهور کان گهٻرائجي مان ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس .ڀت سان لٽڪايل خالي فريم ڏانهن اشارو
ڪندي چيم“ :هن تصوير جو نالو آهي تصوير ابيض .هي ُء فريم بظاهر خالي نظر پيو اچي ،پر اصل ۾ ائين نه آهي .ان فريم
کانپوء تصوير غائب ٿي ويندي آهي ،۽
ِ ۾ جڏهن به ڪنهن اهم شخص جي تصوير سينگاربي آهي ،تڏهن ڪجهه عرصي
فريم خالي رهجي ويندو آهي”.
هو شخص تڏهن به خاموش رهيو .کيس جيڪڏهن روم ۾ ڏسان ها ته مائيڪل اينجيلو جو ٺاهيل بت سمجهي ويهان
ها .پر مون کيس روم ۾ نه ڏٺو هو .مون کيس پنهنجي ڪمري ۾ ڏٺو هو .لڳو ته جيئرو جاڳيندو پئي ،پر ڀت وانگر خاموش
هو!
مون اوپري پراسرار شخص کي چيو“ :يار تون ڪهڙي قسم جو انسان آهين! منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نٿو
ڏئين .ڪا ٽيڪا ٽپڻي به نه ٿو ڪرين! شايد گونگو آهين .سمجهان ٿو ته ٻوڙو به آهين .جيڪڏهن ٻوڙو نه هجين ها ته
پوء اوچتو
منهنجيون ڳالهيون ٻڌي مرڪڻ لڳين ها -شايد ٽهڪ به ڏيئي وٺين ها .ماڻهو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي کلندا آهن ،۽ ِ
کانپوء مون کي
ِ مون کي چوکنڀو ٻڌي ڊاڪٽر کي گهرائيندا آهن ،۽ مون کي هڪ عدد سئي هڻائي ڇڏيندا آهن .سئي لڳڻ
صدين تائين ننڊ کڻي ويندي آهي .ننڊ ۾ مان ان ڇوڪري َء جا خواب ڏسندو آهيان ،جيڪا مخفي طرح لنڊن ۾ هڪ ڊاڪٽر
سان محبت ڪندي آهي”.
بس! اوپرو شخص مون کي نهايت واهيات ۽ بيهودو محسوس ٿيو .سوچيم ،سندس اکيون ڪڍي ڇڏيندس .اهڙيون
اکيون نڪتيون ڀليون! مان ڪرسي ڇڏي هن جي سامهون وڃي بيٺس .آڱريون سندس اکين آڏو جهليم .سوچيم ،ضرور ڊپ
وچان اکيون بند ڪري ڇڏيندو! پر نه .هن جون اکيون کليل هيون .هو بظاهر ڏسي رهيو هو ،پر اصل ۾ ڏسي نه رهيو هو.
سندس اکين ۾ روشني نه هئي .هو انڌو هو.
خوف منهنجي وجود کي ڌونڌاڙي ڇڏيو .کٽ هيٺان لڪڻ محال محسوس ٿيو .هن کي ڪن هئا ،پر ٻڌڻ کان معذور
هو .کيس اکيون هيون ،پر ڏسڻ کان مجبور هو .سندس وات ۾ زبان هئي ،پر ڳالهائڻ کان الچار هو! اهڙو شخص مون
االء ڪيئن ،۽ ڇو منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
زندگي َء ۾ ٻڌو ،نه ڏٺو! ِ
تيزي َء سان ڊوڙندو ،ٿڙندو ،ٿاٻڙندو پنهنجي ڪمري مان نڪري ويس .سڌو وڃي ناني َء جي ڪمري ۾ سک جو
ساهه کنيم .هو َء ڏاڍي اطمينان سان طوطي ۽ مينا وارو پڪي جلد سان قصو پڙهي رهي هئي ۽ بيحد متاثر نظر اچي رهي
هئي .مان سندس کٽ تي ويهي رهيس ،۽ چيم“ :اڄ مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو آهي جنهن کي ڪيپراٽي َء جي ٻنهي
پاسن کان ٻه ڪن ته آهن ،پر ٻڌڻ کان معذور آهي .کيس اکيون به آهن ،پر ڏسڻ کان محروم آهي .سندس وات ۾ لڳيم ٿو،
زبان به آهي ،پر ڳالهائڻ کان الچار آهي”.
“ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي ”.ناني َء چيو“ :عمر گذاري ڇڏي اٿم اهڙن ماڻهن کي ڏسندي ڏسندي”.
مون سندس پوڙهو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو“ :هڪ اهڙو ئي شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي”.
“هو تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي!” ناني َء پڇيو.
“مون کي ڪهڙي خبر ته هو منهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي؟” چيم“ :مان سمجهان ٿو ،هو ماسٽر چندر جو
ڳايل ڪالم ٻڌڻ آيو آهي.
رکي ناتو نباهين ها،
پنهل منهنڙو مٽايئه ڇو”.
“ڏاڍو ڪو ڀوڪ آهين!” ناني َء چيو“ :هوڏانهن چوين پيو ته هو ٻوڙو آهي ۽ مٿان چوين پيو ته چندر جو راڳ ٻڌڻ
آيو آهي! اڙي چريا ،ٻوڙا ماڻهو فقط تقريرون ٻڌندا آهن ،گيت ۽ سنگيت نه”.
“هو في الحال منهنجي ڪمري ۾ آهي ”.چيم“ :مان ڊڄان ٿو سندس انڌي هئڻ کان ،سندس ٻوڙي هئڻ کان ۽ سندس
گونگي هئڻ کان”.
ناني َء چيو“ :تون پنهنجي پي ُء جي ٽين زال کي وڃي چئه ته اُن انڌي ،گونگي ۽ ٻوڙي شخص کي تنهنجي ڪمري
مان ڪڍرائي ڇڏي ،هن گهر تي ته هينئر اُن چنڊي َء جو راڄ آهي”.
سوچيم ،ناني ٺيڪ ٿي چوي -جنهن جو راڄ هجي ،تنهن سان ئي ڳالهائجي .ناني َء جي ڪمري مان نڪري سڌو بابا
جي ٽين زال جي ڪمري ۾ وڃي نڪتس .مون کي ڏسي ،بابا جي ٽين زال جي چهري تي مرڪ تري آئي .پڇيائين“ :ڪيئن
آهين پٽ؟”
الء پٽ جو لفظ مون کي زهر ٿو
“اوهو!” چيم“ :تون عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهين ،تنهنجي واتان پنهنجي ِ
لڳي ،تون مون کي منهنجي نالي سان ڇو نه ٿي مخاطب ڪرين!”
پوء تون مون کي شميم جي نالي سان
معني خيز مرڪ سان چيائينِ ““ :
ٰ “توکي تنهنجي نالي سان مخاطب ڪريان!”
سڏيندين؟”
کانسواء هڪ ٻئي کي مخاطب ڪريون”.
ِ شڪي ٿيندي چيم“ :ڇا اهو ممڪن ڪونهي جو اسين اصلي نالي
“ڇو نه ممڪن آهي!” هن ساڳي َء طرح مرڪندي چيو”:ڪو خاص ڪم اٿئي ڇا؟”
“ها ”.چيم “ :منهنجي ڪمري ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي ،جيڪو انڌو آهي ،گونگو آهي ،۽ ٻوڙو به آهي .تون
مهرباني ڪري کيس منهنجي ڪمري مان ڪڍرائي ڇڏ”.
“تون خوش ته آهين نه پٽ!” منهنجي پي ُء جي ٽين زال پڇيو.
“اوهو! چيم“ :تون عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهين .خدا جي واسطي مون کي پٽ نه چوندي ڪر”.
پڇيائين“ :پر ،هون ُء تون چاڪ ته آهين نه؟”
“ها ،مان ٺيڪ آهيان .مون کي سئي َء جي ضرورت نه آهي .مان جاڳڻ چاهيان ٿو .مان سمهندس نه .مون کي ننڊ کان
نفرت ٿي ويئي آهي ”.چيم“ :گونگو ،ٻوڙو ۽ انڌو شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي .مون کيس پنهنجي اکين سان ڏٺو
آهي”.
“تون اتيئي ترس ”.بابا جي ٽين زال چيو“ :مان وڃي ڏسي ٿي اچان ته هو ڪير آهي ۽ تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪري
رهيو آهي”.
مون کي اتي ئي ڇڏي ،هو َء منهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي .مان صوفي تي ويهي رهيس ۽ شوڪيس تي سينگاريل
وحشي عقاب ڏانهن ڏسڻ لڳس ،جنهن هڪ جهرڪي َء کي پنهنجي چنبن ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو ،۽ سندس ماس پٽي رهيو
هو .عقاب مئل هو .سندس جسم ۾ ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو :پر تنهن هوندي به نهايت خوفناڪ ۽ وحشي نظر اچي
رهيو هو .جهرڪي به جيئري نه هئي ،مري ويئي هئي .سندس جسم ۾ به ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو :پر تنهن هوندي
به جهرڪي مظلوم ۽ ڏتڙيل پئي لڳي .عقاب ۽ جهرڪي َء جي ڀرسان منهنجي پي ُء جي سونهري فريم ۾ سينگاريل قديم
تصوير رکي هئي ،جنهن ۾ هو لڳ ڀڳ منهنجي عمر جو پي لڳو.
پوء بابا جي ٽين زال منهنجي ڪمري مان موٽي آئي .هو َء ڪجهه ڪجهه ڊنل ۽ هيسيل پئي لڳي.
ڪجهه دير کان ِ
مون کانئس پڇيو “ :ڇا هن شخص تو ڏانهن ڏٺو ،تو سان ڳالهايو ،۽ تنهنجو حال احوال ٻڌو جو تون ايتري قدر پريشان
آهين؟”
هن چيو“ :تنهنجي ڪمري ۾ اوپرو شخص موجود نه هو”.
بابا جي ٽين زال چيو “ :اوپري شخص بدران تنهنجي ڪمري ۾ هڪ ڇوڪري بيٺي هئي ،جيڪا توکان عمر ۾ پنج
سال ننڍي هئي .ان ڇوڪري َء کي اکيون هيون ،پر ڏسڻ کان مجبور هئي ،کيس ڪن هئا ،پر ٻڌڻ کان الچار هئي ،کيس وات
۾ زبان هئي ،پر ڳالهائڻ کان معذور هئي”.
تڏهن مون کي پنهنجي پي ُء جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو .هو چئي رهيو هو”:توکي سئي َء جي سخت ضرورت آهي پٽ .شايد
تون ڪافي دير کان جاڳي رهيو آهين .توکي سمهڻ گهرجي .توکي ننڊ جي ضرورت آهي .مون ڊاڪٽر کي گهرايو آهي ،هو
توکي سئي هڻي سمهارڻ آيو آهي”.
مون منهن ورائي ڏٺو ،ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا ڪمپائونڊر مون ڏانهن وڌي رهيا هئا.
Posted by wahabsahito at 7:10 PM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
ٿوري دير ۾ اِها ڳالهه سموري گهر جي ٻارن تائين پهچي ويئي ته ،اڌ رات ڌاري “موسٽ ڊينجرس مين اِن
پاڪستان” سندن گهر ۾ اچي لڪندو ،۽ صبح جو سوير ،جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو.
پوء گدگد ٿيا .هنن پنهنجي
چاريئي ٻار ،جن جي عمر پنجن ۽ ڏهن سالن جي وچ ۾ هئي ،اِها ڳالهه ٻڌي اول ڊنا ۽ ِ
ننڍڙي عمر ۾ ڪڏهن به پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو نه ڏٺو هو.
ـوڙين هيٺان منهن لڪائي ليٽي پيا ،۽ مخفي
کانپوء ،هڪدم پنهنجي پنهنجي هنڌ تي سـَ ِ
ِ چاريئي ٻار رات جي ماني کائڻ
طرح ،اندرئي اندر جاڳندا رهيا .ان وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا .منجهانئن ڪنهن به ٽيليويزن جا پروگرام ڏسڻ ۽ گوڙ
ڪرڻ تي ضد نه ٻڌو .کيس پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڏسڻ جو شوق ورائي ويو هو.
پنجن سالن جي سپي ،۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ هڪ ئي هنڌ تي ساڳي سوڙ هيٺان ليٽيا پيا هئا .سندن پاسي ۾ ،ٻئي َء کٽ
تي مسڪين احمد بينو سمهيو پيو هو .مسڪين جي عمر ست سال هئي ،۽ هن جا ست ڏند ڀڳل هئا .مسڪين جو منهن
موڪرو هو ،۽ موڪري منهن تي چنجهين اکين هيٺان چنبڙيل هوس هڪ عدد ڦٿل نڪ! ٻار سڏيندا هئا -بينو! بينو ،جنهن
پنهنجي ننڍڙي َء دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ،ته هو وڏي هوندي ٽارزن ٿيندو ،ڀولڙن سان دوستي رکندو ،۽ گهڻو ڪري
الء سڀني کان وڌيڪ آتو هو. وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو ،سو خاص طرح “موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان” کي ڏسڻ ِ
بيني جي ڀرسان کانئن وڏو ڀا ُء محمد عمر سـ َ َـوڙ ۾ وڙهيو سيڙهيو پيو هو ،۽ جاڳي رهيو هو .محمد عمر جي عمر ڏهه سال
هئي .هو رتن تال ُء اسڪول ۾ پنجون درجو سنڌي پڙهندو هو ،۽ شام جو اسڪول جي ميدان ۾ فٽبال راند ڪندو هو .هن
هڪ دفعي محمڊن ڪلب ڊاڪا جي شيدي سينٽر فارورڊ محمد عمر کي ڪراچي پورٽرسٽ ٽيم خالف مٿي سان بال کي
ٽڪر هڻي گول ڪندي ڏٺو هو .محمد عمر فٽبالر جي اها ادا کيس ڏاڍي وڻي ويئي هئي .اُن ڏينهن کان هو بال کي اڪثر مٿي
سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو .ڪڏهن ڪڏهن ته پيرن ۾ ٿڏجي آيل بال کي به گـُـت ڏيئي ،مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي
ڪوشش ڪندو هو .ان جدوجهد ۾ هو گهڻو ڪري مٿو ڦاڙائي ويهندو هو .سندس مٿي ۾ ايترا ته گــُـهٻ پئجي ويا هئا ،جو
بيني مٿس نالو رکيو هو اکروٽ!
بيني سوڙ مان ڪنهن ڪڍي ،سپي َء ۽ ڪوڏ جي کٽ ڏانهن نهاريو .کين ننڊ ۾ ستل سمجهي ،هن هٿ وڌائي عمر
اکروٽ جي سوڙ کي سٽ ڏني.
عمر اکروٽ منهن تان سوڙ الهي کانئس پڇيو“ :ڇاهي؟”
بيني سڙٻاٽن ۾ پڇيس“ :موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪڏهن ايندو؟”
اکروٽ وات تي آڱر رکندي ،آواز ڪڍيو“ :ههش”.
ههش جي آواز تي پنجن ورهين جي سپي َء جا ڪن کڙا ٿيا .هو َء شام کان پنهنجن ڀائرن ۽ گهر جي ٻين ڀاتين جي
الء پنهنجي ننڍڙي مغز سان معاملي کي
پراسرار رويي سبب سخت مونجهاري ۾ هئي .هو َء ان مونجهارن مان نڪرڻ ِ
کانپوء به جڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس،
ِ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ،پر ناڪام ٿي رهي هئي .گهڻي مٿاڪٽ
تڏهن هو َء گهيرٽ ۾ پئجي ويئي ،۽ کيس ننڊ کڻي پيئي ويئي.
ههش جي آواز تي سپي گهيرٽن مان جاڳي پئي .سوڙ جي هڪ ڪنڊ مٿي ڪري ،پنهنجو ننڍڙو ڪن ٻاهر ڪڍيائين.
ان وقت اکروٽ وات تي آڱر رکندي سڙٻاٽن ۾ بيني کي چيو“ :آهستي ڳالها” ،ادا اڪبر چيو پئي ،ته ڀتين کي به ڪن
ٿيندا آهن!”
سپي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي ويئي .اڪبر سندن وڏو ڀا ُء هو .هو ڪاليج ۾ پڙهندو هو ،۽ پاڻ کي اسٽوڊنٽ ليڊر سڏائيندو
هو .ٻار سندس ڳالهه کي پٿر تي ليڪو سمجهندا هئا .سپي َء جڏهن ٻڌو ،ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن ،تڏهن هن سوڙ جي
ڪنڊ مان هڪ اک ٻاهر ڪڍي چڱي َء طرح ڀتين ڏانهن ڏٺو .کيس ڀتين جا ڪن ڏسڻ ۾ نه آيا .هو َء دل ئي دل ۾ پنهنجي وڏي
پوء هن بيني ڏانهن ڏٺو.
ڀا ُء جي ڳالهه تي کلڻ لڳيِ ،
بينو وڏي خبرداري َء سان پنهنجي سوڙ مان ٻاهر نڪتو .ڪنڌ ورائي چئني طرف ڏٺائين .هر طرف اوندهه هئي.
اوندهه ۾ ورانڊي جي بلب جي جهڪي روشني َء جا ڪجهه ڪرڻا داخل ٿي رهيا هئا .هو ٻئي گوڏا مٿي ڪري ،پنهنجي کٽ
جي پاٽي َء تي چڙهي ويٺو .ان وقت کيس ٽارزن جا اهي سمورا ويهڻ جا انداز ياد آيا ،جڏهن ٽارزن چئني طرفن کان شينهن،
واڳن ،چيتن ۽ گينڊن جي حملن سان وڪوڙجي ويندو هو.
اُڀن گوڏن تي هٿ رکي ،سينو ڦوڪي ،ڪنڌ کي ڪلهن کان ڪجهه اڳتي ڪري ،بينو پاٽي َء تي پختو ٿي ويٺو .پ ِ
وء،
تمام جهيڻي آواز ۾ عمر اکروٽ کان پڇيائين“ :پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڪڏهن ايندو؟”
کانپوء ايندو؟”
ِ “اڌ رات
““ اڌ رات ڪڏهن ايندي؟”
کانپوء اڌ رات ايندي”.
ِ “اڌ رات گذرڻ
عمر جو جواب بيني جي سمجهه ۾ نه آيو .مٿو کنهندي عمر کان پڇيائين“ :اکروٽ :موسٽ ڊينجرس مين اِن
پاڪستان ،سچ پچ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي؟”
“ها ”.عمر وراڻيو”:ادا اڪبر ،بابا کي ٻڌايو پئي ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي .موسٽ ڊينجرس
مين اِن پاڪستان!”
عمر منجهند ڌاري پنهنجي وڏي ڀا ُء اڪبر کي مخفي نموني پي ُء سان ڳالهائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو .هنن پاڻ ۾ انگريزي َء
۾ پئي ڳالهايو .سموري گفتگو َء مان هن انگريزي َء جو هڪ جملو“ ،موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان” ياد ڪري ورتو،
پوء ،جڏهن ڀا ُء کي اهو چوندي ٻڌائين ،ته هو پاڪستان جو سڀ کان معني سمجهه ۾ نه آئي .۽ ِ
ٰ پر کيس ان جملي جي
خطرناڪ ماڻهو آهي ،تڏهن کيس سموري گفتگو َء جو ٿورو ٿورو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويو ،ته موسٽ ڊينجرس مين اِن
پوء اسر ويل،
پاڪستان ،پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي ،۽ هو اڌ رات ڌاري سندن گهر ۾ اچي لڪندو ،۽ ِ
جهو نجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو .عمر اها خبر بيني کي ٻڌائيندي ،کيس تاڪيد ڪيو ته اها خبر ڪنهن کي به نه ٻڌائي،
ڇو جو ڀتين کي به ڪن هوندا آهن .بيني اِها خبر ،وڏي خبرداري َء سان ڪوڏ کي ٻڌائي ڇڏي .ڪوڏ اها خبر سپي َء کي
ٻڌائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ،پر سپي َء کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
بيني ،عمر کان پڇيو“ :موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان سچ پچ خطرناڪ ماڻهو آهي؟”
“ها ”.عمر وراڻيو.
“هو گينڊي سان وڙهي سگهندو؟”
“ها”.
“ڀال چيتي سان؟،
“ها”.
““ واڳو ُء سان؟”
“هو واڳو َء سان به وڙهي سگهندو ”.عمر اکروٽ چيو“ :هو موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهي”.
“ڇو نه وڙهي سگهندو!”عمر اکروٽ چيو“ :هو آخر به ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي”.
بيني کي جيتوڻيڪ اکروٽ جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو ،پر تنهن هوندي به هو الجواب ٿي ،خاموش ٿي ويو.هن کي
سواء دنيا جو ٻيو ڪو به شخص گهٽ ۾ گهٽ گورو بينگارا سان وڙهي نه سگهندو.
ِ يقين هو ،ته ٽارزن کان
عمر اکروٽ چيو“ :پر ،مان سمجهان ٿو ،موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ محمد عمر سينٽر
فارورڊ سان فٽبال ميچ ۾ مقابلو ڪري نه سگهندو”.
الء گهٽتائي نظر آئي .چيائين“ :ٽارزن هڪ دفعي آدمخور شينهن سان به
اکروٽ جي ان ڳالهه ۾ بيني کي ٽارزن ِ
وڙهيو هو”.
عمر اکروٽ چيو”:گذريل سال پريزينڊٽ گولڊ ڪپ فائينل ۾ محمد عمر مٿي سان ٽڪر هڻي ٽي گول ڪيا هئا”.
بينو سوڙ جي ڪنڊ مٿي ڪري ،هنڌ ۾ هليو .عمر اکروٽ به پنهنجو منهن سوڙ ۾ لڪائي ڇڏيو.
پنجن سالن جي سپي ،جنهن کي اکروٽ ۽ بيني جي گفتگو َء جو هڪ لفظ سمجهه ۾ نه آيو هو ،تنهن پنهنجي چپٽي
ڪوڏ جي نڪ ۾ وجهي ڇڏي.
ڪوڏ سندس هٿ پري ڪندي چيو“ :شاهي؟”
سپي َء کانئس پڇيو“ :اڌ الت جو ڇا ٿيندو؟”
“شمهي پئو ”.ڪوڏ کيس دڙڪو ڏنو.
“نه ٿمهنديس ”.سپي پڇيو“ :اڌ الت جو ٿا ٿيندو؟”
ڪوڏ وڏي رازداري َء وچان چيو“ :اِن موشت پاڪشتان ڊينجر اشان جي گهر ايندو”.
سپي َء کي ڪوڏ جو جواب سمجهه ۾ نه آيو .سندس ذهن ۾ خوفناڪ شڪلين وارن جنن ۽ راڪاسن جو تصور تري
آيو .پڇيائين“ :مون کي ٿائي ويندو؟”
“ها ”.ڪوڏ کيس ڊيڄاريندي چيو“ :سمهي پئه”.
سپي خاموش ٿي ويئي ،۽ دل ئي دل ۾ ڪوڏ جو اُچاريل جملو“ ،ان موشت پاڪشتان دينجر” ،ياد ڪندي ۽ اچاريندي
رهي.
کانپوء سوڙ مان منهن ڪڍي بيني جي کٽ ڏانهن نهاريو .بينو کانئس عمر ۾ هڪ سال وڏو هيو،
ِ ڪوڏ ڪجهه دير
تنهن ڪري هو بيني کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند سمجهندو هو .هن بيني کي سڏ ڪيو.
ستن سالن جي بيني منهن تان سوڙ الهي ڇڏي.
ڪوڏ کانئس پڇيو“ :ان موشت پاڪشتان ڊينجر ،مون کي چڪ پائيندو؟”
“تون ننڍڙو آهين ،توکي ته هن جو نالو به نه ٿو اچي ”.ستن سالن جي بيني وڏي فخر سان چيو“ :هن جو نالو -موسٽ
ڊينجرس مين ان پاڪستان آهي”.
“ها .ها ”.ڪوڏ هڪدم تڪڙ ۾ جملو ورجائيندي پڇيو“ :موشت ان پاڪشتان ڊينجر مون کي چڪ پائيندو؟”
“ها ”.بيني وراڻيو“ :هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي”.
جهانء
ِ کانپوء ڪوڏ کي ڊپ ورائي ويو .هو هڪدم سوڙ ۾ گم ٿي ويو .سپي َء کي چيائين“ :شپي ،شم
ِ اها بدخبر ٻڌڻ
نه”.
“ٿو؟”
“مون کي ڀـُـئه ٿو ٿئي”.
“اڙي ماٺ ڪريو ”.ڏهن سالن جي عمر اکروٽ کين ڇڙٻ ڪڍندي چيو“ :ادا اڪبر چيو آهي ،ته ڀتين کي به ڪن
ٿيندا آهن”.
ان ڳالهه تان سپي َء کي ڏاڍي کل آئي .هن ڪجهه دير اڳ ،هڪ هڪ ڀت ڏانهن جاچي ڏٺو هو ،پر کيس ڀتين جا ڪن
نظر نه آيا هئا .هن ڪوڏ کي ڪن ۾ چيو“ :اکلوٽ ڪول ٿو ڳالهائي-گناهه پوندس”.
ڪوڏ هڪدم سوڙ مان منهن ڪڍي بيني کي چيو“ :اکروٽ ڪوڙ ٿو ڳالهائي -گناهه پوندش”.
“مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ”.عمر اکروٽ چيو“ :مون کي ادا اڪبر ٻڌايو آهي ،ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن”.
بيني پڇيس. :ڀال ڀتين کي نڪ به هوندو آهي؟”
“مون کي خبر ناهي ”.عمر اکروٽ چيو“ :مونکي ادا اڪبر ٻڌايو آهي ،ته ڀتين کي ڪن ٿيندا آهن”.
ڪوڏ ،سپي ۽ بينو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا.
ان وقت سندن وڏو ڀا ُء اڪبر ڪمري ۾ آيو .ٻارن کي جاڳندي ۽ پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڏسي آپي مان نڪري ويو .چيائين:
“توهين ناالئق اڃا تائين جاڳو پيا!”
اکروٽ چيو“ :اسين موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان کي ڏسنداسين”.
پوء هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين .چيائين“ :توهان ٻارن کي خبر پئجي ويئي آهي،
اڪبر کان ڇرڪ نڪري ويو ،پر ِ
ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو اڄ اسان جي گهر ايندو!”
کانپوء ،اسر ويل ڪيڏانهن روانو ٿي
ِ “ها ”.اکروٽ وراڻيو ““ :اسان کي اها به خبر پئجي ويئي آهي ،ته هو اڌ رات
ويندو”.
اڪبر سوچ ۾ پئجي ويو.
ٻار سوڙين مان منهن ڪڍي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
اڪبر ڏاڍي گنڀير لهجي ۾ چيو“ :ٻارو ،جيئن ته اوهان کي پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهو َء جي باري ۾ خبر
پئجي ويئي آهي ،تنهن ڪري ،مان اوهان کي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته هو اڄوڪي رات اوهان جي ڪمري ۾ گذاريندو”.
“اسان جي ڪمري ۾!” ٻارن کان رڙ نڪري ويئي .سپي ۽ ڪوڏ روئڻ لڳا .بيني کين دلداري ڏيندي چيو“ :ڊڄو نه.
مان ٽارزن جو دوست آهيان”.
اڪبر چيو“ :هو مون واري کٽ تي اچي سمهندو”.
ڏهن سالن جي اکروٽ پنهنجي وڏي ڀا ُء اڪبر کان پڇيو ““ :تون ڪٿي سمهندين ،ادا؟”
اڪبر وراڻيو“ :مان غسلخاني ۾ سمهندس”.
اکروٽ حيرت مان چيو“ :غسلخاني ۾!”
“ها”.
“ڇو؟”
“ڇو جو سياست جي ستين راز موجب اهڙن موقعن تي غسلخاني ۾ رات گذاريي آهي”.
عمر اکروٽ پڇيو“ :ادا ،سياست جو ستون راز ڇاهي؟”
اڪبر وراڻيو“ :تون جنهن ڏينهن مون وانگر اسٽوڊنٽ ليڊر ٿيندين ،تنهن ڏينهن توکي سياست جي ستين راز جي خبر
پئجي ويندي”.
کانپوء ،ٻارڙا بيحد متاثر ٿيا .هو فخر وچان پنهنجي وڏي ڀا ُء اڪبر ڏانهن ڏسڻ لڳا،
ِ اڪبر جي ايڏي وڏي ڳالهه ٻڌڻ
جيڪو اسٽوڊنٽ ليڊر هو ،۽ کيسي ۾ پستول رکي ڪاليج ويندو هو.
اڪبر چيو“ :هاڻي منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌو”.
بيني چيو”:اسان ڪن کولي ڇڏيا آهن”.
“ٺيڪ آهي ”.اڪبر ٻارن کي سمجهائيندي چيو“ :پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهو َء جي باري ۾ اوهان کي
ڪجهه به ڳالهائڻو ناهي .ڇو جو ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن”.
کانپوء پنجن سالن جي سپي ۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا .ڪوڏ پنهنجي وڏي ڀا ُء کان
ِ اها ڳالهه ٻڌڻ
پڇيو“ :ادا ،ڀتين جو نڪ ڪٿي ٿيندو آهي؟”
“بس ڪر ،ڇورا ”.اڪبر ڪوڏ کي دڙڪو ڏنو .ڪوڏ چپ ڪڍي روئڻ لڳو .سپي َء هٿ وڌائي ڪوڏ جو چپ اندر
ڪري ڇڏيو .ڪوڏ روئڻ بند ڪري ڇڏيو.
پڇيو:ء پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ،ڇا گينڊي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي؟”
ِ بيني ،اڪبر کان
“مون کي خبر ناهي ،بينا ”.اڪبر چيو“ :مون کي فقط ايتري خبر آهي ،ته هو اڄ رات اسان جي گهر ۾ اچي
لڪندو”.
اکروٽ پڇيو“ :ڇا هو محمدن ڪلب ڊاڪا جي سينٽر فارورڊ محمد عمر جهڙو مضبوط آهي؟”
“مون کي خبر ناهي”.
“ڇا هو واڳو َء سان وڙهي سگهندو؟”
“بيوقوفي َء جهڙا سوال نه پڇندو ڪر ،بينا”.
“ڀال هو مٿي سالن بال کي ٽڪر هڻي ٽي گول ڪري سگهندو؟”
االء”.
“ ِ
“هو گورو بينگارا سان مقابلو ڪري سگهندو؟”
“مون کي خبر ناهي -خبر ناهي ”.اڪبر ڪاوڙ وچان اکروٽ ۽ بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو“ :بڪ بند ڪريو ،۽
ننڊ ڪريو”.
اکروٽ انهن ڏينهن ۾ پختون زلمي جي خبر اخبار ۾ پڙهي هئي .پڇيائين“ :ڇا هن وٽ سنڌي زلمي آهن”.
“يار سمهي پئه ،اکروٽ ”.اڪبر چيو“ :مون کي فقط ايتري خبر آهي ته هن کي پاڪستان جي بچا َء واري قاعدي ڊي
پي آر هيٺ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو اٿائون .تنهن مان سمجهان ٿو ،ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو
آهي ،۽ هن جي ڪري پاڪستان جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي”.
اها ڳالهه اکروٽ کي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ آئي .هو خاموش ٿي ويو.
اڪبر پنهنجي َء کٽ تي هنڌ وڇائي ۽ ڪمري جي بتي وسائي هليو ويو.
کانپوء سڀني ٻارن اڌ رات تائين جاڳڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر آهستي آهستي ،هڪ هڪ ڪري ِ اڪبر جي وڃڻ
سمهندا ويا .سپي َء ۽ ڪوڏ کي زڪام هو .تنهن ڪري ،جيئن ئي کين ننڊ کڻي ويئي ،سندن نڪ مان سيٽي َء جهڙا زوڪاٽ
کانپوء اکروٽ جي
ِ نڪرڻ لڳا .زوڪاٽن جي آواز ۾ اکروٽ ۽ مسڪين بينو ڪجهه دير تائين جاڳندا رهيا ،پر ڪجهه دير
اک لڳي ويئي ،۽ بينو جاڳندو رهيو.
بيني پنهنجون اکيون ورانڊي ڏانهن کلندڙ در ۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون ،جتان ٻاهرين ميرانجهڙي روشني َء جا ڪجهه
ترڙا ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا.
پوء جڏهن رات جو ڳپل حصو گذري ويو ،۽ بيني جي اک لڳڻ لڳي ،تڏهن اوچتو ورانڊي واري در ۾ هڪ “ ِ
هيبتناڪ راڪاس جيڏو شخص اچي بيٺو .بيني جو ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
در ۾ بيٺل شخص هروڀرو ايترو قداور نه هو ،جيترو بيني کي نظر اچي رهيو هو .هو ڊرم وانگر ويڪرو ۽ بيحد
ٿلهو ڏسڻ ۾ پئي لڳو .سندس پٺ جيئن ته ورانڊي مان ايندڙ روشني َء ڏانهن هئي ،تنهن ڪري سندس منهن نظر نه پئي آيو.
هو ڪارهن ۽ اوندهه جو ڀوائتو ميالپ پئي ڏٺو .بيني جي ننڍڙي دل سيني ۾ سـُـسي ويئي .کانئس وسري ويو ته پاڻ کي
پوء سندس سوڙ ۾ گهڙي وڃي. ٽارزن جو دوست سڏائيندو هو .چاهيائين ته ٽپ ڏيئي عمر اکروٽ جي کٽ تي وڃي ويهي ۽ ِ
پوء ،جڏهن پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهو َء جي ڀرسان سندن وڏو ڀا ُء اڪبر اچي بيٺو ،تڏهن ،بيني جي ساهه ۾ پر ِ
ساهه پيو .سندس خوف ڍرو ٿيو ۽ کيس خيال آيو ،ته پاڻ ٽارزن جو دوست هو ۽ وڏي هوندي کيس ٽارزن جهڙا ڪارناما
سرانجام ڏيڻا هئا .اهو خيال اچڻ شرط سندس واڏڻ جهڙيون سنهڙيون مشڪون وٽجي سٽجي ويون ۽ هو تمام غور سان در ۾
بيٺل پنهنجي ڀا ُء ۽ اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
الء چيو .هو اندر هليو آيو.
اڪبر هٿ جي اشاري سان اوپري شخص کي ڪمري ۾ اندر هلڻ ِ
اڪبر چيو“ :توهين هن کٽ تي بي فڪرا ٿي سمهي پئو .اسر ويل مان پاڻهيئي اچي توهان کي اٿاريندس”.
اوپري شخص ڪو جواب نه ڏنو ۽ کٽ تي ويهي رهيو .اڪبر کانئس موڪالئي هليو ويو.
بينو خاموشي َء ۽ خبرداري َء سان ڏانهنس ڏسندو رهيو .ميرانجهڙي روشني َء ۾ هن ڏٺو ،ته اجنبي ٻئي ٻانهون مٿي
پوء جڏهن سٽ ڏيئي هٿ مٿي ڪيائين ته سندس جسم تي ويڙهيل ٿلهي سوڙ ڇڪجي ڪري ،هٿ ڪلهن تائين کڻي آيوِ .
کانئس ڌار ٿي ويئي .سوڙ مان هڪ سنهڙو سيپڪڙو شخص نڪري آيو -اهو ڏسي بينو اچرج ۾ پئجي ويو.
پوء خبرداري َء سان هنڌ تي ليٽي پيو ۽ پنهنجي مٿان سوڙ وجهي
اوپري شخص پيرن مان چمپل الهي ڇڏي ،۽ ِ
جهونگارڻ لڳو“ :مالڪ تون درد ڪٽيندين ،ڪين ڇڏيندين ،هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين”.
بينو ڪجهه دير تائين اوپري شخص ڏانهن ڏسندو رهيو.
اوپرو شخص بنا چـُـرپـُـر جي سوڙ هيٺان هنڌ تي ليٽيو پيو هو.
بيني آهستگي َء سان پنهنجي سوڙ مان هٿ ڪڍي عمر جي سوڙ کي سٽ ڏني.
عمر پاسو ورائيندي ننڊ ۾ ڳالهايو“ :گول ٿي ويو ڇا؟”
“اکروٽ!” بيني سڙٻاٽن ۾ کيس سڏ ڪيو.
“هون”.
“اکيون کول”.
“گول! ڪنهن ڪيو؟”
“گول نه ،اکروٽ .اکيون کول”.
ڇو؟”
“موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان اچي ويو آهي”.
“ڪٿي آهي؟،
“ادا اڪبر جي کٽ تي سمهيو پيو آهي”.
عمر اکروٽ کي ماڻس آيت الڪرسي ياد ڪرائي ڇڏي هئي ،۽ کيس تاڪيد ڪئي هئي ،ته جڏهن به جن ڀوت ۽
غيبات وغيره جي ويجهو وڃي ۽ خوف محسوس ڪري ،تڏهن آيت الڪرسي دم ڪري ،سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏي .جن
ڀوت ڀڄي ويندا.
عمر اکروٽ آيت الڪرسي دم ڪري سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏيو .بيني کي چيائين“ :پاڪستان جو سڀ کان
خطرناڪ شخص مون کي اوندهه ۾ چڱي َء طرح ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.ڪيئن آهي؟”
“مون کي چڱي َء طرح نظر نٿو اچي ”.بيني تمام آهستي ڳالهائيندي چيو“ :مان سمجهان ٿو هو اچڻ شرط ننڊ ۾ الوٽ
ٿي ويو آهي .چڱي طرح چڪاس ڪري ٿو اچانس”.
پوء جڏهن وچ ڪمري ۾ پهتو ،تڏهن هيٺ بينو خبرداري َء سان کٽ تان هيٺ لٿو .ٻه -چار وکون پٻن تي کنيائين ،۽ ِ
جهڪي ،ٺونٺين ۽ گوڏن تي بانبڙا پائيندو اوپري شخص جي کٽ وٽ وڃي پهتو .اتان منهن ورائي اکروٽ ڏانهن ڏٺائين.
عمر اکروٽ اک ڇنڀڻ بنا ميرانجهڙي روشني َء جي تر ِورن ۾ بيني ڏانهن ڏسندو رهيو.
بينو سيراندي َء وٽان آهستي آهستي اُڀو ٿيڻ لڳو .سندس منهن جڏهن کٽ جي پاٽي َء جيترو مٿي ٿيو ،تڏهن هن ڳاٽ
اڳتي ڪري اوپري شخص جي منهن ۾ نهاريو.
اوپري شخص جون اوندهه ۾ اکيون کليل هيون .هن جڏهن پاٽي َء وٽان بيني جي گهاٽن وارن وارو مٿو مٿي ٿيندي
ڏٺو ،تڏهن کانئس ڊپ وچان دانهن نڪري ويئي.
اُها دانهن پنهنجي نوعيت جي اڪيلي ۽ بيمثال دانهن هئي.
عجيب ۽ حيرت انگيز ڪيڪ ٻڌڻ شرط بيني بـُـل کاڌو ۽ سڌو وڃي ڪمري جي وچ ۾ پيو .کيس پڪ ٿي ويئي ،ته
اهو شخص ،جنهن جي ڪيڪ اچرج ۾ وجهڻ جهڙي هئي ،سو پڪ ئي پڪ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو هو.
هو وچ ڪمري مان ،غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
پوء جڏهن سامت ۾ آيو ،تڏهن چيڪلي آواز ۾ پڇيائين“ :ڪير
اوپرو شخص اکيون ڦاڙي بيني ڏانهن ڏسي رهيو هوِ .
آهين؟”
“مان؟” بينو اُٿي بيٺو .وراڻيائين“ :مان مسڪين احمد آهيان .ماڻهو مون کي بينو سڏيندا آهن .مان ٽارزن جو دوست
آهيان”.
“پر آهين ته ماڻهو نه؟”
“نه”.
“تون ماڻهو ناهين!”
“نه”.
پوء ڪير آهين ،بابا؟”
“ته ِ
“مان ڇوڪرو آهيان ”.بيني کٽ ڏانهن وڌندي وراڻيو“ :مان رتن تال َء پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو آهيان”.
اوپري شخص پڇيس“ :اڪبر جو ڇا ٿيئن”..
“ڀا ُء ”.بيني وراڻيو“ :سامهون کٽ تي مون کان وڏو منهنجو ڀا ُء عمر اکروٽ سمهيو پيو آهي .هو فٽبال کي مٿي سان
ٽڪر هڻندو آهي”.
عمر کٽ تان اُٿي ڪمري جي بتي ٻاري ڇڏي.
روشني َء ۾ عمر ۽ بيني اوپري شخص ڏانهن ڏٺو .اهو ڏسي کين سخت حيرت ٿي ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ
شخص پوڙهو ،ڪمزور ۽ سنهڙو سيپڪ هو .سندس هڙٻاٽون نڪتل ۽ ڏند ڀڳل هئا اکيون هڏن جي پيالن ۾ پوريل ،نڪ
سنهڙو ۽ ڊگهو ،۽ ڪن وڏا ۽ ويڪرا هئا .ڪنن جي هيٺان ڪونئريون پاپڙيون ڌڏي رهيون هئس.
عمر اکروٽ وڌي وڃي بيني جي پاسي ۾ بيٺو .بيني کي سڙٻاٽن ۾ چيائين“ :ادا اڪبر کان پڪ غلطي ٿي ويئي آهي.
هي ُء ڪارٽون پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص ٿي نه ٿو سگهي”.
بيني جواب ڏيڻ بدران اوپري شخص کان پڇيو“ :تون گينڊي سان وڙهي سگهندين”.
“هان! ڇا چيئه؟” هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
“ڀال چيتي سان وڙهي سگهندين؟”
“مان! چيتي سان!”
“چڱو ڀال واڳون َء سان وڙهي سگهندين؟”
ساء
“واڳون ،چيتو ،گينڊو!” اوپرو شخص اوپرا سوال ٻڌي سراپجي ويو .ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيائين .پنهنجي ِ
چيائين“ :مالڪ تون درد ڪٽيندين ،ڪين ڇڏيندين ،هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين”.
“ڀال ڳالهه ٻڌ ”.اکروٽ اجنبي َء کان پڇيو“ :تون ،موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهين .ٻڌا” ،ڊاڪا محمدن ڪلب
جي سينٽر فارورڊ محمد عمر سان ڊاجنگ ڪري سگهندين”.
اوپرو شخص هڪدم اُٿي ويٺو .اکروٽ ۽ بينو ٽپ ڏيئي کانئس پري ٿي ويا.
بيني کڙيون مٿي ڪري ،پٻن تي بيهندي ،اکروٽ کي ڪن ۾ چيو“ :موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بلڪل پوڙهي
لومڙ جهڙو آهي”.
اکروٽ چيو“ :مان سمجهان ٿو ،ادا اڪبر کان چڪ ٿي ويئي آهي”.
“مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان ،ته موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بدران ،هو ڪنهن پوڙهي لومڙ کي رات
الء گهر وٺي آيو آهي ”.بيني چيو“ :تون ترس مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان”.
رهائڻ ِ
بينو پٻن تي ڊوڙندو ڪمري مان نڪري ويو ۽ سڌو وڃي غسلخاني جي ٻاهران بيٺو .در اندران بند هو .بيني در
کڙڪايو.
اندران اڪبر پڇيو“ :ڪير آهي؟”
بيني وراڻيو”:مان آهيان”.
واء زيڊ؟”
آء ڊي انسپيڪٽر ايڪس ِ
“تون ڪير!؟” اڪبر پڇيو“ :سي ِ
“نه ”.بيني چيو“ :مان مسڪين احمد بينو آهيان”.
“اوهه ،بدبخت ڇورا!” اڪبر غسلخاني جو در کوليندي چيو“ :ڇو آيو آهين؟”
بيني وڏي َء رازداري َء وچان اڪبر کي ٻڌايو“ :موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ،اصل ۾ پاڪستان جو خطرناڪ
ماڻهو ناهي .توکان غلطي ٿي ويئي آهي .تون هڪ پوڙهي لومڙ کي گهر وٺي آيو آهين”.
الء ڳولي رهي آهي ”.اڪبر خارن مان
بچاء واري قاعدي هيٺ گرفتار ڪرڻ ِ
ِ “بيوقوف ،پوليس کيس پاڪستان جي
بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو”:وڃ ،وڃي سمهي پئه .هوئي پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي”.
بينو مٿو کنه ندي پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي ويو .عمر اکروٽ سندس انتظار ۾ بيٺو هو .بيني پٻن تي بيهي .اکروٽ
کي ڪن ۾ ٻڌايو“ :ادا اڪبر چيو آهي ته پوڙهو لومڙ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي”.
اکروٽ چتائي پوڙهي اجنبي َء ڏانهن ڏٺو ،جيڪو ڪنن جي پاپڙين ۾ چپٽيون وجهي جهونگاري رهيو هو“ :مالڪ
تون درد ڪٽيندين ،ڪين ڇڏيندين ،هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين”.
اکروٽ ۽ بينو وڌي وڃي اجنبي َء جي کٽ وٽ بيٺا.
اکروٽ ڊڄندي ڊڄندي پوڙهي کي چيو“ :اسان جي وڏي ڀا ُء اڪبر اسان کي پڪ ڏياري آهي ،ته تون ئي پاڪستان
جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهين”.
بيني ،پوڙهي کان پڇيو”:تون ڪهڙا ڪهڙا خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟”
پوڙهي وراڻيو“ :مان هڪ پراڻو راڳ ڳائيندو آهيان”.
اکروٽ پڇيس“ :ڪهڙو راڳ؟”
پوڙهي راڳ آالپيو“ :مالڪ تون درد ڪٽيندين ،ڪين ڇڏيندي ،هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين”.
مسڪين احمد بيني پوڙهي کان پڇيو ““ :ٻيو ڪهڙو خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟”
پوڙهي وراڻيو“ :مان ڪنهن به دؤر ۾ پنهنجو نالو نه مٽائيندو آهيان”.
پوڙهي جو جواب بيني کي سمجهه ۾ نه آيو .بينو ڪن ۾ آڱر وجهي مر ڪڍڻ لڳو.
عمر اکروٽ ،جيڪو ڏهن سالن جي عمر جو هو ،تنهن پوڙهي کان پڇيو“ :تنهنجو نالو ڇاهي؟”
“منهنجو نالو رجب علي ديوانو آهي ”.پوڙهي ٻارن کي هٿ ٻڌندي چيو“ :مون کي ننڊ ڪرڻ ڏيو .مان اسر ويل
ڪيڏانهن هليو ويندس”.
عمر اکروٽ ،۽ مسڪين احمد بينو پنهنجين پنهنجين کٽن ڏانهن موٽي ويا.
رجب علي ديوانو مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي ليٽي پيو ۽ جهونگارڻ لڳو“ ،مالڪ تون درد ڪٽيندين ،ڪين ڇڏيندين ،هر
حال ۾ رانول رهبر ٿيندين”.
بڙ جو غم
]مان زندگي َء جو اُهو دؤر قبول نه ڪندس ،جيڪو ،توکان جدا ٿي گذاريندس[.
پڪ سان اوهان کي ٻڌائي نه سگهندس ،ته مان ڪيتري دير کان بڙ جي هن قديم ،سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو
آهيان .وقت جي گهڙيال جا مون ٻئي ڪانٽا ڀڃي ڇڏيا آهن ،۽ ڪيلينڊرن جا ورق ورائي ڇڏيا آهن .لمحن ،ساعتن ۽ پهرن
کان بيخبر ،مان بڙ جي پراڻي ،سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو آهيان .بڙ جي وڏي ۽ ويڪري ٿڙ تي نه دل جو نشان
اُڪريل آهي ،۽ نه ئي ڪيپوڊ جو تير دل مان پار ٿيل آهي .ائين به نه آهي ،ته خدا جي ڪنهن نيڪ بندي مون کي بڙ جي
ويجهو بيهڻ جي تلقين ڪئي آهي .مان پنهنجي مرضي َء سان بڙ جي ويجهو بيٺو آهيان -مان خوابن جي تعبير جو مالڪ نه
آهيان .فقط پنهنجي مرضي َء جو مالڪ آهيان .مان پنهنجي مرضي َء مطابق بڙ وٽ بيٺو آهيان .هڪ چٻري کي شڪ آهي ته
الء چلو ڪاٽي رهيو آهيان .نه ،نه .ائين هرگز نه آهي .ڪجهه ماڻهن
مان ڪنهن جن يا راڪاس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ ِ
الء
الء چلو ڪاٽيو ،تنهن جي قبضي ۾ نه آهيان .جنهن منهنجي ِ۽ مرؤن جو خيال آهي ته مان پاڻ جن آهيان ،جنهن منهنجي ِ
چلو نه ڪاٽيو تنهن جي قبضي ۾ آهيان .بهرحال ،پراڻي ،سڪل ۽ کاڌل بڙ جي ڀرسان مان پنهنجي َء مرضي َء سان بيٺو
آهيان .ڪنهن ڏاڍي جي چوڻ تي نه بيٺو آهيان.
الء رواني ٿي رهي هئي .مون کيس چيو هو“ :ڇتر وٽ هڪ قديم اڄ صبح جو شميم جڏهن آفيس مان ڪوهه مري َء ِ
۽ کاڌل بڙ جو وڻ آهي .اهو وڻ مون کي وڻندو آهي .سمجهان ٿو ،اهو کاڌل ۽ ويران وڻ به مون کي پسند ڪندو آهي.
کانپوء مان ڇتر وٽ بڙ جي کاڌل وڻ ڀرسان وڃي بيهندس .اڄ شام مري َء کان موٽيندي تون جڏهن فرم جي ِ تنهنجي اُسهڻ
پوء گهر وڃي پنهنجيالء ڏسي وٺندس ۽ خوش ٿيندس ،۽ ِ جنرل مئنيجر سان گڏ ڇتر وٽان لنگهندين َء ،مان توکي کن پل ِ
کانپوء مان جيڪڏهن خوش ٿيندو
ِ پوڙهي ما ُء جي هٿ جي پڪل ماني کائيندس .هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي .توکي ڏسڻ
آهيان ،تڏهن پنهنجي َء پوڙهي َء ما ُء جي هٿ جي پڪل ماني کائي سگهندو آهيان .مان ماني کائيندي اڪثر سوچيندو آهيان ته
رزق جي داڻي داڻي تي منهنجي نصيب جي مهر لڳل آهي :هون َء نه ته ،بڙ جي پراڻي ،سڪل ۽ کاڌل وڻ ويجهو بيهي
ڪنهن جو انتظار ڪرڻ وارا ماني نه کائيندا آهن”.
شام ٿيڻ تي آهي .سج لهڻ تي آهي .ڪا ڪونج اڏامڻ تي آهي جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مري َء ڏانهن رواني ٿيڻ
کان اڳ شميم چيو هو“ :تون ته اجايو ملول پيو ٿئين ميٽنگن جي سلسلي ۾ جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مري ،ايبٽ آباد
سواء مون کي ڪنهن سان محبت نه آهي .تون مون کي ان ِ وغيره وڃڻ منهنجي ذميدارين ۾ شامل آهي .يقين ڪر ،توکان
ڪري به وڻندو آهين جو هميشه ڪنهن سڪل بڙ جي ويجهو بيهي رهندو آهين ،۽ منهنجو انتظار ڪندو آهين .اڄ اسين شام
پوء
ڌاري ڇتر وٽان لنگهنداسين .موٽر ۾ مان جنرل مئنيجر ڀرسان دري َء وٽ ويٺي هونديس .تون مون کي ڏسي وٺجان” ،۽ ِ
کائجانء ۽ هڪ لولي ٻڌي سمهي پئجان””.
ِ گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ما ُء جي هٿ جو رڌل کاڌو
في الحال مون کي بک نه لڳي آهي .مان بڙ جي پراڻي ۽ سڪل وڻ وٽ بيٺو آهيان ۽ شميم جو انتظار ڪري رهيو
آهيان .شميم کي جنرل مئنيجر جي پاسي ۾ ويٺل ڏسي مان سڙي خاڪ نه ٿيندو آهيان .انسان زندگي َء ۾ هر دفعي خاڪ نه
پوء وري سڙي ،ٻري خاڪ ٿي نه سگهندو آهي. ٿيندو آهي .انسان پنهنجي زندگي َء ۾ فقط هڪ دفعو خاڪ ٿيندو آهي ،۽ ِ
پوء گهر الء ڏسندس .خوش ٿيندس ،۽ ِ شميم کي ڏسڻ جي خواهش دل ۾ کڻي مان پراڻي بڙ وٽ بيٺو آهيان .مان کيس کن پل ِ
الء ماني پچائيندي آهي .مان جنهن وڃي امان جي هٿ جي پڪل ماني کائيندس .منهنجي ما ُء ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان منهنجي ِ
ڏينهن ماني کائي نه سگهندو آهيان ،سو سمورو ڏينهن امان اُداس اُداس رهندي آهي .مان پنهنجي ما ُء کي اُداس ڏسي نه
سگهندو آهيان .چاهيندو آهيان ته هو َء خوش رهي .کلندي رهي .مون کي ماني کائيندي ڏسي ٽڙندي رهي .مان ماني فقط
تڏهن کائي سگهندو آهيان ،جڏهن شميم کي هڪ نظر ڏسي وٺندو آهيان .هڪ افالطون جو قول آهي ته شميم منهنجي ال ِء
ڦودني جي ڦڪي آهي ،جنهن جو تعلق سڌو سنئون منهنجي هاضمي سان آهي .پر ائين نه آهي .اِهو منهنجو ۽ منهنجي َء ما ُء
جو ذاتي مسئلو آهي ،جنهن جو تعلق شميم سان آهي.
الء ماندو آهي چٻري جو پري پري تائين نالو نشان نه آهي ڪيترا
سج ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي -منهن لڪائڻ ِ
ُ
پوء هڪ چٻرو ڪٿان اڏامندو ايندو آهي ۽ سڪل دفعا ائين به ٿيو آهي جو شميم جو انتظار ڪندي سج وسامي ويندو آهي ،۽ ِ
بڙ جي هڪ ٽاري َء تي ويهي مون ڏانهن ڏسڻ لڳندو آهي .تڏهن ،اُها موٽر جنهن ۾ شميم کي جنرل مئنيجر سان واپس ورڻو
هوندو آهي ،سا موٽر ڇتر وٽان نه لنگهندي آهي .تڏهن رات جا واسينگ بڙ جي سڪل ٽارين مان لٽڪڻ لڳندا آهن ،۽
ساء آهيان ته وڏو آڙيڪاپ ،پر اڄمٿاهين ٽاري َء تي ويٺل هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهي .مان پنهنجي ِ
تائين اهو سمجهي نه سگهيو آهيان ته اسان کي مجبور ۽ بيوس ڏسي چٻرا ڇو مرڪندا آهن! ڍڳا ڇو نه مرڪي سگهندا آهن!
سمجهان ٿو ،اسان جي ملڪ جا ڍڳا تاريخ ۽ جاگرافي َء جا ذهين شاگرد آهن .کين اسپين جي ڍڳن جو حشر ياد آهي ،کين
خبر آهي ته تيز تلوار فقط ڍڳي جي سيني ۾ لهي سگهندي آهي ،ڪنهن چٻري جي سيني ۾ نه .تنهن ڪري ،اسان کي مجبور
۽ الچار ڏسي ،فقط چٻرا اسان جي حال تي کلي سگهندا آهن -ڍڳا کلي نه سگهندا آهن .اسين چٻري جي سيني ۾ تلوار الهي نه
سگهندا آهيون.
بڙ جو هي ُء وڻ جنهن جي پاسي کان مان بيٺو آهيان ،بيحد پراڻو ۽ قديم بڙ آهي .ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش
نه آهي .ان باري ۾ مون کي پڪ آهي .پڪ ان ڪري آهي ،جو بڙ جو وڻ ۽ مان هڪ جيترا آهيون .نه بڙ عمر ۾ مون کان
وڏو آهي ۽ نه مان بڙ کان عمر ۾ وڏو آهيان .اسين ٻئي هڪ جيترا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي ماضي َء ۽ حال کان واقف آهيون.
بڙ جو ٿڙ ڏسڻ ۾ وڏو ۽ ويڪرو آهي ،پر اندران خالي آهي .ڪو غم کيس کائي ويو آهي .هينئر ،منجهس ڪو شهر آباد نه
آهي .هينئر ،منجهس هڪ طوطو رهندو آهي .بڙ جي طوطي جي منهنجي وجود جي طوطي سان ياري ٿي ويئي آهي .اهو
ئي سبب آهي جو بڙ جي طوطي مون کي بڙ جي ٿڙ سان لڳي ان موٽر جو انتظار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ،جنهن ۾
شميم فرم جي جنرل مئنيجر جي ڀرسان ويٺي هوندي آهي ۽ مري َء کان موٽندي ڇتر وٽان لنگهندي آهي .شميم جو انتظار
ڪندي ڪندي ،مان ڪنهن وقت پاڻ کي پراڻي ۽ قديم بڙ جو هڪ حصو سمجهڻ لڳندو آهيان .تڏهن مون کي پنهنجي وجود
تي بڙ جو ،۽ بڙ جي وجود تي پنهنجي وجود جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي.
هڪ دفعي مون شميم کان پڇيو هو“ :فرم جو جنرل مئنيجر آفيس بدران پڪنڪ پوائنٽس تي وڃي ميٽنگ ڇو ڪندو
آهي ،۽ توکي نويڪلي ماحول ۾ ڊڪٽيشن ڇو ڏيندو آهي .ڇا هو آئوٽ ڊور شوٽنگ تي ويندو آهي!”
“ ڏاڍو ڪم ڪندو آهي ويچارو! ٿڪجي پوندو آهي هڪ ئي ماحول ۾ ڪم ڪندي ڪندي!” شميم منهنجي عام
معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو هو“ :پڪنڪ وري هنڌ ۽ هوادار ماحول ۾ ميٽنگ ڪرڻ سان وڏن وڏن مسئلن جو حل
نڪري ايندو آهي”.
انهن ئي ڏينهن ۾ مون بڙ جي طوطي کي چيو هو“ :مان هڪ نه هڪ ڏينهن شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي ويندس ۽
پوء پنهنجي زندگي َء جي سڀ کان وڏي مسئلي جو حل تالش ڪندس”.
ِ
بڙ جي طوطي چيو هو“ :تون شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي وڃي نه سگهندين”.
“ڇو نه وٺي وڃي سگهندس!” مون تعجب وچان پڇيو هو.
“ان ڪري جو هو َء تنهنجي اسٽينوگرافر يا پرائيويٽ سيڪريٽري نه آهي .هو َء تنهنجي ماتحت نه آهي ”.بڙ جي
طوطي چيو هو ““ :يار ،تو وٽ ٽويوٽا هائي ايس به ته نه آهي!”
بڙ جي طوطي جي ڳالهه ٻڌي مان خاموش ٿي ويو هوس ،مون کي پنهنجو وجود اندران خالي خالي محسوس ٿيو هو.
اهو احساس جو پهريون زخم هو .هينئر ،مون کي خبر آهي ته منهنجي وجود ۾ ڪو شهر آباد نه آهي .منهنجي وجود ۾ هڪ
وسيع ويراني آهي ،۽ ان ۾ هڪ طوطو رهندو آهي .منهنجي وجود جي طوطي جي بڙ جي طوطي سان دوستي آهي.
هڪڙي ڏينهن بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو“ :هي َء شخص جنهن عورت سان محبت
ڪندو آهي ،ڇا هو َء ڏاڍي سهڻي ،من موهڻي آهي؟”
“ڌوڙ جي سهڻي آهي!” منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي ٻڌايو هو“ :ان عورت جون اکيون مئل ٻڪر
جي اکين جهڙيون ،پير هوبهو بدڪ جي پيرن جهڙا ۽ هٿ خاڪي رنگ جي آلي ٽوال جهڙا آهن”.
پوء هي ُء شخص بڙ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي
بڙ جي طوطي حيرت وچان منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو“ :ته ِ
اهڙي عورت جو انتظار ڇو ڪندو آهي؟”
منهنجي وجود جي طوطي کلندي چيو هو”:ڇو جو هن شخص کي ان موالي عورت سان محبت ٿي ويئي آهي”.
ڳالهاء طوطا -ماٺ ڪر-
ِ دڙڪو ڏيندي مون پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش رهڻ جي تلقين ڪئي هئي -نه
ڳالهائڻ وارو طوطو .مون کي نه وڻندو آهي ،مان گونگن طوطن کي پسندو ڪندو آهيان.
لڳيم ٿو ڄڻ صديون گذري ويون آهن .مون کي شميم جو انتظار ڪندي ڪندي! ڪنهن مورخ تاريخ جو هڪ باب
لکي ڇڏيو آهي ،جنهن جا لفظ ۽ جمال ميسارجي ويا آهن ۽ مفهوم اُڏوهي َء جو کاڄ ٿي ويو آهي.
مون هڪ دفعي شميم کان پڇيو “ :ڇا اهو ممڪن ناهي جو تون پڪنڪ وارن هنڌن ۽ هوادار ماحول ۾ وڃي جنرل
مئنيجر کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏين؟”
“نه .اهو ممڪن ته آهي ،پر جنرل مئنيجر کي انڪار ڪرڻ مناسب نه آهي ”.شميم چيو هو“ :نوڪري َء ۾ منهنجي
الء تيار نه
ترقي َء جو دارومدار جنرل مئنيجر جي ساليانين رپورٽن تي آهي .مان ڪنهن به صورت ۾ کيس خفي ڪرڻ ِ
آهيان”.
ڪيتري دير تائين منهنجي وجود جو طوطو ويران شهر ۾ اُڏامندو رهيو ،ٻوليون ٻوليندو رهيو ۽ زندگي َء جا آثار
ڳوليندو رهيو ،پر ناڪام رهيو .منهنجي وجود جو طوطو وحشتن جي چمڙن کان ڀڄندو رهيو.
“هي ُء اسالم آباد جو شهر آهي .اڌ شهر سفارتي نمائندن سان ۽ اڌ شهر ڪامورن سان آباد آهي ”.شميم چيو هو“ :تون
سنڌ جي نهايت ئي پٺتي پيل ڪنهن شهر مان آيو آهين ،تنهن ڪري نئين شهر جي جديد ماحول کي سمجهي نه سگهيو آهين.
ڪهڙي شهر مان آيو آهين؟”
آهستي وراڻيو هيم“ :ڪراچي َء مان”.
شميم چيو“ :نوڪري ڪندڙ عورت سان محبت ڪرڻ جا ڪي اصول هوندا آهن ،سمجهيه”!”
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو هوم“ :ڪجهه ڪجهه سمجهي ويو آهيان”.
الء مان پنهنجي باس سان پڪنڪن ۽ هوادار ماحول ۾ ويندي
“گڊ!” شميم چيو هو“ :ميٽنگن ۾ ڊڪٽيشن وٺڻ ِ
رهنديس -آفيس جي ساٿين سان ملندي جلندي رهنديس -کلي کلي هنن سان ڳالهيون ڪندي رهنديس -هنن جي پارٽين ۾
شامل ٿيندي رهنديس -هنن سان گڏجي مانيون کائيندي رهنديس -پر ،اصل ۾ محبت فقط توسان ڪندي رهنديس .اهي
ڳالهيون توکي سمجهه ۾ اچڻ گهرجن”.
سمجهان ٿو ،اِهي سموريون ڳالهيون هينئر منهنجي سمجهه ۾ اچي ويون آهن .خدا جي فضل سان مان ڏاڍو سمجهو ٿي
پيو آهيان .ڳالهين جي تهه تائين ٺهه ٺهه پهچي ويندو آهيان .ڦٽل ناسپاتي َء کي صوف سمجهي اکين تي رکندو آهيان .بڙ جي
الء منتظر آهيان .سڪل بڙ جي ڀرسان بيٺو
ڀرسان بيهي شميم جو انتظار ڪندي بيزار نه ٿيندو آهيان .اڄ به مان شميم ِ
آهيان .آسمان جو رنگ بدلجي ويو آهي -چاهتن جو رت اُفق جي ٻارن ۾ وهي ويو آهي .سج خاموش مرثين جي رديف سان
ماتمڪدي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کي چيو آهي“ :بڙ جو هي ُء وڻ ڪڏهن سرسبز ۽ آباد هو .ٽاريون گهاٽن
الء گنجائش نه هئي .تڏهن مان سندس ٽارين تي ويهندو
ساون پنن سان سينگاريل هئس ،ان وقت بڙ جي وجود ۾ منهنجي ِ
ُ
پوء ،هي ُء وڻ ويران ٿي ويو .ڪو غم کيس کائي ويو .اندران خالي ٿي ويو .تڏهن مان سندس ٽارين تان اٿي،
هوس .پر ِ
سندس وجود ۾ رهڻ لڳس”.
“هي ُء شخص به آباد هو ڪڏهن ”.منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي چيو آهي“ :ڏاڍو کلندو هو ،ماڻهن
پوء ،کيس خاموشي َء جي خزان ورائي ويئي .ڪو غم کي کالئيندو هو .خوشيون ونڊيندو هو ،خوشيون ورهائيندو هو .پر ِ
کيس کائڻ لڳو .جڏهن کان هن شخص جي وجود جو شهر ويران ٿيو آهي ،مان هن جي اندر رهڻ لڳو آهيان”.
ان کان اڳ جو مان دڙڪو ڏيئي پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش ڪري ڇڏيان ،ٻئي طوطا هڪدم خاموش ٿي
ويا آهن .بڙ جو طوطو کاڌل ٿڙ جي اوندهه ۾ گم ٿي ويو آهي .منهنجي وجود جو طوطو چاهتن جي ٽٽل شهتيرن پٺيان وڃي
لڪي پيو آهي.
مون بڙ جي سڪل ٽارين ڏانهن ڏٺو آهي .هڪ ڏنگي ،ڦڏي ۽ اُگهاڙي ٽاري َء تي چٻرو ويٺو آهي ،۽ مون ڏانهن ڏسي
رهيو آهي .سندس منحوس منهن تي مرڪ آهي .هو گهور وجهي مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي .ائين پيو لڳي ،ڄڻ ٽهڪ ڏيئي
کلي پوندو .مون کي اُلو َء کان نفرت آهي .مان کيس مارڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳو آهيان .وڏو ڪو بدبخت چٻرو آهي!
مون تان کلڻ جو اختيار هڪ چٻري کي ڪنهن ڏنو آهي! الو َء جو پٽ! مون نفرت ۽ حقارت وچان چٻري ڏانهن ڏٺو آهي.
“مون کي خبر آهي ،تون مون کي مارڻ جون ترڪيبون سوچي رهيون آهين ”.چٻڙي مرڪندي چيو“ :پر تون مون
کي ماري نه سگهندين”.
زندگي َء ۾ پهريون دفعو مون ڪنهن چٻري کي ڳالهائيندي ٻڌو آهي .تعجب جي ڳالهه آهي .ائين ته ناهي ،تاريخ جو
دعوي ڪئي آهي ته مان کيس ماري نه سگهندس!ٰ ڪو نئون باب لکجي رهيو آهي! پر ،ڳالهائيندڙ چٻري ڪهڙي آڌار تي
مان کيس ضرور ماريندس .هن دفعي نه ،ته اڳئين دفعي کيس ضرور ماريندس .ان ڳالهه جو مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو
آهي .وري جڏهن به شميم فرم جي جنرل مئنيجر سان گڏ ڪنهن هوادار ماحول ڏانهن ويندي ۽ کانئس ڊڪٽيشن وٺندي ،تڏهن
مان شميم جي واپسي َء جو انتظار هٿين خالي نه ڪندس .مان پاڻ سان هڪ بندوق کڻي ايندس ،۽ هن چٻري کي اُڦٽ ماري
وجهندس .مان کيس کلڻ نه ڏيندس!
“تون مون کي ماري نه سگهندين ”.چٻري مرڪندي چيو آهي“ :ڇتر وٽ سڪل بڙ جي ڀرسان بيهي ڪنهن جو
انتظار ڪرڻ وارا مون کي ماري نه سگهندا آهن”.
مون تعجب وچان کانئس پڇيو آهي“ :يار ،تون ڪهڙي قسم جو چٻرو آهين ،جو منهنجي تحت الشعور جا ارادا
پروڙي وٺين ٿو .ڪٿي تون ڪنسلٽنٽ سائيڪاالجسٽ ته نه آهين!”
الء عالمت جيالء زندگي َء ۾ ڇتر جو مقام هوندو آهي ،جتي بڙ جو هڪ سڪل وڻ ايشيائي عاشق ِ “هر احمق ِ
نشاني هوندو آهي .ان وڻ جي ڀرسان بيهي هو اهڙي ڪنهن اسٽينو گرافر جو انتظار ڪندو آهي ،جيڪا محبت ته ساڻس
ڪندي آهي ،پر ڊڪٽيشن پنهنجي باس کان وٺندي آهي ”.اُلو َء کلندي چيو آهي“ :مان تنهنجي کوپري َء ۾ رهندو آهيان.
سوچيندي سوچيندي تون جڏهن مري ويندو آهين ،تڏهن مان تنهنجي کوپري َء مان نڪري ڪنهن سڪل اُگهاڙي ٽاري َء تي
وڃي ويهي رهندو آهيان ،۽ توڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهيان”.
منهنجي هٿ ۾ بندوق نه آهي .هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي ،۽ مرڪي رهيو آهي .مان صدين کان سڪل
بڙ جي ڀرسان بيٺو آهيان ،۽ اهڙي عورت جو انتظار ڪري رهيو آهيان ،جيڪا محبت ته مون سان ڪندي آهي ،پر
ڊڪٽيشن ٻئي ڪنهن شخص کان وٺندي آهي.
Posted by wahabsahito at 7:06 PM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو شيدي ،جنهن جا وار اڻڀا ،اکيون ڏرا ڏنل ،ڏيل ڏٻرو
۽ لٽا ليڙون هئا ،سو نمازين جي پوئين قطار مان اُٿي کڙو ٿيو .هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو .ڪلها صليب وانگر سڌا،
۽ سينو ويڪرو هوس .زندگي َء جو ٻوجهه کڻندي ،سهندي پٺي َء جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو هوس .هن وڏو ساهه کڻي ،هڪ
اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه تي وڌي.
سمورو عيدگاهه ڪراچي َء جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو پيو هو .قطارون انت کان ٻاهر ،نمازي بي انداز! ڪن
جا وڳا نوان ،ڪن جا ڌوتل ،ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا ،ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي .عيد نماز
شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون .مالن بيحد عقيدت ،۽ تمام جوش سان اسالمي تاريخ جا ورق ورائي رهيو
هو .هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي ،۽ ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي ،۽ ڪڏهن الهي ،ڪڏهن سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾
ڳالهائي ،ماڻهن ۾ ايمان جو ستل جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو .ماڻهو ادب سان ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن
ڪنهن وقت جهوٽا کائي رهيا هئا .سندن نگاهون مصلحن آڏو رکيل بوٽن تي کتل هيون .ڪجهه بوٽ نوان ،ڪجهه پراڻا ،۽
ڇڳل هئا .بوٽن ،سليپرن ،سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا ،ترن سان مليل هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا .جن
نمازين پاڻ سان د ُلد ُل وانگر سينگاريل ٻار آندا هئا ،تن جي هڪ اک بوٽن ۾ ،ٻئي ٻارن تي کتل هئي .صحتمند مالن،
صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو ،۽ ماڻهن کي هللا سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران ،هللا سائين َء جي قهر ۽ قبر جي عذاب
جون ڳالهيون ٻڌائي ،ڊيڄاري رهيو هو .ائين پئي محسوس ٿيو ،ڄڻ جوش ۾ الئوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.
“اڙي ويهي رهه ”.ڪنگال قسم جي هڪ سنهڙي شخص شيدي َء کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو“ :بيٺو ڇو آهين.
ڀولي ڇڏائجي ويئي اٿئي ڇا!”
شيدي َء کيس جواب نه ڏنو .سـ َ َ
ـٽ ڏيئي ،ٻانهن ڇڏائي ،هو پوئين قطار مان نڪري اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي پري ڪر پنهنجا دانگي َء جهڙا پير ”.شيدي َء کي ٺونٺ هڻندي هڪ جهرڪي َء جيتري نوجوان چيو“ :ماڻهو
آهين يا ڏامر!”
شيدي َء کيس جواب نه ڏنو ،نه ئي ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو .هو ان قطار مان نڪري ،اڳئين َء قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اوهو! وڏو ڪو ڀوڪ آهين .اڇن اُجرن ڪپڙن واري هڪ شخص ڪاوڙ وچان شيدي َء ڏانهن ڏسندي چيو“ :شرم
نه آيئه منهنجي ڪوري پاجامي جي پانئچي تي پير ڏيندي!”
شيدي َء جي اُداس اکين ۾ پراسرار روشني اُڀري آئي هئي .هن ڪاوڙيل شخص جي جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري
ڇڏيو .هو وک وڌائي اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“خبردار!” فرشتن جهڙي هڪ شخص شيدي َء کي ٽنگ ۾ چهنڊڙي وجهندي چيو“ :الحول وهللا! دُبئي جو مصلحو
هڻي ميرو ڪري ڇڏيئه .ماڻهو آهي يا ابن ابليس!”
شيدي َء چهنڊڙي َء جي پرواهه نه ڪئي ،۽ نه ئي فرشتن جهڙي شخص جي جملي جي .سندس اداس اکين ۾ پراسرار
روشني وڌندي ويئي .هو وک وڌائي ،اڳئين َء قطار ۾ وڃي بيٺو.
کانپوء پنهنجي چلڪندڙ نرڙ تي وار سينگاري
ِ “اڙي او بن مانس!” هڪ نوجوان ،جنهن وڏي محنت ۽ جفاڪشي َء
ڇڏيا هئا ،تنهن شيدي َء کي حقارت آميز لهجي ۾ چيو“ :باغيچي مان پڃرو ڀڃائي نڪتو آهين ڇا؟”
پاسي ۾ ويٺل ڪجهه ايڪٽر ڇاپ نوجوان ٽهڪ ڏنو .هڪ ٽيڏي نوجوان اداڪارن جهڙي لهجي ۾ چيو“ :ڀانئجي ٿو،
آفريڪا مان هجرت ڪري آيو آهي”.
ايڪٽر ڇاپ نوجوانن جي ٽولي ٽهڪ ڏنو.
هڪ ڪرڙوڍ ،جنهن جهوٽا پئي کاڌا ،سو ٽهڪ ٻڌي سجاڳ ٿيو .مومن مان منهن ڪڍي ،نوجوانن ڏانهن ڏسندي
چيائين“ :اڙي ٽرڙا نه ٿيو .وعظ ٻڌڻ ڏيو”.
“بس ڪر ،ابابيل جا پٽ ”.هڪ نوجوان ٺهه ٺهه کيس وراڻي ڏني .هو ٻوٿ ڀيلڙو ڪري ويهي رهيو.
ان وچ ۾ شيدي اُها قطار ڇڏي ،اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي اڳتي ڪيڏانهن پيو اچين!” چئن پنجن ڄڻن کيس بيهاري ڇڏيو .هنن سندس ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۽ ڏٻري ڏيل
ڏانهن ڏسندي چيو“ :هتي مٺائي پئي ورهائجي ڇا!”
شيدي َء ڪو جواب نه ڏنو .هن جون اکيون اڳئين َء قطار تي کتل هيون.
“پوئتي وڃ ،دانگي جهڙا”.
“پري ٿي ُء”.
“ٽري وڃ”.
“خبردار جو اڳتي آيو آهين”.
شيدي َء کين جواب نه ڏنو :نه ئي ڪنڌ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو .پراسرار روشني تمام چٽي نموني سندس اکين ۾
چمڪي رهي هئي .هو اڳتي وڌي ويو .ٻرانگهون کڻندو ،ڇال ماريندو ،هو نمازين جون ٻه -چار قطارون لتاڙي ويو.
ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو .جن جهوٽا پئي کاڌا ،سي سجاڳ ٿي ويٺا .جيڪي سجاڳ هئا ،۽ ڪنن سان وعظ ٻڌي
رهيا هئا ،۽ اکين سان پنهنجي بوٽ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي رهيا هئا ،سي شترمرغ وانگر ڪنڌ ڦيرائي شيدي َء ڏانهن ڏسڻ
لڳا .جڏهن گوڙ ٻڌائون ،تڏهن هڪدم جهٽ ڏيئي پنهنجا پنهنجا بوٽ کڻي ورتائون ۽ ٻارن کي ڇڪي هنج ۾ ويهاري ڇڏيائون
ڪجهه حشمت ڀريل ،بهادرن ،بيڊپن هيکلي شيدي َء کي قابو ڪري ورتو.
“پڪڙيوس”.
“نه ڇڏجوس”.
“وٺ ڪجوس”.
گوڙ گهمسان وڌي ويو .مالن وعظ بند ڪري ڇڏيو ۽ ممبر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي چڙهي تماشو ڏسڻ لڳو.
سڄي َء خلق جو ڌيان شيدي َء ڏانهن ڇڪجي ويو.
قسمين قسمين ماڻهو َء طرحين طرحين جا لهجا ،ڀانت ڀانت جون ٻوليون -پر مفهوم سڀني جو ساڳيو-
“چور آهي”.
“چور ناهي .ڳنڍڇوڙ آهي.بشني آهي”.
“برابر”.
“ضرور ڪنهن مومن جو کيسو خالي ڪيو اٿائين”.
“شڪل مان ئي چور ،چور جو پٽ ٿو ڏسجي”.
“بوٽن جو چور آهي”.
“قابو ڪجوس”.
“جهلجوس”.
“ڀڄڻ نه ڏجوس”.
“وارو ڪجوس”.
“چور آهي”.
“بشني آهي”.
“بدمعاش آهي”.
“شودو آهي”.
هڪ شخص هجوم مان واٽون ڪندو ،ڌوڪيندو ،اڳتي هليو آهي .هن جا چپ سنهڙا ،۽ سڪل ،اکيون ،چنجهيون ،۽
بيرونق ۽ سندس مٿي جا وار کـُـٿل هئا .هن وڏي واڪ ماڻهن کي چيو“ :مان هن کي چڱي َء طرح سڃاڻان .هي ُء نه چور
آهي ،نه بشني آهي ،۽ نه ئي شودو آهي .هي ُء فقط شيدي آهي”.
کانپوء ،چٿر ڪندي کانئس
ِ جنهن نيڪ شخص جو هٿ شيدي َء جي ڪنڌ ۾ هو ،تنهن هڪ نگاهه ۾ سندس جائزو وٺڻ
پڇيو ““ :تون ڪير آهين؟”
هن وراڻيو“ :مان مامون خان موچي آهيان”.
“ڀڄي وڃ موچي :تون وڃي ڇڳل بوٽن جي مرمت ڪر ”.نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت شخص چيو“ :اسين پاڻئي
هن جي خبر چار وٺنداسين”.
مامون خان موچي ڌڪجي ،ٿڏجي ،منظر مان غائب ٿي ويو.
پوء ڪيتري دير تائين وڏي واڪ جمال هڪٻئي سان وچڙندا رهيا-
“ ِ
“ماريوس”.
“ڪٽيوس”.
“اول تالشي وٺوس”.
“نماز ۾ ُرخنو نه وجهو”.
“وڻ سان ٻڌي ڇڏيوس”.
کانپوء سندس منهن ڪارو ڪري ،گڏهه تي ويهاري جلوس ڪڍبو”.
ِ “نماز
“هي ُء پاڻ دانگي َء جهڙو ڪارو آهي .هن جو منهن ڪهڙي ڪارنهن سان ڪارو ڪبو!”
“برابر .اهو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آهي”.
“منهن تي ڪارنهن بدران چوني جي پوچي ڦيرائينداسينس”.
“هرگز نه .چور جو منهن هميشه ڪارو هوندو آهي”.
“ان مسئلي تي ماڻهن کان ووٽ ورتو وڃي”.
“ووٽ وٺڻ جو وقت ڪونهي”.
الء تيار ٿي بيٺا .گوڙ گهمسان وڌي ويو .شيدي َء
ماڻهو پاڻ ۾ بحث ،مباحثو ڪرڻ لڳا .هو هڪٻئي سان وڙهڻ مرڻ ِ
جي حشر بابت ماڻهو ڪنهن به هڪ فيصلي تي پهچي نه سگهيا.
پهرين صف ۾ ملڪ جي نامي گرامي ،۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت ،هر دلعزيز ،مشهور ۽ معروف جناب محمود
الء فڪرمند ٿيڻ لڳا.
صاحب موجود هو .ماڻهن کي محمود صاحب جي حفاظت جو اونو ورائي ويو .هو محمود صاحب ِ
هجوم مان ڪنهن وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو“ :ڪارو شيدي پهرين قطار ڏانهن وڌي رهيو آهي .هي ُء بدبخت ضرور
الء موڪليو ويو آهي”.
ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي .۽ محمود صاحب کي قتل ڪرڻ ِ
نئين انڪشاف تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا.
اوچتو ،شيدي َء ڇال ڏنو .هو چيتي وانگر اڇل کائيندو ،وڏين ٻرانگهن سان ٽپ ڏيندو ،ماڻهن ،مصلحن ،بوٽن ۽ چمپلن
جون ڪيتريون قطارون لتاڙي ويو.
پهرين صف ۾ محمود سان گڏ شهر جا قابل ڪامورا ،صنعتڪار ،واپاري ۽ بينڪر ڪلهوڪلهي سان مالئي ويٺا هئا.
هو ڪنڌ هيٺ ڪري ،پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائي رهيا هئا .پهرين صف جي عين پٺيان،
الء سادن ڪپڙن ۾ حفاظتي عملي جا برجستا ۽ طاقتور ڪارڪن ويٺا هئا .هو ٻئي صف ۾ ،محمود صاحب جي حفاظت ِ
ُ
الء اتي موجودبظاهر نماز پڙهڻ ،۽ هللا جي عظمت آڏو سجدو ڪرڻ آيا هئا ،پر اصل ۾ هو محمود صاحب جي حفاظت ِ
هئا ،۽ نئين صورتحال سبب چوڪس ٿي رهيا هئا .سندس َو َر ۾ موتمار هٿيار لڪايل هئا .تنهن ڪري هو ويهڻ ۾ تڪليف
محسوس ڪري رهيا هئا.
شيدي جڏهن اُڇل کائيندو ۽ ڇال ماريندو ،ٻئي صف ٽپي پهرين صف ڏانهن وڌڻ لڳو ،تڏهن حفاظتي عملي جي عقابن
جهٽ هڻي کيس قابو ڪري ورتو .اک ڇنڀ ۾ هو کيس لتون ،مڪون ،۽ ٺونشا هڻندا عيدگاهه کان ٻاهر ڪڍي ويا .ڄڻ
ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
الئوڊ اسپيڪرن مان مالن جو آواز گونجڻ لڳو .هو ٻئي هٿ عرش ڏانهن کڻي ،عاجزي َء ،انڪساري َء ،سريلي نوع
الء وڏي ڄمار جي دعا گهرڻ لڳو.
۾ هللا سائين کان محمود صاحب ِ
وء وعظ ٻڌڻ
الء وڏي ڄمار جون دعائون ۽ پ ِ
ماڻهن جو خيال مٽجي ويو .هو شيدي َء کي وساري اول محمود صاحب ِ
لڳا .هنن پنهنجا نوان ،پرانا بوٽ ۽ چمپل سجدي واري هن کان انج کن پري رکي ڇڏيا.
جاء ۾ حفاظتي عملي جي هڪ وڏي آفيسر بيد جي لڪڻ جو وسڪارو ڪندي عيدگاهه ٻاهران ،هڪ نويڪلي ِ
شيدي َء کان پڇيو“ :ٻڌا” .جواب ڏي .ڪهڙي نيت سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين”.
مڪن ،چماٽن ۽ ٺونشن لڳڻ سبب شيدي َء جو سمورو چهرو رتورت ٿي ويو هو .هن جو وات رت سان ڀريل هو .هو
ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو.
“جواب ڏي ”.وري لتون ،مڪون ،منهن ۾ ٺونشا ،۽ پنين تي النگ بوٽن جون ٺوڪرون لڳس“ ،جواب ڏي .ڪنهن
جو ڇاڙتو آهين؟ ڪهڙي نيت سان اڳتي وڌي رهيو هئين؟”
شيدي َء جي نڪ مان رت ٺنڊيون ڪري وهڻ لڳو .پيٽ ۽ ڪکين ۾ لتون لڳڻ سبب سـَـنڌ سـَـنڌ ساڻو ٿي پيو .اکين آڏو
اوندهه اچي ويس.
“پهرين قطار ڏانهن ڇو ،۽ ڪهڙي نيت سان وڌي رهيو هئين؟” عملدار کيس پيٽ ۾ لت ،۽ ڪنڌ تي مڪ هڻندي
پڇيو“ :جواب ڏي .ڪهڙي ارادي سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين؟”
شيدي َء رت جي گرڙي ڪري ،وات ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان اُگهي ڇڏيو .سندس چيريل چچريل چپ ڪنبڻ لڳا.
هن جهيڻي آواز ۾ چيو“ :مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس”.
پوء ،هو سندس هيڻا حال ،۽
حفاظتي عملي جا برجستا جوان شيدي َء جو جواب ٻڌي ڪجهه ڪجهه وائڙا ٿي وياِ .
ڪوجها ڪال ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا .ڪنهن چيو“ :اڙي! تون پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندين!”
منجهانئن هڪ ڄڻي زوڪاٽ ڪري شيدي َء جي نرڙ ۽ نڪ وٽ ٺونشو وهائي ڪڍيو ،۽ چيو“ :تون ڪوڙ ٿو
ڳالهائين”.
سمورو ماحول شيدي َء جي نگاهن ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳو .سيني ۾ دل ڌڙڪڻ بدران ڦٿڪڻ لڳس .ساهه منجهڻ لڳس.
نڪ ،وات ۽ ڪنن مان رت وهندو رهيس .هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو“ :مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس”.
پوء کيس گار
حفاظتي عملي جي هڪ جانٺي عمدار شيدي َء کي ڀرپور قوت سان سيني تي مڪ وهائي ڪڍي .۽ ِ
ڏيندي چيائين“ :ڊرامو ٿو ڪرين ،سوئر جا پٽ .اسين توکي سڃاڻي ويا آهيون .تون غير ملڪي ايجنٽ آهين”.
“مان ايجنٽ نه آهيان ”.شيدي اُجهامڻ لڳو .ڀڄندي ڀرندي چيائين“ :مان پهرين صف ۾ نماز پڙهندس”.
“اڙي ڀوال!” هڪڙي جانٺي کيس چماٽ وهائيندي چيو“ :عمر ۾ ڪڏهن آئينو ڏٺو اٿئي! پٽ هليو آهي پهرين قطار ۾
بيهي نماز پڙهڻ!”
شيدي َء جي ساهه جو سلسلو سندس نڪ مان وهندڙ رت سان وچڙڻ لڳو .چيائين“ :مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس”.
“اڙي اُٺ جا پٽ ”.جانٺي َء عملدار چيو“ :شهر جا معزز ماڻهو محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ ال ِء پهرين صف ۾
موجود آهن .تون وري پهرين صف ۾ نماز ڪيئن پڙهندين”
شيدي َء جهيڻي آواز ۾ چيو“ :مان به پهرين صف ۾ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهندس”.
حفاظتي عملي جي پگهاردارن خوب ٽهڪ ڏنا .هڪڙي ڄڻي چيو“ :مغز جائيتو ڪونهيس”.
“ٻهروپيو آهي ”.وڏي عملدار پنهنجي عملي کي حڪم ڏيندي چيو“ :پڇوس ته ڪير آهي ،۽ محمود صاحب سان گڏ
بيهي نماز پڙهڻ جو ڍونگ ڇو ڪري رهيو آهي”.
پوء ،جيڪا جٺ سندن ڄاڻ ۾ هئي ،سا جٺ شيدي َء سان ڪيائون .لتون ،مڪون ۽ ٺونشا هڻي کيس اڌ مئو ڪري ِ
ڇڏيائون .شيدي وڃي پٽ تي پيو .کيس وري کنڀي کڻي ورتائون .کيس منهن ۾ پاڻي َء جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائون .شيدي َء
رت هاڻيون اکيون کولي حفاظتي عملي ڏانهن ڏٺو.
ٻڌاء .تون ڪير آهين .محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ
برجرستي عملدار سندس وارن ۾ مٺ وجهندي پڇيوِ “ :
ڇو ٿو چاهين؟”
الء پراسرار روشني سندس اُداس اکين ۾ موٽي آئي .هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو“ :مان
شيدي اُجهامڻ لڳو .هڪ لمحي ِ
اياز آهيان .مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس”.
سوجهرو
هي َء انهن ڏنهن جي ڳاله آهي ،جڏهن مفلسي َء اسان کي بي آب مڇين وانگر پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو هو ۽ اسان تي
مصيبتن ۽ آفتن جا ولر وري آيا هئا .نوڪري وڃڻ جو فڪر اڃا جي َء کي چهٽيو پيو هو ،جو مٿان ،مشڪلن ۾ واڌارو
الء جنيد کي مدي جو تپ ٿي پيو .پنهنجي ننڍڙي معصوم ڀا ُء جي حالت اکين سان ڏسي رهيو هوس ،پر مجبور هوس.
ڪرڻ ِ
منهنجيون ڀينرون زيبو ۽ ڪمو ،جنيد جا اڀا ساه ۽ ڳاڙهيون اکيون ڏسي ،روئڻ هارڪيون ٿي پيون هيون.
الء ڪجه ته ڪر“.
”ڏسين نه ٿو ،ڏسين نه ٿو “،ڪمو َء مون کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو ،ڪجه ته ڪر ،جنيد ِ
مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
گهر جو ذري گهٽ سمورو سامان منهنجي بيروزگاري َء جي نظر ٿي چڪو هو ،۽ فقط هڪ پراڻو گهڙيال وڃي باقي بچيو
هو ،جيڪو ڀت سان چنبڙي ،انسان جي دل وانگر ڌڙڪي رهيو هو .مون سوچيو ،انسان جي دل وانگر اِن گهڙيال جو آواز
– ٽ ڪ ٽڪ ،بند ٿي ويندو ،موت وانگر خاموش ٿي ويندو .پر ،هن گهڙيال جي موت ۽ انسان جي موت ۾ ڪيڏو نه فرق
پوء چاٻي َء سان ٻيهر زندگي پيدا ڪري سگهجي ٿي ،پر انسان جي ٿڌي جسم
آهي! انسان جي تخليق – گهڙيال ۾ بند ٿيڻ کان ِ
۾ ٻيهر ڪير روح ڦوڪي ،زندگي پيدا ڪري سگهندو؟
مون منهن ورائي جنيد ڏانهن ڏٺو.
پوء ،پراڻو گهڙيال ،ڪندن مل پساري َء وٽ ڏهين رپئي ۾ گروي ڪري آيس ،جيتوڻيڪ ڏه رپيا ڊاڪٽر جي في ۽ ۽ ِ
الء ٿورا هئا .ڏهين رپئي جو نوٽ مٺ ۾ قابو ڪري ،فڪرن ۾ ٻڏندو ،ترندو گهر موٽي آيس.
ڪلورو مائسٽن جي ڪيپسولن ِ
انهن ڪارن ڏ ينهن ۾ ،پاڙي مان ڪنهن کان پيسا اڌارا وٺڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو .جڏهن کان هڪ انگريزي انجنيئر
الء ڪارخاني مان اسان چاليه مزورن کي ڪڍيو ويو هو ،تڏهن کان پاڙي جي سڀني گهرن جي جي پگهار پوري ڪرڻ ِ
حالت هڪ ٻئي کان بدتر ٿي ويئي هئي .مزورن جي گهرن جو سامان ڪٻاڙين وٽ وڪامي ويو ،۽ جن کي گهرن ۾ وڌيڪ
بکيا پيٽ هئا ،انهن جي عزت ۽ عصمت شهر جي هوٽلن ۽ بنگلن تي وڪامڻ لڳي.
اوچتو ذهن جي اونده ۾ اميد جو کڙکٻيتو چمڪي اٿيو .ياد آيم ته هڪ دفعي ربو َء مون کان ٻارهن رپيا اڌارا ورتا هئا .هون َء
کانپوء به آرام جي زندگي بسر
ِ کانئس پيسا هرگز نه گهران ها ،پر ربو َء جي حالت اسان جهڙي نه هئي .هو نوڪري وڃائڻ
ڪري رهيو هو .ڏسڻ وارن کي پڪ هئي ته ربو َء کي هندن جي ڇڏيل ملڪيت هٿ چڙهي ويئي آهي ،يا وري نوٽن ڇاپڻ
جي مشين ايجاد ڪئي اٿائين .سندس ٻارن جي اکين هيٺان بک جا ڪارا ليڪا ڪين اڀريا هئا ،۽ نه ئي پاڻ ڪنتري َء کان
ڪنارا ڪش ٿيو هو.
الء گهر کان ٻاهر آيس.
مان زيبو َء ۽ ڪمو َء کي دالسا ڏيئي ،ربو َء کان پيسا اوڳاڙڻ ِ
گهٽي َء ۾ پاڙي جا سڪل ۽ سنهڙا ،اڌ اگهاڙا ٻار ،اِٽي ڏڪر راند ڪري رهيا هئا .کين ڏسي ،مون کي پنهنجو ننڍڙو جنيد ياد
آيو ،جيڪو جهڳي َء ۾ ،ڇڳل واڻ جي کٽ تي ،موت ۽ زندگي َء جي ڪشمڪش ۾ ،ڪنهن ڊاڪٽر جو انتظار ڪري رهيو
دعوي آهي ته هو قوم ۽ انسانيت جا خادم آهن! ان ڏينهن اهي ڊاڪٽر ڪٿي
ٰ هو .پر ڪٿي هئا ،اهي لٻاڙي ڊاڪٽر ،جن جي
هئا ،جڏهن انسانيت جو ننڍڙو روح مفلسي َء ۾ سهڪي رهيو هو! اهي دردمند حڪيم ۽ طبيب ڪٿي هئا ،جڏهن هڪ انسان
الء ميسارجي رهي هئي! تڏهن خيالن جي اپسرائن ڀڻڪو ڪيو ،ته انسان ازل کان دولت جو غالم جي هستي ڏهن رپين ِ
آهي ،۽ دولت ديوتائن کان وڌيڪ طاقتور آهي.
مان تڪڙا قدم کڻندو ،گهٽي َء جي مهاڙي َء وٽ پهتس .ربو َء جو گهر پاسي واري گهٽي َء ۾ هو .جتي ٻئي گهٽيون ملنديون
هيون ،اتي انهن ڏينهن ۾ هڪ ڌڌڙيل درويش اچي ديرو ڄمايو هو .سندس اکيون ٽانڊن وانگر ٻرنديون رهنديون هيون.
چارئي پهر بدن کي ڀڀوت ڪيو ،دونهي دکائي ،پنهنجي جهوپڙي َء آڏو ويٺو هوندو هو .پاڙي جون عورتون کانئس من جون
مرادون گهرنديون هيون ۽ مرد کانئس سٽي جا نمبر پڇندا ها ،جڏهن کان اسان جي پاڙي ۾ بيروزگاري َء پير ڄمايا هئا ،تڏهن
کان درويش جي ڄڻ عيد شروع ٿي هئي .سندس سگهارو بدن ،ڏينهون ڏينهن سگهارو ٿيندو ويو .پيٽ جي گوالئي َء تان
گهنج گم ٿي ويس ،۽ دن جو ٽنگ گهٽ ٿي ويس .گهرن ۾ لنگهڻ ڪڍيا ويندا هئا ،پر درويش کي سيرا ،مالپڙا ۽ قورما کارايا
ويندا هئا.
جڏهن مان گهٽي َء جي مهڙ وٽ پهتس ،تڏهن درويش دونهي دکايو ،بدن کي ڀڀوت ڪيو ،پنهنجي جهوپڙي َء آڏو ويٺو هو.
ويڻين ۾ ڪڙا هئس ۽ کاٻي هٿ ۾ وڏو چمٽو هوس ،جنهن کي ساڄي هٿ سان وڄائي رهيو هو .مون کي ڳاڙهين اکين سان
پوء آڱر سان آسمان ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪيائين” ،اڄ اسان آسمان تانگهوريندي چيائين” ،گهر ،جيڪي گهرجيئيِ “.
تاران به الهي اينداسين “،ان وقت شام جو وقت هو ۽ آسمان تي تارا نه هئا.
جهڪي ،ادب سان کيس سالم ڪيم .سڄي پاڙي اها ڳاله مشهور ٿي ويئي هئي ،ته درويش کي ناراض ڪرڻ ،ٻئي جهان
وڃائڻ برابر آهي .مون نوڙت سان وراڻيو” ،درويش تنهنجون دعائون گهرجن“.
”وڃ ،ٻيڙو پار اٿئي “.درويش پنهنجون ڳاڙهيون اکيون منهنجين اکين ۾ وجهي ڇڏيون.
ٽٽل اميدن کي ڄڻ آسرو مليو.
مان ربو َء جي ڏيڍي َء تي اچي بيٺس .دل پي چيو ،ربو نه رڳو ٻارهن روپيا موٽائيندو ،پر ڪجه رپيا قرض به ڏيندو.
خوشبوء ڇڏيندي،
ِ مون در جو ڪڙو اڃا مس کڙڪايو هو ،جو ربو َء جي جواڻ جماڻ ڌي َء ،جنان ،ريشمي ڪپڙن ۾ ،۽
کانپوء ربو ٻاهر آيو .کيس اڇا اجرا ڪپڙا اوڍيل
ِ موڙا ڏيندي ،هڪ طرف هلي ويئي .مون ٻيهر ڪڙو کڙڪايو .ٿوري دير
هئا ۽ ڏاڙهي پڻ تازي ڪوڙيل هئس .پڇيائين” ،چئه ،ڪيئن آيو آهين“.
پوء چيائين” ،هينئر ،هن وقت ته مون وٽ ڪجه به ڪونهي“.
مون کيس سڄي ماجرا ٻڌائي .منهنجي ڳاله ٻڌڻ کان ِ
”ڪجه ته ڏي ربو “،کيس ايالز ڪيم” ،ڪجه ته ڏي ربو .منهنجو جنيد –“ آواز نڙي َء ۾ اٽڪي پيو.
وڃجانء“.
ِ ”هيئن ڪر “،ربو َء ڪجه سوچيندي چيو” ،سڀاڻي صبح جو مون کان سؤ ،سوا سؤ کن وٺي
”سڀاڻي مان روپين کي ڇا ڪندس ربو “،منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا” ،سوال ته اڄوڪي رات جو آهي .هي َء هڪ رات
الء ڳوري آهي“.
منهنجي جنيد ِ
”مان مجبور آهيان “،ربو َء چيو” ،صبح کان اڳ مان توکي پائي به ڏيئي نه سگهندس“.
”ربو “،مون ربو َء کي ڏوري کان وٺندي چيو” ،هينئر ته تو وٽ ڪجه به ڪونهي نه ،ربو؟“
”نه “،هن حيرت وچان مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
”ته ڇا ،صبح تائين تنهنجي ڪڪڙ سونا آنا الهيندي “.مان تلخ لهجي ۾ ڳالهايو.
ربو سٽ ساڻ ٻانهن ڇڏائي ،ڏيڍي ٽپي ،اندر هليو ويو .ان وقت پنهنجي پوئتان هڪ مڪار ٽهڪ ٻڌم .ڄڻ ڪو مون تي
چٿرون ڪري رهيو هو .منهن ورائي ڏٺم .بنڊل دادا منهنجي ويجهو بيٺو هو .ڳاڙهو رومال ڪنڌ تي ويڙهيل هوس ۽ واڇ ۾
اڌ سڙيل ٻيڙي .بنڊل دادا اسان جي عالئقي جو پيداگير هوندو هو .هن ٽهڪ ڏيندي چيو” ،ربو َء وٽ سونا آنا ڏيندڙ هڪ
ڪڪڙ آهي“.
”منهنجي ڪهڙي ڪم جي “،مون ٻڏندڙ دل سان وراڻيو.
”توکي پئسن جي ضرورت آهي نه؟“
”ها ،فقط ويهن روپين جي“.
هن ٽهڪ ڏنو” ،بيوقوف ،تو وٽ به ته ٻه ڪڪڙيون آهن ،جيڪي سونا آنا ڏيئي سگهن ٿيون“.
مون گهور ڪري سندس چنجهين اکين ۾ نهاريو.
”چاهين ته مان چوٿين پتي َء تي ٻنهي َء جو بندوبست ڪريان“.
”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين“.
“هي ُء دولت ۽ جواني َء جو دور آهي“.
”سڌي َء طرح ڇو نٿو ڳالهائين“.
”ٻڌي سگهندين“.
الء سڀ ڪجه ٻڌندس .سڀ ڪجه“.
”مان جنيد ِ
الء “-
”ته ٻڌ “،بنڊل دادا چيله تي هٿ رکندي چيو” ،ڪمو ۽ زيبو هڪ رات ِ
”بدمعاش “،مون کيس جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو .مٿس الر ڪري ويس ،پر ورندو پاڻ گند جي ڊه تي وڃي ڪريس.
بنڊل دادا ٽهڪ ڏيندو هليو ويو .ويندي ويندي چئي ويو” ،بُک مري ويندين ،غريب جا ٻچا“.
مان اٿي بيٺس .هزارين طوفان جاڳي اٿيا .مون فيصلو ڪيو ته ڀل جنيد مري وڃي .ڀل ته منهنجيون حسرتون ۽ اميدون
خاڪ ۾ ملي وڃن .ان خاڪ مان نوان جيند پيدا ٿيندا .مضبوط ارادن ۽ عزم وارا جنيد پيدا ٿيندا .هزارين ،لکين ۽ ڪروڙين
جنيد ان خاڪ مان جنم وٺندا .جنهن خاڪ ۾ منهنجو جنيد ماڪ وانگر گم ٿي ويندو .ڀل ته جنيد مري وڃي .ڀل ته منهجو
جنيد قربان ٿي وڃي.
ڀانت ڀانت جا خيال ،سمنڊ جي لهرن وانگر منهنجي ذهن ۾ چڙهندا ۽ لهندا رهيا .سوچيم ،منهنجي جنيد جي قرباني ،دنيا جي
سڀ کان وڏي قرباني هوندي .منهنجي جنيد جي قرباني َء جا تاريخن ۾ حواال ڏنا ويندا .جڏهن به عظيم قربانين جو ذڪر
ڪيو ويندو ،تڏهن جنيد جو نالو پٿر جي ليڪ وانگر اڀري ايندو.
مان خيالن جي ڪاري جهنگ ۾ ڀٽڪندو ،دل ئي دل ۾ هنجون هاريندو ،جڏهن گهٽي َء جي مهڙ وٽ پهتس ،تڏهن جمن
پخالي َء جي زال درويش جي جهوپڙي َء مان نڪري گهٽي َء جي هڪ ڪچي گهر ۾ گم ٿي ويئي .ٿوري دير ۾ درويش چمٽو
وڄائيندو ٻاهر آيو .مون تي نظر پيس ته هڪدم چيائين” ،گهر ،جيڪي گهرجيئي“.
دل جهلي چيم” ،ويه رپيا ڏيندين“.
”نادان ،مايا ڇا ڪندين “.هن چمٽو وڄائيندي چيو” ،وڃ تنهنجي ٻئي جهان جوڙي ڇڏياسين“.
االء ڪهڙو برو حال هوندو.
دل چاهيو ته چوانس ،جڏهن هڪ جهان جو هي ُء حال آهي ،ته اڻڏٺي جهان جو ِ
مان ٿڪل قدمن سان پنهنجي َء گهٽي َء ۾ موٽي آيس .مجروح روح ڏکي رهيو هو ۽ دل جا زخم سمي رهيا هئا .رکي رکي
عذاب جهڙو هڪ خيال روح ۾ بڙڇي َء وانگر چڀي ٿي ويو ،ته اڄوڪي شام ،منهنجي جنيد جي آخري شام ،۽ اڄوڪي
رات ،منهنجي جنيد جي آخري رات آهي .سڀاڻي ،جڏهن نئون صبح ايندو ،سج اڀرندو ،تڏهن جنيد نه هوندو ،جنيد جي فقط ياد
رهجي ويندي.
”ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين؟“
هلندي هلندي بيهي رهيس .ڏٺم ته چاچا واحد هو .چاچا واحد ڪارخاني ۾ سڀني کان جهونو هو ،۽ جڏهن بيروزگاري َء جو
منحوس پاڇو مزورن تي اچي پيو هو ،تڏهن سڀني کان اول چاچا واحد کي نوڪري َء مان ڪڍيو ويو هو .هو عمر ۾ اسان
سڀني کان وڏو هو ،تنهن ڪري کيس چاچا ڪري سڏيندا هئاسين.
”وڃ ،جلد وڃ “،مون کي ڌونڌاڙيندي چيائين” ،زيبو َء کي اجهو هينئر ويه رپيا ڏيئي آيو آهيان“.
”ويه رپيا“.
”ها ،جلدي ڪر .ڊاڪٽر کي وٺي وڃ“.
”چاچا!“
”هينئر ڳالهائڻ جو وقت ڪونهي“.
”چاچا “،مون ڏانهنس شڪي نگاهن سان ڏسندي پڇيو” ،تو پيسا ڪٿان آندا ،چاچا“.
”توکي پيسن جي گهرج آهي ،يا –“
”ها ،پر –“
چاچا ،مون ڏانهن غور سان نهاريو .چيائين” ،پٽ کان سڪايل آهيان ته ڇا ٿيو! جوان ڌي َء ته اٿم نه“.
”چاچا!“
”ڪڏهن ڪڏهن جوان ڌي َء به ٻڍاپي ۾ وڏو سهارو ٿي پوندي آهي “،چاچي آسمان ڏانهن ڏسندي چيو.
منهنجي اکين ۾ ر ت لهي آيو .مون چاچا کي هميشه عزت جي نگاه سان ڏٺو هو .منهنجي گمان ۾ به نه هو ،ته جيڪا وير غم
جا ڪنارا لٽيندي ٿي ويئي ،تنهن ۾ چاچو واحد به پسي ويو هوندو.
هن چيو” ،پر منهنجي گهر واري به پنهنجي َء ڌي َء کان ڪنهن حالت ۾ پٺتي ناهي“.
ڀانء
ِ دل چاهيو ته ڪراڙي ،بدڪردار ،خبيس جو مٿو مترڪن سان چٿي چور ڪري ڇڏيان .جهڙي نموني ڳالهايائين پئي،
ته بنڊل دادا جو مقابلو ڪري رهيو هو.
”پر تون وڃ .ڊاڪٽر کي وٺي جلد گهر پهچ“.
مان نفرت ۽ حقارت سان ڏانهنس نهارڻ لڳس.
لڳائجانء“.
ِ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين” ،سڀاڻي کان تون به ڪمو َء ۽ زيبو َء کي ڪم سان
ڪراهت وچان منهنجيون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.
پوء هفتي کن ۾ ٺهي
”منهنجي ڌي َء ۽ گهر واري زيبو َء ۽ ڪمو َء جي مدد ڪنديون .هڪ ٻن ڏينهن جي تڪليف ٿيندن ،۽ ِ
وينديون.
مون دل ئي دل ۾ ان اگهاڙري پوڙهي کي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو .جنهن وقت منهنجين ٻانهن جون مشڪون
وٽجي سٽجي ،ڪشيل نوڙ وانگر ٿي ويون ۽ جنهن گهڙي َء منهنجا هٿ آهستي آهستي چاچا جي ڳچي َء ڏانهن اٿڻ لڳا ،تنهن
وقت چاچا چيو” ،هڪ ڏينهن ۾ ٻن رون تي پني لڳائي وٺنديون آهن ۽ چئن سلوارن جا پاچا ڀري وٺنديون آهن“.
رڳن ۾ ٽهڪندڙ رت ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڄمي برف ٿي ويو .سنڌ سنڌ ۾ ڪنبڻي َء جو احساس ٿيڻ لڳو.
الء حيران سرگردان آهي
چاچا چيو” ،مڙيئي گذر سفر جيترو پيسو روز ڪمائي وٺنديون آهن .هي ُء سڄو سنسار ماني ڳڀي ِ
نه! سو ماني َء ڳڀو عزت سان ملي ويندو“.
مان چاچا واحد جي پيرن وٽ ويهي رهيس.
پوء اجايو اونده ٿي
”اڙي! هي ڇا ،چاچي مون کي ٻانهن کان وٺي اٿاريندي چيو” ،جلد ڪر ،ڊاڪٽر کي وٺي گهر وڃِ .
ويندي .ڏس ،اڃا به سوجهرو آهي .اڃا به سوجهرو آهي“.
مان اسپتال ڏانهن ڊوڙندو ويس .ڊوڙندي آسمان ڏانهن ڏٺم ،جتي پري ،مٿڀرو ،افق وٽ اڃا به سوجهرو هو.
مان بروزگار هوس (اڃان به آهيان) ۽ محبت به ڪندو هوس (هينئر جيڪي محبت ڪندا آهن ،انهن جو ڪم خراب ڪندو
الء نوڪريون ته جام آهن ،جهڙوڪ ڪنڊيڪٽري، آهيان ).مان پنهنجي ملڪ کي بدنام ڪرڻ نٿو چاهيان .ملڻ ِ
ڪالرڪي ،پٽيوالي ،اردلي ،ڀنگي ،چهڙو وغيره ،پر مان ڪنهن خاص قسم جي نوڪري َء جي ڳوال ۾ آهيان ،جيئن ته
ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر ،پوليس ۾ صوبيدار ،آبپاشي َء ۾ آبدار ۽ ڪنهن آباد عالئقي جو مختيارڪار يا تپيدار .ان چڪر ۾ اڃا
تائين بيڪار آهيان.
مان ،رمل ۽ ڌنو سولجر بازار ۾ ڀنگين جي پاڙي ڀرسان هڪ کڏي َء ۾ رهندا آهيون .پيڊرو ڊسوزا روڊ تي کڏين جي قطار
آهي ،جتي گهڻو ڪري ڪالرڪ ،ڪنوارا ۽ بيروزگار رهندا آهن .اسان جي کڏي اوله طرف پڇاڙي َء ۾ آهي ،جتان ڊسوزا
روڊ جي ٻئي پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آهي .ان کڏي َء ۾ مان ،رمل ۽ ڌنو گذريل ٽن سالن کان رهيل آهيون.
زندگي اسان وٽ ر هيل آهي .اڃا جيئرا آهيون.
رمل ميجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آهي ۽ هڪ ڏينهن سي .ايس .پي جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جا
خواب ڏسندو آهي .هر آچر تي رمل پنهنجي انڌي ضعيف ما ُء کي خط لکندو آهي ته پوڙهي تون خيال نه ڪر ،خوش ره،
ايندڙ آچر تي مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيندس ۽ تنهنجا ڏک سور الهيندس.
منهنجو پي ُء روهڙي َء ۾ درگي حلوائي َء جي دڪان تي جليبيون تريندو آهي .مان کيس خط نه لکندو آهيان .هو منهنجا خط
پڙهڻ کان اڳ ڦاڙي ڇڏيندو آهي .مون کيس هڪ ئي نموني جا ايترا خط لکيا آهن ،جو هو خط کولڻ کان اڳ خط جو
مضمون سمجهي ويندو آهي.
اسان جو يار ڌنو فقط ڌنو آهي .مٿو ماڻهن جيترو اٿس ،پر ،ماڻهو چوندا آهن ته ڌني جي مٿي ۾ اٺ آهي .اسان جو به اهوئي
خيال آهي ته ڌني جي مٿي ۾ نه فقط اٺ آهي ،پر هڪ ڏاند به ويٺل آهي .ڌنو درگاهي مجاور آهي ۽ خيرات جي پئسن مان
ڪاليج ۾ پڙهندو آهي .گذريل ٽن سالن کان بي .اي جي آخري سال ۾ آهي .هو پنهنجي ڪورس جا سبق ياد ڪرڻ بدران،
محبت جا ڊائالگ يا ڪندو آهي.
آچر ڏينهن رمل ’آف‘ هوندو آهي ،۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڇا ڪندو ،ان موضوع تي صبح کان رات تائين ڳالهائيندو رهندو
کانپوء کڏين جي مسواڙ گهٽ ڪرائيندو ،کڏين جي چرسي مالڪن کي
ِ آهي .اڪثر ٻڌائيندو آهي ،ته پاڻ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ
مجبور ڪري کڏين ۾ رنگ روغن ۽ بجلي هڻائيندو – سئنيما جي بڪنگ ڪالرڪن جون پگهارون وڌرائيندو – فقط مارا
کانپوء قوم ۾ وڙهڻ جو جذبو ۽ جوش وڌي
ِ ماري َء جي فلمن جي حمايت ڪندو ،ڇو جو لڙائي َء سان ڀرپور فلمون ڏسڻ
ويندو آهي ،وغيره.
جنهن آچر جي هي َء ڳاله آهي ،ان آچر تي رمل پنهنجو پروگرام ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو .ڪجه دير تائين
پوء کاٻي هٿ جو آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تي رکي ،اکيون بند ڪري ڇڏيائين. سوچيندو رهيو .اک نانگ ۾ اٽڪائي ڇڏيائين ،۽ ِ
اکيون بند ڪري پيران پير دستگير ۽ ٻن چئن مقامي پيرن کي ياد ڪيائين ،جيڪي پنهنجي عالئقي جا نامي گرامي پير آهن،
پر کين بين االقوامي شهرت حاصل نه ٿي آهي( .فقط خواجه غريب نواز بين االقوامي پير آهي ).مونکي رمل جي اها
حرڪت پسند نه آهي .هٿ وڌائي سندس آڱوٺي تي ٺونگو هنيم .رمل نانگ جي ڦڻ تان هٿ کڻي ورتو ،۽ ڪرڙيون اکيون
ڪندي چيائين” ،وڏو ڪو واهيات آهين ،ڪاريگر .مزي سان مرڻ به نه ٿو ڏئين“.
ٻيهر سنڀالي سنڀالي نانگ جي ڦڻ تي آڱوٺو رکي ڇڏيائين.
ڪڪ ٿيم ،ته چيومانس” ،يار بيزار نه ڪر رمل .جلد ڪر“.
”مرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آهن “.رمل وراڻيو” ،مان مئجسٽڪ سئنيما جو بڪنگ ڪالرڪ آهيان،
عاشقن جو دشمن آهيان“.
”اجائي جک نه مار“.
”مان جلدي مرڻ نٿو چاهيان .مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ چاهيان ٿو“.
پاء “.مان اٿي کڙو ٿيس.
”وڃي ڇائي ِ
شيء
ِ رمل مون کي ٽنگ کان وٺي سٽ ڏيئي ويهاري ڇڏيو .چيائين” ،ڪيڏايهن ٿو وڃين ڪاريگر .اڄ آچر آهي .اڄ هر ڪا
سست آهي .زندگي ،ٽريفڪ ،موت ۽ محبت سڀ سست آهن“.
”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر .سخت بور ڪيو اٿئي“.
شيء بور ۽ بيٺل هوندي آهي .رڳو ريس ڪورس جا گهوڙا ڊوڙندا رهندا آهن“.
ِ آچر ڏينهن هر ڪا
وراڻيم” ،تون ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ وارو آهين ،تنهنڪري تقرير ڪرڻ کان رهي نه سگهندين“.
”اڙي نه نه .ترس ظالم ،ترس “.رمل مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو” ،مون ٻن سالن کان بوٽ نه پاتو آهي .مون کي ڀال
بوٽ وٺي ڏيندين“.
”اڄڪله رشوت وانگر بوٽن جو مله به وڌي ويو آهي .ايندڙ ڏهن سالن تائين تون ۽ مان بوٽ پائي نه سگهنداسين“.
”ڀال سليپر وٺي ڏيندين؟“
”سليپر جي قميت هن کڏي َء جي مسواڙ ،۽ راڌا ڀنگياڻي َء جي ريٽ جيتري آهي“.
”ڀال چمپل “.رمل منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو” ،ڏس ڪاريگر ،منهنجو چمپل تنهنجي دل وانگر ڇڳل ۽ کٿل آهي“.
”ڏاڍو ڪو واهيات آهين رمل“.
”سچ ٿو چوان ڪاريگر ،مون کي هڪ چمپل جي سخت ضرورت آهي“.
چوراء“.
ِ ”ڪنهن مسيت مان وڃي
”ائين به جيڪر ڪيان ،پر خدا کان وڌيڪ پوليس واري جو خوف ٿو ٿيم “،رمل ٻيهر منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو،
”وٺي ڏيندين ڪاريگر؟“
”مان بيروزگار آهيان“.
”تون بيروزگار آهين ،پر قسمت جو ڌڻي آهين“.
”نه يار .هو َء سڀاڻي صبح جو هلي ويندي“.
ويندء“.
ِ ”ڪجه ڏيئي به ته
هن چيو ۽ مان خاموش رهيس .دل جون ڪنگريون ڪري پيون .رمل ڏانهن ڏٺم .هو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.
چيائين” ،خدا ته ڄاڻي ٿو ،پر تون به ڄاڻين ٿو ته مونکي هڪ چمپل جي سخت ضرورت آهي“.
وٺجانء“.
ِ ”
”جيئي تنهنجي محبت ۽ محبوبه “.رمل خوش ٿي نعرو هنيو .آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تان کڻي ورتائين .ڇڪو ڪاٺ جي
گالسڙي َء ۾ وجهي زور زور سان لوڏڻ لڳو .ٻه اچنس ته نانگ ،چار ته پار .گالسڙي لوڏيندي ،ٻن چئن مقامي ۽ بين
االقوامي پيرن مرشدن کي ياد ڪري ڇڪو قالبازيون کائيندو ،ٿڙندو ،رڙهندو نانگن ۽ ڏاڪڻين جي وچ ۾ بيهي رهيو.
رمل جي منهن جو پنو لهي ويو .پنهنجي ڳوٽ اٺانوي تان الهي ستاويهين خاني ۾ آڻي بيهاريائين .هڪ اونهو ساه کڻندي
چيائين” ،يار ڇڪي جو هڪ پاسو خالي به هجي ها ،بلڪل خالي ،اسان جي زندگي َء جهڙو خالي.
”۽ نوڪريون جيڪڏهن Jackبدران ڇڪي تي ملن ها ،ته پو ِء هميشه ڇڪي جو خالي پاسو اسان جي حصي ۾ اچي ها“.
رمل راند تان اٿي ويو .پاٺو کڻي کٽ تي اڇاليائين.
الء؟“
پڇيائين” ،سڀاڻي تنهنجو انٽرويو آهي نه ،ٻارن روڪائڻ واري مهم ۾ ڪنهن پوسٽ ِ
”ها“.
”تياري ڪئي اٿئي؟“
”ها .ٻارن جا سڀئي رساال پڙهي دل سان هنڊايا اٿم“.
رمل هڪ پير کٽ جي پاٽي َء تي رکندي چيو” ،مان تنهنجو ڪچو انٽرويو ٿو وٺان .سمجه ته مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر
آهيان“.
انٽرويو بورڊ جا ميمبر ٿلها ،بندرا ۽ ٺوڙها هوندا آهن .تون هينڊسم آهين“.
” “Take if for grantedرمل چيو” ،سمجه کڻي ته مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آهيان ،۽ توکان سوال ٿو پڇان“.
”“Yes Sir
الء ڪهڙا اپا َء تجويز ڪرين ٿو؟ رمل کهري ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهايو.
”تون ٻار گهٽ پيدا ڪرڻ ِ
مان منجهي پيس ،هڪ ٻن ڪنٽراسيپوٽز جا ناال ٻڌايامانس ،پر کيس جواب پسند نه آيو.
” ،Rejectedبلڪل عام ۽ واهيات جواب ڏنو اٿئي “،رمل ڪنهن سخت ميمبر جو نقل ڪندي چيو” ،معقول ۽ عمل ۾
ٻڌاء“.
ايندڙ تجويز ِ
پوء چيم ،Sir” ،ملڪ ۾ عورتن بدران کدڙن کي ترجيح ڏني وڃي .جيڪڏهن خواجه سرائن سان ڪجه دير سوچڻ کان ِ
شادي جائز قرار ڏني وڃي ،ته جيڪر ٻار پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃن“.
پوء بورڊ وارا
” “Sillyرمل کل روڪيندي ڳالهايو” ،پٽ ڪاريگر ،جيڪڏهن اهو جواب انٽرويو بورڊ کي ڏنو اٿئي ته ِ
توسان به اهائي جٺ ڪندا ،جيڪا هٽلر يهودين سان ڪرائي هئي“.
” ،Sirمون کي صحيح جواب کان آگاه ڪيو وڃي“.
” “،O.Kرمل آفيسرن جي انداز ۾ ڳالهائيندي ،ڀڳل ريڊيو جهڙو آواز ڪڍيو ،چيائين” ،ان سوال جو جواب آهي ،ته مردن
کي عورتن خالف ۽ عورتن کي مردن خالف هر پليٽ فارم تي ڀڙڪايو وڃي ،جهڙوڪ ،سياسي پليٽ فارم ،سماجي پليٽ
الء نفرت پيدا ڪئي وڃي .جڏهن مرد ۽
فارم ،ازدواجي پليٽ فارم ،ريلوي پليٽ فارم وغيره .ٻنهي گروهن ۾ هڪ ٻئي ِ
پوء ٻار پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اٿي“.
عورتون گڏ سمهندا ئي نه ،ته ِ
اپالء ڪرين ها نه“.
ِ ”واه رمل ،واه“ رمل جي پٺي ٺپيندي چيم” ،واه جو جواب ڏنو ٿئي .بدبخت تون به
پوء رڌڻي ڏانهن ويندي چيائين” ،مون
” مان ٿيندس ته ڊپٽي ڪمشنر ،نه ته مئجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو رهندسِ “،
وڃانء ٿو“.
ِ کي چڪن برياني َء جو به خيال رکڻو آهي .مان
رمل رڌڻي ڏانهن هليو ويو .کڏي َء ۾ مان رهجي ويس ۽ منهنجي اڪيالئي .کڏي َء ٻاهران ڪٽهڙي وٽ محبت جو ڊائالتگ
الء ڇڏي ڏنم .رڌڻي مان
ياد ڪري رهيو هو .مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نه چاهيو ،۽ کيس محبت جو ڊائالگ ياد ڪرڻ ِ
ڪفگير ۽ ديڳڙي َء جي جلترنگ سان گڏ رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رهيو هو ،جنهن ۾ هو ڪڪڙ جي تعريف ڪري
رهيو هو.
الء شيلف تان ٻارن جا رساال الهي ،فرش تي تڏو وڇائي ويهي
انٽرويو جي پڪي تياري ڪئي هيم ،پر تڏهن به دور ڪرڻ ِ
رهيس.
الء (خاص قسم جون) بي انت انٽرويو ڏيندي ڏيندي سمجهي ويو آهيان ،ته عام معلومات General
بي انت نوڪرين ِ
knowledgeجا ڪتاب جهڙوڪ Pear’s Encyclopedia :۽ Encyclopedia Britannicaڊوگر جو
جنرل ناليج ،ٽائيمس مئگزين وغيره بيڪار ۽ بيسود ڪتاب آهن ،۽ ڪم جا ڪتاب آهن بچون ڪي دنيا ،کلونا ،گل ڦل
(جيڪو ناياب ۽ قلمي ڪتابن وانگر ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندو هو ،۽ اڄڪله ’اِناهلل و اِنا اليه راجعون‘ ٿي ويو آهي) ۽ هاال
الء انٽرويو ۾ جيڪي به سوال پڇيا ويندا آهن .انٽرويو ۾ هن قسم جا سوال پڇيا سنڌ مان نڪرندڙ ٻارن جا رساال .نوڪرين ِ
کانپوء فلمي گانا
ِ ويندا آهن :گنجن کي مٿي تي وار ڇو ٿيندا آهن .گڏه ڳالهائي ڇو نه سگهندا آهن .عاشق ،محبت ۾ برباد ٿيڻ
ڇو ڳائيندا آهن .يا ،موهن جي دڙي جو پهريون چيف انجنيئر ڪير هو ۽ هن رشوت جي پيسن مان ڇا ڇا اڏايو هو ۽ ورتو
هو .راوڻ جو قد ڪيترو هو .انسان ۽ سوئر ۾ بنيادي مشابهت ڪهڙي آهي ،وغيره.
پر ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو ۾ اهڙا ته خوفناڪ سوال پڇندا آهن ،جن جا جواب شايد انٽرويو بورڊ جي ميمبرن کي به نه ايندا
هوندا.
هڪ دفعي ڪالرڪي َء (خاص کاتي جي) واري انٽرويو ۾ هڪ ميمبر ،ڪنهن سنڌي سياستدان وانگر واڇ چٻي ڪندي
پڇيو هو” ،شاه ايٿوپيا ،شهنشاه هيل سالسي َء جي سالي َء جو نالو ڇا آهي؟“
مان منجهي پيو هوس .سڄو جنرل ناليج ڪنن ۾ سيٽيون وڄائيندو نڪري ويو هو .سنڌي سياستدان جهڙو ميمبر کلڻ لڳو هو.
االء ڪيئن وراڻيو هئم ته” ،اجهو ڪجه مهينا اڳ ،هيل سالسي َء جي باڊي گارڊ ڇويه ميلن جي ڊوڙ ۾ دنيا جون
االء ڇو ۽ ِ
ِ
نئون رڪارڊ قائم ڪري ،ڪارن جو ڪنڌ اوچو ۽ اڇن جو نيچو ڪري ڇڏيو آهي“.
”اسان توکان هيل سالسي َء جي سالي َء جو نالو پڇيو آهي“.
ٿڌو ساه کڻي وراڻيو هئم” ،سائين شهنشاه هيل سالسي َء جي سالي َء جو نالو هيل سالي سالسي آهي“.
منهنجو جواب ٻڌي ،انٽرويو بورڊ جا ميمبر پنهنجين پنهنجين ڪرسين تان ائين کڄي ويا ،ڄڻ ته ڪرسين جي ڪشن جا
اسپرنگ ڇڏائجي ،سندن ويهڪن ۾ وڃي لڳا هئا .سڀئي حيرت مان هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا هئا .منجهائن جيڪو
وڌيڪ بندرو ،گنجو ۽ مشڪرن جهڙو هو ،تنهن پڇيو” ،توکي ڙي ڪيئن خبر پئي ته هيل سالسي َء جي سالي َء جو نالو هيل
سالي سالسي آهي؟“
ادب سان وراڻيو هيم” ،سائين ،مان هيل سالسي َء جي سالي َء جو غالم آهيان“.
ان جواب تي مون کي جواب ملي ويو هو ۽ نوڪري نه ملي هئي.
پر هڪ دفعي ذري گهٽ نوڪري (خاص کاتي ۾) ملندي ملندي رهجي هئي هئي .ان دفعي مون انٽرويو ۾ ڏاڍا ٺاهوڪا ۽
ٺهڪندڙ جواب ڏنا هئا .ٻارن جي رسالي مان جيڪي ڪجه ياد هئم ،مغز مان ڪڍي ميمبرن آڏو رکيم .ميمبرن به مون کي
منجهائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي ،پر مون به تياري تيارين جهڙي ڪئي هئي .ڪٿان ٿو ور چڙهان! مون کين آمريڪا جي مرحوم
و مغفور صدر حضرت جان ايف ڪينيڊي َء جي بيگم محترمه جيڪولين ڪينيڊي َء جي جسماني خدوخال کان وٺي صدر
پوء منجهائن جيڪو چيئرمين هوناصر جي خار ،پوليس جي مار ۽ جمعو ڪينياتا جي بلڊ پريشر تائين ٺهڪندڙ جواب ڏناِ .
۽ دفتري َء مان ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو هو ،تنهن چروٽ وات ۾ وجهي ،مونکي سوال سان منجهائي ڇڏيو هو .پڇيو هئائين،
” انگريزي فلمن ۾ سيڪريٽ ايجنٽ کي گولي ڇو نه لڳندي آهي ۽ طاقتور بدمعاش کيس ڇو نه پڄي سگهندا آهن؟“ ڪجه
پوء وراڻيو هئم” ،ان جا ٻه سبب آهن .Sirهڪ ته فلمي بندوقون خالي ۽ ڪوڙيون هونديون آهن ۽ فقط دير سوچڻ کان ِ
ڦٽاڪن جهڙا آواز ڪنديون آهن .ٻيو ته سرزمين تي شوٽنگ مهل پروڊيوسر ،ڊائريڪٽر ،اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ،ڪئمرا مين،
وغيره موجود هوندا آهن ۽ هيرو صاحب کي مار کائڻ نه ڏيندا آهن“.
منهنجو جواب ٻڌي هڪ ميمبر حيرت مان پڇيو هو” ،ڀائنجي ٿو تون سيڪريٽ ايجنٽ آهين“.
الء ڪينڊيڊنٽ آهيان“.
” “No Sirعرض ڪيم” ،مان بيروزگار آهيان ۽ نوڪري َء ِ
ساڳئي ميمبر پڇيو هو” ،تجربو اٿئي؟“
”ڇا جو .مارا ماري َء جو“.
”نوڪري َء جو“.
”نوڪري ملڻ کان اڳ تجربو ڪٿان ايندو!“
ميمبرن کي ڪجه ڪجه ڪاوڙ لڳي .هڪ پڇيو” ،سڄو ڏينهن ڇا ڪندو آهين“.
” نوڪرين ۽ ٽپال کاتي جا اشتهار پڙهندو آهيان ،پنجابي فلمن جا گانا ڳائيندو آهيان ،۽ رات جو ڪنهن خاص کاتي ۾
نوڪري َء جا خواب ڏسندو رهندو آهيان“.
”“You are dangerous
”“No Sri, I am harmless
(مٿيان ٻئي جمال سنڌي َء ۾ ترجمو ٿي نٿا سگهن).
”پيٽ ڪيئن پاليندو آهين“.
”منهنجو هڪ دوست سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آهي ۽ ٻيو مجاور آهي .مان ٻنهي جي رحم و ڪرم تي آهيان“.
”چئبو ته تون بلڪل نڪمو آهين“.
”نه سائين .مان بنگالي ٻولي سکندو آهيان ،جيئن ته ’تومي اماڪي گهيرينا ڪارو بوالئي ،امي تو ماڪي ڀالو ڀاشي ‘.ڪيئن
پسند آيو جملو“.
”ڀال اردو ٻولي به ڄاڻين؟“ (انٽرويو انگريزي َء ۾ هلي رهيو هو).
”ها .فلمن جا ذري گهٽ سڀئي ڊائالگ سمجهي ويندو آهيان“.
پوء ميمبرن پاڻ ۾ صالح ڪئي هئي( .اميدوارن کي ٿڏي تي جواب پئي ڏنائون) جڏهن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا ،تڏهن ِ
هنن مان جيڪو وڌيڪ ٿلهو هو ،تنهن چيو” ،هن نوڪري َء ۾ توکي سڄو ڪم اردو ۾ ڪرڻو پوندو .جيئن ته توکي اردو
چڱي َء طرح نٿي اچي ،تنهن ڪري اسان توکي نوڪري َء ۾ نه کڻنداسين“.
منهنجا ڇه ڇڄي پيا .دل آه ڪئي .چپ ٿڙڪي اٿيا ،۽ وراڻيو هئم” ،سائين منهنجي پي ُء کي انگريز مائي باپ ان ڪري
الء نٿا کڻو ،جو مان اردو
نوڪري َء ۾ نه کنيو هو ،جو منهنجو پي ُء انگريزي نه ڄاڻندو هو .توهان مون کي نوڪري َء ۾ ان ِ
نٿو ڄاڻان .ڪٿي ائين ته ناهي ،انگريز سوٽ الهي ،شيرواني پائي موٽي آيا آهن“.
ميمبرن کي سخت بڇان لڳي .ساڳئي ٿلهي ميمبر چيو هو” ،تون بلڊي فول آهين .سمجه کان ڏيوالو آهين ۽ تنهنجو
General Knowledgeبه ڪمزور آهي.
”ڪيئن ڪمزور آهي!“ هڪدم وراڻو هئم” ،مان عورت جي چاالڪي ۽ مرد جي بيوفائي َء کان وٺي مذهب جي مام ۽
سياست جي زهر تائين هر هڪ موضوع تي ڳالهائي سگهان ٿو“.
الء ٻيا ڇو هوندا
الء هڪڙا ۽ کائڻ ِ
ٻڌاء ،هاٿي َء جا ڏند ڏيکارڻ ِ
ٿلهي ميمبر منهنجين اکين ۾ گهور ڪندي پڇيو هو” ،ڀال ِ
آهن؟“
ڪهڙو جواب ڏيانس ها! وراڻيو هئم” ،سائين ،مان پنهنجي گذريل جنم ۾ ڏاند هوس .منهنجي ماضي َء جا آثار موهن جي
دڙي مان به مليا آهن .مان توهان جي سوال جو جواب ڏيئي نٿو سگهان“.
ٿلهي ميمبر ڪرسي َء تان اٿي مون کي ٻانهن کان اچي ورتو هو .سٽ ڏيئي در تائين وٺي ويو هو ،۽ ٻاهر ڌڪو ڏيندي چيو
هئائين” ،تون بلڊي فول آهين ،۽ ايندڙ هڪ هزار سالن تائين نوڪري ڳولي نه سگهندين“.
ان ڳاله جو مون کي ڏک ٿيو هو ۽ مون ان ڏينهن کان زور شور سان ٻارن جا رساال پڙهڻ ۽ پڙهي دل سان هنڊائڻ شروع
ڪيا آهن( .اڳ فقط سرسري پڙهندو هوس).
الء ٻارن جي هڪ رسالي مان هاٿي َء تي مضمون حفظ يعني ياد ڪري ٻارن روڪائڻ واري مهم ۾ نوڪري هٿ ڪرڻ ِ
رهيو هوس ،جو ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو .منهن ورائي ڏٺم ،مائيڪل بيٺو هو ۽ چئينگم (سنڌي َء ۾ چيغم) چٻاڙي
رهيو هو.
مائيڪل سولجر بازار جي ڪرستان ٻارن جو داداگير آهي ،۽ سڄو ڏينهن گهٽين ۾ سائيڪل هالئيندو آهي.
چيائين( “That lousy woman wants to see you” ،هو َء ڇسي عورت توسان ملڻ چاهي ٿي“).
”( Don’t be Sillyواهيات نه ٿي“).
”( I am sorry, chumمون کي افسوس آهي ،يار“).
زرينه جو نياپو کڻي آيو هو .دل عشق ۽ انٽرويو جي وچ ۾ گهڙيال جي لڏڪڻي وانگر لڏڻ لڳي .ٻارن جا رساال شيلف تي
رکي ڇڏيم.
مائيڪل پڇيو“Why don’t you are read comics?” ،
ٻڌايومانس ته مون انٽرويو جي تياري پئي ڪئي ،نه ڪي لطيفا پئي پڙهيم.
مائيڪل کي منهنجي ڳاله سمجه ۾ نه آئي .ان جو اظهار انگريز ايڪٽرن وانگر ڪلها لوڏي ڪيائين.
مائيڪل هليو ويو.
مون کڏي َء جي پوئين دري َء مان ٻاهر نهاريو ،جتان پيڊرو ڊسوزا روڊ جي پوئين پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آهي.
اسان جي کڏي َء جي سامهون جيڪب آباد جي هڪ ڪراڙي زميندار جو بنگلو آهي .پاڻ سال ۾ فقط آگسٽ جو مهينو گذارڻ
ايندو آهي .باقي يارهن مهينا بنگلي ۾ سندس دوست ،سرڪاري آفيسر ۽ پوليس وارا شراب پيئندا ،جوئا ڪندا ،۽ پيشو
ڪرائيندڙ عورتون آڻيندا آهن.
زميندار سٺ سالن جو آهي ۽ وارن ،مڇن ۽ ڏاڙهي َء کي ’جوڪر ڇاپ‘ خضاب لڳائي ،قدرت کي شه ڏيندو آهي .سندس
زال ،زرينه ،سورهن سالن جي آهي ۽ سانوري ۽ سهڻي آهي.
الء سوسائٽي َء جي اڏن ۽ ڪراچي َء جي مهذب ۽ فيشن ايبل
سنڌي زميندار صاحب جڏهن حڪيمن جا نسخا ۽ ڪشتا آزمائڻ ِ
هوٽل ڏانهن هليو ويندو آهي ،تڏهن زرينه بنگلي جي پوئين پڌر ۾ اچي بيهندي آهي .ڏسي وٺانس ته دري َء مان اولڙا هڻانس،
نه ته هو َء پاڻ ئي مائيڪل هٿان نياپو ڪندي آهي ،مائيڪل کي سولجر بازار جي سڀني عاشقن جي خبر آهي ،ايتري قدر جو
کيس پنهنجن ٽن ڀينرن جي پندرهن عاشقن جي به خبر آهي .تنهن ڪري ،مائيڪل هٿان نياپو موڪلڻ ۾ زرينه حجاب نه
ڪندي آهي.
مائيڪل نياپو ڏيئي ،سائيڪل تي چڙهي هليو ويو .مان کڏي َء مان نڪري ،ڪٽهڙي وٽ آيس .ڌنو ،اسان جو يار ،محبت جو
ڊائالگ ياد ڪري رهيو هو.
ڌني کي ڳالهائڻ ۾ هٻڪ آهي .لفظ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو آهي .هڪ دفعي ڌنو هڪ ٽائيپسٽ ڇوڪري َء تي
عاشق ٿي پيو هو .رمل کيس چيو هو ته جڏهن ڇوڪري وٽانئس اچي لنگهي ،تڏهن هو جذباتي لهجي ۾ چئي وڃي ته’ ،مان
الء آگاه ڪيو هئائينس ،جيئن ته اڄڪله سينڊلن ۾ لوهي چنهنبائي کڙيون هونديون آهن ،تنهن
توسان محبت ڪيان ٿو‘ ۽ ان ِ
ڪري ڊائالگ چوڻ وقت ڌني کي مٿي تي پراڻو فوالدي ٽوپلو ،تئو يا ديڳڙو هئڻ گهرجي .ڌني جي ڀرسان لنگهي هئي،
پوء جڏهن ڇوڪري مممان تنتو تڏهن ڌني چوڻ شروع ڪيو هو ،ڌني کي ،رمل جي پهرين ڳاله سمجه ۾ آئي هئي ۽ ٻي نهِ .
سسان مححبت ڪڪڪيان ٿٿو .جيستائين ڌني ڊائالگ پورو ڪيو تيستائين ڇوڪري کانئس اڌ ميل کن پري هلي وئي هئي.
ان ڏينهن ڌني کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ۽ هن رات جي ماني نه کاڌي هئي (ٻئي ڏينهن صبح جو ڊبل نيرن ڪئي هئائين).
ان ڏينهن کان ڌنو واندڪائي َء جي وقت ڪو نه ڪو محبت جو ڊائالگ ياد ڪندو رهندو آهي .مان جڏهن ڪٽهڙي وٽان
لنگهيس تڏهن ڌنو ياد ڪري رهو هو” ،مممان مممحبت –“
”نه يار نه “،سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم” ،چئه ته ،مان ،منهنجي آرزو ،مان توسان محبت ڪيان ٿو ،تون منهنجو
روح ،منهنجي زندگي ،منهنجي ڪائنات آهين“.
ڌني منهن ورائي منهنجني اکين ۾ نهاريو .ڪجه چوڻ چاهيائين پر چئي نه سگهيو .تڏهن اوچتو سندس چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اکين
۾ پاڻي تري آيس.
ڏوري کي جهليندي ،دلداري ڏيندي چيومانس” ،دل نه اله ڌنا ،مان توکي محبت جا اهڙا اهڙا ته گر ڏسيندس جو چاالڪ
کان چاالڪ عورت به تنهنجي دام ۾ ڦاسي پوندي“.
رڌڻي جي جاري مان رمل پڇيو” ،ڪيڏانهن ٿو وڃين ڪاريگر؟“
”سرحد پار“.
”چڪن برياني ته ٺري ويندي“.
”اجهو ٿو موٽان“.
”ڏه منٽ؟“
”ها ،ڏه منٽ“.
کڏي َء مان نڪري پيڊرو ڊسوزا روڊ تي اچي بيٺس .روڊ مان ڦٽندڙ گهٽين ۾ مائيڪل پنهنجن ساٿين سميت سائيڪل هالئي
رهيو هو .پريان ئي هٿ لوڏيائين .رستو پار ڪندي هٿ لوڏي کيس جواب ڏنم.
زرينه پوئين در جي وٿي َء مان آهستي چيو” ،اال ڪيڏو نه سڪايو ٿئي“.
”سچ!“
”توهان ڪراچي َء وارا ڏاڍا سنگدل آهيو“.
”ڪراچي َء وارا! ٻيو ڪوبه آهي ڇا؟“
”ڏاڍو ڀورڙو ٿو ٿئين! شيطان“.
”شيطان سڏيو اٿئي ،تنهنڪري پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان“.
وٿي وڌائيندي چيائين” ،اندر اچ ته ڪو ڏسي نه وٺي“.
اندر ويس .هن در بند ڪري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو .منهن ورائي مون کي ڳراٽڙي پاتائين.
الء تو وٽ تر جيترو به قرب ڪونهي“.
چيائين” ،منهنجي قرب ِ
”آهي ،ڇو نه آهي!“
”ڪوڙا“.
هو َء مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي وئي .مون کي پلنگ تي ليٽائي ،پاڻ پاسي واري ڪمري ڏانهن هلي وئي.
پلنگ جي پاسي ۾ سائيڊ بورڊ رکيل هو ،جنهن تي ڪنهن ڪراڙي جي فريم ۾ جڙيل تصوير رکي هئي .هڪ نظر ۾ ڀانيم ته
منهنجي ڏاڏي جي تصوير هئي .پاسو ورائي غور سان تصوير ڏانهن ڏٺم .نه .تصوير منهنجي ڏاڏي جي نه ،پر زرينه جي
الء دوائن
زميندار مڙس جي هئي .تصوير جي پاسي ۾ ميڪ اپ جو سامان ۽ مردانه طاقت وڌائڻ ،پيدا ڪرڻ ۽ ديرپا جٽا َء ِ
جون ٻه چار شيشون رکيون هيون’ .بيمثال‘ ڪيپسولن جي شيشي کڻي استعمال ۽ ترڪيب جو اشتهار پڙهڻ لڳس .سوچيم،
سڀاڻي انٽرويو آهي ،متان ڪو مت جو ماريل ٺوڙهو ميمبر انهن ڪيپسولن جي باري ۾ سوال پڇي ويهي! هڪدم هٿ وڌائي
’سالجيت‘ گورين جي شيشي کڻي گورين جا حيرت انگيز ڪارناما پڙهڻ لڳس .زرينه ڪمري ۾ موٽي آئي .ان وقت مان
’نائيٽ پلز‘ جي تعريف پڙهيو رهو هوس ،جنهن تي آدمخور چيتي جي تصوير ٺهيل هئي .زرينه کان پڇيم” ،هي دوائن کائڻ
پوء ،ماڻهو انسان مان ڦري جانور ٿي پوندو آهي ڇا؟“
کان ِ
جهٽ ڏيئي شيشي منهنجي هٿ مان ڦري ورتائين .چيائين” ،توکي وري هنن ڪنين گورين جي ڪهڙي گهرج!“
الء وات کوليم ته هن هڪ گالب ڄمون منهنجي وات ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڀرسان ئي پلٿي ماري ،پلنگ تي چڙهي
جواب ڏيڻ ِ
ويٺي.
گالب ڄمون اڳري ،اوڳرائي ڏيئي ،نڙي صفا ڪندي چيم” ،تنهنجو مڙس منهنجي ڏاڏي جيڏو آهي“.
زرينه هڪ ٻيو لڏون منهنجي وات ۾ وجهندي وراڻيو” ،منهنجي گهر واري کي ٽين زال مان جيڪا ڌي َء آهي ،سا مون کان
وڏي آهي“.
لڏون کائي رهيو هيس ته هن حبشي حلوي جوٽڪر مون ڏانهن وڌايو .کيس منع ڪيم” ،نه نه ترس .اڄ اسان چڪن برياني
رڌي آهي .مان هي َء مٺائي پنهنجي کڏي َء ۾ کڻي ويندس ۽ وڃي دوستن سان کائيندس“.
هن حبشي حلوي جو ٽڪر مٺائي َء جي پيتي َء ۾ رکندي پڇيو” ،چڪن برياني ڇاهي؟“
”ڪڪڙ جو پال ُء“.
”ڪنهن رڌو آهي؟ تو؟“
”رمل“.
”اهو رمل ڪير آهي؟“
”رمل منهنجو سنگتي آهي ۽ ايندڙ آچر تي ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو؟“
”تپيدار نه ٿيندو؟“
”نه .کيس هڪ رات ۾ تاج محل ٺهرائڻ جي تمنا ناهي“.
هو َء منهنجي ڀر ۾ ليٽي پيئي ۽ آڱرين سان منهنجن وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ لڳي.
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون .کن رکي چيم” ،هن ڪمري ۾ ڇه دريون ،اٺ روشندان ،۽ ٻه در آهن .آهن نه؟“
”ڇو؟ ڀڄي ويندين ڇا؟“
”چري ،سڀاڻي مون کي انٽرويو ڏيڻو آهي “.وراڻيم” ،پنهنجي Observationيعني مشاهدي جو امتحان پئي ورتم“.
”اهو انٽريٽ ڇا آهي؟“
”ڪجه ٺوڙها ،پوڙها ،۽ سياڻا ماڻهو ،بيروزگار ،بيوقوف ۽ ڀوڪن کي نوڪري َء ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا
آهن .ان سموري َء جٺ کي انگريزي َء ۾ انٽرويو چئبو آهي“.
االء ڇا چئي وئين!“
”آئي مان مٺيس! ِ
”نه سمجهيئه؟“
”نه“.
”چڱو جو نه سمجهيئه “،وراڻيم” ،اها اسان جي ئي سمجهڻ جي ڳاله آهي“.
زرينه خاموش رهي .مون اکيون بند ڪري ڇڏيون .هو َء منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي.
پڇيومانس ،تنهنجو ڏاڏي جيڏو مڙس ڪيڏانهن ويو؟“
خفي ٿيندي وراڻيائين” ،مون کي گنهگار ته نه ڪر“.
”۽ هي جو مان توسان گڏ سمهيو پيو آهيان سو ڄڻ –“
هن مون کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيائين.
ڪجه دير رکي ،گهٽيل آواز ۾ چيائين” ،اسان سڀاڻي صبح جو جيڪب آباد موٽي وينداسين“.
”سڀاڻي صبح جو مون کي انٽرويو ڏيڻو آهي“.
پوء جهيڻي آواز ۾ ڳالهايائين” ،اسان ايندڙ اونهاري موٽي اينداسين .تون مون کي ڏاڍو ياد
ڪو وقت ٻئي خاموش رهياسينِ .
ايندين“.
هو َء اڳتي سري آئي ۽ پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيائين.
کانئس پڇيم ” ،جيڪب آباد ۾سڀ کان وڌيڪ گرمي ڪهڙي ڏينهن پئي هئي ۽ ان ڏينهن ٽمپريچر ڪيترو هو؟“
”ڏاڍي گرمي ته پوئين ٻڪر واري عيد ڏهاڙي پئي هئي “،هن وراڻيو” ،ان ڏينهن اسان جا ٻه ڪتا ۽ هڪ ڪڙمي ڪاٺيون
ڪندي مري ويا هئا .پر اهو مو ٽمپريچر ڇاهي؟“
معني بخار“.
ٰ ”ٽيمپريچر
”ان ڏينهن ڪنهن کي به بخار نه ٿيو هو“.
پوء هن ڪيتري َء دير تائين مون کي پنهنجين ٻانهن مان نه ڪڍيو .چيائين” ،تون گذريل سال کان ڏٻرو ٿي ويو آهين“.
ِ
وراڻيم” ،ڏٻرا ڍور ٿيندا آهن .مان ماڻهو آهيان ،ڳري ويو آهيان“.
”تون روز مکڻ ۽ بسري ڀوري کائيندو ڪر“.
”حاضر ،ٻيو ڪو حڪم“.
”ڪڪڙ ،تتر ۽ ڦاڙهي جو گوشت جام کائيندو ڪر“.
”ٻيو ڪجه؟“
چوندي رهي” ،توهان شهري ماڻهو ڊالڊو گيه کائيندا آهيو .تون نه کائيندو ڪر .تون سنڌ جو سچو گيه کائيندو ڪر.
”حاضر“.
اوچتو پڇيائين” ،مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟“
وساريندومانء“.
ِ پوء نه
”نوڪري ملي ويئي ته ِ
ٻاهرين در تي کڙڪو ٿيو.
هو َء ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي .چيائين” ،ڀايان ٿي هو اچي ويا آهن .تون وڃ“.
”مٺائي َء جو دٻو کڻي وڃان؟“
”ها “.سائيڊ بورڊ جي خاني مان نوٽن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وجهندي چيائين” ،جيئرا رهياسين ته ايندڙ سال
ملنداسين“.
”مان جيئرو هوندس .ان جي مونکي پڪ آهي .تون پنهنجو خيال ڪر “،وراڻيم” ،مصيبتون مون کي مرڻ نه ڏينديون“.
هو َء مون کي پڌر جي پوئين در تائين ڇڏڻ آئي .اکين ۾ آب هئس .چيائين” ،شل صوبيدار ٿئين“.
پوء ته مان تنهنجي مڙس جو سنگتي ٿي پوندس“.
”واهِ .
چيائين” ،اچ ته موڪاليون“.
موڪاليوسين .مون کيس پنهنجين ٻانهن ۾ کڻڻ چاهيو ،پر کڻي نه سگهيس .پڇيم” ،تنهنجو وزن اڍائي سؤ پائونڊ کن ته
ٿيندو؟“
االء ،پر ٽن مڻن کان مٿي نه ٿينديس “.هن مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيندي چيو.
” ِ
ڏجانء ،مون کي سڀاڻي انٽرويو ڏيڻو آهي“.
ِ چيم“ ،زور نه
زرينه مونکي پنهنجي ڀاڪر مان آزاد ڪيو .مان ڊوڙ پائي ،بلٽ کولي ،پيڊرو ڊسوزا روڊ تي وڃي بيٺس.
کڏي َء جي ڪٽهڙي وٽ ڌنو بيٺو هو ،۽ محبت جو ڊائالگ ياد ڪري رهيو هو .سندس کليل وات ۾ هڪ ڄمو وجهي ڇڏيم.
هو ڄمو چٻاڙڻ لڳو ۽ محبت جو ڊائالگ چوڻ ڇڏي ڏنائين .کيس ٻانهن کان ڇڪيندو کڏي َء ۾ وٺي آيس.
کڏي َء جي وچ ۾ فرش تي رمل تڏو وڇائي ويٺو هو .اڳيان چڪن برياني َء جو ديڳڙو ۽ خالي ٿاله هئس.
بک ۾ پاه پئي ٿيس .چيم” ،يار رمل ،سخت بک لڳي آهي“.
ملندء“.
ِ پوء مرغ برياني َء جو گره
وراڻيائين” ،اول ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڪڍِ ،
”ڇو؟ ڇا جا پئسا؟“
”واه پٽ ڪاريگر! ڇا جا پئسا!“ رمل نج شڪارپوري لهجي ۾ چيو” ،چمپل جا ،ٻيو وري ڇا جا ،ڀيٽو“.
”وٺ بابا وٺ ،مرين ڇو ٿو “،رمل کي ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڏنم.
پوء جڏهن دال – چانور ديڳڙي َء مان ڪڍي ٿاله ۾
رمل پيسا کيسي ۾ وجهي ،ديڳڙي جو ڍڪ الهي ڇڏيو .بکايل هئاسينِ .
وڌائين ،تڏهن ڪجه جهڪياسين ۽ گره مٿان گره کڻندا وياسين.
ڌرتي َء جي ڌوڙ ،آسمان جا تارا
منهنجا مائٽ هميشه منهنجي شڪايت ڪندا رهندا آهن .مان آهيان به اڻ گهڙيل ڪاٺ ،ڇيتن سان ڀريل .خاص ڪري جڏهن
کان بي .اي جي ڊگري ورتي اٿم ،تڏهن کان اسان جي گهر ۾ ٻائيتال متل آهي ۽ مون سان ويل.
مان عادتن ۽ افعالن ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان بلڪل مختلف آهيان .ان حقيقت جي شڪايت منهنجي ما ُء اڪثر پنهنجين
االء ڪنهن تي ويو آهي ،منهنجن چئني ٻارن کان بدليل آهي.
ساهيڙين ۽ پاڙيسري عورتن سان به ڪندي رهندي آهيِ ” ،
عزيز گزيٽيڊ آفيسر آهي .ڪريم ته ڏسنديئي ڏسندي دوائن جي ڪاروبار ۾ ڀڙ ٿي ويو آهي .بلقيس ڊاڪٽرياڻي ۽ نجمه
انگريزي َء جي ليڪچرار آهي ،پر هي آجو! چئي ٿو مان اڳتي پڙهندس ئي نه“.
االء ،ڪيئن ،ڪڪ ٿيندي ،ساه منجهائي ،بي .اي جو امتحان ڏنم .منهنجو والد صاحب وڏي اثر رسوخ وارو آهي. ِ
سفارشون هالئي سيڪنڊ ڪالس ۾ پاس ڪرايائين .بي .اي ڪيم ته سڀني زور رکيو ته علم سياست ۾ ايم .اي ڪيان ،پر
مون رکائي َء سان انڪار ڪري ڇڏيو اٿن.
منهنجي انڪار تي ادا طنز ڀريل مرڪ سان چيو هو” ،ڀوڪ“.
منهنجو وڏو ڀا ُء عزيز ،سماجي ڀالئي َء ۽ بهبودي َء واري کاتي ۾ وڏو آفيسر آهي .قدآور ،ٺاهوڪو ،ذهين ۽ کل مک جوان
آهي .ج يستائين شادي نه ڪئي هئائين ،تيستائين ڪلبن جو روح روان هوندو هو .ڪلبن جون ڇوڪريون به مٿس جان
ڏينديون هيون .ڪڏهن ڪڏهن موقعو ملندو هئس ته بابا جي ڪار ۾ ڪنهن ڇوڪري َء کي ساڻ ڪري ،هاڪس بي تي رات
گذاري ايندو هو .هينئر شادي ڪئي اٿائين ۽ پنهنجين چنچل سالين جي اردلي َء ۾ آهي .سندس سهرو هڪ ڪارخاني جو
جنرل مئنيجر آهي.
ادا جون ساليون سينٽ جوزف ڪاليج ۾ پڙهنديون آهن .مان ته کين وڻان ئي ڪين .هڪڙي ڏينهن بنگلي جي الن تي کين
ڳالهيون ڪندي ٻڌو هئم.
”آجو! اف ڀوڪ“.
”بلڪل گدلو آهي“.
”عزيز ۽ ڪريم ڪهڙا نه Handsomeآهن“.
”۽ نجمه ته هن سڄي گهر ۾ بيحد ذهين آهي“.
”ڪهاڻيون به ته ڏاڍيون سهڻيون لکندي آهي!“
منهنجي ڀيڻ نجمه ،جنهن انگريزي َء ۾ ايم .اي ڪئي آهي ،سا ڪهاڻيون به لکندي آهي .سندس افسانا سنڌي ۽ اڙدو رسالن ۾
پوء کيس پنج اٺ عاشقاڻا خط ملندا آهن .اهڙا
شايع ٿيندا آهن .افسانن سان گڏ پنهنجو فوٽو به ڏيندي آهي .ڪهاڻي ڇپجڻ کان ِ
الء چوندي
خط پڙهندي ،مون اڪثر سندس منهن تي خوشي َء جي لهر ڊوڙندي ڏٺي آهي ،پر مصنوعي غصو ظاهر ڪرڻ ِ
آهي .“Silly” ،بابا کي جڏهن اهڙا خط ڏيکاريندي آهي ،ته بابا وراڻيندو آهي” ،اسان کي يورپ ۾ رهڻ گهربو هو .هتان جا
کانپوء بابا اڪثر پائيپ جو لمبو ڪش هڻي ،پنهنجي قديم آرام ڪرسي َء تي ليٽي
ِ ماڻهو جاهل آهن “.اهڙين ڳالهين ڪرڻ
پوندو آهي” ،ڇا ته ڏينهن هوندا هئا!“ بابا جو مخصوص جملو آهي.
بابا انگريزن جي ڏاڍي خدمت ڪئي آهي .جڏهن هر طرف انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ جون تحريڪون جاري
هيون ،۽ جڏهن ملڪ ۾ آزادي َء جي هلچل متل هئي ،تڏهن بابا لڪ چوري َء تحريڪ جي بانين جا ناال انگريزن کي
الء جدوجهد ڪندڙ رضاڪارن سان شامل ٿي ،سندن راز معلوم ڪري انگريزن کي ٻڌائيندو هو. پهچائيندو هو .آزادي َء ِ
انگريز سندس وفاداري ۽ اڻٿڪ ڪوششن مان خوش ٿيا .کيس خانبهادر جو لقب عطا ڪيائيون ۽ سنڌ جي هڪ زرخيز
عالئقي ۾ ٽي سؤ ايڪڙ زمين به بخشش ڪيائون .سندس خانبهادري َء جي سند اسان جي ڊرائينگ روم ۾ لڳل آهي.
پوء اڳتي پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ،تڏهن بابا مون کي پاڻ وٽ گهرايو .اولمون جڏهن بي .اي جي ڊگري وٺڻ کان ِ
الء
دڙڪا ڏنائين ،ڌمڪايائين ،پر جڏهن ڪاوڙ مان کڙ تيل نه نڪتو ،تڏهن هڪدم لهجو بدليندي چيائين” ،ڀال سي .ايس .پي ِ
تياري ڪر .ڪجه ميمبر منهنجا واقف آهن ،ڪم ٺهي پوندو“.
مون وراڻيو” ،مان ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو آهيان“.
”? “Whatبابا ذري گهٽ رڙ ڪئي” ،آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاهين؟“
”مون کي سوچڻ جي مهلت ڏيو “،جواب ڏنم.
الء مهلت ٿو گهرين!“ بابا ڪاوڙ مان اٿي
”هي رفتار ۽ ترقي َء جو دور آهي .دنيا تيزي َء سان وڌي رهي آهي ۽ تون سوچڻ ِ
بيٺو.
”راڪيٽ ،ميزائيل ،نيوڪليئر بم سڀ تيز رفتار آهن “،مون وراڻيو” ،دنيا ترقي ڪري رهي آهي ،پر مونکي سوچڻ جي
مهلت ڏيو “.مان ٻئي هٿ پت لون جي کيسن ۾ وجهي ،بابا جي ڪمري مان نڪري آيس .پٺيان سندس رڙ ٻڌم” ،نجمه! آجو
سمجهاء“.
ِ ڀوڪ کي
نجمه مون کان سخت نفرت ڪندي آهي .مان کانئس ننڍو آهيان ،ان ڪري ڇڙٻ به ٻڌڻي پوندي اٿم .منهنجا ميرا ڪپڙا ،اڻڀا
وار ۽ وڌيل ڏاڙهي ڏسي چوندي آهي” ،تون اسان جي خاندان تي بدنما داغ آهين “.مان کيس جواب نه ڏيندو آهيان .خانداني
برتري َء جو وڏو احساس اٿس .روزانو ڪڏهن ساڙهي ،ڪڏهن غرارو ۽ ڪڏهن سلوار قميص پائي ڪاليج پڙهائڻ ويندي
آهي .پر شام جو ڪلب وڃڻ وقت اهو معمول اٿس ،ته ٻانهن بنا بالئوز پائيندي ۽ شوخ رنگ جي ساڙهي ويڙهيندي آهي.
ک يس پينسل هيل جا سينڊل پسند آهن .فخر سان ٻڌائيندي آهي ،ته مشهور آمريڪي نچڻو ايڪٽر ايلوس پريسلي سندس قلمي
دوست آهي .کيس اسان جي خاندان ۾ سڀ کان ذهين ،نفيس ۽ مهذب سمجهيو ويندو آهي.
بابا جي آواز تي مون کي سمجهائڻ آئي” ،آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاهين؟“
”ڪجه به نه“.
”ڪجه به نه!“ نجمه غصو دٻائيندي چيو” ،سوچ ته سهي آجو ،ته تون ڪيڏي نه وڏي خاندان جو فرد آهين! عزيز ڀائيجان
الء مٿاهون مقام حاصل ڪيو اٿائون .بلقيس آپا ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ مان“-
۽ ڪريم ڀائيجان ڏانهن ڏس ،ڪيئن نه پنهنجي ِ
نجمه پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڪيٻايو ۽ مون سندس جملو پورو ڪيو” .۽ تون انگريزي َء جي ليڪچرار ،ايلوس پريسلي َء
جي دوست ۽ مشهور افسانه نگار آهين“.
نجمه کي اتي ئي ڇڏي مان ٻاهر نڪري آيس( .جڏهن انگريز آقا هئا ۽ اسان غالم تڏهن اسان جي گهر ۾ بابا کي ڊيڊي ۽ امان
کي ممي سڏيو ويندوهو .اسين ٻار هئاسي ،تنهن ڪري اسان کي ڪڊيز سڏيو ويندو هو .هللا ڪيو ،انگريز ويو .هينئر اسان
جي گهر ۾ بابا کي ابو ،امان کي امي ،ادا کي ڀائيجان ۽ ادي َء کي آپا سڏيو ويندو آهي).
الء
منهنجي وڏي ڀيڻ بلقيس ڊاڪٽرياڻي آهي .اسپتال وڪٽوريا روڊ تي اٿس .اڃا تائين شادي ڪانه ٿي اٿس .امان شادي َء ِ
چيو هئس ته وراڻيو هئائين” ،مان انسانن جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي .في الحال شادي َء جو ارادو ڪونهيم“.
هو َء سچ پچ انسانن جي خذمت ڪندي آهي .ڪارخانيدارن ،زميندارن ۽ ڪامورن جون زالون وٽس اينديون آهن .صالح
مشوري جي في فقط سٺ رپيا وٺندي آهي .هڪ دفعو سندس ڪراڙي ۽ ضعيف ماسترياڻي َء (جنهن کيس اسڪول ۾ پڙهايو
هو) کيس گهرايو ،پر ادي بلقيس انڪار ڪري ڇڏيو .امان سمجهايس ته وراڻيو هئائين” ،هيٺئين طبقي جي ماڻهن وٽ وڃڻ
سان اهميت ۽ قدر گهٽجي ويندو آهي“.
ان اصول تي هلندي ادي بلقيس بيحد مشهور ٿي ويئي آهي .الهور ،راولپنڊي ۽ ڍاڪا کان وڏن وڏن سيٺين جون عورتون
الء وٽس اينديون آهن .اهڙين عورتن کي فقط ٽي بيماريون ٿينديون آهن :ٿوله ،ٿڪ ۽ مٿي جي ڦيري.
عالج ڪرائڻ ِ
ادي بلقيس به مون کي سمجهايو” ،آجو! آخر ڪجه ته ڪرڻو اٿئي“.
”ڪجه به نه“.
”پنهنجن ڀائرن ڏانهن ته ڏس! عزيز ڪاليج جو بهترين ڊبيٽر هو“.
”پر انعام ڪڏهن به نه مليس “،مون رکائي َء سان وراڻيو.
ادي بلقيس سياڻي سياستدان وانگر منهنجو جملو نظر انداز ڪندي چوندي رهي” ،ڪريم ڪاليج جو ڪرڪيٽ ڪيپٽن
هو“.
”پر ڪڏهن ڏه رنس به ڪري نه سگهيو“.
مان خاموش طبع آهيان .جيستائين بيحد خفي نه ٿيان ،جواب نه ڏيندو آهيان .منهنجي جواب تي ادي بلقيس باه ٿي ويئي.
مان دري ٽپي ،باغ مان مالٽو پٽي ،چوسيندو ٻاهر هليو ويس.
بنگلي جي در وٽ ڪريم مليو .پنهنجي ڪنور ٽيبل موٽر مان لٿو هو .گڏ هڪ سينگاريل ڇوڪري به هئس .مون تي نظر
پوء ٽهڪ ڏيئي کلي
پيس ته ڇوڪري َء کي آهستگي َء سان ڪجه چيائين .ڇوڪري َء اول مون ڏانهن حقارت مان ڏٺو ۽ ِ
پيئي .ڪريم اڳتي ايندي چيو” ،يار ،سستي ڇڏ ،اڳتي پڙه ،يا بزنس ۾ له“.
”ٻئي ڪم مون کان نه ٿيندا“.
”ڇو؟“
االء“.
” ِ
”۽ جي ابو تنهنجو خرچ بند ڪري ڇڏي ته؟“
هن جي سوال ۾ ٺٺولي هئي .کيس جواب نه ڏنم ،نم جي سڪل پنن کي لتاڙيندو ٻاهر هليو ويس.
ڪريم ،عزيز کان ننڍو آهي .ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي بابا بي .اِي ڪرايس .انجنيئر ٿيو .ٻه ٽي سال نوڪري ڪيائين ،۽ ان عرصي
پوء نوڪري ڇڏي ڏنائين. ۾ سيمنٽ جون ڳوڻيون ۽ لوه وڪڻي ،۽ ٺيڪيدارن سان ٺهي خوب دولت هٿ ڪري ورتائين ۽ ِ
بابا درآمدي واپار جو ليسن وٺي ڏنس .جنهن تي انگريزي دوائون گهرائي وڪڻندو آهي .سچ پچ ته ڌنڌي جو ڏاڍو ڏان ُء اٿس.
ضرورت ۾ دوائون لڪائي ڇڏيندو آهي ۽ بليڪ ۾ وڪڻندو آهي .اڄ لکين رپيا بينڪ ۾ اٿس.
پوء ڇا ڪيان؟ پڙهڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي .بلڪل جڏو آهيان .جيڪڏهن مون کي پڻ سمجه ۾ نٿو اچي ته بي .اي کان ِ
حالتون سازگ ار نه هجن ها ،ته هوند ميٽرڪ به نه ڪري سگهان ها .ڪاليج سان ڪابه دلچسپي نه اٿم .۽ نه آهيان رانديگر
االء ڪيئن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندا
۽ نه ئي بحث مباحثن ۾ ڳالهائي ڄاڻان .خاص ڪري ڪلبن سان ته ازلي وير اٿم .ماڻهو ِ
آهن .مون کان ته ڪارڊ تي ٽي سٽون به نه لکجنديون آهن .ڏسندو هئس ته منهنجا ڪاليجي اديب ،ڪالس بدران ڪينٽين ۾
ويٺا هوندا هئا .ڪتابن جي ڀري بغل ۾ ،وار وکريل ،اکيون مصنوعي اداس ،ڏاڙهي وڌيل ،۽ ڪن ۾ سڙيل سگريٽن جا ٽوٽا
رکي پنهنجي اديب هئڻ جي ڇاپ هڻندا وتندا هئا .چڱي خاصي ٽريجڊي َء جي ايڪٽنگ ڪري ڄاڻن .سندن صورتون ڏسي
پوء يونيورسٽي َء ۾ قدم رکڻ تي دل نه ٿي تئيم.
مون ڪينٽين ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو هو .ڪاليج جي تلخ ۽ ٻسي تجربي کان ِ
شام جو گهر موٽيس ته امان وڏي واڪي پاڙيسري عورتن سان پئي ڳالهايو .جيڪي خوشي ۽ غمي َء ۾ امان کي اڳڀرو
ڪنديون آهن .جيستائين بابا کي خانبهادري َء جو لقب نه مليو هو ۽ نه ئي انگريز سرڪار طرفان کيس جاگير عطا ٿي هئي،
تيستائين امان کي اهڙي اهميت نه ملندي هئي .اڄڪله پاڙي جا جهيڙا جهٽا ،ڏيتي ليتي ،شاديون ،مڱڻا امان جي صالح سان
الء ٻه سنڌي اخبارون اسان جي گهر ۾ اينديون آهن .ڏسندي ئي ڏسندي ،سياست ۾ اهڙي ته ماهر ٿيٿيندا آهن .خاص امان ِ
ويئي آهي ،جو گهر ۾ به ملڪي مسئلن تي ڳالهائيندي رهندي آهي.
عورتن کان جند ڇڏائي امان مون وٽ آئي .چيائين” ،ابا ،مان تنهنجي ما ُء آهيان .مون کي نه ٻڌائيندين ته تون ڪرڻ ڇا ٿو
چاهين؟“
”ڪجه به نه“.
الء توکي ٻاهر موڪليون“.
اعلي تعليم ِ
ٰ ”ائين ڪيئن ٿيندو! چئه ته
”مان ٻاهر نه ويندس“.
”ته آخر ڇا ڪندين؟“
”خدارا منهنجي جند ڇڏيو .مان ڪجه نه ڪندس“.
”پي ُء جي عزت جو به خيال ڪونهي ئي!“
ان وقت مون امان کي جواب نه ڏنو .خاموش رهيس .رات جي ماني َء تي سڀ قهر آلود نگاهن سان مون کي گهوري رهيا
هئا .بابا ٽماٽن جي سوپ مان چمچو ڀريندي چيو” ،آجو ،تون ٻار ناهين ،وڏي پي ُء جو پٽ آهين .توکي وڏو ماڻهو ٿيڻو آهي“.
منهنجو ڪنڌ جهڪيل رهيو ۽ بابا ڳالهائيندو رهيو.
ڏيانء ،لکين روپيا ڪمائيندين“.
ِ ”بزنس ڪرين ته اڄ ئي پرڏيهي واپار جو ليسن وٺي
ڏيونء .ريس ڪورس تي وڏن ماڻهن سان ملندو به
ِ امان پڻ وچ ۾ ڳالهايو” ،يا ،جي چوين ته ڏه ٻارهن ريس جا گهوڙا وٺي
رهندين ۽ ڪمائيندين به خوب!“
مون آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪيو ،سڀني جا چهرا ڏٺم .اکين مان ڄڻ شعال پئي نڪتن .جواب کان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي
پيئي.
وراڻيم” ،مون کي زمين وٺي ڏيو“.
”خوب! واه جي ڳاله ڪئي اٿئي! مان سڀاڻي ئي براج جي زرخيز حصي ۾ توکي پنج سئو ايڪڙ االٽ ڪرائي ٿو ڏيان.
ملندء“.
ِ ڦٽيون چاندي اٿئي ۽ ڪڻڪ سون .۽ ان ايراضي َء ۾ هاري به سستا
ڪريم چيو” ،اهڙي بهترين رٿ ته توکي اڳ ئي ٻڌائڻ گهربي هئي“.
مون آهستگي َء سان وراڻيو” ،مان زمينداري نه ڪندس“.
”اڙي هينئر جو چيئه ته توکي زمين خريدي ڏيئون؟“ عزيز ڪاوڙ منجهان چيو.
الء نه “،جواب ڏنم” ،مون کي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو ،مان پاڻ هر هالئيندس،
الء چيو هو ،پنج سئو ايڪڙن ِ
”مون زمين ِ
مان هاري ٿيندس“.
”ڀوڪ “،نجمه چيو ،۽ چمچو سوپ جي پليٽ ۾ اڇالئي هلي ويئي .بلقيس چيو” ،آجو دماغي مريض آهي“.
ڪريم رڙ ڪندي چيو” ،لعنت آهي اهڙي ڀا ُء تي جيڪو خانداني ترقي َء ۾ هٿ نه ونڊائي“.
”ڇا ته ڏينهن هئا!“ بابا پنهنجي سند ڏانهن ڏسندي چيو.
کانپوء سڄي ڪمري ۾ مان اڪيلو رهجي ويس.
ِ سڀ آهستي آهستي ڪرسين تان اٿندا ويا ۽ ٿوري دير
Posted by wahabsahito at 9:50 AM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
۾ هن ڄار
هن ڄار ۾
کير جهڙي انگريزياڻي ٽپ ڏيئي جيپ جي اڳين سيٽ تي علي َء جي ڀرسان چڙهي ويٺي .علي َء منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
اکين ۾ شرارت هئس .چاٻي ڦيرائي جيپ جي مشين مان زوڪاٽ ڪڍيائين .گير وجهي ،اوچتو کاٻو پير ڪلچ تان کنيائين ته
جيپ سٽ ڏيئي حرڪت ۾ آئي .علي مهارت سان اسٽيشن جي ٽانگن کان جيپ بچائيندو ،روهڙي شهر ڏانهن ڦري ويو.
اسٽيشن روڊ جي الهي لهندي پڇيائين ،ڪيئن ٿو ڀائين شيخ“.
”اڄ جهڙي رات جنت ۾ به نه گذاريندين“.
مون انگريزياڻي َء ڏانهن ڏسندي ٽهڪ ڏنو .هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو .سمجهائين ڪجه به نه ،پر تڏهن به منهن تي
مرڪ مڙي آيس .علي َء انگريزي َء ۾ ڪجه چيس ،جنهن تي هن به ٽهڪ ڏنو .ان ڏينهن زندگي َء ۾ پهريون دفعو ديسي ۽
واليتي ٽهڪ ۾ فرق محسوس ڪيم .علي ساڻس ڳالهائيندو به رهيو ۽ هوشياري َء سان روهڙي َء جي سوڙهين سڙڪن تان
جيپ به هالئيندو رهيو.
علي به واه جو جوان مڙس آهي! سنڌي هجن ته اهڙا! حيدرآباد کان موٽندي روهڙي اسٽيشن تي انگريزياڻي َء کي ڏسڻ
پوء ير حيف آ اسان جي مڙسي َء تي“.
شرط چيو هئائين” ،شيخ ،جي هن کي هٿ نه ڪيوسين ،ته ِ
”وارو ڪر علي .هي شڪار ماريئه ته ڄڻ ٻئي جهان کٽيئه“.
”تون اتي ئي ترس ،مان اجهو ٿو ڪوڙڪي ۾ آڻيانس“.
ڪجانء علي ،پليٽ فارم تي سپاهي ٿا گهمن“.
ِ ”تڪڙ نه
”سپاهي پنهنجا سنگتي آهن ،تون فڪر نه ڪر شيخ“.
سنڌي زميندارن وانگر فل سوٽ پائيندو آهيان ،پر انگريزي َء جو اکر به نه ڄاڻان ،مان اتي ئي ترسيس .علي َء انگريزياڻي َء
ڏانهن وڌي ويو.
هو َء ڏاڪڻ وٽ سامان رکي ايندڙ ويندڙ سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي .پر سنڌي سٻاجهڙا ڀال انگريزي َء مان
الء آسماني رنگ جو ڇا ڄاڻن! لڳس گهورڻ .کيس الفي َء جهڙو ويڪرو ،بنا ٻانهن چولو پيو هو .وارن کي جائيتو رکڻ ِ
سنهڙو رومال ٻڌو هئائين .پيرن ۾ چهنبائي کڙي َء سان چمپل هئس .نيري َء چولي َء مان ،جنهن جو نالو علي َء سئڪ ٻڌايو
هو ،س ندس ڀريل پنيون اس ۾ جرڪي رهيون هيون .لسيون لسيون بلوري ٻانهون چيله تي رکي بيٺي هئي .کانئس وڌيڪ
ڀرپور ۽ سنگ مرمر جهڙي عورت مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.
سنڌ آهي انبن ،کارڪن ۽ ڦٽين جو ملڪ ،هتي ست مهينا هلن جهوال ،لڪ لهسائي ۽ بڊو باه لڳائي .اسان جي عورتن مان
پوء ڀال ڪيئن اسان جي پنهنجين سنڌي عورتن ۾ اک ٻڏي!
بوء ۽ ڇيڻن جي ڌپِ .
اچي پگهر جي ِ
مان انگريز عورت جون ٽنگون گهوريندو رهيس ۽ مڇ مروڙيندو ريس .مان سنڌ جو وڏو زميندار آهيان .وڏي رهائي َء وارو
آهيان ،ان ڪري مڇ به وڏي رکندو آهيان .ٻه سنڌي انگريزياڻي َء کي گهوريندا ،منهنجي ڀرسان اچي لنگهيا .هڪ
چيو” ،بلي بلي ،زائڦان آهي ،ڪي انگريزي فلمن جي هيرائن!“
هو َء هئي به اهڙي؛ ناريل جي ڳر جهڙي .خدا کيس جبلن جي برف جهڙو حسن ۽ رنگ روپ ڏنو هو .کيس ڄڻ ته مالئي
مکڻ سان ٺاهيو هئائين .سندس ڏورا ڏسي نصرپور جا پيڙا ياد آيم .علي مڙسي نه ڪري ها ،ته جيڪر سڄي عمر پڇتائيندو
رهان ها.
علي آهي دلير جوان .ان سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪندو آهي ،جنهن جو ٻيو نالو هـذا من فضل ربي آهي .شوقين مڙس
آهي .مرن ۽ عورتن جي شڪار جو ماهر آهي .مرن کي سڌو سنئون گولين سان ماريندو آهي ،۽ عورتن کي اٽڪلن جي
بندوق ۾ دولت جا ڪارتوس ڀري ماريندو آهي .دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۽ ذات پات جي عورت نه ڇڏي اٿائين .ان ڳاله تي
الء پيدا ٿيا آهيون‘.
فخر اٿس .اڪثر چوندو آهي’ ،اسان سنڌي دنيا جي عورتن کي آزمائڻ ِ
پوء هٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين .وک وڌايم .رن جي چمڙي َء
علي ڪجه دير عورت سان ڳالهائيندو رهيو ۽ ِ
جو چلڪو ڏسي ،دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم .ويجهو وڃي پڇيومانس” ،گٿو آهين ڇا؟“
”اهڙي بددعا ته نه ڪر يار “.علي َء وراڻيو” ،چئي ٿي ،انگليڊ کان آئي آهي“.
”سنڌ گهمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.
”ها ،موهن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آهي“.
”چري ته ناهي؟ ڀال موهن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آهي! ڊٺل شهر ،ڀينگ ،پڪ مغز خراب اٿس“.
” چئي ٿي ،ته موهن جو دڙو دنيا جي قديم تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهيو آهي ،ان ڪري کيس موهن جي دڙي سان انس
آهي“.
”رن کي پڪ سنڌ جي گرمي لڳي آهي“.
الء اسڪالر ملي اٿس“.
”نه يار ،آڪسفورڊ يونيورسٽي َء مان خاص ان ڪم ِ
”انگريز ڀوڪ هميشه کان چريا ،پيا ڀتر ٺڪر ميڙيندا“.
علي َء جواب نه ڏنو .عورت سان ڳالهائيندو رهيو.
روهڙي َء جي اسٽيشن سنڌ جي سڀني اسٽيشنن کان وڏي آهي .بيشمار مسافر لهن ۽ چڙهن .جيڪي لٿا ،اسان جي چؤگرد گڏ
ٿيندا ويا .واڇ گودو هڻي وين .غريب غربا هئا .علي َء کين ڇڙٻ ڏني :اڙي ٽرو ،پري ٿيو ،عمر ۾ عورت به نه ڏٺي اٿو،
پوء ٻن چئن پوليس وارن کي گهرائي ،سنڌين کي پڳن وارا ڏنڊا
وڃو وڃي سکر ۾ انگريزي فلم جو شو ڏسي سڪ الهيوِ .
کارايائين .تڏهن وڃي ڪا پيه پري ٿي.
جڏهن خلق ٽڙي پکڙي ويئي ،تڏهن علي َء چيو” ،شيخ ،روڊ سان موهن جي دڙي تائين وڃڻ ٿي چاهي“.
پوء هٻڪين ڇو ٿو؟ تنهنجي جيپ تيار آهي نه .نوڪرن ضرور آندي هوندي“.
”ته ِ
”ها ،ڏسين نٿو سامهون ڊرائيور بيٺو آهي“.
پوء چئينس ته اسان کيس ويران شهر ۾ پهچائينداسين“.
”ته ِ
علي َء انگريزي َء ۾ ڪجه چيس .هو َء ڪجه گهڙيون سوچيندي رهي .مان سندس ياقوتي چپ ڏسي ،جي -بي منگهارام جا
کٽمٺڙا ياد ڪرڻ لڳس .ٻه چار گهڙيون خاموش رهي ،انگريزي َء ۾ ڪجه چيائين ،ته علي َء جي منهن تي رونق ڦهلجي
الء تيار آهي .اسان جا ٿورا مڃيا اٿائين“.
ويئي .چيائين” ،شيخ هلڻ ِ
مون مولى جا لک شڪرانا بجا آندا ،جو مرشد جي مهر سان مکڻ مالئي َء جهڙي انگريزياڻي اسان کي مال غنيمت ۾ ڏنائين.
مرشد سائين اهڙن ڪمن ۾ هميشه منهنجي مدد ڪئي آهي .دل مان دعا نڪتي .شل سدائين جيئن سنڌ جا مرشد سڳورا.
انگريزياڻي َء وٽ ڪپڙن لٽن جي پيٽين کان وڌيڪ ڪتاب ۽ نقشا هئا .علي َء پنهنجن نوڪرن کي سامان کڻڻ ال ِء چيو.
نوڪر سامان مٿي تي رکي ،اسان کان اڳڀرو هلڻ لڳا .پليٽ فارم جي مٿان پل تان لنگهندي انگريزياڻي َء علي َء کان ڪجه
پڇيو .جواب ۾ علي َء پنهنجو نالو ،۽ سنڌ جو نالو کنيو .ان مان سمجهيم ته هن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي هئي .عورت سندس
نالو دهرائيندي علي ۽ محمد جا ناال کڻي ڪجه دير تائين ڳالهائيندي رهي .جواب ۾ علي به چڱي دير ڳالهائيندو رهيو .مون
کان رهيو نه ٿيو .علي َء کان ٺونٺ هڻندي پڇيم” ،هي َء ڪافرياڻي هللا ۽ رسول جا ناال ٿي کڻي ،اهو ڪم ٺهي ٿو؟“
پوء سندن وفات بعد هو خليفو ڇو نه ٿيو؟
علي َء وراڻيو” ،پڇيائين پئي ته حضرت علي حضرت ' جن جو سوٽ هو ته ِ
”مار! ڪافرياڻي َء کي اسالم جي واه جي ڄاڻ آهي“.
”مون وراڻيس ته اسالم جمهوريت جو حامي آهي“.
”واه جو جواب ڏنئيس“.
الء ٻه خونخوار جنگيون ڇو لڙيا هئا؟“
پوء حضرت علي ۽ امير معاويه خالفت ِ
”پر شيخ ،رن به آڙيڪاپ آهي .پڇيائين ،ته ِ
”يار هي َء ته بال آهي .شيطان جي زال آهي “،مون حيران ٿيندي چيو” ،تو ڪهڙو جواب ڏنس“.
” ٻڌايومانس ته مسلمان مختلف حصن ۾ ورهايل آهن ،جن مان هڪڙا آهن سني ۽ ٻيا شيعا .مان ان موضوع تي نه
ڳالهائيندس“.
”شاباس!“
پوء توهان مسلمان ٻاهتر فرقن ۾ ڇو ورهايل آهيو؟“
ِ هڪدم پڇيائين” ،اسالم جيڪڏهن ايڪائي ٿو سيکاري ته
”تو ڇا وراڻيس؟“
”جواب ڏنومانس ،اسان وٽ ان سوال جو جواب ڪونهي“.
مان علي َء سان ڳالهائي رهيو هوس ته هن مون ڏانهن اشارو ڪندي علي َء کان ڪجه پڇيو .علي َء کيس جواب ڏيئي ،مون
سان مخاطب ٿيو” ،تنهنجي باري ۾ پڇيائين ته ڪير آهي؟ ٻڌايومانس ته سنڌ جو مشهور زميندار آهين“.
”ٻي به ڪا ساراه ٻاراه ڪرينس ها“.
”چيومانس ته تون بيحد مهمان نواز آهين“.
”ٻيو ڪجه؟“
”هن رن کي اسان کان وڌيڪ سنڌ جي ڄاڻ آهي“.
”ڪيئن؟“
يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ،ته سنڌي مهمان نواز ،رحمدل ،سٻاجها ۽ امن پسند آهن“.
”ڀال پنهنجو نالو ٻڌايائين؟“
”ها ،نالو اٿس مارگريٽ“.
ڳالهيون ڪندا ،ڏاڪڻ لهي ،جيپ وٽ پهتاسين .نوڪرن سامان جيپ ۾ رکيو ۽ پري ٿي بيٺا .علي َء نوڪرن ۽ ڊرائيور کي
الء اڳين سيٽ تي ويٺو .مان پٺيان ويٺس ۽ مارگريٽ ٽپ ڏيئي علي َء جي
الء چيو ۽ پاڻ جيپ هالئڻ ِريل رستي سکر اچڻ ِ
ڀرسا ن ويهي رهي .اسان جنهن وقت روهڙي شهر ۾ داخل ٿياسين ،تنهن وقت سج آخري تجلو ڏيئي لينڊس ڊائونپل جي پويان
ٽٻي هڻي ويو .علي مارگريٽ سان ڳالهائيندو به رهيو ۽ هوشياري َء سان روهڙي َء جي سوڙهين گهٽين مان جيپ به هالئيندو
رهيو.
هن پڇيو ٿي ،۽ علي َء يا ته وراڻيو ٿي ،يا انڪار ۾ ڪلها لوڏيائين پئي .منهنجي پڇڻ تي علي َء وراڻيو” ،پڇي ٿي ته ساڳيو
شهر آهي نه ،جتان نوجوان عربي جنرل لنگهيو هو“.
”عربي جنرل! هتان ته جرمن -جپان واري جنگ جي ڏينهن ۾ انگريز سپاهي لنگهندا هئا“.
سوچيم ،ڇوري ضرورت کان وڌيڪ پڙهيل آهي ،تنهنڪري وڦلي ٿي .ماٺ ميٺ ۾ چوسول ٽپي منسپل جي زبون عمارت
وٽان ٿيندا ،بندر روڊ تي پهتاسين .روهڙي َء جو بندر روڊ سنڌو َء جي ڪناري تي آهي ۽ سنڌو َء جي ٻئي ڪناري تي آهي
الء چيو .علي َء هڪدم جيپ بيهاري ڇڏي. سکر .جڏهن حاجنا شاه پير وٽ جيپ پهتي ،ته هن علي َء کي جيپ بيهارڻ ِ
مارگريٽ پنهنجن نق شن مان هڪ نقشو ڪڍيو ۽ بايونٽ تي وڇائي غور سان جاچڻ لڳي .نقشي تي هڪ هنڌ ڳاڙهي پينسل
سان منڌيئڙو هڻندي ،اورنگزيب ۽ دارا جا ناال کڻندي ڪجه چئي ويئي .علي َء کان پڇيم ،ته هن وراڻيو” ،بکر جي قلعي نالي
چئي ٿي ،ته هي اهو قلعو آهي ،جنهن ۾ اورنگزيب پنهنجي وڏي ڀا ُء دارا کي سوگهو ڪري ،سندس کاڌي پيتي جا سمورا
رستا بند ڪري ڇڏيا هئا“.
”رن چري آهي“.
”يا اسان کي چريو ڪندي“.
” اهڙو واقعو اسان جي سامهون ته نه ٿيو هو ،باقي بکر جي قلعي ۾ شاه صدرالدين جي قبر آهي ،جتي الهور ۽ ڪراچي َء
جون فسٽ ڪالس ڪڃريون نچڻ ۽ ڳائڻ اينديون آهن“.
علي ۽ مان ايندڙ رات جي تات ۾ هئاسين .هو َء پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئي .ڪڏهن نقشي تي ڳاڙها نشان هنيائين پئي ،۽ ڪڏهن
کانپوء ،جڏهن سانجهي َء جا پاڇا هر طرف ڦهلجڻ لڳا ،تڏهن هن نقشا
ِ پنهنجي ڊائري َء ۾ نوٽ لکيائين ٿي .چڱي دير لکڻ
ويڙهيا ،ڊائري بند ڪئي ۽ موٽي اچي جيپ ۾ چڙهي ويٺي.
اسان اڳتي وڌياسين.
علي َء جيپ جو رخ پل واري سڙڪ ڏانهن نه ڦيرايو ۽ سڌو بندر روڊ ورتائين .ناڪي کان ٿيندا ،سيشن وٽان لنگهي ،ستين
جي آستان وٽ پهتاسين .علي َء مارگريٽ کي انگريزي َء ۾ ڪجه ٻڌايو .جيڪي ڪجه علي َء ٻڌايس ،ٻڌي اکين ۾ حيرت تري
آيس .پنهنجي ڪئميرا ۾ بلب اٽڪائي ،ستين جي آستان جا ٻه چار فوٽا ڪڍيائين .علي َء کان پڇيم ته ڇا ٻڌائيسين؟ هن وراڻيو،
الء
”ٻڌايومانس ته هي آستان انهن پاڪ دامن بيبين جو آخري آرام گاه آهي ،جن هڪ بدنيت ڪافر جي هٿ چراند کان بچڻ ِ
الء دعا گهري هئي .خدا سندن عرض اگهايو .جبل ڏري پيو ۽ نيڪ بيبيون خدا کان پنهنجي عزت ۽ عصمت جي حفاظت ِ
اتي ئي دفن ٿي ويون“.
”بيشڪ ،بيبين جي عزت هللا کي پياري آهي .سبحان هللا“.
مارگريٽ فوٽو ڪڍي چڪي ته علي اڳتي هليو .ستين جي آستان کان وٺي سکر بيراج تائين سڙڪ جي هڪ پاسي انبن ۽
کارڪن جا باغ آهن ۽ ٻئي پاسي سنڌو .سنڌو َء جي پرئين پاسي سکر آهي .ستين جي آستان وٽان ڦري ،بيراج جو رخ
ڪيوسين .هر طرف ذري گهٽ اونداه ڦهلجي چڪي هئي .سامهون سکر جي بندر ۽ گهرن جون بتيون روشن ٿي چڪيون
هيون .روشني َء جا ڪرڻا رنگا رنگي قطارن ۾ سنڌو َء جي لهرن تان موٽ کائي رهيا هئا .علي َء کي چيم” ،انگريزياڻي َء کي
سامهون وارو نظارو ڏيکار .ڀل ڏسي ته اسان جي سنڌ ڪهڙي نه سهڻي آهي .اجايو موهن جي دڙي ۾ ڌڪا کائڻ مان ڇا
ورندس!“
علي مارگريٽ کي ڪجه چيو .هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو .ٿورو مرڪيائين .سکر ڏانهن ڏسي علي َء کي ڪجه چيائين.
علي َء ترجمو ڪندي چيو” ،چئي ٿي جهڙي سونهن سنڌ جي ٻڌي هيم ،تهڙي ڏٺم“.
”ٻيو ڪجه به چيائين ڇا؟“
”چيائين ته توهان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مهمان نواز آهيو“.
مون ايندڙ ٽهڪ کي نڙي َء ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
مارگريٽ سکر بيراج ڏانهن اشارو ڪندي علي َء کان ڪجه پڇيو .علي سندس سوالن جا جواب ڏيندو رهيو .جڏهن بيراج
الء چيو .علي َء جيپ بيهاري ڇڏي .هو َء ٽپ ڏيئي هيٺ لٿي ۽ بيراج جي
جي اڌ وٽ پهتاسين ته هن علي َء کي جيپ بيهارڻ ِ
ٻني تي ٻانهون رکي مهراڻ جي مستي ڏسڻ لڳي .پاڻي لوهي درن سان وڙهندو جهڙندو ،لڙڪندو اڳتي ڌوڪيندي پئي ويو.
پوء جڏهن جيپ ۾ اچي ويٺا،
علي وڃي سندس ڀر ۾ بيٺو .مان جيپ ۾ ئي ويٺو رهيس .ٻئي ڄڻا ڳالهائيندا رهيا .ڪجه دير کان ِ
تڏهن علي َء کي چيم” ،اڙي ڀاڙي ،متان دغا ڪئي اٿئي“.
دلجاء ڪر شيخ “.علي َء وراڻيو” ،ونڊي ورهائي کائينداسين“.
ِ ”
”ڏاڍو سياڻو آهين ،علي“.
جيپ جڏهن بيراج کان نڪري سکر شهر جو رخ ڪيو ،تڏهن علي َء کان پڇيم” ،ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪيئه هن سان“.
”ڇوري َء جو مغز خراب آهي يار .چيائين پئي ته سنڌو ندي َء ۾ هماليه جي برف جو رجيل پاڻي آهي .جيئن هماليه بلند آهي،
تيئن سنڌين جا اخالق به بلند آهن“.
اسان ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن مرڪي نهاريو.
علي َء پڇيو” ،تنهنجي اوطاق ته واندي هوندي نه؟“
”ها ،واندي هوندي“.
”ڪو ڪامورو ترسيل ته نه هوندو؟“
”نه بابا نه ،سڀ ٻاهر ويل آهن“.
کانپوء مون کي چيو” ،تڪڙ چڱي نه هئي .زوري َء رات رهايونس ها ته گوڙ ڪري
ِ علي َء چڱي َء دير هن سان ڳالهائڻ
ها“.
پوء ڪيئن رات رهڻ تي راضي ڪئيسين؟“
” ِ
الء تيار آهيون .ورنه
”چيومانس ته موهن جي دڙي ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي رات جو ڦر ٿيندي آهي .چاهين ته اسان هلڻ ِ
الء حاضر آهي“.
شيخ جي اوطاق رات گذارڻ ِ
”واه جو اٽڪلي آهين ،علي ،ير توکي ته ڪو وڏو عملدار هئڻ گهربو هو“.
”هاڻي ڪنهن کان گهٽ آهيون ڇا؟“
علي شهر ۾ اندر نه هليو ،بيراج ڪالوني َء مان ڦري شڪارپور روڊ ورتائين.
ڀرڪڻ کان اورتي منهنجي زمين ۽ اوطاق آهي .تر جا وڏا وڏا عملدار منهنجي اوطاق تي رات ملهائيندا آهن .تنهن ڪري
صوبيدار سپاهي سڀ اسان سان ٺهيل آهن .اوطاق ۾ ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊا ُء ڪونهي.
علي َء جيپ آڻي اوطاق جي در ٻاهران بيهاري .نوڪر چاڪر ڊوڙندا آيا .مون سليمان کي ان ئي وقت ڪباب ۽ چاپون آڻڻ
الء چيم .ڀنگ ڇوري َء کي به پيئارڻي هئي ،تنهن ڪري ڀنگ ۾ ڦوٽا،
الء سکر روانو ڪيو .مٺي شيدي َء کي ڀنگ گهوٽڻ ِِ
خس خس باداميون ۽ مصري به وجهرايم .علي جيپ مان سامان الهرائي رهيو هو .مان اوطاق ۾ گهڙي ويس .پويون
الء ٺهرايل آهي ،تنهن ۾ صفائي ڪرائي ،پيٽروميڪس بتي ٻارائي ٻاهر آيس .علي ۽
ڪمرو ،جيڪو خاص اهڙن موقعن ِ
ڇوري َء کي ساڻ وٺي اندر ويس .ڪمري ۾ سنڌي سامان ڏسي ،مارگريٽ جي دلچسپي وڌي ويئي .پلنگ ڪشمور جي ماهر
واڍي ٺاهيو آهي .جنڊي َء جون ڪرسيون ۽ ڊريسنگ ٽيبل ڏسي ،هن علي َء کي انگريزي َء ۾ ڪجه چيو .علي َء مون کان
پڇيو” ،هن جنڊي َء جي ڪرسي َء جي قيمت ٿي پڇي“.
”پنجويهين جي آهي“.
علي َء کيس قيمت ٻڌائي .حيرت مان ڄڻ ڇرڪ ڀريائين .ڪجه چيائين ،علي َء ٻڌايو” ،چئي ٿي ته توهان وٽ آرٽ جو قدر ڪونهي“.
”ٻڌائينس ته اسان وٽ آرٽسٽ ئي ڪونهن .هجن ها ته قبرستان جي خاڪ اڏائن ها“.
اتي ئي بيٺا هئاسين ته مٺو شيدي ڀنگ جو جڳ ۽ ٽي گالس کڻي آيو .پهريون گالس ڀري مارگريٽ کي ڏنوسين .مٺاڻ ۽ ٿڌاڻ
ڪري پيئندي ويئي .اڌ گالس پي ،علي َء کان ڪجه پڇيائين.
”پڇي ٿي ته هي لذيذ شربت ڇاجو ٺهيل آهي“.
”ٻڌائينس ته هي َء درويشن جي ٻوٽي آهي“.
علي َء کيس ٻڌايو.
پوء سليمان ڪباب ۽ چاپون کڻي آيو .کائڻ جو مال
هن کي ڀنگ پيئاري اسان ٻاهر آياسين .هو َء ٻاهر نه آئي .ٿوري دير کان ِ
۽ ڀنگ جو ٻيو جڳ ڀرائي وري اندر وياسين .هو َء پنهنجي ڊائري َء ۾ ڪجه لکي رهي هئي .سامان ٽيبل تي رکائي ،کيس سڏ
ڪيوسين .هو َء آئي ۽ ڪرسي سوري ميز جي پاسي کلي ٿي ويٺي .علي َء ڪبابن جي ٿالهي ڏانهنس وڌائي .هن ڪباب جو
ٽڪر وات ۾ وجهي ،ڀنگ جو ڍڪ ڀريو .اکيون ڳاڙهيون هئس .پهرئين گالس جو اثر ظاهر ٿي رهيو هو .علي َء کي ڪجه
چيائين.
علي مون سان مخاطب ٿيو” ،ڀنگ لڳي اٿس .سمجهي ٿي سفر
آهيس“. رهي ٿي محسوس ڦيري ۾ مٿي ڪري ٿڪ جي
”ايتري ۾ ڍيري ٿيڻ نه ڏجانس ،ڳالهائيندو رهينس“.
علي ساڻس ڳالهائڻ لڳو ۽ گفتگو جو ترجمو مون کي ٻڌائيندو ويو .چيائين” ،مڱيل آهي ،سندس مڱيندو ٺونشيباز آهي“.
”ٺونشيباز!“
”ها Boxer ،آهي .هڪٻئي کي ڏاڍو چاهيندا آهن“.
”ٺونشيباز سان عشق ڪندي آهي؟“
”ها ،سندس مڱيندي جو سينو ٻائيتاليه انچ ويڪرو ،قد ساڍا ڇه فوٽ ۽ ٻانهن جو ڏورو سورهن انچ آهي“.
”ماڻهو آهي يا راڪاس“.
”راڪاس ٿو ڀانئجي“.
”اِجهو هت اچي ته نه نڪرندو؟“
علي َء کان ٽهڪ نڪرير ويو” .راڪاس انگلينڊ ۾ ٺونشيبازي ڪندو هوندو ،سندس پري اسان وٽ آهي“.
”ٻيو ڇا چيائين؟“
الء کيس
”سندس مڱيندي کيس آفريڪا وڃڻ جي اجازت نه ڏني هئي ،ڇو جو اتي جهنگلي ۽ وحشي رهندا آهن ۽ سنڌ ِ
خوشي َء سان موڪل ڏنائين“.
پوء نه علي َء ڳالهايو ،نه مون .هو َء ڪباب به کائيندي رهي ۽ ڀنگ جا ڍڪ به ڀريندي رهي .ڪباب
ايترو ڪجه ٻڌڻ کان ِ
الء هو ڀنگ جا ٻه گالس پي ويئي .خالي گالس ميز لذيذ هئا .مرچ به منجهن سرس هئا ،تنهن ڪري زبان ۽ وات کي ٺارڻ ِ
تي رکي ،هو َء پنهنجي پلنگ تي وڃي ليٽي .پرس مان هڪ گوري ڪڍي ڦڪيائين .علي َء کانئس گوري َء جي باري ۾ پڇيو.
هو َء جواب ڏيئي ،ڀت ڏانهن منهن ڪري ليٽي پئي .علي َء چيو” ،چئي ٿي ته ٿڪ سبب مٿي ۾ ڦيري محسوس ڪري رهي
آهيان“.
اسان ٻنهي مرڪيو.
اتان اٿياسين .چيم” ،ڀنگ گهڻن جي ڀينگ ڪئي آهي ،پر آهي درويشن جي ٻوٽي“.
ورانڊي ۾ پهتاسين ته علي َء چيو” ،شيخ ڀال ڪر بسم هللا“.
”اهڙي ڪا ٻي ڳاله“.
الء وڌيم .اللٽين جي
اسان ٻنهي ڪپڙا الهي ڪلي َء تي ٽنگيا .هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺوسين .پڌر واري دري بند ڪرڻ ِ
ميرانجهڙي روشني َء ۾ ڏٺم ته دري َء ٻاهران هڪ بکايل ڪتو منهنجي چوزي کي چٻاڙي رهيو هو .منهنجين اکين ۾ رت
لهي آيو .اتان ئي مٺي شيدي کي رڙ ڪيم” .اڙي شيدي ،بدبخت .ڪتي جي ايڏي مجال جو منهنجي چوزي کي ماري! اڙي
هڻينس بندوق ۽ اڦٽ ماري وجهينس“.
الء ڊوڙ پاتي.
شيدي َء بندوق کڻڻ ِ
اسان ٻئي رن جي ڪوٺي َء ڏانهن وڌياسين .در وٽ پهتاسين ته علي َء چيو” ،شيخ ،وارو ڪر .وڌي وڃي ٻک وجهينس“.
مان در جي وچ وڃي بيٺس .علي اوٽ ٿي بيٺو .مون وک اڃا مس وڌائي جو خاموش فضا ۾ ڪارتوس ڇٽڻ جا ٻه آواز ٿيا .هو َء
ڇرڪ ماري اٿي ويٺي .اکيون مهٽيندي در ڏانهن ڏٺائين .مون تي نظر پيس ،ته ذري گهٽ کانئس رڙ نڪري ويئي .هو َء پلنگ تي ڀت
ڏانهن سرڪندي ويئي .ڪاوڙيل لهجي ۾ ڪجه چوڻ لڳي .ڪجه به سمجهي نه سگهيس .پر محسوس ڪيم ته هو َء سنڌ تي ڇوه
ڇنڊي رهي هئي .علي َء کي سڏ ڪيم علي به منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو .علي َء کي به ساڳئي حال ۾ ڏسي رن کان دانهن نڪري ويئي.
علي َء کان پڇيم” ،اسان سنڌي آهيون ،گاريون برداشت نه ڪندا آهيون .رن گاريون ٿي ڏئي ڇا؟“
علي وراڻيو” ،پنهنجن پروفيسرن ۽ ڪتابن کي گاريون ٿي ڏئي“.
رن ڏانهن وڌندي چيم” ،ٻڌائينس ڇو نه ٿو علي ،ته هي َء سنڌ ،موهن جو دڙو ناهي“.
هو َء هيسيل هرڻي َء وانگر ڪنبڻ لڳي .ڊنل ڊنل نگاهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي .اوچتو ،ڇالنگ ماري وڃي سوگهو
ڪيومانس.
دل جي دنيا
پوء ٺونٺ هڻندي راجا کان پڇيو” ،مجنون به ڪنهن آفيس ۾ ڪالرڪ هو
ڏاند اول ڀت تي ٽنگيل پراڻي گهڙيال ڏانهن ڏٺو ۽ ِ
ڇا؟“
”انهن ڏينهن ۾ آفيسون نه ،گهوڙن جا تنبيال هوندا هئا “.راجا مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
پوء
”مجنون َء زندگي َء ۾ فقط هڪ گهوڙو ڏٺو ۽ تنهن کي به هاٿي سمجهي ڏڪي ويو هو “،ڏاند ڳالهائيندو رهيو” ،۽ ِ
ليلي بدران گهوڙ نظر ايندو هو“.
ڪيترين راتين تائين مجنون َء کي خواب ۾ ٰ
”ٺيڪ ٿو چوين ڏاند “،راجا جواب ڏنس” ،مجنون ذات جو جت هو ۽ اٺن اڳيان اگربتيون ٻاريندو هو“.
مون فائيلن جي چٻن ڦڏن لفظن تان نظرون هٽائي ڏاند ۽ راجا ڏانهن ڏٺو.
”تنهنجي ڳاله ناهي “،ڏاند چيو” ،تون جديد آهين ،اسين قديم مجنون َء جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون“.
”واهيات آهيو “،جڪ کائيندي چيم.
”شٽ – اپ “،ڏاند گهٽيل آواز ۾ دڙڪو ڏنو ۽ کيسي مان ڦڻي ڪڍي وار منهن ۾ وجهي ڇڏيائين.
هيڊ ڪالرڪ اسان ٽنهي ڏانهن گهور ڪري نهاريو ۽ کنگهي نڙي صاف ڪيائين .اسان ٽنهي نظرون فائيلن تي کپائي
ڇڏيون.
مون پراڻي گهڙيال ڏانهن ڏٺو .پنجن ۾ ٽيويه منٽ باقي هئا .اسان کي پنجين لڳي آفيس مان موڪل ملندي هئي .جنهن ڏينهن
منهنجو تمنا سان پروگرام هوندو هو ،تنهن ڏينهن شام جا پنج مون کان پنج ڪوه پري ٿي ويندا هئا .اِهي پويان ڪجه منٽ
ڪالڪ ٿي پوندا هئا .ڪالڪ ڏينهن ۾ ،ڏينهن هفتن ۾ ،هفتا مهينن ۾ ۽ مهينا سالن ۾ بدلجي ويندا هئا.
منهنجون نظرون گهڙيال جي پينڊيولم تي کتل هيون .ڪانٽا هڪ هنڌ بيٺل ڀانيم .دل چاهيو ته سڀني کان اک بچائي ننڍو
ڪانٽو پنجن تي وڏو ڪانٽو ٻارهن تي بيهاري ڇڏيان .پنهنجي ان احمقاڻي خيال تي دل ئي دل ۾ کلي ويٺس .شايد هڪ اداس
الء کيڏي ،موٽي ويئي هئي.
۽ ڦڪي مرڪ منهنجي منهن تي کن ِ
”گڊ -لڪ “،ڏاند منهنجو خيال پاڻ ڏانهن ڇڪايو .مان ساڻس اک مالئي نه سگهيس.
راجا چيو” ،ڇڏينس ڏاند ،ويچارو شرمائي ٿو“.
”نيور مائينڊ “،ڏاند وراڻيو” ،اڃان نئون آهي .ٺهي ويندو“.
مون کين جواب نه ڏنو ۽ خاموش رهيس .بيحد پريشان هوس .ڏاند ۽ راجا جا چرچا زهر پئي لڳم.
ڏاند ۽ راجا مون سان بناسپتي گيه جي ڪارخاني ۾ ڪالرڪ هئا .ڏاند بندرو ۽ ٿلهو هو .ان ڪري پاڻ کي مشڪرو
سمجهندو ه و .هر ڪو کيس ڏاند سڏيندو هو .سندس اصلي نالي جي گهڻن کي خبر نه هئي .راجا جي اصلي نالي جي سڌ،
سواء ڏاند ۽ مون کان ،ٻين ٿورن کي هئي ،هو روسي ڪتاب پڙهندو ۽ آمريڪي اداڪارن جا فوٽا گڏ ڪندو هو .اسان ٽنهي
ِ
کي هڪ وڏي ٽيبل مليل هئي ،جنهن جو هڪ پاسو ڀت سان لڳل هو ۽ باقي ٽن پاسن کان اسان ٽيئي ويهندا هئاسين .هيڊ
ڪالرڪ جي نظر بچائي ،سڄو سڄو ڏينهن هڪ ٻئي سان چرچا ۽ هڪ ٻئي تي ٺٺوليون ڪندا هئاسين.
پر ان ڏينهن ،مون ڏاند ۽ راجا جي ٺٺولين جو جواب نه ڏنو .خاموش رهيس .صبح کان پريشان هوس.
صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو حل ڏسي منهنجي دل ڊڄي پئي هئي .اميدون نااميدي َء جي غمناڪ اونده ۾
ڀنواٽيون کائڻ لڳيون هيون .حسرتون واري َء جي دڙي هيٺان دفن ٿي ويون.
هڪ ڏينهن اڳ ،شام جو ،جڏهن ڪراس ورڊ معمي جو حل ڀري ،اسپينسر جي دٻي ۾ وجهي ،هوٽل فاروق جي فيملي ورم ۾
اچي ويٺا هئاسين ،تڏهن تمنا پڇيو هو’ ،شامو ،جيڪڏهن هن دفعي صحيح حل تي اسان کي هڪ لک رپيا ملن ته ڇا
ڪنداسين؟“
الء اسان جون نگاهون ملي ،ڌار ٿي ويون هيون .مون ته سندسجواب ڏيڻ کان اڳ مون تمنا جي اکين ۾ نهاريو هو .کن ِ
نرم ،نازڪ ۽ سهڻين آڱرين تي پنهنجو هٿ رکي ڇڏيو هو .هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو ۽ ٻئي هٿ جون آڱريون ساسر جي
ڪني َء تي ڦيرائڻ لڳي هئي.
آهستي ،جهيڻي آواز سان ،مون دل جي گهراين مان ڳالهايو هو ته’ ،سڀ کان اول اسان شادي ڪنداسين ،تمنا‘.
هو َء شرمائجي ويئي هئي ۽ پنهنجون آڱريون منهنجي هٿ هيٺان کسڪائي ويئي هئي.
’مون سان شادي ڪندين َء نه ،تمنا ‘.مون بيوقوفن وانگر تمنا جي بيحد حسين منهن ۾ نهاريندي پڇيو هو.
جواب ۾ هن ڊگهيون پنبڻيون مٿي ڪري پنهنجون نگاهون منهنجن نگاهن سان مالئي ڇڏيون هيون .مون پنهنجي دل کي
ٽائيپ جي ربن وانگر گول دائري ۾ چڪر کائيندي محسوس ڪيو هو.
”چئه تمنا “،مون ٻئي ٻانهون ٽيبل تي رکندي کانئس پڇيو هو’ ،هن دفعي صحيح حل نڪتو ته مون سان شادي ڪندين َء نه؟“
تمنا جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا هئا .حيا َء کان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هئائين.
”سچ تمنا؟“
”هون“.
پوء اسان جو پنهنجو گهر هوندو تمنا.
”اوه تمنا “،مون تمنا جو نازڪ هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو هو .چيو هومِ ’ ،
تنهنجون ۽ منهنجون ڀينرون ۽ منهنجا ڀائر خيراتي اسڪولن بدران پرائيويٽ ۽ پبلڪ اسڪولن ۾ پڙهندا .منهنجي ما ُء
ميونسپالٽي َء جي مفتي شفاخاني جي ڳاڙهي دوا بدران ڪنهن مشهور ڊاڪٽر کان عالج ڪرائيندي‘.
”۽ شامو “،تمنا منهنجي ڳاله اڌ ۾ ڪپيندي چيو هو’ ،اسان ٻئي هي َء واهيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين‘.
”ها تمنا .نه مون کي ڊپٽي َء جي ڇڙٻ سهڻي پوندي ،نه توکي ئي ڪو مشڪوڪ نگاهن سان ڏسي سگهندو“.
”پر ائين ته لک رپيا هڪ سال ۾ کپي ويندا“.
”اسان بزنس به ته ڪنداسين“.
”ڪهڙو؟“
مان سوچ ۾ پئجي ويو هوس .ڪپه ۽ ڪڻڪ جي واپار کان وٺي سون جي سمگلنگ تائين هڪ هڪ ڌنڌو منهنجي ذهن ۾
اچي ،موٽي ويو.
ٻڌايانء؟“ تمنا پڇيو هو.
ِ ”مان
ٻڌاء“.
” ِ
”اسان هڪ ڊاٽسن ڪار وٺنداسين“.
”ڊاٽسن ڇو؟“ مون هڪدم وراڻيو هو” .اسين شيورليٽ ،امپاال يا مرسڊيز بينز وٺنداسين“.
الء وٺنداسين نه؟“
”پنهنجي ِ
”ها“.
”ڊاٽسن ڪار ٽئڪسي ڪري هالئينداسين“.
”واه! گڊ آئيڊيا“.
پوء مان نائيٽ ڪاليج بدران سينٽ جوزف ڪاليج ۾ داخال
”سٺي آمدني آهي اڄڪله ٽئڪسي َء مان “،تمنا چيو هوِ ” ،
وٺندس“.
”ايڪسيلنٽ“.
وٺجانء“.
ِ الء ڪراچي يونيورسٽي َء ۾ داخال
”۽ تون انگريزي َء ۾ ايم .اي ڪرڻ ِ
”ونڊرفل “،وراڻيو هئم” ،اسان روز روز دال کائڻ به ڇڏي ڏينداسين“.
ڪجه دير تائين نه تمنا ڳالهايو هو ۽ نه مون .اسان ٻئي پنهنجن پنهنجن خيالن سان وچڙندا ،اميدن جا تاج محل ٺاهيندا ۽
ڊاهيندا رهياسين .تصور جي دنيا اکين آڏو اچي بيٺي هئي .پاڻ کي ڪاري جبي ۾ ايم .اي جي ڊگري وٺندي ڏٺم -ايئرڪنڊيشنڊ
آفيس ۾ پاڻ کي فوم رٻڙ جي ڪونئري ڪرسي َء تي ويٺل ڏٺم .ڊاٽسن ٽيڪس کي ڪراچي َء جي رستن تي ڊوڙندي ڏٺم.
اوچتو تمنا تصور جي دنيا کي ذهن جي پردن تان هٽائي ڇڏيو هو .پڇيو هئائين” ،هن دفعي ته پنهنجو حل صحيح نڪرندو
نه ،شامو؟“
”ڇو نه صحيح نڪرندو “،مون کيس ۽ پاڻ کي دالسو ڏنو هو” ،محمد پان واري ۽ غفور حجم جا ڌڪن سان ڀريل حل
صحيح ٿي سگهن ٿا ،ته ڇا اسان پڙهيل ڳڙهيلن جو حل ڪڏهن به صحيح نه نڪرندو!“
تمنا جي چپن تي هڪ بيحد حسين ۽ وڻندڙ مرڪ تري آئي هئي .اها مرڪ ،سدائين ،سودا َء وانگر منهنجي ساه سان سمايل
هوندي آهي.
پر ان ڏينهن صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو نتيجو ڏسي ،تمنا جي چپن تان الزوال مرڪ هماليه جي برف وانگر
رجندي محسوس ڪئي هئم .کيس اداس ۽ مايوس محسوس ڪيو هيم .تڏهن ،پنهنجين حسرتن جي رک اڏائي ،تمنا جي ٽٽل
اميدن کي پنهنجي جهول ۾ جهپي ورتو هيم .سوچيو هيم ،تمنا وياڪل هوندي ،اٻاڻڪي هوندي -اڄ ڪئپيٽل سئنيما ۾ فلم
الء خواهشن ۽ آرزوئن جو ڊٺل ڀنڀور وساري ڇڏينداسين.
The Killersجو پهريون شو ڏسنداسين -ڪجه دير ِ
ڊريس سرڪل جي اي قطار ۾ پويون ٻه سيٽون بڪ ڪرائي ،ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن کيسي ۾ وجهي آفيس آيو هوس.
تمنا ورانڊي جي پوئين ٿنڀي وٽ بيحد اداس ۽ بيچين بيٺي هئي .مون تي نظر پيس ته مون کي ڏسندي ئي رهي هئي .وٽس ويم
ته چيو هئائين” ،هن دفعي به اسان جو حل غلط نڪتو ،شامو .اسان جي قسمت ڪڏهن به نه بدلبي“.
”نااميد نه ٿي ُء تمنا “،کيس دالسو ڏنو هوم” ،ايندڙ مهيني اسان جو حل صحيح نڪرندو ۽ پرائيز بانڊ جو لڪي نمبر به
پنهنجو ئي نڪرندو“.
”ڪيستائين .ڪيستائين شامو اهڙي نموني پاڻ کي فريب ڏيندا رهنداسين؟“
”چري “،مون ويران مرڪ سان چيو هو” ،ٻڌو نه اٿئي ،ته ڏکن پٺيان سک“-
”ها .پاڻ کي پرچائڻ جو بهترين طريقو آهي“.
“انتظار ڪر تمنا .هڪڙي ڏينهن اسان جي روح جا زخم ڀرجي ويندا ،دل جو درد گهٽجي ويندو “،ٿڌو ساه کڻي وراڻيو هيم،
”هڪڙي ڏينهن اسان جي صحرا جهڙي َء سڃي َء زندگي َء ۾ خوشين جا رابيل وڇائجي ويندا“.
”۽ ان وقت جي انتظار ۾ شايد نه تون رهين ،نه مان رهان“.
”ائين نه چئه تمنا ،ائين نه چئه “،مون لڇندي وراڻيو هو” ،مونکي مايوس نه ڪر .منهنجي دل نه ٽوڙ تمنا“.
تمنا جواب نه ڏنو هو .اکيون بند ڪري مٿو ٿنڀي سان لڳائي ڇڏيو هئائين .سندس خشڪ چپن تي چنبڙيل لپ اسٽڪ جا ڇوڏا
ڦڙڪڻ لڳا هئا .سندس ڊگهيون پنبڻيون ٿڙڪڻ لڳيون هيون .قسمت کان کاڌل شڪست جي احساس ۾ سندس وجود ويراڳ
جي آگ ۾ جلڻ لڳو هو.
”تمنا“.
”جي“.
”اڄ منجهند جي ماني گڏ کائينداسين “.مون چيو هو.
”چڱو “،هن وراڻيو هو” ،هينئر وڃ .ڊپٽي َء مون وٽ ڏسي ورتئه ته اجايو گوڙ ڪندو“.
تمنا پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي هئي .پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي ڊپٽي َء جي ڪمري ۾ در جي شيشي مان جهاتي
پاتي هيم .ڊپٽي نه آيو هو.
اسان جو ڊپٽي قداور ،ٿلهو ۽ ڇسو هوندو هو .اکيون ڀوريون ۽ ٽِڪڻ جا وار کٿل هوندا هئس .اسان کيس افالطون سڏيندا
هئاسين .آفيس جو پراڻو نائڪ چوند هو ته عقل جا دروازا ڊپٽي صاحب تي اچي بند ٿي ويا هئا.
مون سان ته بنه نه پوندي هئس .هڪ دفعو اڳ به مون کي تمنا سان ڳالهائيندو ڏسي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو هئائين .سگريٽ
جو ڪش هڻندي پڇيو هئائين” ،ماڻهو اسان جي فيڪٽري َء جو بناسپتي گيه ڇو نٿا کائين“.
”ماڻهن کي اسان جي فئڪٽري َء جو گيه پسند ناهي سائين“.
”ڇو پسند ناهي “،ڊپٽي َء خارن مان چيو هو” ،توهان ڪالرڪ ڪهڙي مرض جي دوا آهيو؟ توهان کي فقط ڪالرڪي
ڪرڻي ناهي .ماڻهن کي اسان جو بناسپتي گيه کائڻ تي آماده به ڪرڻو آهي“.
”ها سائين“.
ٻڌاء ته اسان جو گيه صحت جي اصولن تي تيار ٿيل آهي ۽ منجهس سڀئي وٽامن آهن “،چيو هئائين” ،بناسپتي گه
”ماڻهن کي ِ
الء مفيد آهي ۽ سندن ضرورتن مطابق آهي“.
اسان جي عوام ِ
”ها سائين“.
”۽ اسان جو بناسپتي گه ،ديسي خالص گه کان وڌيڪ بهتر آهي “.ڊپٽي صاحب ڪڙڪ آواز ۾ چيو هو” ،خالص گه کائڻ
وارا سست ۽ بناسپتي گه کائڻ وارا چست هوندا آهن“.
مون ان انڪشاف تي ڊپٽي صاحب ڏانهن حيرت مان ڏٺو هو .ڊپٽي صاحب پاڻ بناسپتي گه نه کائيندو هو .پاڻ خالص گه ٺٽي
کان گهرائيندو هو.
سمجهيهء؟“
ِ ”
”ها سائين“.
ملندء “،ڊپٽي َء سگريٽ جو دونهون ڇڏيندي چيو هو” ،۽ ڪن کولي
ِ ”تون ڌوڙ سمجهندين .پنهنجو ڪم سڌار نه ته نوٽيس
ٻڌ ،تمنا سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏي“.
”يس سر“.
پر ان ڏينهن ڊپٽي موڪل تي هو .در جي شيشي مان سندس ڪمري ۾ جهاتي پائي ،پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو هوس.
مون منهن ورائي گهڙيال ڏانهن ڏٺو .پنجن ۾ ٻارهن منٽ باقي هئا“.
ليلي به ڪنهن آفيس ۾ ٽائيپسٽ هئي ڇا؟“ ڏاند راجا کان پڇيو.
”ڀال ٰ
ليلي رڍن جي پشم الهيندي هئي “،راجا وراڻيو.
” ٰ
ليلي جي
لي جي ناهي .تنهنجي جديد آهي ،اسان قديم ٰ
مون ڪاوڙ مان ٻنهي ڏانهن ڏٺو .ڏاند ڏند ڪڍندي چيو” ،ڳاله تنهنجي لي ٰ
باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون“.
”بدتميز آهيو“.
”ٿئنڪ يو “،راجا چيو.
هيڊ ڪالرڪ کنگهي نڙي صاف ڪئي ۽ اسان ڏانهن قهري نگاهن سان ڏٺو .ڏاند ۽ راجا ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اجايو
سجايو فائيل اٿالئڻ لڳا.
”هيڊ ڪالرڪ آهي يا هيڊ ماستر“.
”ڪمبخت ،چوڪيدار آهي “،ڏاند چيو.
مون پتلون جي پوئين کيسي مان پرس ڪڍي گوڏي تي رکيو .گوڏو ٽيبل هيٺان ڪري ڇڏيم .پرس کولي تمنا جي تصوير ڏٺم.
ڏاند هيٺ مٿي ٿيو ،پر منهنجي گوڏي تي پرس ڏسي نه سگهيو.
”لڏڻ ڇڏي ڏي .ڪرسي نه ڀڃين وجهين “،راجا ڏاند کي چيو.
”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر “،ڏاند راجا کي ڇڙٻ ڏني ۽ ٻيهر منهنجي گوڏي تي پرس ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين.
جڏهن پرس ڏسڻ جي هر ڪا ڪوشش ناڪام ٿي ويس ،تڏهن خار مان چيائين” ،آفيس جي ٽيبل آهي ،يا مڙدن چيرڻ جي
ميز .اسان ڪالرڪ نه ،ڄڻ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهيون“.
راجا کيس ٽيبل هيٺان لت وهائي ڪڍي .ڏاند لت جو سور پچائي ويو .ڪجه پرڀرو کسڪندي چيائين” ،ردي .منهنجي بوٽ
جي پالش خراب ڪري ڇڏين ها“.
راجا اک جي اشاري سان ڏاند جو ڌيان هيڊ ڪالرڪ ڏانهن ڇڪايو .ڏاند ڀت ڏانهن سرڪي ويو ۽ منهنجي سامهون اچي
بيٺو.
”ڇا ٿو ڏسين مجنون “،ڏاند آهستي پڇيو.
”ڪجه به نه “،مون آهستي وراڻيو.
ڀڻ ڀڻ تي هيڊ ڪالرڪ اسان ٽنهي ڏانهن ڏٺو .هن پنهنجي سنهڙي هڏائين آڱر گهنٽي َء تي ٻه چار دفعا اهڙي نموني هنئين،
الء مٽي َء ۾ ٺونگا هڻندو آهي .ڏاند ۽ راجا پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيو.
جيئن ڪڪڙ داڻو چڳڻ ِ
مون پراڻي گهڙيال ڏانهن ڏٺو .پنجن ۾ ڏه منٽ هئا .رهيل ڏه منٽ ڏه صديون ٿي پيا .سڀ عاشق ائين ئي محسوس ڪندا
هوندا ،مون سوچيو.
ڏاند ۽ راجا فائيلن جا ورق اٿالئڻ لڳا .مون پنهنجون نظرون تمنا جي تصوير تي کپائي ڇڏيون .ٻه ٽي ڪالڪ اڳ ،تمنا ۽
مون گڏ منجهند جي ماني کاڌي هئي .هو َء مون کان اڳ پنهنجي ڪمري مان نڪري منهنجي ڪمري جي سامهون ،پوئين
ٿنڀي وٽ اچي بيٺي هئي .جيئن ئي هڪ لڳو ،مون ميز جي خاني مان رومال ۾ ويڙهيل ماني ڪڍي ۽ سڌو تمنا جي سامهون
وڃي پهتو هيس .پٺيان راجا جو آواز ٻڌو هيم” ،گڊلڪ مجنون“.
تمنا وٽ پهتو هيس ،ته تمنا چيو هو” ،بزنس گارڊن ۾ ماني کائينداسين“.
”او – ڪي“.
اسان ٻئي ٻين ڪالرڪن جي قهري نظرن ۾ چڀندڙ نگاهن مان لنگهندا ،آفيس جي حد ٽپي ٻاهر نڪري وياسين .برنس
گارڊن ۾ ناريل جي وڻن وٽ سائي ڇٻر تي ويهندي ،تمنا پڇيو هو” ،اڄ ڇا آندو اٿئي؟“
”ٻه مانيون ۽ تريل پٽاٽا“.
تمنا کان ٽهڪ نڪري ويو هو .پنهنجي ماني َء جي ننڍي پيٽي کوليندي چيو هئائين” ،مون به مانيون ۽ تريل پٽاٽا آندا آهن“.
”ملباري َء کان دال وٺي اچان؟“
”نه .اڄ پٽاٽا ئي کائينداسين“.
تمنا مانيون رومال تي رکي ،ٽين جي پيٽي َء ۾ پٽاٽا مالئي ڇڏيا .مون پيار منجهان تمنا ڏانهن ڏٺو هو .تمنا ڪنڌ کڻي مون
الء ملي ڌار ٿي ويون هيون .هڪ گره کائي ،تمنا مونکان عجيب سوال ڪيوهو” ،مون ڏانهن ڏٺو ۽ اسان جون نگاهون کن ِ
کي چاهين ٿو ،شامو؟“
مون عجيب نموني ڪنڌ لوڏي ”ها“ ڪئي هئي ۽ پاڻ کي احمق محسوس ڪيو هئم.
پوء آهستي چيو هئائين” ،مان بدنام آهيان ،شامو ،تڏهن به مونکي چاهين ٿو؟“
تمنا ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو هوِ .
مون سندس سوال جو جواب نه ڏنو ۽ ورائي پڇيومانس” ،مونسان شادي ڇو نٿي ڪرين ،تمنا؟“
تمنا جي چپن تي اداس مرڪ جا پاڇا آيا ،هليا ويا .هن جواب نه ڏنو ۽ ڪنڌ جهڪائي ماني کائيندي رهي هئي.
وڻانء ڇا؟“ عجيب سوال ڪيو هيم .سوال ڪري پڇتايو هيم .ڀانيم ته تمنا مون کي بيوقوف سمجهي ،منهنجي اڻ ِ ”مان نٿو
ميي پيار تي کلي پوندي ،پر تمنا جي چپن مان ڪجه نه نڪتو .اکين ۾ اداسي َء جا پاڇا پرڙا هڻندا رهيس.
”مان چريو آهيان ،تمنا “،مون گهٽيل آواز ۾ ڳالهايو هو” ،مان چريو آهيان .مون کي محبت ڪرڻ به نٿي اچي“.
تڏهن به هن جواب نه ڏنو هو .پنهنجي هٿ جو گره منهنجي اڳيان رکي ،منهنجي هٿ جو گره پنهنجي وات ۾ وڌو هئائين.
کيس خاموش ڏسي ٻيهر پڇيو هيم” ،مون سان شادي ڇو نٿي ڪرين ،تمنا؟“
”شامو “،هو َء اڳتي سري آئي هئي” ،مان بدنام آهيان ،شامو“.
”اهو منهنجي سوال جو جواب ناهي ،تمنا“.
”منهنجي بدنامي مون تائين محدود آهي “،تمنا ڪنبندي آواز ۾ چيو هو” ،توسان شادي ڪري ،توکي ،تنهنجين ڀينرن ،ڀائرن
۽ ما ُء کي بدنام ڪرڻ نٿي چاهيان“.
”مان ڊپٽي نه آهيان ،جو بدنامي َء کان ڏڪي وڃان “،مون وراڻيو هو” ،مان معمولي ڪالرڪ آهيان “.تمنا ڏاند ۽ راجا
منهنجا دوست آهن“.
”اڪيلي سر ٻن گهرن جو بار کڻي سگهندين؟“
کانپوء ڪنهن پريس ۾ به ڪم ڪندس“.
ِ ”ڇو نه کڻي سگهندس .هينئر به ته پارٽ ٽائيم ماستري ڪندو آهيان .شادي َء
تمنا ڪنهن اونهي َء سوچ ۾ گم ٿي وئي هئي .مان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيس.
کانپوء ٿڪبو ناهين ،جو ڇهين کان رات جي
ِ الء چيو هئائين” ،سڄو ڏينهن هت نوڪري ڪرڻ
هن ڳالهايو .موضوع بدالئڻ ِ
ڏهين تائين اسڪول ۾ به پڙهائيندو آهي؟“
” نائيٽ اسڪولن ۾ الٽ صاحبن جا پٽ نه پڙهندا آهن .مان ٿڪل هوندو آهيان ته شاگرد به ڏينهن جي محنت مزدوري َء کان
پوء ٿڪل هوندا آهن “:مون وراڻيو هو” ،پر تنهن هوندي به مان رات جي ٻارهين کان صبح جي چئين لڳي تائين ڪنهن ِ
پريس ۾ پروف ريڊر ٿيندس“.
هو َء خيالن جي ڪن ۾ لهي وئي .هٿ جو گره هٿ ۾ رهجي ويو هئس .نگاهون هڪ هنڌ اٽڪي پيون هئس .مان کيس
کانپوء مون پنهنجو هٿ تمنا جي هٿ تي رکيو هو .هن
ِ متجسس نگاهن سان ڏسندو رهيس .تڏهن ،ڪجه دير جي خاموشي َء
منهنجين اکين ۾ نهاريو هو.
”ها ڪر تمنا “.آهستي چيو هئم” ،چئه ته مون سان شادي ڪندين َء ،تمنا ،ها ڪر .ها ڪر ،تمنا“.
الء
هڪ اونهو ،ڊگهو ۽ درد کي هلڪو ڪندڙ ٿڌو ساه کڻندي هن وراڻيو هو” ،شامو ،مان نٿي چاهيان ته تون منهنجي ِ
مشين وانگر ڪم ڪندو رهين .مان توکان زنده رهڻ جو حق ڦرڻ نٿي چاهيان“.
االء ڪيئن چيو هو” ،چئه ته مونسان شادي ڪرڻ نٿي چاهين“.
”اهي اجايا بهانا آهن ،تمنا “.مون ِ
”شامو!“
جاء به
پوء به تنهنجي دل ۾ تر جيتري ِ
الء سڄي زندگي تمنا ئي رهندين َء .مان دل جي دنيا لٽائڻ کان ِ
”ها تمنا .تون منهنجي ِ
الء چنڊ وانگر دور آهين ،تمنا خواب وانگر مبهم آهين“.
حاصل ڪري نه سگهيو آهيان .تون منهنجي ِ
هن منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو هو” .اڳتي ڪجه نه چئه ،ڪجه نه چئه شامو .مان پريشان آهيان .مون کي وڌيڪ
پريشان نه ڪر“.
مون ٿرماس جي ڍڪ ۾ پاڻي پيٽي ،ٻه چار ڍڪ ڀري ،ڍڪ ڇٻر تي رکي ڇڏيو هو .هن ٿرماس جو ڍڪ کڻي چپن سان
لڳايو هو ۽ بچيل پاڻي يڪ ساهي پي وئي هئي.
پوء اسان شادي
چيو هئائين” ،ايندڙ مهيني ڪراس ورڊ معمي جو حل صحيح نڪرندو ،مون کي پڪ آهي شاموِ .
ڪنداسين“.
”انهن معمن اسان جي زندگي َء کي به حل نه ٿيندڙ معمو ڪري ڇڏيو آهي“.
”صبح جو چيو هيئه ،ته ،ڏکن پٺيان سک“.
الء چيو هيم“.
”ها ،تنهنجي دل رکڻ ِ
”نه شامو .هن دفعي اسان جو حل ضرور صحيح نڪرندو “.تمنا منهنجي دل کي آٿت ڏيڻ خاطر چيو هو” ،اسان جو پنهنجو
گهر هوندو -منهنجون ۽ تنهنجون ڀينرون ،تنهنجا ڀائر پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندا -امان جو عالج ڪنهن ايم .آر .سي .پي
الء داخال وٺندين -۽ شامو،
ڊاڪٽر کان ڪرائينداسين -۽ شامو مان سينٽ جوزف ڪاليج ۾ ،۽ تون يونيورسٽي َء ۾ ايم .اي ِ
اسان شورليٽ ،امپاال يا مرسڊيز بينز به وٺنداسين“-.
”۽ سڄي عمر ان انتظار ۾ ختم ٿي ويندي“.
”نه شامو“.
”اجايو پاڻ کي فريب ۾ نه ڏي .تمنا“.
”اسان جي زندگي فريب آهي ،شامو “.تمنا بيحد ڏک وچان چيو هو ۽ رومال ڇنڊي ،ويڙهي مون کي ڏنو هئائين.
موٽندي ،آفيس جي حدن تائين ،نه تمنا ڳالهايو هو ۽ نه مون .آفيس جي ڏاڪڻ چڙهندي کيس چيو هيم’ ،اڄ فرسٽ شو ۾
The Killersڏسنداسين“.
”ڪاله ته تو وٽ فقط ٻه رپيا هئا“.
الء اٺ رپيا بچائي رکيا هئم نه ،انهن مان بڪنگ ڪرائي آيو آهيان“.
”قميص ِ
”تون ائين نه ڪندو ڪر ،شامو“.
”هلندين َء نه“.
”ها هلنداسين“.
ان وقت کان مان موڪل جو انتظار ڪري رهيو هوس .پرس بند ڪري پوئين کيسي ۾ وجهي ڇڏيم .منهن ورائي گهڙيال
ڏانهن ڏٺم .پنجن ۾ چار م نٽ باقي هئا .ڪنهن چيو هو وقت هوا جي پرن تي اڏامندو ويندو آهي! ڪنهن چيو هو ته اک ڇنڀ
۾ صديون گذري وينديون آهن! سچ هونديون اهي چوڻيون! پر انتظار جي هڪ ساعت کان ٻي ساعت تائين ،هڪ لمحي کان
ٻئي لمحي تائين ورهين جي وٿي هوندي آهي.
”راجا ،ٻڌ ته سهي “،ڏاند جي آواز تي خيالن جا سلسال ٽٽي پيا ،مجنون َء کي گهر ۾ هڪ بيمار ما ُء ،ٻه معذور ڪراڙيون
پڦيون ،چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هونديون هيون ڇا؟“
الء گهر کان ڀڄي ويئي هئي ته مون توکان ڪجه
”ڏس ڏاند “،مون سخت ڪاوڙ مان چيو” ،تنهنجي ڀيڻ فلمن ۾ هيروئن ٿيڻ ِ
پڇيو هو؟ مهرباني ڪري منهنجي گهرو معاملن ۾ دخل نه ڏيندو ڪر“.
الء چيو” ،تون ناراض ڇو ٿو ٿئين ،بابا .تون جديد آهين.
ڏاند ککو وکو ٿي ويو .منهن تي هيڊ هارجي ويس .راجا ڳاله رکڻ ِ
اسان قديم مجنون َء جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون“.
مون ڏاند ڏانهن ڏٺو .هو آڱوٺي جي ننهن سان ميز جي مر الهي رهيو هو .ڪنڌ جهڪيل هيس .نرڙ تي پگهر جا قطرا
چمڪي رهيا هيس .هو مون کي بيحد مسڪين نظر آيو .سندس هٿ کي آهستي زور ڏيندي چيم” ،مون کي معاف ڪر،
دوست“.
هن منهنجي هٿ کي ٿڦڪي ڏني.
”ڳالهائڻ بند ڪريو “،ڳجه ڇاپ هيڊ ڪالرڪ رڙ ڪئي .اسان ٽنهي کان ڇرڪ نڪري ويو.
ڏاند ۽ راجا هميشه وانگر فائيل اٿالئڻ لڳا ۽ مون پنهنجون نگاهون گهڙيال جي ڪانٽن تي کپائي ڇڏيون .وقت کي اينگه اچي
وئي هئي.
پتلون جي کيسي مان ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن ڪڍي ،کولي پڙهيم .تاريخ ،ٺيڪ .فرسٽ شو .ڊريس سرڪل جي اي
قطار ۾ پويون ٻه سيٽون .سوچيم ،تمنا کي ڀت واري پاسي ويهاريندس ۽ پاڻ ٻئي پاسي ويهندس .جڏهن هال ۾ اونده ٿيندي ۽
فلم شروع ٿيندي ،تڏهن پنهنجو هٿ تمنا جي هٿ تي رکندس -هو َء مون ڏانهن کسڪي ايندي ۽ پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي
الء چوندس” ،تمنا ،هڪ نه هڪ ڏينهن انعامي بانڊ جو لڪي نمبر اسان جو ئي تي رکندي -مان پاڻ کي ۽ تمنا کي پرچائڻ ِ
نڪرندو -تڏهن اسان جا ٻارڙا پبلڪ اسڪولن ۾ پڙهندا -ڪو مشهور ڊاڪٽر اسان جو عالج ڪندو -پڦين کي عينڪون ۽
وڏي آواز جا اوزار وٺي ڏينداسين -شورليٽ امپاال يا مرسڊيز بينز وٺنداسين -۽ -۽ “.سوچيم ،جڏهن مستقبل جي سپنن کي
ٺاهي ،سينگاري ،سجائي ،دل جي دنيا کي وندرائي وٺنداسين ،۽ جڏهن حسرتون خوشفهمي َء جي ڌٻڻ ۾ لهي وينديون ،تڏهن،
مان سرگوشي َء ۾ تمنا کي چوندس” ،تمنا ،هي َء دنيا جيڪر سئنيما هال جيتري محمدود ٿي وڃي ۽ هي َء زندگي هن فلم
جيتري مخصر -اسان ٻئي ڪلهو ڪلهي سان مالئي سرگوشين ۾ ڳالهائيندا رهون -حسرتن ۽ خواهشن جي رڃ کان دور-
محبت جون ڳالهيون ۽ ڳالهين جا اکٽ ،مسلسل سلسال -اسان جي غمن وانگر طويل ۽ زخمن جيان بي انداز“.
”پورا پنج ٿيا آهن مسٽر مجنون “،راجا منهنجي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.
پوء پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل ناس جي دٻلي َء جهڙي واچ ۾
مان اٿي کڙو ٿيس .هيڊ ڪالرڪ گهور ڪري ،اول مون ڏانهن ڏٺو ۽ ِ
ڏسندي پڇيائين ،ڪيڏانهن ٿو وڃين مسٽر“.
”سائين پنج ٿيا آهن“.
”منهنجي واچ ۾ ٽي ٿيا آهن“.
”پر آفيس جي گهڙيال ۾ پنج ٿيا آهن“.
هيڊ ڪالرڪ پنهنجو سنهڙو ڪنڌ شتر مرغ وانگر ڦيرائي ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن ڏٺو.
مان ذري گهٽ ڊوڙندي ڪمري مان نڪري ويس .هيٺان ڏاند جو آواز ٻڌم” ،گڊ لڪ ،مجنون“.
جيئن اسڪولي ٻار موڪل ملڻ تي ڪالسن مان نڪرندا آهن ،تيئن آفيس جي ڪمرن مان ڪالرڪ ،ٽائيپسٽ ،دفتري ۽
چپڙاسي نڪرندا ،هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏيندا ،ڏاڪڻ لهندا ويا.
جڏهن ورانڊو واندو ٿيو ،تڏهن سامهون ڊپٽي َء جي ڊرائيور کي تمنا سان ڳالهائيندي ڏٺم .تمنا جي نگاه مون تي پئي ته مون
ڏانهن هلي آئي .سندس ڇوڏن لڳل چپ وڌيڪ خشڪ ٿي ويا هئا .لپ اسٽڪ ڪيترن هنڌن تان ڦٽي پئي هيس .هو َء وياڪل
هئي .اکين ۾ الڪو هيس .خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيائين” ،مون کي ڊپٽي سڏايو آهي شامو“.
الء تمنا کي زندگي َء جي پاتار ۾ غرق ٿيندو ڏٺم .چوڻ چاهيم ،تمنا،
منهنجي رڳ رڳ مان ٿوهر ڦٽي نڪتو .گهڙي ساعت ِ
محتاجي ،مفلسي زندگي َء جي سڀ کان وڏي لعنت آهي .پر جيڪي ڪجه چوڻ چاهيم ،چئي نه سگهيس .لفظ سيني جي قبرستان ۾
دفن ٿي ويا.
الء چيو.
تمنا ڊائيور کي موٽر وٽ ترسڻ ِ
اسان ٻئي ڪنڌ جهڪائي ڏاڪڻ لهڻ لڳاسين .نه هن ڳالهايو ۽ نه مون ،پر تنهن هوندي به اسان ٻنهي هڪ ٻئي جي گهائل
روح ۾ جهاتي پائي ورتي.
مون آهستي چيو” ،هڪ نه هڪ ڏينهن اسان هي َء واهيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين“.
هن جواب نه ڏنو ،سندس ڪنڌ وڌيڪ جهڪي ويو.
منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي .ازلي جنگ سيني جي
ڌرتي پٽيندي رهي .محبت ۽ گهر وارن جي بک بيماري َء جا تصور ،متضاد قوتن وانگر پاڻ وڙهندا رهيا.
مون پنهنجين ڪنبندڙ آڱرين سان تمنا جي سنگ مر مر جهڙي ٻانهن کي ڇهيو” ،تمنا“.
”تمنا “،مون ڳيت ڏيئي ڳالهايو” ،ڊپٽي َء جي ڪهڙي ڪار آهي؟“
”اوپل“.
”اسان شورليٽ امپاال ،يا مرسڊيز بينز وٺنداسين .ها نه تمنا؟“ مون گهٽيل آواز ۾ ڳالهايو.
تمنا جواب نه ڏنو .پنهنجون آڱريون منهنجين آڱرين ۾ جڪڙي ڇڏيائين .لفظ گهائل روح جي ڪنهن ڪنڊ مان لڇندا پڇندا
تڙڦندا ،درد جي ٻٻر سان وچڙندا ،ٻاهر ايندا رهيا” ،اسان جو پنهنجو گهر هوندو ،تمنا اسان جي بيمار ما ُء ڪنهن مشهور
ڊاڪٽر کان عالج ڪرائيندي -اسان روز روز دال نه کائينداسين -مان انگريزي َء ۾ ايم .اي ڪندس ۽ تون سينٽ جوزف
ڪاليج“-
پوئين ڏاڪي وٽ تمنا پنهنجون آڱريون منهنجي آڱرين مان ڇڏائي ،ڊوڙندي موٽر جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺي .رئي جي ڪنڊ
وات ۾ وجهي ،چپ ڀڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيائين .ڪار هڪ سٽ سان ،اک ڇنڀ ۾ دز اڏائيندي ،آفيس جي حدن مان نڪري
وئي.
پريان ڏاند رڙ ڪندي چيو” ،بئڊ لڪ مجنون“.
منهنجي منهن تي ويران مرڪ تري آئي ۽ ٽٽل تاري وانگر روشني َء جي ليڪ ٺاهي ،مايوسي َء جي ٻاٽ اونداهين ۾ گم ٿي
ويئي.
Posted by wahabsahito at 9:13 AM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
Sunday, February 13, 2011
اڄ آچر رات آهي .هو ٽيئي هڪ والئيتي طرز جي گتي ۾ ويٺا آهن .سندن آڏو ٽيبل تي وسڪي َء جا سونهري گالس ۽ تريل
الء آهي .هو ويشنو آهي .گوشت جي منع
گوشت ،ڪبابن ۽ سيڪيل پٽاٽن جون پليٽون رکيون آهن .پٽاٽن جي پليٽ ڀڳوانداس ِ
الء آهن .هو ٻئي وسڪي َء جون سرڪيون ڀري گوشت جون اٿس .،تريل گوشت ۽ ڪبابن جون پليٽون مظفر ۽ ڪريم ِ
ٻوٽيون چٻاڙي رهيا آهن .ڀڳوانداس پٽاٽا کائي رهيو آهي.
ٽيئي پاڻ ۾ گهرا دوست آهن.
ٽيئي ڄڻا هڪ ئي اسڪول ۾ ماستر آهن.
ڀڳوانداس حسابن جو ماستر آهي .زندگي َء جي هر هڪ وهنوار ۾ حساب استعمال ڪندو آهي .پيسن ڳڻڻ کان وٺي ساه کڻڻ
تائين حساب ڪتب آڻيندو آهي .پگهار ٻين ماسترن جيتري اٿس ،پر وٽس ٽيوشنون جام آهن .ويه پنجويه کن شاگرد کانئس
ٽيوشن وٺندا آهن .سندس ماهوار آمدني ٻارهن سئو رپيا کن آهي .خوش آهي .آسودو آهي .قميصن جا ڪالر ۽ پتلونن جا
پائنچا کٿل هوندا آهنس .ڦلڪا ڳڻي کائيندو آهي .بئنڪ ۾ رکيل موڙي وڌندي رهندي اٿس .سندس دولت مان بئنڪ وارا
واپار ڪندا آهن ۽ نفعي مان پنهنجي عملي کي بونس ڏيندا آهن .بئنڪ جو مئنيجر ٿلهو متارو آهي .سٺا ڪپڙا پائيندو ۽ سٺو
کائيندو آهي .ڀڳوانداس دولت ميڙيندو رهندو آهي .سندس پتلون جا پائنچا ۽ قميص جو ڪالر کٿل هوندو آهي ۽ بوٽ جو ترو
الء پنهنجن ٻن دوستن سان گڏ رات
گٺل ۽ ٽنگر هوندو اٿس .فقط آچر رات لڪشمي َء جا بند خالص ڪري ،حاتم کي رئارڻ ِ
ملهائيندو آهي.
مظفر ڊرائينگ ماستر آهي .ساڻس ملندا ته توهان سان وان گو ،ليونارڊ ڊاونسي ۽ پڪاسو جي فن تي نڪته چيني ڪندو.
الء والئتي برش ڪم
کيس چغتائي ،صادقين ۽ گل جي َء جون تصويرون پسند ناهن .مظفر والئتي فلمون ڏسندو ۽ ڊرائينگ ِ
آڻيندو آهي .ٻيو ڀل نه ڪري ،پر پنهنجي تعريف پاڻ ضرور ڪندو .ڳالهائڻ مهل آواز نڙي َء ۾ وڪوڙي سڪوڙي ،گهمائي
ڦيرائي ٻاهر ڪڍندو آهي ،ڪنهن ڪنهن وقت ته ائين محسوس ٿيندو آهي ،ڄڻ تاڙيون وڄائي ڳائيندو:
’آئي موسم رنگيلي سوهاني تو چهٽي لي ڪي آ جا بالما‘.
ڪريم حديث ۽ تاريخ جو استاد آهي .ڇوڪرن کي موت جي ڀو ،قبر جي عذاب ۽ قيامت جي سختي َء جون ڳالهيون ٻڌائي،
نماز پڙهڻ جي تاڪيد ڪندو آهي .هللا سائين جي قهار هئڻ جون حديثون بيان ڪري ،ٻارن جي دل ۾ مذهب جو احترام پيدا
ساء هو اورنگزيب ،چنگيز ۽ هٽلر کي ساڳي قطار ۾ بيهاريندو آهي .پر ڪالس ۾ هو ڪندو آهي .تاريخ ۾ پنهنجي ِ
الء کيس ماهوارالء ٻارن جي دل ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي .ان ِ اورنگزيب جي تعريف ،۽ چنگيز ِ
سرڪاري پگهار ملندي آهي.
ڪريم ،مظفر ۽ ڀڳوانداس پاڻ ۾ گهاٽا يار آهن .ڪريم ڪنوارو آهي ۽ ڀڳوانداس جي زال هندستان ۾ آهي .مائٽن سان ملڻ
دهلي َء ويئي هئي .اتي غير ملڪي جاسوس سمجهي گرفتار ڪيو اٿائونس .مظفر کي پنهنجي زال آهي .گرومندر وٽ هڪ
ڪوارٽر ۾ رهندا آهن.
ا ڄ آچر رات آهي .خبر اٿن ته صبح جو کين موڳن ڇورن سان مٿو مارڻو ناهي .اڄ رات جو هو دير تائين والئتي گتي جي
ڪنڊ ۾ ويٺا رهندا .شراب جي ڍڪ سان گوشت جون تريل ٻوٽيون ۽ ڪباب چٻاڙيندا رهندا .ڀڳوانداس ويشنو آهي ،تنهن
پوء جڏهن رات جو پهريون پهر وهامي ويندو ،تڏهن هو ٿڙندڙ ٻرانگهن
ڪرري شراب سان گڏ سيڪيل پٽاٽا کائيندو رهندوِ .
سان لڏندا لمندا ،جهومندا ،بار مان نڪري رستي تي اچي بيهندا ۽ ٽيڪسي َء جو انتظار ڪرڻ لڳندا .انتظار ڪندي ڪندي
هميشه وانگر ڳائيندا:
مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندي“.
پوء جڏهن ٽيڪسي ايندي ،تڏهن هو پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويندا.
۽ ِ
پر مهيني جي پهرين آچر رات سلسلو اتي ختم نه ٿيندو آهي .گذريل آچر رات مهيني جي پهرين رات هئي .ان رات ائين نه
ٿيو هو .ان رات هو دستور موجب اڌ رات تائين گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙيندا ۽ وسڪي َء جا گالس خالي ڪندا رهيا هئا.
مهيني جي پهرين آچر رات هئي .کيسا گرم هئن ،تنهن ڪري دل به گرم هئن.
ڪريم گوشت چٻاڙيندي چيو” ،ڪي پيدائشي ماستر هوندا آهن ،۽ ڪن تي ماستري مڙهي ويندي آهي“.
پوء ڪريم دل کولي ماستري ڌنڌي کي خوب گاريون ڏنيون .ڪباب وات ۾ وجهندي چيائين” ،ماستري ڪرڻ کان بهتر
۽ ِ
آهي ته ماڻهو ڪباب وڪڻي“.
ڀڳوانداس سندس ڳاله اڌ ۾ ڪپيندي چيو” ،اسڪول ماستر کان ٽيلر ماستر کي وڌيڪ عزت ملندي آهي“.
”شٽ اپ “،مظفر وچ ۾ ڳالهايو” ،مان سڀاڻي کان سپر سئنيما جا پوسٽر ٺاهيندس ۽ آرٽسٽ سڏائيندس“.
”گڊلڪ گنجا “،ڪريم سندس پٺي ٺپيندي چيو.
”اڙي آهستي ،متان پٺي َء جو ڪنڊو ڀڃين وجهين“.
ڪجانء“.
ِ ”پرواه ناهي .ڀڳل ڪنڊي بدران مڇي َء جو ڪنڊو استعمال
”ڪهڙي َء مڇي َء جو ڪنڊو “.مظفر پڇيو؛ ”پلو يا پاپليٽ؟“
”پاپليٽ“.
”واه ،انگريزي مڇي!“
”پاپليٽ انگريزي مڇي آهي؟“ ڀڳوان داس پڇيو.
”ها“.
”۽ پلو؟“
”پلو بلڊي فول سنڌي هوندو آهي“.
”ڀال مڇين جو ڪهڙو مذهب هوندو آهي؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”مڇين جا مختلف مذهب هوندا آهن “،ڪريم ٻوٽي چٻاڙيندي وراڻيو.
”ڪيئن؟“
”جيڪا مڇي ليورپول وٽ پيدا ٿئي ،تنهن جو عيسائي مذهب هوندو آهي“.
”ڪرسچن؟“
”ها “،ڪريم چوندو رهيو” ،جيڪا مڇي روس جي ڪنارن تان ملي ،سا مڇي ڪميونسٽ هوندي آهي“.
”واه!“
”جيڪا مڇي عربستان ۾ ٿئي ،سا مڇي مسلمان هوندي آهي“.
”جيڪا مڇي هندستان ۾ ٿئي؟“ مظفر پڇيو.
”جيڪا مڇي هندستان مان ملي ،سا مڇي هندو هوندي آهي“.
”نه ،نه “،ڀڳوانداس وچ ۾ چيو” ،هندستاني مڇين جو ڪوبه مذهب نه هوندو آهي .اهي فقط مڇيون هونديون آهن“.
”تنهنجو مطلب آهي ته هندستاني مڇيون اٿئيسٽ يعني ملحد هونديون آهن؟“
”ها“.
”بيوقوف! ملحد مڇي حرام هوندي آهي“.
”مڇين جو اڪبر بادشاه هجي ها ،ته جيڪر دين االهي ٺاهي ها“.
مظفر پڇيو” ،ڀال وڏي مڇي ننڍي مڇي َء کي ڇو کائي ڇڏيندي آهي“.
االء “.ڪريم وراڻيو” ،پر اها حرامپائي ماڻهن مڇين جي مٿي ۾ وڌي آهي“.
” ِ
”چئبو ته انسان وڏو پلستر آهي“.
”ها .تڏهن ته پاڻ کي اشرف المخلوقات ٿو سڏائي“.
مظفر ڪجه سوچيندي چيو” ،مان هڪ اهڙي مڇي َء جي تصوير ٺاهيندس ،جنهن جو منهن ماڻهو َء جهڙو ۽ بدن سوئر
جهڙو هوندو“.
پوء سرڪار توکي جيل ۾ وجهائيندي“.
”ته ِ
”بيرا ،برف!“
”بيروشيشي جي پيالي ۾ برف کڻي آيو .برف ٽيبل تي رکي ،ڪبابن ۽ پٽاٽن جو آرڊر وٺي هليو ويو.
ڪريم چيو” ،ارود َء ۾ بيرو ٻوڙي کي چوندا آهن“.
”۽ سنڌي َء ۾ ڳيرو پکي هوندو آهي “.ڀڳوانداس چيو.
”اري ڳيرو نه ،بيرو.۾
”ڳيرو امن جو پکي آهي“.
”ٻيا پکي جنگ ڪندا آهن ڇا؟“
االء ،پر ڳيرو امن جو پکي آهي“.
” ِ
”پر جهرڪي ڳيري کان وڌيڪ شريف آهي “،مظفر چيو.
”۽ سڀ کان وڌيڪ بدمعاش پکي آهي ڪان ُء“.
”ڪان ُء نه چٻرو“.
”چٻرو ڇا؟“
”الو“.
”الو َء وٽ ٻه راڪيٽ هوندا آهن ڇا؟“
”الو َء وٽ ٻه چمڪندڙ اکيون هونديون آهن “،ڪريم چيو” ،۽ اسڪول جا ڇورا به الو آهن“.
”ڪيئن؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”پڇيومان بيت هللا ڪٿي آهي ،چيائون :موهن جي دڙي ۾ “.ٽنهي ٽهڪ ڏنو.
”پڇيومان ته هندستان ۾ مغلن ايترا قلعا ۽ عمارتون ڇو اڏايون ،ته ٺه په وراڻيائون :سائين سڀئي مغل ڊکڻ هئا“.
”ڇورا نوبل آهن“.
”ڇورن کي نوبل پرائيز ملڻ گهرجي“.
”ها ،ڪاپين ۾ حسابن بدران فلمي گانا لکندا آهن “،ڀڳوانداس چيو.
”۽ ڪتابن ۾ اگهاڙين عورتن جا فوٽا رکندا آهن“.
ان ڳاله تان ٽنهي کي کل آئي .کلي کلي ڪرسين تان ڪري پيا .اٿيا .ڪرسين تي ويٺا مس ،ته ڪريم وري ڪري پيو.
ڀڳوانداس ۽ مظفر پيٽ کي زور ڏيئي کلي کلي ساڻا ٿي پيا.
ڪريم چيو” ،اڙي چپ ڪريو ،کلي کلي چريا نه ٿي پئون“.
”ڀل چريا ٿي پئون .سنڌي پير ڪري پوڄيندا“.
”تون ڪافر آهين ماستر“.
”مان ٽڪي جو ماستر آهيان“.
”تڏهن ته ماسترن فيملي پالننگ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي“.
”بيشڪ وارن جي ڪسر ٿا پوري ڪن“.
پوء ملڪ جو مستقبل ڊارڪ آهي“.
”ته ِ
”ڊارڪ ،يعني ڪارو؟“
”ها“.
”آمريڪا جا نينکرو به ڪارا آهن “،مظفر چيو.
”آمريڪي اندر جا ڪارا آهن“.
”تون اشتراڪي آهين ،تڏهن ٿو بڪواس ڪرين“.
”پنهنجي هئنڊسم پريزيڊنٽ کي ماري وڌائون“.
”راڪ هڊسن به گهٽ ٺاهوڪو ناهي .هن کي ئي کڻي صدر ڪن“.
”پر راڪ هڊسن مارلين برانڊو جهڙو زبردست ايڪٽر ناهي“.
”هون!“ مظفر چيو” ،شيدي ايڪٽر سڊني پائٽر دنيا جو سڀ کان وڏو ايڪٽر آهي“.
”بڪواس“.
ڳالهاء ،بيهوش“.
ِ ”زبان سنڀالي
”مان هوش ۾ آهيان“.
”تون آئوٽ آهين“.
الء تيار ٿي بيٺا .ڀڳوانداس وچ ۾ پئي ،سندن ٺاه ڪرايو .چيائين” ،توهان ٻئي آئوٽ آهيو.
ڪريم ۽ مظفر ذري گهٽ وڙهڻ ِ
نسلي امتياز اسان جو مسئلو ناهي“.
”آهي“.
”ناهي ،اڙي گنجا .اسان جو مسئلو مذهب آهي“.
”مذهب دوکو آهي“.
”دوزخ ۾ ويندين ،بيوقوف .اسان کان ڌار ٿيڻ ٿو چاهين“.
”پرواه ناهي .سچل چيو هو ،دوزخ دڙڪو ،بهشت دالسو ،ڊاه ويا سڀ ڊهي ڊهي“.
”سچل جي ڳاله نه ڪر “،ڪريم چيو” ،سچل ڪميونسٽ هو“.
ڳالهاء .سچل سنڌ جو سڀ کان وڏو شاعر هو“.
ِ ”گڏه بي عقل ،ڇسا زبان سنڀالي
”شاه کان به؟“
”ها“.
”سچل تي مارڪس جو اثر ٿو ڏسجي .پاڻ ۾ سنگتي ته نه هئا؟“
”سچل مارڪس جي پي َء جو دوست هو “،ڀڳوانداس چيو.
”ته چئبو ته مارڪس تي سچل جو اثر آهي!“
”ها ،مارڪس جي مذهب خالف ٿيئري سچل جي هڪ بيت کان متاثر ٿيل آهي“.
”ڪهڙو؟“
سچل چيو هو:
”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
شيخن پيرن پنڊتن بيحد ڀاليا،
ڪي نمازون نوڙي پڙهن ،ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا ،عقل وارا عشق کي“.
”سچل اڄ جيئرو هجي ها ته ته کيس جيل ۾ وجهي ،مٿس ڪيس هالئين ها“.
بيرو تريل گوشت ،ڪبابن ۽ پٽاٽن جون پليٽون کڻي آيو .ڀڳوانداس سکڻين نگاهن سان تريل گوشت جي پليٽ ڏسڻ لڳو.
ڪريم گوشت جي پليٽ ڏانهنس وڌائيندي چيو” .کا ُء“.
”نه ،مان ويشنو آهيان“.
”بدبخت واڻيا“.
”مئا مسال “،ڀڳوانداس کيس ٽوڪ هئين” ،تون سوئر جو گوشت کائيندين؟“
الء سوئر جو گوشت حرام آهي“.
”مسلمان ِ
”مان ته جيڪر کائي وڃان “.مظفر چيو.
”او گاڊ!“
”ڪهڙو گاڊ؟ هندن جو يا مسلمانن جو “،مظفر جي وات مان نڪري ويو.
ٽنهي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
”ڀال هي َء ڌرتي هندن جي خدا پيدا ڪئي يا مسلمانن جي؟“ ڪريم پڇيو ،ڪائنات ،سمنڊ ،چنڊ تارا ڪنهن پيدا ڪيا؟“
”مون “،مظفر زور سان پنهنجي سيني تي هٿ هنيو.
”شٽ اپ ،ڪافر “،ڪريم رڙ ڪئي.
ٻڌاء ڀال هندوستان ڪنهن پيدا ڪيو؟“
”مان ڪافر آهيان! ته ِ
”ڪهڙو هندوستان؟ هاڻوڪو يا اصلوڪو؟“
الء اقبال چيو هو:
”اڙي ڀوڪ ،اڳوڻو هندوستان ،جنهن ِ
ساري جهان سي اچها هندستان همارا،
هندي هين هم وطن هي سارا جهان همارا“.
”اهو هندستان دنيا پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي موجود هو“.
”تون ڪميونسٽ آهين“.
”نه .مان موالئي آهيان “،مظفر وراڻيو ۽ ٽه ٽه ڪري کلڻ لڳو.
”منهنجو دوست سشيل به موالئي هو “،ڪريم اداس ٿي ويو.
”ڪٿي آهي؟“
”هينئر بمبئي ۾ آهي .چوپاٽي َء تي پڪوڙا وڪڻندو آهي“.
”۽ هتي؟“
”مونسان اسڪول ۾ پڙهندو هو “،ڪريم چيو” ،ڪرڪيٽ جو زبردست رانديگر هو“.
پوء چور مور ٿي پيا آهن ۽ مور ڍور ٿي پيا آهن“.
ڀڳوانداس جي منهن مان نفرت بکڻ لڳي” ،ورهاڱي کان ِ
آء .ڊي َء وارو نه ٻڌي وٺي “.مظفر هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو.
”بس ڪر ته ڪو سيِ .
پوء مان سندس ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽرافي رکندس “.مظفر چيو.
”تنهنجي دوست جي مرڻ کان ِ
ڪريم خاموش رهيو.
ڀڳوانداس چيو” ،ڪهڙي ٽرافي؟ رانجي ٽرافي َء جهڙي؟“
”ها هوبهو رانجي ٽرافي َء جهڙي“.
”رنجيت سنگه رانجي مهاراجا هو ۽ تون ماستر آهين “،ڀڳوانداس کيس ٽوڪ هئين.
هاء ڙي بخت!“
” ِ
”بخت بيوفا هوندو آهي“.
”عورت به بيوفا هوندي آهي “.مظفر چيو.
”غلط “،ڪريم چيو.
”خاموش “،ڀڳوانداس کيس روڪيو” ،تون ڪنواريو آهين“.
”ها ،تون بالغ آهين“.
”شادي هڪ سان ڪندين ،سمهندين ٻي َء سان“.
”۽ عشق وري ٽين َء سان ڪندين“.
”شيڪسپيئر چيو هو ،عورت تنهنجو ٻيو نالو بيوفائي آهي“.
الء آهي “.مظفر چيو.
”عورت فقط عشق ڪرڻ ِ
”۽ سنڌ جا ڪي ماستر ڇورن سان عشق ڪندا آهن“.
”جيڪو عشق ڇوڪري َء بدران ڇوري سان ڪيو وڃي ،تنهن کي مجازي عشق چئبو آهي “.ڪريم مجازي
عشق جي وضاحت ڪندي ،پري وڃي نڪتو.
”عورت ،عورت آهي“.
”عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آهي“.
”عورت جو ٽيون نالو نانختائي آهي“.
”عورت پيڙو آهي“.
”عورت گجر آهي“.
”بڪواس بند “،ڪريم ٽيبل تي مڪ وهائي ڪڍي.
”هلو ،هلو .اڌ رات ٿي وئي آهي .اڳتي به هلڻو آهي “،ڀڳوانداس کين ياد ڏياريو.
”ها ،ها “،مظفر چيو” ،ٺوڪر گلي“.
”جاپاني روڊ“.
”نيپيئر روڊ “،سڀني نعرو هنيو” ،نيپيئر روڊ -زنده باد“.
”بيرا بل الؤ “،مظفر رڙ ڪري بيري کي سڏ ڪيو.
بل ڏيئي ،هڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي ،ٽيئي ڄڻا لڏندا لمندا ،جهومندا ،بار مان نڪري پريڊي اسٽريٽ تي اچي بيٺا.
ٽيڪسي َء جو انتظار ڪندي ڳائڻ لڳا.
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
هر حال ۾ رانول رهبري ٿيندين“.
”ٽيڪسي!“ ڪريم هڪ ٽيڪسي بيهاري.
ٽيڪسي چيڪاٽ ڪري سندسن آڏو اچي بيٺي .ٽيئي ڄڻا پوئين سيٽ تي ويٺا.
”نيپيئر روڊ ڪو چلو بابا “،مظفر چيو.
ٽيڪسي نيپئر روڊ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي.
ڀڳوانداس چيو” ،ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪيون“.
”ڇو؟“
”ڪو ڏسي نه وٺي“.
”ڀل ڏسي وٺي .اسان اک ڪڍائي ڇڏينداسينس“.
”اسان استاد آهيون“.
ڳالهاء ،گنجا .استاد ڀڙوي کي چئبو آهي“.
ِ ”زبان سنڀالي
”تون حرامي آهين“.
”اسان ٽڪي جا ماستر آهيون“.
ٽيئي ڪجه دير خاموش رهيا .ٽيڪسي خالي رستن تان ڊوڙندي رهي .مظفر ٽيڪسي َء جي ننڍڙي آئيني ۾ پنهنجو منهن
ڏسي ،گنجي ٽڪڻ تي هٿ گهمايو .چيائين” ،وار هجنم ها ته دليپ ڪمار جهڙو ڏسجان ها“.
”شٽ اپ“ ڀڳوانداس مٿس ٺٺولي ڪندي چيو” ،تون واهيات انب جي چوسيل ککڙي آهين“.
ان ڳاله تان مظفر کي ڏاڍا خار لڳا .چيائين” ،اڄ تائين چار ڊزن ڇوڪريون مون سان عشق ڪري چڪيون آهن“.
”ويچاريون بدبخت .انڌيون هونديون يا ٻيو ڪو جانور نه مليو هوندن“.
مظفر ڀڳوانداس کي سٿر تي هڪ مڪ وهائي ڪڍي.
الء چيو” ،برابر گنجا .تون دنيا جو عظيم عاشق آهين“.
ڪريم جهيڙو ٽارڻ ِ
”۽ مان دليپ ڪمار به آهيان“.
”تون گنجو دليپ ڪمار آهين“.
”بڪواس بند ڪر ،ڀڳوانداس “،مظفر مڪ اوالريندي ڀڳوانداس کي چيو” ،هڪ ٺونشي سان هندوستان موڪلي
ڇڏيندومانء ،سمجهيئه“.
ِ
هڻجانء“.
ِ پوء ٺونشو
”اڄ نه .پاسپورٽ ڪڍائي وٺانِ ،
”هي ُء ڀڳوانداس بدبخت نشي ۾ آئوٽ آهي“.
پوء تون ئي کڻي چئه ،مان آهيان نه دليپ ڪمار جهڙو“.
” ِ
”ها “،ڪريم مظفر کي جواب ڏنو” ،تون آهين ته دليپ ڪمار جهڙو ،پر تنهنجو آواز گلشن کدڙي جهڙو آهي“.
ان ڳاله تان ڪريم ۽ ڀڳوانداس کلي کلي کيرا ٿي پيا.
پوء ٽيڪسي َء واري کي ڀاڙو
موٽر سٽ ڏيئي بيهي رهي .ٽنهي ٽيڪسي َء مان ڳاٺ ڪڍي نيپئر روڊ تي هڪ نگاه وڌي ۽ ِ
ڏيئي ،ٽيڪسي َء مان لهي ،ٺوڪر گلي َء ڏانهن ڦري ويا.
گهٽي َء جي رونق گهٽجي ويئي هئي .پيٽروميڪس بتين جا مينٽل ۽ ميونسپل جي بتين جا بلب جهڪا ٿي ويا هئا .ڪوٺين جي
ميرانجهڙي روشني چکن مان ليئا پائي رهي هئي .گراهڪ موٽي رهيا هئا.
ڪريم چيو” ،ٺوڪر گلي انارڪلي آهي ۽ مان شهزادو سليم آهيان“.
”۽ اسان تنهنجا غالم آهيون “،مظفر وراڻيو.
”تنهنجي انصاف جو گهنڊ ڪٿي آهي ،شهزادا؟“
الء الر ڪيائين ته سڌو وڃي اليڪٽرڪ پول سان لڳو .پول تي خار
ڪريم ڀڳوانداس کي خوفناڪ گار ڏني .کيس مارڻ ِ
آيس .پول کي به گاريون ڏنائين.
”بداخالق “،مظفر چيس” ،عورتن جي موجودگي َء ۾ بدڪالمي ٿو ڪرين ،بي لغام“.
”ڪٿي آهن عورتون؟“
”هي به ته تنهنجون ڀينرون آهن“.
”زبان سنڀالي ڳالهائي ،گنجا “،ڪريم مظفر ڏانهن اکيون ڦاڙي ڏٺو” ،هي سڀ رنڊيون آهن“.
”عورتون ناهن“.
”نه “،ڪريم وراڻيو” ،دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون آهن“.
”۽ ماڻهين؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”مان تنهنجو خون ڪندس واڻيا “،ڪريم رڙ ڪندي چيو” ،خبر اٿئي مان پڪو مسلمان آهيان“.
”ٽري وڃ ،ڪريم ڪنگال “،مظفر وچ ۾ چيو” ،دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون ناهن“.
”برابر منهنجا برادر .دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون ناهن“.
”دنيا جون عورتون بيوفا ،دغاباز ،چاالڪ ،مڪار ،ڪوڙيون ۽ -۽ -گنجا ٻڌائي ٻيو ڇا؟“
”فريبي آهن“.
”برابر منهنجا برادر“.
پوء ٽيئي ڄڻا هڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي ڳائڻ لڳا،
”هاڻي هلو هڪ بيوفا عورت ڏانهن “،ڀڳوانداس اعالن ڪيو .۽ ِ
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
هر حال ۾ رانول رهبري ٿيندين“.
چکن سان لڳل جسمن ۾ چرپر ٿي ،چوڙين جا جلترنگ جاڳي اٿيا .نگاهن جا ٻجهيل ٻاڻ هليا .خشڪ چپن تي مرڪ تري
آئي ۽ ڪجه اشارا ٿيا .ٽيئي دوست ٽي چکون مٿي ڪري ٽن ڪوٺين ۾ لنگهي ويا .ٻاهر ،هڪ پهلوان وڪٽوريا گاڏي َء ۾
هڪ انگريزي خالصي َء کي سمجهائي رهيو هو” ،دس ،فسٽ نمبر“.
”انڊين؟“ انگريز خالصي َء پڇيو.
”نو “،پهلوان وراڻيو” ،انڊين نو گڊ“.
”گڊ“.
”نو نو “،پهلوان چندو رهيو” ،پاڪستاني مال ويري گڊ“.
”شوئر؟“
انجاء“.
ِ ”صاحب ،نو گڊ ،نو مني “،پهلوان انگريز خالصي َء کي گاڏي َء مان الهيندي چيو” ،پاڪستان مال ويري گڊ ،گڊ
”بڪواس!“ مظفر ٿڙندو ٿاٻڙندو ،ڪوٺي َء مان نڪري پول وٽ اچي بيٺو .خالصي َء ۽ پهلوان ڏانهنس منهن ورائي ڏٺو.
مظفر انگريز خالصي َء کي مخاطب ٿيندي چيو” ،نو گڊ سر ،آل فراڊ“.
پهلوان مظفر کي ڪالر کان وڃي ورتو ،سٽ ڏيندي چيائين” ،اوئڍ بس کر وڍ دلڍ دا پترا“.
مظفر ڪالر ڇڏائي گند جي ڊه وٽ وڃي بيٺو .انگريز ۽ پهلوان کيس گهوريندا ،ڪاٺ جي هڪ سوڙهي ڏاڪڻ چڙهي ويا.
مظفر ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو .عورتن کي گاريون ڏيڻ لڳو” ،حرامزادي َء پنج رپيا حرام ڪري ڇڏيا“.
پوء ڀڳوانداس چک هٽائي ،ٻوٿ ڀيلو ڪري ٻاهر آيو ،ڄڻ ته ڪنهن الو َء ڀونڊو ڏنو هوس .مظفر جي پاسي ۾ ٿوري دير کان ِ
اچي بيٺو .چيائين” ،پنج رپيا تيل ٿي ويا“.
کانپوء ڪريم ٻاهر آيو .منهن تي مرڪ هيس .ٻنهي وٽ اچي
ِ مظفر کيس جواب نه ڏنو .هو به خاموش رهيو .ڪجه دير
انجاء ڪيم“.
ِ چيائين” ،خوب
”تون ڪنوارو آهين .بکايل آهين .بڪواس نه ڪر “.مظفر کهري آواز ۾ چيو.
پوء ڀڳوانداس ۽ مظفر جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي ڳائڻ لڳو:
ڪريم دل کولي ٽهڪ ڏنو ۽ ِ
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندي“.
ٽيئي دوست لڏندا لمندا ،ٺوڪر گلي َء مان نڪري نيپئر روڊ تي اچي بيٺا .سامهون هڪ ٽيڪسي بيٺي هئي .پٺاڻ ڊرائيور
ٽيڪسي َء جي دري َء تي منهن رکي کونگهرا هڻي رهيو هو .ڪريم ڊرائيور جي ڪن وٽ وات آڻيندي رڙ ڪئي” ،چلينگا؟“
ڊرائيور ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو .اکيون مهٽيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين .هو ٽيئي در کولي ٽيڪسي َء ۾ چڙهي ويٺا .ڊرائيور
نسوار جي دٻلي کولي ۽ نسوار جي هڪ ڀرپور چپٽي هيٺئين چپ ۽ مهار جي وچ ۾ وجهندي پڇيائين” ،خوچي ڪيڌر
جائينگا؟“
ڪريم کيس ٻڌايو .ٽيڪسي خالي رستن تي ڊوڙڻ لڳي ۽ ڊينسو هال لنگهي گاڏي کاتي وٽ پهتي .ڀڳوانداس اتي لٿو .گاڏي
کاتي کان ٽيڪسي سولجر بازار ڏانهن ڊوڙڻ لڳي.
مظفر ڀڻڪيو” ،عورت دوکيبازي آهي“.
”ذليل آهي“.
مظفر چيو” ،مان عورت جي اهڙي تصوير ٺاهيندس ،جنهن ۾ سندس منهن دانگي َء جي تري جهڙو ۽ وار ڪاريهر جهڙا
هوندا“.
”۽ بدن ٻٻر جي ٽاري َء جهڙو “،ڪريم چيو.
ٻئي ڄڻا ٻيهر خاموش ٿي ويا .سولجر بازار وٽ ڪريم لهي ويو.
مظفر اڪيلو رهجي ويو .ٽيڪسي ٽيوب الئيٽ ۾ جرڪندڙ خالي رستن تان گرومندر ڏانهن ڊوڙڻ لڳي .اهڙي َء ئي تيزي َء
سان مظفر ذهن ۾ عورت جا ڀيانڪ روپ ٺهندا ۽ ڊهندا رهياو .سندس تصور عورت جو سڀ کان خوفناڪ روپ تالش
ڪندو رهيو .آخر اهو ئي فيصلو ڪيائين ،ته هو عورت جي اهڙي تصوير ٺاهيندو ،جنهن ۾ سندس منهن دانگي َء جهڙو،
وار ڪاريهر جهڙا ۽ بدن ٻٻر جي ٽاري َء جهڙو هوندو .ان کان وڌيڪ ،عورت جي ڀوائتي شڪل سندس ذهن ۾ جنم وٺي نه
سگهي.
سندس خيالن جو سلسلو ڊرائيور جي ڳالهائڻ سان ٽٽي پيو” ،خوچي ڪيڌر اترينگا؟“
”ها!“ مظفر ڇرڪ ڀريو” ،سامنڍ جهاڙ کڍ پاس“.
مظفر واچ تي نظر وڌي .رات جا ٽي ٿيا هئا .ڊرائيور ٽيڪسي وڻ وٽ آڻي بيهاري .هن ڊرائيور کي ڀاڙو ڏنو ۽ ٽيڪسي َء
مان لهي بيٺو .ٽيڪسي زوڪاٽ ڪري اڳتي وڌي ويئي .مظفر چيو” ،عورت تون ٽيڪسي آهين .دانگي َء جو ترو ،ڪاريهر
۽ ٻٻر جي ٽاري“.
وڻ جي پويان سندس ڪوارٽر هو .ڪوارٽر جي بتي ٻري رهي هئي .بلب جا ڪرڻا دري َء جي شيخن مان لنگهندا ،فٽ پاٿ
تي پئجي رهيا هئا .دري َء وٽ سندس زال منتظر نگاهن سان سندس انتظار ڪري رهي هئي .چپ خشڪ ۽ اکين ۾ لڙڪن
الء در کوليو .هو اندر ايندي در جي چائنٺ سان وچڙيو .ٿاٻو کاڌائين .زالهنس کيس سهارو
جي جهالر هيس .هن اٿي مڙس ِ
ڏنو ۽ آڻي کٽ تي ليٽائي ڇڏيائينس .هن هڪ نگاه پنهنجي زال تي وڌي ۽ منهن ڦيرائي سمهي پيو.
هو َء لڙڪ پي ويئي .پاسي کان اٿي کٽ جي پيراندي َء کان اچي ويٺي ۽مڙس جي بوٽ جون ڪهيون کولڻ لڳي.
سج اڀرڻ کان اڳ
مون کي ڏسي سدائين ڀڄي ويندو هو .ان ڏينهن به مون تي نظر پيس ته وٺي ڀڳو .وک ته اڳ وانگر تکي وڌائي هئائين ،پر
تڏهن به وڃي سوگهو ڪيومانس.
پڇيومانس” ،ڪيئن ،سڃاڻين ٿو؟“
چيائين” ،نه“.
سندس منهن تڪيندي چيم” ،واه ،مونکي نٿو سڃاڻين“.
”نه“.
”ٻالو ڀولو نه ٿي ُء“.
”يقين ڪر ته مان توکي سڃاڻان ئي نه“.
نفرت جي جذبي منهنجي آواز کي سخت ڪري ڇڏيو .چيم” ،اڳ به مڪار هئين ،اڄ به مڪار آهين“.
هن جواب نه ڏنو ،فقط پنهنجين جادوگر نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو .اکين ۾ اهڙي ته مقناطيسي ڪشش هوندي اٿس،
جو هڪ ئي نگاه سان اڳئين کي خاموش ڪري ڇڏيندو آهي ،پر ان ڏينهن مان بيحد ڪاوڙ ۾ هوس .ڀڻڪيم” ،تون دوکيباز
۽ فريبي آهين“.
آهستگي َء سان وراڻيائين” :انڪري ته پنهنجي دوستي ختم ٿي ويئي“.
”ڏس ،اچي وئين نه راه تي!“ مٿس ٺٺولي ڪندي چيم” ،ڏاڍو ڀورڙو پي ٿئين ،چي’ ،مان توکي ته سڃاڻان ئي نٿو“!‘.
”جيڪي هئين ،تنهن کي سڃاڻيندو هوس “،نگاهن ۾
ساگر جهڙي گهرائي پيدا ڪندي چيائين” ،۽ هينئر جيڪي ڪجه آهين ،تنهن کي ڪونه سڃاڻان“.
معني جا ٻه مختلف مطلب ڪڍيا اٿئي“.
ٰ ”ڏاڍو چاالڪ آهين “،سندس نگاهن کان پنهنجيون نظرون بچائيندي چيم” ،ساڳي َء
”مطلب ساڳيو آهي ،پر تنهنجي سمجه ۾ ڦيرو اچي ويو آهي“.
”واه .ڪڏهن چوين سڃاڻان ،ڪڏهن چوين نه سڃاڻان .سمجه ته تنهنجي ڦري ويئي آهي“.
هڪدم جواب ڏنائين” ،جڏهن رتن تال َء اسڪول جي پٺيان هڪ جهڳي َء ۾ رهندو هئين ،تڏهن مان تنهنجو دوست هوس“.
”۽ اڄ؟“
” اڄ تون اهو رهيو ئي ناهين ،ته ڀال اسان جي دوستي ڪيئن رهندي! چيائين” ،مون ته توکي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ،ته مان
فقط انهن جو دوست آهيان ،جن وٽ“-
”بند ڪر بڪواس “.کيس ڳچي َء کان وڃي ورتم” ،سڄي َء دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي“.
هو خاموش رهيو.
مون ڳالهايو” ،انهن منجهيل ڳالهين سان دنيا کي منجهايو اٿئي“.
جواب ڏنائين ” ،جڏهن ظلم ۽ انڌير جا پڙدا انسان جي عقل تي پئجي ويندا آهن ،تڏهن انسان انسانيت کي وساري ويهندو آهي،
بلڪل تو وانگر“.
”فريبي ،انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ رچايو اٿئي “،مون کيس ڀت جي پاڇي ۾ ڌڪي ڇڏيو” ،انهن ڳالهين سان دنيا کي ٺڳيو
اٿئي“.
بنا چرپر جي جواب ڏنائين” ،منهنجين ڳالهين کان بيزار هئين ،تڏهن ته تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنم“.
”مون کي به تنهنجي دوستي َء جي ضرورت ناهي “،سندس ڳچي َء تي گرفت مضبوط ڪندي چيو.
پوء روڪيو ڇو اٿئي؟“
”ته ِ
الء ته ،مون تنهنجي تلقين ٿڏي ڇڏي آهي“.
”اهو ٻڌائڻ ِ
”ڄاڻان ٿو“.
”۽ وڌيڪ ٻڌ ،اڳ تنهنجي دوستي َء ۾ مان گريجوئيٽ هوندي به بيروزگار هوندو هوس ،بک مرندو هوس “،کيس ساڳي نو َء
۾ ٻڌايم” ،هينئر مون ڊگري سرٽيفڪيٽ کي بيڪار ڪاغذ وانگر ڦاڙي ڇڏيو آهي .اڄڪله اسان وٽ بک ڪونهي .سکيا ۽
آسودا آهيون“.
”ان ڪري ته تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو اٿم“.
”ائين چئه ته رڳو بکين ۽ بيروزگارن جي در تي ڌڪا کائيندو آهين“.
منهنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو .اکيون چمڪڻ لڳس .چيائين” ،جيئن سمجهين .پر چور سان پلئه نه اٽڪائيندس“.
پنهنجين تکين اکين سان منهنجو اندر ڦٽي وڌائين .سندس لفظ ڇيت وانگر دل ۾ چڀڻ لڳم .مون کيس ڇڏي ڏنو .هو جيئن اوچتو
ئي اوچتو پيدا ٿي پوندو هو ،تيئن ئي گم به ٿي ويندو هو .ان ڏينهن به پاسي واري اونداهي گهٽي َء ۾ غائب ٿي ويو.
مان حيران ٿي رهيو هوس ،ته کيس ڪيئن خبر پيئي ته مان چور هوس! جنهن راز کان منهنجي ما ُء ۽ ڀيڻ بيخبر هيون،
جنهن راز کان پاڙي وارا اڻڄاڻ هئا ،جنهن راز کان پوليس اڻواقف هئي ،تنهن مخفي راز جي هن کي ڪيئن پروڙ پئجي
ويئي! ان وقت محسوس ڪيم ته دنيا ۾ فقط هو ئي منهنجي ڏوه کان واقف هو ،يا مان خود هوس .مون کيس ختم ڪرڻ جو
الء موت برابر هو .هو منهنجين خوشين جو دشمن پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو .اهڙي خطرناڪ شاهد جو زنده رهڻ منهنجي ِ
هو .سوچيم ،مان کيس جيئرو نه ڇڏيندس.
پوء چاقو کولي ،مٺ ۾ قابو ڪري ،هٿ اوورڪوٽ جي اونهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. مون رومال ڪڍي هٿ تي ويڙهيو ،۽ ِ
رات جو پويون پهر هو .هو جنهن اونداهي گهٽي َء ۾ گم ٿي ويو هو ،مان ان گهٽي َء ۾ ڪاهي پيس .هو مون کان سڏ پنڌ تي
وڃي رهيو هو .مون سندس پيڇو ڪيو .وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو ،مان هن جي پٺيان هلندو رهيس،
فيصلو ڪيم ،ته کيس سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪري ڇڏيندس.
الء واجهائڻ لڳس ،جتي هن جي آخري هڏڪي چاقو َء تي منهنجي گرفت مضبوط ٿيندي ويئي ،۽ مان ڪنهن اهڙي هنڌ ِ
ويرانين ۾ دفن ٿي وڃي .هو بيخبر هلندو رهيو ،۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رهيس .رکي رکي افسوس به پئي ٿيم،
ته اجايو سندس موت منهنجي هٿان ٿي رهيو هو .افسوس ان ڪري پئي ڪيم ،جو هڪ دفعي ،مون کي خودڪشي َء کان
روڪي ،زندگي َء جو مفهوم سمجهايو هئائين .انهن ڏينهن ۾ مان بيحد مشڪالتن ۾ مبتال هوس .رلندو رهيو هوس .ڀٽڪندو
رهيو هوس .نيٺ اها منحوس گهڙي به اچي پهتي ،جڏهن بک ۽ بيروزگاري َء اسان کان سڀ ڪجه ڦري ورتو .ڏونگر جهڙا
اهي ڏينهن مون کي سدائين ياد رهندا ،۽ اهو ڏينهن به هرگز وساري نه سگهندس ،جڏهن ٻن ڏينهن جي بک اسان کي اڌ
چريو ڪري ڇڏيو هو .مرڻ جا جيڪي به طريقا آهن ،انهن سڀني مان ،سڀ کان ڀوائتو نمونو آهي بک ۾ پاه ٿي مرڻ جو.
مان بک جي عذاب ۾ سڀ ڪجه وساري ويٺو هوس ،سڀ ڪجه.
جڏهن امان هيڻي آواز ۾ پڇيو هو” ،ابا ،هاڻي ڇا ٿيندو؟“ تڏهن انتهائي مايوسي َء ۽ بيزاري َء وچان کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو
هوم” ،ڇا وري ڇا -تون زرينه کي هار سينگار ڪري ويهار ،مان گراهڪ ٿو وٺي اچان“.
”بيغيرت ،بيحيا “،امان مئل آواز ۾ رڙ ڪئي هئي.
”ها امان “،وراڻيو هوم” ،جوان عورت ڌنڌو ڪرائي پيٽ پالي سگهي ٿي ،مرد ڪيڏانهن وڃي! ٻڌائي مرد ڪيڏانهن
وڃي؟“
الء منهنجو جملو برداشت کان ٻاهر
زرينه ۽ امان ،حيرت مان مون ڏانهن تڪي رهيون هيون .سندن خالي ۽ پريشان ذهن ِ
هو .زرينه ته پنهنجيون اڌ وساميل اکيون ،منهنجين اکين مان ڪڍيون ئي نه ٿي ،ڀانئه ته نگاهن سان منهنجو روح ڇيهي
ڇڏيندي .مون کي اچي ٻانهن کان ورتو هئائين .مون کيس گهائل ڪندي چيو هو” ،توکي وئشيا ٿيڻو پوندو زرينه ،هن جڳ ۾
الء تون اهو قرض صدين کان چڪائيندي رهي الء توکي اهو قرض چڪائڻو پوندو .مون جهڙي بي غيرت ڀا ُء ِ
جيئرو رهڻ ِ
آهين“.
”شرم نٿو اچيئي ،بي غيرت “،امان دڙڪو ڏنو هو.
”بک جو ڀوت غيرت کي اڳري ڇڏيندو آهي ،امان“.
”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي“.
”ٻڌو نه اٿئي امان “،مان روئي پيو هوس ،بُک بڇڙو ٽول ،دانا ديوانا ڪري“.
االء ڪٿان ايترو پاڻي اسان جي اکين ۾ اچي گڏ ٿيو هو .زرينه وائڙين
امان جي ۽ منهنجين اکين مان لڙڪ وهي نڪتا هئاِ .
پوء منهنجي سڄياکين سان مون کي گهوري رهي هئي .اوچتو ،ڪراهت وچان منهنجي منهن تي ٿڪ اڇالئي هئائين ،۽ ِ
قميص ليڙون ليڙون ڪري ڇڏي هئائين .منهنجي منهن تي رهنڊون هڻي ،ٻئي مٺيون منهنجن وارن ۾ وجهي ،اوڇنگارن ۾
اچي ڇٽي هئي .هو َء ساڳي زرينه هئي ،منهنجي ننڍي ڀيڻ ،جنهن کي ڪلهي تي ويهاري گهمائڻ ويندو هوس .جنهن کي
پنهنجي َء خرچي َء مان بوڙينڊا وٺي ڏيندو هوس ،۽ جنهن جي هڪ هڪ لڙڪ تي پاڻ به بيچين ٿي اٿندو هوس .ان ڏينهن
منهنجي ساڳي َء زرينه جا هٿ منهنجن وارن ۾ هئا ۽ هو َء سڏڪا ڀري رهي هئي ،هنجون هاري رهي هئي .مون کيس پاڻ
کان ڌار ڪيو ،۽ اسڪائوٽ جي ڏينهن وارو چاقو کڻي ،ٻاهر نڪري ويو هوس.
مون کي اونداه جي تالش هئي .مون کي ويرانين جي ڳوال هئي ،جتي سوالئي َء سان چاقو َء جي تکي چهنب ،ڦر سوڌي سيني
۾ الهي سگهان ها .زرينه جا سڏڪا ۽ امان جون آهون منهنجو پيڇو ڪنديون آيون ،پري پري تائين هڪ هنڌ مون کي اونده
۽ ويراني َء وارو مقام ملي ويو هو ،۽ مون چاقو کولي سيني تي رکيو هو .چاقو َء کي دل ۾ الهڻ تي هوس ،جو هو به اچي
اتان نڪتو هو .منهنجي ويڻي جهليندي پڇيو هئائين” ،هن چاقو َء جي باري ۾ ڪجه ڄاڻين ٿو؟“
مون حيرت مان ڏانهنس نهاريو هو .جيتوڻيڪ اجنبي هو ،پر تڏهن به لڳم پئي ،ڄڻ منهنجو ڄاتل سڃاتل هو” .ها “،وراڻيو
هوم” ،تمام تکو آهي جلد موت آڻيندو“.
”پر جنهن ڪاريگر هي ُء چاقو ٺاهيو هو “،هن پنهنجي مقناطيسي نگاهن سان منهنجي اکين ۾ ڏسندي چيو” ،تنهن ڪايگر
جي تصور ۾ موت نه ،پر زندگي هئي“.
مان اچرج وچان هن جون ساگر جهڙيون گهريون ۽ پراسرار اکيون ڏسندو رهيس.
پڇيو هئائين” ،نوجوان آهين ،محنت ،مزوري ڇو نٿو ڪرين؟“
وراڻيو هوم” ،مان گريجوئيٽ آهيان“.
”تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو ٿو سمجهين؟ پيٽ ته ڪتا به پاليندا آهن “.هن باوقار لهجي ۾ چيو هو” ،علم اٿئي روشني ،۽
هٿ جو پورهيو دنيا جو عظيم ڌنڌو“.
سندس آواز وڏو ۽ چٽو هو ،۽ گهڻي َء دير تائين منهنجي ذهن ۾ پڙاڏو ڪندو رهيو .مون کي ماٺ ۾ غلطان ڏسي چيو هئائين،
”اها زندگي ئي ڪهڙي ،جنهن ۾ جدوجهد نه هجي .دوست جدوجهد زندگي َء جي عالمت آهي .حقيقت ۾ اڄ فقط اهي ئي
انسان زنده آهن ،جن ڪڏهن جدوجهد ڪئي هئي“.
مون وٽ سندس ڳالهين جو جواب نه هو.
تڏهن چيو هئائين” ،ڪهڙا نه مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي! انهن کان ڪم وٺ ،منهنجا دوست“.
پوء هو مون کي حيران ۽ پريشان ڇڏي هليو ويو هو.
۽ ِ
کليل چاقو مٺ ۾ رهجي ويو هو .جيتوڻيڪ منهنجي َء دل مان مرڻ جي خواهش هن جي ڳالهين سان تڙجي ويئي هئي ،پر
تنهن هوندي به بک جي باه اندر ۾ ڀڙڪندي رهي .هن جي آخري جملي جو پڙاڏو مون کي بيچين ڪندو رهيو ته :ڪهڙا نه
مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي ،انهن کان ڪم وٺ ،منهنجا دوست.
هيڏانهن هوڏانهن نهاري ،هڪدم پئڊل تي پير رکي ،سائيڪل ڪاهيندو ،تير وانگر اتان گم ٿي ويو هوس .ڪنهن به مون کي
سائيڪل کڻندي نه ڏٺو هو ۽ اِها منهنجي زندگي َء جي پهرين چوري هئي .سائيڪل هڪ ڪٻاڙي َء واري کي پنجاه رپين ۾
وڪڻي ،هوٽل تان نان ڪباب ،ڪورما ۽ برياني وٺي ،جڏهن گهر جي در وٽ پهتو هوس ،تڏهن هن کي در جي ڀرسان بيٺل
ڏسي حيران ٿيو هوم .ڪجه دير اڳ ،مون کي زندگي َء جو سبق ڏيندي جيڪا جوت سندس اکين ۾ جلي اٿي هئي ،اها
اجهاميل هئي.
کيس ائين بيٺل ڏسي چيو هوم” ،تنهنجي چوڻ موجب مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم ورتو اٿم“.
پوء هوريان
”مون کي خبر آهي ،منهنجا دوست “،هن آهستي وراڻيو هو ۽ سندس اکين مان رنجش بکڻ لڳي هئي ،۽ ِ
هوريان ،ڪنڌ جهڪائي ڪيڏانهن هليو ويو هو.
مان هڪدم گهر اندر داخل ٿيو هوس .ڏيئي جو تيل ختم ٿيڻ تي هو .نان -ڪباب جا پڙا جڏهن کٽ تي رکيم ،تڏهن امان ۽
زرينه ،وائڙن وانگر ،ڪڏهن مون کي ۽ ڪڏهن پڙن کي ڏسڻ لڳيون .پڙا سڻڀا هئا ۽ ڪبابن ۽ ڪورمي جي خوشبو َء بک
پوء اچتو امان هڪ قدم اڳتي وڌي آئي ،۽ هن پنهنجي ڪمزور هٿ سان منهنجي منهن تي چماٽ وهائي کي باه لڳائي ڇڏيِ .
ڪڍي” ،بيحيا پنهنجي ڀيڻ جو سودو ڪري ،هي ُء حرام آندو اٿئي“.
”نه نه “،وراڻيو هوم” ،مان ته مرڻ ويو هوس ،پر رستي ۾ نوڪري ملي ويئي“.
”نوڪري!“
”ها ،نوڪري“.
پوء اسان پڙن تي ڪري پيا هئاسين .کائيندي کائيندي ،امان نوڪري َء جي باري ۾ پڇيو هو ،۽ مون کيس ٻڌايو هو” ،هڪ ِ
اخبار جو نمائندو ٿيو آهيان“.
”اخبار جو؟“
”ڪهڙي َء اخبار جو نمائنيدو ٿيو آهين؟“
”بس ،آهي هڪڙي اخبار “،کيس چيو هوم” ،تون ٻيو ڪو فڪر نه ڪر ،۽ ماٺ ڪري ويهي ماني کا ُء“.
کانپوء مون ٻيون ڪيتريون سائڪلون چورايون ،۽ ڏسندي ئي ڏسندي مان شهر جي چورايل سائيڪلن جو سڀ کان وڏو ِ ان
”ڊيلر“ ٿي پيس .منهنجو ڪاروبار جيئن جيئن زور ٿيندو ويو .تيئن تيئن هو مون کان دور ٿيندو ويو .پر ،ان سموري
سواء ڪو ٻيو به منهنجي ڏوه کان واقف هو ،۽ مون تي نظر رکي
ِ عرصي ۾ ،مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ،ته مون کان
پوء هو جڏهن ائين چئي هليو ويو ته” ،چور سان پلئه نه اٽڪائيندس “.تڏهن مون کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
رهيو هوِ .
۽ سندس پيڇو ڪيم.
رات جو پويون پهر ختم ٿيڻ تي هو ،۽ منهنج ي بيچيني وڌندي ٿي ويئي .مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ ٿي چاهيو.
هو هلندو رهيو ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رهيو.
نيٺ هو هڪ غليظ گهٽي َء ڏانهن ڦري ويو .مون موقعو غنيمت ڄاتو .چاقو َء تي مٺ ڀڪوڙي ڇڏيم .هو هلندي هلندي هڪ
ڪچي گهر ٻاهران بيهي رهيو .در کڙڪايائين .مان وڻ جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس .سوچيم ،جڏهن موٽندو ،تڏهن پٺي َء ۾ چاقو
هڻندومانس .مان اوٽ مان ڏانهنس ڏسندو رهيس .پڪ هيم ته ڪنهن مفلس جي گهر ٻاهران اچي بيٺو هوندو ،ڇو جو هو فقط
پوء در کليو ،۽ هڪ نوجوان ٻاهر آيو .نوجوان کي ڪپڙا سادا،مصيبت زده انسانن جي در تي ويندو آهي .ڪجه دير کان ِ
الء هڪ پوڙهي عورت پر اڇا اجرا اوڍيل هئا .حيرت فقط اهو ڏسي ٿيم ،جو نوجوان جي هٿ ۾ لڪڻ هو .در بند ڪرڻ ِ
آڻجانء“.
ِ الء ڪتاب ۽ هڪ ميز -بتي
آئي ،۽ نوجوان کي چيائين” ،پٽ ،ڀا ُء ِ
”ها امان “،نوجوان شانائتي آواز ۾ جواب ڏنو.
مون کي سندس آواز ٻڌي حيرت ٿي ،ڇو جو نوجوان جو آواز هن جهڙو هو ،۽ خود اعتمادي َء سان ڀريل هو.
سوچيم ،اڄ ڪمبخت وڏي آسامي هٿ ڪئي آهي.
الء تيار ٿي بيٺس .ٻئي ڄڻا جڏهن منهنجي ويجهو پهتا ،تڏهن ،جو
هو نوجوان سميت واپس موٽڻ لڳو .مان مٿس حملي ڪرڻ ِ
االء ڇو ،کيس بروقت قتل
چتائي ڏٺم ،ته نوجوان انڌو هو .هو انڌي نوجوان سان ڪلهو ڪلهي ۾ مالئي هلي رهيو هوِ .
ڪرڻ جو ارادو الهي ،ٻنهي جي پٺ ورتم.
رات جو پويون پهر به گذري ويو ،۽ اوڀر کان روشني َء جا ترورا اڀرندا آيا ۽ اونده گهٽ ٿيندي ويئي .هو ٻئي فرنيچر جي
هڪ دڪان ٻاهران اچي بيٺا .نوجوان کن ترسي ،دڪان ۾ هليو ويو .هو در وٽان نوجوان کي دڪان ۾ داخل ٿيندو ڏسي
رهيو هو ۽ سندس پيشاني َء مان ڄڻ نور جا ترورا نڪري رهيا هئا .سوچيم ،هي ُء ضرور ڪو جادوگر آهي.
مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل هوس .منهنجي پاسي مان لنگهندي چيائين” ،جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو اٿئي ،سو لوهار خوان خرابي
الء نه ٺاهيو هو“.
ِ
مان سچ پچ ته ڪنبي ويس.
منهنجي سامهون اچي بيٺو .چيائين” ،هو نوجوان انڌو آهي ،پر تڏهن به ڪرسيون واڻي ،پنهنجو ،پنهنجي ما ُء جو ۽ پنهنجي
ڀا ُء جو عزت سان پيٽ پاليندو آهي“.
مان خاموش ،الجواب بيٺو رهيس.
چائين” ،محنت ۽ هٿ جو پورهيو ،دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي“.
جڏهن ڪو جواب نه آئڙيو ،تڏهن بيشرمائي َء سان وراڻيم” ،مان به محنت ڪندو آهيان“.
”اهو ڌنڌو ئي ذليل آهي ،جنهن ۾ خوف ،ڊپ ۽ حراس پلئه پوي “،هن جون ساگر جهڙيون نيريون نگاهون منهنجي اندر ۾
لهي ويون.
چوندو رهيو” ،هن نوجوان کي اکيون ڪينهن ،پر اندر ۾ روشني اٿس .عزت سان ڪمائي ٿو ،۽ فخر سان زندگي بسر
ڪري ٿو“.
منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو .جهڪيل نگاهن سان دڪان ڏانهن ڏٺم ،جتي انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رهيو هو.
سندس آواز تي ،منهنجو ڌيان ڏانهنس ڇڪجي ويو .چيائين” ،مان هن نوجوان جو ۽ دنيا جي هر محنتي انسان جو دوست
پوء هو اوچتو ئي اوچتو منهنجين نگاهن کان اوجهل ٿي ويو.
آهيان “،۽ ِ
پوء ،مون خوف ۽ حراس ،ڏوه ۽ ڏهڪا َء جي زندگي َء کان منهن موڙي ڇڏيو ،۽ شهر ۾ سائيڪلن جي هڪ
ان ڏينهن کان ِ
مشهور ڪارخاني ۾ ’فٽر‘ ٿي روزگار ڪمائڻ لڳس.
هڪڙي ڏينهن ،جڏهن گريس سان ٿڦيل ڪپڙن ۽ ٿڪ سان چور جسم سان ڪارخاني مان ڪم ڪري ٻاهر نڪتس ،تڏهن
هن کي پنهنجي ڀرسان بيٺل ڏٺم .منهن مان نور پئي بکيس .بيحد خش پئي نظر آيو.
چيائين” ،اڄ مان بيحد خوش آهيان“.
کانئس پڇيم” ،پر تون ڪير آهين؟ ڪٿان ايندو آهين ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويندو آهين“.
هن ٻانهن ڊگهيري منهنجي هان َء تي هٿ رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ،اکين کان اوجهل ٿي ويو .مون سندس وجود کي
محسوس ڪري ورتو ،۽ محسوس ڪندو رهيو آهيان.
Posted by wahabsahito at 6:47 AM 0 comments
Email This BlogThis! Share to Twitter Share to Facebook Share to Google Buzz
سعيد منزل جي سامهون ،بندر روڊ جي ٻئي پاسي ،اي .وي ريسٽورنٽ جي اولهين َء دري َء وٽ ٻه شخص ويٺا هئا.
جنهن کي بوسڪي َء جي قميص ،ڪلف لڳل سلوار ۽ زري َء جو سليپر پير ۾ هو ،تنهن ڪراڪولي ٽوپي ٽنڊ تي رکندي،
سامهون ويٺل شخص کي چيو” ،مان هن مردود کي جيئرو نه ڇڏيندس ،گهانچي“.
”اڙي تون پروا نا ڪر ،سائين گوالم حسين “.گهانچي َء کي نيرن ۽ ڳاڙهن پٽن واري گنجي ،خاڪي پتلون ۽ پيرن ۾ پراڻو
النگ بوٽ هو .سندس وار گهنڊيدار هئا .رنگ سانورو هوس .جسم جو جيتوڻيڪ طاقتور نه هو ،پر منهن پڪو هوس.
گهانچي َء ،پاڪستاني فلم جي ڪنهن بدمعاش وانگر سگريٽ واڇ ۾ وجهي ،هڪ اک چنجهي ڪندي چيو” ،جانو مڪراني
هن هيرو جي ٻچي کي کالس ڪري ڇڏيندو“.
”پر ڪڏهن ايندو تنهنجو جانو مڪراني“.
”هير ايندو .بس هير ايندو“.
”هي ُء سوئر جو پٽ هتان هليو نه وڃي “،غالم حسين هوٽل کان ٻاهر ڏسندي چيو” ،اهڙي ڪم ۾ اسان دير نه وجهندا
آهيون .اسان جي هڪ اشاري تي هن جهڙن حرامين جا ڪنڌ الهڻ وارا جوان سنڌ ۾ جام آهن“.
”هي َء ڪراچي آهي ،گوالم حسين “.گهانچي َء چيو” ،هتي تونجا ڌاڙيل ماڙيل نا هلدا“.
”اهو ئي ته افسوس آهي ،گهانچي .جيڪڏهن سنڌ هجي ها ،ته هن سوئر جي ڦر کي منٽن ۾ مارايان ها“.
”اڦسوس نا ڪر .جانو مڪراني کي ڊسندين ته وال کش ٿي ويندين“.
غالم حسين ڏند ڪرٽي خاموش ٿي ويو .هن اکيون ڪرڙيون ڪري ،هوٽل کان ٻاهر ،سعيد منزل ڏانهن نهاريو.
بندر روڊ جي ٻئي پاسي ،سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ ،هڪ قداور نوجوان ٻئي ٻانهون لوهي ريلنگ تي رکي اسٽار بڪ اسٽال
تي رکيل ڪتاب ۽ رساال ڏسي رهيو هو .سندس ڏاڙهي َء جا وار وڌيل ،۽ اکيون ڪارن دائرن ۾ ورتل هئس .کيس اڇي
قميص ،اڇي زين جي پتلون ۽ پيرن ۾ باٽا جو چمپل هو .اڻڀا وار نرڙ تي پيا هئس .هن ڪتابن ۽ رسالن تان نظرون هٽائي،
بس اسٽاپ ڏانهن ڏٺو.
هاء اسڪول ٻاهران ،سعيد منزل جي بس اسٽاپ تي 17نمبر بس مان ٻه ڇوڪريون هيٺ لٿيون .ٻنهي کي اين .جي .وي ِ
منهن تي ڳوڙهو ميڪ اپ ،سوسي َء جون سوڙهيون سلوارون ،گج لڳل بنا ٻانهن وارا اسڪرٽ ۽ پيرن ۾ پينسل هيل وارا
چنهبائي سينڊل هئا .مفلر جيترا روا؛ ٻٻر ۾ ٻڌل جناتي اِڳڙين وانگر ٻنهي جي ڪنڌ ۾ ڦڙڪي رهيا هئا.
ٻئي ڇوڪريون جڏهن بس اسٽاپ وٽ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻن وٽان لنگهيون ،تڏهن انهن مان هڪ ڄڻي ،گراهڪ جي بوٽ
کي ٿڪ سان چمڪائيندي چيو” ،خوچي بابو ساب ،تمارا بوٽ ڪو آم اِس ڇوڪري لوڪ ڪڍ مون ڪا مافڪ
چمڪائينگا“.
گراهڪ خوش ٿي ،ٻه ڳنڍيريون وات ۾ وجهي ،وات بند ڪري ڇڏيو.
ٻنهي ڇوڪرين ڪاوڙ مان پٺاڻ ڏانهن ڏٺو ،پر ٺلهي ڪاوڙ برقرار رکي نه سگهيون ۽ ٽه ٽه ڪري کلي پيون .هڪ ٻئي
نوجوان جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪنديون ،کنجنديون ،هڪ ٻئي کي ٿيلها هڻنديون ،اسٽار بڪ اسٽال وٽ اچي بيٺيون .ٻنهي مان
هڪڙي َء ڄڻي َء هڪ فلمي رسالو کڻي ورتو ۽ ٻئي ڄڻيون رسالي جا پنا اٿالئڻ لڳيون.
اسٽال جو مالڪ سنهڙو ۽ بندرو هو ۽ ٻئي پير اسٽول تي چاڙهي ويٺو هو ۽ ٻيڙي َء جو سوٽو هڻي رهيو هو .ڇوڪرين کي
ڏسي هو ٺهي ويٺو .پائجامي جا گوڏن تائين کنجيل پاڇا ڇڪي هيٺ ڪيائين .پن جي ٻيڙير اڇالئي ،ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ
مان ڪي .ٽو جو سگريٽ ڪڍي ،دکائي ،وڏو سوٽو هنيائين .دونهين مان هن ٻنهي ڇوڪرين ڏانهن نهاريو.
ٻنهي ڇوڪرين مان هڪڙي َء ڇوڪري َء جو نڪ طوطي جي چهنب جهڙو هو .هن بيقرار ٿيندي ،آهستي دانهن ڪئي،
”او .آ .اي کتيجا ،وئيد مڙاڊ کي ته ڏس ،ڪيترو هينڊسم آئي“.
”هن سوٽر ۾ ڏاڍو کاشو پيو لڳي “،خديجه پنهنجي نڪ ۾ آڱر ڦيرائي ،ڊگهي نهن سان ڀڳڙي جيڏو گينگو ڪڍي ،هڪ
تصوير تي چنبڙائيندي چيو” ،مو ٿلو ،شنتوش ڪومار“.
ٻنهي ڇوڪرين ٻيهر سرٻاٽ ڪيا ،۽ چيله چٻي ڪري کلڻ لڳيون .ٻئي ڄڻيون رسالي جا صفحا اٿالئينديون رهيون.
”هي جيبا آئي ني ،ڪرو کتيجا؟“
”اي لئي ،جيبائي ته آئي نڍ“.
”نڍ اشڪرٽ تي گج ٻوت سارو لڳي تو“.
پوء جڏهن سڄو رسالو ڏسي ورتائون ،تڏهن منهن ڦيرائي اسٽال جي
ٻنهي ڇوڪرين غور سان زيبا جا ڪپڙا جاچي ڏٺاِ .
سنهڙي مالڪ ڏانهن ڏٺائون ،جنهن جو نالو افالطون هو .افالطون سگريٽ جي ٽوٽي کي چپٽي َء ۾ جهلي ،آخري سوٽا هڻي
الء تيار ٿي ويٺو .سگريٽ جي ٽوٽي کي پير سان لتاڙي
رهيو هو .نڪ جي ناسن مان دونهون ڪڍندي ،هو پيسا وٺڻ ِ
ڇڏيائين.
ڇوڪرين رسالو بند ڪري ٻين رسالن سان اڇاليو ،۽ ٻيهر سرٻاٽ ڪري کلڻ لڳيون .کلندي کلندي ،ڪرنديون جهرنديون،
هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏينديون ،بارنيس اسٽريٽ ڏانهن هليون ويون.
افالطون هڪ ڊگهو ۽ اونهو ساه کڻندي چيو” ،خبردار ٿي ُء مارئي ،تنهنجي لوئي لهڻ تي آهي“.
قداور نوجوان جنهن جو نالو قاسم هو ،۽ جيڪو ٻئي ٻانهون لوهي ريلنگ تي رکي بيٺو هو ،تنهن منهن ڦيرائي ،پٺي ريلنگ
سان ٺهڪائيندي افالطون کان پڇيو” ،ڇاهي افالطون“.
”اجهو هينئر ،اجهو هينئر ،ڪوهياري ۽ ٽئسٽ“-
”اڄ شايد تنهنجي اسٽال تان هڪ به اخبار نه وڪامي آهي ،تڏهن پيو وڦلين“.
”اخبار ته ڇا ،هڪڙي ڏينهن مان پاڻ وڪامجي ويندس “،افالطون وراڻيو” .جڏهن سائيڪلن جا پنچر ڳنڍيندو هوس ،تڏهن
پنهنجي دل پنچر نه ٿيندي هئي ،پر جڏهن کان اخبارون ۽ رساال وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم ،تڏهن کان روزانو ٻه ٽي دفعا دل
جي سائيڪل پنچر ٿي پوندي آهي“.
”پنهنجي اسٽال تي فلمي اخبارون ۽ رساال رکڻ ڇڏي ڏي .خالص ادبي رساال وڪڻڻ شروع ڪر“.
”مون کي بک مرڻو ناهي ،پيارا“.
پوء دل جي شڪايت نه ڪر“.
”ته ِ
”پر قاسم ،مان وڪامڻ چاهيان ٿو .چاهيان ٿو ،ڪو مون کي خريد ڪري“.
”توکي ڪير خريد ڪندو!“
”ڇو؟ مان اهڙو ويل آهيان“.
”اِها ڳاله ناهي افالطون “،قاسم بڪ اسٽال ڏانهن وڌي آيو.
پوء ڪهڙي ڳاله آهي“.
افالطون کانئس پڇيو” ،ته ِ
”توکي خريد ڪرڻ بدران بهتر آهي ته سرڪاري باغيچي مان هڪ سپهڙ خريد ڪجي“.
افالطون ٻئي هٿ پنهنجن وڏن ڪنن تي رکي ڇڏيا .چيائين” ،يارن سان چرچا ٿو ڪرين قاسم“.
”تنهنجا ڪن وڏا آهن ۽ يوناني افالطون جو نڪ وڏو هو“.
افالطون کلڻ لڳو .چيائين” ،اڄ ڏاڍو رومانٽڪ ٿو لڳين .تنهنجي رومانس جو ڪهڙو حال آهي؟“
”نوڪري خطري ۾ پئجي ويئي آهي“.
”ڪيئن؟“
” اڄ صبح جو سيٺ صاحب پنهنجي آفيس ۾ گهرائي چيو ،تون بلڊي سيلز مين آهين ۽ توکي لکپتي گراهڪن جي ڇوڪرين
کي گهورڻ جي اجازت ناهي“.
”تو ڇا چيس؟“
”چيومانس ،سيٺ ،توهان جا گراهڪ مون منجهان خوش آهن“.
پوء؟“
” ِ
پوء سيٺ صاحب چيو ،تون اسان جو بزنس خراب ٿو ڪرين “.قاسم پنهنجي سيٺ جي آواز ۾ نقل ڪندي چيو” ،ادب سان” ِ
ٻڌايومانس ،ته مان سڀني سيلز مينن کان وڌيڪ ڪپڙو وڪڻندو آهيان“.
”سيٺ خوش ٿيو؟“
”نه .سيٺ چيو ،روهڙي َء جي لکپتي زميندار رئيس غالم حسين کي توکان سخت شڪايت آهي“.
”غالم حسين! ڪهڙو غالم حسين؟“ افالطون پڇيو.
”زينب جو ڀا ُء“.
”اوه ،اوهان جو سالو صاحب“.
قاسم جواب نه ڏنو .موٽي وڃي ريلنگ وٽ بيٺو .سندس چهري تي مايوسي َء جا پاڇا تري آيا .ٻئي ٻانهون ريلنگ تي رکي،
پاڻ کي ٽٽل ٽاري َء وانگر لوه تي ڇڏي ڏنائين.
افالطون اسٽول تان اٿي ،قاسم جي ڀرسان وڃي بيٺو .کيس پٺي َء تي هٿ رکيائين” ،ڇاهي قاسم؟“
قاسم منهن ورائي ،اداس اکين سان افالطون ڏانهن ڏٺو.
”توکي نوڪري َء مان ڪڍي ته نه ڇڏيو اٿائون؟“
”نه .پر ڀانيان ٿو جلد ڪڍي ڇڏيندا“.
”اهڙا آثار آهن ڇا؟“
”ها “.قاسم لوهي ريلنگ کي پٺي ڏيندي چيو” ،سيٺ صاحب چيو ،مسٽر چال سڌار ،اسان کي بزنيس خراب ڪرڻو ناهي.
ٻيهر تنهنجي شڪايت اچڻ نه گهرجي“.
”پراوه نه ڪر ،قاسم “،افالطون قاسم جي پٺي ٺپيندي چيو” ،تون عشق جاري رک“.
”۽ نوڪري جاري نه رکان؟“
”نوڪري به جاري رک“.
”عشق ۽ نوڪري گڏ ڪرڻ جي اجازت ناهي“.
پوء عشق ڪر“.
”ته ِ
”۽ نوڪري؟“
”نوڪري ڇوڪري َء تان قربان ڪري ڇڏ“.
”۽ ماني؟“
ڏيندء“.
ِ ”ماني مولى
”ويهين صدي َء جا افالطون “،قاسم افالطون کي ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو” ،اڄوڪي زماني ۾ ماني مولى جي هٿ وس
ناهي .بلڪ سيٺ صاحبن جي هٿ ۾ آهي“.
”پرواه نه ڪر دوست “،افالطون چيو” ،پنهنجو اسٽار بوڪ اسٽال حاضر آهي .منهنجي سائيڪل تي چڙهي ،جيڪڏهن
سؤ سؤ اخبارون روزانو وڪڻين ايندين ،ته خوشي َء سان چار پنج روپيا روز ڪمائي سگهندين“.
الء نوڪري ڇڏي ڏيان؟“
پوء عشق جاري رکان ۽ ڇوڪري َء ِ
”ته ِ
”ها“.
”پر افالطون ،ڇوڪري َء جو ڀا ُء دڙڪو به ته ڏيئي ويو آهي“.
”دڙڪو!“ افالطون کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ها .چوائي موڪليو اٿائين ته جيڪڏهن اک کڻي به زينب ڏانهن نهاريندس ،ته اڦٽ مارائي وجهندو“.
افالطون جا ڪن خوف کان ڪنبڻ لڳا .چيائين” ،اڙي ڪمبخت ،تڏهن به وري آيو آهين“.
”مون محبت ڪئي آهي ،افالطون ،رساال ڪونه وڪيا اٿم“.
”۽ هينئر عاشق عزازيل ،جيڪڏهن تنهنجو سالو صاحب توکي هتي بيٺل ڏسي وٺي ته؟“
”هن مون کي ڏٺو آهي“.
”ڏٺو آهي؟“
”ها“.
”ڪٿي آهي؟“ افالطون هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيو” ،ڪٿي آهي راوڻ“.
قاسم اک جي اشاري سان چيو” ،سامهون اي -ون ريسٽورنٽ ۾ ويٺو آهي“.
افالطون ڏڪندي ڏڪندي اي -ون ريسٽورنٽ ڏانهن ڏٺو.
اي -ون ريسٽورنٽ مان ڪجه گراهڪ اٿي ويا هئا.
غالم حسين واچ ۾ وقت ڏسندي چيو” ،ڇه ٿيا آهن ،گهانچي .ڪڏهن ايندو تنهنجو جانو مڪراني“.
”ايندو .هير ايندو“.
کانپوء پڇيو” ،جانو مڪراني ڪهڙي گريڊ جو دادا آهي“.
ِ غالم حسين ڪجه دير خاموش رهڻ
گهانچي َء جي ڪنڌ جون رڳون سيٽجي ويون .فخر سان ڳاٽ اوچو ڪند وراڻيائين” ،ٽاپ گريڊ جو دادا آهي ،جانو مڪراني.
شيرو ۽ دادا جيڙا جوان جانو کان پناه گهرندا آهن .ڪانپوري مدماش بادشا کي ڄاڻين ٿو“.
”ڪهڙو بادشاه؟“
”اڙي يار ،ڪانپوري مدماش آهي .هير سالو اسٽوڊٽ ليڊر آئي“.
”بادشا کي وچ صدر ۾ جانون چاقو ماريو هو .بادشا جا انتڙا وال ڦوٽ پات تي اچي ڪريا“.
”ڀال پهچ اٿس“.
”اڙي واه گوالم حسين ،وا “،گهانچي َء وراڻيو” ،پوچ وارو نا هجي ته وال جانو پنجا دفا ڦانسي کاوي ها“.
”چئبو ڏاڍي َء رهائي َء وارو آهي“.
”صبيدار ،سپاهي ۽ وڊا آفيسر جانو جا يار آئن “،گهانچي َء فخر سان چيو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري سگريٽ جا سوٽا هڻڻ لڳو“.
پوء جيستائين بيرو چانه کڻي اچي ،غالم
الء چيو ،۽ ِغالم حسين ٽيبل تي گالس وڄائي ،بيري کي ٻه ڪوپ چانه جا آڻڻ ِ
حسين گالس کي آڱرين ۾ ڦيرائڻ لڳو .گهانچي ڪرسي َء جي ٽيڪ سان ڪنڌ لڳائي ،سگريٽ جي دونهي جا دائرا ٺاهڻ لڳو.
دائرا ٺاهيندي سندس نگاه ڀت تي ٽنگيل آئيني تي وڃي پيئي .هن پنهنجا گهنڊيدار وار آڱرين سان سلجهائيندي ،نرڙ ۾ گهنج
وجهي ،هڪ اونهو سوٽو هنيو ۽ ناسن مان دونهون ڪڍڻ لڳو.
”مان صبر ڪري نٿو سگهان ،گهانچي “،غالم حسين گالس ٽيبل تي رکي ،کاڏي َء هيٺان هٿ ڏيئي ،چپ چٻاڙڻ لڳو.
چاء پي صبور ڪر“.
”تون صبور ڪر ،گوالم حسينِ ،
بيرو چانه جا ٻه ڪوپ کڻي آيو .ٻنهي پنهنجو پنهنجو ڪوپ کنيو ۽ سپ سپ ڪري چانه پيئڻ لڳا.
ساء چوندو رهيو” ،هن بدبخت ڪراچي َء ۾ اچي مجبور ٿي پيا آهيون .سنڌ هجي ها ته
چانه پيئندي غالم حسين پنهنجي ِ
جيڪر ايترا سانگ ئي نه رچائڻا پون ها .اک جي اشاري سان هن سوئر جو سر الهرائي ڇڏيان ها“.
گهانچي خاموش رهيو ۽ چانه پيئندو رهيو.
تڏهن اوچتو ،چانه جو خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي ،غالم حسين ڪرسي سوري اٿي بيٺو .چيائين” ،مان هن حرامي َء کي نه
ڇڏيندس“.
گهانچي وائڙن وانگر غالم حسين ڏانهن ڏسڻ لڳو .غالم حسين تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻندو ،ريسٽورنٽ مان نڪري
ويو .گهانچي َء به هن پوئتان ڊوڙ پاتي .ڪائونٽر تي ويٺل ٺوڙهي ،ٿلهي ايراني سيٺ رڙ ڪئي” ،پيسا“.
گهانچي َء ويندي ويندي وراڻيو” ،اڙي بومبڙي ڪيون مارتا ڻڍ .پيسا دينگاني ،دال“.
ريسٽورنٽ مان نڪري ،غالم حسين سعيد منزل ڏانهن ذري گهٽ ڊوڙ پاتي .ٽرام پٽي وٽ هڪ ٽيڪسي َء هيٺان ايندي ايندي
بچي ويو .ٽيڪسي َء جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪري ،ڏامر تي رڙهندا ،غالم حسين جي تنبو َء جيڏي َء سلوار کي ڇهندا بيهي رهيا.
ڏٻري ٽيڪسي ڊرائيور دري َء مان ڪنڌ ڪڍي ،غالم حسين کي ما ُء تي اگهاڙي گار ڏني .غالم حسين گار ٻڌي اڻ ٻڌي
ڪري ،بندر روڊ لنگهي ويو .سعيد منزل وٽ فٽ پاٿ تي چڙهي هن منهن ورائي ٽيڪسي ڊرائيور ڏانهن ڏٺو .ٽيڪسي
ڊرائيور دري َء مان ٻانهن ٻاهر ڪڍي ،غالم حسين کي ڀونڊو ڏنو .غالم حسين ڀونڊي کي ڪا خاص اهميت نه ڏني.
جاء تي ڄمي ويو .اکين ڇنڀڻ
قاسم جون ٻئي ٻانهون لوهي ريلنگ تي هيون .هو غالم حسين کي ڏسي پٿر وانگر پنهنجي َء ِ
ڇڏي ڏنس .نگاهون غالم حسين تي کپائي ڇڏيائين.
جاء تان نه چريو .غالم حسين ٻي چماٽ وهائي
غالم حسين ڀر ڪري قاسم کي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي .هو پنهنجي ِ
پوء پيٽ
ڪڍيس .هن اک نه ڇنڀي .غالم حسين باه ٿي ويو .جڪ کائيندي ،اول قاسم تي چماٽن جو وسڪارو الئي ڏنائين ۽ ِ
۾ ٻه چار مڪون وهائي ڪڍيائينس.
قاسم پنهنجون ٻانهون ريلنگ تان الهي ڇڏيون .هڪ اونهو ساه کڻي ،ٻئي هٿ چيله تي رکي ،اکين ۾ گهنڊ وجهي غالم حسين
ڏانهن ڏسڻ لڳو.
غالم حسين ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو .چاڙهو نه ڏسي ،قاسم کي کاٻي ٽنگ جي نري َء تي کپائي لت هنيائين .تڪليف کان قاسم
جون اکيون بند ٿي ويون .ٻانهن جا ڏورا سيٽجي ،۽ چپ ۽ مٺيون ڀڪوڙجي ويس.
غالم حسين پنهنجا هٿ قاسم جي ڳچي َء ڏانهن وڌايا .اوچتو گهانچي َء غالم حسين ۽ قاسم جي وچ ۾ ٿي بيٺو .غالم حسين جا
وڌندڙ هٿ بيهي رهيا.
”پري ٿي گهانچي“.
”اڙي چريو نا ٿي ،گوالم حسين“.
”مان هن حرامي َء کي اڦٽ ماريندس“.
گهانچي غالم حسين کي ٻانهن کان ڇڪيندو ،هجوم کان ٻاهر وٺي ويو .اي -ون ريسٽورنٽ ڏانهن ويندي گهانچي َء چيو،
”وڊا ماڻهو ايڙو ڪم پاڻ ڪرندا ،ته جانو مڪراني جيڙا بک مردا “.هو ٻئي بندر روڊ پار ڪري ،موٽي وڃي ريسٽورنٽ ۾
ويٺا.
سعيد منزل وٽ گڏ ٿيل هجوم ڇڙوڇڙ ٿي ويو .افالطون ڏڪندو ڏڪندو قاسم وٽ آيو .ڪلهي وٽ ترسي ،قاسم جيو پٿر
جهڙو سخت چهرو ڏٺائين .قاسم جو سڄو بدن بيعزتي َء جي احساس ۾ ڪنبي رهيو هو .چپ چنبڙيل ۽ مٺيون ڀڪوڙيل هئس.
”قاسم “،افالطون ڄڻ پاتار مان وراڻيو.
پوء ريلنگ کي پٺي ڏيئي ،قاسم جي سامهون اچي بيٺو .چيائين” ،قاسم تون،
”قاسم -قاسم تون “،افالطون ڳالهائي نه سگهيوِ .
چپ ڪري ڇو بيٺو هئين؟“
”ڀڄي وڃان ها؟“
”نه ،نه“.
پوء؟“
”ته ِ
”تون به هڪ ٻه ٺونشا وهائي ڪڍينس ها“.
”ڪنهن کي؟“
”واه پٽ عاشق!“ افالطون ٻئي هٿ چيله تي رکندي چيو” ،اڙي اٺ ،تون باڪسر آهين ،فلمي هيرو ناهين“.
قاسم جي چپن جي سختي ڍري ٿي ويئي .سندس واڇ جي هڪ ڪنڊ مان مرڪ ليئو پائي ورتو .هو خاموش رهيو.
”ڏس قاسم ،مون کي پوز نه هڻ .مان ڪئميرا مين نه آهيان .مان تنهنجو يار افالطون آهيان “،افالطون قاسم جي اکين ۾
اکيون وجهندي چيو” ،منهنجي ڳاله نه ٽار .مون کي جواب ڏي“.
”ڇا جو جواب؟“
”تو غالم حسين کي ٺونشا ڇو نه هينا“.
”قاسم جواب ڏيئي نه سگهيو .خاموش رهيو .افالطون ٻيهر کانئس پڇيو ،مون کي جواب ڏي قاسم ،تو هڪ ٽڪي جي
زميندار کي ٺونشا ڇو نه هنيا“.
تڏهن کيس ٽارڻ خاطر قاسم وراڻيو” ،مون محبت ڪئي آهي افالطون ،تو وانگر رساال نه وڪيا اٿم“.
افالطون ککو وکو ٿي ويو .ڪياڙي کنهندي وراڻيائين” ،هڪڙي ڏينهن تون ڏسندين قاسم ،مان توکي زبردست پرنٽر ۽
پبلشر ٿي ڏيکاريندس“.
”ان ڏينهن مان خودڪشي ڪندس“.
”ڇو؟“
”سهڙ به ڪڏهن پرنٽر ۽ پبلشر ٿيا آهن“.
افالطون ٻئي هٿ پنهنجن ڪنن تي رکي ڇڏيا .سندس منهن لهي ويو .قاسم وٽان پري ٿي ،پنهنجي اسٽال ڏانهن وڃڻ لڳو.
قاسم کيس ٻانهن کان ڇڪي ،پاڻ وٽ روڪي ورتو.
”ناراض آهين ،افالطون“.
”ڇڏ يار“.
”ڏس .ناراض ٿي وئين نه“.
”نه يار .تون عاشق آهين .پنهنجو يار ناهين“.
”پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جا يار آهيون ،افالطون“.
افالطون منهن مٿي ڪري قاسم ڏانهن ڏٺو” ،سچ؟“
”ها سچ“.
پوء تو سالي صاحب کي ٺونشا ڇو نه هنيا؟“
”ته ِ
”ڪيئن هڻانس ها!“ قاسم اونهو ساه کڻي وراڻيو.
افالطون سندس مطلب سمجهي نه سگهيو.
”هيئن هڻينس ها “،افالطون قاسم کي پيٽ ۽ سيني تي ٻه چار ٺونشا هڻي ڪڍيا.
قاسم کلڻ لڳو.
”اڙي تون کلين ٿو!“ افالطون خارن مان چيو” ،تڏهن باڪسر ڌوڙ جو ٿيو آهين“.
قاسم گنڀير لهجي ۾ وراڻيو” ،مون ڪنهن سان واعدو ڪيو هو ،افالطون ،ته ائين نه ڪندس“.
”وري فلمي ڊائالگ“.
چوانء ،افالطون“.
ِ ”سچ ٿو
”ته اڄ اوهان جي مالقات ٿي هئي؟“
”ها“.
”ڪيئن؟“
”ڪاله زينب ڪپڙو وٺڻ آئي هئي .ڪپڙو ڏسندي آهستي چيو هئائين ،منهنجي ڀا ُء کي اسان جي پيار جي خبر پئجي ويئي
آهي“.
”ٻيو ڇا چيائين؟“
قاسم وراڻيو” ،چيائين ،منهنجو ڀا ُء اسان ٻنهي کي اڦٽ ماري وجهندو“.
پوء تو ڇا چيس ،قاسم“.
افالطون فڪرمند نظر اچڻ لڳو .پڇيائينِ ” ،
چيومانس” ،مان تنهنجي ڀا ُء کي هن ڪپڙي وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيندس“.
ان ڳاله تي افالطون ڏاڍو خوش ٿيو.
پوء منهنجا مائٽ قيامت تائين منهنجو سڱ توکي نه
ڪجانء ،ائين ڪندين ته ِ
ِ قاسم چيو” ،تڏهن زينب التجا ڪئي ،ائين نه
ڏيندا“.
وء
افالطون جا چپ هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا .اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس .وات ڦاڙي ،ٽڪ ٻڌي قاسم جي منهن ۾ ڏسندو رهيو .پ ِ
پڇيائين” ،ته تون سچ پچ زينب سان شادي ڪندين.؟“
”ها“.
”ته تنهنجو عشق فلمي نه ،بلڪ سچو ،يعني True Loveآهي“.
”ها افالطون .مان زينب سان شادي ڪندس“.
افالطون کيس سمجهائيندي چيو” ،نانگ جي ٻر ۾ هٿ نه وجه قاسم“.
”اسان نانگن جا هار پاتا آهن ،افالطون “،قاسم وراڻيو” ،اسان ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي آهيون“.
کانپوء ،افالطون چيو” ،ڪاله بلڊنگ جي چوڪيدار ٻڌايو پئي ،ته تنهنجو سالو صاحب سنڌ
ِ ڪجه دير خيالن ۾ غلطان رهڻ
جو آفت زميندار آهي .وٽس اهڙا ته خطرناڪ ڌاڙيل آهن ،جو اک ڇنڀ ۾ ماڻهو ماريندي دير نه ڪندا آهن“.
قاسم هلڪو ٽهڪ ڏنو.
”اڙي! تون کلين ٿو ،گڏه“.
”ٻيو نه ته روئان!“
”چرچي چرچي ۾ سر نه وڃائي ويهين“.
”افالطون “،قاسم سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو” ،هي ُء ڪراچي َء جو شهر آهي .هتي چور کي ڳنڍيڇوڙ ۽ سير کي سوا
سير ملندو رهندو آهي“.
”توکي ڌاڙيل کان ڊپ نٿو ٿئي ،قاسم؟“ افالطون جو وات حيرت مان کلي ويو.
”سنڌ جا ڌاڙيل جيڪڏهن ڪراچي َء تائين ايندا ،ته کين ڪي ڪين ورندو .ڪلفٽن تي سمنڊ ۽ سرڪاري باغيچي جا ڀولڙا
ڏسي موٽي ويندا“.
”تون هوش ۾ ناهين ،قاسم“ افالطون اسٽال ڏانهن وڃڻ لڳو.
قاسم کيس ٻانهن کان ڇڪي ،پنهنجي ويجهو آندو .آهستي ٻڌايائينس” ،ڪورٽن جا در کليل آهن .مان زينب سان سول مئريج
ڪندس“.
”پر تون ته نوڪر آهين ،معمولي سيلزمين آهين .زينب سان ڪيئن شادي ڪندين؟“
افالطون چوڻ خاطر چئي ويو ،پر جڏهن قاسم جي منهن تي نظر پيس ،تڏهن سندس دل ڀرجي آئي .ڪجه دير اڳ جنهن
شوخي َء سان ڳالهائي رهيو هو ،سا شوخي کانئس موڪالئي ويئي .دل جو درد منهن تي تري آيس.
افالطون قاسم جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيو” ،قاسم ،آئي ايم ساري ،قاسم“.
”افالطون “.قاسم ٿڌو ،اونهو ساه کڻندي چيو” ،اهو ڪو ڏوه ته ڪونهي ،جو مان هڪ معمولي سيلز مين آهيان ،نوڪر
آهيان .مان ايم .اي فائينل جو شاگرد به ته آهيان .يونيورسٽي َء جو مڊل ويٽ باڪسنگ چئمپين به ته آهيان“.
افالطون خاموش رهيو .کيس ڏسندو رهيو .قاسم جي وجود تي غم ۽ الم جا پاڇا پئجي ويا .هن پوالر ۾ نهاريندي چيو” ،مان
هڪ نه هڪ ڏينهن پڙهي پوندس .گريجوئيٽ ٿيندس .ايم .اي جي ڊگري وٺندس .ان وچ ۾ پاڪستان جو مڊل ويٽ چئمپين به
ٿي ويندس .منهنجو اهو ڏوه ڪونهي جو مان سيلز مين آهيان“.
افالطون سهي نه سگهيو .ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين” ،مون کي معاف ڪر ،قاسم“.
پوء ۽ ايم .اي ڪرڻ
قاسم چيو” ،منهنجو سڀ کان وڏو ڏوه اهو آهي ،جو مان غريب آهيان .پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ کان ِ
کانپوء به غريب رهندس .مان مل جو مالڪ ٿي نه سگهندس .ٻاهران مال گهرائڻ جي پرمٽ وٺي نه سگهندس .مان غريب
ِ
آهيان ،افالطون .مان غريب رهندس .غربت اسان جي بدنصيبي آهي“.
افالطون دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳو .ٻئي ٻانهون لوهي ريلنگ تي رکي ،منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين .قاسم افالطون جي
ڀرسان وڃي ويٺو .ڏانهنس پاسيرو ڏسندي چيائين” ،تون به غريب آهين ،افالطون ،۽ هميشه غريب رهندين .تون فٽ پاٿ تي
رساال ۽ اخبارون رکي ،هڪ ڏينهن وڏو پرنٽر ۽ پبلشر ٿيڻ جا خواب ڏسندو رهندين .نه افالطون نه .اسان غريب آهيون.
اسان جي زندگي َء جا پير گوڏن تائين مفلسي َء جي ڌٻڻ ۾ لهي ويا آهن“.
افالطون اوچتو منهن ڦيرائي ،قاسم ڏانهن ڏسڻ بنا ،پنهنجي اسٽول تي وڃي ويٺو .هڪ پير اسٽول تي رکي ،کاڏي گوڏي تي
رکي ڇڏيائين .کيسي مان پن جي ٻيڙي ڪڍي ،دکائي ،اونهو سوٽو هڻي ،قاسم ڏانهن ڏٺائين .قاسم جي منهن ۾ گهنج هئا.
سندس اکين جي ٻاهرين ڪاراڻ چٽي ٿي ويئي هئي .هن پنهنجو سمورو بار لوهي ريلنگ تي ڇڏي ڏنو هو .افالطون دونهون
ڇڏيندي ،اي -ون ريسٽورنٽ ڏانهن ڏٺو.
اي – ون ريسٽورنٽ ۾ گهانچي ۽ غالم حسين ساڳين ڪرسين تي ويٺا هئا .غالم حسين جي منهن جو نقشو بدليل هو .ڀرون
ڳتيل ،۽ اکيون ڪرڙيون ٿي ويون هئس .گهانچي آنند سان سگريٽ مان دونهان ڪڍي رهيو هو .غالم حسين بوسڪي َء جي
قميص جو ڪف مٿي ڪري پنهنجي قيمتي واچ ۾ وقت ڏٺو .چيائين” ،هن ساڍي پنجين جو وقت ڏنو هو .هينئر ساڍا ڇه ٿيا
آهن .ڪڏهين ايندو جانو مڪراني؟“
”بس هير ايندو“.
االء ڪڏهن ختم ٿيندي “،غالم حسين چيو” ،ڪٿي تنهنجو جانو مڪراني پڪڙجي ته نه پيو“.
”اها هير ِ
”واه ڙي گوالم حسين “،گهانچي َء ٽهڪ ڏنو” ،جانو باشا کي ڪير پڪڙيندو .جانو پوليس جو دوست آئي .ڪراچي جا ٽاپ
وڪيل جانون جو ڪيس ڦڙي هالئيندا آئن“.
غالم حسين خاموش رهيو .سامهو ،ڀت وٽ ويٺل هڪ پارسي گراهڪ جي ڪوپ ساسر مان جلترنگ پيدا ٿيو .غالم حسين
ان گراهڪ ڏانهن ڏٺو .گراهڪ هوٽل جي در ڏانهن حيرت مان ڏسي رهيو هو .غالم حسين منهن ڦيرائي هوٽل جي در
ڏانهن ڏٺو.
در جي وچ ۾ هڪ راڪاس جيڏو ڪارو ڪوپو شخص بيٺو هو.
”آگيا استاد جانو باشا “،گهانچي َء وڏي واڪ چيو ۽ ڪرسي پري ڪري اٿي بيٺو .هوٽل جي گراهڪن منهن ورائي در
ڏانهن ڏٺو .جانو َء جا ٻئي هٿ چيله تي رکيا هئا .سندس ٻرانگه کليل هئي ۽ بشرٽ جو ڪالر کڙو ڪيل هوس.
هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ پوليس وارو هڪڙي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن واري شڪار جي کل الهي رهيو هو .پوليس جي نگاه
جڏهن جانو مڪراني َء تي پيئي ،تڏهن هو هڪدم اٿي کڙو ٿيو .جانو َء سان هٿ مالئي ،کانئس حال احوال وٺي ،موٽي وڃي
شڪار جي ڍونڍ تي ڪريو.
پوء ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسي کلڻ لڳا.
گهانچي َء هوٽل جي در وٽ جانو مڪراني َء سان زوردار هٿ ماليو ،۽ ِ
پوء گهانچي َء سان گڏ غالم حسين جي سامهون اچي بيٺو .غالم
جانو َء هڪ اڏامندڙ نگاه هوٽل ۾ ويٺل گراهڪن تي وڌي ،۽ ِ
حسن هڪ نگاه ۾ جانو مڪراني َء جو فوالد جهڙو جسم جاچي ورتو .سندس منهن تي مرڪ تري آئي.
شرناء جهڙو ،ٿلها چپ اٺ جي چپن جهڙا ،چنجهيون اکيون چراغ جهڙيون ،وار ڊڀ جهڙا ۽
ِ جانو مڪراني َء جو ڦٿل نڪ
رنگ دانگي َء جي تري جهڙو هو .الڳيتو پان چٻاڙڻ سبب وات ڳاڙهو هوس.
”جانو باشا ،هي ُء آئي سائين گوالم حسين ،سنڌ جو آفت وڊيرو “،گهانچي َء ٻنهي جي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو” ،گوالم حسين
جياء ) (N.J.Vاشڪول ۾ پڙندا هئاسي“. ِ ۽ آ ٌء اين
”اڙي تون پڙيلو آئين ،گهانچي ،کانا کراب؟“ جانو حيرت مان گهانچي َء ڏانهن ڏٺو.
هانا .ماسٽر کانا کراب اشڪول کان راشٽيڪيٽ نا ڪري ته وال آ ٌء ماٽرڪ ڪران ها“.
جانو َء پنهنجو دونهاٽيل فوالد جهڙو هٿ غالم حسين ڏانهن وڌايو .غالم حسين پنهنجو هٿ جانو َء جي رڪ جهڙي هٿ ۾
ڇڏي ڏنو .جانو َء پنهنجو چنبو بند ڪري ڇڏيو .غالم حسين جو هٿ جانو َء جي مٺ ۾ گم ٿي ويو.
”۽ هي پنهنجو جانو باشا آئي ،ڪراچي جو بليڪ ڪنگ .آڌو ڊجن ماڻن کي چاقو َء سان بلڪل کالس ،شڪ شڪ شڪ
کالس ڪريو آئي“.
غالم حسين جي ٻانهن کي ٻه چار لوڏا ڏيئي ،جانو َء پنهنجي مٺ کولي ڇڏي .غالم حسين هڪدم پنهنجو هٿ ڇڪي ورتو.
جانو ڪرسي سوري ويهي رهيو .قميص جي کيسي مان والئتي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي ،هڪ سگريٽ پنهنجي واڱڻ
جهڙن چپن ۾ جهلي ماچس ڳولڻ لڳو .غالم حسين پنهنجي الئيٽر سان سندس سگريٽ دکايو .هن هڪ اونهو سوٽو هڻي،
منهن مٿي ڪري ،دونهون پکي جي هوا ۾ ڇڏي ڏنو .دونهون هوا ۾ ملي جلي ويو.
”ڇا پيئندين ،جانو بادشاه “،غالم حسين کانئس پڇيو” ،ٿڌو يا گرم؟“
معني خيز مرڪ تري آئي .جانو َء جون اکيون
ٰ جانو َء جواب نه ڏنو .جواب ۾ گهانچي َء ڏانهن ڏٺائين .ٻنهي جي منهن تي
معني سمجهي ويو .جانو َء جي هٿ کي ٿڦڪي ڏيندي چيائين،
ٰ وڌيڪ چنجهيون ٿي ويون .غالم حسين سندس مرڪ جي
”تون خيال نه ڪر جانو بادشاه .تنهنجي اها اڃ اسان سائي سائڻ سان الهينداسين“.
”ڇا!“ جانو َء جو هيٺيون چپ اچرج ۾ لٽڪي پيو.
غالم حسين چيو” ،جانو بادشاه ،سنڌ ۾ ڀنگ کي سائي سائڻ به سڏيندا آهن“.
”وال!“
”ها“.
”کش ره واجا .تو پانجو دل کش ڪري ڇڊيو “،جانو َء غالم حسين جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيو” ،او دلو ديوس ڪٿي
آئي ،وال ،هڪ ٽڪر ۾ حرامي کي کالس ڪندوس“.
”سامهون بارنيس اسٽريٽ جي ڪنڊ وٽ بيٺو آهي ،مردود “،غالم حسين چيو” ،ڪڏهن ڪڏهن ته ڪراچي َء ايندا آهيون.
گذريل ٻن سالن ۾ جڏهن به آيا آهيون ،هن مردود نڪ ۾ دم ڪيو آهي .اسان جي گهر هيٺان اچي بيهندو آهي“.
”دادا آئي؟“
”نه .جمالدين اينڊ سنز جي دڪان تي سيلز مين آهي .ڪپڙو وڪڻندو آهي“.
”دڪان کي آگ لگايان؟“
”نه نه .دڪان جو مالڪ منهنجو دوست آهي“.
”ڪيڙو گال ٿو ڪرين واجا .مالڪ دوست اور نوڪر جو ايڊو مجال!“
”هن حرامي َء کي نوڪري َء جي ضرورت ناهي .نوڪري َء مان ڪڍائيندومانس ،تڏهن به هت ايندو“.
”هون “،جانو َء منهن ۾ گهنڊ وجهي پڇيو” ،ديوس کي بلڪل کالس ڪرانس؟“
”ها .بلڪل خالص “،غالم حسين چيو” ،پر خيال سان .جيئن منهنجو نالو وچ ۾ نه اچي .عزت وارا آهيون“.
”هو هو ها “.جانو َء جي نڙي َء مان ٽهڪ ائين نڪتو ،ڄڻ خراب الئوڊ اسپيڪر مان آوز نڪري رهيو هو” ،اڙي تون
ڦڪر نا ڪر“.
جانو اٿي بيٺو .غالم حسين چيو” ،ترس .اول مان هوٽل کان هليو وڃان .مان توکي گهر جي بالڪوني َء مان اشارو ڪندس،
ڇڏجانء“.
ِ پوء تون هن سوئر کي چيريِ
غالم حسين گهانچي َء ۽ جانو مڪراني َء کي هوٽل ٻاهران بيهاري ،پاڻ سعيد منزل جي سامهون ،بارنيس اسٽريٽ جي پرئين
پاسي کان تڪڙو تڪڙو هليو ويو .ٻه ٽي بلڊنگون ڇڏي ،ڊنشا بلڊنگ ۾ هليو ويو .ٻه ٻه ڏاڪا چڙهندو ،فليٽ نمبر ٻارهين
جي در وٽ وڃي بيٺو .ساه چڙهي آيو هوس .ساه قابو ڪري ،زور سان در کڙڪايائين .سندس پڦي َء در کوليو .هو اندر
کانپوء ،پڦي َء کان پڇيائين” ،ڪٿي آهي
ِ هليو ويو .ورانڊي ۾ ٻئي هٿ چيله تي رکي بيهي رهيو .هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ
زينب؟“
”ابا هڻي ٺهيو .رات کان ويچاري َء جي جان کائي ويو آهين“.
”جان کائي ويو آهيانس!“ غالم حسين رڙ ڪئي” ،منهنجي ننڍڙي ڀيڻ نه هجي ها ته جيڪر اڦٽ ماري وجهانس ها”.
”ٻار آهي .غلطي ڪري ويٺي آهي .هاڻي ڇڏينس“.
الء؟“
الء ڇاجي ِ
”ڇڏيانس! هر سال ڪپڙا ،زيور وٺڻ جو بهانو ڪري ،بابا کي ڀنڀالئي ڪراچي َء ايندي آهي .ڇاجي ِ
”سياڻو ٿي ُء ابا .هوش ڪر“.
”روهڙي َء ۾ ته جهرڪ کان به پڙدو ڪندي آهين .وڏي شهر ۾ اگهاڙيون عورتون ڏسي تنهنجي مت مارجي ويئي آهي“.
”مٺا ،غالم حسين ،ابا ٺهيو“.
”هڪ ٽڪي جي نوڪر جي ايڏي مجال جو اسان جي گهر ٻاهران اچي بيهي” “،غالم حسين ڪاوڙ منجهان ڪنبندي چيو،
”روهڙي َء ۾ ائين ٿئي ها! چئه پڦي .جواب ڏي .روهڙي َء ۾ جيڪڏهن ڪو اک کڻي به اسان جي حويلي َء ڏانهن ڏسي ها ،ته
جيڪر اک ڪڍائي ڇڏيانس ها .ڪٿي آهي ،بيغيرت زينب“.
زينب ڪمري مان نڪري ،ورانڊي ۾ اچي بيٺي .اکيون روئڻ سبب ڳاڙهيون هئس .وار اڻڀا ۽ منهن تي هيڊ هاريل هئس.
”لخ لعنت ٿئي ڇوري “،غالم حسين زينب کي منهن ۾ گهروڙي بجو ڏنو.
زينب کانئس ٻه چار قدم پوئتي هٽي ويئي” ،ادا“.
”خبردار جو پنهنجي بدزبان سان مون کي ادا چيو اٿئي “،غالم حسين قدم وڌائي زينب جي سامهون وڃي بيٺو .رڙ ڪندي
چيائين” ،پاڇي کان پڙدو ڪندڙ ڇوڪري ،تو ايڏي همت ڪيئن ڪئي!“
غالم حسين زينب جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي .هو َء ٿڙندي ،ٿاٻڙندي ڀت سان وڃي لڳي .پاڻ مس سنڀاليائين ،جو غالم
حسين ٻي چماٽ هڻي ڪڍيس .هو َء ڦيري کائي در جي طاق سان وڃي لڳي .طاق جون مٿيون شيشو چور چور ٿي ويو.
پڦي وڌي اچي غالم حسين کي ٻانهن ۾ هٿ وڌو .غالم حسين سٽ ڏيئي ٻانهن ڇڏائي ورتي.
پڦي َء کي سامهون ٿيندي چيائين” ،پڦي ،جيڪڏهن ڪنوارين ڇوڪرين کي خاندان جي عزت ۽ عظمت جو اشتهار سمجهو
پوء ڪوٽن جا ڪڙا چاڙهي ڇڏيو .حويلي َء جون ڀتيون آسمان تائين کڻائي ڇڏيو ،جيئن هي ڇوڪريون اسان جي
ٿا ،ته ِ
ٽوپي َء سان هٿ چراند نه ڪري سگهن“.
”ادا “،زينب پاڻ سنڀالي ،لڙڪ اگهي ،ڀريل آواز ۾ ڳالهايو” ،مون محبت ڪئي آهي .گناه نه ڪيو اٿم“.
”زينب!“ غالم حسين هيبتناڪ رڙ ڪئي ،جنهن ۾ پڦي َء ۽ زينب سان گڏ پاڻ به ڪنبي ويو .اکين مان ڄڻ باه جا جنسي
شعال نڪرڻ لڳس .ٻنهي هٿن جون مٺيون ڀڪوڙي ڇڏيائين.
زينب چيو” ،هو غريب آهي ته ڇا ٿيو ،هڪ شريف انسان به ته آهي“.
”خاموش ،بدزبان ڇوڪري ،خاموش “،غالم حسين الڳيتيون ٻه چار چماٽون زينب کي وهائي ڪڍيون” ،اردو ناولن ۽ فلمن
ٻڌاء“.
جا ڊائالگ مون کي نه ِ
پڦي غالم حسين جي سامهون آئي ،پر هنکيس ڌڪو ڏيئي پري ڪندي چيو” ،تون پري ٿي ُء ،پڦي ،اڄ مان هن ڇوري َء کان
پڇندس .هن جي ايڏي مجال ڪيئن ٿي“.
زينب جو هيٺيون چپ ڦاٽي پيو هو .سندس کاڏي َء ۽ قميص جو آڳو رت ۾ آلو ٿي ويو هو .هن وهندڙ رت نه اگهيو .جڏهن
غالم حسين سندس اکين ۾ ڏٺو ،تڏهن هن ٻانهن سان رت اگهي ،نفرت وچان ڀا ُء ڏانهن نهاريو.
”ڳالهائي .خاموش ڇو آهين ،ڇوري“.
زينب آلين اکين سان غالم حسين جي جلندڙ اکين ۾ گهوريندي چيو” ،ياد اٿئي ،مان جڏهن ننڍڙي هوندي هيس ،تڏهن تون
مون کي چٺيون ۽ سوکڙيون ڏيئي جادل ڪاسائڻ ڏانهن موڪليندو هئين .پنهنجا ڪرتوت وساري ڇڏيا اٿئي .ڪهڙو غيرتمند
ڀا ُء پنهنجي ڀيڻ کان ڌوتين جو ڪم وٺندو هوندو“.
”خاموش ،بڪواس بند ڪر“.
زينب ڪنبندي رهي ،۽ ڳالهائيندي رهي” ،اوطاق ۾ ۽ ٻاهر جيڪي ڪجه منهن ڪارو ڪندو رهيو آهين ،تنهنجو ڄڻ
ڪنهن کي خبر ڪونهي .اڄ وڏو غيرتمند ٿي پيو آهين“.
مان مرد آهيان .جيئن وڻندو ،تيئن ڪندس “.غالم حسين زينب کي چوٽي َء کان ڌونڌاڙيندي چيو” ،پنهنجين اکين سان هلي هن
حرامي َء جو رت ۾ رنڱيل الش ڏس“.
غالم حسين زينب کي چوٽي َء کان ڇڪيندو پهرين ڪمري جي بالڪوني َء تائين وٺي آيو .پڙدو ڪيرائي ،زينب کي در جي
وٿي َء وٽ بيهاري سندس چوٽي َء مان هٿ ڪڍڻ بنا ،پاڻ بالڪوني َء ۾ نڪري بيٺو.
پوء پڙدو
جانو مڪراني ۽ گهانچي اي -ون ريسٽورنٽ جي ٻاهران بيٺا هئا .غالم حسين هٿ لوڏي ٻنهي کي اشارو ڏنوِ .
ڏسجانء .پنجن منٽن ۾ هن حرامي َء جو الش بندر روڊ ۽ بارنيس اسٽريٽ جي چوڪ
ِ هٽائي ،اوٽ ۾ بيٺل زينب کي چيائين” ،
وٽ پيو هوندو“.
زينب جون اکيون وحشت ۾ پٿر جون پتليون ٿي ويون .هن در جي وٿي َء مان راڪاس جيڏي جانو مڪراني َء ڏانهن ڏٺو ۽
پوء سعيد منزل وٽ بيٺل قاسم تي نظرون ڄمائي ڇڏيائين.
ِ
بالڪوني جي هيٺان ،ڪجه پرڀرو ،سعيد منزل جي لوهي ريلنگ وٽ افالطون ۽ قاسم بيٺا هئا .قاسم لوهي ريلنگ کي پٺي
ڏيئي بيٺو هو ۽ سامهون افالطون بيٺو هوس .افالطون کيس سمجهائي رهيو هو” ،تون هليو وڃ .ڏس ،جانو مڪراني
توڏانهن اچي رهيو آهي .چاقو هڻندي دير نه ڪندو .خدا جي واسطي هليو وڃ“.
”هليو وڃان؟“
”ها“.
”ڪيڏانهن؟“
”جيڏانهن وڻيئي ،تيڏانهن هليو وڃ ،في الحال هتان هليو وڃ“.
”زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان؟“
”ها“.
قاسم افالطون جي اکين ۾ نهاريندي چيو” ،مان ڪيئن زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان ،افالطون“.
”ڏس قاسم “،افالطون تڪڙو تڪڙو چوندو ويو” ،زينب توکي نه ملندي .تون پنهنجي جان بچائي هتان هليو وڃ“.
”منهنجي دل نه ٽوڙ افالطون“.
”پاڻ کي اجايا دالسا نه ڏي ،زينب توکي نه ملندي“.
الء ته مان غريب آهيان .مسڪين آهيان .سيلز مين آهيان“.
”ڇو نه ملندي؟ ان ِ
”ڳالهين ڪرڻ جو وقت ناهي قاسم “،افالطون بندر روڊ ڏانهن ڏسندي چيو” ،ڏس ،هو ٻئي ٽرام پٽو ٽپي آيا آهن .وقت ويو
ڪونهي .تون ڀڄي وڃ قاسم“.
” انصاف انڌو ناهي .قانون جا ڪن ٻوڙا ناهن .قانون جي دائرن ۾ ڪوبه مون کي زينب کان جدا ڪري نه سگهندو“.
الء انڌو ،گونگو ۽ ٻوڙو آهي قاسم “،افالطون تڪڙ ۾ چيو” ،پر هي ُء بحث ڪرڻ جو وقت ناهي .تون خدا
”انصاف اسان ِ
جي واسطي ڀڄي وڃ“.
قاسم افالطون کي هٿ سان پنهنجي سامهون پري ڪري ،منهن ورائي ،ڊنشا بلڊنگ جي ان بالڪوني َء ڏانهن ڏٺو ،جتي غالم
حسين بيٺو هو.
غالم حسين جو هڪ هٿ اجرڪ جي پڙدي پٺيان لڪل هو ،جنهن سان زينب کي چوٽي َء کان ڇڪي ،در جي وٿي َء وٽ
بيهاريو هئائين.
زينب در جي وٿي َء مان جانو مڪراني َء کي قاسم ڏانهن وڌندي ڏٺو .هڪ دردناڪ آه زينب جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتي،
۽ سندس چپن کي ڦڙڪائيندي هلي ويئي.
جانو مڪراني َء قاسم کي ويجهو وڃي ،پاڻ کي هوا ۾ اڇل ڏني .اک ڇنڀ ۾ پنهنجو رڪ جهڙو مٿو قاسم جي منهن تي هڻڻ
الء قاسم تي بل ڏنائين .قاسم وڄ وانگر جانو َء جي سنوت کان هٽي ،سندس وار گسائي ڇڏيو .جانو َء جي لوندڙي لوه جي
ِ
ريلنگ سان وڃي لڳي .هڪ آواز ٿيو ،ڄڻ لوه جو مارتول ڀيم سان وڃي لڳو .جانو ڦهڪو ڪري فٽ پاٿ تي ڪري پيو.
اکين جا تارا پٿر وانگر هڪ هنڌ ڄمي ويس.
غالم حسين جو هٿ زينب جي چوٽي َء مان ڇڏائجي ويو .هو ٻئي ٻانهون بالڪوني َء جي ڪناري تي رکي خارن مان قاسم
ڏانهن ڏسڻ لڳو.
قاسم لوهي ريلنگ کي ٽيڪ ڏيئي ،اڳ وانگر ٿي بيٺو هو .سندس منهن جون مشڪون ڇڪيل هيون ،۽ نگاهون جانو َء تي
کتل.
جانو َء ڪنڌ لوڏي پاڻ کي سامت ۾ آندو .هٿ جي تري َء جو زور ڏيئي پاڻ کي فٽ پاٿ تان مٿي ڪيائين .اٿي بيٺو .اٿنديئي،
ٻئي ٺونشا ٺاهي ،قاسم تي اڇل ڏنائي .قاسم سندس وار گسائي ،کيس منهن تي الڳيتا ٻه چار ٺونشا وهائي ڪڍيا .لوندڙي َء
واري مڪ کائي ،راڪاس جيڏو جانو ،بوالٽيون ڏيندو ،پپر جي وڻ سان وڃي لڳو ،۽ ڏسنديئي ڏسندي اونڌي منهن پپر جي
پاڙ ۾ وڃي پيو.
افالطون پيه کي پري ڪري ،سڀني کان اڳتي اچي بيٺو ۽ حيرت مان قاسم ڏانهن ڏسڻ لڳو.
اي -ون ريسٽورنٽ جا گراهڪ ڪرسيون ڇڏي ،ڊوڙندا آيا ۽ پيه ۾ شامل ٿي ويا .ريسٽورنٽ ۾ جنهن پوليس واري جانو َء
کي کيڪاريو هو ،سو ماڻهن کي پري ڪري وڻ وٽ اچي بيٺو .وڻ وٽ جانو َء کي اونڌي منهن ڪريل ڏسي کانئس ڇرڪ
نڪري ويو.
پوء وڻ کي
جانو َء وڏي َء ڪوشس سان پاڻ کي سڌو ڪيو .ٻئي هٿ وڻ جي ٿڙ ۾ کپائي ،پاڻ کي ڇڪي مٿي ڪيائين ،۽ ِ
ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو .سندس کاٻي اک ۽ نڪ مان رت ٺينڊيون ڪري وهي رهيو هو .هن ڦڪائي َء مان ڪنڌ مٿي ڪري،
ڊنشا بلڊنگ ڏانهن ڏٺو.
ساء ڀڻ ڀڻ ڪيائين” ،هن ڀاڙي َء جي
غالم حسين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو .مٺيون ڀڪوڙجي ويون هئس .چپن ۾ پنهنجي ِ
هاء ڙي ڪرم علي کوسا، تعريف ۾ گهانچي َء ڌرتي آسمان هڪ ڪري ڇڏيو هو .هن وائڙي ڀوڪ اڌ ڊزن خون ڪيا آهن! ِ
هاء ڙي
هاء ڙي انب شيدي -ڪهاڙي َء جي هڪ ڌڪ سان هن خسيس ڇوري جو ڪم الهي ڇڏين هاِ . هاء ڙي علڻ چانڊياِ ،
ِ
سنڌ! ڪراچي ويئي سنڌين کان“.
ساء وات مان نڪتس” ،شاباس .وارو ڪر جانو“.
اوچتو غالم حسين ڀڻ ڀڻ بند ڪري ڇڏي .واڇون ٽڙي پيس .پنهنجي ِ
جانو وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هو .هٿ ۾ چلڪندڙ خنجر هوس.
ماڻهن جون اکيون دهشت کان ڦاٽنديون ويون .افالطون جا گوڏا ڪنبڻ لڳا.
جاء تان نه چريو ۽ جانو َء ڏانهن ڏسندو رهيو .جانو َء ڏانهنس وک وڌائي .نفرت سبب سندس چهرو خوفناڪ ٿي
قاسم پنهنجي ِ
پوء جڏهن قاسم کان وک کن پري رهجي ويو ،تڏهن مٿانئس وار ڪيائين. ويو هو .هو وڌندو آيو ۽ ِ
قاسم تير وانگر خنجر جي وار کان پاڻ ڪڍائي ويو .خنجر لوهي ريلنگ سان وڃي ٽڪريو جانو َء هيبتناڪ ٽهڪ ڏنو.
قاسم ريلنگ وٽان پري ٿي ويو هو .جانو ريلنگ کي پٺي ڏيئي ،خنجر اڳتي ڪري ،قاسم ڏانهن وڌڻ لڳو .قاسم پوئتي هٽڻ
لڳو .هٽندي هٽندي پپر جي ٿڙ سان وڃي لڳو .جانو َء هڪدم مٿس وار ڪيو .قاسم ڪنڌ پري ڪري ڇڏيو ۽ خنجر جو اڌ
ڦرو پپر جي ٿڙ ۾ لنگهي ويو.
قاسم سموري قوت سان جانو َء جي منهن تي کاٻي هٿ جي مٺ سان ٺونشو هڻي ڪڍيو .جانو َء جو هٿ وڻ ۾ کتل خنجر مان
ڇڏائجي ويو .اڃا پاڻ مس سنڀاليو هئائين ،جو قاسم ساڄي هٿ جي هڪ مڪ وهائي ڪڍيس .جانو اڇل کائي ريلنگ سان
وڃي لڳو .هوش گم ٿي ويس .هوا ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ لڳو .قاسم وڌي اچي پيٽ ۾ گوڏو هنيس .هو سور کان ٻٽو ٿي ويو .قاسم ٻنهي
هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ جڪڙي ،سڄي َء طاقت سان جانو َء کي کاڏي َء هيٺان ڌڪ وهائي ڪڍيو .ڌڪ کائي ،جانو ڏور
پوء ساڄي ٺونشي سان جانو َء جو نڪ ۽ چپ ڦاڙي ڇڏيا .جانو َء
ٽٽل ڪمان وانگر ڇڪ کائي سڌو ٿي ويو .قاسم اول کاٻي ۽ ِ
جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون .هن ٻئي هٿ ريلنگ ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر هٿ لوه جي نلڪن مان ڇڏائجي ويس ۽ هو
ريلنگ مان گهرڪندو ،بارنيس اسٽريٽ جي سڙڪ تي ،گٽر وٽ وڃي ڪريو.
خلق کي ڄڻ نانگ سنگهي ويو .ماڻهن جا پير فٽ پاٿ کي چنبڙي ويا.
غالم حسين جڪ کائيندي بالڪوني کي لتون هڻي ڪڍيون .زينب اکيون بند ڪري ڇڏيون ،ڄڻ عذاب کان ڇوٽڪارو مليو
هوس.
افالطون فخر سان قاسم ڏانهن ڏسڻ لڳو .قميص جي ٻانهن سان پگهر اگهي ،قاسم ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
ان وقت ساڳيو پوليس وارو ،جيڪو ريسٽورنٽ ۾ ويٺو هو ،اڳتي وڌي آيو ،۽ قاسم کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيائين” ،تم غنڊا
ڻڍ“.
قاسم حيرت مان پوليس واري ڏانهن ڏٺو ۽ ڪجه نه ڪڇيو .سپاهي َء سيٽي وات ۾ وجهي ،سڄي َء قوت سان وڄائي.
هاء اسڪول جي بس اسٽاپ وٽ ڳنڍيري َء واري جي گاڏي مان ڳنڍيريون کڻي کائي رهيا هئا. ٻه سپاهي اين .جي .وي ِ
سيٽي َء جو آواز ڪن تي پين ،ته ڳنڍيرين سان کيسا ڀري ،ڊوڙندا آيا ۽ پيه ۾ ڪاهي پيا.
هڪ سپاهي جنهن جو منهن سڪل ڇوهاري جهڙو هو ،تنهن اچڻ شرط پڇيو؛ ”کيا ڻي ،امان؟“
”ساال غنڊا هئي .اپني جانو بادشاه کو مارا هئي (ما ُء تي گار ،ڀيڻ ،زال تي گار).
”لي چلو (ما ُء تي گار ،ڀيڻ تي گار ،زال تي گار) سالي کو تهاني پر“.
ڇوهاري جهڙو سپاهي قاسم کي موٽر رڪشا ۾ ويهاري ٿاڻي ڏانهن وٺي ويو.
پوء جانو مڪراني َء کي گٽر وٽان اٿاري ،فٽ پاٿ تي آڻي بيهاريو .گهانچي َء رومال
ٻن سپاهين ۽ گهانچي َء ڏاڍ َء مشڪل کان ِ
ڪڍي جانو َء جو ڦاٽل نڪ ،چپ ۽ کاٻي اک اگهي .اکين تان رت جو ته پري ٿيس ،ته هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيائين،
”ڪيڊان ويو ڙي دلو؟ آ ٌء هن کي کالس ڪندس“.
”ڀڄي ويو ،جانو باشا “،گهانچي َء وراڻيو؛ ”توسان لڙڻ وارو آئي ڪو مائي جو الل“.
اِن جواب تي جانو مڪراني ڏاڍو خوش ٿيو .چيائين؛ ”دلو ،ديوس ،بزدل“.
جانو َء فٽ پاٿ تي ٿڪ اڇالئي .سندس وات مان رت جي گرڙي اوڪاري وانگر نڪري آئي.
گهانچي َء ڏڪندي ڏڪندي بالڪوني َء ڏانهن ڏٺو .بالڪوني خالي هئي ۽ اجرڪ جو پڙدو هوا ۾ لڏي رهيو هو.
جڏهن ماڻهن جي پيه ڇڙوڇڙ ٿي ويئي ۽ هر ڪو سرگوشين ۾ ڳالهائيندو هليو ويو ،تڏهن افالطون پنهنجي اسٽول تي پير
رکي ويهي رهيو .ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي .ٽو جو سگريٽ ڪڍي ،دکائي ڊگهو سوٽو هنيائين .منهن گوڏي تي
رکي ڇڏيائين .ڪجه دير الڳيتو بارنيس اسٽريٽ ڏانهن ڏسندو رهيو .ڏسندي ئي ڏسندي ،افالطون جون اکيون آليون ٿي ويون
۽ سندس نگاهن آڏو بارنيس اسٽريٽ جي ٽريفڪ ،موٽر پارٽس جا دڪان ۽ اسپتالون ڪنهن ڪوهيڙي ۾ گم ٿيندا ويا.