You are on page 1of 49

‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪1‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سنڌ جي مختصر تاريخ‬


‫(سبقن ۾ جوڙيل)‬

‫مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ‬

‫ڇپيل‪0291 :‬ع‬
‫ڪمپوزنگ ‪ :‬شاھنواز ٽالپر (بدين)‬
‫پروف ريڊنگ‪ :‬رياضت ٻرڙو‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‬
‫‪9191‬‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪2‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫(سن ‪7681‬ع جي سرڪاري ائڪٽ ‪ 52‬موجب رجسٽرڊ ڪيل)‬

‫سنڌ جي مختصر تاريخ (سبقن ۾)‬ ‫ڪتاب جو نالو‪:‬‬


‫مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ‬ ‫ليکڪ‪:‬‬
‫‪7251‬ع‬ ‫ڇاپو پھريون‪:‬‬
‫اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد‪ ،‬سنڌ‬ ‫ڇپيندڙ‪:‬‬
‫مرزا قليچ بيگ‬ ‫ڇپرائيندڙ‪:‬‬
‫شاھنواز ٽالپر (بدين)‬ ‫ڪمپوزنگ‪:‬‬
‫رياضت ٻرڙو‬ ‫پروف ريڊنگ‪:‬‬
‫‪5151‬ع‬ ‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫ھيُء ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ‪ ،‬سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫ڪراچيَء پاران پڌرو ڪيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪3‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫ڪمپوزر پاران‪:‬‬

‫انسان غلطين جو گهر آھي‪ .‬ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي‪ .‬اُن ڪري انسان جي‬
‫لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي‪ .‬وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر‬
‫ڪيو وڃي‪ .‬ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو‪.‬‬
‫ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ دوران مون محسوس ڪيو ته اھڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن‬
‫جيڪي اڄڪلھه پاڻ گهٽ استعمال ٿا ڪريون‪ ،‬سو ان کي ڪمپوزر جي غلطي نه سمجهيو‬
‫وڃي‪ .‬جيئن ليکڪ لکيو تيئن مون ڪمپوز ڪيو آھي‪ .‬وري به جي ڪا غلطي ھجي ته‬
‫نشاندھي ڪجو‪.‬‬

‫شاھنواز ٽالپر‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬
‫‪sntalpur@gmail.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪4‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سنڌ سالمت پاران‬

‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” سنڌ جي مختصر تاريخ“ اوهان‬
‫اڳيان پيش ڪجي ٿو‪ .‬سنڌ جي تاريخ بابت مختصر سبقن ۾ لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ‪ ،‬محقق‬
‫۽ ڏاھي ڏات ڌڻي مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي‪.‬‬
‫ڪجھه ڏينھن اڳ پياري رياضت ٻرڙي ھن ڪتاب جو ٽائيٽل پيج فيسبوڪ تي شيئر ڪيو ھيو‪.‬‬
‫کيس عرض ڪيم ته مھرباني ڪري ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري موڪليو ته نئين سر ڪمپوز‬
‫ڪري رکون‪ .‬ڇو ته سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ الِء ڪنھن مختصر ڪتاب جي ضرورت محسوس‬
‫ڪري رھيو ھيس‪ .‬ھن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور تائين سنڌ جي مختصر تاريخ شامل آھي‪ .‬رياضت‬
‫صاحب قرب ڪري ڪتاب اسڪين ڪري موڪليو‪ .‬مان بدين ۾ سنڌ سالمت جي دوست شاھنواز‬
‫ٽالپر کي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ الِء موڪليو جنھن جلد ئي ڪمپوز ڪري موڪليو‪ .‬پراڻي زماني جو‬
‫ڇاپو ۽ ان وقت جي رائج ٻولي استعمال ٿيل آھي تنھنڪري رياضت صاحب کي فائل موڪلي عرض‬
‫ڪيم ته پروف ريڊنگ جي مھرباني ڪيو‪ .‬پاڻ پروف ريڊنگ ڪري ڪتاب موڪلي ڏنن جيڪو‬
‫اوھان دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو‪.‬‬
‫ھي ڪتاب ‪7251‬ع ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد‪ ،‬سنڌ پاران ڇپايو ويو‪ .‬ٿورائتا آهيون‬
‫شاھنواز ٽالپر جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سالمت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ الِء‬
‫موڪليو‪ .‬ڪتاب جو اصل متن رياضت ٻرڙي جي فيسبوڪ وال تي موجود آھي‪.‬‬
‫اوهان سڀني دوستن‪ ،‬ڀائرن‪ ،‬سڄڻن‪ ،‬بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن‪ ،‬راين‪ ،‬صالحن ۽‬
‫رهنمائي جو منتظر‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬


‫مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي )‬
‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪5‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫ليکڪ پاران‬

‫پڌرو ھجي ته سنڌ جي وڏي تاريخ‪ ،‬تصويرن سان‪ ،‬سنڌيَء ۾ مون اڳ ئي لکي آھي ۽‬
‫سنڌ جي تمام مختصر تاريخ ُملن جي مڪتبن الِء به اڳ ئي لکي اٿم‪ .‬پر وچولي قسم جي‬
‫مختصر تاريخ سنڌي ننڍن درجن ۾ پڙھائڻ الِء گهربل ھئي‪ .‬انھن الِء مون ھيَء سنڌ جي‬
‫تاريخ سبقن ۾ لکي آھي جن جي پڙھڻ مان ننڍن پڙھندڙن کي مزو به ايندو ۽ سنڌ جي‬
‫ڳنڍيل تاريخ به معلوم ٿيندي‪.‬‬

‫قليچ بيگ‬
‫آڪٽوبر ‪7278‬ع‬
‫حيدرآباد‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪6‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫ڪتاب جي مضمونن جو تفصيل‬

‫‪9‬‬ ‫سبق ‪ 7-‬سنڌ جا قديم رھاڪو‬


‫‪10‬‬ ‫سبق ‪ 5-‬سڪندر بادشاھ جي ڪاھ‬
‫‪11‬‬ ‫سبق‪ 3 -‬راِء ۽ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت‬
‫‪12‬‬ ‫سبق‪ 4 -‬عربن جي سنڌ ۾ اچڻ جو سبب‬
‫‪13‬‬ ‫سبق‪ 2-‬محمد قاسم جي سنڌ تي ڪاھ‬
‫‪14‬‬ ‫سبق‪ 8-‬محمد قاسم ۽ راجا ڏاھر جي جنگ ۽ عربن جي فتح‬
‫‪15‬‬ ‫سبق‪ 1-‬ھندو راجائن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬
‫‪16‬‬ ‫سبق‪ 6-‬عربن جي حڪومت‬
‫‪17‬‬ ‫سبق‪ 2-‬محمد غزنوي ۽ ٻين دھليَء جي بادشاھن جي حڪومت‬
‫‪18‬‬ ‫سبق‪ 71-‬عربن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬
‫‪51‬‬ ‫سبق‪ 77-‬سومرن جي حڪومت‬
‫‪57‬‬ ‫سبق‪ 75-‬سومرن جي حڪومت جي زواليت ۽ سمن جو زور‬
‫‪55‬‬ ‫سبق‪ 73-‬سمن جي حڪومت‬
‫‪53‬‬ ‫سبق‪ 74-‬سمن جي حڪومت جي پڇاڙي‬
‫‪54‬‬ ‫سبق‪ 72-‬ارغون مغل گهراڻي جي حڪومت‬
‫‪52‬‬ ‫سبق‪ 78-‬ارغونن جي حڪومت جي پڇاڙي‬
‫‪58‬‬ ‫سبق‪ 71-‬ترخان مغل گهراڻي جي حڪومت‬
‫‪51‬‬ ‫سبق‪ 76-‬ترخانن جي حڪومت جي پڇاڙي‬
‫‪56‬‬ ‫سبق‪ 72-‬دھليَء جي صوبدارن جي حڪومت‬
‫‪52‬‬ ‫سبق‪ 51-‬داؤد پوٽا ۽ شڪارپور جو ٻجهڻ‬
‫‪31‬‬ ‫سبق‪ 57-‬ٺٽي شھر جو احوال‬
‫‪37‬‬ ‫سبق‪ 55-‬دھليَء جي بادشاھن ۽ ٻين مسلمان قومن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬
‫‪32‬‬ ‫سبق‪ 53-‬ڪلھوڙا ۽ سندن اوائل وارا سردار‬
‫‪33‬‬ ‫سبق‪ 54-‬ميان نور محمد ڪلھوڙي جي حڪومت‬
‫‪34‬‬ ‫سبق‪ 52-‬ميان محمد مرادياب ڪلھوڙي جي حڪومت‬
‫‪35‬‬ ‫سبق‪58-‬ميان غالم شاھ ۽ ميان سرفراز جي حڪومت‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪7‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫‪38‬‬ ‫سبق‪ 51-‬ميان عبدالنبي ۽ صادق علي ڪلھوڙن جي حڪومت‬


‫‪31‬‬ ‫سبق‪ 56-‬ڪلھوڙن جي حڪومت جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي فتح‬
‫‪36‬‬ ‫سبق‪ 52-‬ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬
‫‪32‬‬ ‫سبق‪ 31-‬ٽالپر بلوچن جو اوائل جو دؤر‬
‫سبق‪ 37-‬مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائرن جي چؤياري حڪومت ‪41‬‬
‫‪47‬‬ ‫سبق‪ 35-‬باقي ٽن ڀائرن جي حڪومت‬
‫سبق‪ 33-‬مير نورمحمد خان ۽ مير نصير خان واري چؤياري حڪومت ‪43‬‬
‫‪44‬‬ ‫سبق‪ 34-‬انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ‬
‫‪42‬‬ ‫سبق‪ 32-‬ٽالپرن ميرن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬
‫‪48‬‬ ‫سبق‪ 38-‬انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ‬
‫‪41‬‬ ‫سبق‪ 31-‬سنڌ جا ڪمشنر ۽ انھن جي وقت ۾ سڌارا‬
‫‪46‬‬ ‫سبق‪ 36-‬انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ ملڪن جي حالت‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪8‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق پھريون‬
‫سنڌ جا قديم رھاڪو‬

‫قديم وقت ۾ سنڌ ھڪڙو تمام وڏو پر ڳڻو ھو‪ .‬ھاڻوڪي سنڌ کان ٻيڻو ٽيڻو ھو‪ .‬ڊگھائيَء ۾‬
‫ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين ھو ۽ ويڪرائيَء ۾ ايران کان وٺي راجپوتانا تائين ھو‪ .‬يعني‬
‫پنجاب ۽ افغانستان‪ ،‬بلوچستان ۽ راجپوتانا جا ڀاڱا به منجھس داخل ھئا‪ .‬۽ ايترو سارو ملڪ ھڪڙي‬
‫حاڪم جي ھٿ ھيٺ رھي سگهڻ جھڙو نه ھو‪ .‬جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا حاڪم حڪم ھالئيندا ھئا‪،‬‬
‫جيئن ته ملتان ۾ ھڪڙو‪ ،‬شڪارپور ۾ ٻيو‪ ،‬سيوھڻ ۾ ٽيون‪ ،‬حيدرآباد ۾ چوٿون‪ ،‬ٺٽي ۾ پنجون‪ ،‬انھي‬
‫طرح‪ .‬انھن شھرن جا به انھي وقت ٻيا ناال ھئا‪ِ ،‬اھي نه ھئا‪.‬‬
‫سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو آرين قوم جا ھئا‪ ،‬جي وچ ايشيا کان ھماليه جبل لنگهي سنڌ ۽‬
‫پنجاب جي ندين جي ڪنارن تي اچي رھيا ھئا‪ .‬اھي ھندي آرين ھاڻوڪن ھندن کان بلڪل ٻيَء‬
‫طرح جا ھئا‪ .‬ھو بت نه پوڄيندا ھئا‪ ،‬نه مندر ۽ مڙھيون ھئن‪ .‬باھ ۽ سج‪ ،‬ھوا ۽ مينھن جي پوڄا ڪندا‬
‫ھئا ۽ ماس به کائيندا ھئا‪ .‬ھو شڪل جا سھڻا ۽ قداور ۽ بھادر ھئا‪ .‬منجھن ذات جو ڪو به تفاوت ڪو‬
‫نه ھو‪.‬‬
‫جڏھن سنڌ ۽ پنجاب مان نڪري اُتر ھندستان ۾گنگا نديَء جي ڪنارن تي پکڙڻ لڳا تڏھن‬
‫ھنن کي اُتي جي ڊراوڊ [دراوڙ] ۽ تاتاري رھاڪن سان وڙھڻو پيو‪ .‬تنھنڪري منجھن جيڪي زور ڀريا‬
‫۽ بھادر ھئا تن کي جنگ جي ڪم الِء مقرر ڪ يائون‪ .‬انھن کي کتري سڏيائون ۽ انھن جي مھندار کي‬
‫راجا سڏيائون‪ .‬ٻيا جيڪي مکيه ديوتا برھم جي شيوا ۽ پوڄا ڪندا ھوا تن کي برھمڻ سڏيائون‪.‬‬
‫جيڪي خاص پوک جي ڪم ۾ رھيا تن کي ويش جو نالو ڏنائون ۽ جيڪي وري اصلوڪن رھاڪن‬
‫مان ھنن سان گڏجي ويا ھئا ۽ جن جو اوالد نج آرين نه ھو‪ ،‬تن کي شدر [شودر] جو نالو ڏنائون‪.‬‬
‫تنھنڪري ھندو آرين جا اھي چار مکيه ڀاڱا ٿيا‪ .‬اڃا به ٻيا جيتيلن [هارايل] قومن مان جي ھنن جا‬
‫غالم ٿي رھيا‪ ،‬سي ڪنھن به ذات ۾ داخل نه ٿيا ۽ ڪمذات ۽ نيچ شمار ۾ آيا ۽ ٻين کان ڌار رھڻ لڳا‪.‬‬
‫پوِء ٿورو ٿورو ٿي وڏا شھر ٻڌا ۽ مندر به جڙيا ۽ ڌنڌا به جاري ٿيا‪ .‬اھي سڀ سنسڪرت ٻولي‬
‫ڳالھائيندا ھئا‪ .‬نيٺ آھستو [هوري هوري] ٿي اھي چار ئي ذاتيون ڌار ڌار ٿيڻ لڳيون‪ .‬انھن قديم قومن‬
‫مان ٻه مشھور قومون پانڊون ۽ ڪورن جون ھيون‪ ،‬جي اُتر ھندستان جي ھستناپور ملڪ جي بادشاھيَء‬
‫الِء پاڻ ۾ وڙھيون‪ .‬انھن مان نيٺ پانڊؤ فتحمند ٿيا ۽ ڪورو مارجي ويا‪ .‬انھن جو بيان مھا ڀارت ۾ آھي‪.‬‬
‫انھن ڏينھن ۾ ڪرشنا گجرات جو راجا ھو جنھن پانڊون کي مدد ڏني ھئي ۽ جئدراٿ سنڌ جو راجا‬
‫ھو‪ ،‬جنھن ڪورن کي مدد ڏني ھئي‪ .‬انھيَء ڳالھه کي عيسوي سن کان اڳي ٻارھن تيرھن سؤ ورھيه گذري‬
‫ويا ھئا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪9‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٻيو‬
‫سڪندر بادشاھ جي ڪاھ‬

‫عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورھيه اڳي ايران جي بادشاھ دارا سنڌ ۽ پنجاب فتح ڪئي ۽‬
‫سندس ھڪڙو سردار پشاور ڌاري گهڻا ٻيڙا تيار ڪرائي سنڌو ندي تان سندس ڇوڙ تائين گهمي ويو‪.‬‬
‫جڏھن ٻه سؤ ورھ پوِء ايران جي شھنشاھت ٽُٽي ۽ يونان جي شھنشاھت قائم ٿي تڏھن سڪندر بادشاھ‬
‫سڪيَء جي رستي ملڪ فتح ڪندو پنجاب ۾ آيو ۽ اُتي جي راجا پورس کي شڪست ڏئي وري به‬
‫ملڪ سندس حوالي ڪيائين‪ .‬تنھن کان پوِء ٻه ھزار ٻيڙا گڏ ڪري جھلم نديَء مان لنگهي سنڌو ندي‬
‫۾ آيو ۽ اھا ڏئي سنڌ ۾ گھڙيو‪ .‬اُنھن ڏينھن ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جدا جدا راجا ھئا‪ ،‬جيئن مٿي به‬
‫چيو ويو آھي‪ .‬الور جو راجا مسيڪناس پھرين اچي پيش پيو پر پوِء برھمڻن جي صالح تي ڪنڌ‬
‫ڪڍائڻ لڳو‪ .‬تنھنڪري سڪندر کيس ۽ ڪيترن برھمڻن کي مارائي ڇڏيو‪ .‬جڏھن [سڪندر]‬
‫سيوھڻ وٽ آيو تڏھن اتي جو راجا ساميس پاڻھي اچي پيش پيو‪ .‬انھي کان ھيٺ سنڌ جي الڙ وارو ڀاڱو‬
‫پٽيالي جو راڄ ھو‪ .‬اُني جو راجا ميرس ڊپ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو‪ .‬سڪندر ڪي ڏينھن اتي گذاري‪،‬‬
‫درياھ جي ڪناري تي ھڪڙو وڏو بندر قائم ڪري‪ ،‬پوِء جھازن جي رستي الھندي وارو ڦاٽ ڏيئي سنڌو‬
‫نديَء جي ڇوڙ تائين آيو‪ .‬اتان وري اڀرندي وارو ڦاٽ ڏئي موٽي ساڳئي بندر تي آيو‪ .‬گهڻو ڪري اھو‬
‫اڀرندو ڦاٽ ڪڇ جي رڻ سان ڳنڍيل ھو‪ ،‬جو انھن ڏينھن ۾ ھڪڙي وڏي ڍنڍ جي صورت ۾ ھو‪ ،‬جنھن‬
‫۾ سنڌو نديَء جو ڇوڙ به ھو ۽ سمنڊ جو پاڻي به ھو‪ .‬تنھن کان پوِء سڪندر بادشاھ پٽالي مان نڪتو ۽‬
‫مڪران ۽ ايران لنگهي پرتي ويو ۽ سندس درياھي سردار نيارڪس پنھنجا جھاز وٺي روانو ٿيو‪ .‬ھوا‬
‫جي مخالف ھئڻ ڪري ھن کي شاھبندر جي الھندي ڏي (شاھ بندر جي الهندي واري ڀاڱي کي‬
‫ڪڪراله سڏيندا هئا) ڪڪرالي وٽ ٽي ھفتا رھڻو پيو‪ .‬پوِء سمنڊ جي رستي پرتي روانو ٿيو‪ ،‬پر ٻن‬
‫ورھن کان پوِء مري ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪10‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٽيون‬
‫راِء ۽ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت‬

‫سڪندر جي وقت کان وٺي پنجين صديَء تائين سنڌ جي تاريخ جي پوري سڌ ڪانھي‪.‬‬
‫عيسوي پنجين صديَء جي پڇاڙي ڌاري سنڌ ۾ راِء گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي‪ ،‬جا اٽڪل ڏيڍ سؤ‬
‫ورھيه ھلي‪ .‬انھي وقت ۾ اروڙ يا الور سنڌ جو گاديَء جو ھنڌ ھو‪ ،‬جو روھڙيَء کي ويجهو ھو‪ .‬انھي ۾ ھڪڙو‬
‫وڏو قلعو ھو ۽ گهڻ يون عاليشان عمارتون ھيون ۽ مزي مزي جا باغ ۽ ڪارخانا ھئا‪ .‬ساري سنڌ جا تڏھن‬
‫چار ڀاڱا ھئا‪ ،‬جي جدا جدا حاڪمن جي ھٿ ھيٺ ھئا‪ .‬انھي گهراڻي جا مڙئي پنج راجا ٿيا‪ .‬پھريون‬
‫ھو راِء ديوا ِجي ۽ پويون ھو راِء ساھسي‪ .‬اھو پھريون راجا ڏاڍو عقل ۽ تجويز وارو ھو‪ .‬پاڻ پنھنجي ملڪ‬
‫۾ گشت ڪندو ھو‪ .‬گهڻن ھنڌن تي مضبوط قلعا ٺھرايائين وٽس ھڪڙو ھوشيار وزير رام راِء برھمڻ‬
‫ھوندو ھو‪ ،‬جو ملڪ جي سڌاري ۾ ھن کي گهڻي مدد ڏيندو ھو‪ .‬انھيَء وزير پنھنجي مدد الِء وري ھڪڙو‬
‫ٻيو برھمڻ نائب ڪري رکيو‪ ،‬جنھن جو نالو چچ ھو‪ .‬اُھو به ڏاڍو ھوشيار ھوندو ھو‪ .‬راجا جو انھن ٻنھي‬
‫تي ڏاڍو اعتبار ھوندو ھو‪ .‬جڏھن وزير رام راِء مري ويو تڏھن راجا‪ ،‬چچ نائب وزير کي کڻي پنھنجو وڏو‬
‫وزير ڪيو‪ .‬سگهو ئي پوِء راجا ساھسي راِء بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو‪ .‬راجا جي راڻي‪ ،‬جنھن جو نالو‬
‫سھندي ھو‪ ،‬تنھن تجويز ڪري چچ کي تخت تي وھاريو‪ ،‬جو راجا کي ٻيو اوالد ڪونه ھو‪ .‬چچ اڳ ڳڻتي‬
‫ڪري راجا جي انھن مائٽن کي مارائي ڇڏيو‪ ،‬جي تخت جا دعوادار ٿين ھا‪ .‬انھيَء ھوندي به جوڌپور جي‬
‫راجا مھارت وڏو لشڪر گڏ ڪري چچ تي ڪاھيو‪ ،‬انھي الِء ته انھي ظالم کي تخت تان الھي‪ ،‬پر چچ‬
‫انھن کي شڪست ڏني ۽ پاڻ پوري طرح ملڪ جو قبضو ڪري راجا ٿي ويھي رھيو ۽ راڻي سھندي‬
‫سان کڻي شادي ڪيائين‪ ،‬جنھن مان ٻه پٽ ۽ ھڪڙي ڌيُء ڄايس‪ .‬پٽن جا ناال ڏاھر ۽ ڏھر سيئن ھئا ۽‬
‫ڌيُء جو نالو ٻائي ھو‪ .‬چچ ملڪ کي ڏاڍو سڌاريو ۽ ساري سنڌ جو گشت ڪيائين ۽ ڪشمير ۽ ملتان‬
‫به ھٿ ڪيائين ۽ قنڌار ۾ به آيو ۽ اتي جي حاڪم تي ڍل مقرر ڪري موٽي ويو‪ .‬چاليھه ورھ برابر چڱي‬
‫حڪومت ڪيائين‪ .‬سندس مرڻ تي‪ ،‬سندس ڀاُء چندو‪ ،‬سندس جاِء تي ويٺو‪ ،‬جنھن ٻڌ ڌرم گهڻو پکيڙيو‪،‬‬
‫اگرچه پاڻ برھمڻ ھو‪ .‬اٺن ورھين کان پوِء اھو به ُمئو ۽ پوِء ڏاھر راجا ٿيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪11‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق چوٿون‬
‫عربن جي سنڌ ۾ اچڻ جو سبب‬

‫راجا ڏاھر سنڌ ۾ اٺ ورھيه چڱي بادشاھي ڪئي‪ ،‬تنھن کان پوِء ھڪڙو خراب اتفاق ٿيو‬
‫جنھنڪري ھن جي راڄ ۾ رولو پئجي ويو‪ .‬انھن ڏينھن ۾ خليفو وليد عرب ۽ شام جو بادشاھ ھو ۽‬
‫سندس تخت گاھ بغداد ھو‪ .‬سرنديب جي راجا انھيَء خليفي جي الِء ڪي قيمتي سوغات جھڙيون‬
‫شيون جھازن ۾ موڪليون ھيون‪ ،‬سي جڏھن سنڌ جي ديول بندر وٽ آيون‪ ،‬تڏھن اُتي جا چور جھازن‬
‫تي ڪاھي آيا ۽ اُھي شيون ڦري ويا ۽ ڪي ماڻھو ماري ۽ ڪي قيد ڪري ويا‪.‬‬
‫ڪي ھيئن به لکن ٿا ته خليفي عبدالمالڪ ڪن خوبصورت ٻانھين ۽ ٻين ڪن سوداگري شين‬
‫جي خريد ڪرڻ الِء اٺ جھاز سرنديب ڏي موڪليا ھئا‪ ،‬تن کي ديبل بندر وٽ ھڪ چورن جي ٽولي‬
‫اچي ڦُريو ۽ ڪيترو قيمتي مال ۽ حبشي ٻانھيون چورائي ويا‪ .‬خليفي جي پاران عراق جي حاڪم‬
‫حجاج‪ ،‬راجا ڏاھر ڏي لکيو ته اھي چور ھٿ ڪري انھن کي جوڳي سزا ڏئي ۽ ڦريل شيون وٺي پھچائي‪.‬‬
‫راجا ڏاھر جواب ڏنو ته اھي چور انھيَء ھنڌ زور آھن‪ ،‬انھن جي ڏوھن جو آٌء جوابدار نه آھيان‪ .‬جڏھن‬
‫خليفي عبدالمالڪ کي انھيَء جواب جي خبر پئي تڏھن ھن ھڪدم سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ الِء لشڪر‬
‫سنبرايو‪ .‬پر انھيَء وچ ۾ خليفو پاڻ مري ويو ۽ پنھنجي پٽ وليد کي وصيت ڪري ويو ته سنڌ تي ڪاھ‬
‫ڪري وير وٺي‪.‬‬
‫ان موجب عيسوي صديَء جي شروعات ۾ عربن جو ٽي ھزار لشڪر‪ ،‬بزيل جي ھٿ ھيٺ ديبل‬
‫بندر تي ڪاھي آيو‪ .‬جڏھن راجا ڏاھر کي الور ۾ اھا خبر پھتي تڏھن پنھنجي پٽ جيسيئن کي چئن‬
‫ھزارن ماڻھن سان موڪليو‪ .‬بزيل ديبل جي لشڪر کي اڳي ئي ڀڄايو ھو پر پاڻ جيسيئن سان جنگ‬
‫ڪرڻ لڳو‪ .‬سنڌ جي لشڪر ۾ ھاٿي گهڻا ھئا‪ ،‬تن کان عربن جا گهوڙا ٽھڻ ۽ ڀڄڻ لڳا‪ .‬بزيل پڳڙين سان‬
‫گهوڙن جون اکيون ٻڌرائي به پئي وڙھيو‪ ،‬پر نيٺ مارجي ويو‪ ،‬۽ عربن شڪست کاڌي‪ .‬اھا خبر ٻڌي‬
‫حجاج کي گهڻو ڏک ٿيو ۽ ڏاڍو ڪاوڙيو‪ .‬ھن ھڪدم پنھنجي ڀائٽي ۽ ناٺِي محمد قاسم ثققيَء کي وير‬
‫وٺڻ الِء سن برايو‪ .‬ھو تمام ھمت ڀريو جوان ھو ۽ سترھن ورھين عمر جو ھو‪ .‬ڇھه ھزار بھادر عرب ھن کي‬
‫ڏنا ويا ۽ ھو اُتان روانو ٿيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪12‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق پنجون‬
‫محمد قاسم جي سنڌ تي ڪاھ‬

‫محمد قاسم پھرين منزل شيراز ۾ ڪئي‪ .‬اُتي ڇھه ھزار گهوڙن وارا ۽ ڇھه ھزار سوار اُٺن وارا ۽‬
‫ٽي ھزار بار جا اُٺ‪ ،‬جي حجاج پٺيانس موڪليا ھئا‪ ،‬سي اچي اُتي پھتا‪ .‬شيراز مان گهڻن ماڻھن ۽‬
‫گهوڙن جون زرھون ۽ ڪوٽن ڀڃڻ جون ڪلون ۽ ٻيو ضروري جنگي سامان ۽ کاڌي جي سرسات گڏ‬
‫ڪري‪ ،‬محمد قاسم پاڻ مڪران ڏي منھن رکيو ۽ ڳچ جيترا ٻيڙا سمنڊ جي رستي سڌو ديبل ڏي‬
‫موڪليائين‪.‬‬
‫ھن مڪران ۽ لس ٻيلي مان لنگهي ديبل ڏانھن رخ ڪيو ۽ سن ‪177‬ع يعني ‪ 23‬ھجري جي‬
‫محرم جي ڏھين تاريخ يعني حشر جي ڏينھن ديبل ۾ اچي پھتو‪ .‬سامان جون ٻيڙيون به انھيَء وچ ۾ اتي‬
‫اچي رسيون‪ ،‬پوِء محمد قاسم چوڌاري کاھي کڻائي لھي پيو ۽ جنگ جون تياريون ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫انھي وقت ڌاري ڏاھر جو پٽ جيسيئن نيرون يعني حيدرآباد ۾ ھو پر پيُء جي حڪم موجب‬
‫ھو محمد قاسم کي سامھون نه ٿيو‪ .‬ستن ڏينھن جي آرام ۽ تياريَء کان پوِء محمد قاسم ديبل جو قلعو‬
‫ورتو ۽ جيڪي مندر اُتي ھئا سي ڦريائين‪ .‬جيڪي مسلمان قيدي اُتي ھئا‪ ،‬سي ڇڏايائين‪ .‬ديبل جو‬
‫حاڪم ڀڄي نيرون ڏي ويو جو لڙائيَء کان سواِء ھٿ اچي ويو‪ .‬اُتي ھڪڙو نائب مقرر ڪري محمد‬
‫قاسم سيوستان (يعني سيوھڻ) ڏي ڪاھيو‪ .‬اُتي جو حاڪم‪ ،‬جو ڏاھر جو سوٽ ھو‪ ،‬سو سندس ُپٽ‬
‫وانگي ڀڄي ويو ۽ عربن آساني سان اھو به قلعو ورتو‪ .‬پوِء مھراڻ درياھ لنگهي ھن ڀر ٿيو ۽ الور تي‬
‫ڪاھڻ جو ارادو ڪيائين‪ ،‬پر ٻيڙيون موجود نه ھيون تنھنڪري موٽي نيرون مان لنگهي ساڪري ۾ آيو‬
‫۽ اُتي ٻيڙيون گڏ ڪيائين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪13‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ڇھون‬
‫محمد قاسم ۽ راجا ڏاھر جي جنگ ۽ عربن جي فتح‬

‫انھيَء وچ ۾ راجا ڏاھر به پنھنجو لشڪر وٺي اچي ويجهو ٿيو‪ .‬محمد قاسم ٻيڙين جي ُپل ٻڌائي‪،‬‬
‫يعني پھرين ٻيڙيون ڪناري سان ھڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري ويا ۽ پوِء اُنھن کي لوھ جا قلعا ھڻي‬
‫ھڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيائون‪ .‬جڏھن درياھ جي پيٽ جيتري قطار ٿي تڏھن لشڪر منجھن چڙھي‬
‫ويٺو‪ .‬پوِء س ڄي قطار ھڪدم موڙي ھن پاسي واري ڪناري کي وڃي لڳا ۽ لھي ھيٺ ٿيا ۽ منزل ڪري‬
‫چوڌاري کاھي ھڻي ويھي رھيا‪ .‬انھي ھنڌ ڌاري‪ ،‬گجري نالي ھڪڙي وڏي ۽ اونھي ڍنڍ ھئي‪ .‬اُنھي ڍنڍ‬
‫جي اُلھندي ڏي عرب لٿل ھئا ۽ اڀرندي ڏي راجا ڏاھر پنھنجي لشڪر سان لٿل ھو‪ .‬عربن جي درياھ‬
‫لنگهڻ جي اوچتي خبر ٻڌي ھو ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو‪.‬‬
‫پھريائين راجا ڏاھر پنھنجي پٽ جيسيئن کي ھاٿيَء تي چاڙھي لشڪر سان موڪليو‪ .‬سو‬
‫جڏھن ميدان تي آيو تڏھن عرب وڪوڙي ويس‪ .‬ويڙھ لڳي پر سنڌي لشڪر مارجي ويو ۽ جيسيئن پاڻ‬
‫به ذري گھٽ ماريو ھو پر ھاٿي ڀڄائي نڪري ويو‪ .‬پوِء محمد قاسم ارادو ڪيو ته گجري ڍنڍ لنگهي ھن‬
‫ڀر ٿئي ۽ راجا ڏاھر تي ڪاھي‪ .‬ھڪڙي ٻيڙيَء ۾ ٽيھه ٽيھه ماڻھو لنگهائي ھن ڀر آيو‪ .‬ڏاھر کي جوتشين‬
‫اڳي ئي ٻڌايو ھو ته فتح عربن جي آھي‪ .‬سو وڙھڻ کان دل شڪستو ھو‪ .‬ٻنھي لشڪرن جي وچ ۾ ميل‬
‫کن پنڌ جو ھو‪ .‬راجا ڏاھر جي سپه ساالرن جنگ شروع ڪئي‪ .‬ٽي ڏينھن برابر جنگ پئي ھلي پر فيصلو‬
‫ڪونه ٿي ٿيو‪ .‬نيٺ چوٿين ڏينھن صبح جو سوير راجا ڏاھر پنج ھزار سوار ۽ ويھه ھزار پيادا ۽ ھڪ سؤ‬
‫ھاٿي وٺي پاڻ جنگ جي ميدان ۾ آيو‪ .‬پاڻ لشڪر جي وچ ۾ ھاٿيَء تي چڙھيل ھو ۽ تير ڪمان ھٿ ۾‬
‫ھوس‪ .‬ٻن ٻانھين کيس پان سوپاري پي ڏنو ۽ تير به کنيو پئي ڏنائوس‪ .‬اھو پويون ڏينھن رمضان مھيني‬
‫جي ڏھين تاريخ ھئي‪ .‬عربن کي روزا ھئا‪ .‬ڏاھر سان سندس ٻئي پٽ جيسيئن ۽ ڏھرسيئن گڏ ھئا‪ .‬ڪن‬
‫سنڌين جي صالح ۽ سونھپ تي عربن جو ڳچ لشڪر‪ ،‬ڏاھر جي لشڪر جي پٺيان اچي نڪتو‪ .‬پوِء‬
‫عربن ٻنھي طرفن کان گهڻ ي ڪاھ ڪئي‪ .‬ڏاڍي سخت جنگ لڳي‪ .‬راجا ڏاھر کي ھڪڙو تير لڳو ۽‬
‫سندس ُھودي کي به اچي باھ لڳي‪ .‬ھاٿي ٽپڻ لڳو ۽ وڃي ڍنڍ ۾ وڌائين‪ .‬راجا گپ ۾ ڪري پيو جتي‬
‫ڪنھن عرب ترار ھڻي ماري وڌس‪ .‬سگهو ئي سنڌ جو لشڪر ڀڄي ويو‪ .‬راجا جي پٽن توڙي سندس‬
‫گهر جي ڀاتين سڀني ڀڄي وڃي راور جي قلعي ۾ پناھ ورتي‪ .‬محمد قاسم ھڪدم انھيَء قلعي کي وڃي‬
‫گھيرو ڪيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪14‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ستون‬
‫ھندو راجائن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬

‫ھندن جي زماني ۾ راجا کي ھر قسم جو اختيار ھوندو ھو‪ .‬جئن وڻندو ھوس تئن ڪندو ھو‪.‬‬
‫ھڪڙو وزير رکندو ھو‪ ،‬جو سندس صالحڪار ھوندو ھو‪ .‬ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ھالئڻ الِء ننڍا‬
‫حاڪم ھوندا ھئا‪ .‬انھن مان ڪي خود راجا جا پٽ يا ويجها مائٽ به ھوندا ھئا‪ .‬راجا ڪنھن به رعيتي‬
‫ماڻھوَء جي جان توڙي ملڪيت پنھنجي مرضيَء موجب وٺي سگهندو ھو‪ .‬ڌرم جي ڪمن ۽ رسمن ۾‬
‫برھمڻ ۽ مڙھين ۽ مندرن جا مھندار ھٿ وجهندا ھئا‪ ،‬پر اُھي به اڪثر راجا جي حڪم موجب ھلندا‬
‫ھئا‪ .‬اڪثر وڏا وڏا ڪم نجومين يا جوتشين جي پڇڻ کان پوِء ڪندا ھئا‪ .‬رعيتي ماڻھو چوپائي مال ۽‬
‫سون جي پنجاھين پتي راجا کي ڏيندا ھئا‪ .‬ان جي پيدائش مان اٺين پتي ۽ وڻن‪ ،‬گھه‪ ،‬ماکي ۽ ٻين واپار‬
‫جي شين مان ڇھين پتي ڏيندا ھئا‪ .‬ڪاسبي ماڻھو ھر مھيني ۾ ھڪڙو ڏينھن راجا جي ڪم ڪرڻ‬
‫الِء ٻڌل ھئا‪ .‬راجا لشڪر رکندو ھو ۽ انھن جي مٿان سپه ساالر ۽ ٻيا ننڍا عملدار به رکندو ھو‪ ،‬پر اڪثر‬
‫پاڻ جنگ ۾ شامل ٿيندو ھو ۽ مارجي به ويندو ھو‪ .‬کانئس پوِء سندس وڏو پٽ سندس جاِء تي ويھندو‬
‫ھو‪ .‬وڏن وڏن شھرن ۾‪ ،‬خاص گاديَء جي ھنڌ ۾ البت حڪومت جو بھتر بندوبست ھوندو ھو‪ .‬ٻاھرين‬
‫ننڍن شھرن وارا ماڻھو پنھنجي منھن رھندا ھئا ۽ ڌنڌن ۽ ھنرن وارا ماڻھو راڄ ۾ ھڪ ٻئي جو ڪم‬
‫ڪندا ھئا‪ .‬انھيَء الِء ھنن کي فصلن لھڻ وقت ڪي ٺھرايل انگ ابواب ملندا ھئا پر مٿن چورن جي‬
‫ڏولين ۽ ٻين زور ڀرين پاسي وارين قومن جون ڪاھون ۽ ڦريون ماريون ٿينديون رھنديون ھيون‪ ،‬انھن‬
‫کان ڳوٺن جا ماڻھو پاڻ کي پاڻھي بچائيندا ھئا‪ .‬ڪڏھن ته ھڪڙا پيا ھر ڪاھيندا ھئا ۽ پوکون‬
‫سنڀاليندا ھئا ۽ ٻيا آس پاس پيا پھرو ڏيندا ھئا‪ .‬آباديَء الِء واھ يا مسافرن جي الِء شاھي سڙڪون يا‬
‫ُپلون يا ڌرم سرايون ڪين ھيون‪ .‬آدمشماري تمام ٿوري ھئي‪ ،‬ته به ڏڪار بيماريَء وقت ھنن کي‬
‫سرڪاري مدد ڪا نه ملندي ھئي‪ .‬سادو ڪپڙو ڪوري اُڻندا ھئا ۽ ڪنڀرن ۽ لوھارن ۽ واڍن ۽ رازن ۽‬
‫سونارن جو ڪم ھلندو ھو‪ ،‬پر تمام سادي قسم جو‪ .‬نڪي ڪي چڱا گهر ھوندا ھئا‪ ،‬نه ڪي ٻيون سک‬
‫۽ آسائش جون شيون ھونديون ھيون‪ .‬لکڻ پڙھڻ ۽ پاڙھڻ جو حال ڪونه ھوندو ھو‪ .‬ڪي برھمڻ لکڻ‬
‫پڙھڻ ڄاڻندا ھئا‪ ،‬پر عام خلق کي ڪا به خبر ڪا نه ھئي‪ .‬سرڪاري لکپڙھ جو البت ڪجھه بندوبست‬
‫ھو‪ ،‬پر اُھو به ُپورو پنو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪15‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق اٺون‬
‫عربن جي حڪومت‬

‫راجا ڏاھر جي مرڻ کان پوِء سندس ھڪڙو پٽ ڏھر سيئن ڀڄي وڃي برھمڻ آباد کان نڪتو ۽‬
‫ٻيو پٽ جيسيئن‪ ،‬سو وري ڪشمير جي راجا وٽ وڃي نڪتو‪ .‬محمد قاسم پٺيانس پيو ۽ نيٺ الور ۾‬
‫آيو جتي ڏاھر جو ٽيون پٽ فوفي رھيل ھو‪ .‬انھن کي پيُء جي مرڻ جي خبر نه ھئي تنھنڪري اھو‬
‫سامھون ٿيڻ لڳو‪ .‬پر جڏھن اھا خبر پيس تڏھن ڀڃي ويو ۽ محمد قاسم الور به فتح ڪيو‪ .‬پوِء اتان‬
‫ڪشمير ڏي منھن رکيائين ۽ اھو به فتح ڪيائين‪ .‬ڪشمير کان پوِء وري ملتان تي ڪاھيائين ۽ اھو‬
‫به ورتائين‪ .‬پوِء قنوج تي ڪاھڻ جو خيال ڪيائين‪ ،‬جو گاديَء جو ھنڌ ھو‪ .‬پر اتي محمد قاسم کي موٽي‬
‫بغداد ۾ وڃي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو‪ ،‬سو فتح ڪيل ملڪن تي نائب مقرر ڪري پاڻ اوڏي روانو‬
‫ٿيو‪.‬‬
‫سنڌ جي فتح ۾ گهڻ و مال ۽ خزانو محمد قاسم کي ھٿ آيو‪ .‬اھو سڀ ۽ سٺ ھزار قيدي ۽ راجا‬
‫ڏاھر جون ٻه ڌيئون ۽ ٻيون ٽيھارو کن مائٽاڻيون خود راجا جي سسيَء سميت‪ ،‬ھن حجاج ڏي ڏياري‬
‫موڪليا‪ ،‬جنھن وري اُھي سڀ خليفي عبدالمالڪ ڏي ڏياري موڪليا‪ .‬راجا جي ڌيئن جي دانھن تي‬
‫خليفو محمد قاسم تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ھڪدم ھن کي پاڻ وٽ گهرايائين‪ .‬انھيَء حڪم پٺيان محمد‬
‫قاسم موٽي ويو‪ ،‬پر پھچڻ کان اڳي ئي مري ويو‪.‬‬
‫تنھن کان پوِء خليفن جا نائب وقت بوقت سنڌ تي حڪومت ڪندا آيا‪ .‬اٺين عيسوي صديَء‬
‫جي وچ تائين اُميه خليفن جي حڪومت ھلي‪ .‬پوِء وري بني عباس خليفن جي ھلي‪ ،‬جا عيسوي تيرھين‬
‫صديَء جي وچ تائين ھلي‪ .‬پوِء تاتارين بغداد ورتو ۽ انھن جي حڪومت شروع ٿي‪.‬‬
‫انھن عربن جي حڪومت ۾ ڪيتريون ئي عرب قومون سنڌ جون رھاڪو ٿي ويون ۽ سنڌين‬
‫سان گڏجي ويون‪ .‬ھاڻوڪيون گهڻ يون سنڌي قومون انھن جون اوالد آھن‪ .‬۽ انھي ڪري سنڌي ٻوليَء‬
‫۾ عربي لفظ پيا ۽ مسلمان گهڻا ٿيا ۽ عربي سنڌي ٻولي جو بنياد پيو‪ ،‬جا اڃا تائين ھلندي اچي‪.‬‬
‫عيسوي يارھين صديَء ۾ سنڌ عربن جي ھٿان نڪري دھليَء جي بادشاھن جي ھٿ ۾ آئي‪ ،‬۽‬
‫انھن مان پھريون سلطان محمود غزنوي ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪16‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق نائون‬
‫محمود غزنوي ۽ ٻين دھلي جي بادشاھن جي حڪومت‬

‫پوئين بني عباس خليفي قادر باهلل جي راڄ ۾‪ ،‬يعني يارھين عيسوي صدي جي مھڙ ۾ فردوسي‬
‫شاعر سلطان محمود غزنويَء جي گال ۾ ھڪڙو بدناموسي جھڙو شعر لکيو ۽ پوِء اُتان ڀڄي اچي خليفي‬
‫وٽ پناھ ورتائين‪ .‬سلطان ماڻھو موڪلي انهيَء جي ٻانھن گهري‪ .‬خليفي نه ڏني‪ .‬تنھن تي سلطان محمود‬
‫ڪاوڙجي خليفي جي ملڪ تي ڪاھيو ۽ سنڌ جي نزديڪيَء وارا ڀاڱا ورتائين ۽ اڳڀرو ھلي اُچ ۽‬
‫ملتان ۽ پنجاب جو ڪو ڀاڱو ورتائين‪ .‬اُتان وري پنھنجي وزير عبدالرزاق کي سنڌ وٺڻ الِء موڪليائين‪.‬‬
‫انھيَء پھرين سيوھڻ تائين ملڪ ورتو پوِء ٺٽو اچي ورتائين ۽ عربن کي تڙي ڪڍيائين‪ .‬پر رڳو عربن‬
‫جي نائبن ۽ حاڪمن ۽ علمدارن کي ڪڍيائين‪ ،‬مگر عرب ماڻھو سنڌ ۾ اھڙا ڄمي ۽ ڏيھي ٿي ويا ھئا‬
‫جو نڪرڻ جا نه ھئا‪ .‬انھن مان ڪن معتبرن کي حاڪم مقرر ڪري پاڻ موٽي ويو‪.‬‬
‫اھو محمود‪ ،‬سبڪتگين جو پٽ ھو‪ ،‬جو پھرين رواجي ماڻھو ھو‪ ،‬پوِء زور وٺي ويو‪ .‬سبڪتگين‬
‫مرڻ مھل ٻه پٽ ڇڏيا‪ ،‬ھڪڙو اسماعيل ۽ ٻيو محمود‪ .‬اسماعيل کي پنھنجو وارث ڪري ويو‪ ،‬پر محمود‬
‫ھمٿ ڀريو جوان ھو ۽ تيرھن ورھين جو مس ھو‪ .‬ھن پنھنجي ڀاُء سان وڙھي انھيَء کي کڻي قيد ڪيو‬
‫۽ پاڻ غزنيَء جو حاڪم ٿي ويھي رھيو‪ .‬غزني پنجاب ۽ سنڌ کي ويجهي آھي‪ .‬اُتان سنڌ ۽ پنجاب تي‬
‫ڪاھڻ سولو ٿيس‪ .‬ھن ھندستان تي ٻارھن ڀيرا ڪا ُھ ون ڪيون ۽ ھر ھڪ ڀيري خوب ڦرلٽ ڪري‪،‬‬
‫مندر ۽ مڙھيون ڦري‪ ،‬خزانو گڏ ڪري ھليو ويندو ھو‪ .‬پڇاڙيَء ۾ گجرات وارو سومناٿ وارو مشھور مندر‬
‫ڦريائين جنھن ۾ ھن کي آس پاس وارن راجائن سان ڏاڍي جنگ ڪرڻي پئي‪.‬‬
‫انھيَء محمود غزنوي جي گهراڻي ھيٺ سنڌ آئ ِي‪ ،‬جنھن جا نائب اچي اُتي حڪومت ڪندا‬
‫ھئا‪ .‬انھي گهراڻي جا چوڏھن بادشاھ ٿيا ۽ انھن مان پويون خسرو ملڪ ھو‪ ،‬جنھن جي راڄ ۾‪ ،‬ٻارھين‬
‫صديَء جي پڇاڙيَء ۾‪ ،‬غياث الدين غوري ھندستان تي ڪاھ ڪئي ۽ الھور ۾ خسرو کي قيد ڪري پاڻ‬
‫بادشاھ ٿيو‪ .‬انھيَء کان پوِء سنڌ غوري گهراڻ ي جي بادشاھن جي ھٿ ۾ آئي‪ .‬انھن کان پوِء خلجي ۽‬
‫تغلق گهراڻن جي بادشاھي به انھن جي ھٿ ۾ ھئي‪ .‬تغلق گهراڻي جو پويون بادشاھ محمود شاھ ھو‪،‬‬
‫جنھن جي ڏينھن ۾ چوڏھين صديَء جي پڇاڙ يَء ۾ امير تيمور صاحبقران پنجاب ۾ ڪاھي آيو‪ .‬دھليَء‬
‫جي بادشاھ کي پنھنجي اچي لڳي تنھنڪري سنڌ جا حاڪم‪ ،‬جي انھيَء وقت سومرن جي قوم مان‬
‫ھئا ۽ منجھان مکيه ڄام خيرالدين ۽ ڄام جوڻو ھئا‪ ،‬سي خودمختيار ٿي ويھي رھيا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪17‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ڏھون‬
‫عربن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬

‫عربن جي حڪومت ۾ سنڌ جي ھالئڻ الِء جيڪي حاڪم مقرر ٿيندا ھئا سي حقيقت ڪري‬
‫مقاطع دار ھوندا ھئا‪ ،‬يعني ٺھرايل رقم خليفي کي پھچائي ڏيندا ھئا ۽ ملڪ مان پنھنجي مرضيَء‬
‫موجب جيڪي پيدا ڪندا ھئا سو پاڻ رکندا ھئا‪ .‬ملڪي ۽ حسابي ڪم وري به ڏيھي ماڻھن جي ھٿ‬
‫۾ ھوندو ھو‪ .‬لشڪر ۾ به ڏيھي ماڻھو ھوندا ھئا‪ ،‬جن کي پري پري جنگ ڪرڻ الِء موڪليندا ھئا‪.‬‬
‫جيڪي سردار ھوندا ھئا يا جن کي انعامن جو حقدار سمجهندا ھئا تن کي زمينون ۽ جاگيرون ڏيندا‬
‫ھئا‪ ،‬انھي شرط تي ته جنگ جي الِء ھو لشڪر موجود ڪري ڏيندا‪ .‬گهڻي زمين ته عربن مسجدن ۽‬
‫مسافرخانن ۽ کوھن ۽ ٻين خيراتي ڪمن ۾ لڳائي‪ .‬اگرچه غريب مسلمان ھئا ته به سنڌ جي ماڻھن ۾‬
‫ڪو به مذھبي زور ڪونه ھو‪ .‬گهڻيون قومون خوشي سان حڪمن جي پيروي ڪري مسلمان ٿيون مگر‬
‫زور سان عربن ڪنھن کي به مسلمان ڪونه ڪيو‪ .‬مگر ايترو ھو ته جيڪي مسلمان نه ھوندا ھئا تن‬
‫کان ھڪڙي قسم جو في آسامي محصول وٺندا ھئا جنھن کي جزيه چوندا ھئا‪ .‬زالون ۽ ٻار انھيَء‬
‫محصول کان آزاد ھئا‪ .‬غريب ماڻھوَء کان سال ۾ ٻارھن درم وٺندا ھئا‪ ،‬وچولي درجي واري کان چوويھه‬
‫درم‪ ،‬دولت مند ماڻھوَء کان اٺيتاليھه درم‪ .‬ڪن قومن تي وري جدا جدا ڪم رکيل ھوندا ھئا‪ ،‬جيئن ته‬
‫جت‪ ،‬لوھاڻا‪ ،‬سھتا‪ ،‬ماڇي‪ ،‬مھاڻا وغيره ڪي سونھا ٿي رستا ڏيکاريندا ھئا‪ ،‬ڪي ڪتا آڻيندا ھئا‪ ،‬ڪي‬
‫ٻيون خاص شيون مھيا ڪري ڏيندا ھئا‪ .‬سڀني کي حڪم ھو ته مسلمان مسافر کي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينھن‬
‫تائين مھمان رکن ۽ کاڌو پھچائن ۽ رھڻ الِء جايون ڏين‪ .‬ڪن نيچ قومن کي جتي پائڻ کان منع ھئي‪،‬‬
‫ڪن کي گهوڙ ي تي چڙھڻ کان‪ ،‬ڪن کي مٿي ڍڪڻ کان‪ ،‬ڪن کي چڱن ڪپڙن ڪرڻ کان‪ .‬جيڪي‬
‫مسلمان ھوندا ھئا تن تي في آسامي محصول زڪوات کان سواِء ٻيو ڪونه ھو يعني في سيڪڙي سال‬
‫جي پيدائش تي اڍائي رپيا‪ .‬زميندارن کان سرڪاري واھن جي پيچ واري آباديَء تان پيدائش جو ‪5/2‬‬
‫وٺبو ھو يعني پنجن حصن مان ٻه ۽ ٻين خانگي واھن يا ٻئي بندوبست تان ٿيل پيدائش جو ‪ 3/71‬ڀاڱو‬
‫وٺبو ھو ۽ پاڻھي آيل پاڻيَء واري پيدائش جو ‪ 7/4‬ڀاڱو وٺبو ھو‪ .‬ڪن ڏينھن کان پوِء انھن حصن ۾ به‬
‫ٿورو ڦير ڦار يا واڌارو ٿيو‪ .‬بندرن تان آيل واپار جي مال تي به محصول وٺبو ھو‪.‬‬
‫عربن جي ڏينھن ۾ واپار جو موچارو چڱو بندوبست ھو ۽ پاسي وارن گهڻن ملڪن سان واپار‬
‫ھلندو ھو ته جيئن غزني‪ ،‬قندھار [قنڌار]‪ ،‬سيستان‪ ،‬خراسان‪ ،‬ترڪستان وغيره‪ .‬ھندستان ۾ سلون ٻيٽ‬
‫۽ ملبار تائين واپار ھلندو ھو ۽ ملبار مان ٻيڙين جي الِء ڪاٺ ايندا ھئا‪ .‬عربستان مان گهوڙا ۽ ٻين‬
‫واليتن مان ٻيو اتي جو مال جام ايندو ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪18‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫انصاف جو بندوبست مسلماني شرع موجب ٿيندو ھو‪ ،‬يعني قاضي مقرر ٿيندا ھئا‪ ،‬جي مسلمان‬
‫ڌر ھئڻ جي حالت ۾ فيصلو ڪندا ھئا‪ .‬مگر جي ٻئي ڌريون ھندو ھوندا ھئا ته انھن جو فيصلو سندن‬
‫پنچات ڪندي ھئي‪.‬‬
‫ڏھين عيسوي صديَء ۾ جڏھن منصوره شھر‪ ،‬برھمن آباد ويجهو‪ ،‬تختگاه ھو ۽ الور انھيَء جو‬
‫زيردست ھو‪ ،‬تڏھن سنڌ جي حڪومت جو نھايت گهڻو ئي زور ھو‪ .‬اھو شھر منصور بن جمھور عرب‬
‫حاڪم جو ٻڌل ھو‪ .‬انھي وقت ات ي ۽ ملتان ۾ پارسي ۽ سنڌي ٻولي ڳالھائبي ھئي‪ .‬يارھين عيسوي‬
‫صديَء ۾ سنڌ جو زور ڏسي سلطان محمود غزنويَء سنڌ تي ڪاھ ڪئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪19‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق يارھون‬
‫سومرن جي حڪومت‬

‫ڪن تاريخ نويسن لکيو آھي ته عيسوي ڏھين صديَء ۾ ڪي عرب سامره مان سنڌ ۾ اچي رھڻ‬
‫لڳا‪ ،‬جن کي پوِء سومرن جو نالو مليو‪ .‬پر حقيقت ڪري سومرا اصل راجپوت ھندو ھئا‪ ،‬ھي پوِء مسلمان‬
‫ٿيا جيئن سمان قوم جا ماڻھو ٿيا‪ .‬انھن مان مکيه سومره يا ابن سومار ھو‪ ،‬جو ملتان جو حاڪم ٿيو‪ .‬پوِء‬
‫ٿورو ٿورو ڪري سومرا ھيٺ سنڌ ۾ آيا ۽ سندن گهراڻي جو بنياد پيو‪ .‬دھليَء جي بادشاھن جي ڏينھن‬
‫۾ سومرن مان ڪي سنڌ جي ڀاڱن جا حاڪم ھوندا ھئا؛ خاص سنڌ جي ڏکڻ ۽ ڪڇ جي پاسي‪ ،‬پر پوِء‬
‫جڏھن تغلق گهراڻي ۾ ڦيٽاڙو پيو تڏھن سومرا خودمختيار ٿيا‪.‬‬
‫سومرن جي حڪومت يارھين عيسوي صديَء جي وچ کان وٺي پندرھين صديَء جي پڇاڙيَء‬
‫تائين ھلي‪ .‬مڙئي اوڻيھه ڄڻا ھن گهراڻ ي مان حاڪم ٿيا‪ .‬پھريان سومرا حاڪم تمام ڏاھپ ۽ عدل‬
‫انصاف سان حڪومت ھالئيندا ھئا‪ ،‬پر پوئين ٽن چئن چڱي حڪومت نه ڪئي‪ .‬تنھنڪري راڄ ۾‬
‫اچي فساد پيو‪ ،‬جنھنڪري نيٺ حڪومت نڪري سمن جي ھٿ ۾ آئي‪ .‬انھن جي گاديَء جو ھنڌ ٺٽو‬
‫ھو ۽ انھن کي ڄام سڏيندا ھئا‪ .‬انھن مان مشھور دودو ۽ خفيف ھئا‪ ،‬جن ملڪ گهڻو وڌايو ۽ سرحدي‬
‫قومن بلوچن ۽ سوڍن ۽ جاڙيجن سان وڙھي انھن کي شڪستون ڏنائون‪ .‬نصرپور ۽ عمرڪوٽ ۽ ڪڇ‬
‫اھي سڀ سندن ھٿ ۾ آيا‪ .‬انھن سومرن ڄامن مان چنيسر مشھور ٿي گذريو جنھن ارڙھن ورھه‬
‫حڪومت ڪئي‪ .‬ھن راڻي کنگهار جي ڌيَء ليالن سان شادي ڪئي ۽ ليالن چنيسر قصو سنڌ ۾ مشھور‬
‫آھي‪ .‬ڄام عمر به مشھور ٿي گذريو آھي جنھن عمرڪوٽ ٻڌو ۽ ماروئي [مارئي] آندي جنھن جو قصو‬
‫سنڌ ۾ پڻ مشھور آھي‪ .‬انھيَء ڄام به پنجٽيھه ورھه حڪومت ڪئي‪.‬‬
‫ٻيو مشھور ڄام ھمير ٿي گذريو جو ڏاڍو ظالم ھو‪ .‬راڻو مينڌرو انھيَء جو وزير ھو‪ .‬ٻئي عيش ۽‬
‫عشرت ۽ بدچاليَء جي ڪري مشھور آھن‪ .‬مومل ۽ راڻي جو قصو به سنڌ ۾ مشھور آھي‪ .‬انھيَء پوئين‬
‫ظالم حاڪمن جي ڏينھن ۾ الور ۽ ڀانڀره يا برھمن آباد جا قديم وڏا شھر زمين ڌٻڻ جي ڪري ناس ٿي‬
‫ويا‪ ،‬جو اڃان سندن نشان پيا ڏسجن‪ .‬دلوراِء الور جا راجا ۽ صيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جن جا قصا‬
‫سنڌ ۾ ٻڌبا آھن سي به انھيَء وقت ۾ رھندا ھئا‪.‬‬
‫اھڙن حاڪمن جي حڪومت کان ماڻھو منجھان بيزار ٿي پيا ۽ ملڪ ۾ فساد پيدا ٿيڻ لڳا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪20‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٻارھون‬
‫سومرن جي حڪومت جي زواليت ۽ سمن جو زور‬

‫انھن پوئين حاڪمن جي ظلم کان ڇٽڻ الِء گهڻا سمان ماڻھو فساد ڪري ڪيترن سومرن کي‬
‫ماري ڪڇ ڏي لڏي ڀڄي ويا‪ .‬اُتي جي راجا يا راو ھنن کي پناھ ڏني ۽ ان جي عيوض سمان ھر سال فصل‬
‫لٿي پنج گاڏيون ڪرٻ جون پھچائيندا ھئا‪ .‬ڪيترن ورھين تائين سمن ائين پئي ڪيو‪ .‬جڏھن ھو‬
‫پاڻ ۾ گهڻا ٿيا ۽ زور ورتائون تڏھن گهڻا جنگي جوان ھٿيار ن سوڌا ڪڙٻ ۾ لڪي ڪوٽ جي اندر‬
‫ويا ۽ اُتي رات جو نڪري ڪڇ جي راجا کي ماري قلعو وٺي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا‪.‬‬
‫سومرن جي ظلم کان انھي سمن ۽ ٻين ڪيترين قومن دھليَء جي سلطان عالؤالدين وٽ‬
‫فريادون نيون ۽ انھن کان مدد گهر يائون‪ .‬ھن ھڪڙو وڏو لشڪر ساالر خان جي ھٿ ھيٺ سنڌ ۾‬
‫موڪليو‪ .‬سومرن پھرين زالون ۽ ٻار ٻچا ھڪڙي امير ابڙي سمي سان ڪڇ ڏي موڪلي ڏنا پوِء ھو‬
‫سلطان جي لشڪر سان وڙھڻ لڳا‪ ،‬پر سگهو ئي جيتجي پيا ۽ پاڻ به ڪڇ ڏي ڀڳا ۽ سلطان جو لشڪر‬
‫به پٺيان ڪاھيندو وين‪ .‬اڳيان وري ابڙو سم و ڦري ڪڇ جي سمن سان گڏجي ھنن کي مارڻ آيو‪ .‬سومرا‬
‫ٻن باھين جي وچ ۾ اچي پيا ۽ ٿورئي [ٿوري ئي] عرصي ۾ سڀ مارجي چٽ ٿي ويا‪ .‬سندن مکيه شھر‬
‫محمد نور سلطان جي لشڪر ۽ سمن ڀڃي ناس ڪري ڇڏيو ۽ سمن وري پنھنجو شھر ساموئي ٻڌو‪ ،‬جو‬
‫ٺٽي جي ويجهو ھو‪.‬‬
‫ِاھي سما ماڻھو سنڌ جا اصل رھاڪو ھئا ۽ برھمڻ گهراڻي جي راڄ ۾ به اُتي ھئا‪ .‬اُھي اصل ٻڌ‬
‫ڌرم جا ھئا ۽ ڪي راجپوت به ھئا‪ .‬چوڏھين صديَء جي پڇاڙيَء ۾ مسلمان ٿيا‪ .‬انھن جو مکيه شھر سما‬
‫نگر ھو‪ ،‬جو ھاڻوڪي سيوھڻ جي جاِء تي سنڌو نديَء جي ڪناري تي ھو‪ ،‬پوِء جڏھن زور ورتائون تڏھن‬
‫ساموئي ۾ آيا ۽ پوِء ننگر ٺٽي ۾ رھڻ لڳا‪.‬‬
‫پر ڪي تاريخ نويس چون ٿا ته سمان سام جو اوالد آھن ۽ اُھو سام حضرت نوح نبيَء جو‬
‫ھڪڙو پٽ ھو‪ .‬ڪي چون ٿا ته اُھو سام مسلمانن جي نبيَء جي ھڪڙي چاچي جو پٽ ھو‪ .‬پر پھرين‬
‫ڳالھه برابر ٿي ڏسجي ته سومرن وانگي سمان به اصل ھندو ھئا‪ ،‬پوِء مسلمان ٿيا‪ .‬جڏھن ھنن زور ورتو‬
‫تڏھن سندن سردار ڄام سڏجڻ لڳو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪21‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق تيرھون‬
‫سمن جي حڪومت‬

‫عيسوي چوڏھين صديَء جي وچ ڌاري سمن جو پھريون سردار‪ ،‬جو سنڌ جي گاديَء تي ويٺو‪ ،‬سو‬
‫ڄام اُنڙ پٽ بابيني جو ھو‪ .‬انھيَء سگهو ئي زور وٺي ڪاھ ڪري سيوھڻ ورتي ۽ دھليَء جي بادشاھ جي‬
‫نائب کي ماري ڇڏيائين‪ .‬پوِء اچي شراب خوري ۽ عيش عشرت کي لڳو ۽ ملڪ ۾ دنگا فساد ٿيا‪ ،‬جن ۾‬
‫کيس ماري ڇڏيائون ۽ سندس ڀاُء جوڻي کي گاديَء تي وھاريائون‪ .‬اُنڙ جو راڄ ساڍا ٽي ورھه ھليو‪.‬‬
‫ڄام جوڻي به ڪاھ ڪري بکر ورتو‪ ،‬جو ترڪن جي ھٿ ۾ ھو‪ .‬انھيَء ڪري دھليَء جي بادشاھ‬
‫سلطان عالؤالدين سنڌ تي وڏو لشڪر موڪليو‪ ،‬پر انھن جي اچڻ کان اڳي ئي جوڻو تيرھن ورھين جي‬
‫راڄ کان پوِء مري ويو ۽ سندس ڀائٽيو تماچي پٽ اُنڙ جو ڄام ٿيو‪ .‬سلطان جي لشڪر اچڻ ئي سان بکر‬
‫ورتو ۽ پوِء سيوھڻ به اچي ورتائين ۽ ڄام تماچيَء کي سندس ساري ڪٽنب سميت قيد ڪري دھليَء‬
‫وٺي ويو‪ .‬پندرھن ورھين کان پوِء جڏھن ڄام تماچي ُمئو تڏھن سندس پٽ خيرالدين کي سنڌ جو‬
‫حاڪم ڪري موڪليائين‪ .‬ھي ڏاڍو انصاف وارو حاڪم ھو‪ .‬سندس مرڻ تي سندس پٽ بابيدو ڄام‬
‫جي ڏينھن ۾ سلطان فيروز شاھ گجرات فتح ڪري سنڌ ۾ آيو‪ .‬ڄام سامھون ٿيس‪ .‬سلطان پھرين ھٽي‬
‫ويو‪ ،‬پر پوِء وڏو لشڪر آڻي ڄام بابيني کي قيد ڪري دھلي وٺي ويو‪ .‬ڪن ڏينھن کان پوِء ڄام سلطان‬
‫کي اھڙو خوش ڪيو جو ھن وري سنڌ ڏي موڪليس‪ .‬ٻارھن ورھيه راڄ ڪري ڄام بابينو مئو ۽ سندس‬
‫ڀاُء تماچي ڄام ٿيو‪ ،‬جنھن تيرھن ورھه چڱو راڄ ڪيو‪ ،‬پوِء سندس پٽ صالح الدين يارهن ورهه راڄ‬
‫ڪيو‪ ،‬جنھن جي مئي کان پوِء انھيَء جو پٽ نظام الدين ڄام ٿيو‪.‬‬
‫انھن کان پوِء ست ڄام ٻيا به ٿيا‪ ،‬پر مشھور ڪين آھن‪ .‬انھن کان پوِء جو ٻيو ڄام نظام الدين‬
‫ٿيو اھو تاريخ ۾ مشھور آھي‪ .‬انھيَء کي اڪثر ڄام نندو ڪري سڏيندا آھن‪ .‬انھيَء جو راڄ عيسوي‬
‫پندرھين صديَء جي وچ ڌاري ھو‪ .‬ھو تمام پڙھيل ۽ علم دوست ۽ انصاف پسند ماڻھو ھو‪ .‬ملڪ کي‬
‫تمام چڱو سڌاريائين‪ .‬ھن ‪ 46‬ورھيه راڄ ڪيو‪ .‬ھن جي پڇاڙيَء وارن ڏينھن ۾ مغلن جو لشڪر مرزا‬
‫شاھ بيگ ارغون جي ھٿ ھيٺ قندھار مان ڪاھي چانڊڪي پرڳڻي ۾ آيو يعني الڙڪاڻي واري ڀاڱي‬
‫۾‪ .‬پر ڄام نندي وڏو لشڪر دريا خان سردار جي ھٿ ھيٺ اوڏي روانو ڪيو‪ ،‬جنھن مغلن کي شڪست‬
‫ڏئي ڀڄائي ڪڍيو‪ .‬ھن ڄام پنھنجو گاديَء جو ھنڌ ساموئي مان ڪڍي ٺٽي ۾ ڪيو‪ ،‬جو پاڻ ٻڌايائين‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪22‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق چوڏھون‬
‫سمن جي حڪومت جي پڇاڙي‬

‫ڄام نندي جي مرڻ تي سندس صغير پٽ ڄام فيروز گاديَء تي ويٺو ۽ دريا خان ھن جي طرفان‬
‫حڪومت ھالئيندو ھو‪ .‬جڏھن ڄام فيروز وڏو ٿيو تڏھن عيش عشرت کي لڳو ۽ دريا خان جي چئي تي‬
‫نه ھليو تنھنڪري ھو پنھنجو عھدو ڇڏي وڃي پنھنجي جاگير ۾ ويٺو‪ .‬انھيَء وچ ۾ ملڪ جو خراب‬
‫حال ڏسي گجرات جي بادشاھ جو لشڪر ٺٽي تي ڪاھي آيو‪ .‬ڄام فيروز ۽ ٻين ماڻھن منٿ ڪري دريا‬
‫خان کي آندو‪ ،‬تنھن تجويز ڪري انھيَء لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو‪ .‬تنھن کان پوِء ڄام فيروز آرام سان‬
‫حڪومت ڪرڻ لڳو‪ ،‬پر دريا خان کي زور وارو ڏسي ھميشه ھن کان ڊپ رکندو ھو‪ .‬تنھنڪري ھن جي‬
‫زور ڀڃڻ ۽ پنھنجي بچاُء الِء ارغون مغل گهراڻي جا ڪي ماڻھو پاڻ وٽ نوڪر رکيائين‪ .‬انھن جي‬
‫ڳجھن پيغامن تي مرزا شاھ بيگ ارغون‪ ،‬قندھار کان ھڪ وڏو لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاھي آيو‪.‬‬
‫ارغون چنگيز خان مغل جي اوالد مان ھئا ۽ اھو مرزا شاھ بيگ قندھار جي حاڪم امير‬
‫ذوالننون جو پٽ ھو ۽ ھاڻ انھيَء جي مرڻ تي سندس جاِء تي حاڪم ھو‪ .‬بابر بادشاھ قندھار تي ڪاھي‬
‫ھن کي قيد ڪيو ھو‪ ،‬پر ھو تجويز ڪري قيد مان ڀڄي قندھار ڇڏي ھڪ ھزار ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو‪.‬‬
‫ڄام نندي ۽ سنڌ ج ي ٻين ماڻھن وري به دريا خان کي منٿ ڪري وٺي آندو‪ ،‬سو اچي ارغون مغلن جي‬
‫سامھون ٿيو‪ .‬ڏاڍي جنگ لڳي جنھن ۾ ٻنھي طرفن جا گهڻا ماڻھو ماريا‪ .‬نيٺ مغل شڪست کائي موٽي‬
‫ويا ۽ دريا خان موٽي ٺٽي ۾ آيو‪ ،‬پر سگهو ئي پوِء شاھ بيگ وري ٺٽي تي ڪاھي آيو‪ .‬دريا خان وري به‬
‫وڃي سامھ ون ٿيس‪ .‬ٻي جنگ لڳي جنھن ۾ سنڌين شڪست کاڌي ۽ دريا خان مارجي ويو‪ .‬ڄام فيروز‬
‫ٻار ٻچا ڇڏي ڀڄي ويو‪ .‬شاھ بيگ اچي ٺٽو ورتو‪ .‬ڄام جون توڙي ٻين گهڻن سکرن جون زالون ۽ ٻار ٻچا‬
‫قيد ٿي پيا‪ .‬آخر ڄام فيروز اچي پيش پيو ۽ شاھ بيگ ھن کي معافي به ڏني ۽ ٺٽي کان وٺي لڪيَء جي‬
‫ٽڪرن تائين ملڪ به وري سندس حوالي ڪيو ۽ ٻيو ملڪ پنھنجي ھٿ رکيائين‪ .‬سيوھڻ ۽ بکر جي‬
‫پرڳڻن ۾ پنھنجي طرفان نائب مقرر ڪري پاڻ ِ‬
‫سيويَء ڏي موٽي ويو‪.‬‬
‫ٿورن ورھين کان پوِء يعني ‪7251‬ع ۾ ڄام جي مائٽن مان ھڪڙو صالح الدين نالي‪ ،‬جو گاديَء‬
‫جي طمع رکندو آيو ۽ گجرات جو بادشاھ سلطان مظفر سندس ناٺي ھو ۽ جنھن اڳي به سندس مدد الِء‬
‫لشڪر موڪليو ھو‪ ،‬سو ھاڻ به انھيَء کان ڏھ ھزار لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاھي آيو‪ .‬ڄام فيروز‪ ،‬شاھ کان‬
‫مدد گهري ۽ انھيَء ھڪڙو لشڪر پنھنجي پٽ مرزا شاھ حسن جي ھٿ ھيٺ ڏياري موڪليس‪ .‬صالح‬
‫الدين مارجي ويو ۽ مرزا شاھ حسن فتح ڪري موٽي پيُء کي باغبان وٽ اچي پھتو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪23‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق پنڌرھون‬
‫ارغون مغل گهراڻي جي حڪومت‬

‫مٿي چيو ويو آھي ته ڄام فيروز رڳو ٺٽي جو حاڪم ھو ۽ مرزا شاھ بيگ جي تابع ھو‪ ،‬ٻي سنڌ‬
‫سڄي ھن جي ھٿ ۾ ھئي‪ .‬شاھ بيگ جي طرفان بکر ۾ مير فاضل نائب ھو‪ .‬ڪن ڌاريجن وڏيرن‪ ،‬لوھري‬
‫يعني روھڙيَء ۾ اچي ميڙ ڪيو ۽ بکر تي ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيائون‪ ،‬پر مير فاضل ھنن کي پڪڙي‬
‫مارائي ڇڏيو‪ .‬اتي شاھ بيگ پاڻ به بکر ۾ آيو‪ .‬الور يعني اروڙ جي ڊٺل ڪوٽ جون سرون گهرائي بکر‬
‫جي ڪوٽ جي مرمت ڪرايائين ۽ مغلن جا گهر جوڙايائين‪ .‬انھيَء سوڙھ ڪري بکر جا سيد لڏي وڃي‬
‫درياھ جي ھن ڀر لوھريَء ۾ ويٺا جتي اڃا تائين رھندا اچن ۽ انھن کي ڪوٽائي سيد چوندا آھن‪ .‬تنھن‬
‫کان پوِء ڪن بلوچن فسادين تي ڪاھ ڪري ھنن جا ڪيترائي ڳوٺ ناس ڪيائين‪.‬‬
‫ٻئي سال مرزا شاھ بيگ مير فاضل کي ساڻ ڪري گجرات فتح ڪرڻ الِء نڪتو‪ .‬رستي ۾ مير‬
‫فاضل اوچتو بيمار ٿي مري ويو‪ .‬شاھ بيگ ھن جي پٽ سلطان محمود کي پيُء جي جاِء تي بکر جو نائب‬
‫مقرر ڪيو ۽ پاڻ اڳتي ھليو‪ .‬جڏھن ڦٽو لنگهي اگهم جي ڳوٺ وٽ آيو تڏھن پاڻ به اوچتو بيمار ٿي‬
‫مري ويو ۽ سندس پٽ مرزا شاھ حسن نصرپور جي شھر ۾ سندس گاديَء تي ويٺو‪.‬‬
‫سگهوئي ڄام فيروز لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو‪ .‬مرزا شاھ حسن کي منجھس شڪ پيو‪ ،‬سو گجرات‬
‫جي چڙھي ڇڏي پٺ تي موٽيو‪ .‬ڄام فيروز ڊپ کان درياھ لنگهي ڪڇ ڏي ڀڳو ۽ رواجي مدد سان پنجاھ‬
‫ھزار لشڪر وٺي وري سنڀري آيو ۽ مغلن سان ڏاڍي جنگ ڪيائين‪ .‬پر نيٺ شڪست کائي وري‬
‫گجرات ڏي ڀڄي ويو جتي آخر مري ويو‪ .‬مرزا شاھ حسن ٺٽو ھٿ ڪري پوِء ھالن ۽ درٻيلي مان لنگهندو‬
‫بکر آيو‪ ،‬جتان اُٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي پاسي ڏي فساد ڪندڙن ڏھرن ۽ ماڇين ۽ بلوچن کي سيکت ڏئي‬
‫سيويَء ڏي ويو ۽ اُتي به رندن ۽ مگسين کي ماري مڃائي بکر آيو ۽ پوِء ملتان تي چڙھي ڪرڻ جي‬‫ِ‬
‫تياري ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫سن ‪ 7254‬ع ۾ مرزا شاھ حسن پنھنجن سردارن سلطان محمود ۽ مرزا عيسى ترخان ۽ ٻين سان‬
‫لشڪر وٺي نڪتو ۽ اُچ ۽ ٻيا قلعا النگاھن ۽ بلوچن کان کسي ڊاھي پوِء ملتان ۾ آيو‪ .‬پر اتي جي‬
‫حاڪم سلطان حسين النگاھ ساڻس صلح ڪيو‪ .‬پوِء بکر ۽ ملتان جي حد قائم ڪري‪ ،‬مرزا شاھ حسن‬
‫موٽي بکر آيو‪ .‬پر ٻئي سال ملتان جي حاڪم فساد شروع ڪيو‪ ،‬تنھنڪري شاھ حسن موٽي ملتان تي‬
‫ڪاھيو ۽ ڪوٽ کي گھيرو ڪيائين‪ ،‬جو قريب ھڪ سال ھليو‪ .‬نيٺ مغلن قلعو ورتو ۽ پوَء مرزا شاھ‬
‫حسن‪ ،‬بابر بادشاھ کي ملتان تحفو ڪري ڏنو ۽ بابر وري اھو پنھنجي پٽ مرزا ڪامران کي ڏئي ڇڏيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪24‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق سورھون‬
‫ارغونن جي حڪومت جي پڇاڙي‬
‫سگهوئي پوِء مرزا شاھ حسن کي معلوم ٿيو ته ڪڇ جو راُء کنگهار ٺٽي تي ڪاھڻ جي تياري‬
‫پيو ڪري‪ ،‬تنھنڪري پاڻ وڏي لشڪر سان ڪڇ تي ڪاھي ويو‪ .‬ساڻس سندس سردار سلطان محمود‬
‫۽ مرزا عيسى ترخان به ھئا‪ .‬ڪڇ جي راُء کي شڪست ڏئي آس پاس جو ملڪ ڦري لٽي موٽي ٺٽي آيو‪.‬‬
‫‪7241‬ع ۾ بابر بادشاھ جو پٽ ھمايون‪ ،‬جنھن کي شير شاھ افغان دھليَء مان ڀڄايو ھو سو ٻن‬
‫لکن ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو ۽ پھرين لوھرِ يَء جي ويجهو منزل ڪيائين ۽ مرزا شاھ حسن کان مدد‬
‫گهر يائين‪ ،‬جو وجھه ڏسي عذر ڪرڻ لڳو‪ .‬پوِء ھمايون سيوھڻ ۾ آيو‪ ،‬جتي مرزا شاھ حسن ھن کي‬
‫سامھون ٿيو ۽ قلعي ۾ قابو ٿي ويھي رھيو‪ .‬ھمايون ست مھينا انهيَء کي گھيرو ڪري نااميد ٿي موٽي‬
‫لوھري آيو‪ .‬بکر جي قلعي وٺڻ جي ڪوشش ڪيائين پر اُھو به نه وٺي سگهيو‪ .‬پوِء الچار ٿي جوڌپور جي‬
‫راجا جي عرض تي اوڏي ھليو‪ ،‬پر رستي ۾ دغابازيَء جو شڪ پيس تنھنڪري موٽي پيو ۽ جيسلمير‬
‫مان لنگهي عمرڪوٽ ۾ اچي منزل ڪيائين‪ ،‬جتي اڪبر پٽ ڄائس‪ .‬جڏھن بٺوري وٽ آيو تڏھن مرزا‬
‫شاھ حسن ساڻس اچي وڙھيو‪ .‬پر پوِء نيٺ سندن وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ھمايون ڳچ رقم وٺي قندھار ڏي ويو‪.‬‬
‫پڇاڙي جي ڏينھن ۾ مرزا شاھ حسن بيمار ٿي پيو‪ ،‬تنھنڪري سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو ڪم‬
‫ڪار نائبن جي حوالي ڪري پاڻ رڳو گشت ڪندو وتندو ھو‪ .‬اھي نائب جتي ڪٿي ظلم ڪرڻ لڳا‪،‬‬
‫تنھنڪري جتي ڪٿي فساد شروع ٿيا‪ .‬ٺٽي ۾ جيڪي مغل‪ ،‬ارغون ۽ ترخان گهراڻن جا ھئا تن مرزا‬
‫عيسى ترخان کي پنھنجو مھندار ڪري فساد جو جھنڊو کڙو ڪيو ۽ اتي جي نائب ۽ ٻين کي ماري‬
‫شاھي خزانو لٽي شاھ حسن جي زال ماھ بيگم کي کڻي قيد ڪيائون‪ .‬شاھ حسن ڪاوڙجي ڪيترائي‬
‫ارغون ماريا ۽ بکر وارا مغل به قيد ڪري گهر ايائين‪ .‬سلطان محمود بکر مان آيو ۽ ترخانن سان وڙھڻ‬
‫لڳو پر مرزا عيسى ترخان ڳجھي طرح ھن سان منصوبو ڪيو ۽ شاھ حسن کي ٻڍو ۽ بيمار ڏسي سنڌ‬
‫اڌو اڌ ڪري پاڻ ۾ وراھي ورتائون‪ .‬پوِء ظاھري طرح شاھ حسن ۽ مرزا عيسى جو پرچاُء ڪيائون ۽ ماھ‬
‫بيگم موٽي شاھ حسن کي ڏنائون‪.‬‬
‫انھيَء سال ۾ ڇاھٺ ورھن جي عمر ۾ ۽ ٻٽيھن ورھن جي حڪومت کان پوِء مرزا شاھ حسن‬
‫وفات ڪئي ۽ سندس الش مڪلي تي دفن ڪئي وئي(‪ .)1‬ڪيل انجام موجب مرزا عيسى ۽ سلطان‬
‫محمود ملڪ ورھايو‪ ،‬جنھن تي ٻيا سردار ناراض ٿيا ۽ سيوھڻ ۾ فساد ڪرڻ لڳا پر مرزا عيسى سيوھڻ‬
‫ھٿ ڪئي ۽ پوِء پاڻ ٺٽي ڏي آيو ۽ سلطان محمود بکر ڏي ويو‪ .‬شاھ حسن کي پٽ ڪونه ھو‪ .‬سندس زال‬
‫ماھ بيگم سندس مرڻ کان پوِء مرزا عيسى ترخان سان شادي ڪئي‪.‬‬

‫(‪ )1‬مرزا صاحب ”الش“ کي مونث طور ڪتب آندو آهي‪ ،‬جڏهن ته اهو مذڪر اسم آهي‪( .‬ر‪.‬ٻ)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪25‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق سترھون‬
‫ترخان مغل گهراڻي جي حڪومت‬

‫مرزا عيسي‪ ،‬مرزا محمد ترخان جو پٽ ھو‪ .‬ترخان به ارغون وانگي چنگيز خاني مغلن جي‬
‫هڪڙي شاخ ھئي‪ .‬ھو چڱي سڀاَء ۽ مروت وارو ماڻھو ھو‪ ،‬تنھنڪري ترخان ۽ ارغون مغل توڙي ٻيا‬
‫ماڻھو ھن کي گهڻو پسند ڪندا ھئا‪ .‬ھن پاڻ وٽ گهڻا فرنگي يا فرينچ ماڻھو نوڪر رکيا‪ .‬ورھ کن کان‬
‫ناسازي ٿي ۽ ھن بکر تي ڪاھيو‪ ،‬پر پٺ تي فرنگين ٺٽي شھر کي باھ‬‫ِ‬ ‫پوِء ھن جي سلطان محمود سان‬
‫ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڦرلٽ ڪري ھليا ويا‪ .‬انھيَء ڪري ھن کي سلطان محمود غزنوي سان صلح ڪري‬
‫پٺ تي موٽڻو پيو‪ .‬ٿورن ورھن کان پوِء ارغون ماڻھو مرزا عيسى سان رنج ٿي ٺٽو ڇڏي بکر ڏي ھليا ويا‪،‬‬
‫جتي سلطان محمود ھنن جو طرف وٺي وڏي لشڪر سان سيوھڻ تي ڪاھي آيو پر مرزا عسيى اُتي اچي‬
‫ھن کي ٻن جنگين ۾ شڪست ڏني‪ .‬آخر ٻنھي جي وچ ۾ وري به صلح ٿيو‪.‬‬
‫سن ‪7288‬ع ۾ مرزا عيسى ارڙھن ورھن جي راڄ کان پوِء مري ويو‪ .‬ھن کي ماھ بيگم مان ھڪڙو‬
‫پٽ محمد باقي ھو ۽ ٻي زال مان ننڍو پٽ خان بابا ھو‪ .‬مرزا عيسى جي مرضي ھئي ته انھيَء کي تخت‬
‫تي وھاري‪ ،‬ڇا الِء جو محمد باقي سندس حياتيَء ۾ ڏنگو ۽ فساد ڪيو ھو ۽ سلطان محمود سان وڃي‬
‫ملت رکي ھوائين‪ .‬پر ماھ بيگم سندس مرڻ جي ڳالھه لڪائي محمد باقيَء کي سيوھڻ مان سڏي تخت‬
‫تي وھاريو‪.‬‬
‫مرزا محمد باقي ارغون ماڻھن کي فسادي سمجهندو ھو‪ ،‬تنھنڪري پھرين ھنن سان ميالپ‬
‫رکي‪ ،‬ھنن کي دعوت ڏئي گهر ائي‪ ،‬سڀني کي ڪھائي ڇڏيائين ۽ پوِء دغا سان ماڻھو موڪلي سندن‬
‫زالون ۽ ٻار به قتل ڪرايائين‪ .‬پوِء آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو‪ .‬جيڪي ارغون بکر ڏي ڀڄي ويا ھئا‪،‬‬
‫تن کي مرزا خان بابا گڏ ڪري ڀاُء کان ملڪ جي حصي وٺڻ الِء ڪاھي آيو‪ .‬ٺٽي جي ٻاھران ڏاڍي‬
‫جنگ لڳي‪ ،‬جنھن ۾ خان بابا شڪست کاڌي‪ .‬ٻئي سال ۾ مرزا محمد باقي‪ ،‬اڪبر بادشاھ سان عزازت‬
‫رکڻ الِء پنھنجي ڌيُء ڏاج سميت پنھنجي ماُء ماھ بيگم سان گڏ دھلي ڏي ٿي موڪلي ته مرزا خان بابا‬
‫رستي ۾ اچي ڦرڻ ۽ لٽڻ لڳن‪ ،‬پر محمد باقي اچي پھتو‪ ،‬تنھن ھن کي ڀڄائي ڪڍيو‪ .‬سگهوئي پوِء خان‬
‫بابا ۽ ماھ بيگم ٻئي مارجي ويا‪ .‬پڇاڙيَء جي ڏينھن ۾ محمد باقي ڏاڍا ظلم ۽ خونريزيَء جا ڪم ڪرڻ‬
‫لڳو‪ .‬ڪيترا بيگناھ ماڻهو مارايائين‪ .‬سڀني جو گمان ھو ته ديوانو ٿي پيو آھي‪ .‬نيٺ سن ‪7264‬ع‬
‫ھڪڙي رات پاڻھي پنھنجو پيٽ ترار سان ڦاڙي پاڻ کي ماري وڌائين‪ .‬کانس [کانئس] پوِء سندس خون‬
‫جي شڪ ۾ ڪيترائي بيگناھ ماڻھو مارجي ويا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪26‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ارڙھون‬
‫ترخانن جي حڪومت جي پڇاڙي‬

‫مرزا محمد باقي جي پٽن مان مرزا جاني بيگ کي ماڻھو پسند ڪندا ھئا تنھنڪري انھيَء کي‬
‫تخت تي وھاريائون‪ .‬ھن جو به سلطان محمود سان جھيڙو ھليو آيو‪ .‬محمد باقي وانگي سلطان محمود‬
‫به پنھنجي ڌيُء جو سڱ اڪبر بادشاھ کي ڏنو ھو‪ ،‬سو ھاڻ جڏھن ھو پاڻ مئو ۽ وارث ڪونه ھوس تڏھن‬
‫بکر اڪبر بادشاھ جي ھٿ آيو‪ .‬اڪبر بادشاھ پنھنجي نائب نواب خان خانان کي مرزا جاني بيگ‬
‫سان وڙھڻ الِء موڪليو‪ ،‬جنھن اچي ھن کي شڪستون ڏنيون‪ .‬نيٺ اڪبر بادشاھ ھن کي روبرو گهرائي‬
‫مٿس گهڻي مھرباني ڪئي ۽ پنھنجي طرفان ھن کي سنڌ جو نواب مقرر ڪيائين‪ .‬پر مرزا جاني بيگ‬
‫پاڻ اُتي رھي پيو ۽ سندس پٽ غازي بيگ نواب ٿي سنڌ ۾ آيو‪ .‬اٺن ورھن کان جاني بيگ اُتي مري ويو‬
‫۽ سندس الش ٺٽي ۾ آئي‪.‬‬
‫مرزا غازي بيگ پھرين ته صغير ھو ۽ ٻه امير کيس سنڀاليندا ھئا ۽ سندس طرفان حڪمراني‬
‫به ڪندا ھئا‪ .‬جڏھن وڏو ٿيو تڏھن اڳوڻا عملدار برطرف ڪري نوان رکيائين‪ ،‬تنھنڪري ملڪ ۾ فساد‬
‫پکڙي پيو‪ ،‬پر ھن ھمت سان سڀني کي ماري مڃايو ۽ پوِء آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو‪ .‬ٿورن ورھن‬
‫کان پوِء اڪبر بادشاھ ھن کي دھليَء ۾ سالم الِء گهرايو‪ .‬سگهوئي اڪبر بادشاھ مري ويو ۽ جھانگير‬
‫تخت تي ويٺو‪ .‬انھيَء مرزا غازي بيگ کي قندھار ڏي فساد بند ڪرڻ الِء موڪليو‪ .‬ھن اتي ڏاڍي بھادي‬
‫ڏيکاري‪ ،‬تنھنڪري ھو قندھار جو نواب يا صوبه دار مقرر ٿيو‪ ،‬حڪم موجب مرزا غازي خسرو خان‬
‫چرڪس کي ملڪ ھالئڻ الِء ٺٽي ۾ ڇڏي پاڻ قندھار ڏي ويو‪ .‬ھن کي پڇاڙيَء جي ڏينھن ۾ زبردست ۽‬
‫زور وارو ڏسي سندس مائٽ توڙي ٻيا ماڻھو سندس دشمن ٿي پيا‪ .‬انھن جي چورت تي قندھار ۾ سندس‬
‫ھڪڙي نوڪر کيس ھ ڻي ماري وڌو‪ .‬مرزا غازي بيگ بھادر‪ ،‬سخي ۽ پڙھيل ماڻھو ھو‪ .‬شعر به چوندو ھو‬
‫۽ راڳ جو به شوقين ھو‪.‬‬
‫جڏھن خسرو خان‪ ،‬مرزا غازي جي مرڻ جو ٻڌو تڏھن زور وٺي ٺٽي جو مالڪ ٿي ويھي رھيو‪.‬‬
‫ھيَء خبر ٻڌي جھانگير بادشاھ ٺھراُء ڪيو ته اڳتي سنڌ جي سنڀال الِء به ٻين صوبن وانگي وقت بوقت‬
‫صوبه دار يا نواب مقرر ڪري موڪلجي‪ ،‬مگر ملڪ ڪنھن ھڪڙي حاڪم جي حوالي نه ڪجي‪.‬‬
‫انھيَء طرح ترخان گهراڻي جي حڪومت ڇٽيھن ورھين کان پوِء سن ‪7221‬ع ۾ پوري ٿي ۽‬
‫دھليَء جي بادشاھن جي صوبه داري يا نوابي شروع ٿي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪27‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق اڻويھون‬
‫دھلي جي بادشاھن جي صوبه دارن جي حڪومت‬

‫مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان وٺي سؤ ورھن تائين دھليَء جي بادشاھن جا ايڪيتاليھه صوبه دار‬
‫سنڌ جي صوبي ھالئڻ الِء مقرر ٿي آيا‪ .‬انھن مان ٽي چار جيڪي مکيه ھئا سي ڏجن ٿا‪ .‬پنجون صوبه‬
‫دار مرزا عيسى ترخان ھو‪ ،‬جو مرزا عيسى وڏي جو ڏوھٽو ۽ مرزا غازي بيگ جو سؤٽ ھو‪ .‬ھو ٺٽي ۾ مئو ۽‬
‫سندس قبر مڪليَء جي ٽڪري تي آھي‪ ،‬جنھن کي مرزا عيسى جي رانڪ سڏيندا آھن‪.‬‬
‫ٻاويھون صوبه دار نواب حفظ اهلل خان ھو جنھن جي ڏينھن ۾ اورنگزيب بادشاھ جو پٽ سنڌ ۾‬
‫آيو ھو‪ ،‬انھيَء الِء ته ميان دين محمد سرائي ڪلھوڙي کي قيد ڪري وٺي وڃي‪ ،‬جو ھن زور ورتو ھو‪.‬‬
‫انھي نواب شھزادي جي لنگهڻ الِء سيوھڻ وٽ ٻيڙين جي پل بيھاري‪.‬‬
‫چوٽيھون صوبه دار نواب اعظم خان ھو‪ ،‬جنھن جي ڏينھن ۾ شاھ عنايت صوفي جھوڪ واري‬
‫سان بلڙي جي سيدن جي خصومت ٿي ۽ انھن جي دانھن تي بادشاھ فرخ سير جي حڪم سان ميان‬
‫نور محمد ڪلھوڙو لشڪر وٺي آيو ۽ اچي جھوڪ کي گھيرو ڪيائين پر پڄي نه سگهيو پوِء ظاھري‬
‫صلح ڪري اندروني طرح دغا سان شاھ عنايت کي قتل ڪرائي ڇڏيائين‪.‬‬
‫ستٽيھون صوبه دار نواب سيف اهلل خان ھو‪ ،‬جو سڀني نوابن کان چڱو حاڪم ھو‪ .‬ھن ملڪ ۾‬
‫ڏاڍا سڌارا ڪيا ۽ واپار کي گهڻو زور وٺايائين‪ .‬شراب ۽ ٻيون نشي واريون شيون بند ڪرائي ڇڏيائين‪.‬‬
‫ٺٽي ۾ مري ويو ۽ مڪليَء تي دفن ٿيو‪ .‬سندس پٽ نواب صادق علي خان به ڪن ورھن کان پوِء صوبه‬
‫دار مقرر ٿي آيو هو‪.‬‬
‫پون يون يعني ايڪيتاليھون صوبه دار ميان نور محمد ڪلھوڙو ھو‪ ،‬جنھن کي نواب خدا يار خان‬
‫جو لقب مليل ھو‪ .‬ھو پھرين پنھنجي پي ميان يار محمد جي جاِء تي سيويَء ۾ مقرر ٿيو‪ ،‬پوِء سنڌ ڏي‬
‫موڪليو ويو‪ .‬انھي جو زياده بيان ھيٺ ايندو‪.‬‬
‫ترخان کان پوِء صوبه دارن جي شروع ٿيڻ کان اڳ خسرو خان چرڪس‪ ،‬جو ٺٽي ۾ حڪمراني‬
‫ڪندو ھو‪ ،‬سو زور وٺي ويو ھو‪ .‬انھيَء به ٺٽي کي ڏاڍو سڌاريو‪ .‬قريب چار سؤ مسجدون ۽ کوھ ۽ پليون ۽‬
‫مھمان سرائون وغيره ٺھرايائين‪ .‬انھيَء ھوندي به جھانگير بادشاھ سنڌ ۾ صوبه دارن جي موڪلڻ جو‬
‫ٺھراُء ڪيو ۽ ۽ خسرو خان مقرر نه ڪيائين‪.‬‬
‫انھن صوبه دارن جي حڪومت ۾ شاھجھان بادشاھ ٺٽي ۾ تمام وڏي ۽ عمدي جامع مسجد‬
‫ٺھرائي جا اڃا بيٺي آھي‪ .‬چون ٿا ھن اھا نشاني انھيَء الِء قائم ڪئي جو ڏک ۽ تڪليف جي زماني ۾‬
‫ھن اتي اچي پناھ ورتي ھئي‪ .‬انھن صوبه دارن مان ڪي ته رڳو سچن صوبه دارن جا مقاطعه دار ھئا‪.‬‬
‫حقيقت ڪري انھن صوبه دارن ھوندي به تر جا سردار ملڪ جا حاڪم ھوندا ھئا‪ ،‬جيئن ته ڌاريجا جو‬
‫راجا ۽ ڪڪراله جو ڄام‪ .‬سيوھڻ ۽ بکر ۾ به پنھنجا پنھنجا تر جا حاڪم ھئا‪ ،‬صوبه دار رڳو ٺٽي ۾‬
‫نالي جا سنڌ جا حاڪم ھوندا ھئا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪28‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ويھون‬
‫دائود پوٽا ۽ شڪارپور جو ٻجھڻ‬

‫انھن صوبه دارن جي حڪومت ۾ دائود پوٽن زرو ورتو‪ .‬انھي قوم جو اصل سردار دائود نالي ھو‪.‬‬
‫بھاولپور جو هاڻوڪو نواب يا حاڪم به دائود پوٽو آھي‪ .‬اھي عباسي خليفن جي اوالد مان آھن‪ .‬انھن‬
‫جو وڏو امير احمد‪ ،‬مڪران جي رستي سنڌ ۾ آيو ۽ اُتي اچي زور ورتائين‪ .‬انھي ۽ سندس پٽ ٺٽي جي‬
‫ھندو راجائن جي ڌيئن سان شاديون ڪيون‪ .‬پھرين انھن اتي حڪومت ڪئي ۽ پارڪر تائين حڪم‬
‫ھاليائون‪ .‬پر پوِء برھمن آباد جي راجا ھنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ پوِء ھو درياھ لنگهي سيوھڻ جي‬
‫ويجهو اچي رھڻ لڳا‪ .‬اُتي انھن منجھان ھڪڙي ڄام چني کي اڪبر بادشاھ جاگير ڏني ۽ وڏو عھدو‬
‫عطا ڪيو‪ .‬وري اورنگزيب بادشاھ جي ڏينھن ۾ ھنن دائود پوٽن مان ھڪڙي شخص بھادر خان نالي کي‬
‫لکي ۽ خا ن پور جي وچ ۾ ھڪڙي وڏي جاگير ملي ۽ ھو بکر جو حاڪم مقرر ٿيو‪ .‬انھيَء جاگير وٽ ھن‬
‫جو تڪرار مھرن جي قوم سان ٿي پيو‪ .‬مھرن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي جنھن ۾ دائود پوٽن‬
‫مھرن کي شڪست ڏني ۽ انھن کي ڀڄائي سندن شھر لکي تائين نيائون ۽ اُتي شھر ڦري لٽي ھليا ويا‪.‬‬
‫انھيَء فتح جي نشانن جي قائم ڪرڻ الِء دائودپوٽن ھي ئن ڪيو جو جن ٻيلن ۽ جھنگن وارن زمين ۽‬
‫شڪارگاھن تي طرفين جو تڪرار ٿيو ھو تن جو جهنگ ڪڍائي ميدان صاف ڪرائي انھيَء ھنڌ‬
‫ھڪڙو شھر ٻڌايائون جنھن جو نالو شڪارپور رکيائون جو اُتي شڪارگاھ ھئا‪.‬‬
‫تنھن کان پوِء دائود پوٽا ڪڏھن گھٽ ۽ ڪڏھن وڌ زور وارا ٿيندا رھيا‪ .‬ٻيو جيڪو بکر جو‬
‫حاڪم بختاور خان آيو تنھن انھن سان وير رکيو تنھنڪري ھو ڀڄي ملتان ڏي ويا ۽ بادشاھ جي‬
‫خذمت ڪيائون‪ .‬تنھن جي اجازت سان ھنن بکر تي ڪاھ ڪري حاڪم کي ماري وڌو ۽ وري‬
‫شڪارپور ھٿ ڪيائون‪ .‬پر وري به سندن زور وٺڻ تي نواب خدا يار خان جو پٽ ميان نور محمد‬
‫ڪلھوڙو سندن دشمن ٿيو‪ .‬انھيَء دائود پوٽن کي شڪارپور مان لوڌي ڪڍيو ۽ ھو وري ملتان ڏي ڀڳو‬
‫جتي ھنن کي جاگير ملي‪ .‬پر اُتي به ميان نور محمد ڪلھوڙي جي چورت تي جيسلمير جو راجا ساڻن‬
‫جھيڙو ڪندو آيو‪.‬‬
‫نيٺ ارڙھين صديَء جي وچ ڌاري دائودپوٽا پنھنجن سردارن بھاول خان ۽ علي مراد خان جي‬
‫ھيٺ وري شڪارپور تي ڪاھي آيا ۽ نادر بادشاھ پنھنجي طرفان جيڪو نائب شيخ صديق‪ ،‬بکر ۾‬
‫ڇڏي ويو ھو تنھن کي ماري ڇڏيائون‪ .‬سگهوئي پوِء احمد شاھ افغان نادر شاھ جي مارجڻ کان پوِء ملڪ‬
‫ھٿ ڪيو ۽ پٺاڻ ڪاھي شڪارپور ۾ آيا‪ .‬دائود پوٽا پنھنجون زالون ۽ ٻار ڪھي پٺاڻن سان وڙھي‬
‫انھن جي سردار کي ماري پاڻ درياھ لنگهي سنڌ ڇڏي ويا ۽ سندن سردار صادق خان جي پٽ بھاول خان‬
‫نئون شھر ٻڌو جنھن جو نالو بھاولپور رکيائون‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪29‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ايڪيھون‬
‫ٺٽي شھر جو احوال‬

‫اڳوڻي وقت ۾ جڏھن سنڌ ھندو راجائن جي ھٿ ۾ ھئي تڏھن انھيَء جو گاديَء جو ھنڌ ۽ مکيه‬
‫شھر الور ھو ۽ ٻين ڀاڱن ۾ ٻانڀڻاھ يا برھمڻ آباد سيوھڻ ۽ نيرون ۽ ديبل ھئا‪ .‬انھي زماني کان پوِء ۽‬
‫عربن جي حڪومت ۾ ٺٽو گاديَء جو ھنڌ ٿيو‪ .‬جڏھن سلطان محمود غزنوي جي وزير عبدالرزاق سنڌ‬
‫تي ڪاھ ڪئي تڏھن ھن سيوھڻ ۽ ٺٽو ورتو‪ ،‬جيئن مٿي چيو ويو آھي ۽ اُتي پنھنجا حاڪم مقرر‬
‫ڪري ھليو ويو‪ .‬تنھن کان پوِء سومرن ۽ سمن جي حڪومت ۾ به ٺٽو سنڌ جو تخت گاھ ھو‪ .‬۽ انھن‬
‫گهراڻن جا گهڻا ڄام ٺٽي جي ويجهو مڪليَء جي ٽڪريَء تي رکيل آھن‪ .‬سمن جي ڄامن مان نظام‬
‫الدين يا ڄام نندو‪ ،‬جنھن سٺ ستر ورھن راڄ ڪيو‪ ،‬تنھن ھاڻوڪي ٺٽي جو بنياد وڌو‪ .‬اھو نئون ٺٽو‬
‫ٿيو‪ ،‬پراڻو ٺٽو انھيَء کي ويجهو ھو ۽ اڳي ٺٽي کي نگر سڏيندا ھئا‪ .‬تنھن کان پوِء ارغون ۽ ترخان مغل‬
‫اتي اچي رھڻ لڳا ۽ انھن ٺٽي کي مسجدون ۽ عام فائدي جي عمارتن ۽ ڪمن سان ڏاڍو سينگاريو‪،‬‬
‫خصوصا خسرو خان‪ ،‬جو دھلي جي بادشاھن پاران نائبن مان ھڪڙو ھو‪ .‬شاھجھان بادشاھ منجھس‬
‫وڏي جامع مسجد ٺھرائي‪ ،‬جا اڃا بيٺي آھي‪ .‬پوِء جن ڏينھن ۾ نادر شاھ سنڌ ۾ آيو تن ڏينھن ۾ ميان‬
‫نورمحمد ڪلھوڙي ٺٽو پنھنجي ھٿ ڪيو‪ .‬ڪلھوڙن جي راڄ ۾ ٺٽي ۾ انگريزن جي ايسٽ انڊيا‬
‫ڪمپنيَء ھڪڙي ڪوٺي ۽ واپاري ڪارخانو ھاليو‪ ،‬پر اھو ڪن ورھن کان پوِء وري بند ٿيو ھو‪ .‬انھن‬
‫کان اڳي ترخانن جي زماني ۾ فرنگي يا فرينچ ٺٽي ۾ رکيا ويا ھئا‪ ،‬جي پوِء ٺٽي کي ڦري لٽي ھليا ويا‬
‫ھئا‪ .‬دھليَء جي بادشا ھن جي نائبن جي حڪومت کان پوِء جڏھن ڪلھوڙا حاڪم ٿيا تڏھن خدا آباد‬
‫سنڌ جو گاديَء جو ھنڌ ٿيو ۽ پوِء جڏھن غالم شاھ ڪلھوڙي حيدرآباد جو شھر ٻڌايو ۽ ڪوٽ وجھايو‬
‫تڏھن کان وٺي حيدرآباد تخت گاھ ٿي جا ٽالپرن جي حڪومت ۾ به گاديَء جو ھنڌ ھلي آئي‪ .‬جڏھن‬
‫انگريز سرڪار جو راڄ ٿيو تڏھن ڪراچي سنڌ جي گاديَء جو ھنڌ ٿيو‪.‬‬
‫جڏھن ٺٽو گاديَء جو ھنڌ ھو تڏھن سڀني جدا جدا گهراڻن جا حاڪم ٺٽي جي ويجهو‪ ،‬جا‬
‫مڪليَء جي ٽڪري آھي انھي تي ئي دفن ٿيل آھن‪ .‬انھن جا قبا ۽ قبرون اڃا تائين ڏسڻ ۾ پيا اچن‪.‬‬
‫انھن کان سواِء ڪيترائي سيد ۽ ٻيا وڏا خاندان جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا تن جا مقبرا مڪليَء تي آھن‪.‬‬
‫چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ لک پنجويھه ھزار پير مڪليَء تي رکيل آھن‪ .‬انھيَء ڪري انھي ٽڪري کي‬
‫پاڪ سمجهندا آھن ۽ انھيَء ڪري انھيَء جو نالو مڪلي رکيائون يعني ننڍڙو مڪو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪30‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٻاويھون‬
‫دھلي جي بادشاھن ۽ ٻين مسلمان قومن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬

‫ھندو راجائن جي حڪومت کان پوِء عربن جي حڪومت ٿي‪ .‬تنھن کان پوِء ٻين مسلمان قومن‬
‫۽ دھليَء جي بادشاھن جي نائبن جي حڪومت ٿي‪ .‬انھيَء عرصي ۾ البت سڌارو ٿيڻ لڳو‪ .‬عمارت سازي‬
‫۽ نقاشي ۽ ٻين ھنرن به چڱي ترقي ڪئي‪ .‬ڪيتريون عمديون مسجدون ۽ قبا ۽ سرائون ۽ پليون ۽‬
‫عمارتون جڙيون‪ .‬ڪي مکيه شاھي رستا به جڙيا‪ ،‬خاص لشڪر الِء‪ .‬حڪومت جو سڀ اختيار بادشاھ‬
‫جي ھٿ ۾ ھو ۽ انھيَء تي ڪنھين به قسم جي روڪ ڪانه ھئي‪ .‬وڏو وزير ۽ ٻيا ننڍا وزير ۽ امير بادشاھ‬
‫جا صالحڪار ھوندا ھئا‪ .‬مغل بادشاھن مان به اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ حڪومت جي ڪمن ۾ زياده‬
‫سڌارو ٿيو‪ .‬زمين جي آبادي ۽ ڍل ۽ محصول جو بهتر بندوبست ٿيو‪ .‬ڪي قانون قاعدا به مقرر ٿيا‪.‬‬
‫ھڪڙي قسم جي سيٽلمنٽ به ٿي ۽ جنگي کاتي ۽ انصاف جي کاتي ۽ پوليس جي کاتي جو به بنياد‬
‫پيو‪ .‬قاضي‪ ،‬ڪوٽوال ۽ ٻيا ڪامورا انصاف جي ڪم الِء مقرر ٿيا‪ .‬زمين جي پيدائش مان ٽيون حصو‬
‫سرڪاري ڍل جو وٺبو ھو ۽ سرڪاري بٽائي واري ان جي نيڪال الِء اگھه مقرر ڪبا ھئا‪ .‬تعليم به‬
‫پارسي ۽ عربيَء جي ڏيڻ ۾ آئي‪ .‬ٻھراڙيَء ۾ ڪي ٿورا ھندو مڪتب خانگي طرح ھلندا ھئا‪ .‬مسلمانن‬
‫کي مال ۽ آخوند پڙھائيندا ھئا‪ .‬پر اڪبر بادشاھ کان پوِء ملڪ ۾ وري ھر طرح جي گھٽتائي ٿيڻ لڳي‬
‫۽ ماڻھن جي حالت خراب ٿي‪ .‬سپاھين ۽ ڪامورن کي پورا پگهار نٿي مليا ۽ ۽ وقت تي به نه ٿي‪،‬‬
‫تنھنڪري ھو ڦرمار ڪري گذاريندا ھئا ۽ انھيَء ڪري ظلم ٿيندا ھئا‪ .‬ڪٿي ڪٿي مذھبي ماڻھو‬
‫ظلم زبردستي به ڪندا ھئا ۽ ھندن کي ستائيندا ھئا‪ .‬اھا حالت پھرين ھندستان ۾ ٿيڻ لڳي ۽ پوِء سنڌ‬
‫توڙي بادشاھت جي ٻين صوبن ۾ به ٿيڻ لڳي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪31‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٽيويھون‬
‫ڪلھوڙا ۽ سندن اوائل وارا سردار‬

‫ڪلھوڙا حضرت محمد جي چاچي عباس جا اوالد آھن تنھنڪري عباسي سڏبا ھئا‪ .‬ھنن جي وڏن‬
‫مان ھڪڙو ميان اوڍاڻو نالي ڪيچ مڪران ۾ رھندو ھو ۽ ڏاڍو نيڪ ۽ خدا پرست ماڻھو ھوندو ھو ۽ ماڻھو‬
‫ھن کي پير يا مرشد ڪري مڃيندا ھئا‪ .‬ڪن جو چوڻ آھي ته ڪلھوڙا دائود پوٽن جي ھڪڙي شاخ آھي ۽‬
‫ڄام چيني دائود پوٽي جي ڀائٽي ڪلھوڙي نالي جو اوالد آھن‪ ،‬جو ڄام اڪبر بادشاھ جي ڏينھن ۾ سيوھڻ جي‬
‫نزديڪ جاگيردار ۽ حاڪم ھو‪ .‬ٻيا ڪي چون ٿا ته ھو ڪمبانا جي رھندڙ محمد نالي جو اوالد آھن جو تيرھن‬
‫صديَء ۾ سنڌ جي اتر ۾ ھڪڙو حاڪم ھو ۽ سمن جي ڏينھن ۾ سنڌ جي سردارن سان مائٽي ڪئي ھئائين‪.‬‬
‫انھن ڪلھوڙن جو پھريون چار پيڙھيون چانڊڪي پرڳڻي ۾ يعني الڙڪاڻي جي پاسي رھنديون‬
‫ھيون‪ .‬انھن مان پھريون مشھور ماڻھو آدم شاھ سورھين صديَء جي وچ ڌاري ٿي گذريو‪ ،‬جو مريد ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫ڪن ڏينھن کان پوِء ھو ملتان ۾ ويو ۽ زور وٺڻ لڳو تنھنڪري اتي جي حاڪم حسد کان ھن کي مارائي ڇڏيو‬
‫۽ سندس الش سندس وصيت موجب آڻي سکر ۾ ٽڪريَء تي پوريائون‪ ،‬جا اڃا تائين آدم شاھ جي ٽڪري‬
‫سڏبي آھي‪ .‬آدم شاھ جي مرڻ کان پوِء سندس پوٽو ميان شاھل محمد مشھور ٿيو‪ .‬ھن راڄ وارن کان زمين ھٿ‬
‫ڪري پنھنجن مائٽن کي ڏني تنھنڪري اتي جا زميندار رنج ٿيا ۽ بکر جي حاڪم کان حڪم وٺي ھن کي‬
‫مار ي ڇڏيائون‪ .‬ھن جي جاِء تي سندس پٽ ميان نصير محمد ويٺو‪ ،‬جنھن ڏاڍو نالو ڪڍيو ۽ گهڻا فقير گڏ‬
‫ڪيائين جي پاڻ کي سرائي چوائڻ لڳا‪ .‬بکر جي حاڪم لشڪر وٺي ميان نصير محمد سان وڙھي انھي کي‬
‫قيد ڪري اورنگزيب بادشاھ ڏي ڏياري موڪليو‪ .‬پر ميان اُتان وري ڀڄي آيو ۽ اڳي کان به وڌيڪ زور ورتائين‬
‫۽ ڪيترا پرڳڻا ھٿ ڪيائين ۽ نوشھري جو شھر ٻڌائين ۽ ڪاڇي ۾ ڳاڙھي جو ڳوٺ ٻڌائين جتي ڇٽيھن‬
‫ورھن جي راڄ کان پوِء ھو مئو ۽ دفن ڪيو ويو‪.‬‬
‫ھن جي جاِء تي سندس پٽ ميان دين محمد ويٺو‪ .‬ھن جي زور وٺڻ تي به شڪارپور جي پاسي کان‬
‫پنوھر ۽ پٺاڻ بادشاھ جي حڪم سان اچي وڙھيا‪ ،‬پر سرائ ِن انھن کي ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو‪ .‬تنھن تي بادشاھ‬
‫مغلن جو لشڪر شاھزادي معزالدين جي ھٿ ھيٺ موڪليو‪ ،‬جنھن ڏاڍي ويڙھ کان پوِء دين محمد کي قيد‬
‫ڪري الھور آندو جتي ھو باقي زندگي گذاري ملتان ۾ مئو‪.‬‬
‫انھيَء وچ ۾ دين محم د جو ڀاَء يار محمد قالت مان بروھين جي مدد سان ڪاھي آيو ۽ پنوھرن سان‬
‫وڙھي شڪارپور ورتائين ۽ پنھنجو شھر خدا آباد ٻڌائين‪ .‬ھي ُٻڌي شھزادو بکر ۾ آيو‪ .‬يار محمد وڃي سالم‬
‫ڪيس‪ .‬ھو منجھانس خوش ٿيو ۽ خدا يار خان جو خطاب ڏئي سيويَء جو حاڪم ڪري موڪليائينس‪ .‬ھو‬
‫سن ‪7176‬ع ۾ مري ويو ۽ خدا آباد ۾ رکيل آھي‪ .‬يار محمد جا پٽ نورمحمد ۽ محمد خان قالت مان لڏي خدا‬
‫آباد (دادوَء جي ويجهو) ۾ اچي ويٺا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪32‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق چوويھون‬
‫ميان نور محمد ڪلھوڙي جي حڪومت‬

‫ميان يار محمد جي مرڻ تي سندس پٽ ميان نور محمد سندس جاِء تي ويٺو‪ .‬ھن کي به بادشاھ‬
‫وٽان پيُء وارو خطاب خدا يار خان مليو‪ .‬دائودپوٽن جي جھيڙي شروع ڪرڻ تي ھو مٿن ڪاھي ويو ۽‬
‫شڪارپور ۽ بکر ھٿ ڪيائين‪ .‬پوِء وري سيوي ڍاڍر جي پاسي فساد ٿيڻ تي اُنھيَء پاسي به وڃي فسادين‬
‫کي ماري مڃايائين‪ .‬تنھن کان پوِء وري قالت تي ڪاھي ويو ۽ اتي جي خان سان وڙھي انھيَء کي‬
‫ماريائين ۽ قالت ھٿ ڪيائين‪ .‬ھن جي بھادري ڏسي بادشاھ کيس سيوھڻ ۽ ٺٽو به حوالي ۾ ڏنو‪ .‬ميان‬
‫نور محمد پاڻ الڙڪاڻي ۾ وڃي رھڻ لڳو ۽ پنھنجي پٽ محمد مرادياب کي ٺٽي ڏي موڪليائين‪ ،‬جنھن‬
‫وڃي ڌاريجن جي راڻي ۽ ڪڪرالي جي ڄام سان وڙھي انھن کي ماري مڃايو ۽ ٺٽي ۾ قائم ٿي ويھي‬
‫رھيو‪.‬‬
‫جڏھن انهيَء وقت ڌاري نادر شاھ دھلي وٺي سنڌ ۾ ڪاھي آيو تڏھن محمد مرادياب ڊپ کان ڀڄي پيُء‬
‫وٽ الڙڪاڻي آيو پر نور محمد پاڻ ڀڄي عمرڪوٽ آيو ۽ اُتان پرتي ڀڄي وڃڻ جو ارادو ھئس پر اوچتو‬
‫صبح جو نادر شاھ اچي ڪوٽ جي در تي بيٺو‪ .‬الچار ٿي ميان وڃي پيش پيس‪ ،‬تنھن کي وٺي نادر شاھ‬
‫الڙڪاڻي آيو‪ .‬اُتي ھن کان ڪروڙ رپين جو وٺي ھن کي شاھ قلي خان جو خطاب ڏئي سنڌ جو حاڪم‬
‫قائم ڪيائين ۽ اول ۾ سندس ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غالم شاھ پاڻ سان وٺي روانو ٿيو‪ .‬نادر شاھ‬
‫شڪارپور موٽي دائود پوٽن کي ڏني ۽ سيوي افغانن جي حوالي ڪيائين‪ .‬ميان نور محمد جو ٽيون پٽ‬
‫عطر خان سو به بادشاھ پوِء پاڻ وٽ گهرائي ورتو‪ .‬وٽس فقط سندس چوٿون پٽ خداداد رھيو‪.‬‬
‫اٺن ورھين کان پوِء جڏھن احمد شاھ دوراني نادر شاھ جي مرڻ تي سندس ملڪ ھٿ ڪيو‬
‫تڏھن ھن ميان نور محمد کي شاھنواز خان جو تازو خطاب ڏنو ۽ ٻئي سال ۾ ميان جا پٽ‪ ،‬جي نادر شاھ‬
‫ايران ڏي نيا ھئا‪ ،‬سي موٽي سنڌ ۾ آيا‪ .‬انھن مان وڏي پٽ محمد مرادياب کي ميان خدا آباد ۾ وھاريو ۽‬
‫پاڻ نئون شھر محمد آباد ٻڌي اتي اچي رھڻ لڳو‪.‬‬
‫ستن ورھن کان پوِء احمد شاھ ميان تي ڪاوڙجي سنڌ ۾ آيو‪ .‬ميان پنھنجي طرفان ديوان‬
‫گدومل وڪيل ڪري موڪليو جنھن وڃي بادشاھ جي ڪاوڙ الٿي‪ .‬انھيَء وقت ميان جيسلمير جي‬
‫پاسي ھو‪ ،‬جتي مري ويو ۽ سندس جاِء تي ماڻھن سندس پٽ محمد مرادياب وھاريو‪.‬‬
‫ميان نورمحمد جي مري وڃڻ جو ٻڌي سندس دشمنن جي دانھن تي بادشاھ سنڌ جي الِء ٻيو‬
‫ھڪڙو پٺاڻ صوبه دار مقرر ڪيو پر وري ديوان گدومل وڃي بادشاھ کي راضي ڪيو‪ .‬بادشاھ ميان نور‬
‫محمد جو پٽ عطر خان پاڻ وٽ اول رکي محمد مرادياب کي سربلند خان جو خطاب ڏئي سنڌ تي مقرر‬
‫ڪيو‪ .‬جڏھن ديوان گدومل اھو پروانو آندو تڏھن نصرپور جي ويجهو ھڪڙي وڏي درٻار ۾ ميان گاديَء‬
‫تي ويٺو ۽ ڏاڍيون خوشيون ٿيون ۽ اتي نئون شھر مراد آباد ٻڌو ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪33‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق پنجويھون‬
‫ميان محمد مرادياب ڪلھوڙي جي حڪومت‬

‫پھرئين ئي سال ۾ ڪڪراله جي ڄام فساد ڪيو‪ .‬ميان محمد مرادياب انھيَء تي ڪاھ ڪري‬
‫کيس جيتيو ۽ قيد ڪيائينس ۽ سندس ملڪ ھٿ ڪيائين‪ .‬تنھن کان پوِء ٻه ورھ ميان آرام سان‬
‫حڪومت ڪئي پر حڪم ھالئڻ نه آيس‪ .‬ماڻھن کان پيسن جي تنگ طلبي ڪرڻ لڳو ۽ پاڻ عيش‬
‫عشرت ۽ ناچ راڳ کي لڳو‪ .‬تنھنڪري سردار ناراض ٿي مير بھرام ٽالپر جي صالح سان ميان جي‬
‫رهڻ ج ي جاِء کي وڪوڙي ويا ۽ هن کي ۽ سندس خاص نوڪرن کي قيد ڪري کيس گاديَء تان الهي‬
‫سندس ڀاُء ميان غالم شاهه کي گاديَء تي وهاريائون‪ .‬انهيَء ڪري سندس سڳو ڀاُء احمد يار خان‪ ،‬جو‬
‫خدا آباد ۾ ھو‪ ،‬سو ناراض ٿي دنگو ڪرڻ لڳو ۽ سندس ٻيو ڀاُء عطر خان‪ ،‬جو بادشاھ وٽ اول ھو‪ ،‬سو‬
‫بادشاھ کي راضي ڪري پنھنجي نالي پروانو لکائي سنڌ ۾ آيو‪ .‬ميان غالم شاھ الچار ٿي پنھنجن ڪن‬
‫سردارن سان ٿر ڏانھن نڪري ويو ۽ محمد مرادياب قيد مان نڪتو‪.‬‬
‫عطر خان ماڻھن کي خوش رکي نه سگهيو ۽ خزانو به خالي ٿيڻ لڳو‪ .‬بادشاھ کي محصول پھچائڻ‬
‫الِء ماڻھن کان سختيَء سان اوڳڙ ڪرڻ لڳو‪ .‬ملڪ جو اھو حال ڏسي ميان غالم شاھ ٿر مان ڦري بھاولپور‬
‫مان لنگهي روھڙي ۾ آيو‪ .‬اُتي سندس ٻئي ڀاُء سنڀري ساڻس وڙھڻ آيا‪ .‬ڏاڍي جنگ لڳي‪ .‬آخر عطر خان‬
‫ھارايو ۽ ڀڄي ويو ۽ ميان غالم شاھ فتح ڪري سيوھڻ آيو ۽ اُتان وري محمد آباد ۾ اچي رھيو‪.‬‬
‫عطر خان ڀا َء سوڌو قالت ڏي ڀڳو ۽ اتي بادشاھ کان افغانن جو لشڪر وٺي وري سنڌ ھٿ ڪرڻ‬
‫الِء آيو‪ .‬ھو ميان غالم شاھ سان وڙھيو پر نيٺ نااميد ٿي انھيَء سان صلح ڪيائين‪ ،‬جنھن موجب ملڪ‬
‫جا ٽي حصا ڪيا ويا‪ .‬ھڪڙو حصو شاھڳڙھ کان نصرپور ٺٽي تائين ميان غالم شاھ کي مليو ۽ ٻيو‬
‫باقي ملڪ ٻن حصن ۾ ھنن ٻنھي ڀائن کي مليو‪.‬‬
‫سگهوئي انھن ٻنھي ڀائن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي‪ .‬احمد يار خان دھليَء جي بادشاھ ڏي ڀڳو ۽‬
‫پنھنجي نالي پروانو لکائي آيو‪ .‬پٺ تي غالم شاھ وجھه ڏسي عطر خان تي ڪاھ ڪئي‪ .‬عطر خان ڊپ‬
‫کان ملڪ ڇڏي ھليو ويو ۽ ماڻھو ميان غالم شاھ جي اچڻ ڪري ڏاڍا خوش ٿيا‪ .‬ٻئي سال ۾ عطر خان‬
‫مدد وٺي سنڌ ۾ آيو‪ .‬ميان غالم شاھ اوٻاوڙي وٽ وڃي گڏيس‪ .‬سندن وچ ۾ جنگ لڳي‪ .‬عطر خان‬
‫شڪست کاڌي ۽ ميان غالم شاھ فتحياب ٿي نئي [نئين] ٻڌل شھر شاھپور جي ۾ اچي لٿو‪.‬‬
‫انھي وقت ڌاري الڙڪاڻي جي پاسي کوسن ۽ ڪڪرالي جي پاسي ڄام ڏيسر فساد ڪرڻ لڳا‪.‬‬
‫غالم شاھ لشڪر موڪلي ھنن جو ملڪ کسي پنھنجي ھٿ ڪيو ۽ کوسن جي سردار کي ماري کين‬
‫سيکت ڏنائين‪.‬‬
‫ٻئي سال ۾ ميان غالم شاھ کي شاھي سند ۽ خلعت آئي‪ ،‬جنھن موجب ھو شاھ وردي خان جي‬
‫خطاب سان سنڌ جي صوبي تي حاڪم مقرر ٿيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪34‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ڇويھون‬
‫ميان غالم شاھ ۽ سرفراز جي حڪومت‬

‫گاديَء تي وھڻ کان پوِء ٻئي سال ۾ ميان غالم شاھ ڪڇ تي ڪاھ ڪئي ۽ وڃي ڀڄ کي ويجهو‬
‫ٿيو ۽ ويڙھ ڪري ڇھه ھزار ڪڇي ماريائين‪ .‬نيٺ ڪڇ جي راو ساڻس صلح ڪيو ۽ ميان پٺ تي‬
‫موٽيو‪ .‬ڀاُء جو اھڙو زور ڏسي عطر خان اچي ڀاُء جي پيش پيو ۽ ملڪ جي دعوى ڇڏي ڏنائين‪.‬‬
‫چئن ورھن کان پوِء ديري غازي خان ۾ اُتي جي ماڻھن فساد ڪيو‪ .‬ميان اوڏي وڃي فساد بند‬
‫ڪيو‪ .‬انھيَء بھادريَء جي انعام ۾ بادشاھ ھن کي ديرو غازي خان ڏنو‪ .‬انھيَء جي ٻئي سال ۾ ميان غالم‬
‫شاھ نيرون ڪوٽ ويو ۽ اُتي ھڪڙو قلعو جوڙايائين‪ ،‬جو اڃا تائين بيٺو آھي‪ .‬پوِء شاھپور کي ڇڏي‬
‫حيدرآباد جو شھر ٻڌايائين‪ ،‬جو انھيَء وقت کان وٺي سنڌ جي گاديَء جو ھنڌ ٿيو‪ .‬انھيَء جي بچاَء الِء‬
‫ٻيو مٽيَء جو قلعو محمد مڪائي واري ٽڪريَء تي به ٺھرايائين‪.‬‬
‫ميان غالم شاھ جي چوڻ تي انگريزي ايسٽ انڊيا ڪمپنيَء ٺٽي ۾ واپار جون ڪوٺيون وڌيون‪،‬‬
‫جي پوِء ميان سرفراز بند ڪرائي ڇڏيون‪.‬‬
‫سن ‪7165‬ع ۾ ميان غالم شاھ وفات ڪئي ۽ سندس گاديَء تي سندس پٽ ميان محمد سرفراز‬
‫ويٺو‪ .‬ساڳئ ي وقت ڌاري بادشاھ احمد شاھ دوراني به مري ويو ۽ سندس جاِء تي سندس پٽ تيمور شاھ‬
‫ويٺو‪ ،‬جنھن ميان کي خلعت موڪلي خدايار خان جو خطاب ڏئي سنڌ جي حڪومت تي قائم ڪيو ۽‬
‫ديرا به وري سندس حوالي ڪيائين‪.‬‬
‫ٻن سالن کان پوِء ميان سرفراز ڪڇ ڏي ويو ۽ اُتان وري گجرات ويو‪ .‬اتي جي ھندو راجائن ھن‬
‫مان ڏنو‪ ،‬پوِء موٽي وري خدا آباد جي نئي ٻڌل شھر ۾ اچي رھيو‪.‬‬
‫کي گهڻو ُ‬
‫ميان محمد سرفراز جي ڏينھن ۾ تالپرن بلوچن ڏاڍو زور ورتو‪ .‬مير بھرام ميان غالم شاھ وٽ‬
‫مان ڏيندو ھو‪ .‬پر راڄي ليکي جي‬ ‫برک ھو ۽ ساڻس گڏ جنگين ۾ وڙھيو ھو‪ .‬ميان سرفراز به ھن کي ڏاڍو ُ‬
‫چورت تي ميان کي مير بھرام ۽ سندس پٽن ۾ اچي بدگماني پيدا ٿي‪ .‬تنھنڪري مير بھرام پنھنجن‬
‫ٻن پٽن مير بجار ۽ مير صوبدار کي صالح ڏني ته اوھين ھتان نڪري وڃو متان ميان اوھان کي مارائي‪،‬‬
‫مون کي مارايائين ته حرڪت ڪانھي جو آٌء پير مرد آھيان ان موجب مير بجار سنڀري حج تي ويو‪ .‬پر‬
‫مير صوبدار پنھنجي پيُء کي نه ڇڏيو‪ ،‬ساڻس گڏ رھي پيو‪.‬‬
‫نيٺ ھڪڙي ڏينھن جڏھن مير بھرام ميان جي سالم تي آيو تڏھن ميان ھن کي مارائي ڇڏيو‪.‬‬
‫ساڳئي وقت ۾ مير بھرام جي پٽ مير صوبدار کي به سندس ماڻھن ماري وڌو‪ .‬اھڙن ظلمن جي ڪري‬
‫ٽالپرن ۽ ٻين ماڻھن خدا آباد تي ڪاھيو‪ .‬ميان ڀڄي حيدرآباد آيو‪ ،‬جنھن کي پڻ ھنن اچي گھيرو‬
‫ڪري ورتو‪ .‬پوِء ميان کي گاديَء تان الھي قيد ڪري سندس ڀاُء محمود خان کي گاديَء تي وھاريائين‪.‬‬
‫پر راڄي ليکي ماڻھن کي بگاڙي ميان نورمحمد جي پٽ غالم نبيَء کي گاديَء تي وھاريو‪ ،‬جو خبر ھيس‬
‫ته ھو بلوچن جي برخالف آھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪35‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ستاويھون‬
‫ميان عبدالنبي ۽ صادق علي ڪلھوڙن جي حڪومت‬

‫انھيَء وقت ڌاري مير بجار خان حج ڪري سنڌ ۾ آيو‪ .‬چار ھزار بلوچ وٽ اچي ساڻس گڏ ٿيا‪ .‬پوِء‬
‫عمرڪوٽ ۾ وڃي کوسن کي تڙي پاڻ قلعو وٺي ويھي رھيو‪ .‬راڄو ليکي‪ ،‬جو سندن دشمن ھو‪ ،‬سو اڳ‬
‫ئي مري ويو ھو‪ .‬ڪي چون ٿا ته ڊپ کان زھر کائي مئو‪ .‬سندس پٽ تاجو ۽ ٻيا غالم نبيَء کي وٺي‬
‫عمرڪوٽ تي ڪاھي آيا‪ .‬انھن جو ٽيھه ھزار لشڪر ھو‪ ،‬تنھن کي بلوچن جي ڇھن ھزارن ڏاڍي‬
‫شڪست ڏني‪ .‬غالم نبي قرآن ميڙ ڪري مير بجار وٽ معافي گهرڻ الِء ٿي ويو ته تاجي ليکي ترار ھڻي‬
‫ماري رکيس‪ .‬محمد سرفراز ۽ ٻيا ڪلھوڙا‪ ،‬جي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ھئا تن کي ميان عبدالنبيَء‬
‫مارائي ڇڏيو‪ .‬جڏھن ٻيو ڪو گاديَء جو وارث نه رھيو تڏھن مير بجار خان عبدالنبيَء کي گاديَء تي‬
‫وھاريو‪.‬‬
‫سگهوئي پوِء بلوچن جي زور جو ٻڌي بادشاھ تيمور شاھ پٺاڻن جو وڏو لشڪر سنڌ تي موڪليو‪ .‬مير‬
‫بجار خان شڪارپور وٽ اچي ھنن کي ڀڄائي ڪڍيو‪ .‬تنھن تي بادشاھ وڏي لشڪر سان ڪاھي آيو‬
‫پر مير اچڻ سان وڃي ادب ۽ نياز سان گڏيس‪ .‬تنھنڪري ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٺ تي موٽي ھليو ويو‪.‬‬
‫سن ‪7167‬ع ۾ ٻه راجپوت جوڌپور جي راجا جي طرفان وڪيل ٿي ميان عبدالنبيَء وٽ آيا ۽‬
‫مير بجار خان وٽ به آمدرفت ڪرڻ لڳا‪ .‬ھڪڙي ڏينھن ھو مير وٽ آيا ۽ ھن کي ڪي خط ڏيکاريائون‬
‫جي چيائون ته ميان راجا ڏي بلوچن جي برخالف لکيا آھن‪ .‬اُھي ھندي اکرن ۾ ھئا‪ ،‬تن جي پڙھي ٻڌائڻ‬
‫الِء ھو مير جي اڳيان وڃي ويٺا‪ .‬ائين ڪندي مير سان آھستي ڳالھائيندي ۽ سس ڦس ڪندي ھنن‬
‫خنجر ڪڍي مير کي ھنيا‪ .‬مير ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ترار سان انھن ٻنھي کي ماري رکيائين‪ ،‬پر پوِء پاڻ به‬
‫ڪري مري ويو‪ .‬اھي راجپوت ميان عبدالنبيَء جوڌپور جي راجا جي سازش سان مير کي دغا ڏئي مارڻ‬
‫الِء گهرايا ھئا‪.‬‬
‫مير بجار جي مرڻ تي سندس پٽ مير عبداهلل بلوچن جو سردار ٿيو‪ .‬بلوچن جي ڊپ کان عبدالنبي ڀڳو‬
‫۽ وڃي قالت کان نڪتو‪ .‬تنھنڪري مير ميان صادق عليَء کي کڻي گاديَء تي وھاريو‪ ،‬جو ھڪڙو فقير‬
‫۽ خدا ترس ماڻھو ھو ۽ ميان جي عزيزن مان ھو‪ .‬انھيَء وچ ۾ ھن پاسي جوڌپور جي راجا راجپوتن جو‬
‫لشڪر موڪليو ۽ ھن پاسي قالت جي خان عبدالنبيَء جي مدد الِء بروھين جو لشڪر موڪليو‪ .‬پر‬
‫مير ٻنھي کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو‪ .‬عبدالنبي وري بادشاھ وٽ دانھي ويو ۽ مدد خان پٺاڻ سردار‬
‫لشڪر سوڌو وٺي آيو‪ ،‬پر جڏھن اُھو به پڄي نه سگهيو تڏھن ڦرمار ڪري موٽي ھليو ويو‪ .‬پوِء عبدالنبي‬
‫الچار ٿي مير جي پيش پيو ۽ قرآن تي ھٿ اکر لکي انجام ڪيائين ته آٌء اڳتي بلوچن سان سچو‬
‫رھندس ۽ دغا نه ڪندس‪ .‬تڏھن مير ھن کي وري سنڌ جي گاديَء تي وھاريو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪36‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق اٺاويھون‬
‫ڪلھوڙن جي حڪومت جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي فتح‬

‫ھڪڙيَء رات ميان عبدالنبي اڪيلو مير عبداهلل وٽ گھڙي آيو ۽ چوڻ لڳس ته ”شايد توکي‬
‫اڃا مون ۾ ڪو شڪ آھي ۽ قرآن جي لکئي تي ويساھ ڪونھي‪ ،‬جو تون مون وٽ ھميشه گهڻن ماڻھن‬
‫سان ۽ ھٿيارن سان ايندو آھين‪ .‬جي سچ به توکي اھڙو شڪ آھي ته مون کي ھتي ئي ماري ڇڏ جو آٌء‬
‫اڪيلو تو وٽ آيو آھيان‪ “.‬ھو ٻڌي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ عذر ڪرڻ لڳو‪ .‬انھيَء کان پوِء ھن پنھنجن سڀن‬
‫سنگتين ۽ عزيزن کي روانو ڪري ڇڏيو‪ ،‬رڳو مير فتح خان‪ ،‬جو منجھن وڏو ھو ۽ مير صوبدار‪ ،‬جو‬
‫سندس سائوٽي سوٽ ھو تنھن کي پاڻ وٽ رکيائين ۽ انھيَء ڏينھن کان پوِء ڊپ کان سواِء اڪيلو يا‬
‫ھڪ ٻن ماڻھن سان ميان وٽ ايندو ھو‪.‬‬
‫ھڪڙي ڏينھن ھميشه وانگي مير عبداهلل ۽ مير فتح خان ميان وٽ سالم تي آيا ۽ ميان جي‬
‫ماڻھن ھنن کي ترار سان ماري ڇڏيو ۽ ڪن ٻين ڊوڙي وڃي مير جي تنبن تي سندن باقي ماڻھن کي‬
‫ماري ڇڏيو‪ .‬ٽالپر بلوچن کي به ھاڻ پڪ ٿي ته ميان ھنن جو دشمن آھي‪ .‬مير صوبدار جا چار پٽ ھئا‪،‬‬
‫مير فتح علي خان‪ ،‬مير غالم علي خان‪ ،‬مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان‪ .‬مير عبداهلل خان جا ٻه‬
‫پٽ ھئا مير الھيار ۽ مير ٺارو خان‪ .‬انھن مان مير فتح علي خان کي سڀني بلوچن پڳ ٻڌائي‪ .‬پوِء سڀ‬
‫بلوچ ٻار ٻچا وٺي دين ڳڙھ جي ڪوٽ ۾ آيا ۽ ڇھه ھزار ماڻھو پاڻ ۾ گڏ ٿيا‪ .‬اھي وٺي مير فتح علي خان‬
‫ميان سان وڙھڻ آيو‪ .‬ميان عبدالنبي به ٽيھه ھزار ماڻھو وٺي سامھون ٿيڻ الِء آيو‪ .‬ھاالڻي وٽ جنگ لڳي‪.‬‬
‫جنگ ھلندي مير سھراب خان به ٻيا ٽي ھزار بلوچ وٺي آيو‪ .‬نيٺ عبدالنبيَء شڪست کاڌي ۽ ڀڄي‬
‫قالت ڏي ويو‪ .‬اھو واقعو مير بجار خان جي مرڻ کان پوِء ٻئي سال ۾ ٿيو‪ .‬مير فتح علي خان جنگ کٽي‬
‫نوشھري ۾ آيو‪ ،‬جتي سڀني قومن جا سردار وٽس اچي سالمي ٿيا‪ .‬انھيَء طرح سنڌ ٽالپرن جي ھٿ آئي‪.‬‬
‫ميان عبدالني تيمور شاھ وٽ دانھي ويو‪ .‬بادشاھ فيصلو ڪيو ته اڌ سنڌ جو ڪلھوڙا رکن ۽ اڌ‬
‫ٽالپر‪ .‬انھيَء حڪم جي تعميل الِء لشڪر به موڪليائين‪ .‬مير فتح علي خان به ھڪڙو وڏو لشڪر وٺي‬
‫روھڙيَء وٽ بادشاھي لشڪر کي اچي گڏيو‪ .‬جنگ لڳي بادشاھي لشڪر شڪست کاڌي‪ .‬تنھن تي‬
‫بادشاھ ٻيو لشڪر وٺي آيو ۽ قالت جو خان به ساڻس مدد الِء اچي گڏيو‪ .‬انھيَء وقت بلخ ۾ فساد شروع‬
‫ٿيو ۽ بادشاھ کي اوڏي وڃڻو ٿيو‪ .‬ھيڏي مير فتح علي جي بھادري به ڏٺائين ۽ تعريف ٻڌائين‪ .‬خود مير به‬
‫وٽس اچي الچاري ڏيکاري عذر خواھي ڪئي‪ .‬تنھنڪري بادشاھ اھو ٺھراُء ڪيو ته اڳتي مير سنڌ جو‬
‫حاڪم ٿئي ۽ ڪلھوڙن وانگي سالياني رقم پھچائيندو رھي‪.‬‬
‫انھيَء طرح ‪7163‬ع ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت ‪ 68‬ورھن کان پوِء پوري ٿي ۽ ٽالپرن جي شروع‬
‫ٿي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪37‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق اڻٽيھون‬
‫ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬

‫اٽڪل ُمني صدي جيڪا ڪلھوڙن جي حڪومت ھلي تنھن ۾ سنڌ ۾ گهڻي ڦير ڦار ٿي‪ .‬گهڻن‬
‫ورھن کان وٺي بکر ۽ ٺٽو حڪومت جا ھنڌ ھئا‪ ،‬۽ اتي مسلمان حاڪم رھندا ھئا‪ .‬فقط عمرڪوٽ ۽‬
‫ڪڪراله ۽ ڪن ٻين ٿورن ھنڌن تي ھندو حاڪم ھوندا ھئا‪ ،‬جي ٿورو يا گهڻو خودمختيار ھوندا ھئا‪.‬‬
‫ڪن مسلمان حاڪمن سوڍن ۽ راجپوتن مان شاديون ڪيون ھيون‪ ،‬جنھن ڪري منجھن ٿوريون‬
‫ڪيون رسمون پ ئجي ويون ھيون‪ .‬ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ اھا حالت بدلجي وئي‪ .‬جڏھن‬ ‫گهڻيون ھند ُ‬
‫ھنن جو واسطو سکر ۽ شڪارپور کان ٽٽو تڏھن ھو ڏکڻ ۽ اڀرندي ڏي حڪومت وڌائڻ لڳا ۽ انھيَء‬
‫پاسي جي ھندو حاڪمن کي ماري پنھنجي ھٿ ڪيائون‪ .‬پوِء حڪومت جو ھنڌ حيدرآباد ٿيو‪ .‬خدا‬
‫آباد ۽ سيوھڻ ٻئي شھر زور ڇڏي ويا‪ ،‬باقي سکر ۽ شڪارپور جي سرحد تي الڙڪاڻي البت زور ورتو‪.‬‬
‫جن ڏينھن ۾ نادر شاھ بادشاھ ٺٽي ۾ اچي تن ڏينھن ۾ اتي واپار ۽ ھنر جو چڱو زور ھو‪ .‬چاليھه ھزار‬
‫ڪوري لنگيون ۽ سوسيون ۽ ٻيو ڪپڙو اُڻندا ھئا ۽ ويھه ھزار ٻين قسم جي ھنرن وارن جا ھئا‪ .‬تنھن‬
‫کان سواِء سٺ ھزار ماڻھو واپارين ۽ ٻين ڌنڌن وارن جا ھئا‪ .‬پر ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ ٺٽي جي ساري‬
‫آدمشماري ويھه ھزار مس ھئي‪ .‬لشڪر ۽ حڪومت جي الِء وري بلوچ ماڻھو زور وٺڻ لڳا‪ .‬ھندو فقط واپار‬
‫۽ منشيگري يا لکپڙھ جو ڪم ڪندا ھئا‪ .‬انھيَء مان معلوم ٿيندو ته ملڪ جي مالي حالت توڙي واپاري‬
‫۽ ھنري حالت اڳي کان گهڻو گھٽجي ويئي‪ .‬حڪومت جو بندوبست به پوري طرح نه ٿي ھليو‪ .‬نه فقط‬
‫ھندن سا ن پر مسلمانن سان به ظلم ۽ زيادتي جي ھلت ٿيندي ھئي ۽ عدل ۽ انصاف ۾ گهڻو رولو ھو‪.‬‬
‫جيتوڻيڪ ڪلھوڙن ۽ بلوچن ۾ ڪي ٿورا چڱا حاڪم به ھئا‪ ،‬انھيَء ھوندي به ملڪ جي عام حالت‬
‫چڱي نه ھئي ۽ اڳي کان خراب ھئي‪ ،‬نه بھتر‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪38‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٽيھون‬
‫ٽالپر بلوچن جو اوائل وارو دور‬

‫ٽالپر اصل بلوچ ھئا ۽ بلوچستان ۾ رھندا ھئا‪ .‬نادر شاھ بادشاھ بلوچستان وٺي پوِء سنڌ ۾ آيو‪،‬‬
‫تنھن وقت ڌاري اُھي سنڌ ۾ آيا‪ .‬ٽالپر جو نالو انھي کي ڏلي خان کان مليو‪ ،‬جو سندن وڏو ھو‪ .‬سندن‬
‫پھريون ڏاڏو ھوتڪ خان ھو‪ ،‬جو ڪڪي خان جو پٽ ۽ شاھي خان جو پوٽو ھو‪ .‬۽ ٽالو خان ڪڪي‬
‫خان جو ڀاُء ھو‪ .‬ھوتڪ خان کي ست پٽ ھئا جن مان مشھور ٻه ڄڻا ٿيا‪ ،‬ھڪڙو ماڻڪ خان ۽ ٻيو شھداد‬
‫خان‪ .‬ماڻڪ خان جو پٽ الھيار خان ھو ۽ انھن جو اوالد ماڻڪاڻي سڏبو آھي‪ ،‬جي ميرپورخاص ۾ رھندا‬
‫آھن ۽ ٽنڊوالھيار به انھيَء الھيار جي پٺيان سڏبو آھي‪ .‬مير شھداد خان کي ٻه پٽ ھئا‪ ،‬مير چاڪر خان‬
‫۽ مير بھرام خان‪ .‬مير چاڪر خان جو اوالد خيرپور وارا مير آھن ۽ شاھپور مير چاڪر واري انھن جي‬
‫نالي پٺيان آھي ۽ شھدادپور ۽ قبا شھداد اھي مير شھزاد جي نالي پٺيان آھن‪ .‬۽ مير بھرام خان جو اوالد‬
‫حيدرآباد وارا مير آھن‪ .‬مير چاڪر جو پٽ مير سھراب ھو‪ ،‬تنھنڪري خيرپور وارن ميرن کي‬
‫سھراباڻي مير به سڏيندا آھن‪ .‬حيدرآباد وارن کي شھدادا ڻي ميرن مان مير شھداد جي پٽ بھرام خان‬
‫کي ٽي پٽ ھئا‪ ،‬ھڪڙو مير بجار خان‪ ،‬جنھن جو اوالد بجاراڻي مير آھن جي ٽنڊي غالم حسين ۾ ويٺا‬
‫آھن‪ ،‬ٻيو مير صوبدار خان جنھن جو اوالد حيدرآباد وارا مير آھن جي سنڌ جا مکيه حاڪم ھئا‪ ،‬۽ ٽيون‬
‫مير محمود خان جنھن جو اوالد محموداڻي مير آھن‪ ،‬جي مير محمود جي ٽنڊي ۾ ڦليلي تي ويٺل آھن‪.‬‬
‫پھرين سنڌ ۾ مير شھداد آيو‪ .‬اھو پنھنجي چاچي مير صوبدار سان تڪرار ڪري رسي سنڌ ۾‬
‫آيو ھو ۽ ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ اچي رھيو‪ .‬انھيَء کان پوِء ٿورو ٿورو ڪري ٻيا سندس مائٽ اچڻ‬
‫لڳا‪ .‬انھيَء وقت ڌاري ڪلھوڙا پيري مريدي به ڪندا ھئا‪ ،‬جيئن مٿي ڪلھوڙن جي بيان ۾ به چيو ويو‬
‫آھي‪ .‬ٽالپر بلوچ انھن ڪلھوڙن جا اچي مريد ٿيا‪ .‬ٻنھي کي سنڌ جي ڏکڻ يا الڙ وارا ماڻھو سرائي‬
‫سڏيندا ھئا‪ ،‬جو ھو سنڌ جي سري يا اتر کان آيا ھئا ۽ ھو ٻولي به سرائڪي ڳالھائيندا ھئا جا پنجابيَء‬
‫جھڙي آھي‪ .‬ٿورو ٿورو ٿي ٽالپرن کان بلوچڪي ٻولي ھلي ويئي ۽ ھو پنھنجن ڌڻين ۽ مرشدن واري‬
‫سرائڪي ٻولي ڳالھائڻ لڳا‪.‬‬
‫ارڙھين صدي جي پڇاڙي ڌاري مير شھداد ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ وڏو درجو پاتو ۽ دھليَء‬
‫جي بادشاھ انھيَء کي وڏي جاگير ڏني‪ .‬مير شھداد مئو به اُتي ۽ شاھپور جي ويجهو رکيل آھي‪ ،‬جنھن‬
‫کي قبا شھداد چوندا آھن‪ .‬سندس پٽ مير بھرام سندس جاِء تي مقرر ٿيو ۽ اُھو ميان نورمحمد جي مرڻ‬
‫کان پوِء به ڪلھوڙن سان ايماندار رھندو آيو ۽ ميان غالم شاھ سان گڏ رھيو‪ .‬انھيَء کان پوِء ميان سرفراز‬
‫وٽ ھو‪ ،‬جنھن ھن کي ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي مارايو ۽ انھيَء کان پوِء ميان عبدالنبي مير بھرام‬
‫جي ٻئي پٽ مير بجار خان ۽ انھيَء جي پٽ مير عبداهلل خان کي مارايو‪ ،‬جيئن مٿي بيان ڪيو ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪39‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ايڪٽيھون‬
‫مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائن جي چؤياري حڪومت‬

‫مير فتح علي خان پنھنجي خاندان ۾ تڪرار بند ڪرڻ الِء انصاف جي نظر تي سنڌ جو ملڪ‬
‫پنھنجن عزيزن ۾ ھن طرح وراھيو‪ ،‬ملڪ جا مڙئي پنج حصا ڪيائين‪ .‬ھڪڙو حصو مير سھراب خان‬
‫خيرپور واري کي ڏنائين ۽ ھڪڙو حصو مير ٺاري خان ميرپور واري کي ڏنائين ۽ ھڪ حصو الڙ وارو‬
‫مير باگي خان کي ڏنائين‪ ،‬جو مير الھيار خان جي پٽ جادو خان جو پوٽو ھو ۽ باگي جو ٽنڊو انھيَء جي‬
‫نالي جي پٺيان آھي‪ .‬باقي ٻه حصا ھن پنھنجي الِء رکيا‪ .‬ھڪڙو حصو ورھاڱي موجب ۽ ٻيو پڳ موجب‪.‬‬
‫مير باگو پنھنجو حصو نه ھالئي سگهيو تنھنڪري اھو به مير فتح علي خان وٺي پنھنجي حوالي ڪيو‪.‬‬
‫سڀئي ھن کي سنڌ جو حاڪم يا سنڌ جو رئيس سڏڻ لڳا‪.‬‬
‫مير فتح علي خان ارادو ڪيو ته سڀني شھداداڻي ميرن جو پاڻ ۾ اتفاق ٿئي ۽ اھو خاندان زور‬
‫وٺي‪ ،‬تنھن الِء ھن پنھنجا ننڍا ڀائر مير غالم علي خان ۽ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان به‬
‫پاڻ سان حڪومت ۾ شامل ڪيا‪ .‬انھن چئني گڏجي پئي راڄ ڪيو‪ ،‬اگرچ وڏو مير فتح علي خان کي‬
‫ٿي سمجه يائون‪ .‬ھنن جي پاڻ ۾ اھڙي محبت ھلي آئي جو ماڻھو ھنن کي چار يار ۽ سندن حڪومت‬
‫کي چؤياري سڏيندا ھئا‪ .‬جڏھن ڪا جنگ ٿي ڪيائون تڏھن به سڀن گڏجي ٿي ڪئي‪ .‬انھيَء ڪري‬
‫سندن دشمن ڊپ کان دٻيا پيا ھئا‪ .‬ڪراچي قالت جي خان جي ھيٺ ھئي ۽ اُتي سندس نائب رھندو‬
‫ھو‪ .‬انھيَء کي جيتي ميرن ڪراچي پنھنجي ھٿ ڪئي‪ .‬عمرڪوٽ وٺڻ جو به ارادو ڪيائون‪ ،‬جو‬
‫جوڌپور جي راجا جي ھٿ ھو‪ ،‬پر اھو ڪن ورھن کان پوِء ٽالپرن جي ھٿ ۾ آيو‪.‬‬
‫مطلب ته مير فتح علي خان ست ورھ برابر پنھنجن ٽن ڀائرن جي مدد سان چڱي حڪومت‬
‫ڪئي‪ .‬مرڻ جي وقت کان ٿورو اڳڀرو ھن وصيت ڪري پنھنجو ملڪ ٻه حصا ڪيو‪ .‬اڌ مير غالم علي‬
‫خان کي ڏنائين ۽ باقي ٻئي اڌ ۾ سندس ٻه ننڍا ڀائر حصي دار ٿيا‪ .‬مير فتح علي خان کي مير صوبدار‬
‫پٽ به ھو‪ ،‬ته به ملڪ جو ڪو حصو انهيَء کي نه ڏنو‪.‬‬
‫انھيَء وقت کان ٿورو اڳي بادشاھ تيمور شاھ مري ويو ھو ۽ سندس پٽ زمان شاھ تخت تي ويٺو‬
‫ھو‪ .‬انھيَء جي ڍل ڪن سالن جي رھيل ھئي سا به مير فتح علي خان پنھنجي جيئري ادا ڪري ويو ۽‬
‫ٻيو به ملڪ جو انتظام پوريَء طرح پنھنجي ھوندي قائم ڪري ويو‪ .‬ھن مير جي ڏينھن ۾ انگريز‬
‫سرڪار جو ايجنٽ واپاري ۽ ملڪي ڪمن جي نظر تي ڪراچيَء اچي رھيو ۽ مير انھيَء کي بچائڻ‬
‫جو انجام به ڪيو پر پوِء زمان شاھ جي چورت تي اھو بندوبست قائم نه ٿيو جنھنڪري ڪمپنيَء کي‬
‫ڏاڍو نقصان پھتو‪.‬‬
‫مير فتح علي خان سن ‪7615‬ع ۾ مري ويو ۽ خدا آباد (هي خدا آباد هالن جي ڀرسان آهي) ۾‬
‫دفن ڪيو ويو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪40‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٻٽيھون‬
‫باقي ٽن ڀائرن جي حڪومت‬

‫ٽن ڀائن مان مير غالم علي خان رئيس يا وڏو ھو ۽ ٻيا سندس ڀائيوار ۽ صالحڪار ۽ مددگار‬
‫ھئا‪ .‬ورھ کن جي اندر مير ٺاري خان جو مير غالم علي خان سان جھيڙو ٿي پيو ۽ ھو لشڪر وٺي مير‬
‫سان وڙھڻ الِء ڪاھي آيو‪ .‬جنگ ۾ مير ٺارو ڦٽجي قيد ٿي پيو‪ .‬ڪن ڏينھن کان پوِء مير ھن کي معافي‬
‫ڏئي عزت آبروَء سان ميرپور روانو ڪيو‪.‬‬
‫ٻئي سال ۾ شاھ شجاع الملڪ‪ ،‬جو زمان شاھ جي قيد پوڻ ڪري بادشاھ ٿيو ھو‪ ،‬سو وڏي لشڪر‬
‫سان سنڌ تي چڙھي آيو‪ .‬مير غالم علي خان به پنھنجو لشڪر وٺي شڪارپور ڏي ھليو‪ .‬نيٺ صلح ٿيو‬
‫۽ ميرن ڏھ لک رپيا بادشاھ کي انھيَء وقت ڏنا ۽ آئيندي پنج لک سالياني ڏيڻ جو انجام ڪيائين‪.‬‬
‫قالت ۾ به اڳوڻو خان محمد نصير مري ويو ۽ سندس ڀاڻيجو محمود خان حاڪم ٿيو ھو‪ ،‬تنھن‬
‫سان به مير صلح ڪيو ۽ کانئس سنڱ وٺي ھن سان عزازت ڳنڍيائين‪ .‬ھوڏي بھاولپور جي خان محمد‬
‫صادق ناسازي شروع ڪئي تنھنڪري سنڌ جو لشڪر مٿس ڪاھي ويو‪ .‬خان الچار ٿي صلح ڪيو ۽‬
‫سندس پٽ بھاول خان اول ۾ حيدرآباد آندو ويو‪ ،‬جو ٻارھن مھينن کان پوِء وري موٽائي موڪليو ويو‪.‬‬
‫ساڳئي سال ۾ ڪڇ ۾ ڏڪار پيو‪ ،‬اتي جا ماڻھو سنڌ ۾ اچي پنھنجا ٻار ٻچا وڪڻي ان وٺڻ لڳا‪.‬‬
‫ڪڇ جي راو ۽ انگريز سرڪار جي لکڻ تي مير غالم علي خان انھن ماڻھن کي ان خيرات ۾ ورھائي‬
‫ڏنو ۽ وڪڻل ٻار ٻچا ھٿ ڪري وري موٽائي موڪليا‪.‬‬
‫سگه وئي پوِء ميرن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ ھڪڙو عھدنامو ٿيو جنھن موجب ميرن انجام‬
‫ڪيو ته سندن وڪيل ھڪٻين وٽ ايندا ۽ رھندا ۽ مير فرينچ توڻي آمريڪن ماڻھن کي سنڌ ۾ رھڻ‬
‫نه ڏيندا‪.‬‬
‫سن ‪ 7677‬ع ۾ مير غالم علي خان شڪار ڪندي مري ويو ۽ اگرچه مير محمد جي نالي پٽ به‬
‫ھوس ته به حڪومت باقي ٻن ڀائن ھالئي ۽ انھن مان به وڏو مير ڪرم علي خان رئيس ٿيو‪ .‬ھي مير ڏاھو‬
‫۽ سخي ۽ علم دوست ۽ انصاف وارو ھو‪ .‬سندس ڏينھن ۾ ايران ۽ خراسان ۽ ايران جي بادشاھ سان به‬
‫ھن دوستي رکي‪ .‬ڪڇ سان تڪرار ھئڻ ڪري ميرن ڪڇ تي ڪاھيو پر انگريز سرڪار جي دست‬
‫اندازيَء جي ڪري صلح ٿيو‪.‬‬
‫پنجاب جو راجا رنجيت سنگھه ملتان وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو پر انگريز سرڪار جي دست‬
‫اندازيَء ڪري ھو موٽي ويو ۽ ميرن جو لشڪر شڪارپور کان موٽي آيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪41‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫ھنن ميرن جي وڏن ٻن فوتي ڀائن جي پٽن مير صوبدار ۽ مير محمد فساد شروع ڪيو ۽ ملڪ‬
‫جو حصو گهرڻ لڳا‪ ،‬تنھنڪري ھنن کي ڪي پرڳڻا جاگير ۾ مليا‪ .‬نيٺ ‪7656‬ع ۾ مير ڪرم علي‬
‫خان ڪنھن به اوال د کان سواِء وفات ڪئي ۽ فقط مير مراد علي خان حڪومت ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫ھن مير نئي سر انگريز سرڪار ۽ ايران جي بادشاھ ۽ ڪڇ جي راو ۽ پنجاب جي راجا رنجيت‬
‫سنگھه ۽ مسقط جي امام ۽ مڪي جي شريف سان دوستي رکي وئي‪ .‬ھن مير جي ڏينھن ۾ شاھ شجاع‬
‫الملڪ سنڌ ۾ آيو‪ ،‬نيٺ ‪ 75‬لک رپيا وٺي موٽي ويو‪ .‬انگريزن سان به تازا عھدناما ٿيا جن موجب‬
‫انگريزن کي سنڌ ۾ اچڻ وڃڻ جي رخصت ملي ۽ طرفين جي وچ ۾ واپار جاري ٿيو ۽ سنڌو نديَء تي‬
‫واپاري آڳٻوٽ ھلڻ لڳا‪.‬‬
‫سن ‪7633‬ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي‪ .‬انھيَء کي چار پٽ ھئا مير نور محمد خان‪ ،‬مير‬
‫محمد نصير خان‪ ،‬مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪42‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ٽيٽيھون‬
‫مير نور محمد خان ۽ مير نصير خان واري چؤياري حڪومت‬

‫مير مراد علي خان جي مرڻ تي بلوچن جي مجلس گڏ ٿي ۽ انھن جي ٺھراُء موجب ملڪ وراھي‬
‫چار حصا ڪيائون ۽ مير مراد علي خان جي چئني پٽن کي ڏنائون‪ ،‬جي گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا‪.‬‬
‫ڪي ماڻھو ھن کي پوئين يا ننڍي چؤياري سڏيندا آھن‪ .‬ساڳيَء طرح مير سھراب خان خيرپور واري به‬
‫سن ‪7631‬ع ۾ وفات ڪئي ۽ انھيَء جو ملڪ به سندس ٻن پٽن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان‬
‫کي ورھائي ڏنو ويو‪ .‬وري ميرپور واري مير ٺاري خان جو پٽ مير علي مراد خان به مري ويو ھو‪ ،‬تنھن جو‬
‫ملڪ سندس ٽن پٽن مير شير محمد خان ۽ مير شاھ محمد خان ۽ مير خان محمد خان کي ورھائي ڏنو‬
‫ويو‪ .‬انھيَء طرح ساري سنڌ ننڍن ميرن ۾ ٽڪر ٽڪر ٿي ورھائجي وئي‪ ،‬مگر سڀني ۾ مير نور محمد‬
‫خان وڏو ھو‪ ،‬تنھنڪري رئيس ٺھرايو ويو‪.‬‬
‫ھنن ميرن جي ڏينھن ۾ انگريز سرڪار کي سنڌ ۾ پنھنجي وڪيل رکڻ جي اجازت ملي ۽‬
‫ڪرنل پاٽنجر پھريون وڪيل ٿي آيو‪ .‬ھن راڄ جي پھرين چئن پنجن ورھن کان پوِء شاھ شجاع‬
‫الملڪ جنھن کي ڪابل کان ھڪالي ڪڍيو ھئائون‪ ،‬تنھن کي پنجاب جي راجا جي صالح سان‬
‫انگريز سرڪار موٽي ڪابل جي تخت تي وھارڻ جو ارادو ڪيو‪ .‬ھڪڙو وڏو لشڪر بمبئيَء کان‬
‫ڪراچيَء جي رستي سر جان ڪين جي ھٿ ھيٺ روانو ٿيو ۽ درياھ جي رستي مٿي وڃڻو ھو‪ .‬ميرن‬
‫پھرين اعتراض آندو‪ ،‬جنھنڪري انگريزي لشڪر منھڙي جو ڪوٽ ڀڃي ڪراچيَء منجھان لنگهي‬
‫اڳتي ھليو‪ .‬سرڪار جو زور ڏسي نيٺ ميرن موڪل ڏني ۽ لشڪر درياھ جي رستي لنگهي ويو‪ .‬شاھ‬
‫شجاع کي ڪابل جي تخت تي وھاري انگريزي لشڪر وري به درياھ جي رستي موٽي ھليو ويو‪.‬‬
‫سگهوئي پوِء مير نور محمد خان سن ‪7647‬ع ۾ وفات ڪئي ۽ مير نصير محمد خان سنڌ جو رئيس يا‬
‫حاڪم ٿيو‪ .‬ستت ئي مير نور محمد خان جي پٽن جي وچ ۾ ورثي تي تڪرار ٿيو‪ ،‬جنھن جو ريزيڊنٽ‬
‫ڪرنل اؤٽرم جي معرفت ٺھراُء ٿيو‪ .‬ٻئي سال ۾ سر چارلس نيپيئر وڏو ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو‪ ،‬جنھن‬
‫ميرن سان نئون عھدنامو ڪرڻ گهر يو جنھن موجب انگريز سرڪار جو سڪو حيدرآباد ۾ ھلڻو ھو ۽‬
‫ڪراچي ٺٽي سميت سرڪار کي ملڻي ھئي ۽ سبزل ڪوٽ روھڙيَء سميت بھاولپور جي نواب کي‬
‫ملڻو ھو ۽ درياھ جي ٻنھي ڀرين سان سؤ يارڊن جيتري زمين ڪاٺين وڍڻ الِء سرڪار کي ملڻي ھئي‪.‬‬
‫اھو عھدنامو ميرن پھرين قبول نه ٿي ڪيو پر پوِء نيٺ الچار ٿي قبول ڪيائون‪ ،‬ڇا الِء جو انھيَء وقت‬
‫ڌاري خيرپور جي پاسي ٻن ڀائ ن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جو تڪرار ٿي پيو ۽ حيدرآباد ۾‬
‫مير صوبدار جو ٻين سان تڪرار ٿي پيو ۽ انھن انگريز سرڪار کان مدد ٿي گهري‪ .‬مگر گهڻا بلوچ‬
‫انھي عھدنامي ت ي ناراض ٿي ريزيڊنٽ جي بنگلي تي ڪاھي آيا‪ .‬اؤٽرم صاحب الچار ٿي پنھنجو‬
‫سڄو عملو وٺي ٻن آڳبوٽن ۾ چڙھي روانو ٿيو ۽ وڃي سيوھڻ ڌاري سر چارلس نيپئر کي گڏيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪43‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق چوٽيھون‬
‫انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ‬

‫ميرن جي ھيَء ھلت ڏسي سن ‪7643‬ع ۾ سر چارلس نيپئر‪ ،‬جو خيرپور وارو تڪرار فيصل‬
‫ڪري ۽ مير مراد علي خان کي گاديَء تي وھاري موٽيو ھو‪ ،‬سو ھاڻ ڪاوڙجي پنج ھزار ماڻھو ۽ ٻارهن‬
‫توبون وٺي ھالن ۽ مٽيارين جي رستي حيدرآباد ڏانھن ڪاھي آيو‪ .‬جڏھن ھن جي منزل مياڻيَء وٽ ٿي‬
‫تڏھن ميرن ٻاويھن ھزارن جو لشڪر انھيَء کي روڪڻ الِء موڪليو‪ .‬اتي جنگ لڳي جا صبح کان وٺي‬
‫ٻنپھرن تائين ھلي‪ .‬ميرن جا پنج ھزار ماڻھو مئا ۽ انگريزن جا قريب ٽي سؤ‪ .‬نيٺ بلوچن شڪست‬
‫کاڌي ۽ مير اچي حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ ويٺا‪ .‬ٻئي ڏينھن صبح جو سر چارلس نيپئر ميرن ڏي چوائي‬
‫موڪليو ته اچي پيش پئو نه ته آٌء حيدرآباد ۾ اچي ڪوٽ توبن سان اڏائي ڇڏيندس‪ .‬جڏھن بلوچن‬
‫وڙھڻ جي نه ڪئي تڏھن الچار نصير خان پنھنجا ٻه ڀائٽيا پاڻ سان وٺي ستن اٺن ماڻھن سان جنرل‬
‫نيپئر جي تنبوَء ۾ ويو‪ ،‬وڃي ھٿيار الئي ڏنائين ۽ مٿن ھڪدم پھرو رکايو ويو‪ .‬ٽئين ڏينھن انگريزي‬
‫پلٽڻ حيدرآباد جو قلعو اچي ورتو ۽ ٺلهه تي پنھنجو جهنڊو کوڙيائون ۽ ڪوٽ جون ڪنجيون وٺي‬
‫خزانو ھٿ ڪيائون‪ .‬مير صوبدار خان ۽ مير محمد کي به نظربند ڪيائون‪.‬‬
‫ھيَء خبر ٻڌي مير شير محمد خان ميرپور مان پنج ھزار لشڪر وٺي انگريزن سان وڙھڻ الِء‬
‫ڪاھي آيو‪ .‬سر چارلس نيپئر دٻي وٽ وڃي پھتس‪ .‬چڱي جنگ لڳي جنھن ۾ مير شير محمد ھارايو ۽‬
‫پنجاب ڏي ڀڄي ويو ۽ سندس ڀاُء مير شاھ محمد قيد ٿي پيو‪ .‬في الحال سڀني ميرن کي نظربند ڪري‬
‫آڳبوٽ ۾ وجھي درياھ جي وچ تي بيھاري ڇڏيائون ۽ پوِء انھن کي بمبئيَء ڏي ڏياري موڪليائون‪ .‬اتان‬
‫پوِء اھي وري ڪلڪتي ويا جتي اٺ ورھه رھيا‪ .‬انھيَء عرصي ۾ وڏا اتي وفات ڪري ويا ۽ سندس الشا‬
‫ھتي آيا ۽ ننڍا پوِء موٽي حيدرآباد آيا‪ .‬انھيَء طرح ٽالپرن جي حڪومت ٻاھٺ ورھن کان پوِء پوري ٿي‬
‫۽ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪44‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق پنجٽيھون‬
‫ٽالپرن ميرن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬

‫ميرن صاحبن جي حڪومت اڳئين زماني جي راڄاڻي حڪومت جي نموني تي ھئي‪ .‬ھو ملڪ‬
‫جا گهڻا ڀاڱا پنھنجن سردارن کي جاگيرون ڪري ڏئي ڇڏيندا ھئا ۽ انھي جي عيوض جنگ جي وقت‬
‫ھو پاڻ به ايندا ھئا ۽ پنھنجا ماڻھو گڏ ڪري لشڪر وٺي ايندا ھئا‪ .‬مير صاحب صبح جو سوير‬
‫ڪچھري ڪندا ھئا‪ .‬ات ي ماڻھو اچي عرض احوال ڪندا ھئا‪ .‬حڪم احڪام ديوانن کان لکرائي انھن‬
‫تي پنھنجي صحيح وجهندا ھئا يا مھر ھڻائيندا ھئا‪ .‬ديوانن کان سواِء مختيارڪار‪ ،‬ڪاردار ۽ محرر‬
‫ھوندا ھئا‪ .‬مختيارڪار جو پگهار ھڪ ٻن سون جي وچ ۾ ھوندو ھو‪ ،‬ڪاردار جو ٽيھن کان سٺ تائين‬
‫۽ محرر کي ڇھه ست رپيا ملندا ھئا‪ .‬شھر جي سنڀال الِء چڀونڙائي يا يا فوجدار ھوندو ھو‪ .‬چوڪيدار‬
‫ھاڻوڪي ڪانسٽبل يا پٽيوالي وانگي ھوندو ھو ۽ ٽي يا چار رپيا پگهار ملندو ھوس‪ .‬وڏن ميرن جي‬
‫ڏينھن ۾ وڏن ڪامورن کي پگهار کان سواِء ڇھه ماھيون ۽ ساليانا به ملندا ھئا‪ ،‬۽ ڪپڙا گنديون به‪.‬‬
‫پگهار ھر مھيني ۾ نه ملندو ھو‪ ،‬چئن پنجن مھينن جو گڏي ڏيندا ھئا‪ .‬ٻين ميرن يا سردارن کي جاگيرون‬
‫ھيون مگر جھونن نوڪرن کي پينشن ڪا نه ملندي ھئي‪ .‬چڀوتڙائيَء کي سٺ ستر رپيا پگهار ملندو‬
‫ھو‪ .‬مئجسٽريٽ به ھوندو ھو‪ ،‬يعني فيصال به ڪندو ھو ۽ سزائون به ڏيندو ھو‪ .‬ھيٺانس سؤ کن‬
‫چوڪيدار يا ڪانسٽبل ھوندا ھئا‪ .‬اھو ڏوھارين کي ڏنڊ به وجهندو ھو ۽ ڪاٺ به وجهندو ھو‪ .‬چورن‬
‫کي قيد خاني ۾ وجهندا ھئا‪ ،‬۽ اتي کاڌو ڏيندا ھئن‪ .‬خونيَء کي ڦاسيَء جي سزا مير صاحب پاڻ ڏيندو‬
‫ھو‪ .‬ڪڏھن ته انھيَء جو ڏاڙھي مٿو ڪوڙائي يا نڪ چپ وڍائي‪ ،‬گڏھ تي چاڙھي بازار مان لنگهائي پوِء‬
‫معافي ڏيندا ھئس ۽ سندس مائٽن کان خون بھا وٺي ڏيندا ھئا‪ .‬ديواني ڪمن الِء ڪو سرڪاري‬
‫بندوبست ڪو نه ھو‪ ،‬راڄوڻو ۽ پنچاتي بندوبست ھو‪ .‬مسلمانن جا فيصال قاضي ڪندا ھئا‪ .‬توبخانو به‬
‫ھوندو ھو‪ ،‬پر توبون ۽ بندوقون سنڌي نموني جون ۽ ڳريون ھونديون ھيون‪ .‬آبادگارن کان في جريب تي‬
‫ٻن کان اٺن رپين تائين ڍل وٺبي ھئي‪ .‬ڪن پوکن جي ڪاردار بٽئي ڪندا ھئا‪ .‬گهر گهر تي پيشڪش‬
‫محصول به ھڪ ٻن رپين تائين ٻڌبو ھو‪ .‬اھا وصولي محرر ۽ پيادا ڪندا ھئا‪ .‬پيادن جو پگهار گهر گهر‬
‫کان پيسو يا ٽڪو وٺائي ڏيندا ھئا‪ .‬ڪپڙي ۽ ٻين واپار جي شين تي محصول ھوندو ھو‪ .‬سڪا سون ۽‬
‫چانديَء ۽ ٽامي جا ھلندا ھئا‪ .‬پيسن کان ھيٺ دمڙيون‪ ،‬ڪسيرا ڪوڏيون به ھلنديون ھيون‪ .‬علم‬
‫پڙھائڻ الِء خانگي مڪتب ھئا‪ ،‬سر ڪاري مڪتب ڪو نه ھو‪ .‬ملڪ جي سڌاري ۽ شھر جي صفائيَء‬
‫جو به ڪو بندوبست ڪونه ھو‪ .‬نه ڪي شاھي سڙڪون ُھيون‪ .‬قاصد خط آڻيندا نيندا ھئا‪ ،‬۽ انھيَء الِء‬
‫ھنن کي خانگي اجورو ملندو ھو‪ .‬ماڻھو اڪثر مفلس ھوندا ھئا‪ .‬ھندن ۾ به دولتمند ڪين ھئا‪ .‬ھندو به‬
‫پارسي پڙھندا ھئا‪ .‬ڪي ٿورا برھمڻ سنسڪرت ڄاڻندا ھئا‪ .‬پارسي پڙھڻ الِء آخوند ھئا‪ ،‬جن کي ھر‬
‫ھڪ شاگرد الِء جمعگي جو ٽڪو ۽ رپئي تائين لوازمو ملندو ھو ۽ وڏن ڏينھن تي خرچي ملندي ھئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪45‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ڇٽيھون‬
‫انگريز سرڪار جي حڪومت جو شروع ٿيڻ‬

‫سنڌ فتح ٿيڻ تي سر چارلس نيپئر سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو‪ .‬ميرن کي اٽڪل چار لک رپيا‬
‫ماھياني پينشن ڏني وئي ۽ قريب ڏيڊ لک جون جاگيرون ڏنيون ويون‪ .‬سر چارلس جي ڏنل اشتھار‬
‫موجب ٽن ھزارن جاگيردارن اچي سالم ڪيو ۽ انھن جون جاگيرون بحال رکيون ويون‪ .‬خيرپور جي‬
‫رياست مير علي مراد خان جي حوالي ڪئي وئي‪ ،‬باقي سڀ ملڪ سرڪار پنھنجي ھٿ رکيو ۽ انھيَء‬
‫کي ٽن ڪليڪٽرن يا ضلعن ۾ وراھيو ـــ ڪراچي‪ ،‬حيدرآباد ۽ شڪارپور‪ .‬ڪليڪٽرن جي ھٿ ھيٺ‬
‫وري ڊيپوٽي ڪليڪٽر رکيا ويا‪ ،‬جن کي ھڪ ھڪ ڊويزن يا ڀاڱو ڏنو ويو‪ .‬ھر ھڪ ڀاڱي ۾ وري ڪاردار‬
‫۽ سزاو لڪار رکيا ويا ۽ ماڻھن جي جان ۽ مال جي بچاَء الِء پوليس جو بندوبست رکايو ويو‪.‬‬
‫ٻئي سال ۾ سر چارلس نيپئر لشڪر وٺي بلوچستان جي سرحد وارن ٽڪرن جي ڊومڪين ۽‬
‫ڪن ٻين قومن کي مطيع ڪرڻ ويو‪ ،‬جو انھن فساد مچايو ھو ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا ھئا‪ .‬مير علي مراد خان‬
‫به مدد ڏني‪ .‬آخر فساد ڪندڙن سردارن کي گرفتار ڪيائون‪ .‬ٿورو ٿورو ڪري سنڌ ۾ سڀ ظلم ۽ فساد‬
‫بند ٿيا ۽ حڪومت آرام سان ھلڻ لڳي‪ .‬نيپئر صاحب ڪراچيَء جي بندر کي به سڌاريو ۽ ھڪڙو بند‬
‫اتي ٺھرايائين جنھن تي اڃا سندس نالو ھليو اچي‪.‬‬
‫قريب پنجن ورھن جي حڪومت کان پوِء سر چارلس واليت ڏي روانو ٿيو‪ .‬پوِء سرڪار سنڌ‬
‫بمبئي کاتي سان لڳائي ڇڏي ۽ بمبئيَء جي گورنر ھيٺ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو‪ .‬انھيَء وقت ۾ الرڊ‬
‫ايلمبرو صاحب بھادر ڪلڪتي ۾ وائسراِء ھو ۽ سر جارج ڪالرڪ صاحب بمبئيَء جو گورنر ھو ۽‬
‫مسٽر پرنگل سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ٿيو‪.‬‬
‫سن ‪7627‬ع ۾ فريئر صاحب ڪمشنر ٿي آيو‪ ،‬جو پوِء سر بارٽل فريئر ٿيو‪ .‬ھو اٺ ورھيه سنڌ ۾‬
‫رھيو‪ .‬ھن جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ گهڻا سڌارا ٿيا‪ .‬ديواني ڪم جو بندوبست ٿيو‪ .‬واپار وڌائڻ الِء ميال مقرر‬
‫ٿيا‪ .‬ميونسپالٽيون پوڻ لڳيون‪ .‬پوليس جو بھتر بندوبست ٿيو‪ .‬اڀرندو نارو نڪتو‪ .‬انگريزي اسڪول‬
‫پوڻ لڳا‪ .‬ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي ريلوي شروع ٿي ۽ ڪوٽڙي کان ملتان تائين آڳبوٽ شروع ٿيا‪.‬‬
‫تنھن کان پوِء وقت بوقت ڪمشنر صاحب ايندا رھيا‪ ،‬جن جا ناال ھيٺ اچن ٿا‪ .‬انهن مان مشھور‬
‫هي هئا‪ ،‬جي ڳچ تائين سنڌ ۾ رهيا‪ :‬سر وليم ميري ويدر صاحب‪ ،‬جو ڏھ ورھه سنڌ ۾ رھيو‪ ،‬سر ايوان‬
‫جيمس‪ ،‬جو پڻ ڏھ ورھه رھيو ۽ مسٽر ينگ ھسبنڊ‪ ،‬جو ست ورھه رھيو‪ .‬ٻيا سڀ ٿورا ورھه رھيا مگر ھر‬
‫ھڪ جي ڏينھن ۾ جدا جدا قسمن جا جدا جدا کاتن ۾ جدا جدا طرفن جا سڌارا ۽ بندوبست ٿيندا ويا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪46‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق ستٽيھون‬
‫سنڌ جا ڪمشنر صاحب ۽ انھن جي وقت ۾ سڌارا‬

‫فريئر صاحب کان پوِء ِانو رارٽي صاحب آيو‪ .‬انھيَء کان پوِء مانسفليڊ صاحب‪ ،‬پوِء سر وليم‬
‫ميري صاحب‪ ،‬پوِء ميلول صاحب‪ ،‬پوِء ارسڪن صاحب‪ ،‬پوِء پرچرڊ صاحب‪ ،‬پوِء ٽريور صاحب‪ ،‬پوِء‬
‫جيمس صاحب‪ ،‬پوِء آليونٽ صاحب‪ ،‬پوِء ونگيٽ صاحب‪ ،‬پوِء وري سر ايوان جيمس صاحب‪ ،‬پوِء‬
‫جائلس صاحب‪ ،‬پوِء ڪمن صاحب‪ ،‬پوِء ميوئر ميڪنزي صاحب‪ ،‬پوِء ماريسن صاحب‪ ،‬پوِء ينگ ھسبنڊ‬
‫صاحب‪ ،‬پوِء وري ليوڪس صاحب‪ ،‬پوِء الرينس صاحب‪ ،‬پوِء ريو صاحب ۽ ڪيڊل صاحب‪ ،‬جو ھاڻي‬
‫سنڌ ۾ آھي‪.‬‬
‫انھن ڪمشنر صاحبن جي وقت ۾ ھيٺيان سڌاري جا ڪم ٿيا‪ :‬سروي ۽ سٽلمنٽ ۽ ڍل ٻڌڻ جو‬
‫ٺھراُء ٿيو‪ .‬وڏا وڏا واھ جاري ٿيا ۽ درياھ جا وڏا وڏا بند ٺھيا‪ .‬ڪراچي جو بندر سڌريو‪ .‬فوجداري ڪم الِء‬
‫ڪورٽون مقرر ٿيون‪ .‬صدر ڪورٽ مقرر ٿي‪ .‬سڪولي کاتي زور ورتو ۽ ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي‬
‫سڪول [اسڪول] کليا‪ .‬ملڪ ۾ شاهي سڙڪون پئجي ويون‪ .‬درياهه تي گهڻين هنڌين پتڻ مقرر ٿيا‪.‬‬
‫وڏن واھن تي ۽ درياھه تي پليون پيون‪ .‬ڪراچيَء کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽريَء کان سکر ۽ سکر کان ملتان‬
‫واري الئين ۽ بلوچستان واري الئين ۽ شادي پليَء واري ۽ جوڌپور واري ۽ بدين واري ۽ ٻيون ڪي ريلوي‬
‫الئنون جاري ٿيون‪ .‬قرضي زميندارن جي الِء انڪمبرڊ سٽيٽس جو کاتو کليو‪.‬‬
‫گهوڙن جا ميال مقرر ٿيا‪ .‬ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ۽ سينيٽري ڪميٽين جو چڱو بندوبست‬
‫ٿيو‪ .‬ايگريڪلچر سڪول ۽ انجنيري سڪول ۽ ميڊيڪل سڪول ۽ ھنري سڪول جاري ٿيا ۽‬
‫ڪاليج ۽ مدرسا کليا‪ .‬جيل ۽ چرين جي اسپتال ۽ مردانون ۽ زنانيون اسپتالون ۽ جانورن جون‬
‫اسپتالون جاري ٿيون‪ .‬بمبئيَء جو گورنر صاحب بھادر ۽ وائسراِء صاحب بھادر جي ڪائونسلن ۾ سنڌ‬
‫جا ميمبر داخل ٿيا‪ .‬ٽپال ۽ تار جا کاتا مقرر ٿيا‪ .‬انھن کان سواِء ڪسٽمس يا درياھي محصول جو کاتو‬
‫۽ لوڻ جو کاتو جاري ٿيو‪ .‬امتحانن کان پوِء ڏيھي ماڻھن کي سڀني کاتن ۾ وڏن وڏن عھدن جون‬
‫نوڪريون ملڻ لڳيون‪ .‬نوٽن ۽ سٽامپن جو کاتو‪ ،‬پوليٽيڪل يا ملڪي کاتو ۽ ٻيلن جو کاتو‪ ،‬اھي سڀ‬
‫کاتا جاري ٿيا‪ ،‬جي اڃا تائين پيا ھلن‪.‬‬
‫ھن وقت سنڌ ۾ مڙئي ست ضلعا آھن يعني ڪراچي‪ ،‬حيدرآباد‪ ،‬سکر‪ ،‬الڙڪاڻو‪ ،‬نواب شاھ‪،‬‬
‫ٿرپارڪر ۽ سرحد سنڌ‪ ،‬انھن مان پھرين ڇھن ۾ ڪليڪٽر صاحب آھن ۽ پوئين ۾ ڊيپوٽي ڪمشنر‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪47‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سبق اٺٽيھون‬
‫انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت‬

‫انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ جيڪي سڌارا ٿيا تن جو نتيجو اھو ٿيو آھي جو گذريل‬
‫آدمشماريَء موجب سنڌ ۾ ڪل ٻٽيھه لک ماڻھو آھن ۽ گذريلن ڏھن ورھن ۾ اُھي قريب ساڍا ٽي لک‬
‫وڌيا آھن‪ .‬جڏھن انگريز سرڪار ٽالپرن کان سنڌ ورتي تڏھن ڏھ پندرھن لک ماڻھو مس ھئا‪ .‬آبادي‬
‫زياده وڌي آھي ۽ ڍل وغيره مان پيدائش زياده ٿي آھي‪ .‬اڳي جي به نسبت ماڻھن تي ڍل جو بار ھلڪو‬
‫ٿيو آھي‪ .‬ماڻھن جي سنڀال بھتر ٿي آھي ۽ انصاف جو بندوبست بھتر آھي‪ .‬ڏوھ اڳي کان گھٽ آھن‬
‫۽ ڏوھارين کي سزا پوري طرح ملي ٿي ۽ جيلن ۾ ھنر سيکارڻ ۾ اچن ٿا‪ .‬ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن‬
‫جي معرفت ماڻھن کي پاڻ تي حڪم ھالئڻ جو حصو ملي ٿو ۽ ڪائونسلن ۾ ميمبر ھئڻ ڪري ملڪ‬
‫جي قاعدن جوڙڻ ۾ به ھو شريڪ ٿين ٿا‪ .‬ساڳئي وقت ۾ صفائي ۽ تندرستيَء جو به بھتر بندوبست ھلي‬
‫ٿو‪ .‬اسپتالون ۽ دواخانا خلق جي الِء عام ٿي ويا آھن‪ .‬بيماريَء پوڻ وقت به پورو بندوبست ٿئي ٿو‪ .‬سيتال‬
‫جي بند ڪرڻ الِء ٽڪن جو ڪم عام ھلي ٿو‪ .‬شاھي رستا عام ٿي ويا آھن‪ .‬سڙڪن جي پاسن سان‬
‫ڇانو ۽ آسائش الِء وڻ لڳي ويا آھن‪ .‬تنھن کان سواِء ماڻھن جي خوش ڪرڻ الِء عمدا باغ موجود ڪيا‬
‫ويا آھن‪ ،‬جتي ڪو به غريب ماڻھو وڃي ويھي فرحت وٺي سگهي ٿو‪ .‬مسافري ڪرڻ جي الِء مزي‬
‫جھڙيون گهوڙ ي گاڏيون ۽ بئسڪلون ۽ موٽر گاڏيون ۽ ريل گاڏيون عام ٿي ويون آھن جن جي وسيلي‬
‫۽ آڳب وٽن ۽ جھازن ۽ ٻيڙين جي وسيلي جھڙو ماڻھن الِء تھڙو واپار الِء نھايت گهڻو سک ٿي پيو آھي‪.‬‬
‫ٽپال ۽ تار جو بندوبست اھڙو آھي جو ٽڪي پئسي جي ٽڪليَء سان گهر ويٺي خط پٽ پيا اچن ۽‬
‫لحظي ۾ پري پري جي خبر چار وٺي ٿي سگهجي‪ .‬تعليم پکيڙڻ الِء تمام گهڻا اسڪول ۽ ڪاليج ۽‬
‫مدرسا ٿي ويا آھن ۽ غريب پڙھندڙن کي مدد الِء سڪالرشپون ملن ٿيون ۽ رھڻ الِء بورڊنگ جو‬
‫بندوبست آھي‪ .‬بلڪ مذھبي تعليم الِء ملن جي مڪتبن کي به مدد ملي ٿي‪ .‬سڀ ڪنھن کي پنھنجي‬
‫مذھب تي ھلڻ جي آزادي آھي‪ .‬ڪيتريون ئي ڪلون ۽ ڪارخانا جاري ٿي ويا آھن‪ .‬جان ۽ مال جو‬
‫ھر طرح بچاُء آھي‪.‬‬
‫جڏھن اھي سک ۽ سڌارا ۽ ملڪ ۽ ماڻھن جي ھاڻوڪي حالت اڳين وقتن جي حالتن سان‬
‫مقابلو ڪري ڏسبو تڏھن سڀ ڪنھن رعيتي ماڻھوَء تي فرض ٿيندو ته ھو اھڙي عادل ۽ ٻاجھاري‬
‫سرڪار جو دل ۽ جان سان شڪرگذار رھي ۽ سندس قائم رھڻ جي خدا کان دعا گهري ۽ ھر طرح‬
‫سندس تابعدار ۽ فرمانبدار رھي ۽ ساڻس وفادار ۽ ايماندار رھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪48‬‬
‫سنڌ جي مختصر تاريخ‪ :‬مرزا قليچ بيگ‬

‫سنڌ سالمت‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬

‫سنڌ سالمت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليَء جي ڊجيٽالئيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ‬
‫آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي‪ ،‬ڇو ته تاريخ هميشه انهن‬
‫قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي‪ .‬سنڌ‬
‫سالمت پڻ پنهنجي ٻوليَء جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليَء ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي‬
‫ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نہ رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن‪ ،‬ليکڪن‪ ،‬محققن‬
‫۽ شاعرن جي علم‪ ،‬هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽالئيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾‬
‫موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيَء سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي‪.‬‬
‫اسان جي خواهش ھئي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گهر قائم ڪجي‬
‫جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن‪ .‬ڪتابن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ‬
‫آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي‬
‫ڊوائيس تي آساني سان آن الئين پڻ پڙهي سگهجي‪.‬‬
‫۽ اهو سڀ ”سنڌ سالمت ڪتاب گهر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهيو‪ .‬اميد ته سنڌ سالمت‬
‫ڪتاب گهر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نہ صرف ڀرپور الڀ حاصل ڪندا پر‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ الِء پنهنجو پورو ساٿ نڀائيندا‪.‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ‬
‫ڪريو‪:‬‬

‫‪https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪49‬‬

You might also like