You are on page 1of 105

‫ طفر حسن‬:‫رھيل قرض‬

www.sindhsalamat.com 1
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫رهيل قرض‬
‫(ڪهاڻيون)‬

‫ظفر حسن‬

‫سنڌي ساهت سال ‪1891‬ع‬

‫نيو فيلڊس پبليڪيشنس‬


‫ٽنڊو ولي محمد‪ ،‬حيدرآباد‪ ،‬سنڌ‪.‬‬
‫‪1891‬ع‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬
‫‪0202‬ع‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪2‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نيو فيلڊس پبليڪيشنس جو ٻاويهون ڪتاب‬

‫نيو فيلڊس پبليڪيشنس‬ ‫ڇپائيندڙ ‪:‬‬


‫ٽنڊو ولي محمد‪ ،‬حيدرآباد‪ ،‬سنڌ‬
‫پرفيڪٽ پرنٽرس‪ 474 ،‬صدر‬ ‫ڇپيندڙ ‪:‬‬
‫حيدرآباد‪ ،‬سنڌ‬
‫قيس ابڙو‬ ‫ٽائيٽل ڊزائن‪:‬‬
‫مارچ ‪1891‬ع‬ ‫پهريون ايڊيش‪:‬‬
‫سادي ڪاپي ‪ 10.11‬رپيا‬ ‫قيمت ‪:‬‬
‫اوچي ڪاپي ‪ 10.11‬رپيا‬
‫‪0101‬ع‬ ‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫سڀ حق ( ڪاپي رائيٽ) ظفر حسن وٽ محفوظ‬

‫‪RAHIAL KARZ (Unpaid Loan) : Short stories‬‬


‫‪By ZAFAR HASAN in Sindhi,‬‬
‫‪Published by New Fields Publications, Tando Wali‬‬
‫‪Mohammed, Hyderabad Sindh.Pakistan.‬‬
‫‪First Edition March 1981.‬‬

‫ھيُء ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ‪ ،‬سنڌ سالمت ڊاٽ‬
‫ڪام ڪراچيَء پاران پڌرو ڪيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪3‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سنڌ سالمت پاران ‪:‬‬

‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رھيل قرض“ اوهان اڳيان‬
‫پيش آهي‪ .‬ھي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪار ۽ پبلشر ظفر حسن جي ڪهاڻين جو مجموعو‬
‫آھي‪.‬‬

‫ظفر حسن سيد‪ ،‬سنڌي ٻولي‪ ،‬سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”ال شريڪ لھ“ جي حد تائين‬
‫عشق ڪيو‪ .‬انهيَء حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن‬
‫کان ڪڏهن به نه هٽيو‪ .‬ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختالف ڪندڙ ماڻهو به سندس‬
‫سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا‪.‬‬

‫ھي ڪتاب ‪1891‬ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو‪ .‬ٿورائتا آهيون سائين‬
‫ظهير احمد ڪلهوڙو صاحب جا جنهن پنهنجي ٻارن رابيل‪ ،‬شرجيل‪ ،‬ڪومل‪ ،‬عديل‪ ،‬نبيل ۽‬
‫ارسل سان گڏ ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سالمت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ‬
‫الِء موڪليو‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬


‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )‬
‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪4‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ارپنا‬

‫پيُء نذر علي سيد ‪1891‬ع‪1891...‬ع‬


‫جي هو جيئرو هجي ها تہ هي ڪتاب ڏسي‬
‫ڪيترو نہ خوش ٿئي ها‪.‬‬
‫۽‬
‫ماُء حسينا بي بي‬
‫جيڪا هي ڪتاب ڏسي ڪيترو نہ خوش ٿيندي‬
‫پر اڌ رنگ وگهي ڪجھ ڳالهائي نہ سگهندي ھئي‬
‫پر سندس اکين ۽ مرڪ مان آئون سمجهي ويندس‪.‬‬
‫جي نالي‬

‫(‪ 31‬مارچ ‪ 1891‬ع)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪5‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫فهرست‬

‫‪14‬‬ ‫(‪)1800‬‬ ‫رهيل قرض‬ ‫‪‬‬


‫‪01‬‬ ‫(‪)1807‬‬ ‫سوکڙي‬ ‫‪‬‬
‫‪02‬‬ ‫(‪)1807‬‬ ‫گناه جو ڍڪ‬ ‫‪‬‬
‫‪52‬‬ ‫(‪)1871‬‬ ‫ڀاڳ_نڀاڳ‬ ‫‪‬‬
‫‪42‬‬ ‫(‪)1871‬‬ ‫تکي اس ٿڌي ڇانو‬ ‫‪‬‬
‫‪51‬‬ ‫(‪)1875‬‬ ‫عيد جي خرچي‬ ‫‪‬‬
‫‪27‬‬ ‫(‪)1872‬‬ ‫پنهنجو پنهنجو غرض‬ ‫‪‬‬
‫‪07‬‬ ‫(‪)1877‬‬ ‫حياتي جي ٽه رقمي‬ ‫‪‬‬
‫‪78‬‬ ‫(‪)1877‬‬ ‫رات جنهين جو ماڳ‬ ‫‪‬‬
‫‪85‬‬ ‫(‪)1879‬‬ ‫ڪني پاڻي جو تالُء‬ ‫‪‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪6‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫رهيل قرض جي موٽ‬

‫اڄ مان جنهن ڪتاب ”رهيل قرض“ کي ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي آساني سان پڙهڻ الئق ڪري‬
‫ڪمپوز ۽ پي‪.‬ڊي‪.‬ايف ۾ آڻي پيش ڪري رهيو آهيان ان ڪتاب جي ليکڪ جو تعارف‬
‫ڪرائيندي‪ ،‬پنهنجي الِء اعزاز سمجهان ٿو‪ ،‬اهو آهي منهنجي استاد ”سائين ظفر حسن سيد‬
‫صاحب“ ‪ .‬سائين سان منهنجو تعلق جاگرافي ڊپارٽمنت‪ ،‬سنڌ يونيورسٽي ۾ داخال وٺندي ئي‬
‫(‪1883‬ع ) ٿيو‪ .‬جيڪو سائين جي زندگيَء جي آخري گهڙين (مارچ ‪ )1889‬تائين رهيو‪.‬‬
‫سائين جادوئي شخصيت جو مالڪ‪ ،‬خوبصورت‪ ،‬پر وقار‪ ،‬جاه جالل‪ ،‬رعبدار‪ ،‬نفاست ۽ شفقت سان‬
‫ڀرپور‪ ،‬بااصول‪ ،‬تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جو نرالو ۽ انوکو انداز رکندڙ هي شخص سچ پچ تہ هڪ‬
‫آدرشي انسان هو جيڪو دنيا جي ڪنهن نامور يونيورسٽي جوپرفيڪٽ پروفيسر لڳندو هو‪.‬‬
‫سائين جو هي ڪتاب‪ ،‬منهنجي ڪتابن پڙهڻ واري شوق جي ڪري‪ ،‬ڊپارٽمنٽ ۾ داخال وٺڻ کان‬
‫اڳ پڙهيل هيو‪ .‬پرمون سائين کي جاگرافي ڊپارٽمنٽ ۾ پروفيسر طور پڙهائيندي ۽ چيئرمين طور‬
‫ڊپارٽمنٽ جي ڪاروونهوار جي سرپرستي ڪندي ڏٺو‪ .‬سائين پنهنجي ذات ۾ پرفيڪٽ پروفيسر‬
‫۽ پرفيڪٽ منتظم هو‪.‬‬
‫سائين جي ڪهاڻين جو هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد پاران ‪ 1891‬۾‬
‫ڇپايو ويو‪ .‬هن ڪتاب تي تبصرو ان وقت جي آل انڊيا ريڊيو سروس جي سنڌي پروگرام ۾ پيش‬
‫ڪيو ويو هو‪ ،‬جيڪا پنهنجي دور جي مان ۽ مرتبي الئق ڳالهه هئي‪ .‬جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي‬
‫ڊائري ۾ ڪيو آهي‪ .‬جيڪا ڊائري سائين جي وفات کان پوء سائين جي گهر واري محترمه ميڊم قمر‬
‫ظفر صاحبہ ‪ 3002‬۾ ڇپرائي نروار ڪئي ‪ ،‬جنهن جو عڪس بہ مان هت ڏيئي رهيو آهيان‪.‬‬
‫سائين سان ڪالس روم ۾‪ ،‬جاگرافي جي ليڪچرس دوران ڪڏهن ڪڏهن سماج جي مختلف‬
‫پهلوئن جي موضوئن تي بحث ٿيندا هئا ۽ ايئن سائين سان منهنجي ويجهڙائپ وڌندي وئي ۽ پوء‬
‫جڏهن بي‪.‬ايس‪.‬سي جي رزلٽ آئي تہ اسان جي پوري ڪالس مان صرف آئون اڪيلو پاس ٿيو‬
‫هيس‪ .‬جنهن سبب بہ شايد سائين مونکي گھڻو ڀائيندو هو‪ .‬هڪ دفعي سائين مونکي پنهنجي آفس‬
‫۾ گھرائي مون کان ڪجهه ذاتي ۽ ڪجهه پڙهائي متعلق معلومات ورتي‪ ،‬جنهن ۾ مون پنهنجي‬
‫ننڍپڻ ۾ بابا سائين کان ”بٽاڻي جي انگي حساب“ ۽ ” ايڇ‪.‬وي‪.‬اٿول آلجبرا“ جي سکڻ جو پڻ ذڪر‬
‫ڪيو‪ .‬جنهن تي سائين منهنجي والد صاحب جو پڇيو تہ بابا ڇا ڪندا آهن؟ جڏهن مون پنهنجي‬
‫بابا سائين جو تعارف ڪرائي ٻڌايو تہ منهنجا بابا سائين پروفيسر آهن تہ سائين هڪدم مونکي‬
‫چيو تہ اوهان جي تعليم ۽ تربيت بهتر انداز سان تڏهن ئي ٿيل آهي‪ .‬۽ ايئن سائين سان ويجهڙائپ‬
‫اڃان وڌندي وئي‪ ،‬ڪجهه ڏينهن کان پوء سائين مونکي وري پنهنجي آفس ۾ گھرائي هڪ ڊگھي‬
‫ڪچهري جي آڇ ڪئي‪ ،‬جيڪا ڊپارٽمنٽ کان ٻاهر هجي ‪ .‬جنهن جا اصول بہ سائين پهريان ئي‬
‫طئي ڪري ٻڌايا تہ پاڻ ڊپارٽمنٽ کان ٻاهر ڪنهن هوٽل تي چانهن پيئنداسين ۽هڪ ڊگھي‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪7‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڪچهري ڪنداسين پر اصول اهو رهندو تہ گاڏي سائين جي هوندي‪ ،‬هوٽل منهنجي مرضي جي ۽‬
‫چانهن جو بل بہ مونکي (ظهير) کي ڀرڻو پوندو‪ .‬جيڪا آفر مون دل سان قبول ڪئي‪ .‬هتي اهو بہ‬
‫ٻڌائيندو هالن تہ هي اهو ٽائيم آهي جڏهن سائين ظفر صاحب ڊپارٽمنٽ جا چيئرمين نہ هئا ‪ .‬پاڻ‬
‫ان وقت جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر نذير مغل سان ڪنهن اصولي اختالف تي سائين‬
‫چيئرمينشپ ڇڏي ڏني هئائون ‪ .‬ايئن سائين ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ هوٽل تي ‪ ،‬ڊپارٽمنٽ کان ٻاهر‬
‫واري اها نرالي پهرين ڪچهري تقريبا ‪ 3‬ٻن ڪالڪن تائين هلندي رهي‪ ،‬جنهن ۾ سماج جي‬
‫مختلف موضوعن کان عالوه عشق جو موضوع بہ بحث هيٺ رهيو‪ .‬ايئن سائين سان منهنجي‬
‫ويجھڙائپ اڃان گھري ۽ گھاٽي ٿي ويئي‪ .‬پوء سائين سان ڪچهريون ٿينديون رهيون‪.‬‬
‫سائين بحيثيت استاد پنهنجي ذاتي پسند يا نا پسند تي ڪڏهن بہ ڪنهن شاگرد کي فائدو يا‬
‫نقصان نہ ڏنو‪ .‬امتحاني ڪاپين جي چڪاسڻ کان وٺي مارڪن ڏيڻ ۽ رزلٽ ٻڌائڻ تائين بہ سائين‬
‫جو بااصول انداز هوندو هو‪.‬سائين پنهنجي سبجيڪٽ جي رزلٽ جي عارضي ڪاپي ڊپارٽمنٽ‬
‫جي نوٽيس بورڊ تي لڳرائيندا هئا‪ .‬۽ ان رزلٽ شيٽ تي نوٽ لڳل هوندو هو تہ اگر ڪنهن شاگرد‬
‫کي پنهنجي مارڪن متعلق يا ڪنهن ٻئي ڪالس فيلو جي مارڪن متعلق ڪو خدشو يا‬
‫شڪايت هجي تہ هڪ هفتي اندر‪ ،‬سائين جي آفس ۾ اچي پنهنجي ڪاپي ۽ ٻئي جي ڪاپي کي‬
‫پڻ ڏسي بحث مباحثو ڪري سگھي ٿو‪ .‬ايئن اسان سائين سان پنهنجي ۽ ٻين جي ڪاپين کي‬
‫ڏسي بحث مباحثو ڪري هڪ ٻہ مارڪون وڌرائي بہ ويندا هئاسين‪.‬‬
‫امتحانن جي ٽائيم تي جنهن هال ۾ امتحان ٿيندو هو‪ .‬سائين ان امتحاني ڪمري ۾ پن ڊراپ‬
‫خاموشي ڪرائيندو هو‪ .‬امتحاني هال ۾ ڪنهن بہ ٽيچر۽ ليڊي ٽيچر کي ڪنهن بہ اهڙي بوٽ يا‬
‫سينڊل پائڻ جي اجازت نہ هوندي هئي‪ ،‬جنهن سان ٽڪ ٽڪ جو آواز اچي‪ .‬اسان شاگردن الء بہ اهو‬
‫ئي اصول هوندو هيو تہ اسان بہ اهڙي قسم جو ڪو بوٽ نہ پائي اچون جيڪو آواز ڪري‪ .‬امتحان‬
‫دوران ڳالهائڻ تہ پري‪ ،‬پر چر پر جي آواز نڪرڻ تي بہ سخت قسم جي پابندي هوندي هئي ‪.‬‬
‫ڪالس ۾ سائين ليڪچر دوران اسان شاگردن کي ڪڏهن ڪڏهن مختلف موضوئن تي پنهنجا‬
‫خيال ٻڌائيندو هو‪ .‬هڪ دفعي ليڪچر دوران امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ جو موضوع کليو مختلف‬
‫ڳالهين کان ٿيندي سائين اها ڳالهه ٻڌائي تہ مان صرف اوهان کي نہ بلڪه پنهنجي اوالد کي بہ‬
‫اها ئي تربيت ڏيندو آهيان تہ امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻي ناهي ‪ .‬رڳو ان وقت نہ جڏهن ڪاپي ڪرڻ‬
‫ئي نہ ڏني وڃي‪ ،‬بلڪه جڏهن سڀ ٻار ڪاپي ڪندا هجن پر پوء بہ اوهان کي ڪاپي ناهي ڪرڻي‬
‫‪ .‬ان جو عملي نمونو جڏهن سائين جي ڌيَء انٽر جو امتحان نذرٿ ڪاليج ۾ ڏئي رهي هئي تہ ان‬
‫وقت جو امتحاني عملو اهو ڏسي حيران ٿي ويو تہ امتحاني هال ۾ نفسانفسي جي ماحول ۾ گھڻا ئي‬
‫ٻار ڪاپي ڪري رهيا هئا مگر هڪ ڇوڪري بغير ڪنهن ڪاپي ڪرڻ جي‪ ،‬هيڏانهن هوڏانهن‬
‫ڏسڻ جي پنهنجو پيپر ڪري رهي هئي‪ ،‬اهو منظر ڏسي‪ ،‬جڏهن ان ڇوڪري کان سندس تعارف‬
‫پڇيو ويو تہ خبر پئي تہ سائين ظفر حسن صاحب جي ڌي هئي‪ ،‬سائين جي تربيت جو عملي نمونو‬
‫ڏسي پورو امتحاني عملو دنگ رهجي ويو‪..‬ان وقت اها ڳاله يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ تمام گھڻي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪8‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫مشهور ٿي هئي‪ .‬سائين اسان کي اهو بہ ٻڌايو تہ منهنجن ٻارن کي هارمونيم وڄائڻ جو شوق پڻ‬
‫آهي‪ ،‬جنهن الء سائين هڪ ٽيوٽر رکيو آهي جيڪو سائين جي ٻارن کي روزانہ شام جو هارمونين‬
‫وڄائڻ سيکاريندو آهي‪.‬‬
‫اهڙي طرح اسان سائين جا ڪالس وٺندي وٺندي ‪ ،‬ايم‪.‬ايس‪.‬سي جا امتحان ڏنا ۽ رزلٽ جو انتظار‬
‫ڪرڻ لڳاسين‪ ،‬جڏهن ايم‪.‬ايس‪.‬سي جي رزلٽ آئي ۽ مان جڏهن اها رزلٽ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي‬
‫نوٽيس بورڊ تي ڏسڻ ويس تہ اهو ڏٺم تہ اها بہ بي‪.‬ايس‪.‬سي جي رزلٽ کان مختلف نہ هئي يعني‬
‫هن دفعي بہ مان صرف اڪيلو ئي پاس ٿيل هيس‪ .‬اڃان مان اتي بيٺو ئي هيس تہ ڊپارٽمنٽ جو‬
‫پٽيوالو آيو ۽ مونکي چيائين تہ سائين ظفر صاحب اوهان جي پڇا ڪئي هئي ۽ چيائين تہ اگر‬
‫ظهير نظر اچي تہ مون ڏانهن موڪلجوس‪ ،‬مون سائين جي اهڙي نياپي تي سائين جي آفس ڏانهن‬
‫قدم وڌايا‪..‬سائين جي آفس جي دروازي تي بيهي اجازت وٺڻ کان پوء اندر داخل ٿيس ۽ سالم ڪيم‬
‫‪ ،‬سائين مونکي ويهڻ الء چيو ۽ جيئن ئي مان ويٺس تہ سائين پنهنجي مخصوص‪ ،‬نرالي‪ ،‬انداز سان‬
‫مونسان افسوس ڪندي چيو تہ مان اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ڇو جو اوهان امتحان‬
‫۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي تہ اوهان سيڪنڊ ڪالس ۾ پاس ٿيو پر پوء بہ اوهان فرسٽ‬
‫ڪالس ۾ پاس ٿي ويا‪ ...‬مان شرمندگي کان ڪنڌ جهڪائي سوري چيو‪ ،‬ڇو تہ مونکي ياد آيوتہ‬
‫فائينل ۾ سائين جو هڪڙو پيپرمون بلڪل بہ سٺو نہ ڪيو هو‪ .‬۽ ان ۾ سائينَء مونکي پاسنگ‬
‫مارڪون ‪ 11‬ڏنيون هيون‪ .‬هتي مان اهو بہ ٻڌائيندو هالن تہ منهنجن چئني سالن جي سبجيڪٽس‬
‫۾ اگر ڪنهن سبجيڪٽ ۾ وڌ ۾ وڌ مارڪون آهن تہ اهو سائين ظفر صاحب جو سبجيڪٽ آهي‪،‬‬
‫۽ اگر ڪنهن سبجيڪٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مارڪون بہ آهن تہ اهو بہ سائين ظفر صاحب جو ئي‬
‫سبجيڪٽ آهي‪.‬ايتري ۾ سائين گھنڊي وڄائي ۽ چانهن جي ٻن ڪوپن جو چيو‪......‬چانهن آئي‬
‫‪....‬سائين هڪ ڪوپ مون ڏانهن وڌايو‪ ،‬مان حيران رهجي ويس‪ ...‬ڇو جو سائين پنهنجي زندگيَء‬
‫۾ ڪنهن شاگرد کي پنهنجي آفس ۾ ڪڏهن بہ چانهن نہ پياريندو هو‪...‬خير سائين مونکي چيو تہ‬
‫اڄ اوهان ايم‪.‬ايس‪.‬سي پاس ڪري ڇڏي ۽ آفيشلي هاڻي اوهان منهنجا شاگرد ناهيو رهيا‪ ..‬سو مان‬
‫اوهان کي پنهنجي آفس ۾ چانهن پياري سگھان ٿو ‪...‬‬
‫هڪ ٻہ ڍڪ پيئندي مون ڏٺو تہ ٽيچرس آفيسز جي ڪاريڊور مان گذرندي ڊپارٽمنٽ جي هڪ‬
‫ليڊي ٽيچر ميڊم نرگس بلوچ مونکي سائين جي آفس ۾ مون کي چانهن پيئندو ڏسي‪ ،‬فورن‬
‫ڪار يڊور ۾ رڪجي واپس مڙندي حيرانگي ۾ سائين جي آفس ڏانهن آئي ۽ سائين کان اجازت‬
‫گھري اندر اچي حيرانگي مان ڏسندي اڃان ڪجھ پڇڻ تي هئي تہ ايتري ۾ سائين ڳالهه کي‬
‫سمجھندي چيو تہ مس بلوچ هاڻي ظهير پنهنجو شاگرد ناهي رهيو سو مان ظهير کي پنهنجي آفس‬
‫۾ چانهن پياري سگھان ٿو‪ ..‬ايتري ۾ ٽين چانهن بہ اچي وئي‪ .‬جيڪا ميڊم نرگس الِء هئي ‪.‬هتي مان‬
‫اهو بہ ٻڌائيندو هالن تہ ان ليڊي ٽيچر مس نرگس بلوچ سان بعد ۾ منهنجي شادي ٿي‪.‬‬
‫سائين جي هڪ بهترين ايڊمنسٽريٽر هئڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ اگر ڊپارٽمنٽ‬
‫جي چيئرمين پاران ڪو بہ سرڪيولر يا اهڙو ليٽر جيڪو هائر اٿارٽيز ڏانهن اماڻڻو هجي تہ سائين‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪9‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڪالرڪ کي پين ۽ پني سان پنهنجي آفس گھرائي پاڻ ڊڪٽيٽ ڪرائيندو هيو‪....‬ڪمال جي‬
‫انگريزي ۽ ڪمال جي ڊڪٽيشن‪ ....‬فل اسٽاپ‪ ،‬ڪاما‪ ،‬سيمي ڪولن‪ ،‬انورٽيڊ ڪاماز‪ ،‬بريڪيٽ‬
‫‪...‬مطلب پوري ڊڪٽيشن ياد ۽ اڳيان ڪالرڪ لکندو ويندو‪..‬پوء وري اهو ليٽر ڪالرڪ ٽائپ‬
‫ڪري سائين جي ٽيبل تي رکندو‪...‬سائين ان ليٽر کي پڙهندو ۽ اگر ڪا غلطي هوندي تہ ان کي‬
‫درست ڪري وري ٻيهر ٽائيپ ڪرايو ويندو تنهن کان پوء وڃي اهو آفيشلي رڪارڊ جو حصو‬
‫ٿيندو هو‪...‬اڄ جي دور ۾ اهڙي پروقارڊڪٽيشن سان آفيشل ليٽر لکرائڻ جو ڪمال ڀريو انداز سنڌ‬
‫يونيورسٽي ۾ ملڻ مشڪل آهي‪ .‬اسان شاگردن جي مختلف فارم انرولمينٽ‪ ،‬امتحاني فارم ڀرڻ‬
‫کان پوء سائين کان چيئرمين طور صحيح وٺڻ وارو مرحلو بہ ڪمال هوندو هو‪ .‬هڪ هڪ لفظ جي‬
‫اسپيلنگ چيڪ ڪرڻ‪ ،‬فارم جو هر ڪالم کي پراپرلي ڀرڻ اسان سائين کان سکيو‪ .‬ان وقت جي‬
‫يونيورسٽي انتظاميه جنهن مالزم جي آفيشل ڪم ڪار جي تربيت ڪرائڻ مقصود هوندي هئي‬
‫تہ ان مالزم جي ٽرانسفر جاگرافي ڊپارٽمنٽ ڪئي ويندي هئي‪..‬‬
‫سائين جي بهترين ايڊمنسٽريشن ۾ گھڻي عرصي تائين رهندي مون ڊپارٽمنٽ ۾ ٻہ ٻيا مالزم بہ‬
‫ايئن ئي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پرفيڪٽ ڏٺا جن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو‪.‬‬
‫هڪ ڊپارٽمنٽ جو پٽيوالو اسلم جنهن کي مان پرفيڪٽ پٽيوالو سڏيندو هئس‪ ،‬جيڪو جاگرافي‬
‫ڊپارٽمنٽ مان ئي رٽائر ٿيو‪..‬۽ هن وقت هن دنيا ۾ اسان سان گڏ موجود ناهي ‪...‬ٻيو ڪالرڪ نور‬
‫محمد لغاري جيڪو بہ پرفيڪٽ ڪالرڪ نظر ايندو هو ‪.‬‬
‫سائين سان گڏ گذاريل ڊپاٽمنٽ جون پڪنڪون بہ يادگار آهن بس جي اندر ڪنهن شاگرد کي‬
‫سگريٽ ڇڪڻ جي اجازت نہ هوندي هئي پر مزيدار ڳالهه تہ اگر بس جو ڊرائيور يا ڪلينر‬
‫سگريٽ ڇڪندڙ هوندو تہ جڏهن هو سگريٽ ڇڪڻ چاهي تہ بس کي روڪي سائيڊ تي بيهاري‬
‫۽ پوء بس کان ٻاهر وڃي سگريٽ ڇڪي اچي ۽ پوء اچي بس هالئي‪..‬سائين جي هوندي بس ۾‬
‫سگريٽ ڇڪڻ جي منع هوندي هئي‪..‬جڏهن پڪنڪ تي جاگرافي ڊپارٽمنٽ کي وڃڻو هوندو هيو‬
‫تہ يونيورسٽي انتظاميه پريشان ٿيندي هئي تہ بس جو ڊرائيور اهڙو موڪلڻو پوندو هيو جيڪو‬
‫سگريٽ ڇڪيندڙ نہ هجي يا سگريٽ ڇڪڻ جو روزو رکڻ اچيس‪.‬اها ڳالهه يونيورسٽي جي ان‬
‫دور جي آفيشل رڪارڊ جو حصو آهي‪..‬‬
‫سائين جو اصول پسندي ۽ ايمانداري جو اندازو ان مان لڳايو تہ ‪ 80‬جي دور پگھارن جا بل مينيوئلي‬
‫ڀريا ويندا هئا ۽ جيڪي استاد يونيورسٽي جي ڪالوني ۽ رهندا هئا تہ انهن جي گھر جو ڪرايو‪،‬‬
‫بجلي جي بل جي ڪٽوتي ۽ اگر ان استاد وٽ ايئرڪنڊيشن آهي تہ هر ايئرڪنڊيشن الِء فڪس‬
‫رقم ڪٽي ويندي هئي ان وقت سائين جي گھر ۾ ٻہ ايئرڪنڊيشن هئا‪..‬سائين ايمانداري سان ٻن‬
‫ايئرڪنڊيشنز جا پئسا پهنجي پگھار مان ڪٽرائيندو هو‪....‬مان پرسنلي ان وقت بہ کوڙسارن اهڙن‬
‫پروفيسرن کي سڃاڻيندو هيس جن جي گھر ۾ ٻہ ٽي ايئرڪنڊيشن موجود هوندا هئا ‪ ،‬مگر انهن‬
‫هميشه سرڪاري رڪارڊ ۾ هڪ ايئرڪنڊيشن ڏيکاري هڪ ئي ايئرڪنڊيشن جا پئسا پنهنجي‬
‫پگھار مان ڪٽرائيندا هئا‪ ...‬بلڪه سائين ال ڪجھ نازيبا جمال بہ چئي ڇڏيندا هئا‪...‬ان وقت‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪10‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫پي‪.‬ٽي‪.‬وي تان گورنمينٽ جي هڪ ايڊورٽائيز ايندي هئي تہ شام ‪ 6‬وڳي کان رات ‪ 8‬وڳي تائين‬
‫ايئرڪنڊيشنز جو استعمال گھٽ ڪيو تہ سائين فڪس بل ڀرڻ باوجود ان ڳالهه تي سختي سان‬
‫عمل پيرا ڪندا هئا ۽ انهي ٽائيم تي ايئرڪنڊيشن نہ هالئيندا هئا‪...‬‬
‫ڪليگ طور سائين کان مان تمام گھٽ عرصي ۾ تمام گھڻو ڪجهه سکيو‪....‬ڪالس ۾ پڙهائڻ‪،‬‬
‫امتحاني پيپر تيار ڪرڻ‪ ،‬شاگردن جون ڪاپيون چيڪ ڪرڻ‪ ،‬مارڪون ڏيڻ‪ ،‬پنهنجي ڊيوٽي‬
‫ايمانداري سان ادا ڪرڻ‪ ،‬مطلب تہ سائين جي شخصيت مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو ۽ سائين‬
‫سان ايئن گڏ گذاريندي منهنجي ذات ۽ شخصيت ۾ بہ سائين جو رنگ ۽ اثرٿيو‪.‬‬
‫سائين جي شخصيت الءآخر ۾ بس ايترو چوندس تہ مان سنڌ يونيورسٽي ۾ بطور ريسرچ‬
‫ايسوسئيٽ ‪ 2‬سال پڙهايو آهي‪ .‬مهراڻ يونيورسٽي ۾ بطور وزيٽنگ ٽيچر ‪ 19‬سال پڙهايو آهي‪ ،‬۽‬
‫ڪاليج سائيڊ گورنمنٽ آف سنڌ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪاليج ۾ ‪ 18‬سالن کان تدريس سان‬
‫وابستہ آهيان‪ .‬مطلب تہ نومبر ‪ 1881‬کان وٺي اڄ تائين يونيورسٽيز ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائيندي‬
‫پڙهائيندي مون کي االئي ڪيترن اهڙن پروفيسرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪي‬
‫آمريڪا‪ ،‬يورپ‪ ،‬مالئيشيا‪ ،‬چين مطلب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پي‪.‬ايڇ‪.‬ڊي هئا ۽ اپگريڊ ٿيڻ‬
‫کان پوء ‪ 31‬اسڪيل تي بہ پهتا م گر سائين ظفر حسن صاحب واري نفاست‪ ،‬وقار اٿڻ‪ ،‬ويهڻ‪ ،‬هلڻ‪،‬‬
‫ڳالهائڻ‪ ،‬ڪپڙن پائڻ جو ڍنگ‪ ،‬تعليم‪ ،‬تربيت ڏيڻ وارو انوکو ۽ نرالو انداز‪ ،‬نفاست ۽ پر وقار بيهڪ‬
‫مون پري پري تائين بہ محسوس ناهي ڪئي‪ ...‬تقريبا ‪ 9‬سالن جي جاگرافي ڊپارٽمنٽ ۾ شاگردي‬
‫جي دور کي پوري ڪرڻ کان پوء مون پنهنجي هر استاد کان پنهنجن گذاريل ‪ 9‬سالن بابت ڊائري‬
‫تي رايا ورتا هئا ‪ ،‬جنهن ۾ سائين ظفر حسن سيد صاحب جا پنهنجي هٿ اکر سان ڊائري ۾ لکي‬
‫ڏنل ڪمنٽس جو عڪس پڻ رکان ٿو‪ .‬هو عجيب انسان هو‪ ،‬هو سمپورڻ استاد ۽ منتظم هو ۽‬
‫سندس سحرڀري شخصيت جي مڻيا جي سڳنڌ صدين تائين سماج کي واسيندي رهندي‬
‫آئون ٿورائتو آهيان نوراحمد جنجهيَء جو جنهن هن ڪم الِء مونکي نہ رڳو اتساهيو ۽ مواد‬
‫چڪاسڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي‪ .‬ان کانسواِء منهنجي ٻارن رابيل‪ ،‬شرجيل‪ ،‬ڪومل‪ ،‬عديل‪ ،‬نبيل ۽‬
‫ارسل جن ڪمپوزنگ ‪ ،‬ڊرافٽنگ ۾ منهنجي هٿ ونڊرايو ۽ سنڌ سالمت جي محترم سليمان وساڻ‬
‫سنڌ سالمت وسيلي هن ڪتاب کي سافٽ روپ ۾ پڌرو ڪيو‪.‬‬
‫ٿورا نہ ٿورا ‪ ،‬مون تي ماروئڙن جا‬
‫ٿر ۾ واري ٿورڙي تهان ئي گهڻيرا‬
‫ڀاليون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا‬

‫ظهير احمد ڪلهوڙو‬


‫اسسٽنٽ پروفيسر‬
‫گورنمنٽ بوائز ڪاليج‪ ،‬قاسم آباد‪ ،‬حيدرآباد‪.‬‬
‫‪geogzaheer@gmail.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪11‬‬
‫ طفر حسن‬:‫رھيل قرض‬

www.sindhsalamat.com 12
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ظفر حسن‬
‫رهيل قرض‬

‫ظفر حسن پٽ نذر علي سيد‪ 12 ،‬آگسٽ ‪ 1811‬ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو هو ڳوٺ قطب‬
‫شاه‪ ،‬کٽياڻ روڊ ريلوي اسٽيشن حيدرآباد تعلقي جو رهندڙ آهي‪ .‬پرائمري تعليم واڻڪي وسي‬
‫تعلقو حيدرآباد ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول‪ ،‬ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ ۾ ورتي ۽‬
‫‪ 1821‬ع ۾ چوٿون درجو سنڌي پاس ڪيو‪ .‬حيدرآباد سنڌ جي تعليمي ادارن نور محمد هاء اسڪول‬
‫(مئٽرڪ‪ 1892 :‬ع )‪ ،‬گورنمينٽ ڪاليج اڳوڻو ڊي‪.‬جي نئشنل ڪاليج (انٽر آرٽس‪ 1891 :‬ع) ۽‬
‫سنڌ يونيورسٽي (بي‪.‬اي آنرز ‪ 1898‬ع ۽ ايم‪.‬اي ‪ 1861‬ع ) ۾ تعليم ورتي‪1861 .‬ع ۾ ئي سنڌ‬
‫يونيورسٽي ۾ جاگرافيَء ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ هاڻي ائسوسي ايٽ پروفيسر آهي‪ .‬انهي وچ ۾ ‪1811‬ع‬
‫کان ‪1818‬ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو‪.‬‬
‫ڪاليج مخزن ”ڦليليَء“ ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ‪1899‬ع ڌاري شايع ٿي پر باقاعدي لکڻ جي‬
‫شروعات پهرين ڪهاڻي ”رهيل قرض“ سان ‪1866‬ع ۾ ڪئي‪ .‬ساهت ۾ ڪهاڻين کان سواء کل ۽‬
‫ٽوڪ بہ لکي اٿس‪ .‬تنهن کان سواء ڪجھ اخباري ڪالم‪ ،‬خاڪا‪ ،‬مضمون ۽ تنقيد بہ لکي اٿس‪.‬‬
‫ڌرتي ڪتابي سلسلي جا چار ڪتاب‪ ،‬عالمي ادب (ولي رام ولڀ سان ) سهڻي پبليڪيشن (طارق‬
‫اشرف ۽ نسيم احمد کرل سان) سماجي سائنسون (اعجاز قريشيَء سان) ترتيب ڏنا اٿس مئگزن جو‬
‫بہ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي‪.‬‬
‫”رهيل قرض“ سندس پهريون ڪتاب آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪13‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫رهيل قرض‬

‫ان مهل سج ڪاپار تي اچي چڪو هو‪ .‬گرمي تہ دنگ ڪري چڪي هئي‪ .‬چوپاسي وايو منڊل ۾‬
‫موت جهڙي سانت هئي‪ .‬هوا بنھ بند هئي‪ .‬وڻ ٽڻ پنڊ پهڻ بنجي چڪا هئا‪ .‬رڳو ڪنهن ڪنهن مهل‬
‫ڪانگن جي ڪان ڪان ۽ ٻين پکين جون ٻوليون حياتيَء جو ثبوت ڏئي رهيون هيون‪ .‬مرزو پاڻي‬
‫ورائي اچي وڻ جي ڇانو هيٺ ويٺو هو‪ .‬سندس وارو اڄ ٻن پهرن کان شروع ٿيو هو‪ .‬پاڻي وائيندي‬
‫هن کي ڪيڏو نہ آرام آيو هو‪ ،‬جڏهن پاڻيَء ۾ گھڙي هن ٻہ ٽي ڪوڏر جا الپا هڻي‪ ،‬پنهنجي ٻنيَء‬
‫۾ پاڻي ڇڏيو هو‪ .‬هو گھري ها تہ سڪيَء کان ئي پاڻي ورائي ها‪ ،‬پر اهڙي سخت گرميَء ۾ هن ڄاڻي‬
‫واڻي واٽر ۾ گھڙي ووئنڻن ۾ پاڻي ڇڏيوهو‪ .‬اوڏيَء مهل گرميَء جي شدت ڪارڻ هن کي گھڙي کن‬
‫الء ويچار آيو هو تہ ”جيڪڏهن مينهن جا ٻہ ٽي ڦڙا پئجي وڃن تہ واه واه‪ “.‬پر وري جو وونئوڻن‬
‫تي نظر پئي هئس جي گل ڪڍيو بيٺا هئا‪ ،‬تہ ڌڪ گھٽ ڏڪي ويوهو‪ ،‬سندس دل مان آواز نڪتو‪:‬‬
‫”نہ منهنجا موال نہ‪ ،‬هينئر مينهن نہ وسائجئين‪ ،‬ڀل ان کان بہ وڌيڪ گرمي ٿئي‪ .‬پر هاڻي جي مينهن‬
‫وسيو تہ جھڳوئي جھڻ ٿي ويندو‪ “.‬پر االئي ڇو مرزو ڊڄي ويو‪ .‬سندس اکين آڏو وڏيرو خير محمد‬
‫ڦري ويو‪ ،‬۽ ڪنن ۾ وڏيري جي‬
‫ڪمدار علي محمد جو آواز وڄڻ لڳو‪” :‬هن ڀيري ڦٽين مان تقاوي نہ الٿئي تہ وڏيرو بنڊ رالئي‬
‫ڇڏيندئي‪ .‬مرزي کي اچي ڊپ ورايو‪ ،‬هن جي چوڻ سان مينهن تو ڪونہ وسندو‪ ،‬پر هن کي ائين‬
‫محسوس ٿيڻ لڳو جيئن مينهن کي هن جي حڪم جو اوسيئڙو هجي‪ ....‬هن بس سوچيو ۽ مينهن‬
‫پيو! پر وري پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ڏيڻ لڳو‪ :‬ائين هجي ها تہ سوير نہ مينهن پري ها‪ ،‬جڏهن هن مسيت‬
‫۾ نماز پڙهي هئي ۽ اهلل سائين کان دعا گھري هئائين!‬
‫هو وڻ جي ڇانو هيٺ ويٺي ويٺي اهو ئي سوچي رهيو هو‪ .‬پر هاڻي مينهن جو ويچار بہ کيس دل ۾‬
‫ڪونہ هو‪ .‬هن‬
‫پنهنجي وونئ ڻن کي ڏٺو‪ ،‬جيڪي ڏينهون ڏينهن ڀال ٿيندا پئي ويا‪ .‬گلن مان اندازو لڳايو هئائين تہ‬
‫هن ڀيري جو فصل پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندو‪ .‬هن سال هن زمين تي ڏاڍي محنت ڪئي هئي‪.‬‬
‫پوين ٻن سالن جي بي مندائتي مينهن هڻي فصل جي الک الهي ڇڏي هئي پر هن سال هو قرض‬
‫الهي ڇڏيندو‪ .‬هن چوپاسي نظر ڊوڙائي تہ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي هئي‪ .‬وونئڻن‬
‫جي وچ ۾ ڪي ڪي نمبر غير آباد پيا هئا‪ ،‬جتي ڪڻڪ پوکي ويئي هئي اتي هينئر ويراني هئي‪.‬‬
‫اڻ پوکيل نمبر ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا‪ .‬بس ائين لڳي‬
‫رهيو هو تہ زمين تي ڍڪيل سائي چادر ۾ ڪٿي ڪٿي اڇيون چتيون لڳيون پيون هيون‪ .‬وري ايندڙ‬
‫مند زمين چادر بدالئيندي ۽ جتي اڇيون چتيون آهن اتي ساوڪ ٿي پوندي ۽ جتي هينئر ساوڪ‬
‫آهي اتي اڇيون چتيون هونديون‪ .‬بس ائين هر مند زمين پئي پنهنجو ويس مٽائيندي‪ .‬هن پنهنجي‬
‫قرض جو حساب ڪيو‪ :‬هي ٽيون سال هو جو هن تقاوي ورتي هئي‪ ،‬پوين تقاوين الهڻ کان سواء‬
‫پهرئين سال ٻہ سو روپيا‪ ،‬گذريل سال سو روپيا‪ ،‬هن سال سوا سو روپيا‪ ،‬ڪل ٿيا سوا چار سو روپيا ۽‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪14‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫تنهن کان سواِء هن سال جو سندن ڍڳي چورائجي ويئي هئي‪ ،‬ان جو ڀنگ بہ وڏيري کان اوڌر وٺي‬
‫ڏنو هئائين‪ .‬اها بہ وڏيري کي شابس جو ڍڳي ورائي ڏني هئائينس‪ .‬سوا پنج سو روپيا قرض ڪيئن‬
‫لهندو‪ ....‬هو وري سوچ ۾ ٻڏي ويو‪ .‬هن کي پنهنجي تباهي‬
‫نظر اچڻ لڳي‪ ،‬هو تصور ۾ پاڻ کي گھر ٻار سوڌو لٽجندي نظر اچڻ لڳو‪ .‬هن سوچيو‪ :‬پاڻ پيسا کائي‬
‫ڀڄي بہ تہ سگھيو ٿي‪....‬‬
‫پر جيڏانهن بہ وڃي وڏيرو کيس سوگھو ڪرائي سگھي ٿو‪ .‬هن وري سوچيو‪ :‬نہ پر هن سال فصل‬
‫ڀلو ٿيندو‪ .‬ڦٽيون سندس منو قرض الهي وجھنديون‪ .‬هوڏانهن پٽس مال چاري مهيني سر ٽيه پنجٽيه‬
‫روپيا ڪمائي ڏيندو هوس‪ .‬اتان مڙيئي سو روپيا کن ميڙيا هئائين‪ .‬مڙيئي موال چڱي ڪندو‪ .‬سوچ‬
‫۾ وهڪرو وهندو ٿي ويو‪ ،‬پنهنجي سوال کان پاڻ ئي ڊنو ٿي‪ ،‬۽ پنهنجي وراڻيَء کان پاڻ ئي راضي‬
‫بہ ٿي‪ ،‬ٿي ويو‪ .‬هن کي وڏيري کان انهيَء ڪري بہ وڌيڪ ڊپ هو جو جڏهن کان ساران سامائي هئي‬
‫تڏهن کان وڏيري جون منجھس اکيون هيون‪ .‬جي ڌيڻس جوان نہ هجي ها تا دينوَء کي ڪڏهن بہ‬
‫پڙهائي نہ ڇڏرائي ها دينوَء ۾ کيس جيڪي آسون هيون سي سڀ مٽيَء ۾ ملي ويئس‪ ،‬دينو ٽئين‬
‫درجي ۾ هو جڏهن هن اسڪول مان ڪڍرايس زوري تعليم هئي‪ .‬پر چئو چواُء ڪرائي تہ دينو چريو‬
‫آهي اسڪول مان ڪڍرائي وڃي مال چارڻ تي رکيائينس‪ .‬انگريزي پڙهائڻ الء ٽنڊي موڪلڻ هن‬
‫جي هونئن بہ وس وٽان نہ هو‪ ،‬۽ هوڏانهن تقاوي تي تقاوي چڙهندي پي ويس‪ .‬ڳوٺ جا اڌ ڇوڪرا‬
‫بہ ائين اسڪول مان جند ڇڏايو ۽ وڃي مائٽن سان ٻانهن ٻ يلي ٿيو‪ ،‬ٻنين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا‪...‬‬
‫اهي بہ دينوَء‬
‫وانگر چريا ئي هئا!‬
‫سج هاڻ هوريان هوريان اولهه طرف لڙي رهيو هو‪ .‬ڏينهن پنهنجي حياتيَء جي آخري پهر ۾ پهچي‬
‫چڪو هو‪ .‬مرزو هڪڙي ٻاري مان ٻي ٻاري ۾ پاڻي ڇڏي رهيو هو‪ .‬جڏهن ٻنو ڪٽي سڌو ٿيو ۽ اوچتو‬
‫جو اوڀر پاسي نظر پيس تہ گھڙي کن الء هن جون نطرون اتي ئي ڄمي ويون‪ .‬هن کي ويساه ئي نہ‬
‫آيو‪ .‬هن پيشانيَء تي گھنج آڻي اکيون چنجھيون ڪري تکي اس جي اثر کان بچندي وري ڏسڻ‬
‫جي جاکوڙڪئي‪ .‬پريان نيري اجري آڪاس تي ميرنجھڙو داغ نطر اچي رهيو هو‪ .‬هو ڌڪ گھٽ‬
‫ڏڪي ويو‪” .‬ڪڪر!‪ ....‬نہ نہ‪ ،‬ڪڪر ڪونهن‪ “.‬هن وري دل کي آٿت ڏني‪” :‬ريل گاڏيَء جو دونهون‬
‫آهي‪ ،‬ٽيشڻ بہ تہ انهيَء پاسي آهي‪ “.‬پر اهو ويچار کيس دالسو نہ ڏئي سگھيو‪ ،‬پريان ميرانجھڙو داغ‬
‫الهه دين جي ديو وانگر وڌندو ٿي آيو‪ .‬هن کي محسوس ٿيو تہ سوين جيت سندس ماس پٽي رهيا‬
‫آهن‪ .‬جيتوڻيڪ ڪجهه دير اڳ ۾ پاڻي پيتو هئائين پر نڙي اهڙي بٺ ٿي ويس ڄڻڪ پاڻي پيتي‬
‫ڄمار گزري ويئي هجيس‪ .‬اهو دور ٿوڙيَء دير ۾ نيري آسمان کي ڳڙڪائي ويو‪ .....‬چوپاسي اونداه‬
‫انڌوڪار‬
‫ڇانئجي ويئي‪ .‬جهڪ لڳي‪ ،‬اهڙي ڌڌڙ اٿي جو هو اکيون کولي نہ سگھيو‪ ،‬ٻير کي جھلي بيهي رهيو‪.‬‬
‫دل ئي دل ۾ دعا گھرڻ لڳو‪” :‬ڀلي جھڪ لڳي پر مينهن نہ وسائجئين منهنجا موال‪ “.‬پر سندس دعا‬
‫نہ اگھاڻي‪ .‬هوڏانهن هن دعا گھري تہ هيڏانهن مينهن جي سٽ سٽ شروع ٿي ويئي‪ .‬وڏڦڙو مينهن‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪15‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫____ هڪ هڪ ڦڙو رپئي جيڏو‪ .‬هو هڪدم ڊوڙيو ۽ واٽر مان وونئڻن ڏي پاني بند ڪري ڇڏيائين‪،‬‬
‫پوِء آخري ٻاري کي اليو ڏيئي پاڻي غيرآباد ٽڪر ۾ ڇڏي ڏنائين هن کي خبر هئي تہ جي مينهن کان‬
‫فصل پڇيو‪ ،‬تہ گھڻو پاڻي ساڙي وجھندس‪ .‬هن جا نمبر اڳي ئي هيٺائين ۾ هئا‪ .‬خبر هئي تہ جي‬
‫مينهن کان فصل بچيو‪ ،‬تہ گھڻو پاڻي ساڙي وجھندس‪ ،‬هن جا نمبر اڳي ئي هيٺائين ۾ هئا‪.‬‬
‫رات جو هو جيڏي مهل ماني کائڻ ويٺو تہ گراهه نہ ڳيسجيس جيئن تيئن ڪري کير جو وٽو‬
‫پيتائين‪ .‬دينو دريَء کان ٻاهران تڏي جو ٽڪر لڳائڻ ويو هو‪ .‬اڃان تائين مينهن بس نہ ڪئي هئي‪.‬‬
‫ڇت مان پاڻي ٽمي نہ‪ ،‬پر وسي رهيو هو‪ .‬سڀني جو منهن لٿل هو‪ ،‬مس مس فصل ڀلو ٿيو هو تہ مينهن‬
‫هاڃا ڪري ڇڏيا‪ .‬پر مرزي جي من ۾ ڊپ ٻيوئي هو‪ ،‬سا گھر جي ڪنهن ڀاتيَء کي خبر نہ هئي‪ .‬هن‬
‫کي سارآئي تہ جڏهن هو ٻنيَء ۾ هر کيڙي رهيو هو ۽ ساران ماني کڻي آئي هئس‪ ،‬اوڏيَء مهل وڏيرو‬
‫بہ اتان اچي لنگھيو هو‪ .‬هو هر ڏسڻ آيو هو‪ .‬مرزي وڏيري کي ڏسندي ئي هٿ ٻڌي کيڪاريو هو‪.‬‬
‫”سائين بسماليون‪“.‬‬
‫رئيس ڪنڌ ڌوڻي سالم جو جواب ڏنو ۽ مرزي کان پڇڻ لڳو‪:‬‬
‫”ڪائون هر آهي؟“‬
‫”سائين ٻيلھه پوري ڪئي اٿم“ مرزي جواب ڏيندي جڏهن وڏيري ڏانهن نهاريو‪ ،‬تڏهن وڏيرو ساران‬
‫ڏانهن نهاري رهيو هو‪ ،‬جا وڏيري جي رعب کان ڊڄي کيس کيڪارڻ تہ ڇا پر نهاري بہ نہ سگھي‬
‫هئي‪ .‬وڏيري جي اکين ۾ اهڙي چمڪ اچي ويئي‪ ،‬جهڙي ڪتي جي اکين ۾ شڪار کي ڏسي اچي‬
‫‪ .....‬وڏيري‪ ،‬علي محمد ڏانهن نهاريو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڄڻ هڪ ٻئي سان ڳالهائي ورتائون‪ .‬علي‬
‫محمد‪ ،‬وڏيري جو ڪمدار هو‪ ،‬رئيس جي حڪم جو غالم‪ .‬مرزو رئيس جي نيت سمجھي ويو‪ ،‬۽‬
‫هڪدم چوڻ لڳو‪:‬‬
‫”نينگر آهي‪ ،‬سو سائينجن کان ڊڄي ٿي‪ “.‬وري ڌيَء کي چوڻ لڳو‪” :‬ساران ڊڄ نہ‪ ،‬وڏيرو پنهنجو ابو‬
‫آهي‪ “.‬االئي‬
‫ڇو وڏيري جي منهن تي گھنج پئجي ويا ۽ علي محمد کي شام جو ملڻ الء چوندي حويلي ڏانهن‬
‫منهن ڪيو‪.‬‬
‫بس انهيَء ڏينهن کان وٺي حالتون بدلجي ويون‪ .‬مرزو جيڪا‬

‫تقاوي گھري سا مليس‪ .‬جيڪا رعايت گھري اها منظور‪ .‬هو زماني جو ماڻهو هو‪ ،‬سڀ‬
‫سمجھي ويو‪ .‬پر ڪڏهن بہ حويليَء ڏانهن ساران بنا ماُء جي نہ وئي‪ .‬هو هيستائين پنهنجي لڄ بچايو‬
‫پئي آيو‪ ،‬پر مينهن هڻي کيس ڊاهي وڌو‪ .‬هو هاڻي پنهنجي عزت برباد ٿيندي ڏسي رهيو هو‪ .‬پنهنجي‬
‫مرڻينگ ڍڳي وڪڻي تہ بہ سو ڏيڊ کان مٿي مس ملندس‪ ،‬۽ هوڏانهن رڳو سو کن رپيا بچائي رکيا‬
‫هئائين‪ ،‬سوا پنج سو قرض مان ٻہ اڍائي سو ڏيئي جند ڇڏائڻ اڻ ٿيئڻ هو‪ .‬هاڻي وڏيرو کيس ڪونہ‬
‫بخشيندو‪ .‬هاڻي تہ پاڻ وڏيري کي بهانو اچي ويو‪ ،‬سو يا تہ پيسا گھرندس يا‪...........‬سوچيندي‬
‫سوچيندي سندس اک لڳي ويئي‪ .‬سڄي ڏينهن جو ٿڪل هو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪16‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫لڳاتار مينهن پوندو رهيو‪ ،‬هن کي محسوس ٿيو تہ مينهن ڪو رڳو هن کي برباد ڪرڻ الء وسي رهيو‬
‫آهي‪ .‬هاڻي جتي ڪٿي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هو‪ .‬جھڪ ۽ پنجن ڇهن ڏينهن جي مينهن فصل کي‬
‫تباه ڪري ڇڏيو هو‪ .‬رڳو پاڇاٽا وونئڻ جن ۾ گل اڃان ڪونہ ٿيا هئا‪ ،‬سي ڪجھه بچي ويا هئا‪.‬‬
‫مرزو سوچي رهيو هو‪ ،‬اهو ساڳيو مينهن جي گل ٻاٽيَء کان پهرين پوي ها‪ ،‬تہ فصل کي چوٽ چاڙهي‬
‫ڇڏي ها‪.‬‬
‫”پر الھه ڪٿي ٿو مهل تي ٻڌي‪ “.‬هو ڏينهن رات پنهنجي ٻنيَء تي همراهن سان گڏجي پاڻي ڪڍندو‬
‫رهيو پر نيٺ پاڻي وڃي ڪيڏانهن! اکين ۾ ڳوڙها تري آيس‪ .‬سندس سموري محنت برباد ٿي ويئي‪.‬‬
‫هن لڪن ۽ جھولن ۾ هر ڪاهي زمين ٺاهي هئي ڏينهن رات وونئڻن تي محنت ڪئي‪ .‬پر‬
‫مينهن‪.......‬‬
‫سڀني هارين جا منهن لٿل ه ئا‪ .‬رڳو ٻن ٽن هارين جي فصلن کي مڙيئي گھٽ نقصان رسيو هو‪.‬‬
‫ڪجھ ڏينهن کان پوء حالتون ساڳيون موٽي آيون‪ .‬هارين وري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو‪ .‬هن بہ‬
‫پنهنجي رهيل کيل فصل مان پاڻي ڪڍيو‪ .‬روپئي مان ٻہ ٽي آنا فصل جي آس مس هئس‪ .‬ان صبح‬
‫جو جڏهن هن گھر الء ڪاٺيون پي سڪايون‪ ،‬تہ علي محمد سندس ڳوال ۾ اچي نڪتو‪ .‬خوش‬
‫کيڪار کان پوء علي محمد وڏيري جو حڪم ٻڌايس‪.‬‬
‫” حويلي مينهن ۾ خراب ٿي پيئي آهي جوڻهين ۽ ساران کي موڪلي ڏجائين اڄ ٻن پهرن کان پوء“‬
‫ان کان پهرين جو مرزو ڪجھه چئي‪ ،‬علي محمد وري چوڻ لڳو‪” .‬فصلن جي نقصان کان پوء رئيس‬
‫برٿيو ويٺو آهي‪ ،‬تون بہ پيسا پٽ سٽ ڪري وٺ‪ ،‬رئيس کي سخت ضرورت آهي‪ “.‬علي محمد ڄار‬
‫اڇلي روانو ٿي ويو‪.‬‬
‫مرزو گھر پهتو ۽ ايمڻا کي سمجھائي ڪري حويليَء ڏانهن موڪليائين کيس تاڪيد ڪيائين تہ‬
‫ڌ يَء کي پاڻ کان جدا نہ ڪري ۽ سج لهڻ کان پهرين ڳوٺ موٽي اچن‪.‬‬
‫سج هاڻي ڪافي لهي چڪو هو‪ .‬دينوَء کي ايستائين موٽي اچڻ گھربو هو‪ .‬االئي ڇو اڄ دير ٿي ويئي‬
‫هئس‪ .‬هو اڪيلو پنهنجن پورن ۾ ويٺو هو‪ .‬هر مهل کيس اهو ويچار هو تہ قرض ڪيئن لهندو‪ .‬هن‬
‫سوچيو‪ :‬وڏيري جي ئي چوري ڪري پئسا هٿ ڪري يا رستي تي ئي ڪا ڦر ڪري ڌاڙو هڻي يا‬
‫کيس رستي تي ئي ڪا روپين جي ڳوٿري ملي وڃي‪ ،‬هن جي دماغ ۾ طرح طرح جا ويچار اچڻ‬
‫لڳا‪ ....‬قرض‪ ....‬قرض‪ ...‬ان کان سواء هن کي ڪابہ ڳاله ياد ڪونہ هئي‪.‬‬
‫اوچتو پري کان هڪ سڏ ٿيو‪.‬‬
‫”چاچا مرزا هو هو‪ ،‬چاچا مرزا‪ ،‬هو هو ‪ “.....‬هن جي ويچارن جو سلسلو ٽٽي پيو‪ ،‬آواز ويجھو پوندو‬
‫ويو‪ .‬جيسين مرزو جواب ڏئي‪ ،‬تيسين ايلياس سامهون اچي پهتو هو‪ .‬ايلياس سهڪي رهيو هو‪ ،‬هو‬
‫هڪساهي ڊوڙندو آيو هو‪.‬‬
‫”ابا خير تہ آهي“ مرزوَء ڊڄندي ڊڄندي پڇيو‪ .‬هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تکي ٿي ويئي‪.‬‬
‫”دينوَء کي ‪......‬دينو ويچارو‪ ....‬هن رستو پار پئي ڪيو‪.....‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪17‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نہ نہ هو بچي ويو آهي‪ ،‬ٿورا ڌڪ لڳا اٿس‪ ،‬موٽس مٿانئس چڙهي ويو‪ .‬شهر وٺي ويا اٿس‪ ،‬اسپتال ۾‬
‫‪ “......‬ايلياس ڳيتون ڏيندي ڏيندي ڳالهه پوري ڪئي‪.‬‬
‫مرزي جا هٿ پير ٺري ويا‪ .‬هوش خطا ٿي ويس‪ ،‬هو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو‪.‬‬
‫”ڪا ڳالهه ڪانهي چاچا‪ ،‬ڌڪ ٿورو لڳو اٿس‪ ،‬بچي ويندو‪“.‬‬
‫ايلياس ۾ بہ هاڻي ٿوري همت موٽي آئي هن مرزي کي آٿت ڏني‪ ،‬۽ پوء هو ٻئي تڪڙا تڪڙا رستي‬
‫ڏانهن روانا ٿي ويا‪ .‬پڪو رستو ڳوٺ کان ٻہ ٽي فرالنگ هو‪ .‬هو رستي تي پهتا مس تہ آچر مال‬
‫ورايو پئي موٽيو‪.‬‬
‫”ڌڪ ايترو ڪونہ لڳو اٿس‪ “.‬آچر‪ ،‬مرزي کي ويجھو ٿيندي چيو پر سندس آواز ۾ پختگي ڪونہ‬
‫هئي‪ ،‬جڏهن مرزي ڏانهس نهاريو تہ آچر کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو‪.‬‬
‫ويهارو کن قدم اڳتي مزدور نظر اچي رهيا هئا‪ .‬هو ڪم ڪار ڇڏي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا‪ ،‬تن جو‬
‫هن نئين آيل ماڻهوَء کي ڏک جي حالت ۾ ڏٺو تہ سمجھي ويا تہ اهو ڪو ڌراڙ جو ويجھو مائٽ‬
‫هوندو‪ .‬هو وڌي مرزي وٽ آيا‪.‬‬
‫”هن جو هي پيُء اٿو‪ “.‬ايلياس‪ ،‬مرزي ڏانهن اشارو ڪندي مزدورن کي ٻڌايو‪.‬‬
‫”خدا ڪندو بچي ويندو‪ “.‬مزدورن مان هڪڙي آٿت ڏني‪.‬‬
‫”ڪا موٽر يا ٽرڪ اچي تہ هٿ ڏئي بيهاريوس‪ “.‬ٻئي مزور چيو پر جيسين ڪا موٽر يا ٽرڪ اچي‬
‫تيسين وري پهرين سربستو احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو‪.‬‬
‫”اسين انهيَء مهل مٽي ڍوئي رستي جي ڀر ۾ وجھي رهيا هئاسين‪ ،‬۽ هواسان جي اڳيان ئي مال کي‬
‫رستي جي هن ڀر وٺيو پئي ويو‪ “.‬هن رستي جي ٻي ڀر اشارو ڪندي چيو‪،‬‬
‫” سڄو مال رستو اڪري ويو هو‪ ،‬پر هڪڙو گابو اڃان رستي تي بيهي رهيو‪ ،‬۽ اوچتو وراڪي وٽان‬
‫موٽر بہ اچي نڪتو هن ٻچڪارون ڏيئي گابي کي ڏاڍا سڏ ڪيا‪ ،‬پر گابو اهڙو چري جھڙي ڀت‪.‬‬
‫ايتري ۾ موٽر بہ اچي بنهن ويجھو پهتو‪ .‬اسان پريان لڪاء پئي ڏٺو‪ ،‬اسان سمجھيو تہ گابوويو‪ ،‬پر‬
‫هوڏانهن مڙس کڻي اوچتو پاڻ کي گابي تي ڇڏيو‪.....‬گابو تہ وڃي ٻي ڀر نڪتو‪ ،‬پر مڙس ور ۾ اچي‬
‫ويو‪ ،‬موٽر واري بہ هڪدم بريڪ هنيو‪ .‬پر جيڪو ڀاڳ ۾ لکيل هو‪ ،‬سوئي ٿيو‪ “.‬مزدور سڄو احوال‬
‫ٻڌائي پورو ڪيو‪.‬‬
‫”پر شاباس آهي موٽر وارن کي‪ “،‬ٻي مزدور چيو‪ ،‬اسين چڱا پري هئاسين‪ ،‬وڻين ها تہ ڀڄي وڃن ها‪،‬‬
‫پر اسان کي پاڻ چئي هن کي موٽر ۾ کڻائي شهر ڏانهن اسهي ويا ۽ اسان کي چئي ويا تہ ڪنهن ڀر‬
‫واري ڳوٺ جو ٿو ڏسجي‪ ،‬پڇا ڪرائي وارثن کي سيول ڏانهن موڪلجو‪ ،‬اسين اتي هونداسين‪“.‬‬
‫مرزي رستي ڏانهن انهيَء هنڌ نهاريو‪ ،‬جتي رستي تي رت جي دٻن تي موٽر جي ڦيٿن چٽ ڪڍي‬
‫ڇڏيا هئا‪ .‬ايتري ۾ مزدورن هڪ ٽرڪ بيهاري ورتي‪ ،‬جنهن ۾ مرزي ۽ ايلياس کي شهر اماڻيو‪.‬‬
‫شهر ڏه ميل کن پري هو‪ .‬جڏهن هو شهر پهتا‪ ،‬تہ سج لهي چڪو هو‪ .‬مرزي جي اکين مان لڙڪ وهي‬
‫رهيا هئا‪ .‬پر هن کي پڪ هئي تہ دينو بچي پوندوهو جڏهن اسپتال پهتا‪ ،‬تہ ساجن‪ ،‬ڪنڊو‪ ،‬سڀ‬
‫اتي هئا‪ .‬مرزو پهتو‪ ،‬تہ ساجن کڻي ڀاڪر پاتس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪18‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”ڀائو‪ ،‬دينو وڃي الهه کي رسيو“ ساجن ڳراٽڙي پائيندي چيس‪ .‬مرزو مڙس هو پر کانئس اوڇنگار‬
‫نڪري ويئي‪ .‬هو ساجن جي ڪلهي تي منهن رکي روئيندو رهيو‪ .‬جڏهن سڀئي ڪمري ۾ پهتا‪ ،‬تہ‬
‫الش کي ڏسي مرزو بابا‪ ،‬بابا ڪندو چنبڙي پيو‪ .‬ڊاڪٽر کيس ٻانهن کان وٺي پرڀرو ڪيو‪.‬‬
‫”مون گھڻي ڪوشش ڪئي‪ ،‬پر مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪارڻ بچي نہ سگھيو‪ “.‬ڊاڪٽر همدردي ڪندي‬
‫چيو‪.‬‬
‫ٿوري دير ۾ جڏهن مرزي کي هوش آيو‪ ،‬تہ هن پنهنجي ڀر ۾ ٻن پتلون پاتل ماڻهن کي ڏٺو‪ ،‬جن جي‬
‫منهن تي ڏک جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا‪.‬‬
‫”جيڪي ڀاڳ ۾ لکيل هو‪ .‬سو ٿيو‪ .‬اسان تہ پنهنجي پر ۾ گھڻي جاکوڙ ڪئي‪ ،‬پر جيڪا اهلل جي‬
‫مرضي‪ “.‬پتلون واري هڪڙي چيو‪.‬‬
‫ڪافي دير تائين ڪمري ۾ سانت رهي‪ .‬وري هنن مان هڪڙو اٿي آيو ۽ مرزي کي چوڻ لڳو‪.‬‬
‫”اسين تنهنجو پٽ تہ نہ ٿا موٽائي سگھون‪ ،‬نڪو هن جي موٽ ٿي سگھي ٿي‪ “.‬ائين چئي هن‬
‫پتلون جي هڪ کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ ڪجھه نوٽ ڳڻي مرزو جي هٿ تي رکيا‪” :‬هي هزار اٿو‬
‫چاچا‪ ،‬هاڻي توهان جي پٽ جي حياتي تہ موٽي نہ ٿي اچي سگھي ‪ ،‬پر‪ “....‬هن وري ساڳي ڳالھه‬
‫ورجائيندي چيو‪.‬‬
‫مرزو پهرين تہ ننهڪار ڪيو پر جڏهن هنن تمام گھڻو الچار ڪيو‪ ،‬تہ سوچ ۾ ٻڏي ويو‪ ،‬پوء اوچتو‬
‫هن هٿ وڌائي نوٽ کڻي ورتا‪ .‬کيس پنهنجو قرض ۽ ساران ياد اچي ويا‪ .‬هاڻ هو پنهنجي عزت‬
‫بچائي سگھندو____ گھڙي کن الء هو سوچ ۾ ٻڏي ويو‪ .‬هو دينوَء کي وساري ويٺو‪” .‬ڇا غريب کي‬
‫اوچتا پئسا ائين ئي ملندا آهن! هو جڏهن الش کڻائي ڳوٺ پهتو‪ ،‬تہ روڄ لڳو پيو هو‪ .‬قبر تيار هئي‪،‬‬
‫پر هن جي ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئا‪ .‬دينوَء مهان قرباني ڏني هئي‪ .‬شايد هن پنهنجي ڪٽنب جي‬
‫عزت بچائڻ خاطر ئي جان ڏني هئي‪.‬‬
‫هو ٽيجھو ڪري‪ ،‬راتو رات ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڇڏي ويا‪ .‬مرزي کي خبر هئي‪ ،‬تہ رئيس کي تقاوي جو تہ‬
‫بهانو هو‪.‬‬
‫هن جي من ۾ جيڪا هئي سا هو ضرور ڪري ها‪ .‬پر جيڪڏهن بنا قرض جي ڀڄن ها‪ ،‬تہ وڏيرو مٿو‬
‫ئي وڃائي ڇڏي ها‪ .‬جيستائين هڪ غريب هاريَء وٽ جوان ڌيَء آهي تيستائين زميندار پنهنجو‬
‫قرض ضرور اوڳاڙيندو‪ ،‬هن کي اها خبر هئي‪.‬‬
‫هاريَء وٽ تہ ڌيَء ڄمندي رهندي اهو قدرت جو اٽل قانون آهي پر هن ڌرتيَء تي ڏاڍ سدائين رهندو‬
‫اهو قدرت جو اٽل قانون ڪونهي‪ .‬جيڪي بہ صدين کان غريب جو امير تي وري رهيل قرض آهي‬
‫ان جو پورو حساب ٿيندو‪.‬‬
‫هن کي شايد اڃان اها خبر نہ هئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪19‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سوکڙي‬

‫هو جڏهن گھر پهتو تہ سندس منهن تي ڳڻتيَء جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا‪ .‬هو گذريل ٻن ڪالڪن‬
‫کان سوچ ۾ ٻڏل هو‪ .‬ونيَء کيس روز وانگر مرڪي آجيان ڪئي تہ هو بہ وراڻي ۾ مرڪيو پر مرڪ‬
‫سندس چهري تي ڳڻتيَء جا آثار گھٽ نہ ڪري سگھي‪ .‬سندس ڦڪي مرڪ ونيَء کي ڌوڪي‬
‫ڏيئي نہ سگھي‪” .‬ڇو خير تہ آهي؟“ هوَء بہ ڳڻتي ڪندي پڇي ويئي‪.‬‬
‫”ها سڀ ٺيڪ آهي“ هن جي چپن تي ساڳي ڦڪي مرڪ آئي‪” .‬زري اڄ ڇا پڪو آهي؟“ هن‬
‫موضوع بدالئڻ گھريو‪.‬‬
‫زرينا سمجھي ويئي تہ اڄ کيس بک ڪانهي‪ .‬هو ڏهاڙي ڪاليج مان موٽي ڪپڙا مٽائي مانيَء کي‬
‫لڳي ويندوهو پر جڏهن کيس بک ڪانہ هوندي هئي تہ ائين ئي پڇندو هو ۽ پوء جيڪڏهن ڪو‬
‫لذيذ طعام هوندو هو تہ ٻہ ٽي گراھ کائيندو هو‪ ،‬نہ تہ ائين وڃي سمهي پوندو هو‪.‬‬
‫”معلوم ٿو ٿئي اڄ چانهه جا دور گھڻا هليا آهن‪ ،.‬بک مري ويئي اٿو‪ ،‬پر اڄ تہ مون ڪواب ٺاهيا‬
‫آهن‪ “.‬ونيَء کي خبر هئي تہ رشيد کي ڪواب ڏاڍا وڻندا آهن‪ .‬پر رشيد ڪوابن جو ٻڌي ڪا خاص‬
‫دلچسپي نہ ڏيکاري‪.‬‬
‫”تون ماني وڌاء تہ آئون ڪپڙا مٽائي وٺان‪“.‬‬
‫هو جڏهن ماني کائڻ ويٺو تہ گراھ نہ ڳيسجيس‪ ،‬سندس بک مري چڪي هئي‪ .‬سڇ پڇ ڳڻتي ۽ ڏک‬
‫اسان کي اڏوهي وانگر کان ئڻ ٿو لڳي‪ .‬ماڻهوَء جي بک ختم ڪريو وجھي‪ .‬هو ڏهين وڳي ڪالس‬
‫وٺي‪ ،‬اسٽاف روم ۾ ويٺو هو تہ انور فون تي خوشخبري ٻڌايس‪ .‬ايندڙ مهيني جي ڏهين تاريخ انور‬
‫جي شاديَء جي خبر هن الء بہ خوشي جي ڳاله هئي ۽ هو سچ تہ ڏاڍو خوش ٿيو‪ ،‬فون تي ڳالهائڻ کان‬
‫پوء هڪڙو الڪو کيس ورائي ويو‪ .‬انور کي شاديَء تي سوکڙي ڏيڻي هئي اها ڪهڙي ڏئي‪ ،‬جو انور‬
‫جي شان وٽان هجي‪ .‬انور شاهوڪار هو‪ ،‬وڏو ماڻهو هو‪ ،‬کيس سوکڙي بہ اهڙي ئي ڏيڻ کپي‪ .‬هن کي‬
‫پنهنجي شاديَء جي سار اچي ويئي جڏهن هن کي ڪاليج ۾ اڃان پهريون سال ئي پورو مس ٿيو هو‪،‬‬
‫هن ڏاڍي محنت ۽ ڪنجوسي ڪري کنيل قرض الٿو هو‪ .‬۽ هاڻ هن پائي بہ ڪانہ هئي‪ .‬زرينا جي‬
‫مائٽن نيٺ ها ڪئي ۽ هن کي ترت شاديَء جو بندوبست ڪرڻ جو چيو هئائون‪ .‬ڇاڪاڻ جو زرينا‬
‫جي ننڍي ڀيڻ جي شادي ال وري انهن جي گھوٽيتن زور ڀريو هو‪ .‬هو وڏي اصول وارو ۽ خوددار قسمجو‬
‫ماڻهو هو‪ .‬جو هن جو ڪنهن وٽ هٿ ڊگھيڙڻ اڻ ٿيڻي هئي‪ .‬انور کانئس پڇيو هو‪.‬‬
‫”رشيد تون شاديَء تي ڪهڙي سوکڙي پسند ڪندين؟“‬
‫”جيڪا تون پسند ڪندين اهائي منهنجي پسند هوندي‬
‫پر دوست هڪڙي ڳاله سار ڪجائين‪ ،‬تہ اها منهنجي حيثيت جي هجي‪ .‬ايتري ڳري نہ هجي‬
‫جنهنجو بار ڄمار ڀر تڪليف ڏيئي‪ “.‬رشيد سڌي ڳالھ ڪرڻ وارو ماڻهو هو‪ .‬هو سوکڙي ۾‬
‫هميش؟؟؟؟ انهي اصول جو قائل هو تہ سوکڙي ڏيڻ واري کي سوکڙي وٺندڙ جي حيثيت نظر ۾ رکي‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪20‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سوکڙي ڏيڻ گھرجي‪ ،‬ڇو جو سوکڙي بہ هڪڙي قسم جو قرض آهي‪ ،‬جو وٺندڙ کي ڌڪ گھٽ اوتري‬
‫ئي قيمت ۾ حياتيَء جي ڪنهن ٻئي درجي تي ادا ڪرڻو پوي ٿو‪.‬‬
‫”پر يار تون مون تي ڪا شرط نہ ٿو وجھي سگھين‪ ،‬اهو منهنجي مرضيَء تي ڇڏيل آهي تہ مان‬
‫ڪهڙي سوکڙي ڏيان‪ .‬مان تہ توکان نہ پڇان ها پر مون کي آمريڪا ويندڙ زرعي ڊيليگيشن ۾ شامل‬
‫ڪيو آهي مون کي ڊپ آهي تہ آئون تنهنجي شادي ۾ بہ شايد شرڪت نہ بہ ڪري سگھان‪ .‬مان‬
‫توکي رڳو اهو چوڻ آيو آهيان تہ توکي سوکڙي شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ قبول ڪرڻي پوندي“‬
‫اها خوشخبري بہ آهي تہ افسوس جي ڳالهه به‪ .‬تون آمريڪا وڃي رهيو آهين‪ ،‬اها تہ خوشي جي‬
‫ڳالهه آهي ۽ تون منهنجي شادي ۾ ‪ ........‬پر يار اڃا منهنجي شادي ڪٿي ٿي ٿئي!‪ ،‬هن کي پنهنجون‬
‫حالتون سار اچي ويئون هن کي هاڻ ڌڪ گھٽ پڪ ٿي ويئي هئي تہ سندس شادي ڪانہ ٿيندي‬
‫هو ڪو هڪڙو ئي اميدوار تہ ڪونہ هو‪ .‬زرينا جھڙي ڇوڪري الء ٻيا بہ گھڻا ۽ هن کان سٺا اميدوار‬
‫هئا‪ .‬هن ڳاله جاري رکندي انور کي چيو‪” ،‬پر پاڻ تہ ڀائرن وانگر آهيون‪ ،‬تون ڇو ٿو ايتري تڪليف‬
‫ڪرين‪ “.‬ھن نھٺاڻي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي”۽ ھا‪ ،‬تون مونکي ڀاُء چئي ”ٻہ ڀائر ٽيو‬
‫ليکو“ جي پھاڪي تي عمل ڪرائڻ ٿو گھرين‪ .‬بيشڪ آئون تنھنجي ڀاُء وانگر آھيان‪ ،‬پر ڀاُء نہ‬
‫آھيان‪ .‬آئون تنھنجو دوست آھيان‪ ،‬۽ دوستن جو ڪو حساب ڪتاب نہ آهي‪ .‬دوستن جو حساب‬
‫دل ۾ ٿيندو آهي‪ .‬انور ايئن چئي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ھڪڙو لفافو رشيد کي ڏيئي چوڻ‬
‫لڳو‪.‬‬
‫”ڏس ڪيترو نہ ھلڪو آهي‪ ،‬تون ٻن آڱرين ۾ کڻي سگھين ٿو“‬
‫انور لفافو ڇڏي ھليو ويو‪ .‬ھن لفافو کوليو لفافي ۾ پنج ھزار رپين جا نوٽ پيل ھئا!‬
‫ھڪ وڳي تائين ڪاليج ۾ ھو رھيو‪ ،‬انور کي ھاڻي ھو ڪھڙي سوکڙي ڏئي‪ .‬انھيَء سوال جو جواب‬
‫ھن کي ڪٿي بہ نظر نہ ٿي آيو‪ .‬ھن ماني کائي بس ڪئي‪ ،‬پر زرينا سان ڪابہ ڳالھہ نہ ٿي‪ .‬ٻہ ٽي‬
‫گراھ کائي ھو ليٽي پيو ۽ پاسا ورائيندي نيٺ کيس ننڊ اچي وئي‪.‬‬
‫شام جو جڏهن ھو اٿيو تہ پاڻ کي ڪجھ ھلڪو محسوس ڪري رھيو ھو‪ ،‬پر اڃا پاڻ کي اون کان‬
‫آجو محسوس نہ ٿي ڪيائين‪ .‬ھن باقي رھيل کھيل ڳڻتيَء کي فلحال ختم ڪرڻ ٿي گھريو‪ .‬زرينا‬
‫ھن جي اڳيان چانھ جو ڪوپ آڻي رکيو تہ ھن کي زرينا وڌيڪ سھڻي نظر اچڻ لڳي‪ .‬زرينا کي پاڻ‬
‫اڻ ت ڻ ھئي تہ رشيد جي ڳڻتيَء جو ڪارڻ پڇي‪ ،‬پر سندس مرڪندڙ چهرو ڏسي‪ ،‬ھو بہ گھڙي کن الِء‬
‫ڳڻتيون وساري ويٺي"‪”.‬ھا مان توکي اھو ٻڌائڻ تہ وساري ويس تہ ايندڙ مھيني انور جي شادي ٿي‬
‫رهي آهي‪ ،‬تاريخ بہ مقرر ڪري ڇڏي اٿن‪ ،‬ڏھين تاريخ رکي اٿن‪ ".‬ھن اھڙي نموني خبر ٻڌائي ڄڻ‬
‫ڪا عام خبر ھجي‪“..‬‬
‫'”اڇا مس مس ادا انور بہ شادي تي راضي ٿيو‪ ،‬مون تہ سمجھيو ھو تہ ھتي ڪا ڇوڪري پسند نہ‬
‫ايندس ۽ آمريڪا ۾ ڪا ڦاسائي وجھيس ھا تہ ٻي ڳالھ آھي‪ “.‬زرينا کي خبر ھئي تہ انور ڪنھن‬
‫نہ ڪنھن مان ڪو نقص ڪڍي ڇوڪري ناپسند ڪري ڇڏيندو ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪21‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫” ھا‪ ،‬زري شادي تہ توالِء تہ بھترين وجھ آهي‪ .‬ھن تي تہ ھار بہ پائي سگھين ٿي‪ ".‬رشيد‪ ،‬زرينا کي‬
‫پنھنجي ڳالھ سار ڏياريندي چيو‪ .‬ھو زرينا کي ھميشه جھليندو ھو تہ عام وجھن تي اھو ھار نہ پائي‪،‬‬
‫پر ھو ڪنھن خاص ڏھاڙي الِء رکي ڇڏي‪ .‬ايترو قيمتي ھار رڳو شاديَء جھڙن ڏينهن تي ئي پائڻ‬
‫جھڙو آھي ۽ ھاڻي اھو وجھ ملي رھيو ھو‪ .‬هن جي ذھن ۾ ھڪ پل الء ويچار آيو جيئن اوچتو کنوڻ‬
‫چمڪي”مون توکي ڪڏهن اھو ھار پائيندي نہ ڏٺو آھي‪“ .‬‬
‫رشيد جي آواز ۾ پيار جا جذبات ھئا‪..‬‬
‫"”ڇو مون توھان کي پائي تہ ڏيکاريو آهي‪ .‬شادي کان پوِء ڪافي ڏينهن تائين جو مان پائيندي‬
‫ھيس‪ “.‬زرينا کي اچرج لڳو تہ ڇا رشيد کي ايترو جلدي وسري ويو‪.‬‬
‫”اوھو‪ ،‬اھو تہ جڏھن تون نئين ڪنوار ھئين‪ ،‬شادي کان پوِء پھريان ٻہ ٽي ڏينھن پاتو ھئي پوء وري‬
‫بس‪ “.‬رشيد جي اکين ۾ پريت جھلڪي رھي ھئي‪.‬‬
‫”چڱو ڀال مان جڏھن شاديَء تي تيار ٿيندس تہ پوِء ڏسجو تہ ڪيئن ٿي لڳان‪“.‬‬
‫اھو ھار بہ سندس ٻئي دوست مشتاق جي سوکڙي ھئي‪.‬‬
‫ھو مشتاق ۽ انور ننڍي ھوندي جا دوست ھئا‪ .‬گڏ پڙھيا گڏ گھميا ۽ گڏ بي اونيء جو دور پورو ڪري‬
‫عملي جيوت ۾ داخل ٿيا ۽ مشتاق ۽ ھو ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيا‪ .‬ھن کي سار آئي تہ ڪيئن انور‬
‫کيس سوکڙي ڏي ئي ويو ھو‪ ،‬۽ ڪيئن مشتاق بہ کيس سوکڙي ڏني ھئي‪ .‬مشتاق کي سندس شاديَء‬
‫جو ٻڌي ايتري تہ خوشي ٿي ھئي جو ھو چئي ويٺو‪” ،‬رشيد مون کي تنھنجي شادي تي ايتري خوشي‬
‫ٿي رهي آهي جو مون کي پنھنجي شاديَء ۾ بہ ايتري خوشي ڪانہ ٿي ھئي‪ ،‬سچ ٿو چوان‪“.‬‬
‫مشتاق جي ڳالھ ۾ ڪو وڌاُء ڪونہ ھو‪ .‬ھنن جيڪي حياتيَء جا پروگرام ٺاھيا ھيا‪ ،‬شادي بہ ماڳ‬
‫ڏانهن ھڪ وک ھئي‪..‬‬
‫مشتاق چيو ھوس‪” ،‬ھا يار تنھنجي شادي جي ڪري اسان کي مڙيئي ڪس لڳي ويندي‪“ .‬‬
‫تون گھٻرائي نہ يار ‪ ،‬منھنجي تو الء پريت ايتري ئي گھٽبي جيتري وري تو شادي ڪري گھٽائي‬
‫آهي‪ ،‬ڪيئن حساب تہ برابر ٿيو نہ ‪ .‬رشيد کلي ڏٺو ھو‪ .‬پر اھو ٻڌي ڇڏ پريت جيترو ورھائبي آهي‪،‬‬
‫اوترو ئي وڌندي آهي ۽ ٻنھي گڏجي ٽھڪ ڏنو ھو‪.‬‬
‫”ٻڌ مان توکي سوکڙي ۾ مون وٽ جيڪا سڀ کان قيمتي شيِء ھوندي سا ڏيندس‪ ،‬۽ توکي اھا وٺڻي‬
‫پوندي‪“.‬‬
‫مشتاق زور ڏيندي چيو هو ۽ ٻڌ اھا سوکڙي اسان جي دوستيَء جي محل جو پيڙھائتو پٿر ھوندو‪ ،‬جي‬
‫تو منھنجي سوکڙي موٽائي تہ محل ڪري پوندو‪ .‬مشتاق رشيد کي ڌمڪي ڏني ھئي‪.‬‬
‫ھن کي ٻي ڪا واھہ بہ ڪانہ ھئي‪ ،‬ھن اھا سوکڙي قبول ڪري ورتي ھئي‪ .‬مشتاق ھڪ غريب ماڻهو‬
‫ھو پر ھن نھايت قيمتي سوکڙي ڏني ھئي اھو قيمتي ھار ھو‪ .‬مشتاق اڄ ڪلھ انگلينڊ ۾ پي‪.‬ايڇ‪.‬ڊي‬
‫؟؟؟ رھيو ھو‪.‬انور جي شاديَء ۾ ھڪ ڏينھن وڃي بچيو هيو‪ ،‬رشيد کي ھونئن سوکڙي جو تہ ڪو‬
‫الڪو ڪونہ ھو‪ ،‬پر ھڪڙو احساس سندس ذھن کي چھنڊڙيون پائي رهيو ھو‪ .‬ڪالھ بہ چانڊوڪي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪22‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫رات هئي اڄ بہ چانڊوڪي رات ٿيندي اوڏي مهل سانجھيَء جي مھل چانڊوڪي رات جو ويچار‬
‫اينديئي ھن زرينا کي سڏ ڪيو‪ ،‬زرينا رڌڻي ۾ چانھ ٺاھي رھي ھئي‪.‬‬
‫زرينا چانھ ٺاھي کڻي آٿي؟؟؟؟‬
‫” ٻڌ اڄ چانڊوڪي رات اٿئي‪ ،‬ھل تہ گھمڻ ھلون‪“.‬‬
‫رشيد ڄڻڪ زرينا جي دل جي ڳالهه ڪئي‪ ،‬دريا جو سير ڪريون ۽ بوٽنگ ڪريون“‬
‫اھا چانڊوڪيَء رات ۾ بوٽنگ‪ .‬ڏاڍو مزو ايندو‪”“.‬‬
‫زرينا ٻارن وانگر چھڪڻ لڳي‪.‬‬
‫” ھا پر توکي ھڪڙي ڳالھ مڃڻي پوندي‪ ،‬توکي جيڪو انور جي شاديَء ۾ ھار پائڻو آهي‪ ،‬مان ڏسڻ‬
‫ٿو گھران تہ تون انھيَء ۾ ڪيئن ٿي لڳين‪“.‬‬
‫”اھو مان جڏھن شاديَء جي ڏينهن پائيندس تڏهن ڏسي وٺجو‪ “.‬زرينا جي لھجي ۾ اچرج ظاھر ھو‪.‬‬
‫”نہ ‪ ،‬تون ڪپڙا ۽ زيور پائي ھڪدم ھلي ويندينَء ۽ وري رات جو موٽي اچي بدالئي ڇڏيندينَء ‪،‬‬
‫مان ايتري ٿوري دير الِء توکي ڏسڻ نہ ٿو گھران‪ .‬مان اڳ ۾ ئي توکي دل ڀري ڏسڻ ٿو گھران‪ “.‬رشيد‬
‫جي لھجي ۾ التجا ھئي‪ .‬ڄڻڪ ھن جي زرينا سان گڏ آخري رات ھجي‪ .‬زرينا ٽاري نہ سگھي‪.‬‬
‫جڏھن ھوَء ساڙھي پائي ڊريسنگ ٽيبل جي اڳيان اچي ويٺي‪ ،‬۽ آخري ڀيرو ميڪ اپ ٺيڪ ڪرڻ‬
‫لڳي تہ رشيد ڪيس مان ھار ڪڍيو‪ ،‬سونو ھار جنھن ۾ گھاٽا سائي رنگ جا نگ لڳل ھئا‪ .‬بجلي‬
‫جي روشني۾ اهي ٻھڪڻ لڳا‪ .‬رشيد زرينا جي پويان اچي بيٺو‪ ،‬ھار ھٿ ۾ جھلي اڳيان وڌي زرينا‬
‫جي ڳچي ۾ ھار وجھي ھڪ لڳايو‪ .‬رشيد ھڪ لڳائي آرسي ۾ نھاريو‪ .‬زرينا سان سندس نظرون‬
‫مليون‪ ،‬ھن زرينا جي ڪلھن تي ھٿ رکيا‪ ،‬ڪجھ دير الء ھو ٻئي ھڪ ھنڌ ڄمي ويا‪ .‬آرسي سندس‬
‫تصوير بڻجي چڪي ھئي‪ .‬شايد ھو ٻئي پنھنجن پنھنجن ويچارن ۾ االئي ڪٿي کان ڪٿي پهچ‬
‫چڪا ھئا‪ .‬رشيد ھن دنيا ۾ موٽي آيو ۽ ھلڪو ڇرڪ ڀري ھٿ ھٽايائين‪ .‬زرينا اٿي بيٺي‪ .‬زرينا کي‬
‫ڪو بہ اچرج نہ ٿيو‪ ،‬ھن کي رشيد جي خبر ھئي تہ ھو ڪيترو جذباتي آهي‪.‬‬
‫”توھان کي ھار انھيَء ڪري تہ نہ ٿو وڻي جو ان ۾ ساوا نگ لڳل آھن؟“ زرينا مرڪي رشيد ڏانهن‬
‫نھاريو ۽ رشيد بہ جواب ۾ مرڪي ڏنو‪..‬‬
‫جڏھن ھو دريا تي پھتا تہ چوپاسي چانڊوڪي ڦھليل ھئي ھو ٻيڙي ۾ سانت ويٺا رھيا‪ .‬خبر ناهي‬
‫ڪيتري دير تائين ٻيڙي ۾ گھمندا رھيا‪ .‬رشيد بہ گھاٽي نيري رنگ جي سوٽ ۾ سھڻو لڳي رھيو‬
‫ھو‪ .‬اھو زرينا جو من گھريو رنگ ھ و‪ ،‬ٻيڙي واپس ڪناري تي ھلڻ لڳي‪ .‬ٻيڙي ماٺيڻي رفتار ۾‬
‫ھلندي جڏھن ڪناري تي لڳندي ھلڪو جھٽڪو ڏنو تہ ھنن جي خوابن جو سلسلو ٽٽي پيو‪ .‬رشيد‬
‫ھٿ ڏئي زرينا کي الٿو‪ .‬ھو جڏھن مٿين ڪئنال جي پل تي اچي پھتا تہ سامھون درياُء چانڊوڪيَء‬
‫۾ چمڪي رهيو هو‪.‬‬
‫”زري توکي ھي ھار پسند آهي‪ “.‬رشيد يڪدم سوال پڇيو‪.‬‬
‫تمام گھڻو؟ عورت کي زيورن سان لڳاُء ھوندو ئي آهي‪ .‬اوھان کي بہ پسند آهي؟“‬
‫”ھا مون کي وڻي ٿو جيڪڏهن تنھنجي ڳچيَء ۾ پيل ھجي!“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪23‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”پوِء تہ ان کي روز روز پائيندس‪“.‬‬


‫”جيڪڏهن ھي ھار وڃائجي وڃي تہ؟“‬
‫”مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو“‬
‫”قيمتي آهي انھيَء ڪري“‬
‫”نہ ان ڪري جو توکي پسند آهي“‬
‫رشيد زرينا کي ھار پاتل جيتري گھڻي دير تائين ڏسي سگھي‪ ،‬ڏسڻ ٿي گھريو‪ .‬ھن زرينا ڏانھن‬
‫نھاريو‪ ،‬ھار چانڊوڪي رات ۾ تارن وانگر ٻھڪي رھيو ھو‪ .‬چانڊوڪي رات ۾ تارا لڪي ويندا‬
‫آهن‪ ،‬پر زرينا جي چھري جي چنڊ اڳيان تارن ۾ وڌيڪ روشني نظر اچي رھي ھئي‪ .‬چند کان‬
‫وڌيڪ چمڪندڙ چنڊ ۽ تارن کان وڌيڪ روشن تارا‪.‬‬
‫ھن زرينا ڏانھن وري نھاريو‪” .‬زري سڀاڻي کان ھار نہ پائجائين مون کي نہ ٿو وڻي‪ “.‬زرينا‪ ،‬رشيد جي‬
‫ايتري بدليل ڳالھ تي اچرج سان تڪڻ لڳي‪.‬‬
‫”جيڪڏهن اوهان کي ھار نہ ٿو وڻي تہ مان عمر ڀر نہ پائيندس‪“.‬‬
‫”زرينا اسان وٽ سڀني کان قيمتي شيِء ڪھڙي آھي؟“‬
‫”پريت“ زرينا مڙس جي عجيب ۽ ڇرڪائيندڙ سوالن تي اچرج ۾ پئجي وئي‬
‫”پريت کان سواِء منھنجو مطلب آھي شين ۾‪“.‬‬
‫”اسان وٽ تہ ھي ھڪ ھار ئي آهي‪“.‬‬
‫”تہ پوِء آئون انور کي سندس شاديَء تي پنھنجي سڀ کان قيمتي شيِء جي سوکڙي ڏيڻ گھران ٿو‪“.‬‬
‫رشيد ڪنڌ ڦيرائي دريا ڏانھن نھارڻ لڳو‪ .‬هن ۾ زرينا سا اکيون مالئڻ جي ھمت ڪانہ ھئي‪.‬‬
‫”منھنجو بہ اھوئي ويچار آهي‪ “.‬زرينا جي وراڻي ھو‪.‬‬
‫رشيد پنھنجي ھٿ ۾ زرينا جي ٿڌاڻ محسوس ڪئي‪ .‬ھو ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ھلڻ لڳا‪.‬‬
‫ٻئي ڏينھن شاديَء کان پوِء انور وٽ سوکڙين جو ڍڳ لڳو پيو هو‪ ،‬سوکڙيون ڏسندي ھن ھڪ‬
‫پئيڪيٽ کوليو ان مان ھڪ سھڻو ڪيس نڪتو‪ .‬ڪيس کولينديئي انور اچرج سان تڪڻ لڳو‪،‬‬
‫ڪيس ۾ سونو نگن ڀريو ھار جرڪي رھيو ھو‪ .‬اندر ڪارڊ تي لکيل ھيو‪” ،‬رشيد ۽ زرينا وٽان ڀاڀي‬
‫الء‪“.‬‬
‫انور جي اچرج جو ڪارڻ اھڙي قيمتي ھار جھڙي سوکڙي رشيد وٽان اچڻ جي ڪري نہ ھو‪ .‬سندس‬
‫اچرج جو ڪارڻ ھو تہ اھو ساڳيو ھار‪ ،‬جيڪو ھن پاڻ مشتاق کي شاديَء ۾ ڏنو ھو‪ ،‬ھن اھو ھار بہ‬
‫انھن ڏينھن ۾ بہ ڏھ ھزار رپين ۾ خريد ڪيو هو‪ .‬مشتاق کي ڏنل سندس ھار جي اھا سوکڙي ايئن‬
‫دوستن وٽان ڦري واپس ملندي ان جو کيس گمان بہ نہ ھو‪ .‬ھونئن بہ ڪو غريب ڪا سوکڙي گھڻي‬
‫دير تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي نہ ٿو سگهي ڇو تہ يا تہ اھا وڪڻڻي پوندي آهي يا وري سوکڙي‬
‫ڪري ٻئي ھنڌ ڏيڻي پوندي آهي‪ ،‬مشتاق ۽ رشيد وري بہ ڀاڳوند ھئا ھو سوکڙي وڪڻڻ جي الچاريَء‬
‫کان بچي ويا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪24‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫گناھ جو ڍڪ‬

‫اوڏي مھل وڏيري سان گڏ ٽي ڄڻا ٻيا بہ ويٺا ھئا‪.‬‬


‫وڏيرو کين پنھنجا قصا ٻڌائي رھيو ھو‪.‬‬
‫”پئرس جي ڪھڙي ٿا ڳالھ پڇو‪ ،‬پئرس ڇا سڄو يورپ سھڻن جو ملڪ آهي ‪ ،‬ڇا سونھن آهي‪،‬‬
‫سونھري وار‪ ،‬نيريون اکيون ۽ کير جھڙي اڇي چمڙي‪ ،‬آئون تہ پھرين پھرين سندن سرير کي ھٿ‬
‫الئيندي ڊڄندو ھوس تہ ڪٿي ميرو نہ ٿي پوي‪ “.‬وڏيري ڳالھ ڪندي کلي ڏنو‪..‬‬
‫سائين ھي پئرس ڪٿي آهي؟ ويٺلن مان ھڪڙي پڇيو‪.‬‬
‫”يورپ ۾ ٻيو ڪٿي‪ “.‬وڏيري پنھنجي جاڻ جي ڌاڪ ويھاريندي چيو‪.‬‬
‫”۽ ڀال اھو يورپ ڪٿي آهي؟ ساڳي ماڻھوَء وري سوال پڇيو‪.‬‬
‫وڏيري کي پھرين تہ ڏاڍي چڙ لڳي‪ ،‬پر پوِء درگذر ڪندي جواب ڏنو ”بابا ھي سڀ ملڪ ۽ شھر واليت‬
‫۾ آھن‪ “.‬واليت جو ٻول ٻڌي انھيَء ماڻهو ايئن ڪنڌ ڌوڻيو ڄڻ سڀ ڪا خبر پئجي ويس‪ .‬وڏيري‬
‫پنھنجي ڳالھ کي جاري رکندي چيو‪” ،‬باقي پنھنجي ملڪ جون زائفائون ڪاريون ڪوجھيون ۽‬
‫وري اھڙيون ميريون ۽ گدليون جو کين ڏسڻ بہ دل کي نہ وڻي‪ ,‬ھاء يورپ‪ ،‬وڏيري ٿڌو ساھ ڀريندي‬
‫چيو تہ ڳالھين ڪندي قادر بخش اڳيان اچي ماٺ ڪري بيهي رهيو‪ .‬وڏيري جي ڪمدار تي نظر‬
‫پئي تہ ڳالھہ اڌ ۾ ڇڏي ڏني‪ ،‬ڇو قادو وڏيري پڇيس‪.‬‬
‫”سائين ھي تقاوي پيا گھرن‪ “،‬قادر بخش ھٿ سان سڌير‪ ،‬سورج ۽ درگي ڏانھن اشارو ڪندي چيو‪.‬‬
‫انھن ٽنھي ڪولھين پنجاھ پنجاھ رپيا گھريا هئا‪” ،‬سائين مون گھڻو ئي چيو مان‬
‫تہ اڃا نہ ‪ ،‬پر مڃين ئي نہ ٿا‪ ،‬قادربخش بيزاريَء واري لھجي ۾ چيو‪ .‬وڏيري‪ ،‬ڪولھين تي نظر وڌي‬
‫ڪولھين کڻي ھٿ جوڙيا‪” .‬سائين گالم آھيون‪ ،‬ڏياري اچي مٿان پئي آهي‪ ،‬نہ تہ ڪين گھرون ھا‪“.‬‬
‫سڌير ھٿ ٻڌندي عرض ڪيو‪ .‬سڌير ٽنھي ۾ وڏو ھ و‪ .‬پھرين تہ وڏيري کي ڪاوڙ آئي‪ ،‬پر پوِء االئي‬
‫ڪھڙو ويچار آيس‪ ،‬ڪمدار کي چيائين‪” ،‬قادو ڏين پنجويھہ پنجويھہ رپيا اڃا ڪمايو ئي ڪونہ تہ‬
‫تقاوي مٿان تقاوي لڳائي ڏني اٿو‪.“.‬‬
‫ھاڻي سورج اڳتي وڌي آيو‪ ،‬نہ سائين پنجاھ ڪري ڏيو‪ ،‬پنجويھن ۾ ڪم نہ ھلندو‪ “.‬سڀني کي خبر‬
‫ھئي تہ وڏيرو سورج جي ڳالھ نہ موٽائيندو‪.‬‬
‫”توھان ايئن ڪونہ مڙندو‪ ،‬قادو پنجاھ ڪري ڏين‪ ،‬وڏيري سورج جي ڳالھ مڃيندي اھڙي نموني سان‬
‫چيو‪ ،‬جيئن ٻيا ايئن نہ سمجھن تہ ڪو ھن سورج جي ڪا ڳالھ مڃي‪ .‬وڏيري ڳالھ ڪندي پنهنجي‬
‫دوستن ڏانهن رخ ڦيرايو ”ھا آئون ڇا چئي رهيو ھوس؟“ وري پاڻ ڳالھ ڪندي چوڻ لڳو‪” ،‬ھا ھا مون‬
‫پئرس جي ڳالھ پئي ڪئي‪“.‬‬
‫وڏيرو خير محمد پنھنجي ڌر جو وڏو زميندار هو‪ .‬ھزارين ايڪڙن ۾ زمين پکڙيل ھئس‪.‬پر تنھن کان‬
‫سواِء وڌيڪ رعب داٻ انھيَء ڪري ھوس‪ ،‬جو ھو پنھنجي قوم جو سردار هو‪ .‬سندس برادريَء جا‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪25‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڳوٺ چئني پاسي پکڙيل ھئا سندس سڄي عالئقي تي پورو ضابطو ھو‪ .‬سندس موڪل کان سواِء‬
‫پن بہ چري نہ سگھندو ھو‪ .‬سندس زمينن تي ٿيندڙ ھر جھڳڙي جو نبيرو پاڻ ڪندو هو‪ .‬پوليس بہ‬
‫سندس مدد کان سواِء سڦل ٿي نہ سگھندي ھئي‪ .‬ماڻھن سان سندس ايترو تہ رعب ھو‪ ،‬جو ڪنھن‬
‫کي مجال نہ ھئي جو ٻڙڪ بہ ٻاھر ڪڍي سگهي‪ .‬سڀ سندس نبيرو اکين تي قبول ڪندا ھئا‪.‬‬
‫سندس حڪم پٿر تي ليڪ ھوندو ھو‪ .‬ھر ٻئي ٽي ڏينھن ڪونہ ڪو جھيڙو پيو نبيريندو ھو‪.‬‬
‫سندس اوطاق باغ ۾ ھئي‪ ،‬ھڪڙي پاسي انبن جي شاھي وڻن جون قطارون لڳيون پيون هيون‪ ،‬تہ‬
‫ٻئي پاسي وري زيتون ۽ ڪيال جھومر ڪيو بيٺا ھئا‪ .‬اوطاق جو اڱڻ تمام گهڻو وڏو ھو‪ ،‬جنھن ۾ ڇٻر‬
‫لڳل ھئي ۽ ڇٻر جي چوڌاري گلن ۽ ٻوٽن جون ڪونڊيون رکيل‪ .‬سندس حويلي سڏ پنڌ تي ڳوٺ‬
‫۾ ھئي‪ .‬حويلي ۾ اوطاق ئي سڄي ٽ ڪر ۾ پڪسريون جايون ھيون‪ ،‬ھارين جا گھر ڪچا ٺھيل ھئا‪.‬‬
‫۽ ڪي تہ رڳو منھن ھئا‪ ،‬جتي ماڻهو ۽ جانور گڏ رھندا ھئا‪ .‬پاڻ حويلي تي رڳو رات جو ويندو‬
‫هو گھڻو ڪري سڄو ڏينهن اوطاق ۾ گذاريندو هو‪ ،‬جتان ٻنيَء جي سار سنڀال لهڻ ويندو هو ۽ ٻنپهرن‬
‫جو ننڊ ڪري وري شام جو چڪر تي ن ڪري ويندو هو‪ .‬آل اوالد وارو ھو‪ ،‬ٽن پٽن جو پيُء ھو‪ .‬وڏي‬
‫پٽ جي گذريل سال ئي شادي ڪرائي ھئائين‪ .‬بدن جو متارو ۽ قد جو ڊگهو ھو‪ ،‬پر پنڌ نہ ڪرڻ‬
‫ڪري ۽ سڻڀ وارن کاڌن جي ڪري سندس پيٽ ڪافي نڪري آيو ھو‪ .‬جڏھن کان ڳوٺ کان‬
‫شھر تائين پڪو رستو ٺھيو ھو ‪ ،‬پھرين تہ پنھنجن ئي ھارين کان ڀاڄيون ڪرايائين‪ ،‬پر ھو ڪڻڪ‬
‫‪ ،‬ڦٽي تي ھريل ڀاڄين تي ڪمائي نہ سگھيا ‪ ،‬وڏيري پاڻ کي بہ ڀاڄين جو تجربو ڪونہ ھو‪ .‬ھن کي‬
‫خبر ھئي تہ ڀاڄين ۾ ڪولھين جو ڪو مٽ ڪونھي‪ ،‬سو ڪولھين جي ڳوال ڪرايائين‪ ،‬اھو ڪم‬
‫قادر بخش جو ھو‪ .‬پوِء قادر بخش االئي ڪٿان ڪولھين کي آسرا ڏئي اچي وڏيري جي زمين‬
‫تي پھتو‪ .‬چوڏھن پندرھن ڪکائون جھوپڙيون اڏجي ويون‪ ،‬لوڙھو اچي ويو ۽ اوطاق جي ڀرسان ئي‬
‫سڏ پنڌ تي ڪولھين جو ڳوٺ ٻڌجي ويو‪ .‬ڪولھي‪ ،‬محنتي ھاري‪ ،‬ڀاڄين ۽ گاھ ڪرڻ ۾ تاڪ‪،‬‬
‫وڏيري جون ڀاڄيون ۽ گاھ ڀال ٿيندا ويا‪.‬‬
‫ھاڻي روز ٽريڪٽر جو ٽريلر ڀرجي شھر پھچندو ھو‪ .‬ڪڏھن ڪڏھن تہ مال ايترو تہ گھڻو لھندو‬
‫ھو جو ٻہ ٽي ڍڳي گاڏيون بہ ٽرئڪٽر سان وينديون هيون‪.‬وڏيري جو سڀني ڪولھين مان سورج تي‬
‫راز ھو ۽ ھو سورج جي گھڻو ڪري ھر ڳالھ مڃيندو هو‪ ،‬انھيَء جو اھو ڪارڻ ڪونہ ھو تہ ھو سڀني‬
‫کان محنتي يا ڀڙ ھاري ھو‪ ،‬پر سورج جي سھڻي وني ھئي‪ .‬ڪولھي ھئا تہ ڪارا ڪوجھا پر جيڻا‬
‫تہ سڀني ۾ اھڙي ھئي جھڙو ڪارن ڪڪرن مان ليئو پائيندڙ چنڊ‪ .‬جڏھن ڪولھين اچي‬
‫پنھنجيون جھوپڙيون وڌيون تڏهن سڀ کان پھرين وڏيري قادر بخش کان پڇيو‪.‬‬
‫”ڪيئن قادر ‪ ،‬آھن ڪي منجھن داڻا؟“‬
‫قادر بخش بہ ائين ئي وراڻي ڏني ڄڻ ھن ڪولھين جي ڳوال ۾ خاص ڌيان رکيو ھو‪” ،‬سائين اوھان‬
‫جو ٻانھو آھيان ڏسي واسي ماڻھو آندا اٿم‪ ،‬ڪچو ڪم تہ اوھان جو ڪريان ڪونہ “‬
‫”پر تڏھن بہ؟“ وڏيري تفصيل ڄاڻڻ گھري‪.‬‬
‫” ٻہ ٽي داڻا تہ خاشا آھن پر ھڪ جو تہ جواب ئي ڪونھي‪ .‬جيڻا نالو اٿس سورج جي وني آھي‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪26‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ٽنھي ڪولھين کي وڏيري وٽان وئي ڪالڪ کان مٿي ٿي ويو هو‪ .‬رات ٿي ڇڪي ھئي‪ .‬قادر بخش‬
‫ڪولھين جي جھوپڙين وٽ پھچي سڏ ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫”درگا‪ ،...‬درگا‪ ،...‬آھي ڪو؟“‬
‫ٿوري دير ۾ درگو‪ ،‬ليلو‪ ،‬پرڀو ۽ سورج نڪري آيا‪..‬‬
‫ڪمدار کين سمجھائڻ لڳو‪” ،‬اڄ ٽريڪٽر سان پرڀو‪ ،‬درگو ۽ سورج ويندا‪ .‬گاڏين سان پيلو‪ ،‬ڪيسرو‬
‫۽ سڌير ويندا‪ .‬رات جو ساڳي وقت تي نڪرنداسون‪“.‬‬
‫پوِء جڏهن ٽريڪٽر ۽ گاڏيون شھر روانيون ٿيون تہ قادر بخش سورج کي سمجھائڻ لڳو‪” ،‬جڏھن‬
‫ڪجھ گھرجئي تہ ٻين کي ساڻ نہ وٺي ايندو ڪر‪ .‬رئيس تنھنجي ڪم مان خوش آھي‪ .‬جڏھين بہ‬
‫ڪجھ کپئي تہ سڌو ھليو ويندو ڪرينس ‪،‬‬
‫پر اڪيلو‪ ،....‬ڀورڙي سورج کي وڌيڪ ڪجھ سمجھ ۾نہ آيوهو‪ ،‬خوش ٿي ويو‪ .‬ٽئين چوٿين ڏينهن‬
‫سورج جو شھر وڃڻ الء وارو پيو ايندو ھو‪ .‬ڪولھين جو پھريون فصل ھو‪.‬‬
‫ھو سڀ جڏھن پھرين آيا ھئا تہ اچڻ سان ٻنين کي لڳي ويا ھئا‪ .‬سندن ونيون بہ پنھنجن مڙسن سان‬
‫ڪم ڪرڻ لڳيون‪ ،‬پر تڏھين بہ جڏھن وقت ملين تہ ڇڄ کارا ۽ ٽوڪريون ٺاھيندي گذارين‪ .‬وڏيرو‬
‫سڀني ڪولھين سان اهڙو تہ سٺي طرح پيش آيو‪ ،‬جو ھو سڀئي وڏيري جا ڳڻ ڳائڻ لڳا‪ .‬ھڪڙي‬
‫ڏينھن سڌير سڀني کي چيو‪ ”..‬اسان کي آئي چڱا ڏينھن ٿي ويا آھن ‪ ،‬وڃو ۽ حويليَء تي ڇڄ ٻڄ‬
‫ڏئي بہ اچو ۽ اندر ملي بہ اچو“ لڇمي‪ ،‬جيڻا‪ ،‬لڪي‪ ،‬گنگا سڀني پنھنجا پنھنجا ٺاھيل ڇڄ‪،‬‬
‫ٽوڪريون ۽ وڃڻا پاڻ سان کنيا ۽ حويليَء تي پھتيون‪ .‬حويلي ڇا ھئي ھڪ ڪوٽ ھو‪ .‬ٻاھران ٻہ‬
‫ماڻھنئي ڀت ڏنل ھئي‪ ،‬پر اندر تہ محل لڳو پيو هو‪ .‬شاھي اڱڻ‪ ،‬وڏا وڏا ڪمرا‪ ،‬درن ۽ درين تي شيشا‬
‫لڳل‪ ،‬سڀني جون اکيون چرخ ٿي ويون‪.‬‬
‫”ڪيڏو تہ شاھي گھر آھي‪ ،‬اسان جھڙا تہ ھزار ماڻھو رھي وڃن!‪ .‬لڪي اچرج کائيندي چيو حويلي‬
‫۾ اندر پھچي وڏيرياڻيَء ۽ ٻين ڀاتين کي کيڪاريائون‪ .‬وڏيرو بہ اوڏي مهل حويلي ۾ ھو‪ .‬ھو وڏي‬
‫ڪمري ۾ پينگھو لڏي رھيو ھو‪ .‬ڪولھياڻين کي ڏسي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي‪ .‬سڀني کي‬
‫ھڪ نظر مان ڪڍي ويو‪ .‬سندس نظر وڃي جيڻا تي کتي‪.‬‬
‫”سائين بسماليون“ لڪي جي آواز تي وڏيري ڪنڌ ڦيرايو ‪ .‬لڪي سڀني ۾ وڏي ھئي‬
‫”مائي سڀ خوش آھيو؟“ وڏيري پڇين‪.‬‬
‫” سائين اوھان جي راڄ ۾ ويٺا آھيون‪ ،‬اوھان جا ٻچا آھيون مڙيئي ديا کپي‪ ...‬ڪجھ ڇڄ کارا ٺاھيا‬
‫ھئاسون‪ ،‬سو چيوسون مڙيئي سائينجن جي حويلي تي ڏيئي اچون‪ “.‬لڪي پنھنجي اچڻ جو مقصد‬
‫ٻڌائيندي چيو‪ .‬وڏيري جي نظر وڃي ڪولھياڻين جي آندل مال تي پئي‪.‬‬
‫”مائي ڪم تہ سٺو ڪري ڄاڻو‪ “،‬وڏيري واکاڻ ڪندي چيو‪ .‬لڪي ساراھ ٻڌي سڀني جا ناال وٺڻ‬
‫شروع ڪيا‪ ” ،‬کارا منھنجا ٺھيل آھن آئون سڌير جي وني آھيان‪ ،‬لڇمي جا ڇڄ ٺھيل اٿو‪ “،‬لڇمي‬
‫ڏانھن اشارو ڪندي چيائين‪” ،‬لڇمي پرڀو جي گھرواري اٿو‪ ،‬۽ ھي جيڻا سورج جي“‬
‫جيڻا پنھنجو نالو ٻڌندي لڄ کان ڪنڌ ھيٺ ڪيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪27‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫وڏيري ٻٽون ڪڍيو ۽ ڏھين جو نوٽ ڪڍي لڪيء ڏانھن ھٿ وڌايو‪.‬‬


‫”ھي ڇا سائين!“ لڪي ڪيٻائيندي چيو‪.‬‬
‫وڏيري ڪنڌ کي ٻہ ٽي لوڏا ڏيندي چيو‪” .‬مائي وٺ‪ ،‬مڙيئي خير آهي‪ .‬اھي اوھان سڀني الء آھن‪“.‬‬
‫جيڻا وڏيري جي عاليشان حويليَء کي ڏسي حيران ٿي رھي ھئي‪ .‬ايڏا وڏا ڪمرا جو ھر ھڪ منجھ‬
‫پنج ڇھ جھوپڙيون سمائجي وڃن‪ .‬ھڪ نہ ٽي ٽي پينگھا ھئا ۽ وٽن وڏا پينگھا تہ ٺھيو‪ ،‬پر ٻارن الِء‬
‫ننڍا پينگھا بہ ڪونہ ھئا‪ .‬ھتي منجين ۽ کٽن جو تہ حساب ئي ڪونہ ھو‪ .‬ڪھڙو نہ آرام سان‬
‫سمھندا ھوندا ۽ ھوَء تہ پٽ تي سمھندي سمھندي وڏي ٿي ھئي ۽ وھانء کانپوِء ئي کٽ تي سمھڻ‬
‫ڀاڳ ٿيس‪ .‬ھتي فرش تي فرنسيون ۽ غاليچا وڇايل ھئا ۽ سندن جھوپڙين ۾ تڏي کانسواِء ڪي بہ‬
‫ڪين ھو‪ .‬تڏو بہ سندن ئي ھٿن جو ٺاھيل ھو‪ .‬ھتي جارن ۾ سھڻا چيني ۽ ڪاشيَء جا ٿانو رکيل‬
‫ھئا ۽ وٽن جارائي ڪونہ هئا! جيڻا سوچڻ لڳي‪ :‬ھو ھاڻي موٽي ويندي تہ ٿانو ايئن ئي پيتيَء تي‬
‫ٺاھي رکندي‪ .‬پر پوِء ويچار آيس تہ ٿانو ايئن ٺاھي سينگاري رکندي تہ پوِء ھو کائيندا ڇا ۾؟ ھو‬
‫پنھنجي بيوقوفيَء تي من ئي من ۾ کلڻ لڳي‪ .‬ڇت ۾ بجليَء جو پکو ۽ بلب لڳل ھئا ۽ جڏھن مشن‬
‫ھالئي ويندي ھوندي تہ بلب بہ ٻري پوندا ھوندا ۽ پکو ھاڻ لڳندو ھوندو‪ .‬ھن سوچيو تہ ھن پاڻ ڪئي‬
‫ڀيرا مشن ھلڻ جو گوڙ ٻڌو ھو‪ ،‬جھڙو ھوائي جھاز‪ .‬ھن کي سورج ٻڌايو ھو تہ جڏھن مشن ھلي ٿي تہ‬
‫ان ۾ بجلي ٿي ٺھي نہ تہ ھن بہ مڙسس کي چيو ھو‪” ،‬ٿوري تون ٿوري تون بہ وٺي اچ تہ ڀونگيء ۾‬
‫ٻاريون‪ “.‬اھا ڳالھ ٻڌي سورج کان ٽھڪ نڪري ويو ھو ۽ چيو ھئائين‪” ،‬چري بجلي گاسليٽ وانگر‬
‫ڪينھي جو ايئن وٺي اچجي‪ .‬بجلي تارن مان ايندي آھي‪ ،‬پھرين تارون ھيستائين آڻبيون پوِء انھن‬
‫مان بجلي ايندي‪ “.‬اھا ڳالھ سوچيندي ھن جي چپن تي مرڪ اچي وئي‪ .‬ھن جون نظرون حويليَء‬
‫جي چوڌاري ڦرڻ لڳيون‪ .‬ھو دل ئي دل ۾ وڏيري جي شان ۽ شوڪت کان مرعوب ٿيندي رهي‪ .‬ڪھڙو‬
‫نہ ڀاڳ وارو آھي‪ ،‬ڀڳوان کيس ڇاڇا نہ ڏنو آھي ۽ کين جڳھين۽ ڌوڙ کان سواِء ڪجھ بہ نہ ‪ .‬ٻنيَء‬
‫۾ ڪمائين بہ ھو‪ ،‬ڏينھن رات پگھر بہ ھو وھائين ۽ وڏيرو رڳو گھوڙي تي سير ڪري ۽ گھر ويٺي‬
‫پئسا ميڙي‪ .‬ھن جو ذھن انهيَء کان وڌيڪ ڪجھ نہ سوچي سگھيو‪ .‬ھن جي نظر وڃي وڏيرياڻي‬
‫تي پيئي جيڪا پريان کٽ تي ويٺي ھئي‪ ،‬جھڙي راڻي‪ ،‬نڪو ڪم نہ ڪار‪ ،‬ٻانھيون ڪم ڪار کي‬
‫لڳيون پيون آھن‪ ،‬پاڻ ويٺي حڪم ھالئي‪ .‬ھن سوچيو تہ جي ھوَء پاڻ کي وڏيرياڻي ھجي ھا ته! ھن‬
‫گھڙيَء کن الِء پاڻ کي وڏيرياڻي محسوس ڪيو‪ .‬انھيَء احساس ايندي ئي ھن وڏيري ڏانھن نھاريو‬
‫تہ سورج ياد اچي ويس‪ .‬ھو سورج کي سامھون اوچن ڪپڙن سان پينگھي ۾ لڏندي ڏسندي رھي‪. .‬‬
‫”چڱو بيبي ھاڻي موڪالئيون ٿيون‪ “.‬لڪي جي آواز ھن جي ويچارن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو‪.‬‬
‫جڏھن سڀئي پنھنجي گھرن ڏانھن روانو ٿيون تہ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ڪنديون ويون‪،‬‬
‫پر جيڻا ماٺ ۾ ھئي‪ ،‬ھوَء اڃا حويليَء جي اندر ھئي پنهنجن پورن ۾!! بس ايئن وڏيري پھريون ڀيرو‬
‫جيڻا جي جھلڪ ڏٺي‪.‬‬
‫ھوڏانھن ڪولھين زمينون ٺاھي پوريون ڪيون تہ ٽماٽن‪ ،‬مرچن ۽ مٽرن جا سال زمين جي ٻٽ مان‬
‫جھاتي پائي آڪاش ڏانھن نھارڻ لڳا ھئا‪ .‬وڏيرو ٽئين چوٿين ڏينهن ھن پاسي بہ زمين‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪28‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫گھمڻ ايندو ھيو‪ .‬سندس زمين‪ ،‬وڏيري الِء پنڌ گھمڻ کان زور ھئي‪ ،‬انھيَء ڪري گھوڙي تي چڙھي‬
‫زمين گھمندو ھو‪.‬‬
‫جڏھن بہ کيس ڪولھين واري ٽڪر ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر اينديون ھيون‪ ،‬گھوڙي جي واڳ‬
‫اوڏانهن موڙي ڇڏيندو ھو‪ .‬پر ھن کي جيڻا ڪڏھن اڪيلي نظر نہ آئي‪،‬‬
‫ساڻس گڏ ٻيون بہ ھونديون ھيون‪ ،‬پر تڏھن بہ انھيَء پاسي چڪر ھڻڻ فرض سمجھندو ھو‪ .‬ڪڏھن‬
‫ڪڏھن تہ کھرو ڳالھائيندو ھو تہ ھو ويچاريون ھيسجي وينديون هيون ۽ وڏيرو جڏھن موٽندو ھو‬
‫تہ جيڻا کيس گھوڙي تي ويندي ڏسندي رھندي ھئي‪ ،‬تيسين ڪہ ھو نظرن مان اوجھل نہ ٿي وڃي‪.‬‬
‫جيڻا وڏيري جي رعب داٻ کان ڏاڍي متاثر ٿيل ھئي‪ .‬پاڻ رڳو لنگھيو وڃي‪ ،‬تہ ھاري ڏڪيو وڃن‪.‬‬
‫دڙڪو ڏئي تہ ھارين جو اڌ ساھ نڪريو وڃي‪ ،‬تڏھن بہ سڀ ھاري سندس اشاري تي جان ڏيڻ الِء‬
‫تيار‪ .‬اسين ھاري ڏينھن رات ھڪ ڪري ڏيون تہ پئسا وريو گھر ويٺي وڏيري کي ملن‪.‬پاڻ نڪو‬
‫ڪوڏر کڻي نہ ڪھاڙي؛ نڪو ڪاڙھي تتي ۾ نڪري‪ ،‬نڪو تھ سياري ۾ زمين جو مالڪ جوٿيو‪.‬‬
‫سڀ ڌڻيَء جون مهربانيون آهن‪ .‬باقي اسان کي تہ مانيَء جو ٽڪر بہ مس ملي‪ .‬ھو ايئن سوچيندي‬
‫رهي‪.‬‬
‫جيئن ڏينھن گذرندا رھيا ‪ ،‬تيئن وڏيري جي اڻ تڻ وڌندي رهي‪ .‬قادر بخش تي باھ ٻاري ڏنائين‪،‬‬
‫”قادر وارو ڪر‪ .‬اڃا بہ ڏينھن لڳندئي ڇا؟“‬
‫” سائين ٿورو وقت لڳندو‪ .‬داڻو وڌو اٿم ڪوڙڪي تيار آھي‪ .‬بس پکي اھو داڻو چڳيو تہ پوِء سڌو‬
‫ڪوڙڪي ۾‪ “.‬قادر وجھ جي ڳوال ۾ رھڻ لڳو‪..‬‬
‫ھڪ ڏينھن جيڻا پاڻي ڀري موٽي رھي ھئي تہ قادر بخش جي جيڻا تي نظر پوندي ئي سندس ھٿ‬
‫پھراڻ جي کيسي ۾ ھليو ويو‪ .‬اھا وٿ اتي موجود ھئي‪ .‬اصل ۾ قادر بخش اھا وٿ اھا وٿ پاڻ سان‬
‫گڏ کنيو پيو ھلندو ھو متان ڪٿي لوڙ نہ پئجي وڃي‪ .‬جيڻا اڪيلي ھئي ۽ قادر بخش الِء ھي سونو‬
‫وجھ ھو‪ .‬ھو اچي جيڻا کي منھن ۾ گڏيو‪ .‬جيڻا جو ڪنڌ ھيٺ ھو‪ .‬قادر بخش دير نہ ڪئي‪..‬‬
‫”اسين مري وينداسين جي اسان جي سار نہ لڌئي‪“.‬‬
‫قادر بخش ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ۽ جيڻا لڄ کان ڳاڙھي ٿي وئي‪ ،‬پر پوِء سندس منھن تي ڪاوڙ جا‬
‫تاثرات اچي ويا‪.‬‬
‫پھرين تہ ويچار آيس تہ مٽ پاڻي سوڌو قادر بخش کي ھڻي ڪڍي‪ ،‬پر ڪٿي ھو غريب‪ ،‬۽ ڪٿي‬
‫وڏيري جو ڪمدار‪ .‬۽ وري سوچڻ لڳي تہ متان سندس مڙس آھيء ۾ نہ اچي وڃي‪.‬‬
‫ھن قادر بخش کي ڪا وراڻي نہ ڏني ۽ چپ چاپ ھلڻ لڳي‪ .‬ھن جي سانت قادر بخش کي ھمتايو‪،‬‬
‫۽ ھو وڌي بنھہ جيڻا جي ويجھو اچي پھتو‪ .‬کيسي مان ٻہ چانديَء جا ڪڙا ڪڍي ھن جيڻا ڏانھن‬
‫وڌايا‪ ،‬پر جيڻا ڏٺا اڻ ڏٺا ڪري ڇڏيا‪.‬‬
‫”سوکڙي ٿئي اسان غريبن جي‪ .‬اھا نہ موٽائجانِء نہ تہ دل ٽٽي پوندي‪ “.‬قادر بخش ھاڻي آزي نيزاري‬
‫ڪرڻ لڳو‪.‬‬
‫پر جيڻا ڊڄي وئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪29‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫مونکي تنگ نہ ڪر‪ ،‬منھنجو مڙس مونکي ماري وجھندو‪ “.‬جيڻا ھراسجي چوڻ لڳي‪.‬‬
‫سورج کي چئجائين تہ ڇڄ وڪڻي وڪڻي پئسا جمع ڪري مائي بختاور کان گهرايا اٿم‪ “.‬مائي‬
‫بختاور ڳوٺ وارن کان پئسا وٺ ي شھر مان وکر سکر آڻيندي ھئي‪ .‬پر جيڻا قادر بخش جي انھيَء‬
‫ھدايت کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو‪.‬‬
‫سامھون ڪولھين جا گھر ھئا‪ .‬وقت ٿورو ھو‪ ،‬قادر بخش ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو‪ ،‬ڪٿي بہ ڪو‬
‫ماڻهو ڇيڻو نظر نہ ٿي آيو‪ .‬ھن ھڪدم ڪڙن کي کڻي مٽ ۾ وڌو‪” .‬گڙپ“ جو آواز آيو ۽ ڪڙا وڃي‬
‫مٽ جي تري ۾ پيا ۽ قادر بخش تڪڙا تڪڙا پويان پير ڪيا‪.‬‬
‫ٻئي ڏينھن قادر بخش کي ڏاڍي آنڌ مانڌ ھئي تہ ڪيئن بہ ڪري جيڻا کي ڏسي‪ .‬ھو بھانو ڪري‬
‫سورج جي جھوپڙي ڏانهن ويو‪ .‬جڏھن اتي پھتو تہ جيڻا اوڏي مھل ماني ٿڦي دانگيَء تي وجھي رھي‬
‫ھئي‪ .‬سندس ٻانھ ۾ پيل چاندي جا ڪڙا اس ۾ جرڪي رھيا ھيا‪ .‬قادر بخش جي اکين ۾ سڦلتا جي‬
‫چمڪ اچي وئي‪ .‬جيڻا ۽ قادر بخش جون نظرون چار ٿيون‪ ،‬ٻنھي مرڪي ڏٺو‪ .‬پکيَء داڻو چڳي ورتو‬
‫ھيو‪.‬‬
‫انھيَء ڏينھن کانپوِء ٻي رات سورج جو ٽرئڪٽر سان وڃڻ جو وارو هو‪ .‬قادر بخش اھو وقت بيچينيَء‬
‫سان ڪاٽيو‪.‬‬
‫ھن وڏيري کي پنھنجي مھم جي سڦلتا جي خبر نہ ٻڌائي‪.‬‬
‫ھن ج و پنھنجو بہ مطلب ھو‪ ،‬ھن جي پنھنجي اللچ ھئي‪ .‬ھو ڪو مفت ۾ وڏيري تائين جيڻا کي‬
‫پھچائي نہ رھيو ھو‪.‬‬
‫وڏيرو تہ اڳيئي اوبر پي رھيو ھو ۽ جي ھن بہ کڻي چڪي پيتي تہ ڇا ٿي پيو‪ ،‬پر جي وڏيري کي خبر‬
‫پئجي وڃي ھا تہ بر ٿي وڃي ھا‪ .‬نيٺ رات آئي ٽريڪٽر ساڻ سورج ۽ ٻيا گڏجي شھر ويا‪ .‬اھا رات‬
‫ڏاڍي اونداهي ھئي‪ ،‬سيُء رات جي سانت ۾ اڃا بہ واڌ ڪري رھيو ھو‪ .‬قادر بخش رات جي اونداھ ۽‬
‫سانت جي ڇپر ۾ سورج جي جھوپڙي ۾ ويو‪،‬‬
‫ان مھل تي ٽيڙو تارا اوڀر ۾ ھيا ۽ جڏھن ھو جھوپڙي کان ٻاھر نڪتو تہ ٽيڙو اولھ طرف لڙي چڪا‬
‫ھئا‪ .‬پکي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪو هو‪..‬‬
‫ڦاٿل پکيَء کي ھڪڙي ھنڌان کڻي ٻي ھنڌ رکڻ ڏکي ڳالھ نہ ھئي‪ .‬پکي جھوپڙي مان محل پھچي‬
‫ويو‪ .‬جڏھن جيڻا اوطاق ۾ پھتي تہ وڏيري کي ڏسي ڪڇي بہ نہ سگھي‪.‬‬
‫وڏيري کي رڳو وڻ کي ھٿ الئڻ جي دير ھئي تہ انب اچي جھولي ۾ ڪريو‪ .‬جيڻا جي دل ۾ بہ چور‬
‫ھ و‪ .‬وڏيري جو رعب داٻ اڳيئي اثر ڪري چڪو هو‪ .‬ھن جي اکين آڏو وڏيري جي وڏ ماڻهپيَء جا‬
‫سڀ نظارا گھمي ويا‪ .‬ٻيا تہ ٺھيو پر الياس ۽ ڪموَء جھڙا جانٺا ۽ شودا ھاري بہ وڏيري جي اڳيان‬
‫ڪنڌ جھڪائي بيھندا ھيا‪ .‬جڏھن جيڻا اوطاق ۾ پھتي تہ ھو پنھنجي پاڻ کي اوطاق جي‬
‫مالڪياڻي سمجھڻ لڳي‪.‬‬
‫ھوَء محسوس ڪرڻ لڳي تہ ھو بہ وڏيرياڻي ھئي‪ .‬وڏيرو آڪڙ وارو ماڻھو سو ھاڻي سندس نوڪر‬
‫وانگر ٿي لڳو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪30‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫وڏيري جي ھٺ کي ايئن ٽٽندي ڏسي‪ ،‬ھوَء پنھنجي غربت جو اميريَء کان بدلو وٺندي محسوس‬
‫ڪرڻ لڳي‪” ،‬ھونھ آيو آھي وڏي آڪڙ وارو‪ ،‬ڪٿي آھي سندس آڪڙ!“‬
‫بس پوِء اھو معمول ٿي ويو‪ .‬جنھن ڏينھن سورج ٽرئڪٽر سان شھر وڃي تہ جيڻا اوطاق ۾‪ .‬سورج‬
‫کي خبر نہ پئي تہ پويان ڇا ٿي رھيو آھي‪ .‬بس ايترو فرق سو پيو تہ جيڻا چڙچڙي طبيعت جي ٿي‬
‫پئي‪ .‬ٿوري ٿوري تي سورج کان رسيو وڃي‪ ،‬پر تڏھن بہ ھن کي اھا ڄاڻ نہ ٿي سگھي تہ جيڻا جي‬
‫طبيعت ۾ ڇو ڦير و آيو آهي‪ .‬جيڻا پاڻ کي مٿڀرو سمجھڻ لڳي‪ .‬ڪولھياڻين ۾ سھڻي تہ اڳي ئي‬
‫ھئي‪،‬‬
‫پر وڏيري جي دل گھري هئڻ ڪري سندس پير زمين تي ايئن پوندا ھئا‪ ،‬ڄڻڪ راڻي ھجي‪ .‬اھا ڳالھ‬
‫ھونئن بہ لڪي ڪيستائين رھندي‪ .‬ھڪڙي ڀيري ڪيسري ڏسي ورتس پوِء تہ سڀني ڪولھياڻين‬
‫کي خبر پئجي وئي‪ ،‬پر سندن مڙسن تائين اڃا ڳالھ نہ پھتي ھئي‪..‬‬
‫انھيَء رات سورج پنھنجي واري سان ٽريڪٽر تي شھر ويو ۽ جيڻا بہ معمول وانگر سورج جي‬
‫نڪرنديئي وڃي اوطاق ۾ پھتي‪.‬‬
‫جڏھن سج جو ڀنڀرڪي مھل جيڻا موٽي پنھنجي جھوپڙي پھتي تہ کانئس ڇرڪ نڪري ويو‪.‬‬
‫سامھون ڪروڌ ۾ ڀريل سورج بيٺو ھيو!‬
‫پھرين تہ کيس پنھنجين اکين تي ويساھ نہ آيو‪ ،‬ھن وري پڪ ڪرڻ الء سورج ڏانھن نھاريو‪ .‬اوندھ‬
‫۾ بہ سورج جون رت ڀريون اکيون چمڪنديون نظر آيو‪ .‬ھن کي پنھنجي سرير ۾ سياٽو محسوس‬
‫ٿيڻ لڳو‪ .‬ھن کي ائين لڳو‪ ،‬سوين ڪيڙا سندس ماس پٽي رھيا ھجن‪ .‬ھن رڙ ڪئي‪” ،‬اڙي مون کي‬
‫بچايو‪ “.‬ھن کي وڌيڪ رڙين ڪرڻ جو وجھ نہ مليو‪.‬‬
‫اک ڇنڀ ۾ سورج اٿي بيٺو ۽ ڪھاڙي گھمائي جيڻا جي ڪنڌ ۾ ٺڪا ڪرايائين‪..‬‬
‫”وٺ ھي ڪميڻي“ ڏند ڪٽيندي سورج ھڪل ڪئي‪.‬‬
‫جيڻا رڳو ھڪ ڀيرو ”آھ“ ڪئي ۽ ڌو وڃي پٽ تي ڪري‪.‬سورج ڪروڌ ۾ االئي گھڻا ڀيرا ڪھاڙي‬
‫جا وار ڪندو رھيو‪ .‬سھڻي جيڻا‪ ،‬سندس پيرن ۾ رت سان ٽمٽار ٿي پئي ھئي‪.‬‬
‫جيڻا جي رت تي نظر پوندي ئي ھن جو ھانُء ٺريو‪ .‬ھن تان وڏو بار لهي ويو‪ .‬ھن پنھنجي بي عزتيَء‬
‫جو پورو وير ورتو ھو‪ .‬ھڪ غريب‪ ،‬غريب کان ئي وير وٺي سگھي ٿو‪ .‬ھن جي بي عزتيَء جو ڪارڻ‬
‫جيڻا نہ وڏيرو ھو؛ ڪروڌ ۾ انڌو سورج بہ جيڻا ۽ وڏيري جي فرق کي صاف ڏسي سگھيو ٿي‪ .‬سندس‬
‫بي عزتيَء ڪندڙ بہ رھجي ويو پر ھو رڳو جيستائين پھچي سگھيو ٿي اوستائين ھليو‪ ،‬وڏيري کان‬
‫بدلي وٺڻ جي ھمت منجھس ڪانہ ھئي‪ .‬غريب جو زور غريب تي ئي ھلندو آھي‪.‬‬
‫سورج جي جھوپڙي جي چوڌاري گوڙ ٿي چڪو هو‪.‬‬
‫سڀ ڪولھي ھراس ۽ ڊپ ۾ بيٺا ھئا‪ .‬پرڀو سورج کي ڀاڪر ۾ جھليو بيٺو هو‪ ،‬زالن جي اکين۾‬
‫ڳوڙها ھئا‪ ،‬کين خبر ھئي تہ ڪارڻ ڪھڙو ھو‪ .‬پرڀوَء رڳو سورج کان ايترو پڇيو‪” ،‬اڙي ھي ڇا‬
‫ڪئي!“ پرڀو جي ڀاڪر مان سورج ڇڏائڻ جي جاکوڙ ڪندي وڦلڻ لڳو‪:‬‬
‫”ڇڏيو ڙي مونکي‪ ،‬ڇڏيو تہ آئون ٿاڻي تي وڃان‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪31‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھوڏانھن اوطاق ۾ روشني ٿي چڪي هئي‪ .‬قادر بخش سھڪندو سھڪندو وڃي وڏيري وٽ پھتو‪.‬‬
‫وڏيري تي نظر پوندي ئي قادر بخش رڙ ڪئي‪:‬‬
‫”سائين سورج جيڻا کي ماري وڌو‪“.‬‬
‫وڏيري کي ڪارڻ پڇڻ جي لوڙ ئي ڪانہ ھئي ۽ نہ قادر بخش کي ڪارڻ ٻڌائڻ جي‪ ،‬وڏيري جي‬
‫منھن تي گھٻراھٽ جا آثار ظاھر ٿي رھيا ھئا‪.‬‬
‫”پر سورج تہ ٽرئڪٽر سان ويو ھو!“ وڏيري قادر بخش کان اچرج منجھان پڇيو‪.‬‬
‫”ھا سائين ويو تہ منھنجي اکين آڏو ھو‪ ،‬پر االئي ڪيئن موٽي آيو‪ “.‬قادر بخش پاڻ اچرج ۾ ھو تہ‬
‫سورج ڪيئن موٽي آيو‪ ” .‬سائين ٻيو تہ ٺھيو‪ ،‬ھاڻي مڇريو بيٺو آھي‪ ،‬چوي ٿو تہ ڇڏيو تہ ٿاڻي تي‬
‫وڃان‪ “.‬قادر بخش ڳڻتي ڪندي وڏيري کي ٻڌايو‪.‬‬
‫”ڪنھن کي خبر ٿورئي آھي‪ ،‬وڃڻ ڏينس ھن تي ڪو ويساھ تہ ڪونہ ڪندو‪ “.‬وڏيري ڏاڍي پڪ‬
‫واري لھجي ۾ چيو‪.‬‬
‫” پر سائين ھتي تہ سڀ ڪنھن کي خبر آھي تہ جيڻا‪،!...‬‬
‫قادر بخش ٿورو ھٻڪيو ۽ اڳتي سڌو سنئون چئي نہ سگھيو پر ڳالھہ ٺاھيندي چوڻ لڳو‪....”،‬تہ جيڻا‬
‫ھتي اوطاق ۾ ايندي آھي‪ “.‬اھا ڳالھہ ٻڌندئي وڏيري کي ٺاپر لڳي ويا‪ .‬ھن سوالي نظرن سان قادر‬
‫بخش ڏي نھاريو‪ .‬ڄڻڪ پڇي رھيو ھجي‪:‬‬
‫اھو سڀ ڪنھن مشھور ڪيو‪ .‬قادر بخش وڏيري جي نظرن کي سمجھندي چيو‪” ,‬سائين اھڙيون‬
‫ڳالھين ڳوٺن ۾ لڪيون نہ رھنديون آھن سڀ ڪنھن کي خبر ھوندي آھي‪.‬‬
‫پر اهو سائينجن جو رعب آھي جو ٻڙڪ ٻاھر نہ ٿو ڪڍي سگھي‪“.‬‬
‫ھاڻي وڏيري کي پنھنجي بدنامي ٿيندي نظر آئي سورج تي ڪيس ھلندو؛ ملڪان ملڪ ڳالھ‬
‫پکڙجندي؛ سورج هر ڳالھ ڪورٽ ۾ ڪندو؛ سڄو معاملو اخبارن ۾ اچي ويندو‪ .‬ڇا سندس عزت‬
‫رھندي! ھر ڪو چوندو‪ :‬وڏيرو وڃي ڪولھڻ سان کريو‪ .‬کيس ڪورٽ ۾ نيو ويندو‪ ،‬آڏي پڇا ٿيندي‪.‬‬
‫وڏيري کي اھو سڀ سوچيندي پگھر اچي ويو‪ .‬لڪ ڇپ ۾ تہ مڙيئي خير ھو‪ ،‬پر ائين ڳالھہ مشھور‬
‫ٿيندي تہ سندس عزت ٽڪي جي بہ نہ رھندي‪ .‬ھن کان پھرين تہ اھڙيون گھڻيون ڳالھيون لڪ ڇپ‬
‫۾ ٿي ويئون ھيون وڏيري گھٻراھٽ ۾ قادر بخش کان پڇيو پوء ڀال ڇا ڪجي؟“‬
‫”جيڪو سائين جو حڪم“ ھن فرمانبرداريَء سان چيو‪.‬‬
‫” ڪيئن بہ ڪري سورج جو منھن بند ڪرايو وڃي‪ ،‬نہ تہ ڦڪڙ ڦاٽ کاڌو نہ پوء معامرو‪“....‬‬
‫"”ھا سائين بيشڪ معامرو وڌي ويندو“قادر بخش وڏيري جي ھا ۾ ھا مالئي‪” ،‬سائين حڪم ڪريو‬
‫تہ پورو بندوبست ڪري ڇڏيون‪ .‬اوھان جي اشاري جي دير آھي‪ .‬اھي واٽ رڳي ھڪڙي‪ ،‬پئسن کان‬
‫معامرو وڌي ويو آھي‪ ،‬مڙس مڇرير بيٺو آھي‪“.‬‬
‫وڏيري کان حڪم احڪام وٺي ڪمدار ڪولھين وٽ پھتو‪ .‬پنھنجي منھن تي ڏک جا آثار پيدا‬
‫ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ روئڻھارڪو ٿي ڪولھين کي چوڻ لڳو‪” ،‬اڙي ھن ڇا ڪري ڇڏيو‪.‬‬
‫جيڻا کي ھٿ سان ماريائين ھاڻ پاڻ بہ ڦاسيَء تي چڙھي ويندو‪ “.‬ھن ڦاسيَء جي ٻول زور ڏيندي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪32‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫چيو‪ .‬ڦاسيَء جو ٻڌي ڪولھي ڊڄي ويا سڀني کڻي ھٿ جوڙيا‪” .‬ڌڻيَء جو واسطو اٿيئي ڪيئن بہ‬
‫ڪري ھن کي بچاِء‪ .‬جيڻا تہ ويئي‪ ،‬ھي بہ نہ ھليو وڃي‪ .‬اسين ھينئر ئي ٿا وڏيري وٽ وڃون‪ .‬وڏيرو‬
‫ضرور ڪج ھہ ڪندو‪ ،‬ھو ھلندي وارو آھي‪ ،‬ھو اسان جو ابو آھي ضرور ڪجھہ ڪندو“‬
‫ڪيسري سڀني جي پاران ڳالھائيندي چيو‪.‬‬
‫”پر وڏيرو ھتي آھيئي ڪونہ ‪ ،‬ھو تہ ڪالھونڪر شھر ويل آھي“ قادر بخش ڪوڙ ھنيو‪” ،‬ھو ھجي‬
‫ھا تہ ڪا ڏکيائي ڪانہ ٿئي ھا‪ .‬ھاڻي پوليس کان جند نہ ڇڏائي سگھبي‪،‬‬
‫خدا پيو خير ڪري“ ھن اڃا وڌيڪ کين ڊيڄاري ڇڏيو‪.‬‬
‫”پوِء تون ئي ڪجھ ڪر‪ ،‬تون ھتي وڏيري جي جاِء تي آھين‪ “.‬پرڀوَء کيس اڌ وڏيرو بڻائي ڇڏيو‪ .‬قادر‬
‫بخش گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو‬
‫” ھڪڙو رستو آھي‪ .‬سورج کي فلحال ھتان پري ڪري ڇڏجي‪ .‬پوليس ھتي اچي تہ چئجوس اوھان‬
‫ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو‪ .‬رڙيون ٻڌي جڏهن اوهان ھتي پھتا تہ جيڻا رت ۾ ٻڏل پٽ تي پيئي ھئي‪“.‬‬
‫ٻيو ھتي ڪير ڪونہ ھو‪ ،‬سورج جو پڇن تہ چئجون تہ درگي‪ ،‬علي نواز ۽ ٻين سان ٽريڪٽر تي‬
‫گڏجي شھر ويو ھو‪ .‬اتان کيس ٿر وڃڻو ھو‪ ،‬سو اوڏانھن ويو ھوندو‪ .‬ٻيو آئون ٺيڪ ڪري ڇڏيندس‪“.‬‬
‫قادر بخش ھنن تي وڏو احسان ڪري رھيو ھو‪.‬‬
‫"” جيئين تو چيو آھي ‪ ،‬ائين ئي چوندا سون‪ “.‬ھنن قادر بخش کي پڪ ڏياري‪.‬‬
‫قادر بخش سورج کي ٻانھن کان ورتو‪ .‬سورج اڌ چريو ٿي چڪو ھو‪ ،‬ھن جي ڪجھ سمجھ ۾ نہ پي‬
‫آيو تہ ڇا ٿي ويو‪ ،‬ڇا پي ٿيو ۽ ڇا ٿيندو‪ .‬ھو چپ چاپ قادر بخش سان گڏجي ھليو ويو‪.‬‬
‫پوليس آئي بيان وٺي ھلي وي ئي‪ .‬وڏيري جي سر زمين ھئي‪ .‬وڏيرو پھچ وارو ھو‪ ،‬تنھن کان سواِء‬
‫پوليس الِء سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو ھو‪ .‬پوليس کي مٿان فون بہ اچي ويا ۽ پئسا وڏيري الِء ڪا‬
‫وڏي ڳالھہ ڪانہ ھئي‪.‬‬
‫ٻئي ڏينھن قادر بخش وڏيري کي سربستو حال ٻڌائي رھيو ھو‪” .‬پوِء سائين ڪيوسونس ڪئنال جي‬
‫حوالي ۽ جڏھن وڃي تر ورتائين تڏھن موٽياسون“‬
‫”وڌئوس تہ بالئتو ڪري؟" وڏيري پڪ ڪرڻ الِء پڇيو‪.‬‬
‫” سائين بنھہ بالئتو ڪري‪ .‬ڳچي ۾ اڌ مڻي پڃري ٻڌي‬
‫پوِء ڇڏيوسونس‪ .‬اسين ڪي ڀوڪ نہ ڪين آھيون‪“.‬‬
‫وڏيري جي ساھ ۾ ساھ پيو‪ .‬سندس عزت بچي وئي‪.‬‬
‫نہ تہ ھي رذيل کيس ٽڪي جو ڪري ڇڏي ھا‪.‬‬
‫ڪجھ ڏينھن صبر ڪري سڌير قادر بخش کان سورج جو پڇيو‪ .‬قادر بخش سمجھائڻ لڳس‪” ،‬ابا‬
‫اڃان ڳالھ نہ ڪريو ڀلي وقت گذري‪ .‬بنھن کي ڀوڪ آھيو‪ .‬ڳالھہ ڦاٽ کاڌوتہ توھان بہ اندر تہ آئون‬
‫بہ اندر پوليس سڌو سورج کي ڪاٺ ۾ وجھندي‪ ،‬توھان مڙئي ڦاسي ڏياريندوس!“ وري ھوريان آواز‬
‫ڪري چوڻ لڳو‪” ،‬ٿر موڪلي ڇڏيو اٿئونس‪ .‬اتي ڪمائي پيو‪ .‬ھاڻي ھو ھتي ڪونہ ايندو‪ .‬چڱو ٿيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪33‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ياد آيو‪ ،‬ٽيون ڏينھن ٿر مان ماڻھو آيو ھو‪ ،‬سورج اوھان سڀني کي سالم موڪليا آھن‪ “.‬ڪولھي‬
‫خوش ٿي وڃي پنھنجي ڪم کي لڳا‪.‬‬
‫وڏيرو پنھنج ون ٻنيون گھمي رھيو ھيو‪ .‬قادر بخش ساڻس گڏ هو پريان ڪڻڪ جو البارو ٿي رھيو‬
‫ھو‪ .‬ھاري زالين مڙسين البارو ڪري رھيا ھئا‪ .‬وڏيري چوڌاري نظر ڦيرائي‪،‬‬
‫سندس نظر وڃي ھڪ ھارياڻيَء تي کتي‪ .‬قادر بخش وڏيري جي نظرن کي تاڙي ورتو سندس چپن‬
‫تي مرڪ اچي وئي‪.‬‬
‫”سائين محمود جي ڌيَء اٿو‪ ،‬ڪالھہ ٻار ھئي‪ ،‬اڄ‪ “....‬وڏيري ۽ قادر بخش جون نظرون چار ٿيون‪ .‬ٻنھي‬
‫مرڪي نظرن ئي نظرن ۾ ھڪ ٻئي سان ڳالھائي ورتو!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪34‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڀاڳ_نڀاڳ‬

‫آئون ھڪ امير ماڻھو آھيان‪ .‬زميندار بہ آھيان تہ وڏيرو بہ اسيمبليَء جو ميمبر بہ چونڊيو آهيان‪.‬‬
‫شوقين بہ آھيان تہ عياش بہ‪” .‬ٽنھي“ قسمن جو شڪاري آھيان‪ .‬جانورن جو‪ ،‬ماڻھن جو ۽ زائفائن‬
‫جو‪ .‬لکن جا قرض اٿم تہ ڪارخاني جا ”ليسن“ بہ اٿم‪ ،‬جي ھر مند ۾ وڪڻيو لک ڪمايو وٺان‪.‬‬
‫مطلب تہ مون ۾ ڪا اھڙي عادت ڪانھي‪ ،‬جا ھڪ سنڌي زميندار ۾ نہ ھجي‪ .‬پر تڏھن بہ مان ھڪ‬
‫عام زميندار وانگر نہ آھيان‪ .‬مون ۾ ۽ ھنن ۾ رڳو ھڪڙو فرق آھي‪ .‬مون کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليَء جي‬
‫مسئلن جي ٿوري گھڻي پروڙ آھي ۽ دل ۾ احساس بہ اٿم تہ سنڌ تي ڏکئي ۾ ڏکي مھل آھي‪ ،‬جي‬
‫اسان ھاڻي اکيون نہ پٽيون ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪيو سين تہ اسين فنا ٿي وينداسون‪ .‬اسان جي ٻولي ۽‬
‫ثقافت کي ڌاري ٻولي ۽ ثقا فت جي وڏي مڇي ننڍيَء مڇي وانگر ڳڙڪائي ويندي‪ .‬اھو ئي ڪارڻ‬
‫آھي ‪ ،‬جو منھنجي پاران ڪم شروع آھي‪ .‬اڄا تہ آئون ھڪڙو آھيان ‪ ،‬پر يار دوست اٿم مون کان بہ‬
‫موچارا‪ ،‬انھن کي بہ مون تيار ڪرڻ شروع ڪيو آھي‪ .‬اھي بہ مون وانگر عياش ۽ خود غرض آھن‪،‬‬
‫رڳو پنھنجي ميمبريَء جي سيٽ پڪي ڪرڻ ٿا گھرن— باقي مسئال وڃي پون کڏ ۾‪ ،‬پر ڪھڙا بہ‬
‫آھن‪ ،‬آھن تہ سنڌي‪ .‬مون انھن کي سمجھائڻ شروع ڪيو آھي اميد تہ ھن قصي کي سمجھي ويندا‪.‬‬
‫مون پنھنجي رٿا پٽاندر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي ‪.‬‬
‫اڄ ھڪڙي رسالي جي ايڊيٽر کي گھرايو اٿم‪ .‬ھو مون وٽ ڏھين وڳي پھچڻ وارو آھي‪ .‬مون کي پڪ‬
‫آھي تہ ھو پوري مھل تي پھچندو‪ .‬مھل جي پابندي سڦلتا جي ڪنجي آھي‪ .‬پھرين تہ مون کي مھل‬
‫جو احساس ئي ڪونہ ھوندو ھو‪ .‬ڪنھن کي مھل ڏيندو ھوس تہ مھل تي پھچڻ تہ ٺھيو‪ ،‬مرڳوئي‬
‫وسري ويندو ھو‪ ،‬پر ھاڻي مجال آھي جو ائين ٿئي‪ .‬اھو مون ٻين قومن سان گڏ رھي سکيو آھي‪.‬‬
‫گ ھنٽيَء جو آواز اچي ٿو‪ ،‬شايد ھو اچي ويو آھي‪ .‬نوڪر ايڊيٽر جو نالو وٺي مون کي ھن جي اچڻ‬
‫جو ٻڌائي ٿو ۽ آئون کيس اندر وٺي اچڻ الِء چوان ٿو‪.‬‬
‫اھو ايڊيٽر ھڪ سنڌي لکاري آھي‪ .‬ڪھاڻيون لکندو آھي‪ .‬چون ٿا تہ سٺيون ڪھاڻيون لکندو‬
‫آھي‪ .‬مون سندس ايڪڙ ٻيڪڙ ڪھاڻيون پڙھيون آھن‪ ،‬سي بہ ياد ڪونھن‪.‬‬
‫اسان کي پنھنجيون بيڪاري َء واريون مصروفيتون ايتريون آھن‪ ،‬جو مھل ئي ڪونہ ٿي ملي‪ .‬بس‬
‫ايتري سڌ اٿم تہ ھي ايڊيٽر ھڪ پڙھيل ڳڙھيل نوجوان آھي‪ .‬منجھس نہ رڳو جوش ۽ جذبو آھي‬
‫پر ڪم ڪرڻ جي لڳن بہ اٿس‪ .‬سنڌي ٻوليَء جي چاڪري سندس حياتيَء جو مقصد آھي‪ .‬جڏھن‬
‫پھريون ڀيرو مون سان مليو ھو تہ ڏاڍي عجيب ڳالھ ڪئي ھئائين‪ .‬چيو ھئائين‪” :‬سنڌي ٻولي جي‬
‫چاڪري ۾ بہ منھنجي خود غرضي لڪل آھي‪ .‬اڄڪلهہ جي سنڌي ٻولي غريب آھي تہ آئون بہ‬
‫غريب آھيان‪ ،‬پر جڏھن سنڌي ٻولي شاھوڪار ٿيندي‪ ،‬ان ۾ ھر موضوع تي ھزارين ڪتاب نڪرندا‬
‫۽ سنڌ جي اسي لک ماڻھن ۾ ڪنھن ڪتاب جون ھزار ڪاپيون نہ پر لک ڪاپين جو وڪرو‬
‫ٿيندو‪ ،‬تہ پوِء آئون بہ امير ٿي ويندس‪ .‬اھا ٻي ڳالھ آھي تہ ائين ٿيڻ کان پھرين آئون بکون ڪٽي‬
‫مري وڃان‪ “.‬سچ تہ ھو بکون ڪاٽي پنھنجي ٻارن ٻچن کي تڪليف ۾ وجھي رسالو ڪڍي ٿو‪،‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪35‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڇاڪاڻ جو ڪنھن سنڌي ادبي رسالي مان ڪمائڻ تہ ٺھيو‪ ،‬پر مور پئسا ڪڍڻ بہ وڏي ڳالھ آھي پر‬
‫تڏھن بہ ھن کي سٺي مھل جو اوسيڙو آھي‪ .‬ھو اچي ٿو ۽ آئون اٿي سندس آڌرڀاُء ڪريان ٿو‪ .‬آئون‬
‫ھن کي صوفي تي ويھڻ الِء چوان ٿو‪.‬‬
‫ڪو وقت ھوندو ھو تہ آئون انھن ساھتيڪارن ۽ شاعرن کي بيڪار نہ پر واھيات سمجھندو ھوس‬
‫۽ ھنن سان ڳالھائڻ بہ شان کان گھٽ سمجھندو ھوس ۽ سچ تہ اھو آھي تہ مون الِء تپيدار ۽‬
‫صوبيدار ئي سڀ ڪجھ ھئا‪ ،‬پر ھاڻي اکيون کليون اٿم ۽ احساس ٿيو اٿم تہ اسان جي ٻوليَء ۽‬
‫ثقافت جا رکواال اھي لکاري ۽ فنڪار ئي آھن‪ .‬اسان تہ ميمبري ۽ ليسنن تي سنڌ جا سودا ڪيو‬
‫وجھون‪ ،‬پر ھي مڙس ڦاھيَء جي تختي تي پھچي بہ پنھنجي ڳالھ تان نہ ٿا لھن‪ .‬انھن جي ئي لکڻي‬
‫آھي جن ملڪ ۾ سجاڳي آندي آھي‪ .‬اھائي ڳالھ آھي جو آئون ھاڻي انھن جي ايتري عزت ڪريان‬
‫ٿو ۽ کين اٿي بيھي مالن ٿو‪..‬‬
‫مان ايڊيٽر سان خير عافيت ڪريان ٿو‪ .‬هو ڳالھيون ڪندي منھنجي اڳيان اخبار کولي ٿو ۽‬
‫منھنجو ڌيان اخبار جي ھڪ خبر ڏانھن ڇڪائي ٿو‪ .‬اخبار ۾ انھن ڪتابن جي لسٽ ڇپي آھي‪،‬‬
‫جن کي انعام ڏنا ويا آھن‪ .‬انھيَء لسٽ ۾ ڪنھن بہ سنڌي ڪتاب جو نالو ڪونھي‪ .‬آئون کائنس‬
‫پڇان ٿو‪،‬‬
‫”ڇا سنڌيَء ۾ ڪوبہ اھڙو سٺو ڪتاب نہ ڇپيو آھي جنھن تي انعام ملي سگھي!“ آئون دل ئي دل‬
‫۾ سوچيان ٿو تہ سنڌي لکاري ڪو سٺو ڪتاب تہ لکي نہ ٿا سگھن باقي ھر ڪو ادب جي چاڪري‬
‫ڪرڻ تي سندرو ٻڌو بيٺو آهي‪ .‬۽ شڪايتون تنھن کان سواِء پيا ڪن‪.‬‬
‫”نہ سائين‪ ،‬اھا ڳالھ ڪانھي‪ .‬پر سنڌي ڪتابن تي انعام رکيل ئي ڪونھي‪ “.‬ھو چوي ٿو‪.‬‬
‫اھو ٻڌي مان اچرج ۾ پئجي وڃان ٿو‪ ،‬۽ نہ رڳو سنڌي لکارين جي باري ۾ غلط تاثر قائم ڪرڻ تي‬
‫دل ئي دل ۾ ڦڪو ٿيان ٿو‪ ،‬پر سنڌي سياستدان جي حيثيت سان اھا بہ خبر ڪانہ اٿم تہ سنڌي‬
‫ڪتابن تي انعام ئي ڪونہ ڏين‪.‬‬
‫"” ائين تہ نالي ماتر سرڪار الچار ٿي انعام ڏيڻ شروع ڪيو آھي‪ ،‬پر ڪمال آھي تہ بئنڪن ۽‬
‫ڪارخانيدارن بہ انعام ورھائڻ شروع ڪيا آھن‪ .‬پر سنڌيَء ٻوليَء کي انھن بہ نظر انداز ڪري ڇڏيو‬
‫آھي‪ “.‬ھو وضاحت ڪندي پنھنجي ڳالھائڻ جو سلسلو جاري رکي ٿو‪” .‬بينڪن ۽ ڪارخانيدارن‬
‫کان سنڌي ڪتابن کي انعام ڏيارڻ ڪا ڏکي ڳالھہ ڪانھي اسان جي شاھوڪار سنڌين جا انھن‬
‫بئنڪن ۾ اڪائونٽ آھن‪ .‬ھو بئنڪ وارن تي زور آڻي انعام ڏياري سگھن ٿا؛ ۽ جي بئنڪ وار‬
‫ننھڪار ڪن تہ مھم ھالئي سنڌين جا انھن بئنڪن مان اڪائونٽ ڪڍرائي ڇڏجن‪ .‬پوِء ڏسو تہ‬
‫ڪيئن نہ ٿا بئنڪ وارا بہ سنڌي ڪتابن کي انعام ڏين“‬
‫”پر ڪارخانيدارن جو ڇا ٿيندو؟“‬
‫”ڪارخانيدار بہ سڌا ٿي ويندا‪ .‬ھڪڙو ڪارخانيدار جيڪو ڪتابن تي انعام ڏئي ٿو‪ ،‬تنھنجو‬
‫ڪپڙو سنڌ ۾ بہ گھڻو وڪامي ٿو؛ سندس ھڪ ويمو ڪمپني بہ آھي‪ .‬اسين اھو ڪپڙو وٺڻ ڇڏي‬
‫ڏيون ۽ ويمي ڪمپنيَء کان ويما نہ ڪاريون تہ ڏسون تہ ڪيئن نہ پوِء ھو بہ سنڌي ڪتابن تي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪36‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫انعام ٿو ڏي‪“.‬‬
‫آئون سندس اھي ڳالھيون ٻڌي حيران ٿيان ٿو‪ .‬مون کي بہ جوش اچي ٿو وڃي ”ڇا اسين سنڌي اھڙا‬
‫ويل آھيون‪ ،‬جو پنھنجي ٻوليَء کي ائين وساري ويٺا آهيون‪ “.‬آئون اھو سوچيندي کيس چوان ٿو‪،‬‬
‫” ٻڌو‪ ،‬جيسين اسين اھا مھم ھاليون ۽ سنڌي ڪتابن کي سندن جائز حق وٺي ڏيون‪ ،‬تيسين توھان‬
‫منھنجي پاران انعام جو اعالن ڪري ڇڏيو‪ .‬آئون فلحال پنھنجي پاران ھزار ٻہ ھزار ھر سال ھڪ‬
‫بھترين سنڌي ڪتاب تي ڏيندس توھان ڳڻتي نہ ڪريو‪ ،‬ٻہ ٽي دوست ٻيا گڏجي ويا تہ انعام ڏھن‬
‫ھزارن تائين بہ ڪري ڇڏينداسون‪“.‬‬
‫ھن جو منھن اھو ٻڌي ٻھڪڻ لڳي ٿو ۽ خوشي ضبط ڪندي چوڻ لڳي ٿو‪” ،‬تہ سائين‪ ،‬پوِء ھيئن‬
‫ڪريو‪ ،‬ٻہ ھزار ھڪ ڪتاب تي ڏيڻ بدران‪ ،‬ھڪ ھزار بھترين رچنائي ڪتاب تي ۽ ھڪ ھزار‬
‫بھترين کوجنائي ڪتاب کي ڏيو‪ .‬۽ پوِء جڏھن ڏھ ھزار انعام ڪري سگھو‪ ،‬تہ پوِء اھي پنجين‬
‫پنجين ھزارين جا انعام ڪري ڇڏجو‪“.‬‬
‫ھو بي انت خوش نظر اچي رھيو آھي‪ .‬پاڻ بہ لکاري آھي شايد کيس ئي انعام جي آس ھجي‪ .‬مون‬
‫کي ھڪڙو ويچار اچي ٿو ۽ پڇي ٿو ويھانس ”اوھان بہ تہ لکاري آھيو‪ ،‬ٿي سگھي ٿو ھن سال اوھان‬
‫جي ئي ڪتاب تي انعام ملي‪ ،‬جي ھن سال نہ تہ ايندڙ سال ئي سھي‪ .‬ڪيئن؟“ منھنجي لھجي‬
‫جي ٽوڪ کي ھو سمجھي ٿو وٺي‪.‬‬
‫"”نہ سائين‪ ،‬ھينئر تہ مون کي اھا بہ سار نہ رھي ھئي تہ آئون بہ ڪو لکاري آھيان‪ .‬مون کي انعام‬
‫جي اللچ ڪانھي جيڪڏھن اوھان اھي انعام سچي سچي ڏيڻ الِء تيار آھيو‪ ،‬تہ آئون اوھان کي‬
‫لکي ٿو ڏيان تہ جيستائين آئون جيئرو ھوندس‪ ،‬تيستائين آئون انعام ڪونہ وٺندس‪ .‬توھان پنھنجو‬
‫وچن پاڙ جو‪ ،‬آئون پنھنجو!“‬
‫آئون اھا وراڻي ٻڌي حيران ٿيان ٿو‪ .‬ڇا ھو سچي پچي ايڏو بي غرض آھي‪ .‬آئون سوچڻ لڳان ٿو‪.‬‬
‫” مون کي تہ ھميشہ ڪو بہ ڪم ڪرڻ مھل پنھنجو مفاد آڏو رھيو آھي‪ .‬پر ھي شخص رڳو انھيَء ۾‬
‫خوش آھي تہ ڀلي ٻين لکارين کي فائدو ملي‪ .‬سچ تہ ھي عجيب شخص آھي‪“.‬‬
‫ڪجھہ دير سانت رھي ٿي‪ .‬آئون مطلب جي ڳالھہ تي اچي‪ ،‬نہ رڳو سانت پر ھن جو تجسس بہ ٽوڙيان‬
‫ٿو‪” .‬اوھان حساب لڳايو‪ ،‬پريس تي گھڻو خرچ ايندو؟“‬
‫ھو ھڪدم پنھنجو بريف ڪيس کولي‪ ،‬ڪي ڪاڳر ڪڍي مون ڏانھن وڌائي ٿو‪ ،‬آئون ڪاڳر وٺڻ‬
‫بدران ئي کيس چوان ٿو‪” ،‬توھان ئي ٻڌايو ڪل ڪيترو خرچ ايندو؟“‬
‫”ھڪ ننڍي پريس لڳائڻ الِء گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ھزار کپن‪“.‬‬
‫ايتري ۾ نوڪر چانھ کڻي اچي ٿو ۽ اسان جي ڳالھائڻ جو سلسلو ٽٽي پئي ٿو‪ .‬آئون اٿان ٿو ۽ ميز‬
‫تان چيڪ بڪ کڻان ٿو ۽ کيس رقم لکي ڏيان ٿو‪ .‬ھو چيڪ وٺي ٿو ۽ ھن جا ھٿ ڏڪڻ لڳن ٿا‪ ،‬۽‬
‫ھو ھڪڙو ڀيرو رقم پڙھي ٿو؛ ھن کي ويساھ ئي نہ ٿو اچي تہ ڪو سنڌي وڏيرو‪ ،‬اھڙي ڪم الِء ڏھ‬
‫ھزار رپيا ڏئي سگھي ٿو‪ .‬ھو ايترو تہ حيران آھي‪ ،‬جو ڪجھ ٻول ھن جي چپن تي اچي موٽي وڃن‬
‫ٿا؛‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪37‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫وري ھمت ڪري ڳالھائڻ جي جاکوڙ ڪري ٿو‪” .‬سائين ھي‪ ،‬ھي سڀ روپيا پريس الِء ٿا ڏيو!“ ھو مس‬
‫مس جملو پورو ڪري ٿو‪.‬‬
‫آئون سندس گھٻراھٽ ڏسي لطف اندوز ٿو ٿيان‪” .‬ھا توھان پريس ھڻو‪ ،‬رساال ڪڍو‪ ،‬ڪتاب‬
‫ڇپاريو‪ ،‬منھنجو پريس سان ڪو الڳاپو نہ ھوندو‪ .‬جي توھان پنھنجي مقصد ۾ سڦل ٿيا تہ مون کي‬
‫خوشي ٿيندي پر ھڪڙي ڳالھ ٻڌو‪ ،‬جڏھن سنڌي ماڻھن کي پڙھڻ جو چاھ ڪونھي تہ اوھان سنڌي‬
‫ڪتاب ۽ رساال وڪڻندو ڪيئن‪ ،‬فائدو ڪيئن ڪمائيندو؟‪،‬‬
‫ھو موڪ آڻيندي چئي ٿو‪ ” ،‬سائين معاف ڪجو‪ ،‬آئون اوھان جي راء سان سھمت ناھيان‪ .‬اوھان جي‬
‫راء صحيح ڪانھي‪ .‬اسان سنڌي پڙھندڙن کي ڏنوئي ڇا آھي‪ .‬ھڪ ٻہ سرڪاري رساال‪ ،‬ٽي چار‬
‫پارٽي بازيَء جون شڪار اخبارون‪ ،‬۽ سال ۾ اٺ ڏھ‪ ،‬ڪتاب‪ ،‬ٻيو ڇا؟ اسان پڙھندڙن کي پنھنجي‬
‫پسند پٽاندڙ ڪتابن چونڊڻ جو وجھ ئي ڪٿي ڏنو آھي‪.‬‬
‫اسين تہ ھڪ رسالو ۽ ٻہ ڪتاب ڪڍي چئون ٿا‪ ،‬ٻيلي سنڌيَء ۾ اٿو سو زوريَء وٺو‪ ،‬وڻيو يا نہ وڻيو‪.‬‬
‫اسان جو سرندي وارو طبقو ڪتاب وٺي ڪونہ ‪ .‬غريب طبقي وٽ ايترو پئسو ڪونھي جو بيڪار‬
‫اخبارون ۽ رساال وٺي‪ .‬سائين توھان ئي ٻڌايو تہ ھو سنڌي اخبار جي قيمت ۾ ٻي ٻوليَء جي اخبار‬
‫ڇو نہ وٺي‪ ،‬جنھن ۾ گھڻيون خبرون‪ ،‬تصويرون ۽ دلچسپ ڳالھيون ھونديون آھن‪ .‬پر جي ھو سنڌي‬
‫اخبار وٺي نہ ھن کي رڳو ھڪ ٻئي ال ڇپيل گاريون ٿيون نظر اچن‪ ،‬خبرون اڌگابريون‪ ،‬مضمونن ۾‬
‫رڳو سکڻن ٻولن جو ذخيرو؛ سنڌ جي مسئلن ڏانھن ڌيان ئي نہ ‪ .‬ھاڻي سائين‪ ،‬اوھان ٻڌايو تہ ھڪ‬
‫غريب سنڌي جيڪو رڳو ھڪ اخبار وٺڻ جي حيثيت رکي ٿو‪ ،‬ھو سنڌي اخبار ڇو وٺي‪.‬اها قرباني‬
‫بہ غريب ڇو ڏي؟ اوهان تہ سنڌي ۽ ٻيون اخبارون بہ وٺي سگھو ٿا ۽ ائين تسڪين حاصل ڪريو‬
‫ٿا‪ ،‬پر ھو غريبپنڌرھن منٽن ۾ سڄي اخبار پڙھي پوء ڇا ڪري ؟ ۽ رساال بہ ائين آھن‪ ،‬ھڪ‬
‫سرڪاري رسالو ٿلھو موچارو نڪري ٿو پر مجال آھي جو وقت تي نڪري‪ .‬باقي ٻيا پنھنجي سر‪،‬‬
‫ڪتابي سلسال ڪڍيو ‪ ،‬مڙيئي ٻيا چاڪري ڪن‪ .‬اتي بہ اھا ساڳي اخبار واري ڪيفيت آھي‪ .‬ٻين‬
‫ٻولين جا رساال سستا‪ ،‬سھڻا‪ ،‬باتصوير‪ ،‬وقت تي نڪرن ۽ اسان جا رساال خشڪ‪ ،‬مھانگا ۽ بي وقت‬
‫نڪرن‪ ،‬پوء ڀال ڪٿان وڪرو ٿيندو؟ تنھن کان سواء پڙھڻ بہ ھڪڙي ھير آھي؛ جڏھن عام سنڌي‬
‫پڙھندڙ ٻين ٻولين جا رساال پڙھي ٿو تہ ھن کي انھن جي ھير ٿيو وڃي ۽ اھو پڙھندڙ‪ ،‬اسين سنڌي‬
‫ڪتابن وارا ھميشہ؟؟؟؟ الء وڃائي ٿا ڇڏيون‪ .‬اھا ئي ڳالھ آھي جو رسالن ۽ اخبارن جي‬
‫سرڪيوليشن وڌڻ بدران گھٽبي ٿي وڃي‪ .‬اسان کي پھرين مارڪيٽ ۾ ھر موضوع تي سنڌي‬
‫ڪتابن جو ذخيرو آڻڻ گھرجي؛ پڙھندڙ کي پنھنجي پسند جي چونڊ ڪرڻ ڏجي‪ ،‬ائين ھن کي‬
‫سنڌي پڙھڻ جو ھيراڪ بنائجي پوء ڏسو تہ ڪيئن ن ٿا سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون وڪامن‪ “.‬ھو‬
‫مسلسل ڳالھائي رھيو ھو ۽ آئون ھن جون ڳالھيون ٻڌي رھيو ھوس‪.‬‬
‫ھن جون اھي ئي تہ ڳالھيون ھيون ‪ ،‬جن مون تي ايڏو اثر ڪيو ھو ۽ آئون ھن کان انھيَء ڪري متاثر‬
‫ھوس تہ ھن وٽ ڪيتريون نہ نھريون دليلون ۽ رٿون ھيون ۽ آئون ھن کي چئي ويٺس ‪” ،‬ھي پريس‬
‫اوھان لڳايو‪ ،‬سڦل ٿيا تہ آئون اوھان کي اڳتي بہ مدد ڪندس‪ ،‬تہ جيئن اوھان سنڌي ۾ اھو ڪجھ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪38‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫پيش ڪريو‪ ،‬جنھن سان سنڌي ٻولي وڌي ۽ ويجھي ۽ جڳ جي ڪنھن بہ ترقي يافتہ ٻولي سان‬
‫ڪلھو ڪلھي ۾ مالئي بيھي‪“.‬‬
‫ھو وڃي ٿو ۽ آئون پاڻ کي ڪجھ ھلڪو ٿو محسوس ڪريان؛ ائين ٿو لڳي تہ مون تي ڪو بار ھو‪،‬‬
‫جو لهي ويو‪.‬ڏھہ ھزار مون وٽ تہ ڪجھ بہ حيثيت ڪونہ ٿا رکن‪ .‬رڳو گذريل اربع تي ‪ ،‬يارنھن ھزار‬
‫تہ ريس ۾ ئي ھارائي آيو ھوس‪ .‬ڊپٽي ڪمشنر جي ڌي جي شادي ۾ ٻارھن ھزارن جا زيور سوکڙي ۾‬
‫ڏنا ھئم‪ .‬اھي ڏھہ ھزار تہ رڳو ھڪ رات ۾ ئي اڏائي ڇڏيندو آھيان‪ .‬مون کي سار آھي تہ گذريل سال‬
‫ھڪ اداڪارڻ تي جڏھن پند رھن ھزار رپيا خرچ ڪيم تڏھن وڃي ھن مس مس ھڪ رات مون‬
‫سان گذاري‪ .‬آئون واچ تي نظر وجھان ٿو‪ .‬اڃا يارھن ۾ ڏھہ منٽ آھن‪ .‬پوري يارھن وڳي ھڪ ٻيو‬
‫ماڻھو اچڻ وارو آھي‪ .‬آئون ان جي باري ۾ سوچيان ٿو‪ .‬ھن کي سڏايو تہ اٿم ۽ مدد ڪرڻ جي نيت‬
‫بہ اٿم پر ڪٿي پئسو ٻڏي نہ وڃي‪ .‬ڏھن پندرنهن ھزارن جي ڳالھ ڪونھي؛ ھتي تہ لکن جو معاملو‬
‫آھي‪ .‬پئسن جي تہ ڳڻتي ڪونھي رڳي اھا اون اٿم ٿہ صحيح ھٿن ۾ پھچي ۽ ان مان نہ رڳو ذاتي‬
‫فائدو حاصل ٿئي‪،‬نہ پر سنڌي ٻولي کي بہ اوسر ملي‪ .‬اڄڪالھ ڪنھن بہ ٻوليَء ۽ ڪلچر کي ترت‬
‫ڪنهن ٻي ترقي يافتا ٻوليَء ڪلچر جي برابر آڻڻ الء فلم ھڪ وڏو وسيلو آھي‪ .‬اھو ويچار مون کي‬
‫پھرين ڪونہ ھو پر جڏھن ھن نوجوان سان مليس تہ ھن منھنجيون اکيون کولي ڇڏيون‪ .‬سنڌي‬
‫فلمن جي ايتري اھميت آھي‪ ،‬اھو پھرين مون تي ظاھر ڪونہ ھو‪ .‬آئون تہ سمجھندو ھوس تہ فلمون‬
‫رڳو ھڪ عياشي جو ذريعو آھن ۽ ٻيو ڪجھ بہ نہ ‪ .‬پر ھن شخص جي دليلن مون کي قائل ڪري‬
‫ڇڏيو‪ .‬ھن مون کي ٻڌايو تہ فلمن جي ذريعي اسين سنڌي لکارين ۽ فنڪارن کي نہ رڳو سندن فن‬
‫جي اظھار جو وجھ ڏيندا سين‪ ،‬پر ھنن جو حق بہ آھي‪ .‬تنھن کان سواء ٻين ٻولين جون فلمون ۽‬
‫ڪلچر ڏسي اسان جو ذهن اڻڄاڻائي ۾ انھن جو اثر قبول ڪري ٿو‪ ،‬جو اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر‬
‫الء ھاڃيڪار آھي؛ پر جيڪڏھن اسان پنھنجون فلمون ٺاھيون تہ اسين پنھنجي ٻولي‪ ،‬سنگيت‬
‫۽ ساھت جي اثر کي پکيڙي سگھون ٿا‪.‬‬
‫اھو ئي ڪارڻ ھو‪ ،‬جو اڄ ھن نوجوان سان مالقات ڪري رھيو آھيان‪ .‬آئون وري واچ ڏسان ٿو‪ .‬پورا‬
‫يارھن لڳا آھن‪ ،‬پنجن ستن منٽن ۾ ھو پھچي ويندو‪ .‬ھو شايد اچي ويو آھي‪ .‬نوڪر مون کي نالو‬
‫ٻڌائي ٿو‪ .‬آئون کيس اندر وٺي اچڻ الء چوان ٿو‪ .‬ھن نوجوان جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ ھيَء ڪو‬
‫عام فلم جو مريض ڪونھي‪ ،‬پر فلم جي فن جي باقائدي تعليم ورتل اٿس‪ .‬ھن ملڪ مان نہ‪ ،‬پر‬
‫واليت مان ھن ف لم ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي آھي ۽ ملڪ جي ٻن ٽن انھن ماڻھن مان آھي‪ ،‬جن فلم‬
‫جي واليت مان باقائديتعليم حاصل ڪئي آھي‪ .‬تنھن کان سواء ايم‪.‬اي ايم‪.‬اي پڻ آھي‪.‬‬
‫مون پڇيو ھو مانس تہ ڇو کيس اڃا ڪنھن فلم ٺاھڻ جو موقعو نہ مليو آھي تہ وراڻي ڏنائين تہ‬
‫جيڪڏھن ھن وٽ فلم جي ڊگري نہ ھجي ھا‪ ،‬۽ ايم‪.‬اي جي بدران مئٽرڪ فيل ھجي ھا تہ ھو‬
‫ڪڏھن کان ڊائيريڪٽر ٿي وڃي ھا‪.‬‬
‫ھو اچي ويو آھي‪ .‬آئون کيس ويھاريان ٿو‪ .‬خير عافيت کان پوء فلم جي موضوع تي ڳالھائڻ شروع‬
‫ڪريون ٿا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪39‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫پڇانس ٿو ”توھان فلم جو تفصيلي بجيٽ کڻي آيا آھيو؟“‬


‫ھو لفافو کولي ان مان ڪجھ ڪاغذ مون ڏانھن وڌائي ٿو آئون تفصيل پڙھان ٿو ‪ ،‬سنگيت جو خرچ‪،‬‬
‫اسٽوڊيو جو خرچ ‪ ،‬فنڪارن جو معاوضو ‪ ،‬پبلسٽيَء جي ڪٿ‪ ،‬انھن تان نظر ڪندي ٽوٽل تي نظر‬
‫پوي ٿي‪ .‬ھڪ لک پنجونجھہ ھزار رپيا! آئون پورو خرچ ڏسي حيران ٿيان ٿو ۽ ھڪدم کائنس‬
‫پڇان ٿو‪” ،‬ڇا توھان ايترا پئسا سنڌ مان ڪڍي ويندا؟ ڇا سنڌي پڪچر الء ايتري مارڪيٽ‬
‫آھي؟“‬
‫ڇو نہ سائين‪ ،‬ڪنھن ٻي ٻولي جي پڪچر ھن کان ٻيڻي ڪمائي سگھي ٿي تہ سنڌي ڇو نہ‬
‫ڪمائيندي‪ .‬پر شرط اھو آھي تہ سٺي ھجي‪ ،‬۽ جي فني لحاظ کان اعلى ھجي تہ اسين ان کي ڊب‬
‫ڪري‪ ،‬نہ رڳو پنھنجي ملڪ جي ٻين حصن ۾ پر پرڏيھي ملڪن ۾ بہ ھالئي سگھون ٿا‪ .‬توھان‬
‫تصو ر ڪريو تہ ڪنھن انٽر قومي ميلي ۾ ھڪ سنڌي فلم انعام کٽي تہ پوء اسان جو ڪيترو نہ‬
‫ڳاٽ اوچو ٿيندو‪.‬‬
‫آئون ھن جي جوش تي مرڪي ڏيان ٿو‪” ،‬ميان‪ ،‬ھتي ٻين ٻولين جي فلمن ئي انعام حاصل نہ ڪيو‬
‫تہ سنڌي فلمون ڪٿان ڪنديون ؟‬
‫ھن جو جوش اڃا بہ وڌي وڃي ٿو ” سائين ‪ ،‬اسان کي ڪمتري جو احساس ڇو ٿيڻ کپي‪ ،‬ھندستان ۾‬
‫ڪروڙين روپين ۾ ٺھيل ھندي فلمن جي ڀيٽ ۾‪ ،‬ٽن چئن لکن ۾ ٺھيل بنگالي فلمون سڄي دنيا ۾‬
‫فني لحاظ کان نہ رڳو مشھور آھن‪ ،‬پر انعا م پيون کٽين‪ .‬جي بنگالي فلمون انعام کڻي سگھن ٿيون‬
‫تہ سنڌي فلمون بہ انعام کٽي سگھن ٿيون‪“.‬‬
‫سندس دليل ڪافي متاثر ڪري ٿي‪ .‬آئون کيس چوان ٿو‪ ،‬چڱو اڄ ئي بئنڪ ۾ پنھنجي ڪمپنيَء‬
‫جو اڪائونٽ کوليو‪ ،‬اسڪرپٽ تي ڪم شروع ڪريو‪ ،‬دوستي کان مٿڀرو ٿي سٺا لکاري ۽ فنڪار‬
‫گڏ ڪريو ۽ فلحال فلم جو اعالن ڪري ڇڏيو‪“.‬‬
‫ھو شايد انھيَء آڇ جي الء ذھني طور تيار نہ ھو‪ .‬ھو اچرج وچان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿو ۽ ڄڻ ائين‬
‫پڇي رھيو ھجي‪ :‬سائين‪ ،‬سچ پيا ڳالھايو نہ !‬
‫ھن جي پريشاني جائز آھي‪ .‬مون سنڌي ٻولي‪ ،‬ثقافت ۽ فنڪارن جي مدنظر اوچتو فيصلو جو ڪري‬
‫ڇڏيو آھي‪.‬‬
‫ھو پنھنجو ھوش حواس قابو رکندي چئي ٿو ”سائين آئون اوھان کي ۽ سنڌي قوم کي مايوس نہ‬
‫ڪندس‪ ،‬۽ ڏيکاريندس تہ معياري فلمون ڪيئن ٿيون ٺھن‪ .‬پر سائين‪،‬فلم جو اعالن اڃا نہ ڪريو‪،‬‬
‫مون کي ڪجھ وقت ڏيو نہ ڪا ڳري ڪاروائي پوري ڪريان‪ ،‬جيستائين اسڪرپٽ پوري طرح‬
‫تيار نہ ٿئي ۽ فلم سيٽ تي نہ وڃي ‪ ،‬تيستائين فلم جو اعالن نہ ڪنداسون‪“.‬‬
‫”پر پھرين اعالن ڇو نہ ؟“ مون کي سندس دير سان اعالن‬
‫ڪرڻ واري ڳالھ سمجھ ۾ نہ ٿي اچي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪40‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”اڄڪالھ تہ خبر ناهي ڪيتريون سنڌي فلمون رڳو اعالن جي حد تائين پھچي گم ٿي ويئون‪ .‬آئون‬
‫نہ ٿو گھران تہ سنڌي فلمن جي باري ۾ ھي عام تاثر ٿئي تہ سنڌي رڳو اعالن ڪري ڄاڻن‪ ،‬باقي‬
‫پڇاڙي ۾ اھي ايڪڙ ٻيڪڙ فلمون ئي مس ٿيون ٿين‪ ،‬سي بہ ڇڪي تاڻي‪“.‬‬
‫آئون سندس اوچن ويچارن جو قدر ڪريان ٿو‪ .‬مون کي خوشي ٿي ٿئي تہ آئون بلڪل صحيح ڏس‬
‫۾ وک وڌائي رھيو آھيان‪ .‬مون کي پڪ آھي تہ ھو سڦل ٿيندو‪ .‬ھو ڄاڻو آهي‪ ،‬ايماندار آھي‪ ،‬محنتي‬
‫آهي‪ .‬ھو ضرور سڦل ٿيندو‪ .‬ھو خوش ٿ ي‪ ،‬ٻيھر اچڻ جو چئي موڪالئي ٿو‪ .‬مون الِء لک ٻہ لک ڪا‬
‫وڏي ڳالھ ڪانهي‪ .‬يورپ جو چڪر لڳايم تہ لک کن وڃائي آيس؛ وزير جي شڪار جو بندوبست‬
‫ڪيم تہ پنجويھہ ھزار خرچ اچي ويو‪ .‬رڳو پٽ جي شاديَء تي پنجاھ ھزار خرچ ڪري چڪو‬
‫آھيان‪ .‬ھفتي ٻين ھفتي ڪراچيَء وڃيو ڏھ پندرھن ھزار دف ڪيو اچان‪.‬‬
‫اليڪشن جو زمانو ويجھو اچي رھيو آھي‪ .‬سدائين چونڊن ۾ بيھان ۽ سدائين سرڪاري پارٽي جي‬
‫طرفان‪ .‬جڏھن اسان کي ماڻھو چوندا آهن تہ‪ :‬ابا روز روز پيا پارٽيون بداليو‪ ،‬تہ لڄ ڪونہ ٿي اچيو‪.‬‬
‫تہ آئون بہ چوندو آھيان‪ :‬ھي جو روز روز حڪومتون پيا بداليو اوھان کي لڄ ڪونہ ٿي اچي! مطلب‬
‫تہ جيترا ڀيرا حڪومت بدلي اوترا ڀيرا اسان جي پارٽي جي حڪومت ايترو ترت نہ بدلجي تہ‬
‫حرام جو پارٽي بداليون ‪ .‬مثال طور ڏسو تہ گذريل ڏھ سالن کان ھڪ پارٽيَء سان وفاداري قائم رکيو‬
‫اچان‪ ،‬ڇو جو ڏھ سالن کان ھڪڙي حڪومت آهي‪ .‬ماڻھو ٿا چون تہ سرڪاري پارٽي جي پويان‬
‫سدائين ڇو ٿا لڳو ‪ ،‬ھمت ڪري مخالفت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ اھا ڳالھ ٻڌي آئون کلي ڏيندو آھيان‪.‬‬
‫ڳالھ اھا آھي تہ اسان جا ڪم ئي اھڙا آھن‪،‬‬
‫شڪر آهي جو ملڪ ۾ انصاف ڪونھي‪ ،‬نہ تہ ڪڏھن ڪو ٽيپ کائي وڃون‪ .‬ايڏا تہ جڏا ڪم‬
‫آھن ھو اصل توبھ ‪ ،‬بئنڪن جا قرض وٺون تہ حرام ڏيون؛ اوسي پاسي جي ڪا ننڍي نيٽيء تي دل‬
‫اچيو وڃي تہ خون ڪرايو بہ وڃيو پار پئون؛ ھاري ناريَء تي رعب داٻ رکيو ويٺا آھيون‪ ،‬سو بہ پوليس‬
‫۽ ڌاڙيلن جي ڪري‪ .‬پوليس تہ جنھنجو پاسو کڻي تنھنجا پئون ٻارنھن‪ ،‬ويٺو لئہ ڪر‪ .‬ھاڻي پوليس‬
‫ان جو پاسوکڻندي جيڪو سرڪاري پارٽي جو ھوندو يا مخالفت ڪرڻ واريَء جو! پوليس بہ تہ‬
‫سرڪار جي ئي آھي نہ ‪ .‬مخالفت ڪرڻ الء اعال ڪردار ۽ اڇو اجرو رڪارڊ کپي‪ .‬ماڻھو شريف‬
‫ھجي‪ ،‬ھمت وارو ھجي‪ ،‬قرض کان آجو‪ .‬قاعدي قانون کان واقف هجي جو سرڪار کي بل ئي نہ ڏئي‪،‬‬
‫جو نقصان پھچائي سگھي‪ .‬اسان جو رڪارڊ تہ ڪارو ڪٺ لڳو پيو آھي‪ ،‬جي ڪريون مخالفت‬
‫تہ غريب غربو ھاري ناري لٺ کڻي منھنجون زمينون ۽ حق وٺي وڃي موجون ڪن‪ .‬سو سدائين اسان‬
‫سرڪاري پارٽيَء جي پويان ھوندا آھيون‪ .‬پر ھاڻي منھنجون اکيون کليون آهن‪ .‬سوچان ٿو تہ سنڌ‬
‫۽ سنڌين کي لٽي تباھ ڪري ڇڏيو اٿم‪ ،‬خبر ناھي ڪھڙي قسم جو احساس جاڳيو اٿم‪ .‬مخالفت‬
‫جي اڃا بہ ھمت ڪانھي‪ ,‬جو ڪائنر آھيان‪ .‬پر ھڪ ٻئي نموني سان ڪم ڪري رھيو آھيان‪ .‬من‬
‫ان ۾ ئي منھنجو ڇوٽڪارو ٿئي‪ .‬ھروڀرو سنڌ ۾ سٺن ماڻھن ۽ اڳواڻن جو ڪال ڪونھي‪،‬‬
‫پر انھن ماڻھن وٽ وري پئسو ڪونهي‪ .‬اسان جو سرشتو وري اھڙو آھي‪ ،‬جو چونڊن ۾ اھو سوڀارو‬
‫ٿيندو جيڪو پئسي وارو ھجي‪ .‬ڪڏھن ڪو اڙيو ٿڙيو حڪومت جو مخالف ميمبر چونڊجي ويندو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪41‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫آهي تہ اسيمبليَء ۾ رڻ ٻاري ڏيندو آهي‪ ،‬جي ٻہ چار چونڊجي وڃن ھا تہ اسان جو اھڙو حال نہ ٿئي‬
‫ھا‪..‬‬
‫اڄ رات دعوت آھي‪ .‬آئون بہ سوٽ بوٽ پائي دعوت ۾ پھچان ٿو‪ .‬سڀني سان ملندو‪ ،‬وڃي ھڪ جڳھ‬
‫تي ويھان ٿو‪ .‬منھنجون اکيون ھڪڙي شخص کي ڳولي رھيون آھن‪.‬‬
‫پر ھو اڃا نہ آيو آھي‪ .‬پھرين تہ سوچيو ھوم تہ کيس گھر وڃي مالن‪ ،‬پر ھمت نہ ٿيم‪ ،‬مٿان سي آِء‬
‫ڊي ۾ نالو نہ اچي وڃي‪ .‬ھو شخص سرڪار جي زبردست مخالفت ڪندڙ آھي‪،‬‬
‫سدائين جيل ۾ ھوندو آھي‪ ،‬پر مجال آهي جو پرواھ ھجيس‪ .‬ھو اچي ٿو‪ ،‬سڀ کيس ملڻ الِء اٿي بيھن‬
‫ٿا‪ .‬سڀني مھمانن مان ھن جا ئي ڪپڙا پراڻي اسٽائيل جا آھن‪ .‬اھوئي جھوني زماني جو سوٽ ۽‬
‫چاليھ سال پراڻي ٽاء ‪ .‬ھو سنڌ جي مشھور ھستي آهي‪ .‬ھن جو اخالق اعال آھي‪ ،‬ھن ڪڏھن بہ ڪو‬
‫ڪڌو ڪم نہ ڪيو آهي؛ ھن ڪڏھن بہ ڄڀ ڏيئي اسان وانگر ڦڙتي نہ کاڌي آهي‪ ،‬ھن سدائين‬
‫ظلم جي خالف جھاد ڪيو آھي‪ .‬ھن جي اڳيان ڪڏهن بہ ذاتي مفاد نہ رھيو آھي‪.‬‬
‫ھو رڳو حڪومت جو جذباتي مخالف ڪونھي؛ رڳو گاريون ڏيئي نہ ڄاڻي؛ ھن وٽ ظلم جا انگ‬
‫اکر آھن؛ ثبوت آهن؛ ھر ظلم ھو تفصيل آھي؛ ھو اسان جو سچو ۽ صحيح معني ۾ اڳواڻ آهي ‪ ،‬پر‬
‫اسان نڀاڳن ڪڏھن بہ ھن کي چونڊڻ ۾ سوڀارو ٿيڻ نہ ڏنو آهي‪ .‬اسين حڪومت جا چمچا سندس‬
‫دل ۾ تہ عزت ڪندا آھيون پر ٻاھران حڪومت کي ڏيکارڻ الء گاريون ڏيندا آھيون‪ .‬آئون بہ سرندي‬
‫سرندي ھن جي ويجھو پھچان ٿو‪ ،‬ڊپ ٿو ٿئيم تہ جي گھڻي دير ڳالھائيندوسانس تہ متان منھنجائي‬
‫چمچا ساٿي نہ وڃي مٿي ڪن ڀرين ۽ منھنجا ترا ڪڍي ڇڏين‪.‬‬
‫آئون سندس طبيعت جي باري ۾ پڇان ٿو ۽ ھو مرڪي مون کان حال احوال وٺي ٿو‪ .‬ھن کان پھرين‬
‫رڳو آئون سندس عزت ڪندو ھوس پر اڄ جڏھن منھنجي ضمير جي ٿوري اک کلي آھي تہ ھو‬
‫ايئن لڳي رھيو آھي ڄڻڪ فرشتو ھجي‪ .‬دل پيئي چئي‪” :‬اھو اٿئي اھو ماڻھو‪ ،‬جنھن سان تنھنجي‬
‫سنڌ جو ڀاڳ لکيل آھي‪ .‬ڪمال آھي تو ھن کي پھرين نہ سڃاتو!“ دعوت نہ ھجي ھا تہ آئون‬
‫سندس پيرن ۾ ڪري پوان ھا ۽ چوانس ھا تہ ”سائين اسين سڀ تنھنجي پٺيان آھيون‪ “.‬پر‬
‫منھنجي ڪانئر دل ۾ اھا ھمت ڪانھي‪.‬‬
‫ھو مرڪي مون ڏانھن نھاري ٿو ۽ پڇي ٿو تہ آئون اڄڪلھ ڪيئن آھيان‪ .‬آئون جواب ۾ ڪجھ‬
‫چوان ٿو‪ ،‬پر سندس مرڪ ۾ اڄ عجيب چقمق جھڙي ڇڪ ڏسان ٿو‪ ،‬اڄ پھرين ڀيرو مون کي‬
‫محسوس ٿئي ٿو تہ سهڻي مرڪ رڳو سھڻي ونيَء جي ئي نہ ٿيندي آھي‪ .‬ملوڪ ترين زالون پنھنجي‬
‫ملڪ جون ھجڻ يا والئتي مڊمون‪ ،‬ڌڪ گھٽ سڀني قسم جي زالن سان ويجھو واسطو رھيو آھي ‪.‬‬
‫۽ سندن مرڪ ھميشہ الء نہ تہ ڪجھ وقت مون الء مخصوص رھي آھي‪ .‬پر آئون دعوا سان چوان ٿو‬
‫تہ ڪابہ مرڪ ايتري موھيندڙ نہ ھئي‪ ،‬جيتري ھن شخص جي مرڪ آھي‪ .‬ھن مرڪ جي پويان‬
‫آئون سنڌ کي مرڪندوڏسي رھيو آھيان ۽ اسين ڪيترا نہ ظالم آھيون جو اسان کيس ڏک ڏيئي‬
‫سندس مرڪ کسيندا رھيا آھيون‪ .‬ھو سنڌ جو اھڃاڻ آھي‪ ،‬اسان ھن جي مرڪ نہ پر سنڌ جو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪42‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫اھڃاڻ کسي ورتو آھي‪ .‬منھنجي ويچارن جو سلسلو ٽٽي پئي ٿو‪ .‬آئون پڇانس ٿو ”ھن اليڪشن‬
‫جون تياريون آھن ؟“‬
‫ھن کان ٽھڪ نڪري وڃي ٿو‪” ،‬اليڪشن ۽ آئون‪“.‬‬
‫ھن جي لھجي جو درد آئون محسوس ڪريان ٿو‪“ .‬آئون اليڪشن ۾ ڪٿي ٿو کٽان پر آئون‬
‫جيڪڏھن ان وقت جيل ۾ ھوندس تہ بہ فارم ضرور ڀريندس ‪ ،‬اھو منھنجو حق آھي‪“.‬‬
‫آئون کانئس ھڪڙو سوال پڇان ٿو‪ .‬مون رڳو اسيمبليَء ۾ ھڪ ڀيرو پاڻيَء جي مسئلي تي ٻہ ٽي ٻول‬
‫چيا ھئا‪ ،‬تہ چوندو ھئس مون سنڌ جو مسئلو پيش ڪيو آھي‪ ،‬انھيَء ڪري مون کي ٻيھر بہ چونڊيو‬
‫وڃي ‪ ،‬اھو قوم جو فرض آهي‪” .‬اوھان هيترا ڀيرا جيل ۾ ويا‪ ،‬هيترا مضمون لکيا‪ ،‬هيتريون تقريرون‬
‫ڪيون‪ ،‬پر توهان چونڊن ۾ ڪڏهن سوڀارانہ ٿيا‪ .‬اوهان کي ڪاوڙ تہ ڏاڍي ايندي ھوندي‪“.‬‬
‫اوھان غلط سمجھيو‪ .‬آئون ھي مسئال ۽ ھي تقريرون جو عوام جي آڏو ڪندو آھيان‪ ،‬اھو منھنجو‬
‫فرض آھي ۽ منھنجو چونڊن ۾ بيھڻ جو مقصد بہ اھو ھوندو آھي تہ جيئن اھي مسئال اسيمبليَء ۾‬
‫پيش ڪري سگھان تہ جيئن مسئالحل ٿي سگھن‪ .‬پر جيڪڏهن چونڊن ۾ سوڀارو نہ ٿيان‪ ،‬تہ انھيَء‬
‫جو مطلب اهو ڪونھي تہ تقريرون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيان يا مضمون نہ لکان‪ ،‬منھنجو ھڪ‬
‫سنڌيَء جي حيثيت سان فرض آهي تہ ڪوبہ ظلم يا مسئلو ھجي تہ ان کي سرڪار جي آڏو پيش‬
‫ڪريان‪ .‬چونڊن ۾ کٽڻ يا نہ کٽڻ منھنجو مقصد ڪونھي‪“.‬‬
‫ھن اھا ڳالھ پوري ڪئي تہ مون کي وري پاڻيَء وارو مسئلو ياد اچي ويو‪ ،‬جڏھن منھنجو فصل سڪڻ‬
‫لڳو ھو تہ مون اسيمبلي ۾ رڙيون ڪيون ھيون‪ .‬ھو ٿوري دير ترسيو‪” .‬توھان تہ اليڪشن ۾ بيھو پيا‬
‫نہ ‪ ،‬ڪيئن آھي پوزيشن ؟“ ھن مون کان پڇيو‬
‫مون سندس سوال اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي جذبات جو اظھار ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نہ‬
‫سگھيس‪” .‬اوھان کي ھن ڀيري بيھڻو پوندو‪ .‬توھان کي لکن ۾ پئسا بہ خرچ ڪرڻا پوندا‪ .‬ھن ڀيري‬
‫اليڪشن جو خرچ اسين ڀريندا سون‪ .‬وقت گھٽجي رھيو آھي‪ .‬توھان جو کٽڻ بنھن ضروري آھي‪.‬‬
‫لک ٻہ لک ‪ ،‬ٽي لک سڀ آئون ڏيندس‪ .‬آئون پنھنجي اليڪشن تي پنج لک رپيا خرچ ڪري‬
‫سگھان ٿو ‪ ،‬تہ اوھان الء ڇو نہ ‪“.‬‬
‫ھو اچرج سان مون ڏانھن نھاري رھيو آھي‪ .‬منھنجو بدن ڏڪي رھيو آھي‪ ،‬ھو منھنجي ڪلھي تي‬
‫ھٿ رکي ٿو‪.‬‬
‫مون کي خبر ناھي ڇا ٿي ويو آھي‪ .‬آئون وري ڳالھائڻ لڳان ٿو‪” .‬مل جو اسين وڪيو ھوم ‪ ،‬اٺ لک‬
‫رپيا مليا اٿم‪“.‬‬
‫ھو نيٺ ڳالھائي ٿو‪” ،‬پر تون تہ پاڻ قرض ۾ ٻڏل آھين‪ .‬پھرين قرض الھ ‪ ،‬پوِء جي جيئرو رھيس تہ ٻي‬
‫اليڪشن ۾ مدد ڪجان‪ “.‬آئون سمجھان ٿو تہ ھو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي‪” .‬تنھن کان‬
‫سواء آئون سرڪاري زمين جي نيڪاليء جي باري ۾ ھڪ پئمفلٽ لکي رھيو آھيان‪ .‬سو ھفتي کن‬
‫۾ تيار ٿي ويندو ۽ جڏهن چونڊن جو وقت ايندو تڏھن ان پئمفلٽ جي ڪري آئون اڳيئي جيل ۾‬
‫ھوندس!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪43‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نہ ‪ ،‬نہ ‪ ،‬ھاڻي پئمفليٽ نہ پبلش ڪريو‪ .‬سرڪاري زمين کان وڌيڪ ضروري ‪ ،‬توھان جو اسيمبليَء‬
‫۾ وڃڻ آھي ؛ ھن ڀيري سنڌ جي بقا جو سوال آھي‪ .‬ائين ٺھندو ‪ ،‬اسان کي پنھنجا حق آئين ۾ وٺڻا‬
‫پوندا‪ .‬توھان کي اليڪشن ۾ بيھڻو پوندو‪ ،‬توھان کي ھينئر اھو پئمفليٽ نہ پبلش ڪرائڻو آھي‪.‬‬
‫توھان کي چونڊڻ ۾ بيھڻو پوندو‪ .‬اھو منھنجو عرض ۽ سنڌ جو حڪم آھي ‪ ،‬توھان کي مڃڻو‬
‫پوندو‪“.‬‬
‫ھو سانت سان پوالر ۾ تڪڻ لڳي ٿو‪ .‬ھن جي سانت ۾ رضامندي آھي‪ .‬منھنجي دل تکي تکي‬
‫ڌڙڪڻ لڳي ٿي‪ .‬دل مان آواز اچي ٿو ”ھن تنھنجي آڇ قبول ڪري ورتي! ھن تنھنجي آڇ قبول‬
‫ڪري ورتي! ھن تنھنجي آڇ قبول ڪري ورتي‪“.‬‬
‫مون کي ويساھ نہ ٿو اچي ‪ ،‬مون کي محسوس ٿو ٿئي تہ منھنجا سڀ گناھ ڌوپجي ويا آھن‪ .‬مون تان‬
‫غداري جو داغ ميٽجي ويو آھي‪ ،‬چئني پاسن کان پڙاڏي ۾ ڄڻڪ آواز پيو اچي‪ .‬ھو اليڪشن کٽي‬
‫ويو آھي_ ھن ڀيري کٽي ويو آھي‪ .‬آواز وڌندو وڃي ٿو‪ .‬چيڪاٽ جو آواز اچي ٿو‪ .‬دري ھوا جي زور‬
‫تي ٺڪاُء ڪري بند ٿئي ٿي ۽ منھنجي ڪرسي پٽ تي ڪري پوي ٿي ۽ آئون ڪپڙا ڇنڊي اٿي‬
‫ٿو بيھان‪ .‬اتر کان سياري جي ٿڌي ھوا لڳي رھي آھي‪ .‬سج سامھون گھر جي پويان لڪي چڪو‬
‫آھي‪ .‬آئون اکيون مھٽي رھيو آھيان‪ ،‬سامھون امان بيٺي آھي‪.‬‬
‫ڌڪ تہ ڪونہ لڳئي؟ “ ھوَء پڇي ٿي‪” .‬ويٺي ويٺي ڪري پئين‪“.‬‬
‫آئون ڦڪو ٿي مرڪي ٿو ڏيان‪” .‬ڌڪ تہ ڪونہ لڳو‪ ،‬پر اھا ھڪڙي ئي آرام ڪرسي ھئي سا بہ ڀڄي‬
‫پيئي‪ .‬بابا جي يادگيري ھئي‪“.‬‬
‫امان ٽوڪ ڀرئي لھجي ۾ چوي ٿي‪” ،‬چڱو ٿيو تہ اها ڪرسي ڀڳي‪ .‬ماڻھو رات جو خواب ڏسن ۽ تون‬
‫ھن ڪرسي تي ليٽيو ليٽيو ڏ ينھن ڏٺي پيو خواب ڏسين‪ .‬خبر اٿئي گيھہ بہ ختم ٿي ويو آھي ‪ ،‬اٽو بہ‬
‫ڪونھي ‪ ،‬اڄ رات ماني ڪيئن پچندي ؟“‬
‫'اٽو تہ پاڙي مان ئي کڻي وٺو ‪ ،‬باقي گيھ اوڌر تي وٺيو ٿو اچان‪“.‬‬
‫امان چپ چاپ وٽو آڻي ٿي ڏي‪ .‬ويچاري ڪابہ شڪايت نہ ٿي ڪري‪ .‬ھن حالت تي ھري ويئي‬
‫آھي‪. .‬‬
‫آئون وٽو وٺي ٻاھر ويندي ويندي امان کي چوان ٿو‪” :‬امان ڪيترا بہ اسين غريب ڇو نہ سھي‪ ،‬پر‬
‫اسين اھو ڪجھ سوچي سگھون ٿا‪ ،‬جو امير بہ سوچي نہ ٿا سگھن‪ .‬امان ‪ ،‬ھي پير ‪ ،‬وڏيرا ۽ زميندار‬
‫ڏاڍا نڀاڳا اٿو ‪ ،‬جو ھو ڪجھ ڪرڻ تہ ٺھيو ‪ ،‬پر ڪجھ سوچي بہ نہ ٿا سگھن‪ .‬آئون ڀاڳن وارو آھيان‪،‬‬
‫آئون وڏو ماڻھو آھيان‪ “.‬ائين چئي آئون ٻاهر وڃڻ لڳان ٿو‪.‬‬
‫پويان امان جو آواز اچي ٿو‪ ” ،‬تنھنجيون اھي ابتيون ڳالھيون مون کي تہ سمجھ ۾ نہ ٿيون اچن‪.‬‬
‫االئي ڇا پيو سوچين!“‬
‫امان جو ڀال ڪهڙو ڏوھ‪ ،‬امان کي ڪھڙي خبر تہ آئون ڇا سوچي رھيو ھوس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪44‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫تکي اس‪ ،‬ٿڌي ڇانو‬

‫ھن کي اڄ پئسن جي ڏاڍي لوڙ ھئي‪ .‬ٻيون ڪي حالتون ھجن ھا تہ ھو ماٺ ڪري ويھي رھي ھا‪.‬‬
‫ڪٿي شاديَء الِء وڃڻو ھجيس ھا ‪ ،‬تہ نہ وڃي ھا‪ .‬ڪا شيء وٺڻي ھجيس ھا تہ نہ وٺي ھا‪ .‬ڪنھن‬
‫کي قرض موٽائي ڏيڻو ھجيس ھا تہ گھر ۾ منھن لڪائي ويھي رھي ھا‪ .‬جي سندس حياتي خطري‬
‫۾ ھجي ھا ‪ ،‬تہ بہ ھو ڪجھ نہ ڪري ھا‪ .‬پر ھتي تہ سندس ٻارن جي جيون جو سوال ھو‪ .‬بابليء کي‬
‫تپ ھو ‪ ،‬۽ انوَء کي ڪاليج ۾ داخال وٺڻ الِء پئسا گھربل ھا‪.‬‬
‫ھڪ ئي وقت ٻہ ٻہ ضرورتون ئي غريبن کي گھيرينديو آھن‪ .‬بابليَء جو ڌيان ايندي ئي ھن کي‬
‫گھٻراھٽ ٿيڻ لڳي کيس محسوس ٿيڻ لڳو تہ ھن جي دل بيھڻ لڳي ھجي‪ .‬ھن تہ سمجھيو ھو تہ‬
‫معمولي تپ ھوندو‪ ،‬پر جڏھن ھو ڊاڪٽر وٽ پھتو تہ سندس تاڪ لڳي ويا ‪ .‬ڊاڪٽر جڏھن کيس‬
‫ٻڌايو تہ باليَء؟؟؟ کي مدي جو بخار آھي تہ ھو ڌڪ گھٽ ڏڪي ويو ‪ .‬۽ وري جڏھن ڊاڪٽر کيس‬
‫دوائن جي لسٽ لکي ھٿ ۾ ڏني تہ ھن کي بابليء جي بيماريَء سان گڏ‪ ،‬پنھنجيَء حالت جو بہ ويچار‬
‫اچي ويو‪ .‬اسپتال کان ٻاھر نڪرڻ لڳو تہ کيس پنھنجو جسم جنسي ٻرندو محسوس ٿيو‪ ،‬۽ ھو ٻاھر‬
‫وڃڻ بدران وري ڊاڪٽر وٽ موٽي ويو ۽ پنھنجي الء بہ دوا وٺي آيو‪ .‬بابليَء الء ڊاڪٽر جي تاڪيد‬
‫تہ ”دوا ھينئر کان ئي شروع ڪجانِء‪ “.‬ھن جي دماغ تي ھر ھر مترڪي وانگر ڌڪ ھڻڻ لڳي‪.‬‬
‫ھو بابليء کي ڪڇ ۾ کڻي ٻاھر نڪتو‪ .‬دوائن جو ڪاڳر ھن جي ھٿ ۾ ھو‪ .‬ھن کي دل ئي دل ۾‬
‫ڊاڪٽر تي رشڪ اچڻ لڳو ‪ ....‬ڪاش‪ ،‬مان بہ ڊاڪٽر ھجان ھا تہ پنھنجن پراون جي دوا درمل تہ‬
‫ڪريو ويٺو ھجان ھا! دوا___ ھا‪،‬‬
‫دوا‪ ....‬بابليء جي دوا ڪٿان ايندي؟ ھ ن جو ويچار پنھنجي خالي کيسي ڏانھن ويو‪ .‬اڄ ايڪيھين‬
‫تاريخ ھئي ۽ آخري تاريخن ۾ پئسا نہ ھئڻ ڪا نئين ڳالھ تہ ڪانہ ھئي پر بابليء جي بيماري‬
‫کيس ڳڻتيَءوند ڪري وڌو ھو‪ .‬انو اڳي ئي داخال الِء پئسا گھري رھيو ھو‪ .‬اڄ هن کي ونيء تي بہ ڏاڍي‬
‫ڪاوڙ آئي‪ .‬ھو کيس ڏاڍي ڏاھي سمجھندو ھو‪ ،‬۽ فخر سان دوستن ۾ ڳالھ ڪندو ھو تہ سندس وني‬
‫محنتي آھي ۽ اھڙي ڏکي حالت ھوندي بہ ڪجھ پئسا بچائي ويندي آھي ھو بي‪-‬اي پاس ھو‪ ،‬پر‬
‫پئسا ميڙڻ نہ آيس سو نہ آيس‪ .‬پر سندس وني رڳو مئٽرڪ ھوندي بہ گھٽ ۾ گھٽ پئسن بچائڻ ۾‬
‫ھن کان وڌيڪ سمجھ واري ھئي‪ .‬پاڻ چوندو ھ و‪ ،‬تعليم کان وڌيڪ ماڻھو کي پنھنجي سمجھ‬
‫ضروري آھي‪ .‬پر ھن ڀيري تہ ھن کي پنھنجيَء ونيَء تي بہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي‪ .‬انھيَء جو ڪارڻ ھو تہ‬
‫انوَء کي داخال الِء ڏيڍ سوء روپين جي ضرورت ھئي‪ .‬انو مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪالس ۾ پاس ٿيو ھو‪ ،‬۽‬
‫ھن کي ايتري ئي خوشي ٿي ھئي جيتري انوَء جي پيدا ٿيڻ مھل‪ .‬رزلٽ ٻڌي ‪ ،‬ھن خوشيَء سان ونيء‬
‫کي چيو ھو‪:‬‬
‫”ھاڻي پنھنجا اھنج سڀ دور ٿي ويندا‪ .‬پنج ست سال ٻيا ڪڍي وٺ ؛ پوِء تہ پنھنجو انو انجينيئر‬
‫ٿيندو ۽ اسين مزا ڪنداسون‪ .‬بس ‪ ،‬پوِء ڪا بہ ڳڻتي نہ رھندي‪ “.‬۽ جڏھن انوَء داخال الء پئسا گھريا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪45‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھئا تہ ھن جو منھن ئي لھي ويو ھو؛ ھن وٽ تہ ڏھہ رپيا بہ ڪين ھا ۽ ھو ڏيڍ سو رپيا گھري رھيو ھو‪.‬‬
‫پر ھن کي اميد ھئي تہ جوڻس پئسا بچائي رکندي آھي سو ضرور هن وٽ ھوندا‪ .‬۽ ھن جڏھن جوڻس‬
‫کان پئسن جي باري ۾ پڇيو تہ ھن جو جواب ٻڌي‪ ،‬ھن کي پھريون ڀيرو محسوس ٿيو تہ ھن جھڙي‬
‫بيوقوف ٻي ڪا وني ڪانھي‪ .‬جوڻس چيو ھو‪” :‬گھڻا پئسا کپن اوھان کي؟ ويھہ رپيا کن پيا اٿم‪“.‬‬
‫ھن اھا وراڻي ٻڌي سوچيو ھو تہ ھو کيس ڌڪ ھڻي ڪڍي‪ .‬ھن پنھنجي جوکائيء جي ڪسر ھن‬
‫مان ڪڍڻ چاھي‪” .‬تون تہ ڏاڍا پئسا بچائي رکندي آھين‪ ،‬پر خبر پئي تہ تون بہ ڪا بنھ ھٿ ڦاڙ‬
‫آھين‪ “.‬ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ جو اند از ظاھر ھو‪ .‬ھن کي ائين چوندي محسوس ئي ڪونہ ٿيو تہ‬
‫ھن جو پگھار رڳو اڍائي سو رپيا آھي‪ ،‬جنھن ۾ اڄڪلھہ چئن ڀاتين جو گذران ڪرڻ طوفان ۾ ٻيڙي‬
‫ھالئڻ وانگر آھي‪.‬‬
‫پنھنجي اھڙي حالت ڏسي ‪ ،‬ھن سوچيو تہ انو جيڪڏھن فيل ٿئي ھا تہ ڪيترو نہ چڱو ھو‪ .‬حالتن‬
‫ھن کي ائين سوچڻ تي بہ الچار ڪري ڇڏيو‪ .‬انوَء جي پاس ٿيڻ جي خوشي ايتري مختصر ٿيندي ‪،‬‬
‫تنھن جو ھن کي وھم گمان بہ ڪونہ ھو‪ .‬غريب جي حياتيَء ۾ خوشيَء جا وجھ ايترا تہ گھٽ ۽‬
‫مختصر ٿين ٿا جو جيسين ھو خوشيَء جي ھير جو پھريون جھوٽو محسوس ڪري‪ ،‬ڏکن جون‬
‫لڪون لڱ ساڙيو وجھن‪.‬‬
‫۽ اڄ ھن کي ڪنھن بہ حالت ۾ پئسا ھٿ ڪرڻا ھئا‪ .‬انوَء جي داخال تہ کڏ ۾ پئي پر ھينئر کيس‬
‫رڳو بابليء جو ئي الڪو ھو‪ .‬ھن کي ان الِء سؤ کن رپين جي ضرورت ھئي‪ .‬ھو ڪيتريَء دير تائين‬
‫گھر اھو ئي سوچيندو رھيو‪.‬‬
‫قرض ئي ھن الِء واحد واٽ ھئي‪ .‬ھو ھميشہ ضرورت وقت مشتاق کان ئي قرض وٺندو ھو‪ .‬مشتاق‬
‫ھن جو جگري دوست ھو‪ .‬ھو زميندار ھو ۽ پئسي وارو ھو‪ .‬ھن ھميشہ ضرورت وقت مشتاق جو ئي‬
‫سھارو ورتو ھو‪ ” .‬قرض وٺڻ سچ تہ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آھي‪ .‬ھڪ خوددار ماڻھوَء الِء پنھنجي‬
‫ئي دوست کان قرض وٺڻ خود داريَء جو آپگھات آھي‪ .‬۽ ھو پنھنجي خود داريَء جو آپگھات اڄ‬
‫کان گھڻا سال اڳ ڪري چڪو ھو‪ .‬تنھن کان پوِء ھو لڳاتار آپگھات ڪندو رھيو‪ .‬ھن جڏھن شادي‬
‫ڪئي ھئي‪ ،‬تہ مشتاق کان ئي قرض ورتو‪ .‬ھن کي ان مھل اھا اڻ ٿيڻي نظر ٿي آئي تہ ھو بہ ڪنھن‬
‫کان ايتري اوڌر وٺي سگھي ٿو‪ .‬ھن سنھن کنيو ھو تہ ھن حياتيَء ۾ رڳو اھو ئي ھڪ ڀيرو قرض ورتو‬
‫آھي‪ ،‬وري ڪڏھن بہ نہ وٺندو‪ .‬پر هڪ غريب ماستر‪ ،‬ٻارن ٻچن ھوندي ‪ ،‬ڪيستائين پاڻ کي قرض‬
‫کان آجو رکي سگھيو ٿي؟ جڏھن سندس ماُء گذاري ويئي تہ کيس پنھنجو سنھن ٽوڙڻو ئي پيو‪.‬‬
‫سنھن ڪو ھن جي ماُء کان وڌيڪ ڪونہ ھو‪ .‬۽ ٻيو ڀيرو مشتاق کان قرض وٺڻ ايترو ڏکيو نہ ھو‪،‬‬
‫جيترو ھن کي پھريون ڀيرو محسوس ٿيو ھو‪ .‬ٻيو ڀيرو ھن قرض ورتو ؛ ۽ پوِء ٽيون ڀيرو ؛ چوٿون ڀيرو‬
‫؛ ۽ پوِء ھن جي حياتي قرض تي ئي ٻڌل رھي پھرين ڀيري کان ٻيو ڀيرو ۽ ٻئي کان ٽيون ڀيرو قرض‬
‫وٺڻ ‪ ،‬ھن کي نسبتن سولو لڳو‪ .‬مشتاق کان سواِء ھو پنھنجي ھڪ ٻن ٻين دوستن کان بہ قرض وٺڻ‬
‫لڳو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪46‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫‪ ...‬پر اڄ بابليء جي دوا ۽ انوء جي داخال الِء ھن کي گھٽ ۾ گھٽ اڍائي سو کن رپين جي لوڙ ھئي‪.‬‬
‫ھن جون وکون مشتاق جي گھر طرف وڌڻ لڳيون‪ .‬ھو سڄي واٽ مشتاق بابت سوچيندو رھيو‪.‬‬
‫مشتاق ڪيڏو نہ مھان آھي‪ .‬دوستن جي الِء ھن زماني ۾ نعمت آھي‪ .‬ھن سوچيو جيڪڏھن مشتاق‬
‫نہ ھجي ھا تہ سندس االئي ڪھڙا حال ٿين ھا‪ .‬ھو سندس احسان حياتيَء ڀر نہ ٿو الھي سگھي‪.‬‬
‫مشتاق ھر مھل تي سندس مدد ڪئي آھي؛ ۽ ھن ڀيري بہ ھو ضرور مدد ڪندو‪ .‬انھن ئي ويچارن ۾‪،‬‬
‫ھو مشتاق جي گھر تائين پھچي ويو‪.‬‬
‫”مشتاق‪ ،‬چڱو ٿيو جو تون گھر تي ملي وئين‪ “.‬ھو مشتاق کي گھر تي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو‪. .‬‬
‫”آھي تہ سڀ خير نہ ؟“ ھن جي پريشان چھري کي ڏسي‪ ،‬مشتاق پڇيو‪.‬‬
‫'بس‪ ،‬يار‪ ،‬بابليء کي تپ ٿي پيو آھي ڊاڪٽر چئي ٿو‪ ،‬ٽائيفائيڊ اٿس“‬
‫”اوھو! خدا خير ڪري‪ .‬ھاڻي ڪيئن آھي؟“‬
‫ايترو تکو تپ تہ ڪونہ اٿس‪ ،‬انھيَء الِء ئي آيو ھوس ڪجھ پئسا کپندا بابليء جي دوا الِء‪ ....‬۽ مٿان‬
‫وري انوَء جي داخال جي آخري تاريخ بہ اچي مٿان بيٺي آھي‪ .‬ان جي داخال الِء بہ ڪجھ‪“....‬‬
‫ھن جملو اڌ پورو ڪري مشتاق ڏانھن نھاريو‪ .‬مشتاق ڪجھ دير سانتيڪو رھيو‪ .‬ڪجھ سوچيندو‬
‫رھيو ‪ ،‬پوِء چپن تي ٿوڙي مرڪ آڻيندي چوڻ ”لڳو‪ :‬ٻڌ يار‪ ،‬اڄڪلھ منھنجي بہ حالت خراب آھي ‪...‬‬
‫پر گھڻا کپنئي؟“‬
‫'”مڙئي اڍائي سو کن‪ .‬سؤ کن رپيا دوائن الِء‪ ،‬۽ڏيڍ سؤ انوَء جي داخال وغيره الِء“‬
‫ڪجھ دير وري سانت رھي؛ مشتاق ڪجھ سوچيندو رھيو ؛ ۽ ائين ھڪدم چوڻ لڳو‪ ،‬ڄڻ ڪا ڳالھ‬
‫سار اچي وئي ھجيس ”ھيئن ڪر يار‪ ،‬رات جو اچجانِء‪ ،‬اٺين ڌاري ؛ ھڪڙي ھنڌان پئسن ملڻ جو‬
‫آسرو آھي‪ .‬گھٻراء نہ سڀڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو‪ .‬ھينئر تہ مون وٽ اتفاق سان ويھارو کن رپيا مس‬
‫آھن‪ .‬بس يار‪ ،‬ڪڏھن ڀريء ۾ تہ ڪڏھن ڀاڪر ۾ ھڪڙي ھنڌ پئسا ڏيڻا ھئم‪ ،‬سو ھينئر پائي بہ‬
‫ڪانھي بچي‪“.‬‬
‫مشتاق جي واتان آھي اکر ٻڌي‪ ،‬ھن کي ائين لڳو‪ ،‬ڄڻ سندس سرير کي باھ وڪوڙي وئي ھجي ‪ ،‬۽‬
‫ھن مشتاق جي ٻولن مان ڪوڙ جي بوء سونگھي ورتي‪ .‬ھن مشتاق جي منھن ۾ نھاريو ‪ ،‬جيڪو ھڪ‬
‫گھڙي اڳ کيس فرشتي وانگر نظر اچي رھيو ھو‪ .‬مشتاق ۽ وٽس رڳا ويھہ رپيا پيل ھجن!‬
‫سندس دل اھا ڳالھہ ‪ ،‬ڪنھن بہ حالت ۾ مڃڻ الِء تيار نہ ھئي‪ ،‬ھن کي حياتيَء ۾ شايد ايترو ڏک‬
‫ڪڏھن ڪونہ پھتو ھو جيترو مشتاق جي وراڻي ٻڌي کيس پھتو ھو ‪ .‬ھو سوچڻ لڳو‪:‬‬
‫ڇا مشتاق بہ دوستيَء ۾ دوکو ڏيئي سگھي ٿو؟ “ کيس ان جي آس بنھ ڪانہ ھئي‪ .‬ھو تہ ھن ڀيري‬
‫مشتاق ۾ وڏي اميد رکي آيو ھو ؛ ۽ مشتاق بہ اڳي ڪڏھن ائين ڪونہ ڪيو ھو‪ .‬پر‪...‬ھن مشتاق سان‬
‫ھٿ ماليو ‪ ،‬۽موڪالئي گھر طرف ھلڻ لڳو‪ .‬ھن جو اڄوڪو ڏينهن شايد حياتيَء جو بدترين‬
‫ڏينھن ھو‪ .‬ھن کي ھاڻي اھو ويچار نہ ھو تہ بابليء جو ڇا ٿيندو يا انو کي داخال ڪيئن ملندي پر‬
‫ھينئر ھن کي ان جي عيوض دوستيَء جي آدرش ٽٽڻ جو ڏک ھو جيڪو ھن آرزوئن ۽ احساسن‬
‫سان ٺاھيو ھو ‪ ،‬۽ جيڪو دوست جي ھڪڙي تکي ٻول جي تيشي سان ڪري اچي پٽ تي پيو ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪47‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھو سوچ ۽ ويچارن ۾ ٻڏل ‪ ،‬گھر ڏانھن ھلندو رھيو‪ .‬ھن کي ھڪ ھڪ وک کڻڻ اوکي ٿي پئي ڄڻ‬
‫ڪنھن سندس پيرن ۾ سنگھرون وجھي ڇڏيون ھيون‪ .‬ھو دوستن کي حياتيَء جي ڪاڙھي تتل‬
‫واٽ تي بيٺل وڻن وانگر سمجھندو ھو ‪ ،‬جتي واٽھڙو ٿوريَء دير الِء ساھ پٽيندو آھي ۽ وري نوبنو ٿي‬
‫ماڳ ڏانھن ھلڻ لڳندو آھي‪ .‬رستي تي بيٺل وڻن جي ڇانو نہ ھجي تہ واٽھڙو اڌ واٽ تي ئي اس ۽‬
‫لڪن ۾ س ڙي مري وڃي‪ .‬پر اڄ ھن کي محسوس ٿيو تہ وڻن جا پن ڇڻي چڪا ھئا؛ ۽ خودغرضيَء‬
‫جي تکي اس انھن جي ڇا نو کي ڳيھي وئي ھئي‪ .‬مشتاق ھن جو دوست ھو ۽ ھو ان کي ائين ٽاري‬
‫ڇڏيندو ‪ ،‬سو ھن جي وھم ويچار ۾ بہ ڪونہ ھو‪.‬‬
‫ھن جي ذھن تي طرح طرح جا ويچار تري آيا‪” .‬مشتاق ائين ڇو ڪيو؟ شايد مون مان ڪڪ ٿي‬
‫ويو ھوندو‪ .‬آئون ھن جا پئسا کائي تہ ڪونہ وڃان ھا‪ ،‬باقي واپس ڏيڻ ۾ کڻي ڪا دير ٿئي ھا‪ ،‬آخر‬
‫تہ دوست ھئا سين ‪ ،‬۽‪ “....‬وري ھن کي سار آئي‪” :‬ھا‪ ،‬پوئين ڀيري مھيني الِء سؤ رپيا ورتا ھئا مانس‪،‬‬
‫۽ ٽن مھينن ۾ موٽايا مانس شايد ان ڪري ھن ڀيري لنوائي ويو‪“.‬‬
‫وري ھن کي ڪجھ سار اچڻ لڳي‪” :‬مشتاق وڏو ماڻھو ٿي ويو آھي‪ .‬ننڍي ھوندي گڏ پڙھيا ھئاسين‪،‬‬
‫سو مڙي ئي ملندو اچي‪ ،‬باقي ھو وڏن ماڻھن سان گھمي سو مون مان پڪ ڪڪ ٿي پيو ھوندو‪ .‬ھن‬
‫ڀيري پئسا نہ ڏيئي‪ ،‬مڙئي ھميشہ الِء جند ڇڏائڻ ٿو گھري‪ “.‬ھاڻي ھوريان ھوريان ھن جو ذھن مشتاق‬
‫جي طرفان بدظن ٿيندو ويو ‪ .‬ھن کي سار اچڻ لڳي تہ جيڪڏھن مشتاق ھن تي ٿورا ڪيا آھن تہ‬
‫ھن وسان ڪونہ گھٽايو ھو‪ .‬ھن بہ تہ مشتاق الِء سڀ ڪجھ ڪيو‪ ،‬جو ھڪ دوست کي ڪرڻ کپندو‬
‫ھو‪ .‬۽ ھاڻي ھو ا ھي مھربانيون ياد ڪرڻ لڳو جي ھن مشتاق تي ڪيون ھيون‪ ،‬جيڪي پھرين ھن‬
‫کي سار بہ ڪين ھيون‪ .‬دوستن جي وچ ۾ تہ ڪو ليکوئي ڪونہ ٿيندو آھي‪ .‬اھو شايد دستور آھي‬
‫تہ دوستن جون ھڪ ٻئي تي ٿيل چڱايون سار نہ رھنديون آھن‪ ،‬ڇو جو اھي چڱايون ۽ احساس‬
‫دوستن جي وچ ۾ عام ڳالھ ھونديون آھن؛ ۽ عام ڳالھ جي سار ڪانہ رھندي آھي‪.‬‬
‫ھن کي ھڪڙو واقعو ياد آيو‪ .‬اھو شايد آچر جو ڏينھن ھو‪ .‬اوڏي مھل ساڍا نو کن ٿيا ھئا‪ ،‬۽ ڏھين‬
‫بجي ھن کي رئيس علي مراد سان ملڻ الِء وڃڻو ھو ‪ .‬سال کن بيڪار رھڻ کان پوِء ھن کي مس مس‬
‫نوڪريَء جو آسرو مليو ھو‪ .‬ھو ڪيترو نہ خوش ھو تنھن ڏينھن‪ .‬اڃان ھو گھر مان نڪرڻ وارو ھو‬
‫تہ مشتاق اچي پھتو‪.‬‬
‫”يار مون کي پڪ ھئي تہ گھر ھوندين“ مشتاق ھن کي ڏسي‪ ،‬ٿڌو ساھ ڀريندي چيو‪.‬‬
‫”ڇو خير تہ آھي ؟“ مشتاق جي منھن تي گھٻراھٽ جا آثار ڏسي‪ ،‬ھو بہ ڳڻتي وند ٿي پيو‪.‬‬
‫مشتاق رومال سان منھن تان پگھر اگھيو‪ ،‬۽ ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چوڻ لڳو تہ‪” :‬ڏاڍي‬
‫گھٻراھٽ پئي ٿئي‪ .‬االئي ڇا پيو محسوس ٿئي ‪ .‬ائين ٿو معلوم ٿئي تہ دل ٿي ٻڏي‪ .‬گھر ۾ آرام ئي‬
‫ڪونہ آيو‪ .‬گھٻراھٽ ايتري تہ وڌي ويئي جو تو وٽ ھليو آيس‪“.‬‬
‫ھن کي خبر ھئي تہ مشتاق کي ڊپريشن ٿيندي ھئي ۽ دل ٻڏڻ لڳندي ھئي‪ .‬اڪيلي رھڻ ڪري ھن‬
‫جي ذھن تي عجيب عجيب ويچار ايندا ھئا‪ .‬ڳڻتين ۽ پريشانين جي ڪري ننڊ ڦٽي ويندي ھئي‪ ،‬۽‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪48‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھو پنھنجي دل ٻڏندي محسوس ڪندو ھو‪ .‬اھا ئي ڳالھ ھئي جو جڏھن بہ ھن جي دل گھٻرائيندي‬
‫ھئي تہ ھو ھڪدم دوستن سان ملي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو‪.‬‬
‫”تون ڪيڏانھن وئين پئي ڇا؟“ مشتاق ھن کي تيار ٿيل ڏسي پڇيو‪.‬‬
‫”جي؟ نہ نہ ‪ ،‬مان تہ ائين تيار ٿيو ويٺو ھئس‪ “.‬ھن ڪوڙ ڳالھائيندي‪ ،‬ھن کي آٿت ڏني‪ .‬وري ٿوري‬
‫دير ترسي چوڻ لڳو‪” :‬پر يار ‪ ،‬تون گھٻرائين ڇو ٿو‪ .‬ھروڀرو دل جو روڳ کڻي لڳايو اٿئي‪ .‬رات متان‬
‫گھڻو کائڻ ڪري بدھاضمو ٿيو ھجنئي‪ ،‬۽ پوِء گئس جي چڙھڻ ڪري دل تي اثر ٿيندو ھجي‪ “.‬ھو‬
‫مشتاق کي آٿت ڏيڻ لڳو‪ .‬ھو دوست جي الڪي ۾ پنھنجي خوشي بہ ويساري ويٺو‪ ،‬ھن سوچيو‪:‬‬
‫نوڪري پوِء بہ ملي ويندي ‪ ،‬ھن وقت مشتاق کي سندس ضرورت آھي‪.‬‬
‫پوِء ھو سڄو ڏينھن مشتاق سان گڏ رھيو‪ .‬ھو سڄو ڏينھن گھمندا رھيا‪ ،‬۽ جڏھن مشتاق جي طبيعت‬
‫بھتر ٿي تہ ھو کيس گھر ڇڏي آيو‪ .‬ھو ٻئي ڏينھن رئيس علي مراد جي گھر پھتو تہ معلوم ٿيو تہ‬
‫رئيس صبح سوير ڪراچي وڃي چڪو ھو ‪ ،‬جتان ھو ٻئي ڏينھن يورپ الِء روانو ٿي ويو_ ۽ ھو ائين‬
‫ئي بيڪار رھجي ويو ! پر ھن کي انھي جو ڪڏھن افسوس نہ رھيو‪” .‬دوستن جي مٿان جان قربان‬
‫آھي اھا تہ خسيس نوڪري ھئي‪“.‬‬
‫۽ ھاڻي اھو دوست ٻن سون رپين جي خاطر ائين رخ بدالئيندو‪ ،‬سا ڳالھ ھن جي وھم گمان ۾ بہ ڪانہ‬
‫ھئي‪ .‬ھن کي مشتاق تي ڪيل پنھنجي ھڪ مھرباني تہ سار رھي ھئي ‪،‬‬
‫پر مشتاق جون مٿس ڪيل سؤ مھربانيون سار نہ رھيون‪ .‬شايد اھو دستور آھي تہ ڏھ احسان ڪري‪،‬‬
‫پوِء ڪو يارھون احسان نہ ڪري سگھي تہ گذريل ڏھ احسان بہ ڌوپجي ويندا آهن‪.‬‬
‫ھو سڄي شام سوچيندو رھيو ‪ .‬مشتاق چيو ھو تہ رات جو اٺين بجي تائين ھو ڪوشش ڪري ھن‬
‫کي پئسا ھٿ ڪري ڏيندو‪ .‬پر کيس پڪ ھئي تہ ھي مشتاق جو ھڪ بھانو ھو‪ .‬رات جو وري چوندو‪،‬‬
‫”يار ‪ ،‬مون ڏاڍي جاکوڙ ڪئي‪ ،‬پر پئسا ھٿ اچي نہ سگھيا‪ “.‬ھن کي ائين لڳو تہ مشتاق سچ پچ اھي‬
‫ٻول چئي رھيو ھجي‪ .‬ھو سوچيندو رھيو تہ مشتاق وٽ وڃي يا نہ وڃي‪ .‬رڳو انوَء جي داخال جي ڳالھ‬
‫ھجي ھا تہ بہ ھو پرواھ نہ ڪري ھا‪ ،‬پر ھتي تہ بابليَء جي حياتي جو سوال ھو‪ .‬ڊاڪٽر تہ چيو ھو تہ‬
‫اڄ کان ئي دوا کارائڻ شروع ڪجان‪ .‬پر مشتاق جو ھن کي ڌڪ ھنيو ھو ‪ ،‬تنھن کيس لوڏي ڇڏيو‬
‫ھو‪ .‬ٻين دوستن کان تہ اڳي ئي قرض ورتل ھوس‪ .‬ھو سوچيندو رھيو ‪ ....‬۽ ھڪ ويچار ايندي ئي‪،‬‬
‫ھن جو منھن خوشيَء وچان ٻھڪڻ لڳو‪.‬‬
‫ڄڻڪ ھن جو مسئلو حل ٿي ويو‪.‬‬
‫احمد علي بہ تہ ھن جو ۽ مشتاق جو دوست ھو‪ .‬شاھوڪار ھو‪ .‬ھو ھن جي ضرور مدد ڪندو‪.‬‬
‫جيتوڻيڪ ھن احمد عليَء کان ڪڏھن اوڌر نہ ورتي ھئي پر ھينئر حالتن ھن کي اھو ڪرڻ تي بہ‬
‫الچار ڪري وڌو‪ .‬گھٽ ۾ گھٽ م شتاق وٽ وري وڃڻ کان تہ بھتر آھي تہ ھن ڀيري احمد علي کان‬
‫ئي قرض وٺجي‪ .‬ھن سوچيو ۽ جيڪو ماڻھو ھڪ دوست کان قرض وٺي سگھي ٿو تنھن الِء ٻئي‬
‫دوست کان قرض وٺڻ ڪا ڏکي ڳالھ ڪانھي‪ .‬ھن مشتاق جو ويچار الھي‪ ،‬احمد عليَء جي گھر‬
‫ڏانھن رخ رکيو ‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪49‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫احمد علي بہ ڀاڳن سان گھر تي م وجود ھو‪ .‬ڪيتري دير تائين ھن کان مطلب جي ڳالھ وات مان نہ‬
‫نڪري سگھي‪ .‬ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ڪندي ‪ ،‬نيٺ ھن مطلب جي ڳالھ زبان تي آندي‪:‬‬
‫”ھڪڙو ڪم ھو‪ ،‬پر چوڻ مون کان نہ ٿو پڄي ‪ .‬مون اصل ۾ يار‪ ،‬تو کي ڪڏهن اھڙو ڪم چيو‬
‫ڪونھي‪ .‬االئي تون ڇا سمجھندين‪ “.‬ھن شروعات ۾ ھمت نہ ساري‪.‬‬
‫”يار چئي ڏي ‪ ،‬دوستن جي وچ ۾ حجاب ڪھڙو‪.‬منھنجي ھٿ ۾ ھوندو تہ ضرور ڪندس‪“.‬‬
‫ھو ٿورو ھٻڪيو ‪ ،‬ڪنڌ موڙي ‪ ،‬ھن احمد علي کان اکيون ڦيرائي پريان نھاريو‪ ،‬۽ ھوريان سان چيو‪:‬‬
‫”مون کي ڪجھ پئسا کپن‪ .‬ٻہ سؤ رپيا کن‪“.‬‬
‫ھو مس مس اھي ٻول وات مان ڪڍڻ ۾ سڦل ٿيو‪ .‬ھن احمد عليَء جي وراڻي ٻڌڻ الِء پاڻ کي تيار‬
‫ڪيو‪ .‬ھن سوچيو‪ ،‬شايد احمد علي وراڻي نہ بہ ڏئي‪ ،‬۽ چپ چاپ اندران وڃي ٻہ سؤ رپيا کڻي اچي‪.‬‬
‫پر ھن پاسي بہ سانت رھي‪ .‬ھن احمد عليَء ڏانھن نھاريو‪ .‬احمد عليَء جو آواز ھن جي ڪن تي پيو‪:‬‬
‫'”يار‪ ،‬عجب اتفاق آھي‪ .‬ٿوري دير ڪي ئي ‪ ،‬صبح جو اچين ھا تہ ڪجھ ٿي وڃي ھا شام جو ھڪڙو‬
‫دوست آيو‪ ،‬انھيَء کي بہ اتفاق ڏس پورن ٻہ سون رپين جي ئي ضرورت ھئي مون وٽ ھئا ئي ايترا‪،‬‬
‫ڏئي ڇڏيا مانس‪ .‬پر ٻڌ‪ ،‬سڀاڻي تائين ڪري ڏيندو سانَء ۽‪“...‬‬
‫ھو اھو جواب ٻڌي‪ ،‬پنڊ پھڻ ٿي ويو‪ .‬ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ ھروڀرو ھن احمد عليَء وٽ اچي پنھنجي‬
‫بيعزتي ڪرائي‪ .‬ھڪڙي ڏينھن ئي ان کي ٻہ جھٽڪا لڳندا‪ ،‬تنھن جي ھن کي اميد ڪانہ ھئي‪.‬‬
‫احمد علي بہ ڪوڙ ڳالھائي پنهنجي جان ڇڏائي‪ .‬ھو ڌڪ گھٽ پنھنجي ھوش ۾ نہ رھيو‪ .‬ھن‬
‫جي الِء دوست ئي سڀڪجھ ھئا ‪ ،‬اھا ئي ھن جي الِء ھاڻي ڪجھ بہ ڪين ھئا‪ .‬ھن کي محسوس ٿيو‬
‫تہ سندس حياتيَء ۾ ڪوبہ دوست ڪونہ ھو دوست جو ٻول ھن جي الِء دشمن کان بہ وڌيڪ اگرو ٿي‬
‫پيو ھو‪ .‬ھو جڏھن گھر پھتو تہ پاڻ بہ تپ ۾ ٻري رھيو ھو‪ .‬ھلڪو تپ تہ کيس اڳئي ھو پر سڄي‬
‫ڏينھن جي ڌڪن ۽ ڳڻتين ھن جي طبيعت وڌيڪ خراب ڪري وڌي‪ .‬ھو جڏھن گھر پھتو تہ رات‬
‫جا ساڍا نو ٿي رھيا ھئا‪ .‬اڃان ويٺو ئي مس ھو تہ دروازي تي کڙڪو ٿيو‪.‬‬
‫ھن دروازو کوليو‪ .‬سامھون مشتاق بيٺو ھو‪.‬‬
‫”ڇو يار آئين ڪونہ ؟ آئون تنھنجو انتظار ڪندو رھيس‪ .‬بابلي جي طبيعت ڪيئن آھي؟“‬
‫”ٺيڪ آھي“ ھن مشتاق کي بابليء جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ پسند نہ ڪيو‪.‬‬
‫مشتاق کيسي ۾ ھٿ وڌو‪ .‬نوٽ ڪڍي ‪ ،‬ھن جي ھٿ۾ رکيا‪.‬‬
‫”معاف ڪجانِء يار؛ وقت تي ڏئي نہ سگھيو سانِء‪ .‬ٻن ٽن دوستن وٽ چڪر لڳايم‪ ،‬سڄو ڏينھن‬
‫رليو آھيان نيٺ احمد عليَء وٽان ملي ويا‪ .‬ويھہ رپيا گھٽ اٿئي‪ .‬احمد علي وٽ بہ ايترا پئسا ڪين‬
‫ھئا‪“.‬‬
‫۽ ھن کي محسوس ٿيو تہ سندس بدن جي ٻرندڙ باھہ تي ڪنھن ٿڌي پاڻيَء جو مٽ اوتي ڪري‬
‫ڇڏيو ھجي _ ۽ هو ڪاڙھي تتل واٽ تي ھلندي ھلندي‪ ،‬وڻ جي ٿڌيَء ڇانو ھيٺ اچي بيٺو ھجي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪50‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫عيد جي خرچي‬

‫رمضان مھيني جي اوڻٽيھين تاريخ اينديئي ھرڪو چنڊ ڏسڻ الِء آيو ھوندو آھي ‪ .‬عيد جي چنڊ‬
‫ڏسڻ ۾ اھڙي خوشي سمايل آھي جا ھرڪو ماڻڻ گھرندو آھي‪ .‬پوِء ڀلي ھن روزا رکيا ھجن يا نہ ‪.‬‬
‫ماڳھين بي رازائتن کي ويتر وڌيڪ خوشي ٿيندي آھي‪ .‬رمضان جي مھيني جو اھو گڻ آھي تہ ھو‬
‫ماڻھن الِء خوشيون ٿو آڻي ‪ .‬بازارين ۾ وکرن جا اڳھ چوٽ چڙھيو وڃن؛ ھوٽلن ۾ پڙدا لڳايو خوب‬
‫ڪمائي ڪئي ٿي وڃي‪ .‬پر اڄ اوڻٽيھين نہ ٽيهين تاريخ ھئي ۽ رمضان جو مھينو اڄ پورو ٿي رھيو‬
‫ھو‪ .‬گھر گھاٽن وارا ڇتين تي چڙھيو چنڊ ڳولھڻ جي جاکوڙ ڪري رھيا ھئا تہ غريب غربو ھيٺائين‬
‫تي روڊ تان چنڊ ڏسڻ ۾ لڳو پيو ھو‪..‬‬
‫جيترو جيڪو امير ھوندو اوترو ئي ھو مٿان چنڊ ڏسندو ۽ جيترو جيڪو غريب ھوندو اوترو ئي ھو‬
‫ھيٺان چند ڏسندو اھو ئي چنڊ ڏسڻ جو عام دستور آھي‪ .‬ساران بہ پنھنجي پاڙي وارن جي گھر وڃي‬
‫کڏ تي چنڊ ڏسڻ الِء وي ئي ھئي‪ ،‬پراتان جو دڙڪا مليس‪ ،‬جو روزي جي آخري حصي ۾ روزي دارن‬
‫کي مڙيئي ڪاوڙ گھڻي ھوندي آھي‪ ،‬ھيٺ ڀڄندي اچي پيُء وٽ بيٺي‪.‬‬
‫بابا اڄ چنڊ نہ ڏٺو تہ ڇا عيد نہ ٿيندي؟‬
‫”نہ پٽ اڄ تہ چنڊ ضرور ٿيندو‪“.‬‬
‫”پر جي ڪالھ وانگي اڄ بہ نہ ڏٺو تہ!“‬
‫”اڄ تہ چنڊ پڪ ٿيندو‪ .‬اڄ تہ ٽيھون روزو آھي نہ ‪“.‬‬
‫”مقو ٻڌئي‪ ،‬بابا چئي ٿو تہ سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي‪“.‬‬
‫ٻاھر اڱڻ ۾ مقبول باڙديَء سان پاڻي جا ڏول ڀري مٽ ۾ وجھي رھيو ھو‪ .‬ھن ساران جي آواز تي ڪنڌ‬
‫ڦيرايو ئي مس تہ ساران سندس آڏو پھچي چڪي ھئي‪.‬‬
‫” ٻڌئي‪ ،‬بابا چوي ٿو تہ سڀاڻي عيد ضرور ٿيندي“ ساران کيس اھا خبر ٻڌائيندي‪ ،‬آڪڙ ۾ اچي وئي‬
‫ڇو جو ھن سمجھيو تہ اھا خبر ھن کي مقبول کان اڳواٽ پئي ھئي‪.‬‬
‫ڪنھن ڳالھ جي اڳ ۾ خبر پوڻ جي خوشي ٻارن کي تہ ٺھيو‪ ،‬پر وڏن کي بہ ٿيندي آھي‪.‬‬
‫'” اڙي ڇورا! جھٽ ڪر ڪالڪن کان مس مس ھڪ باڙدي ڀري آيو آھين‪ .‬اڃان ٻي بہ ڀرڻي اٿئي“‬
‫ماڻس رڙ ڪئي ۽ مقبول تڪڙو تڪڙو مٽ ڀرڻ لڳو‪ .‬ھن جي سامھون نل تي لڳل دلن ۽ باڙدين جي‬
‫ڊگھي قطار ڦري ويئي‪ .‬مقبول باڙدي خالي ڪرڻ شرط‪ ،‬تڪڙو تڪڙو ٻاھر نڪري آيو ۽ نل ڏانھن‬
‫وڃڻ لڳو‪ .‬ساران‪ ،‬جا ماڻس جي مقبول تي نڪتل ڇڙٻ تي چپ ٿي وئي ھئي سا بہ مقبول جي پويان‬
‫نڪري آئي ‪ .‬کيس مقبول ۾ جو شڪ ھو ‪ ،‬سو پڪ ۾ بدلجڻ لڳو تہ مقبول کيس صاحب جي گھر‬
‫عيد جي خرچي وٺڻ الِء نہ وٺي ويندو‪ .‬اڪيلي سر سڄي خرچي ڦٻائي ويندو‪ .‬انھن ويچارن ۾ ھوء‬
‫ڳچ دير بنا ڳالھائڻ جي پويان پويان لڳي آئي‪ .‬سانت جو احساس ٿيندي ئي‪ ،‬ھوء مقبول کان پڇڻ‬
‫لڳي؛‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪51‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫'”ادا مقو‪ ،‬سچ ٻڌاء تون اڪيلو خرچي وٺڻ وڃين ھا ڀال؟“ ساران جي آواز ۾ نراسائي ھئي‪ ،‬آزي‬
‫نيزاري ھئي‪.‬‬
‫”توکي ڀال ڪيئن ڇڏي ويندم“‬
‫”ڏس ادا مقو‪ ،‬پڪ نہ ؟ مان تنھنجي ھر ڳالھ مڃيندي آھيان نہ “ ساران ٻاڏائيندي چيو‪.‬‬
‫”ھا‪ ،‬وٺي ويندو مانَء ني‪ ،‬مٿو نہ کاُء!“‬
‫۽ ساران جي منھن تي خوشي جي لھر موٽي آئي‪.‬ھن جي اکين اڳيان صاحب جو گھر‪ ،‬گھر جا باقي‪،‬‬
‫اتي ايندڙ ويندڙ ماڻھو ۽ روپئي روپئي جا نوٽ گھمي ويا‪.‬‬
‫ساران موٽي اچي وري پيُء وٽ بيٺي‪ ،‬وري ٻيھر پيُء کان عيد جي پڪ وٺڻ الِء‪ .‬ٻاھر ماڻھن بہ پئي‬
‫چيو تہ سڀاڻي عيد آھي پر ھاڻ ساران ڪنھن ۾ ويساھ نہ پئي رکيو‪.‬‬
‫”بابا سڀاڻي عيد پڪ ٿيندي نہ ! چنڊ نہ ڏسجي پوء بہ!“‬
‫”ساران وري اتاوليَء مان پڇيو‪.‬‬
‫”پٽ‪ ،‬سڀاڻي عيد آھي اصل پڪ سان‪ ،‬چنڊ نہ ڏسجي تہ تہ بہ عيد آھي سمجھيئي! ھوڏانھن‬
‫عربستان ۾ تہ ٻہ ڏينھن اڳ عيد ٿي بہ ويئي!“‬
‫”اھو وري ڪيئن ؟ چنڊ تہ اڄ ڏسبو‪ ،‬پوِء اتي عيد ڪيئن ٿي؟“ ساران اچرج ۾ پيُء جو منھن تڪڻ‬
‫لڳي ‪ ،‬پريان ماڻساھي ڳالھيون ٻڌي رھي ھئي‪ ،‬۽ ھوَء ساران جي سوال جي وراڻي ڏيڻ کان رھي نہ‬
‫سگھي‪.‬‬
‫”اتي عربستان ۾ مڪو مدينو آھن نہ ‪ ،‬اتي اهلل جي حڪم سان چنڊ اڳ ڏسڻ ۾ ايندو آھي‪“.‬‬
‫”ھان بابا ؟“ ساران ماڻس تي ويساھ نہ ڪندي ‪ ،‬پيء کان پڇيو‪.‬‬
‫'”ھا بابا اهلل جي حڪم سان ھن کان بہ وڏا ڪم پيا ٿين !“‬
‫پيء ماڻس ڏانھن نھاريندي چيو‪.‬‬
‫چنڊ رات خوشيَء ۾ ڪيتري دير تائين جاڳندي رھي ۽ ماڻس کان آڏا ابتا سوال پڇندي رھي‪.‬‬
‫”اما‪ ،‬ھو سونا ايرنگ وڪامي تہ نہ ويندا؟“ ساران کي ڊپ ھو تہ ھوء دوڪان تي جي ايرنگ ڏسي‬
‫آئي ھئي سي عيد جي خرچيَء مان ھوء جيسين خريد ڪري تيسين وڪامي ويندا‪.‬‬
‫نہ ڌيَء‪ ،‬اھا ھڪڙي جوڙي تہ ڪانھي جو وڪامي ويندي دوڪان تي اھڙيون گھڻيون ئي جوڙيون‬
‫ٻيون ھونديون‪“.‬‬
‫”پر امان جي سڀئي وڪامي ويا تہ؟“ ساران جو شڪ اڃا قائم ھو‪.‬‬
‫”اتان نہ مليا تہ پڻھين بازار مان وٺي ڏيندء‪“.‬‬
‫ماڻس کيس آٿت ڏني‪.‬‬
‫”پر امان بازار ۾ اھڙا ايرنگ ھوندا؟“‬
‫ھن کي پڪ ھئي تہ سندس پسند جا ايرنگ جڳ ۾ رڳو ھڪ ئي دوڪان تي ھئا‬
‫”ھا ھا‪ ،‬ھوندا‪ ،‬ان کان بہ سٺا‪ .‬ھاڻي ماٺ ڪري سمھي رھہ‪ “.‬ماڻس ھاڻ ڪڪ ٿيڻ لڳي‪.‬‬
‫”امان ڀال ھي سونا ڪونھن ڇا؟“ ساران کي وري ھاڻ ٻئي الڪي اچي ورايو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪52‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”ٻڌايو ڪونہ ھو مان تہ آھي نقلي آھن نقلي‪ ،‬سون جا ايترا مھانگا آھن جو پڻهين بہ نٿو وٺي‬
‫سگھي!“‬
‫”پوء جيڪي سونا ايرنگ ھوندا آھن‪ ،‬اھي ڪير وٺندو آھي؟“‬
‫”سون اميرن الء ھوندو آھي ۽ نہ غريبن الِء‪ “....‬ساران جي ماُء ڪجھ گھڙي ماٺ ٿي وئي پر وري‬
‫حسرت ڀرئي لھجي ۾ چوڻ لڳي ” ۽ غريبن الِء اھو نقلي سون ھوندو آھي جنھن مان تنھنجا ايرنگ‬
‫جڙيل آھن‪“.‬‬
‫”اھو ڇو‪ ،‬ڀال؟ سون رڳو شاھوڪار ٿا وٺي سگھن ‪ ،‬ڀال اھو سون اسين ڇو نہ ٿا وٺي سگھون ؟“‬
‫”ان ڪري جو اسين غريب آھيون ۽ سون نہ ٿا خريد ڪري سگھون؟“‬
‫”پوء ڀال اسان غريب ڇو آھيون؟“‬
‫”ان ڪري جو اهلل سائين اسان کي غريب ٺاھيو آھي‪“.‬‬
‫”اهلل سائين ڀال غريب ڇو ٺاھيا آھن؟“‬
‫”ھاڻي مٿو نہ کاء ‪ ،‬ماٺ ڪري سمھي رھ!“‬
‫ماڻس ساران جي جک کان ڪڪ ٿي چڪي ھئي‪ .‬پريان ساران جو پيُء‪ ،‬ماُء ۽ ڌيَء جون ڳالھيون‬
‫ٻڌي رھيو ھو‪ .‬ه يستائين ماٺ ھو‪ ،‬پر جوڻس جي جنڊ ڇڏائڻ واري وراڻيَء تي ڳالھائڻ کان رھي نہ‬
‫سگھيو‪.‬‬
‫”اهلل سائين غريب ان ڪري ٺاھيا آھن جو امير ماڻھو خيرات ڏئي ثواب حاصل ڪري سگھن!“‬
‫پر ساران پيُء جي وراڻي اڻ ٻڌي ڪري پنھنجا سادا سودا سوال پڇندي رھي‪.‬‬
‫”امان‪ ،‬ڀال عيد ھر مهيني ڇو نہ ٿي اچي؟“‬
‫”پوء ماڻھو کي ٻارھوئي روزا رکڻا پوندا!“‬
‫”اھو ڇو؟“‬
‫”اھو ان ڪري جو روزا رکبا آھن تڏھن تہ عيد جون خوشيون ماڻبيون آھن‪ .‬عيد تہ روزي وارن الء‬
‫ايندي آهي‪“.‬‬
‫”عيد نہ رڳو روزي دارن الء پر بي روزائتن‪ ،‬اميرن‪ ،‬شرابين‪ ،‬رشوتن‪ ،‬ڦورن‪ ،‬ظالمن ۽ ھر مسلمان الِء‬
‫ايندي آھي‪ “.‬ساران جي پيُء کان وري رھيو نہ ٿيو‪.‬‬
‫”۽ عيد ان ڪري بہ ايندي آھي جو ٻارن کي خرچي ملي‪ .‬ھا نہ بابا“‬
‫ساران پيُء جي ڳالھين کي نہ سمجھندي ڄڻ سار ڏيکاريندي ٻڌايو تہ ھو عيد جي خوشين ماڻيندڙن‬
‫۾ ٻارن کي وساري ويو آھي‪.‬‬
‫صبح جو عيد ھئي‪ .‬ساران ۽ مقبول ايترو سوير رڳو عيد جي ڏينھن اٿندا ھئا ۽ ترت تيار ٿي‬
‫ڪالڪ رڳو ويٺا رھيا جيسن پيُء اٿي‪ ،‬وھنجي سھنجي تيار ٿئي‪ .‬مقبول کي اڄ صبح جو پاڻي ڀرڻو‬
‫نہ ھو ھن اڳيئي رات جو دير تائين پاڻي ڀري صبحڪي ڪسر پوري ڪري ڇڏي ھئي_ نماز تي‬
‫پيُء سان گڏجي ويا‪ .‬ساران جي ماُء سيون ٺاھي رکيون ھيون تہ ٻار نماز تان اچي کائي پوِء ويندا‪ .‬ھن‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪53‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڏاڍي اڪير سان اھي س يون ٺاھيون ھيون پر جڏھن ٻار نماز تان موٽيا تہ گھر ھڪ منٽ بہ نہ ترسيا‬
‫۽ ماڻس کين کائڻ الِء رڙيون ڪنديرھجي ويئي‪.‬‬
‫”اڙي ايترو جلدي ‪ ،‬سيون تہ کائيندا وڃو‪“.‬‬
‫”نہ امان دير ٿي ويندي‪ “.‬مقبول پنھنجي تڪڙ لڪائي نہ سگھيو‪.‬‬
‫”امان ھتي تہ رڳو س يون آھن ٻيو ڇا آھي‪ ،‬صاحب جي گھر تي سيرو ‪ ،‬شير قورمون‪ ،‬مٺايون‪،‬‬
‫جليبيون‪ ،‬بسڪوٽ‪ ،‬کٽمٺڙا ۽ ڏاڍيون سٺيون شيون ھونديون آھن‪ “.‬ساران پنھنجي معصوماڻي‬
‫لھجي ۾ چيو‪.‬‬
‫"”۽ ھا اما اتي وري گھڻا ميوا رکيا ھوندا آھن ‪ ،‬اصل ٽوڪرا ڀريل؛ ڪيڪ پيسٽريون بہ ! مقبول‬
‫ساران جي ڳالھ کي ڳنڍ ڏيندي چيو‪.‬‬
‫ساران جي ماُء مڙس ڏانھن نھاريو ۽ شڪايت واري لھجي ۾ چوڻ لڳي‪:‬‬
‫”ٻارن کي ڏسو عيد جي ڏينھن بہ گھر نہ ٿا کائين ۽ ٻاھر ٻين جي گھر ڌڪا کائڻ ڀڄندا ٿا وڃن‪“.‬‬
‫” عيد شايد ان ڪري ايندي آ ھي جيئن امير اھو باور ڪري تہ هو ڪيترو امير آهي ۽ غريب کي‬
‫اهو احساس ٿئي تہ ھو ڪيترو غريب آھي! ٻارن جو ڇا آھي ٿوري دير کان پوء اسين غريب بہ اميرن‬
‫جي گھرن تي ڌڪا کائڻ وينداسون“ ساران جي ماُء کي مڙس جي اھاڳالھہ خراب نہ لڳي‪ ،‬ھن کي‬
‫اھو محسوس ٿيو تہ شايد ساران جي پيُء جون ڳالھيون سچيون آھن ۽ ھوَء غلط ھئي ”ٻڌ مقوَء ماُء‬
‫عيد ملڻ جو بہ دستور اٿئي تہ ننڍو ماڻھو وڏي ماڻھو سان عيد ملڻ ويندو ۽ غريب وري عيد جي‬
‫ڏينھن وڏي ماڻھوَء سان عيد ملندي ائين محسوس ڪندو آھي ڄڻڪ ننڍ وڏائي جو ويڇو پل کن‬
‫الء ختم ٿي ويو آھي ۽ هو بہ وڏي ماڻهوَء برابر اچي ويو آهي ۽ وڏو وري ان ۾خوش تہ ھن وٽ ڪيترا‬
‫نہ ماڻھو عيد ملڻ اچن ٿا‪“.‬‬
‫پر ٻار پيُء جي ڳالھ ٻڌڻ کان اڳ گھران نڪري چڪا ھئا ٻاھر جڳ ئي ٻيو لڳو پيو ھو‪ .‬خوشيون ۽‬
‫شادمانا‪،‬رستن تي ٻاھر نڪري آيا ھئا‪ .‬وڏا ننڊا امير غريب سڀئي ھڪ ئي رنگ ۾رڱيل ھئا‪ .‬رستن‬
‫تي ڪئي ھرکڻ جا ھنڌ ھئا‪،‬ڦرموٽيون ڦوڪڻا‪ ،‬توتاڙيون‪ ،‬رانديڪا االئي ڇا ڇا ھو‪ ،‬پر مقبول ۽‬
‫ساران انھن سڀني کان بيخبر اڳتي وڃي رھيا ھئامقبول ساران کي ٻانھن کان ڇڪيو تکيون وکون‬
‫کڻي رھيو ھو‪.‬‬
‫ھو ھڪ گھٽي مان ٻي گھٽي ۾ ٿيندي وڏي رستي تي اچي نڪتا ھئا‪ .‬جتي موٽرون رڪشائون‬
‫زوزاٽ ڪيو پي ويون ايتري تہ گپا گيهه لڳي پئي ھئي‪ ،‬جو ھلڻ ڏکيو لڳو پيو ھو ۽ رستو پار ڪرڻ‬
‫الِء تہ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي‪.‬‬
‫”خدا ڪري اڄ صاحب وٽ گھڻا ماڻھو اچن تہ گھڻي خرچي ملي!“ ساران چوڻ لڳي‬
‫”بابا پئي چيو تہ صاحب اڳي کان بہ وڏو آڦيسر ٿي ويو آھي بابا اھو بہ پي چيو تہ ماڻھو جيڏو وڏو‬
‫آڦيسر هوندواوترا ماڻهو وڌيڪ وٽس ايندا‪ “.‬مقبول ٻڌائڻ لڳو‪.‬‬
‫”خدا ڪري تہ بابو بہ وڏو آڦيسر ٿئي ھن وٽ بہ ماڻھواچن ۽ اسين پنڌ ڪرڻ کان ڇٽي پئون!“‬
‫”بابا ڪڏھن بہ آڦيسرڪون ٿيندو‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪54‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”اھو ڇو؟“‬
‫”ڇو جو بابا ننڍو ماڻھو آھي‪“.‬‬
‫پر ساران کي اھا وراڻي سمجھہ ۾ ڪونہ آئي‪.‬‬
‫”پر با با تہ صاحب کان بہ وڏو آھي‪ ،‬بابا جو مٿو نہ ڇت سان ٿو لڳي‪ ،‬۽ صاحب تہ بنھن پتڪڙو آھي!“‬
‫”اڙي بابا تہ قد ۾ وڏو آھي ھونئن ٿوروئي وڏو آھي‪“.‬‬
‫ساران اھو ٻڌي ماٺ ٿي وئي پوء ڪجھ سار آيس ۽ چوڻ لڳي ”۽ ھو جو وڏيرو آھي نہ ‪ ،‬جتي چاچا‬
‫گلڻ ڪم ڪندو آھي‪ ،‬ھو آفيسر ڪونھي ۽ پڙھيل بہ ڪو نھي تہ پوء ھو وڏو ماڻھو ڪيئن ٿيو؟“‬
‫”ھو زميندار آھي نہ ھن وٽ زمينون آهن‪“.‬‬
‫”بابا بہ وڏيري وانگر زمينون وٺندو‪“.‬‬
‫”وڏيري زمينون خريد ٿوروئي ڪيون آھن‪ ،‬اھي تہ سندس پيُء وٽان مليون آھن‪“.‬‬
‫”۽ هن جي پيُء وٽ اهي زمينون ڪٿان آيون؟“‬
‫اھي زمينون اهلل سائين ڏنيون ھوندن‪“.‬‬
‫”اهلل سائين ڇو ٿو ڪري ڀال!“‬
‫”اهلل سائين جي مرضي آھي‪“.‬‬
‫”اهلل سائين جي اھڙي مرضي ڇو ٿيندي آهي؟“‬
‫”امان ڪونہ پئي چيو تہ اهلل سائين جي ڳالهين جي وچ ۾ نہ پئبو آھي‪ ،‬اھو وڏو گناھہ آھي ٻڌئي‬
‫چري‪“.‬‬
‫مقبول گناھہ جو ڊپ ڏئي ساران کي ماٺ ڪرائڻ چاهيو ماڻس بہ ائين ماٺ ڪرائيندي ھئي‬
‫”چڱو ڀال بابا تہ وڏو ماڻھو نہ ٿيندو پر تون تہ ٿيندين نہ ! پوء مون کي گھڻي خرچي ڏجانِء“‬
‫”نہ ساران مان وڏو ماڻھو نہ ٿيندس مان تہ اسڪول ئي ڪونہ ٿو وڃان‪“.‬‬
‫”پوِء وڃين ڇونہ ٿو؟“‬
‫آئون اسڪول ويندس تہ مزوري ڪير ڪندو پاڻي ڪير ڀريندو ؟‬
‫ساران ڪجھہ بہ نہ سمجھندي بہ چپ ٿي وئي ھئي‪.‬‬
‫رستي تي وڌندڙ ٽرئفڪ ۽ سندن هلڻ جي تکي رفتار ھنن جي ڳالھين کي ختم ڪري ڇڏيو ھاڻي‬
‫ھو چوسول وٽ پھچي چڪا ھئا چوسو ل وٽ ٽريفڪ چئوڻي ھئي جيئن صاحب جي گھر ويجھو‬
‫پوندا ٿي ويا تيئن ھنن جي وک اڃا ن تکي ٿيندي ٿي وئي چوسول کي پار ڪرڻ عيد جي ڏينھن‬
‫سولو ڪم نہ ھو مقبول نظر ڦيرائي پريان ايندڙ موٽر اڃان بہ پري ھئي‪.‬‬
‫صاحب جي گھر پھچڻ جي جلدي ھنن کي رستي پار ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو‪ .‬رستو پار ڪندي‬
‫ڄڻ تہ ٻئي دماغ گڏ سوچي رھيا ھئا‪ .‬مقبول ساران کي ٻانھن کان جھلي تکائيَء سان رستو اڪرڻ‬
‫لڳو ۽ ساران مقبول جي ھٿ کي جھليو‪ ،‬ان جي پويان ڊوڙندي پئي آئي‪ .‬تڪڙ ۾ ساران جو ھٿ‬
‫ڇڏائجي ويو مقبول ٿورو تر سيو پر موٽر کي ويجھو ڏسي اتي ترسڻ ھن الء اڻ ٿيڻ ھو‪ .‬ھو موٽر کان‬
‫بچڻ الءتکو ٻيَء پر پھچڻ الِء ڊوڙڻ لڳو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪55‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫چيڪاٽ ٿيا بريڪ لڳي ويا ٺڪاء جو آواز ٿيو ۽ ڪو اڇلجي وڃي پري ڪريو‪.‬‬
‫”ساران!“ مقبول کان رڙ نڪري وئي موٽرون رڪشائون بيھي ويون ماڻھو ڪريل ٻار ڏي ڊوڙڻ لڳا‪،‬‬
‫ٽرئفڪ روڪ ٿي وئي___ ھر طرف کان آواز اچڻ لڳا‪.‬‬
‫”ڙي ڪنھن موٽر کي روڪيو!“ ڪنهن رڙ ڪئي‪.‬‬
‫”بچي وئي!“ ڪنھن ٻئي جو آواز آيو‪.‬‬
‫موٽر وارا تہ انڌا ٿيو ٿا ھالئين ٽيون آواز آيو‪.‬‬
‫”اسپتال کڻائي وڃوس“ ڪنھن صالح ڏني‪.‬‬
‫ساران جا ڪپڙا رت ۾رڱجي ويا ھڪ ماڻھو ساران کي ھنج ۾کنيو ۾کيس موٽر ۾ويھاريو مقبول بہ‬
‫پويان ڀيڻس کي پڪاريندو ھليو آيو ۽ ھو ساران جون اکيون بند ڏسي سڏيندو رهيو هن رڳو هڪ‬
‫ڀيرو ساران کان وراڻي ٿي گھريو ساران جو وراڻي حياتي جو ثبوت ڏي ھا‪.‬‬
‫”ماٺ ڪر بابا ھوَء بيھوش آھي‪ ،‬ھوَء اکيون نہ کوليندي“ ان ماڻھو چيو‪.‬‬
‫پر مقبول کي پڪ ھئي تہ ساران جا ڳندي ھن ماٺ نہ ڪئي‪.‬‬
‫”ساران! منھنجي پياري ادي اکيون کول نہ ‪ ،‬ھل نہ ھل تہ عيد جي خرچي وٺڻ ھلون عيد جي خرچيَء‬
‫مان ايراينگ وٺنداسون‪ ،‬ڏس ھن پيري مان پنھنجي عيد جي خرچي بہ توکي ڏيندس‪ ،‬ڀلي گھڻا‬
‫ايرينگ وٺجانِء ھاڻي اکيون کول نہ عيد جي خرچي ملڻ واري آھي‪ .‬عيد جي خرچي جام ملندي“‬
‫ھن وري زور سان ٻہ ٽي ڀيرا چيو‪ .‬عيد جي خرچي ساران‪ ،‬عيد جي خرچي!‪ ،‬مقبول جو آواز وڌندو ويو‬
‫ساران ۾ چرپر پيدا ٿي ھوريان ھوريان اکيون کولڻ لڳي‪ ،‬اکين جا پنبڻ مٿي ٿيڻ لڳا ھن پنھنجا‬
‫چپ چوريا ۽ ڪجھہ چوڻ جي جاکوڙ ڪرڻ لڳي تمام جھيڻو آواز آيو‪.‬‬
‫”عيد مبارڪ“ ھوء ھميشه صاحب جي گھر ائين چئي عيد جي خرچي وٺڻ مھل ڪندي ھئي‪ ،‬ھن‬
‫پنھنجو ھٿ وڌائي تري کولي پر ھن جو ھٿ ڍرڪي پيو ۽ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ سندس چپ اڌ کليل‬
‫رھجي ويا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪56‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫پنهنجو پنهنجو غرض‬

‫ھونئن تہ آئون آفيس ۾ ڪالڪ اڌ دير سان ئي ايندو آھيان‪ ،‬پر اڄ گھڻو دير سان اچڻ بنھ قدرتي‬
‫ڳالھہ ھئي‪.‬‬
‫ڪالھ ئي مئنيجنگ ڊائر يڪٽر پنھنجو دورو پورو ڪري واپس موٽي ويو ھو ‪ .‬ھو آيو تہ ھتي ٻن‬
‫ڏينهن الء ھو پر منهنجي جيڪا حالت ٿي ھئي ائين ٿي لڳو تہ آئون ڪو ساندھ ٻہ سال رڌو رھيو‬
‫ھوس‪ .‬اصل ۾ منهنجي رڌائپ تہ ان ڏينهن کان شروع ٿي ھئي جڏھن پندرنھن ڏينهن اڳي ايم ڊي‬
‫جي دوري جو پر و گرام آيو ھو فيڪٽرين جون وزٽون‪ ،‬چيمبر آف ڪامرس طرفان لنچ‪ ،‬بئنڪرز‬
‫ائسوسي ايشن طرفان ائٽ ھوم ۽ االئي ڪھڙا ڪھڙا پروگرام رٿڻا پيا‪ .‬ڪنھن کي ڪا مھل ٺھڪي‬
‫تہ ڪنھن کي ڪا مس مس وڃي شيڊول تيار ٿيو هو‪.‬‬
‫اڄ ڪافي دير سان پھتو ھوس‪ ،‬پر ان جو ڪو الڪو ڪونہ ھو‪ .‬يارنهن ٿي چڪا ھئا پر ان جو ڪو‬
‫احساس ئي ڪونہ ھو جڏھن بہ ڪا انسپيڪشن يا اھي مصيبت جا دور پورا ٿيندا آھن تہ ٻئي‬
‫ڏينھن ھرڪو آرام سان ايندو آھي ۽ ماحول مان اھا ڇڪتاڻ گم ھوندي آھي جا صاحبن جي اچڻ‬
‫ڪري پيدا ٿيندي آھي‪ .‬اھوئي ڪارڻ ھو جو اڄ بئنڪ جي ماحول ۾ ھڪ ڍرائي ھڪ سڪون ھو‬
‫ان جو ثبوت پي‪.‬اي جي دير سان اچڻ مان بہ ظاھر ھو‪ .‬ھونئن آئون جيئن ئي ڪرسيَء تي ويھندو‬
‫آھيان تہ پي‪.‬اي ھڪدم ٻڌائيندو آھي تہ ڪير ڪير آيو ۽ ڪٿان ڪٿان فون آيو‪ .‬پر اڄ ”انٽر‬
‫ڪام“ جي سيٽي ڪافي دير کان پوِء وڳي‪ .‬مون بٽڻ دٻايو‪.‬‬
‫سر ھيڊ آفيس مان ”اينڊ يوز ڊپارٽمينٽ مان رضوي ”‬
‫صاحب فون ڪيو ھو ”رڪوريَء“ جي ليٽيسٽ پوزيشن پڇي آٿس‪ .‬ٻيو فون چوڌري ڪرم االھيَء‬
‫جو ۽ ٽيون فون نواب حشمت علي خان جو ھو‪ “.‬پي‪.‬اي اڙدوَء ۾ مون کي ٻڌايو‪ .‬اسين بئنڪ ۾ اڙدوَء‬
‫۾ ئي ڳالھائيندا آھيون‪ .‬بئنڪ ۾ پٽيوالي کان وٺي مون تائين‪ ،‬اھا ئي ٻولي ھلندي آھي‪.‬‬
‫”ٻڌ خان‪ ،‬احتشام کي چئو تہ ”اسٽيٽمينٽس“ تيار ڪري وٺي ۽ نواب صاحب وٺي ڏي“ مون چوڌري‬
‫ڪرم االهيَء جي فون کي ڌيان ۾ نہ آندو‪ .‬ھو اسان جي بئنڪ جو مقروض ھو‪ .‬لوڙ ھوندس تہ پاڻيھي‬
‫فون ڪندو‪،‬نہ تہ اسين مقروضن کي لفٽ نہ ڏيندا آھيون‪.‬‬
‫”پر سر‪ ،‬نواب صاحب جن فرمايو ھو تہ پاڻيھي وري فون ڪندا‪“.‬‬
‫نواب حشمت علي خان جو نالو ٻڌي سوچڻ لڳس‪ .‬اڃا ڪالھ ئي تہ نواب صاحب سان مالقات ٿي‬
‫ھئي ايم‪.‬ڊي جي شان ۾ لنچ جھلي ھڻائين ۽ وري اڄ سندس فون آيو ھو‪ .‬سندس ڪھڙو ڪم‬
‫ھوندو؟ ڪارخانو لڳائڻو تہ ڪونھيس جو قرص کپندو ھوندس يا ٿي سگھي ٿو ڪنھن کي ڪا‬
‫نوڪري ڏيارڻي ھجيس اسان بئنڪرن؟؟؟ ۾ انھن ڪمن کان سواء ٻيا ڪھڙا ڪم پئجي سگھن‬
‫ٿا‪ .‬ان باري ۾ سوچيندو رھيس‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪57‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نواب حشمت علي خان جي شڪل اکين اڳيان ڦرڻ لڳي‪ .‬مون کيس گھڻن سالن کان پوِء ڏٺو ھو‪.‬‬
‫جھڙو سندس نالو ھو‪ ،‬تھڙي ھئس حشمت‪ ،‬رعب ۽ دٻدٻو پر ھاڻي ڪجھ عمر ڪارڻ ڍرڪي ويو ھو‪.‬‬
‫پر تڏھن بہ سندس شاندار ماضيَء جا اه ڃاڻ سندس شخصيت مان بکي رھيا ھئا پھرين تہ ايترو‬
‫بندرو ڪونہ لڳندو ھو پر ھاڻي پيٽ نڪري اچڻ ڪري بندرو پي لڳو‪ .‬شيروانيَء ۾ تہ ويتر وڌيڪ‬
‫ٿلھو پي لڳو‪ .‬اھڙي ئي چمڪدار شيرواني پيل ھئس‪ ،‬جھڙي اڳي پائيندو ھو‪ .‬شيرواني ماڻھوَء جا‬
‫اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيندي آھي‪ .‬ماڻھو جو ٿورو پيٽ ڀرجي تہ ڦاٽ کايو وجھي‪.‬‬
‫نواب صاحب کي پاجامو بہ ساڳيوئي پيل ھو‪ .‬نواب صاحب س دائين چوڙيدار پاجامو پا ئيندو ھو ۽‬
‫پير ۾ سليم شاھي جوتو‪ .‬نواب صاحب پان بہ دستور وانگر ئي چٻاڙي رهيو ھو‪ .‬مون ڪڏهن بہ نواب‬
‫صاحب کي پان کان سواِء نہ ڏٺو سندس ماڻھو پان دان سان سدائين موجود ھوندو ھو‪ .‬سندس ڳاڙھا‬
‫ڳاڙھا ڏند بہ ڇڊا ٿي چڪا ھئا‪ ،‬البت رنگ ۾ ڪارا پئي لڳا‪ .‬ھڪڙو فرق سو ڏٺم تہ نواب صاحب‬
‫جون مڇيون پھرين کان گھاٽيون ۽ وڏيون ٿي لڳيون تنھن کان سواء ڪاريون بہ نواب صاحب شايد‬
‫ڪيس لڳائڻ شروع ڪيو ھو سندس مٿي جا وار بہ کسي ويا ھئا‪ ،‬پر جيڪي بہ باقي بچيل ھئا سي‬
‫بہ ڪارا ٿي لڳا‪ .‬وارن کسڻ جو رڳو مون اندازو لڳايو ھو باقي اڳي مون ڪڏھن بہ نواب صاحب کي‬
‫بنا ٽوپيَء نہ ڏٺو ھو‪ .‬سدائين جناح ڪئپ پيل ھوندي ھئس‪ .‬سندس ٻاچ ۾ پيل ٿلھي مھر واري‬
‫منڊي اڄ بہ موجود ھئي ان منڊيَء کي آئون ڪڏهن بہ وساري نہ سگھندس‪ ،‬جو ان منڊيَء ۾ جيڪو‬
‫پٿر يا ڌاتو ھو‪ ،‬ان تي عربي ۽ فارسيَء ۾ ڪجھہ ٻول لکيل ھئا بلڪل ائين جيئن پراڻن سڪن تي‬
‫ھوندا آھن‪ .‬سائيز ۾ بہ انھيَء منڊيَء جي ٽڪ تمام وڏي ھئي ۽ ڏسندڙ جو اڻڄاڻائيَء ۾ بہ ڌيان‬
‫ڇڪائيندي ھئي‪ .‬ڪاليج ۾ ڊبيٽ ۾ جڏھن چيف گيسٽ ھو تہ اسٽيج تي ساڻس گڏ وھڻ ڪري‬
‫ھڪ ڀيرو موقعو وٺي پڇيوھو مانس تہ ٻڌايو ھئائين تہ‪ :‬اھا سندس موروثي مھر آھي‪ ،‬جي سندس‬
‫ابا ڏاڏا پنهنجي رياست ۾ جڏهن فرمان جاري ڪندا ھئا تہ اھا مھر ھڻندا ھئا ۽ اھڙي ساڳي مھر‬
‫واري منڊي سندس ونيَء جي آڱر ۾ پيل آھي‪ .‬سڄي گھراڻي ۾ رڳيون ٻہ منڊيون آھن‪ .‬ڪالھ ماني‬
‫تي نواب صاحب ايم‪.‬ڊيَء کي ڀاڪر پائي مليو‪ .‬پراڻي ياري ھئن‪ .‬ھندستان ۾ آگري ۾ گڏ پڙھندا‬
‫ھئا سندن ملڻ جي جي بي تڪلي جي انداز مان سندن گھرائپ جو پتو ٿي پيو اھوئي ڪارڻ ھو‬
‫جو ايم‪.‬ڊيَء پنھنجي پروگرام کي ھيٺ مٿي ڪري بہ نواب صاحب جي دعوت قبولي ھئي‪ .‬نواب‬
‫صاحب کي چيمبر آف ڪامرس جي ڊنر جي ڪارڊ مان پتو پيو ھو تہ ايم ڊي دوري تي اچي رھيو‬
‫آھي‪ ،‬ان ڪري کيس سڌوسنئون ھيڊ آفيس ۾ فون ڪري مانيَء جي دعوت ڏني ھئائين ۽ا يم ڊيَء‬
‫ٽيڪسٽائيل مل اونرز ائسوسيئيشن جي لنچ ڪئنسل ڪري نواب صاحب جي لنچ قبول ڪئي‬
‫ھئي‪ .‬مون کي اڃا تائين ايم ڊيَء جا ٻول ياد آھن‪” :‬نواب صاحب منھنجو جھونو دوست آھي‪ ،‬ان‬
‫جي دعوت کائڻي پوندي‪ .‬ڪا ٻي دعوت ڪئنسل ڪري ٻہ ٽائم ڪڍ ۽ پوِء الچار ٽيڪسٽائيل مل‬
‫اونرز جي دعوت ڪئنسل ڪرائي ھئم جيتوڻيڪ ملن وارا ھمراھ ڪاوڙ جي پيا ھئا پر مون الِء ٻي‬
‫ڪا واھ ڪانہ ھئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪58‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫جڏھن اسين نواب صاحب جي گھر پھتا سون تہ ايم ڊي منهنجي واقفيت ڪرائيندي نواب‬
‫صاحب کي چيو‪” ،‬ڀائي حشمت“ ھي آھي اسان جو زونل مئنيجر رشيد‪ “.‬ايم‪.‬ڊي منهنجو اڌو گابرو‬
‫نالو وٺي ڪجھہ پنهنجائپ ۽ ڪجھ رعب ڏيکاريو‪.‬‬
‫”محمود“ ايم ڊي جو نالو وٺندي نواب صاحب چيو ”ھي تہ پنھنجو ڇوڪرو آھي‪ “.‬وري مون ڏانهن‬
‫رخ ڪندي چوڻ لڳو ”ڪيئن آھين انصاري“ نواب صاحب جي انھيَء بي تڪلفيَء منهنجو ايم‪.‬‬
‫ڊيَء اڳيان مان وڌائي ڇڏيو نواب صاحب سان منهنجي واقفيت ڪاليج جي زماني کان ھئي جڏھن‬
‫آئون ي ونين جو جنرل سيڪريٽري ھو ندو ھوس نواب صاحب نھايت با قاعدگيَء اسان جي ھر‬
‫فنڪشن ۾ پنهنجي بيگم صاحبہ سان گڏ ايندو ھو نواب صاحب جوشان ۽ دٻدٻو ئي ٻيو هو ٻہ‬
‫ڪارون ھونديون ھئس سدائين چار پنج ڄڻا گڏ ھوندا ھئس‪ .‬اخبارن ۾ سدائين سندس بيان ۽‬
‫فوٽو ڇپجندا رھندا ھئا‪.‬‬
‫سندس گھر‪ ،‬گھر نہ ھو پر محل ھو‪ .‬ڪنھن ھندو سيٺ جو کيس االٽ ٿي مليو ھو‪ .‬اھو محل ھن‬
‫ڪليم ڀري حاصل ڪيو ھو‪ .‬خانداني ماڻھو پري کان پڌرو‪.‬‬
‫ڪالھوڪي لنچ ۾ محل جي شاندار سجاوٽ ڏسي حيران ٿي ويو ھوس‪ .‬آئون شايد ھن پا سي‬
‫ڪافي عرصي کان پوِء آيو ھوس سندس محل شھر جي اھڙي پاسيري حصي ۾ آھي‪ ،‬جو اتان‬
‫لنگھڻ بہ ڪونہ ٿئي‪ .‬محل جي اندر تہ آئون اڃان بہ گهڻي وقت کان پوِء آيو ھوس‪ .‬آخري ڀيرو مان‬
‫تڏهن ويو ھوس‪ ،‬جڏهن نواب صاحب عيد ميالدالنبيَء جو جلسو ڪيو ھو‪ .‬ٻين تہ وڃي بنگلن تي‬
‫بنگال االٽ ڪرايا ھئا پر نواب صاحب ھڪ ئي گهر تي صبر ڪيو ھو نواب صاحب مون کي پاڻ‬
‫ٻڌايو ته؛ امروھا ۾ سندس ٻہ حو يليون ھيون ۽ تنھن کان سواِء دھليَء ۾ لکنو ۾ ھڪ ھڪ بنگلو‬
‫ھو“ جتي وزير ۽ گورنر اچي مھمان ٿيندا ھئا‪.‬‬
‫ائين لنچ تي االئي ڇا ڇا سوچيندو رھيس‪.‬؟ نواب صاحب جي ھڪڙي ڳالھ مون کي ڏاڍو متاثر‬
‫ڪيو‪ .‬نواب صاحب جي اھا سا ڳي وضح ھئي ڳالھ ڳالھ تي ٽھڪ‪،‬‬
‫ڳالھ ڳالھ ۾ شعرتي شعر سندس جملن ۾ اھو ساڳيو چڀندڙ انداز مون کي اڃا تائين ياد ھو‪ .‬نواب‬
‫صاحب جي طور طريقن ۾ ٿورو ٻہ فرق ڪونہ ھو سندس ان طبحيت مان سندس خانداني عظمت‬
‫بکي رهي ھئي‪.‬‬
‫ماني کا ئيندي نواب صاحب پاڻ ايم‪.‬ڊيَء کي منھنجي باري ۾ٻڌائيندي چيو مان ”ھن کي ننڍپڻ‬
‫کان سڃاڻان‪ ،‬ڏاڍو سلڇڻو ڇوڪرو آھي‪ “.‬نواب صاحب ايم‪.‬ڊي اڳيان منهنجي واکاڻ ڪري مون‬
‫کي اڃا بہ احسانمند ڪري ڇڏيو وري مون کي مخاطب ٺي چوڻ لڳو ”انصاري مون کي تہ خبرئي‬
‫ڪونہ ھئي تہ تون ڪو ھتي آھين؟“‬
‫جي نواب صاحب سال کن ٿيو آھي فرسٽ پروموشن آھي‪ ،‬مون ايم ڊيَء جي خوشامد ڪندي چيو‪،‬‬
‫“محمود صاحب جن جي مھرباني آھي جو توھان مون کي ھتي ڏسي رھيا آھيو‪ “.‬آئون دل ئي دل ۾‬
‫نواب صاحب جا احسان مڃڻ لڳس جنهن منهنجي ايم ڊي اڳيان پنهنجائپ ڏيکاري منهنجي‬
‫ساک وڌائي ڇڏي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪59‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نواب صاحب جي ماني هونَء تہ ال جواب ھئي‪ ،‬پر منجھس مرچ البت نکا ھئا ان ڪري گرانھن‬
‫گرانھن تي پاڻي پيڻ ڪري پيٽ جلدي ڀرجي ويو‪ .‬مانيَء کان پوِء ڪچھريون ڪندي پاڻ کائيندي‬
‫ڪافي وقت ٿي ويو‪ .‬مون ايم ڊيَء کي ياد ڏياريو تہ مل ۾ ”وزٽ“ جو ٽائيم چئين وڳي جو ھو‪.‬‬
‫ايم ڊي متل محفل ڏسي مون کي چيو تہ فون ڪري ٻڌائي ڇڌيان تہ پنجين ڌاري پهچنداسون‬
‫منهنجي ويچار ۾ تہ فون ڪرڻ جي لوڙ ڪانہ ھئي‪ ،‬جو ھو مل ۾ تيستائين ويٺا ھوندا‪ ،‬جيسين اسين‬
‫نہ پھچنداسون سندن مل ھليئي اسان جي قرض تي پيئي پر ايم‪.‬ڊيَء جي چوڻ ڪري الچار فون‬
‫ڪرڻ اٿيس تہ نواب صاحب چيو‪ ،‬فون تہ ٽن ڏينهن کان خراب آھي‪ ،‬گذريل ھفتي برسات پئي ھئي‬
‫”ڪمپلينٽ“ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون ڪمبخت چون ٿا الئين ۾ پاڻي سمي ويو آھي‪ ،‬ٻہ‬
‫ٽي ڏينھن لڳندا‪ .‬ڀائي ھنن ٽيليفون وارن سان خدا تہ پڄي!‪،‬‬
‫”جي تہ اھا ڳالھ آھي‪ ،‬مون پاڻ اوهان کي فون ڪرڻ جي ٻہ ٽي ڀيرا ڪوشش ڪئي‪ ،‬پر ھر ڀيري‬
‫انگيج پئي لڳو‪“.‬‬
‫وري ايم ڊي ڏانھن منھن ڪندي چيم‪ ،‬ڪا ڳالهه ڪانهي سر‪ ،‬ھو اسان جو اوسيئڙو ڪندا‪ “.‬مون‬
‫معني ڀري مرڪ سان ڳالهه ڪئي‪ .‬ايم ڊي بہ دل ۾ سمجهي ويو ھوندو تہ قرض ورتو اٿن ۽ اڃا بہ وٺڻو‬
‫اٿن‪ ،‬سو اوسيئڙو ڪيئن نہ ڪندا‪.‬‬
‫جڏهن موڪالئڻ لڳاسون تہ نواب صاحب ويندي ويندي مون کي چيو انصاري‪ ،‬ايندو ڪرنہ‬
‫ڪڏهن ڪڏهن پنهنجوگھر اٿئي‪ ،‬نواب جي پنهنجا ئپ وارن انھن جملن اڃا بہ مون کي سندس‬
‫قدر دان بڻا ئي ڇڏيو‪ .‬دروازي تي مو ڪالئيندي مھل جڏھن ھٿ ماليو مانس تہ سندس مھر واري‬
‫منڊي وري اکين اڳيان اچي ويئي‪ ،‬جا نواب صاحب جي مخصوص نشاني ھئي‪.‬‬
‫سندس ا ھي موڪالئڻ وقت چيل پنھنجائپ وارا جمال منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏجن لڳا ۽ نواب‬
‫صاحب مون کي اڄ ئي فون ڪيو ھو‪ .‬سندس فون مون ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏي ھئي پھرين تہ‬
‫ويچار آيو تہ آئون پاڻ فون ڪريانس پر پاڻ چيو ھئائين تہ ھو پاڻ فون ڪندو‪ ،‬ان ڪري فون ڪرڻ‬
‫جي جرئت نہ ڪيم‪ .‬نواب صاحب سان هڪ قسم جو الڳاپو پي محسوسس ڪيم‪ .‬پنھنجائپ هي‬
‫لڳم‪.‬‬
‫مون وٽ ان وقت ٻہ مالقاتي ويٺا ھئا جڏھن نواب صاحب جو ٻيھر فون آيو‪.‬‬
‫”ھلو‪ ،‬انصاف دس سائيڊ‪“.‬‬
‫”ھا ڀائي آئون آھيان نواب حشمت علي خان‪“.‬‬
‫”اسالم عليڪم نواب صاحب“‬
‫”وعليڪم سالم ھن دل مان آواز ڪيڍو‪.‬‬
‫”حڪم نواب صاحب“‬
‫”ڀائي حڪم وڪم ڪونھي‪ ،‬ھڪ ڪم آھي‪ ،‬سندس آواز ۾ اھوئي رعب ھو‪” .‬اصل ۾ تہ مون کي‬
‫خوشي ٿي آھي تہ ھن شھر ۾ پنھنجا بہ موجود آھن‪ ،‬ميان محمود تہ ڏاڍو تومان خوش آھي“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪60‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ايم ڊيَء جو نالو ٻڌي پھرين گھٻرايس‪ ،‬پر پوِء خوشي بہ ٿي تہ منهنجي واکاڻ جڏهن نواب صاحب‬
‫ڪئي ھوندي تہ ڪم اڃا بہ پڪو ٿيو ھوندو‪.‬‬
‫” نواب صاحب اوھان جي وڏي مھرباني جو اوھان مون کي پنهنجو ٿا سمجهو‪ ،‬اھي منھنجا ڀاڳ‬
‫آھن‪“.‬‬
‫نہ پٽ‪ ،‬ان ۾ ڪا مھرباني جي ڳالهہ ڪا نھي‪ .‬تونپنهنجو آھين ۽ خانداني ماڻھو آھين‪ .‬توکي‬
‫پنهنجو سمجهي ئي تہ فون ڪيو اٿم اصل ۾ ڳالهہ اھا آھي تہ ھڪ ڇوڪرو آھي‪ ،‬خانداني‪،‬‬
‫خانداني ڇا پر اعلي خانداني‪ .‬اڄڪلهه تہ ٽڻي ٽامٽي پيا جاوا ڪن‪ .‬پر ھي نوجوان نھايت خوددار‬
‫۽ شريف آھي ۽ سخت ال چاري ھيٺ آھي‪ .‬تو وٽان گھڻائي انڊسٽريلسٽ قرض کڻن ٿا انهن کي‬
‫چئي ھن نوجوان جي چڱي چوکي مدد ڪري سگھين ٿو آئون پاڻ ھن جي مدد ڪندو رھندو آھيان‬
‫پر ھن ڀيري ھن کي ڳچ رقم کپي‪ ،‬جو ڀيڻ جي شادي ڪرائڻي اٿس‪ “.‬آئون نواب صاحب جي ھن‬
‫عجيب ڪم تي ڪجهه سوچڻ لڳس تہ ڪھڙي وراڻي ڏيان‪ .‬نواب اڃا ڳالھائي رھيو ھو؛ ”پوِء ھي‬
‫ڪم اڄ سڀان ٿيڻ کپي‪.‬‬
‫ھن کي ڏاڍي ضرورت آھي مھل ئي اھڙي آھي‪“.‬‬
‫”جي‪ ،‬جي نواب صاحب بالڪل ڪوشش ڪبي آئون حاضر آھيان‪“.‬‬
‫سامھون ٻن مالقاتين جي ھئڻ ڪري ۽ نواب صاحب جي ھن عجيب ڪم ڪري سوچ جواب ڏيئي‬
‫رھي ھئي‪ ،‬تنھن ڪري چيومانس ”نواب صاحب“ ھينئر ڪجهه وزٽرس ويٺا آھن پوِء آئون پاڻ‬
‫اوهان کي فون ڪندس‪“.‬‬
‫”چڱو‪ “.‬۽ ھن فون رکي ڇڏيو‪.‬‬
‫ٿوري دير کان پوِء مالقاتي ھليا ويا‪ .‬آئون ڪجهه سوچڻ لڳس ڪجهه دير تائين ڪرسيَء تي سانت‬
‫ويٺو رھيس‪ .‬بيل وڄايم پٽيوالو اندر آيو‪ .‬اخبارون ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ کنيم ۽ پٽيوالي کي‬
‫بريف ڪيس کڻڻ الِء چوڻ وارو ھوس تہ ويچار آيم تہ لنچ تي پيو وڃان موٽي اچڻو آھي جيتوڻيڪ‬
‫بک مري چڪي ھئي پٽيوالي کي چيم‪” ،‬بس ٺيڪ آھي‪ ،‬ڪجھ ڪونھي“ ڪرسي تان ڪوٽ‬
‫کڻي پائڻ لڳس ۽ ٻاھر ھليو آيس رستي ۾ سوچيندو رھيس عجيب ڪم ھو‪.‬‬
‫ڪنھن ٻئي کان اھو بہ انڊسٽريلسٽن کان پئسا وٺي مدد ڪرڻ؛ ڪنھن اداري يا سوسائٽيَء جي نہ‬
‫پر ڪنهن ماڻهوَء جي آخر نواب صاحب اھڙو ڪم مون کي چيو ھوندو تہ مون کي پنهنجو سمجهي‪.‬‬
‫پر نواب صاحب ۽ ايم ڊي نواب صاحب جي معرفت منهنجي آزمائش تہ نہ ٿو وٺي تہ ڪٿي آئون‬
‫ڪا رشوت تہ ڪونہ ٿو وٺان‪ .‬انھيَء ويچار ايندي ئي آئون گھٻر ائجي ويس‪ .‬خدا حاضر ناظر آھي‬
‫تہ مون ڪڏهن بہ رشوت ڪانہ ورتي آھي‪ .‬باقي ڪجھ سو کڙيون ضرور قبول ڪيون اٿم‪ ،‬اھي بہ‬
‫سنگت جي ڪري‪ .‬ڪا پين ڪا واچ‪ ،‬اليڪٽرڪ شيور‪ ،‬ذهن ۾ مختلف شيون گھمي ويئون پر‬
‫آھي شيون رشوت ڪونھن‪ .‬آئون پنهنجي پاڻ کي آٿت ڏيڻ لڳس‪ .‬اھي منھنجن دوستن پاڻ ڏنيون‬
‫ھيون‪ .‬اھي انڊسٽريلسٽ سدائين پيا والئت وڃن‪ ،‬ڪا نہ ڪا سو کڙي وٺيو اچن‪ .‬البت ننڍي ڀاُء‬
‫جي شاديَء جو ويچار ايندي ئي پگھر اچي ويو‪ .‬ان شاديَء ۾ مڙئي پارٽين چڱو چوکو مال ڏنو ھو‪ .‬پر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪61‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫خدا جو قسم‪ ،‬اھا رشوت ڪانھي‪ .‬مون کي تہ پھرين تہ خبر ئي ڪانہ پئي تہ ڪھڙو مال ڏنو آٿن‪.‬‬
‫مون پاڻ تہ ڪونہ چيو ھومان‪ .‬پر پوِء جڏهن گفٽ پئڪيٽ کليا تہ خبر پئي‪ ،‬مون پاڻ چيو ھومان تہ‬
‫اھو مناسب ڪونہ ھو‪.‬‬
‫پر ھو مرڳو ئي دل ۾ ڪرڻ لڳا تہ مون کي اھو چوڻ نہ کپندو ھو‪ .‬آخر سندن بہ سنگت ۾ ڪجھ حق‬
‫هو‪ .‬آهي به سچي ڳالھ‪ ،‬سيٺ احمد ڀائي کي تہ چوندوئي چا چا آھيان‪ .‬چوڌري نوراالھي تہ اصل‬
‫ڀائرن وانگر آھي‪ .‬راجا احمد نواز بہ يار آھي‪ .‬اھي ڳالھيون سوچيندو رھيس سمجھ ڪم نہ پئي‬
‫ڪري تہ ڇا ڪريان ڪٿي ايم ڊيَء جو سچي اھو منصوبو نہ ھجي؛ منهنجا تہ الھ نڪري ويندا پر‬
‫نواب صاحب اھڙي منصوبي ۾ ڪڏهن شريڪ نہ ٿيندو‪ .‬آئون تہ پاڻ نواب صاحب جي ڌاڍي عزت‬
‫ڪندو آھيان‪ .‬مون کيس ڪڏهن تڪليف ڪانہ ڏني آھي پوء ھو ڇو ان منصوبي ۾ شريڪ ٿيندو‬
‫پر ڪجهہ دل کي پڪ نہ ٿي سگهي ٿو منصوبو سٽيو ويو ھجي‪ .‬آخر تہ ايم ڊي ۽ نواب صاحب‬
‫ننڍپڻ جا يار آھن‪ .‬ان معامري ۾ مون ڪو جو کم کڻڻ خطري جي ڳالھ سمجهي ۽ فيصلو ڪيم تہ‬
‫ڇا بہ ھجي‪ ،‬آئ ون نواب صاحب کي سڌو سنئون چئي ڇڏيندس تہ آئون انڊسٽريلسٽن کان پئسا نہ‬
‫ٿو وٺي سگھان‪ .‬اھو مون کان ٿيڻو ڪونهي‪ .‬پر وري ويچار آيو تہ جي ڪو منصوبو نہ ھجي تہ پوِء!‬
‫۽ نواب صاحب سچي پچي ڪنهن مستحق ماڻهوَء کي امداد ڏياريندو ھجي ته! ۽ پوِء منهنجي‬
‫ننھڪر ڪٿي نواب صاحب کي خراب لڳي تہ! ۽ ڪٿي نواب صاحب انھي کي دل ۾ ڪري‬
‫ڪڏهن ايم ڊيَء وٽ منهنجي خالف مٿاڇري يا معمولي شڪايت بہ ڪري وجهي تہ! ۽ ايم ڊيَء‬
‫جي دل ۾ منهنجي الِء ويٺل سٺو ويچار تبديل ٿي وڃي تہ ھي جو مون محنتون ڪري‪ ،‬خوشامد ۽ چا‬
‫پلوسي ڪري‪ ،‬مس مس پاڻ کي ان پوز يشن ۾ آندو آھي‪ .‬سال ٻن ۾ تہ پروموشن بہ ڊيو ٿي ويندي‪.‬‬
‫ڪٿي اھا معمولي ڳالهہ منهنجو آئيندو نہ خراب ڪري وجهي‪ .‬پوِء ڇونہ اھڙو طريقو ڳولجي‪ ،‬جو‬
‫الل بہ رکجي ۽ پريت بہ رھجي اچي‪ .‬سوبيشڪ امداد ڪندس‪ ،‬پر انڊسٽريلسٽن کان پئسا وٺي نہ‪،‬‬
‫پر پنهنجي کيسي مان ‪.‬‬
‫گھر تائين پھچندي مسئلو ساڄي چڪو ھو‪ .‬پريشاني بہ دور ٿي چڪي ھئي‪ .‬مئل بک جيئري ٿي‬
‫چڪي ھئي‪ .‬مون کي آفيس موٽڻ ۾ ڪجھ دير ٿي ويئي ھئي‪ .‬واپس پھتس تہ خبر پئي نواب‬
‫صاحب ٺيڪ ساڍي ٽين وڳي فون ڪيو ھو‪ .‬بھرحال مون کي ھاڻي الڪو ڪونہ ھو‪ .‬ذھن تان بار‬
‫لھي چڪو ھو‪.‬‬
‫ڏھين پندرهن منٽن کان پوِء نواب صاحب وري فون ڪيو‪” .‬معاف ڪجو“ مون چيو سانس مون کي‬
‫اچڻ ۾ دير ٿي ويئي‪ .‬ھڪ پارٽيَء سان ملڻو ھو ڪوڙ ڳالهائڻ اسان بئنڪ وارن جي ھير بنجي‬
‫ويندي آھي‪.‬‬
‫” ڪا ڳالهه ڪانهي دير سوير تہ ٿيندي ئي آھي‪“.‬‬
‫”نواب صاحب‪ ،‬معاف ڪجو ان مھل اوھان سان تفصيل سان نہ ڳالهائي سگهيس جو ڪجھ ماڻهو‬
‫ويٺا ھئا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪62‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫اصل ۾ ڳالهه ھي آھي تہ آئون پنهنجين پارٽين کان ڪو ”فيور“ نہ وٺندو آھيان‪ .‬اھو منھنجو‬
‫اصول آھي‪ ،‬بس ھير بڻجي چڪي آهي‪ “.‬مون پنهنجي ايمانداريَء جي ڌاڪ ويھاريندي کيس قائل‬
‫ڪندي چيو ”پر نواب صاحب‪ ،‬ائين نہ سمجھو تہ ان سلسلي ۾ آئون اوهان جو حڪم نہ مڃيندس‪،‬‬
‫ان ڪري گذارش آھي تہ اوھان دل ۾ نہ ڪندا‪ ،‬آئون پنهنجي کيسي مان امداد ڪندس‪ .‬ھونئن بہ‬
‫مستحق ۽ گھرجائو ماڻھن جي امداد ڪرڻ اسان جو فرض آھي‪ “.‬آئون ڳالھائيندو رھيس‪” :‬فلحال‬
‫تہ ڪجھ گھٽ رقم آھي‪ ،‬ھزار کن رپيا‪ ،‬پر اوهان سان واعدو آھي تہ اڳتي بہ اھڙن خير جھڙن ڪمن‬
‫۾ مدد ڪندو رھندس‪ “.‬آئون ايترو ڳالھائي ھاڻي ماٺ ٿي ويس‪ .‬فون جي ھن پاسي ڪجھه سانت‬
‫رھي‪ .‬منهنجي دل ۾ ان ڪجھ سيڪنڊن ۾ سانت ۾ ويچار جو طوفان لنگھي ويو ”ڇا منصوبو اسڦل‬
‫ٿي ويو‪ .‬ڇا رقم گھٽ آھي‪ ،‬نواب صاحب ان تي خوش نہ ٿيو‪ “.‬اڃا سوچ ۾ ھئس تہ نواب صاحب‬
‫جو آواز آيو‪،‬‬
‫”نہ پٽ انصاري تنھنجي وڏي مهرباني‪ .‬ڏس آئون توکي ڪا تڪليف ڏيڻ نہ ٿو گهران تون‬
‫پنهنجو آھين‪ ،‬مون کي تنهنجي خبر آھي‪ ،‬مون حجت رکي توتي ڪم رکيو ھو‪ ،‬پر جي بندوبست‬
‫نہ ٿوٿي سگھي تہ الڪو ڪونھي‪ .‬تون تڪليف نہ ڪر‪ “.‬نواب صاحب جي لھجي ۾ ڪجهه‬
‫پنهنجائپ ھئي سندس ان لھجي مون کي پيشيمان ڪري ڇڏيو مون نواب صاحب تي ھروڀرو‬
‫شڪ ڪيو ھو تہ ھن ڪو منصوبو سٽيو آھي!‬
‫مون ھڪدم ڌڪ گھٽ رڙ ڪندي چيو‪” ،‬نہ نہ نواب صاحب‪ ،‬ائين ڪيئن ٿيندو‪ .‬مون کي خوشي‬
‫ٿيندي‪ ،‬جو آئون پنهنجي خوشيَء سان ڏيان‪ .‬مون کي دماغي سڪون ملندو جي مان ڪنهن‬
‫گھرجائو جي ڪم ايندس‪“.‬‬
‫”نہ نہ انصاري تون بلڪل تڪليف نہ ڪر‪ .‬چڱو خدا حافظ“ نواب صاحب فون رکڻ تي ھو‪.‬‬
‫”نہ نواب صاحب‪ ،‬توهان ڪو الڪو نہ ڪريو‪ .‬ڇوڪري کي ھينئر مون ڏانهن موڪلي ڏيو‪ .‬پڪ‬
‫ڪريو مون الِء اھا رقم ڏيڻ ڪا وڏي ڳالھ ڪانهي‪ .‬آخر ڪمايون ڇا جي الِء ٿا‪“.‬‬
‫”چڱو ڀال تون پاڻ نيڪ ڪم ڪرڻ تي زور ڀرين ٿو تہ پوِء ٺيڪ آھي‪ .‬پر مون توکي ٻڌايو تہ نوجوان‬
‫ڏاڍو خوددار آھي‪ ،‬اعلي خاندان جو فرد آھي‪“.‬‬
‫”توھان اصل ڪنھن ڳالھه جو الڪو نہ ڪريو‪ .‬ساڄي ھٿ کان ڏبو تہ کاٻي هٿ کي خبر نہ پوندي“‬
‫مون کيس حديث ٻڌائيندي قائل ڪندي چيو‪” ،‬هونَء بہ اسين بئنڪر اھيون‪ ،‬جي بئنڪر راز نہ‬
‫رکي تہ بئنڪر ڪھڙو‪“.‬‬
‫”نہ نہ مون کي توهان تي ويساھ آھي‪ .‬پر ڳالهه اھا آھي‪ ،‬جو ھن حالت ۾ ھو ڪنھن جي بہ منھن نہ‬
‫ٿو پوڻ گهري‪ .‬ڏاڍو حساس ۽ خوددار نوجوان آھي‪ .‬وري بہ آئون پڇانس ٿو‪ ،‬ھو ھتي ئي ويٺو آھي‪“.‬‬
‫نواب صاحب پنهنجو منهن شايد مائوٿ پيس کان پرڀرو ڪيو‪ ،‬جو سندس ھلڪو آواز ٿيندو ويو‪:‬‬
‫”پٽ انصاري صاحب جن پاڻ پنهنجي کيسي مان توکي امداد ٿا ڪرڻ گهرن‪ .‬تون وڃينس ۽ رقم‬
‫وٺي اچ اصل الڪو نہ ڪر‪ ،‬انصاري صاحب پنهنجي ماڻهو آھي‪ .‬بس ائين سمجھ تہ مون ۾ ۽‬
‫انصاري صاحب ۾ ڪو فرق ڪونهي‪ “.‬ڪجھ اھڙا ٻول ھئا جي ھري ٻڌڻ ۾ آيا ھئا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪63‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڇوڪري جواب ۾ ڇا چيو سوٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو‪ ،‬يا ٿي سگهي ٿو اشارن ۾ چيو ھجي‪ ،‬پر وري نواب‬
‫جي ڳالهائڻ مان سمجهيم تہ نوجوان ڪھڙو جواب ڏنو ھوندو‪” :‬ابا تنھنجي مرضيَء جي نہ ٿو منهن‬
‫تي پوڻ چاهين تہ آئون ڇاٿو ڪري سگھان‪“.‬‬
‫نواب صاحب جي اڻ ڳالهه مان صحيح ڪيم تہ ھو ڇوڪرو پاڻ اچي امداد بہ وٺڻ الِء تيار ڪونهي‬
‫ائون پاڻ کي وري مال مت ڪرڻ لڳس تہ نواب صاحب کي االئي ڇا سمجھيو ھوم‪ .‬ھو ويچارو مون‬
‫کي پنهنجائپ ۾ مون کان نيڪ ڪم ڪرائي رھيو ھو ۽ آئون ھن تي شڪ ڪري رھيو ھوس‪.‬‬
‫نواب صاحب مون کي مخاطب ٿيو‪” ،‬انصاري‪ ،‬ھو سخت شرمندو پيو ٿئي ھو ڪڏھن بہ مون کان‬
‫سواء ڪنهن ٻئي در تي نہ ويو آھي‪ .‬تون ھئين ڪر اھا رقم مون ڏانهن ڏياري موڪل تہ آئون پاڻيھي‬
‫ڏيئي ڇڏيندوسانس يا چئو تہ آئون پنهنجو ماڻھو موڪلي رقم گھراڻي وٺان؟“‬
‫ھن نئين صورتحال مون کي وسوسن ۾ وجھي ڇڏيو‪ .‬يعني آئون امداد بہ ڪريان ۽ مون کي اها بہ‬
‫خبر نہ پئي تہ ڪنهن کي امداد ڏني اٿم‪ .‬ھڪ پل ۾ الڳ الڳ ويچار ذھن ۾ ڊوڙي ويا‪ .‬ھزار رپين‬
‫جي يڪي امداد اھا بہ غائبانا طور! مون تہ ڪڏهن خيرات ۾ ڏھ رپيا بہ نہ ڏنا ھئا‪ .‬زال البت زڪوات‬
‫۽ فطرو وغيرھ ڪڍندي رھندي آھي ۽ محرم ۽ شب برات ۾ خيراتون ڪندي رھندي آھي‪ .‬آئون‬
‫اڃان اھوسوچي رهيو ھوس تہ نواب صاحب مون کي مونجھاري مان عارضيَء طرح ئي سھي ڪڍي‬
‫ورتو‪” .‬انصاري‪ ،‬آئون توکي وري فون ٿو ڪريان‪ .‬تيار ڪري توڏانهن موڪليانس ٿو‪ .‬گهرجائو آھي‬
‫ڪيئن نہ ايندو‪“.‬‬
‫آئون ان نقطي تي سوچيندو رھيس‪ .‬ھونَء جي نواب صاحب مون کان ھزار رپيا اوڌارا بہ گھري ھا تہ‬
‫ڪڍي ڏيانس ھا‪ ،‬ڪير آھي جو اڄڪلهه لڪي خيرات ڪندو ھوندو‪ .‬خيرات ڪندڙ ۾ جو خود‬
‫غرضي جو جزو ھوندو آھي‪ ،‬اھو مون تي بہ حاوي پوڻ لڳو‪ .‬ماڻھو پنھنجي نالي ۽ عرت الِء ڇاڇا نہ‬
‫ٿو ڪري‪ .‬غريبن جو خون چوسي وري غربين الِء خير اتي اسپتال ٺھرائي‪ ،‬ان تي پنهنجو نالو رکڻ‬
‫بہ تہ امير ڪندو آھي‪ .‬قوم جا الھ پڙهندڙن جا نا ال روڊن تي رکجي سگھن ٿا‪ .‬ٺيڪ آھي‪ ،‬انھن‬
‫لکين ربيا خيرات ڪيا؛ غريبن جي مدد ڪئي‪ ،‬پر اھي لکين رپيا آيا ڪٿان؟ ۽ ھاڻي آئون بہ ترقي‬
‫ڪري اھڙي حيثيت تي پھچي ويو ھوس“ جو آئون بہ گھرجائن الِء خيرات ڪري سگھان‪ .‬آئون‬
‫نواب صاحب جو ٿورائتو آھيان جو ھن مون کي اھڙو احساس ڏياريو‪ .‬پر ھيَء تہ قصوئي ٻيو ٿي رھيو‬
‫ھو‪ .‬آئون حياتيَء جي پھرين امداد ڪري رهيو ھوس‪ ،‬اھا بہ اڻ ڄاڻ ماڻهو کي‪ .‬مون فيصلو ڪيو تہ‬
‫نواب صاحب کي ھمت ڪري صاف صاف چئي ڇڏيندس تہ امداد ڪندس پر ان ماڻهوَء کي‬
‫سڌوسنئون مون وٺان اچي وٺڻي پوندي‪ .‬سوچڻ لڳس تہ نواب صاحب ڪاوڙ جي تہ نہ پو ندو؟ مون‬
‫ننهڪر نہ تہ ڪئي ھئي آئون تہ پاڻ پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيئي رھيو ھوس پر االئي ڇومون کي‬
‫ھن نوجوان جو ويچار اچڻ لڳو‪ .‬ڇا ماڻهو حياتيَء ۾ ايترو مجبور ٿي وڃي ٿو‪ ،‬جو ھو اوچي خاندان‬
‫جو ھوندي بہ ائين پنهنجو پهنجو غرض امداد جا خيرات ئي آهى اها وٺڻ تي الچار ٿئي۔ ان وچ ۾‬
‫هڪ ٻہ دوست آيا ۽ هليا ويا۔ ڪجھ دير الء مونجھ دور ٿي ويئي۔ ذھن ۾ اوچتو اجيب ويچار آيو۔‬
‫ڪٿي نواب صاحب پاڻ تہ پئسا ڪونہ وٺي رھيو آھي۔ ٿي سگھي ٿو کٽو هجي ۽ هن اها طريقا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪64‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫پئسا ڪمائڻ جا اختيار ڪيا هجن۔ اهو وڄ وانگر ويچار آيو ۔ ۽ ذھن تان سڄو بار لھي ويو۔ آئون‬
‫نواب صاحب جي چاالڪي سمجھي چڪو ھوس۔ ساڍي چئين ڌاري وري نواب صاحب جو فون‬
‫آيو۔ ڀائي انصاري ھو نوجوان تہ اچڻ الء تيار ڪونهي۔ ۽ مهنجو شڪ ھاڻي پڪ ۾ تبديل ٿي ويو۔‬
‫تہ پوئي نواب صاحب معاف ڪجو مان بہ ڪا امداد نہ ڪري سگهندس ۔ مون پھريون ڀيرو ھمت‬
‫کان وٺي نواب صاحب کي سڌو جواب ڏنو۔ شايد نواب صاحب اھڙي سڌي جواب ٻڌڻ الء تيار نہ هو‬
‫۽ آئون تہ اڳيئي اھڙي جواب الء پاڻ کي تيار ڪري چڪو ھوس۔ جى۔جي۔ ها توهان ٺيک ٿا چئو‬
‫۔ جڏهن مون خاطري ڏني اٿمانس تہ بہ پاڻ تيار ڪونھي تہ ڇڏي ڏيوس۔ پاڻ ئي پڇتائيندو۔ ضرورت‬
‫کيس آهي باقي پاڻ نہ ٿو امداد وٺڻ چاھي تہ سچ پڇوس تہ اهڙي کي ڏجي بہ نه۔ چڳو انصاري‬
‫تنهنجي وڏي مھرباني۔ آئون توهانجو ٿورائتو آهيان جو تو منهنجي عزت رکي۔ چڱو خدا حافظ‬
‫نواب صاحب ان معامري کي ائين اوچتو ختم ڪري منهنجي ان شڪ کي ھڪدم غلط ثابت تہ‬
‫ڪو نواب صاحب پاڻ پئسا ڦٻائڻ جي چاالڪي ڪري رهيو هو۔ پنهنجي ڏاڍي دل کي مالمت ڪيم‬
‫تہ ڪھڙي نيڪ ۽ خانداني ماڻهو الء برو ويچار ڌيان ۾ آندم ۔‬
‫آئون شام جو وهنجي سھنجي ڪلب وڃڻ الء تيار ٿي رھيو ھوس ۔ ھن ڀيري توقع جي خالف نواب‬
‫صاحب گھر تي فون ڪيو۔‬
‫”انصاري توکي ڏاڍي تڪليف ڏني اٿم‪ ،‬جو ڇڪريان ھن نوجوان جي خاندان جو اونو اٿم جي‬
‫اعلى خاندان نہ ھجي ها تہ آئون پڇان بہ ڪونہ ها۔ ھاڻي صورتحال ھيَء آھي تہ ھو نوجوان تہ‬
‫ڪونہ ٿو اچي پر ھن جي ماُء پاڻ اوھان وٽ ايندي۔ واقعي الچاري انسان کان ڇا ڇا نہ ٿي ڪرائي‪“.‬‬
‫اھو ٻڌي پھرين تہ آئون بہ ڏکوئجي ويس تہ منهنجي اجائي ھوڏ ھڪ شريف ڪٽنب کي ڪيتري‬
‫نہ تڪليف ڏني آھي۔‬
‫پھرين تہ سوچيم تہ نواب صاحب کي چوان تہ ٺھيو مون پنهنجي ھوڏ ڇڏي‪ ،‬هو ڀلي پنهنجو ڪو‬
‫ماڻھو موڪلي ڇڏي پر نواب صاحب پنهنجي ڳالھ ڪندي مون کي اھو چوڻ جو وجھ نہ ڏنو۔‬
‫”جي توهان مناسب سمجھو تہ خاتون اوهان وٽ رات جو نائين‪ ،‬ساڍي نائين ڌاري اچي۔ رات جو‬
‫ٺيڪ بہ لڳي ٿو‪ ،‬ھونئن بہ اوهان جي پاسي تہ اٺين وڳي رات کان ئي سانت ڇانئجي ويندي آھي۔‬
‫باقي آفيس تہ هي خاتون اچي نہ سگهندي‪ .‬ايتري همت نہ ڪري سگهندي“ نواب صاحب ڳالھ‬
‫پوري ڪئي۔‬
‫مون واچ ۾ مھل ڏٺي ست ٿي رهيا هئا۔ نواب صاحب کي چيم‪” :‬جي‪ ،‬رات جا ساڍا نو ٺيڪ رهندا‪“.‬‬
‫ڪلب ۾ مهل ڪاٽي گهر پهتس۔ ماني کائي اخبار ڏسي رهيو هوس تہ چوڪيدار ٻڌايو تہ در تي کا‬
‫زائفان ملڻ آئي آھي۔ واچ ۾ مهل ڏٺم پوڻا ڏھ ٿي رهيا هئا۔ آئون گائون پائي ٻاھر نڪرڻ لڳس ۔‬
‫لفافو کنيم‪ ،‬جنهن ۾ اڳ ۾ ئي مون هزار رپيا رکي ڇڏيا هئا‪.‬‬
‫ٻاهر در تي ڪا زائفان بيٺي هئي پر در کان کافي پري هئي ۔ البت مين گيٽ جون بتيون ان تي‬
‫ڪجھ قدر‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪65‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫روشني وجهي رهيون هيون۔ چوڪيدار دروازو کوليو‪ ،‬آئون ٻاهر نڪري آيس۔ ڪجھ پري رڪشا‬
‫بہ نظر اچي رهي هئي‪ ،‬جنهن ۾ شايد اها زائفان چڙهي آئي هئي۔ اھڙي مهل‪ ،‬هڪ زائفان کي اڪيلو‬
‫ائين ڪنهن جي در تي‪ ،‬پوء اھو منهنجوئي در ڇو نہ هجي‪ ،‬بيٺل ڏسي پاڻ تي مالمت ڪيم تہ رڳو‬
‫پنهنجي ڳالھ رکڻ الء ھڪ شريف ۽ اوچي خاندان جي عورت کي اھڙي بيگاھه مھل ۾ تڪليف‬
‫ڏنم۔ زائفان کان پڇيم‪ :‬فرمايو؟“‬
‫ھن رڳو ايترو چيو نواب صاحب‪ ،...........‬۽ هوَء ويچاري پورو جملو بہ چئي نہ سگهي۔ پاڻ ننديندڙ‬
‫مالمت هيٺ مون لفافو وڌائي مائي کي ڏنو۔ هن ڪو ٻول نہ ڪڇيو‪ ،‬بلڪل سانت بت وانگر بيٺي‬
‫هئي‪ .‬هن هٿ وڌائي جيئن لفافو مون کان ورتو تئين سندس ڳوري ھٿ مون کي ڇرکائي وڌو۔‬
‫هن تہ ڪجھ نہ ڪڇيو ۽ لفافو وٺي تڪڙا پويان پير ڪيا ۽ آئون اچرج ۽ تجسس جي مليل جليل‬
‫ڪيفيت ۾ سندس پويان ڇڪجي آيس۔ سندس شخصيت مون کي حيران ڪري وڌو هو۔ رڪشا‬
‫۾ گهڙڻ کان اڳ هن پنهنجو ساڄي هٿ مٿي ڪيو۔ سندس آڱر ۾ اها ئي مهر واري منڊي پيل هئي!‬
‫سندس پاسيرو ڳورو چهرو نظر آيو۔ مون سڃاڻي ورتس تہ هوَء پاڻ بيگم نواب حشمت علي خان‬
‫هئي ۽ مون صاف محسوس ڪيو تہ رڪشا ۾ ٻيو ماڻھو نواب صاحب پاڻ ويٺو هو!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪66‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫حياتي جي ٽہ رقمي‬

‫ھو رلي پني‪ ،‬ڌڪا کائي ڪمري ڏانهن ھليو آيو ۽ ڪلف الھي اندر گھڙڻ شرط ڦان ٿي کڻي پاڻ کي‬
‫کٽ تي ڇڏيو‪ .‬کٽ جي چيڪاٽ سان گڏ ڪتن جي ڀونڪ رات کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائي وڌو۔‬
‫رات جا ٻارنهن ٿئي بہ اڌ ڪالڪ کن مهل گذري چڪي هئي ۔ رات ٿڌي ٿيندي ٿي ويئي ۔ جيئن‬
‫حيدرآباد جون راتيون ٿينديون آهن۔ مدد ۽ هوء انهي طمبيلي ۾ گڏ رھندا ھئا۔ هو ٻئي دوست ھئا‬
‫پر فرق رڳو اهو هو تہ مدد روزگار سان هو ۽ هو اڃا بيروزگار ۔ مدد سدائين سومر جي صبح جو سڌو‬
‫آفيس پهچندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن آچر جي رات اچي نڪرندو هو۔اڄ مدد جي کيس لوڙ لڳي‬
‫رهي هئي ۽ اڄ خاص طرح مدد جي اوسيئڙي ۾ هو ڇو جو هن ٻنپهرن کان ماني نہ کاڌي هئي۔ هينئر‬
‫هو ڇنل کٽ جي ايس تي ھٿن جو وهاڻو بنائي سوچيندو رهي۔ رات جي اونداهي‪ ،‬بک‪ ،‬خالي کيسا‬
‫۽ اڻ پوري آس انهن چئن ٿنڀن تي بيٺل ھڪ انسان جي حياتي۔ جيسيتائين انسان جي حياتي‬
‫آھي تيسيتائين آس باقي رهي ٿي يا جيسيتائين آس رهي ٿي تيسيتائين حياتي بہ رهي ٿي۔ ٻنهي‬
‫ڳالهين مان ڪهڙي ڳالھ صحيح آھي ڪھڙي غلط! ھڪ عجيب گورک ڌنڌو آھي۔ پر هن مهل‬
‫جيڪاآس هئي سا هئس مانيَء ٽڪر جي‪ ،‬هن کي ويچار ۾ آيو تہ متان ڪمري مان ئي ڪابہ‬
‫سڪل سرڙي ڊبل روٽي يا بسڪوٽ ملي وڃي۔ انهيء آس هن جي بي سٽ سرير ۾ ڦڙتي آڻي وڌي‬
‫۔ هو هڪدم اٿيو ۽ اٿي بتي ٻاريائين ‪،‬جا پهرين در کولڻ مهل ٻارڻ وسري وئي هيس۔ بتي ٻاريندي‬
‫ئي هن جي نظر ميري چائٽ ڀرسان ميري فرش تي پيل ميري لفافي تي پئي؛ اهڙو ميرو لفافو‪ ،‬ڦڏيون‬
‫سڌيون ٽڪليون لڳل گهڻي کونئر لڳائڻ نہ پر لنبڻ ڪري لفافي تي سڪل کونئر جي چمڪ۔‬
‫”اهڙو رد ي لفافو پڪ سرڪاري لفافو هوندو ۽ بجيٽ ۾ ڏيکاريل بچت انهن لفافن کي ور ور واپرائڻ‬
‫سان ئي ٿيندي هوندي۔“ ھن اھو سوچيندي لفافو کنيو‪ ،‬لفافي تي ٻاراڻي غلط صورتخطيء لکيل‬
‫انگريزيء ۾سندس ايڊريس ثابتي ڏيئي ڇڏي تہ لفافو سو في سيڪڙو سرڪاري هو۔ هن هڪدم‬
‫لفافو ڦاڙيو۔ لفافو ڦاڙڻ سان اندر بند ٿيل پنو بہ ڪٽجي ويو۔ سرڪاري لفافي مان اندريون پنو ڦاڙڻ‬
‫کان سواء لفافو کولڻ ٿيڻي ئي ڪانهي۔ هن هڪدم خط پڙھيو ۔ ڪالرڪيَء الء انٽرويو جو سڏ هو‪.‬‬
‫پر مهل ۽ ماڳ وارو ٽڪر ڦاٽي لفافي جي ڦاٽل ٽڪري سان گڏ وڃي مليو هو۔ هن اهو ڦاٽل لفافي جو‬
‫ٽڪر پٽ تان کنيو ۽ ان مان ڦاٽل ليٽر جو ٽڪر ڪڍي ليٽر سان ماليو تہ پتو پيو تہ انٽرويو سڀاڻي‬
‫ڏھين وڳي هو ۽ اهو بہ ڪراچي ۾! هن کان بک وسري ويئي ۽ سرهائيَء وچان اکيون چمڪڻ لڳس۔‬
‫نيٺ خدا سندس ٻڌي ۽ هاڻي هو در در ٺوڪرون کائي هڪ دوست وٽان ٻئي دوست وٽ رهندي‬
‫ڪيسيتائين حياتي گذاريندو۔ نيٺ سندس بہ ٿانيڪي ٿيڻ جي مهل اچي چڪي هئي ۔ خوشيَء ۾‬
‫ھن جي بک بہ مري ويئي۔ ”ماڻھوَء جي بک بي انت خوشيَء ۽ بي انت ڏک ۾ ختم ڇو ٿي ويندي‬
‫آھي؟“ هو پاڻ ئ ي سوال ڪري پاڻ ئي وراڻي سوچڻ لڳو پر سندس بي انت خوشي جٽادار ثابت نہ‬
‫ٿي۔ غريب جي خوشي هونئن بہ مختصر ئي ٿيندي آھي۔ ٻي پل هن جي اڳيان پيٽ ڀرڻ کان بہ‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪67‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫وڌيک ڏکيو مسئلو هو ڪراچي پهچڻ جو! ”خالي پيٽ کي تہ پني‪ ،‬گند جي ڍير مان ڪجھ کڻي يا‬
‫ڪتي جي چڪ مان ٽڪر ڦري بہ ڀري سگهجي ٿو‪ ،‬پر خالي خيسي کي ڪيئن ڀرجي‪ ،‬جي پنڻ تي‬
‫ڪير پئسو بہ نہ ڏي ۽ چوري ڪرڻ جي بہ سگھ نہ هجي۔ سرڪار کي انٽرويو ليٽر سان گڏ پئسا بہ‬
‫موڪلڻ کپن۔ سرڪار اهو نہ ٿي سوچي تہ جنهن بيروزگار درخواست ڏني هوندي انهيَء وٽ پئسا‬
‫ڪٿان ايندا ۽ جي انهيَء وٽ پئسا هجن تہ هو چريو آهي جو سرڪار وٽ نوڪري ڪري!“ هو اهو‬
‫سوچيندو رهيو۔ ” ڇا غريب جي هڪ پل جي خوشي پويان ڏکن جو ريلو لڳل آهي۔ اهو غريبن جي‬
‫خوشين جو دستور آهي! ڪاش اھو ليٽر هن کي هڪ ڏينهن اڳ ملي ها تہ اهي ٽي رپيا تيرنهن‬
‫پئسا‪ ،‬جي مانيَء تي خرچ ڪيا هئائين اهي تہ بچائي وٺي ها ۽ پوء اوڌر سوڌر وٺي پورائو ڪري‬
‫وڃي ڪراچي ڀيڙو ٿئي ها ۔ جيڪي بہ دوست هئس انهن کا اڳيئي اوڌر ورتل هئس کانئن لڪندو‬
‫وتندو هو۔ هاڻي تہ ڪو دوست بہ نہ بچيو هوس‪ ،‬جنهن کان کڻي اوڌر وٺي۔‬
‫هونئن بہ جتي هڪ ڏينهن بي روزگار جا دوست مونهن موڙيو وڃن‪ ،‬اتي ٻن سالن جي بيروزگار جا تہ‬
‫مائٽ بہ انڪاري ٿي ويندا آهن پر هڪ ڏينهن اڳ هن کي خط ڪيئن ملي ها۔ هن جي هڪڙي‬
‫ايڊريس تي هئي ڪانه۔ بيروزگار ۽ فقير جي ايڊريس ڪانہ ٿيندي آهي! ڪڏنهن هڪ دوست وٽ‬
‫ڪڏهن ٻئي دوست وٽ ايئن پيو مهل گذاريندو هو ۽ اهو ئي ڪارڻ هو تہ هو مولوء واري دوڪان‪،‬‬
‫”انٽرنيشنل ڊرائي ڪلينرس“ جي معرفت ٽپال گهرائيندو هو۔ پهرين تہ روز‬
‫مولوء وٽ ويندو هو پر ڪا ٽپال نہ ملڻ ڪري هوريان هوريان وڃڻ گهٽائي ڇڏيو هئائين‪ .‬تنهن کان‬
‫سواء مولوَءجو بل بہ ڪافي چڙهي ويو هو‪ ،‬سو نظرن تي چڙهڻ نہ پئي گهريائين ۽ مولوء بہ شايد ٻه۔ٽي‬
‫ڏينهن سندس اوسيئڙو ڪري اڄ سندس خط سندس ڪمري تي ڇڏي ويو هو۔ بک جو‬
‫مسئلو ڪراچي پهچڻ جي مسئلي اڳيان هاڻي پٺتي پئجي چڪو هو۔‬
‫هو حالتن جو تجزيو ڪرڻ لڳو۔ هر مصيبت ۽ ڏکيائي ۾ حالتن جو تجزيو ڪري حڪمت عمليَء‬
‫کان ڪم وٺجي۔‬
‫هو سدائين ايئن ئي ڪندو هو۔ هن ذهن جي ڪاڳر تي حساب لکيو‪ :‬هاڻوڪي مهل‪ :‬رات جو هڪ‪،‬‬
‫انٽرويو‪ :‬صبح جو ڏهين وڳي يعني باقي نو ڪالڪ مفاصلو حيدرآباد کان ڪراچي‪ :‬اٽڪل سو‬
‫ميل‪ ،‬کيسا‪ :‬خالي ۽ پيٽ ‪ :‬اهو بہ خالي‪ .‬نہ تہ هو پيٽ ڀري ٿي سگهيو ۽ نہ ئي هن مهل ڪٿان پئسا‬
‫آڻي ٿي سگهيو۔‬
‫هو آلجبرا وانگر حساب ڪرڻ لڳو خالي پيٽ ۽ خالي کيسو۔ ٻنهي ۾ ”خالي“ ٻول ”ڪامن فيڪٽر“‬
‫آهي‪ ،‬اهي تہ ٻئي ڪٽجي ويا يعني ڇٽا ۔ باقي رهيا ٻہ ”فيڪٽر“ هڪ تہ صبح جا ڏھ جنهن کي هو‬
‫ڦيرائي ٻارانهن نہ ٿو ڪري سگهي تہ جيئن صبح جو پٽ سٽ ڪري ڀاڙو ڪري سگهي سو هي‬
‫فيڪٽر بہ اڻ ڪٽجندڙ؛ ٻيو مفاصلو سو ميل سو بہ گهٽائڻ وڌائڻ بہ هن جي وس ۾ ڪونهي‪ ،‬يعني‬
‫مفاصلو بہ اڻ ڪٽجندڙ فيڪٽر۔ مطلب تہ اهم فيڪٽر اڻ ڪٽجيندڙ۔ تہ پو هرو ڀرو حساب ڇو‬
‫ڪيم؟ غريب جا تہ سڀ فيڪٽر اڻ ڪٽجندڙ هوندا آهن!“ ڪاش رڳو مهل جو فيکٽر ئي هن‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪68‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫جي هٿ ۾ هجي ها تہ پنڌ وڃي ڪراچي نڪري ها! مهل تي ئي سڀڪنهن جو دارومدار آهي۔ مهل‬
‫سفر جو ايکس فيڪٽر آهي‪ ،‬اهو وس ۾ هجي تہ حياتيَء جو مسئلو سلجهي‬
‫وڃي‪ ،‬پر اهي سڀ فيڪٽر وري پئسي جي فيڪٽر سان ڪٽجن ٿا ۽ پئسي جو فيڪٽر تہ ”سپوز“‬
‫بہ نہ ٿو ڪري سگهجي!‬
‫هاڻي هن جي اڳيان ٻہ صورتون هيون ڪراچيَء پهچڻ جون۔ ريل رستي يا بس رستي۔ ريل مين بنا‬
‫ٽڪيٽ وڏو جوکم‪ ،‬جهلجي پئي جيل پر جي بس ۾ بنا ٽڪيٽ جهلجي پئي تہ وڌ ۾ وڌ اتي الهي‬
‫ڇڏيندي بس‪ .‬سو هاڻي سندس آڏو ڪا بہ چونڊ نہ پنڌ ڪرڻ الء مهل نہ هئي‪ .‬ريل ۾ جوکم هو۽ بس‬
‫ئي آخري سهارو هيو پوء هن ڳوڙهي ويچار کان پوء بس ۾ سفر ڪرڻ جي هڪ وڏي ”مڪمل رٿا“‬
‫ٺاهي من ئي من ۾ پاڻ کي شاباس ڏيڻ لڳو‪ .‬پاڻ جينيس هو پر رڳو هڪڙي گهٽتائي هيس جو کٽل‬
‫هو‪ .‬پر جي هو کٽل نہ هجي ها تہ شايد جينيس نہ هجي ها ۽ موڳو مٽل هجي ها ۽ اهو بهتر بہ هو پر‬
‫جي موڳو بہ هجي ها ۽ کٽل بہ تہ پوء ! هن آرس ڀڳي ۽ اوٻاسي ڏيئي کٺ تي آهلجي پيو مدد سندس‬
‫آخري سهارو آهي‪ .‬هن آخري ريل يا آخري بس کان پهرين پهچي وڃي! من آخري ريل يا آخريبس‬
‫کان پهرين وڃي! سڄي رات هو جاڳندو رهيو۔‬
‫هونئن جي ننڊ گهري بہ ها تہ اهڙين حالتن ۾ ننڊ ڪٿان اچي ها پر مدد نہ آيو سو نہ آيو۔‬
‫صبح جو ڀنڀرڪي مهل هو اٿيو ۽ رٿا پٽاندڙ پنهنجي حڪمت عمليء تي ڪم شروع ڪيائين۔‬
‫رٿ نمبر هڪ هيٺ هن کي اهڙي هنڌ پهچڻو هو جتان گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو چڙهندا هجن تہ جيئي‬
‫ڪو دوست يا واقفڪار ملي وڃيس جنهن سان گڏ بس ۾ ويهندو تہ جيئن دوست سنگت ۾ سندس‬
‫ٽڪيٽ بہ وٺي ڇڏيس‪ .‬انهيء ڪري هو سرفراز ڪالونيء پهتو جتي بس جو آخري اسٽاپ آهي پر‬
‫سومر هئڻ ڪري بسون ڌڪ گهٽ ڀريون پئي آيون ۔ آخريڌاسٽاپ وٽ بہ ماڻهن جا هشام هئا پر‬
‫ڪو دوست نظر ڪونہ آيس ۔ هو دوستنکي من ۾ گاريون ڏيڻ لڳو ۔ هونئن تہ سدائين پيا ملن ۽ بور‬
‫ڪن اڄ سندن لوڙ پئي محسوس ٿئي تہ نظر ڪونہ ٿا اچن! هن هڪ ماڻهوء کان مهل پڇي ۔ ساڍا‬
‫پنج ٿي رهيا هئا۔‬
‫اڃا تہ سفر شروع بہ ڪون ٿيو هو ۽ باقي مهل هئي ساڍا چار ڪالڪ ۔ پهرين بس وڃڻ واري هئي۔‬
‫هن ٽٻٽار بس ۾ جهاتي پاتي ۔ اندر ڪوبہ دوست ويٺل ڪونہ هو۔ڪنڊڪٽر جي زور ڪرڻ تي بہ تہ‬
‫هو کيس سيٽ وٺي ڏيندو هو‪ ،‬الٽو ڪنڊڪٽر جي ڪاوڙجندي اهو چوندي لهي آيو تہ اسٽول‬
‫تي ڪوننہ ويهيندس۔ اهوئي بهانو هو بس مان لهڻ جو ٻي بس آئي هو ڊوڙي ان ۾ گهڙيو پر اتي بہ‬
‫ساڳي ڪار لڳي هئي ۽ وري لهي آيو‪ .‬ٽين بس آئي‪ ،‬چوٿين بس آئي ساڳي ڪارلڳي پئي هئي‪.‬‬
‫هڪ بس ۾ تہ سيٽ بہ مليس ٿي‪ ،‬پر ڪنڊڪٽر کي چيائين تہ اڳين سيٽ کپي‪ ،‬جند جو ڇڏائڻي‬
‫ٿي ٻاهر پنهنجن پورن ۾ بيٺو هيو ۽ اهڙي حالت ۾ هو بس ڪمپنين جا ناال پڙهندو رهيو جا هن جي‬
‫هير هئي‪” .‬چوڌري ٽرانسپورٽ ڪمپني“ ميانوالي بس سروس‪ ،‬ڇاڇي بس سروس‪ ،‬ڪراچي ۽‬
‫حيدرآباد انهن ڪمپنين ذريعي ئي ڳنڍيل آهن يا انهن جي ڪري مرڳوئي ٽٽل آھن۔پنهنجي پر ۾‬
‫ٻيئي جواب صحيح آهن! اهو بہ هڪ عجيب گورک ڌنڌو آهي!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪69‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ايتري ۾ هڪ رڪشا مان لهندڙ ماڻهوء هن جو ڌيان ڇڪائي ورتو‪ .‬هو پنهنجو لڳو‪ .‬ڌيان سان ڏٺو‪.‬‬
‫ستار هو‪ .‬سوٽ ڪيس الهي مڙيو تہ هن خوشيء وچان رڙ ڪئي ”اڙي ستار تون! ڪر خبر‬
‫ڪيڏانهن ڪراچي! هن پنهنجي دوست کي ڏسي‪ ،‬جنهن اتساھه مان غير معمولي جوش جو اظهار‬
‫ڪيو هو تہ سندس دوست بہ حيران ٿي ويو ۽ کيس بہ پوء احساس ٿيو ۔ سندس دوست ڪراچي پي‬
‫ويو ڪو واليت تہ نہ ٿي ويو! ”ها يار مڙئي ڪو ڪم آھي‪ “.‬ستار ۽ هن هٿ مالئي کيڪاريو ۔ ”يار‬
‫چڱو ٿيو جو ملي وئين ڪچهري ڪندا وينداسون‪ ،‬اڪيلو سفر تہ مٿي ۾ سور وجهيو ڇڏي!“‬
‫ايتري ۾ هڪ بس زوم سان اچي پهتي ۽ ٻئي بس ۾ اڳئين در کان تڪڙا چڙهڻ لڳا ۔ بس ۾ ڪافي‬
‫رش هئي‪،‬سواء پوين سيٽ جي ڪٿي بہ ٻن ماڻهن جي گڏ ويهڻ جي جاء ڪانہ هئي‪ .‬ستار کي بس‬
‫جي درائيور جي ڀر واري آڏي سيٽ ملي وئي‪ .‬پر هو ٿورو پٺتي هڪ سيٽ خالي هئڻ جي هوندي بہ‬
‫نہ ويٺو‪ .‬جي گڏ نہ ٿي ويهي سگهيا تہ پوء ويجهو ويهڻ خطرناڪ هو‪ .‬بنا پئسي دوست اڳيان بي‬
‫عزتي تہ نہ ڪرائي ها‪ .‬هاڻي رٿا پٽندڙ هن کي دوست کان بنھه پري ويهڻو هو؛ پوئين در جي ڀرسان۔‬
‫اڃا بس هلڻ ۾ مهل هئي ۔ سندس پهرين رٿا اسڦل ٿي چڪي هئي ۔بس ڪنڊڪٽر واچ ڏسي بس‬
‫هالئڻ الء اشارو ڪيو ۽ هو چپ چاپ پوئين در کان هيٺ لهي ويو‪ .‬بس مان لهڻ کانپوء پهريون وجھ‬
‫هو وڃائي چڪو هو۔ پوء هن ويچاريو‪” :‬اڙي ستار کان سڌو ڇو نہ اٺ۔ڏھ رپيا گهريم ۔ مڃان ٿو ته‬
‫ستار سان ايتري گهرائپ تہ ڪانهي پر پڪو منهن ڪري گهرانس ها حياتي جو اهم مامرو هو۔“‬
‫اڃا پورن ۾ ئي هو تہ ٻي بس اچي پهتي‪ ،‬پنج۔ڇھ ڄڻا ڊوڙي چڙهڻ لڳا‪ .‬جڏهن اندر سڀ ڪي بيهي‬
‫ڪي ويهي رهيا تہ هو چپ چاپپوئين دروازي کان چڙهي پيو۔ بس جي مسافرن تي اتاڇري نظر‬
‫وڌائين۔ هڪ۔ٻہ پري جا واقفڪار نظر آيا پر ڪو اهڙو نظر نہ آيو جنهن کي حجت ڪري ڪجھ‬
‫چئي سگهي‪ .‬بس پنهنجي مهل تي هلڻ شروع ڪيو ۽ هي پوئين سيٽ تان حالتن جو جائزو وٺڻ‬
‫لڳو ۔ بس بئراج ڪالوني تان ڦري ڄامشوري ڏانهن رخ رکيو‪ ،‬سومر جي ڪري‪ ،‬ڪراچي ويندڙن‬
‫جي رش هئڻ ڪري‪ ،‬ڪلينر ڪنهن سرڪس جيپهلوان وانگر هلندڙ بس مان ڇت تان اسٽول‬
‫الهيو‪ ،‬ڪنڊڪٽر کي ڏيندو رهيو ۽ ڪنڊڪٽر ٻن سيٽن جي قطار جي وچ ۾ لنگهڻ واري جاء جي‬
‫وچ ۾ اسٽول رکندو‪ ،‬مسافرن کي ويهاريندو رهيو ۔بس بئراج کان اڪري اچي ڦاٽڪ تائين پهتي ۽‬
‫اتي جڳھ نہ هجڻ جي هوندي بہ ٽي۔چار پئسينجر گهچيا ۽ کن ۾ روانو ٿي ويئي۔ جيئن بس ڦاٽڪ‬
‫اڪري تيئن ڪنڊڪٽر ٽڪٽ وٺڻ شروع ڪئي ۽ هوريان هوريان بس جي پوئين پاسي ڏانهن‬
‫وڌڻ لڳو۔‬
‫هن جي دل جي ڌڙڪڻ تکي ٿيڻ لڳي‪ .‬هن جي رٿا نمبر ٻين تي عمل ڪرڻ هو۔ ڪنڊڪٽر آخري‬
‫سيٽ تائين اچي پهتو هو۔ ڪنڊڪٽر بنا ڳالهائڻ جي هٿ وڌايو۔ هن ڪنڊڪٽر ڏانهن نهاري چيو‪:‬‬
‫”ٻين کان تہ پهرين وٺ ۔ آئون پئسا ڪڍان ٿو ۔ نوٽ ٻڌل اٿم‪“.‬‬
‫ڪنڊڪٽر ٻين کان پئسا وٺڻ لڳو هو اٿي بيٺو ڪنڊڪٽر پئسا وٺي ٽڪٽون ڏيئي اجو ٿيو تہ هن‬
‫بس جي گوڙ ۾ ڪنڊڪٽر جي ڪن ڏانهن منهن ڪري چيو‪،” :‬يار ڪنڊڪٽر پهرين ڳاله ٻڌ‬
‫هڪدم رڙ نہ ڪجائين متان بي عزتي ٿئي‪ .‬تون جيئن چوندين تيئن ڪندس پر گوڙ نہ ڪجان۔“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪70‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڪنڊڪٽر بنا ڪجهه چوڻ جي هن جي اکين ۾ شوڪي نهاريو پر هو چوندو رهيو۔ آئون خدا ۽‬
‫رسول جو سنهن کڻي ٿو چوان تہ بي اي فرسٽ ڪالس آهيان‪ .‬هي ڏس ڊگريون هن لفافي ۾ نوڪري‬
‫جي ڳوالھا الء ڪراچي پيو وڃان۔ هي ڏس انٽرويو جو ليٽر کيسي ۾‪ .‬پئسو ڪونہ اٿم پر وچن ٿو‬
‫ڪريان تہ ٽڪيٽ جا پئسا ڀري ڏيندس“‬
‫ڪنڊڪٽر هن کي مٿان کان هيٺ ۽ هيٺا کان مٿي تائين نهاريو ۔ هو چوندو رهيو! ڏس يار‬
‫ڪنڊڪٽر جهڳڙو نہ ڪجانء نہ مڃين تہ چپ چاپ الهي ڇڏجانء۔“‬
‫ڪنڊڪٽر پل کن چپ رهيو ۔ ”توکي بہ اڄ چڙهڻو هو۔ اڄ تہ مالڪ بس ۾ ويٺو آهي۔ مهنجي‬
‫نوڪري هلي ويندي۔‬
‫تو کي اڄ ڇڏيندس تہ مالڪ سمجهندو روز ٿو ائين ڪريان‪ .‬توکي بس مان لهڻو پوندو‪ .‬هينئر‬
‫هڪڙي هوٽل ايندي اتي الهي ڇڏيندو سانء ۔ پوء تون ڄاڻي تنهنجا ڀاڳ۔“ ايئن چئي ڪنڊڪٽر‬
‫دري کان ٻاهر نهارڻ لڳو ۽ هو ڪجھ سوچيندو رهيو ڪم نہ ٿيو اسڪيم اسڦل ٿي ويئي هاڻي ڇا‬
‫ٿيندو‪.‬‬
‫رڻ ۾ رلي ويندو۔ هن هڪڙي ماڻهوَء جي واچ ۾ ٽائم ڏٺو ڇهه ٿي رهيا هئا باقي ٽي ڪالڪ هئا‪.‬‬
‫استاد روڪيس۔“‬
‫ڪنڊڪٽر جي رڙ هن کي ڇرڪائي ڇڏيو بس بيٺي ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري لهي پيو۔‬
‫لهڻ سان هن ڏٺو تہ سامهون هڪڙي جهوپڙي هوٽل هئي ٻہ چار ماڻهو بينچن تي ويٺا هئا‪ .‬امالڪ‬
‫هن جي نظر رستي تي لڳل ميلي پٿر تي پيئي‪ ،‬جنهن تي لکيل هو ”ڪراچي ‪ ٣٨‬ميل“ يعني سترنهن‬
‫ميل سفر ڪري چڪو هو بنا ٽڪيٽ هن هڪدم ذهن ۾ ٽه رقميء جو حساب ڪيو۔‬
‫سترنهن ميل سفر پورو ڪجي ٿو هڪ ڪالڪ ۾‪ ،‬تہ هڪ ميل مفاصلو پورو ٿيندو هڪ ڀاڱي‬
‫سترنهن ضربيان ٽياسي‪ .‬سو ٿيندو پنج سئو پنجاسي يعني اٽڪل پنج ڪالڪن ۾ انٽرويو جي‬
‫مهل آهي ڏهه‪ .‬هو يارهين مهل ڪراچي پهچي ويندو ۽ آس آهي تہ تيسيتائين انٽرويو ختم نہ ٿيو‬
‫هوندو‪ .‬کڻي سندس نمبر اچي بہ ويو هجي؟“‬
‫هو رستي تي بيهي هر ايندڙ بس جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو۔ هڪ بس بہ اچي نڪتي ۽ هن پري کان‬
‫اشارو ڪرڻ شروع ڪيو بس هن کان اڳتي اچي بيهي رهي ۽ هو ڊوڙي ان ۾ چڙهي پيو ڪنڊڪٽر‬
‫کيس ساهي پٽڻ بہ نہ ڏني ۽ هڪ دم هٿ وڌائي چوڻ لڳو‪” :‬استاد ٽڪيٽ۔“‬
‫هن بہ مرڪي کيسي ۾ هٿ وجهي ڀاڙو ڪڍڻ جي اداڪاري ڪئي ۔خالي هٿ کيسي مان ڪڍي‬
‫رڙ ڪيائين‪ :‬اڙي منهنجو ٻٽون۔“‬
‫هن وري ٻئي کيسي ۾ هٿ وڌو هٿ پاڪيٽ مٿان هٿ گهمايائين ۽ ٻيهر سڀني کيسن ۾ هٿ وجهي‬
‫ٻٽون ڳولڻ لڳو۔ هڪ دم هيٺ نهاري ٿوروجهڪيو پر ٻٽون نہ مليو ڪنڊڪٽر ڏانهن نهاري چيائين‪:‬‬
‫معلوم ٿو ٿئي تہ بس ۾ چڙهندي ڪري پيو!“‬
‫”تنهنجي ٻٽونَء جو آئون تہ ذميوار ڪونہ آهيان“‬
‫ڪنڊڪٽر بہ ترت جواب ڏنو۔‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪71‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”پر‪ ،‬پر هينئر تہ هو مهنجي کيسي ۾۔“ هن جي پريشان چهري جي اڻ تڻ آسي پاسي جي مسافرن‬
‫جي ڌيان کي ڇڪائي وڌو ۽ سڀ پيسينجر هن ڏانهج نهارڻ لڳا‪ .‬اڳين سيٽن تي ويٺل هڪ ٻئي‬
‫کان پڇڻ لڳا تہ ڇا ٿيو‪.‬‬
‫”ٽڪٽ جا پئسا ڪڍو صاحب“ ڪنڊڪٽر هن ڏانهن نهاري چيو۔‬
‫”پر ڪٿان ڪڍان هن ايئن چئي بس تي اڇاتري نظر وڌي ۔ من سندس پاران ڪو دوست يا‬
‫واقفڪار ئي ٽڪيٽ ڀري ڇڏي پر دوست واقفڪار تہ ٺهيو پر ڪا ڏٺل شڪل بہ نظر نہ آئي! هينئر‬
‫هو تيار هو تہ ڀل گهڻا واقفڪار بہ هن کي بي عزتو ٿيندو ڏسن پر ٽڪٽ ڀرين‪ .‬ان الء پهريان رڳو هو‬
‫ستار جي اڳيان بي عزتو ٿيڻ کان بچڻ الء بس مان لهي ويو هو۔ ماڻهو ڪيترو نہ ترت پنهنجا ماڻا‬
‫تبديل ٿو ڪري ۔ بس ويرم ئي نہ ٿي لڳي۔ هڪڙو آواز آيو؛ ”ڪنڊڪٽر هڪڙو تہ ٻٽون ويو اٿس‬
‫ٻيو وري تون ٽڪٽ تو وٺينس‪ .‬هاڻي ڇڏيس‪ ،‬کنيو هليس هڪڙي پاسينگر ۾ ڪهڙو ٿو فرق پوي!“‬
‫”اهڙي همدردي اٿو تہ اوهان ٽڪٽ ڀريوس نه‪“.‬‬
‫ڪنڊڪٽر جي ان وراڻي کان پوء هو شخص نہ رڳو ماٺ ٿي ويو پر ٻيا مسافر بہ هيڏانهن هوڏانهن‬
‫نهارڻ لڳا۔‬
‫ڪنڊيڪٽر هڪل ڪئي‪“ :‬استاد روڪيس!“ ڊريائور بريڪ هنيو ۽ بس پاسو وٺي رستي جي‬
‫”شولڊر“ تي بيهي رهي۔ ڪنڊڪٽر هڪدم دروازو کوليو ۽ نظرن سان چيو تہ لهي وڃي ۔هن اوسي‬
‫پاسي نهاريو پر ڪا واهر نہ ٿي ۽ نيٺ هو لهڻ لڳو تہ ڪنڊيڪٽر در بند ڪندي چيو‪ :‬اها تر ڪيب‬
‫نہ هلندي استاد ڪا ٻي بس ڳول‪ “.‬۽ پوء وري هڪل ڪندي چيائين‪” :‬استاد وڃينس !“ ۽ بس هن‬
‫جي اکين ۾ دونهون وجهندي رواني ٿي وئي‪ .‬رستي تي لهڻ شرط هن جي نظر پاڻ مرادو ميلي پٿر جي‬
‫گولها ۾ کڄي وئي سامهون ميلي پٿر هو ۽ ان تي لکيل پير هو‪” ،‬ڪراچي‪ ٠٧‬ميل“ هن جي ٽه رقميَء‬
‫جي حساب سان مفاصلو گهٽجي رهيو هو؛ بس مان ايئن لهڻ کان پوء بہ هن اڃا هار نہ مڃي هئي۔‬
‫هن جي رٿا پٽاندڙ اها بہ سندس سوڀ هئي‪ ،‬جو بنا ٽڪيٽ جي ڇڪي تاڻي ٽيھ ميل ڪڍي ويو هو۔‬
‫هو پنهنجا سرٽيفڪيٽ قابو ڪري هر ويندڙ ڪارکان لفٽ الء اشارو ڪندو رهيو پر ڪارون هن‬
‫جي لفٽ جي ابتي رد عمل ۾ اڃا بہ تکيون هن جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويئون۔ مهل گهٽجي رهي هئي‬
‫پرهن اڃا همت نہ هاري هئي۔ هڪڙي ٻي بس نظر آئي‪ ،‬هن اشارو ڪيو پر کيس بيابان ۾ اڪيلو‬
‫بيٺل ڏسي بس زوزاٽ ڪندي اڳتي هلي ويئي‪ .‬هن جي رٿا پٽاندڙ اڃا بہ کيس وڏو آسرو هو هڪ ۔‬
‫ٻہ ٽرڪ لنگهيا پر اهي بہ نہ بيٺا نيٺ هڪ ٻي بس اچي پهتي ۽ هن جي اشاري تي بيهي رهي ۽ هو‬
‫هڪدم بس ۾ چڙهي پيو ۽ ڪنڊيڪٽر بہ جهڙو پهرين ڪنڊيڪٽر وانگر هن جي گهات ۾ ويٺو هو‬
‫هڪدم اچي کانئس پئسا گهريائين‪.‬‬
‫”يار ايڏي تڪڙ ساهي تہ پٽڻ ڏي توهان سڀ ڪنڊيڪٽر اصل هڪجهڙا ٿيندا آهيو“ هن‬
‫ڪنڊڪٽر کي مرڪي ايئن چيو ڄڻ پئسا ڪڍيو ٿو ڏئيس۽ وري چوڻ لڳس‪ :‬استاد مڊوي تہ‬
‫ترسندي نہ اتي منهنجو ڀاء مينيجر آهي يوسف صاحب جي هوٽل ۾ اتان پئسا وٺي ڏيندوسانء ۽‬
‫چانهن پاڻي بہ ڊبل۔ توهان تہ اتي ترسندو نه‪ .‬باقي آهي ڪيترو پنڌ‪ ،‬اهو ويھ پنجويھ ميل“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪72‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڪنڊڪٽر هن ڏانهن ڪجهه شڪي ٿي نهاريو۔ هن ڪنڊڪٽر جي شڪ کي سمجهي ورتو۔ يار‬


‫هتي لٿو هوس رڍن جي خريداري الء ۔توکي خبر آهي تہ پئسا کڻي هتي لهڻ پنهنجي جان وڃائڻي‬
‫آهي۔ کيسي خالي نڪتو هوس‪ ،‬بس استاد گهٻراء نه! “‬
‫بس جڏهن مڊوي تي پهتي تہ اڌ سفر پورو ٿي چڪو هو ۽ نو لڳڻ وارا هئا انٽرويو ۾ باقي هڪ‬
‫ڪالڪ هو ۽ اڃا اڌ پنڌ باقي هو۔ مڊوي هوٽل تي ٻہ بسون اڳ ۾ ئي بيٺل هيون ۽ ڏاڍو چهچٽو لڳو‬
‫پيو هو ۽ بس سان لهي گوڙ مان ٿيندو هوٽل جي پويان ناڙاڇوڙ جي بهاني سان هيٺ نئن ۾ لهي ويو‪.‬‬
‫پندرنهن ويهن منٽن کانپوء جهاتيون پائيندو لنوڻيون هڻندو مٿي پهتو تہ اها بس وڃي چڪي هئي‬
‫۽ هن ٿڌو ساه کنيو پر هاڻي هو ڇا ڪري؟ ان ٻڏتر ۾ هو ۽ هن کي اها خبر نہ هئي تہ سندس‬
‫اصولڪي رٿابنديء جو اهو حال ٿيندو جيتوڻيڪ هو اڌ سفر پورو ڪري چڪو هو پر ائين ٿي لڳو‬
‫تہ هو اتي مڊوئي تي اٽڪي پوندو۔ هن کي لڳو تہ هو هينئر ”آڪاس ۽ ڌرتي جي وچ ۾ لٽڪيل‬
‫آهي‪ ،‬نہ هيڏانهن جو‪ ،‬نہ هوڏانهن جو‪ .‬هر غريب جي هيڻي حال وانگر۔“‬
‫مڊوي هوٽل تان ٺلهو پاڻيء جو گالس پي ٿڙندو پريان جهوپڙين وانگر ٺهيل سستين هوٽلن ڏانهن‬
‫رخ رکيائين‪.‬ساڍا نو ٿي رهيا هئا ٽي ويال ماني نہ ملي هئس۔ هينئر ڪجھ همت هاري ويٺو هو‪.‬‬
‫هينئر کڻي ڪراچي وڃڻ جو وجھه بہ ملي وڃيس پر ڇا هو انٽرويو تائين پهچي سگهندو ؟‬
‫ڏهين وڳي انٽرويو جي مهل هئي ۽ اڃا بہ ڏيڍ ٻن ڪالڪن جو سفر باقي هو۔ اهي بہ تڏهن جڏهن‬
‫ڪا هينئر ئي لفٽ مليس۔‬
‫بک بہ کيس ستائي رهي هئي پر اڃان هوٽلن جي قطار تائين پهتو هي ڪونہ هوتہ هڪ کير ڍوئيندڙ‬
‫وئن جي ڀرسان لنگهندي هوٽل وٽ وڃي بيٺي ۔ هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي ۽ بک جي جيڪا‬
‫سٽ اڀري هئس سا وري الوپ ٿي چڪي هئي ۔ گهليندڙ وکن ۾ ڦڙتي اچي وئي‪ .‬جيتيڻيڪ وين‬
‫ڪافي ڀري پئي هئي پر ان مان لهندڙ ٻنهي ماڻهن کي هن چڱيء طرح ڏسي ورتو هڪ کي اجرڪ‬
‫جو پٽڪو هو ۽ ٻئي کي سنڌي ٽوپي پيل هئي ۽ ٻئي سامهين هوٽل ۾ هليا ويا‪ .‬هي‬
‫بہ اچي ٻن ٽن منٽن ۾ ويجهو پهتو۽ هڪدم سندس نظرون سڌو هوٺل ۾ ويٺل انهي ٻنهي همراهن‬
‫کي ڳولڻ لڳيون ۔‬
‫اهي پريان هڪڙي ميز تي ويٺا هئا ۽ هن ڀيري ٻين پئسينجرن مان ڪنهن واقفڪار کي ڳولڻ‬
‫بدران انهن ٻنهي همراهن ڏانهن نظرون کپاڍو وڌي آيو ۔ پر هلڻ جي رفتار ٿوري ڍري ڪيائين تہ‬
‫جيئن هلڻ قدرتي لڳي‪ .‬ميز جي ويجهو پهچي‪ ،‬هڪڙي موڙي تي ويهي رهيو ۽ انهن سان ڳالھ چورڻ‬
‫جو بهانو ڳولڻ لڳو تہ ايتري ۾ بيرو آيو۽ هن وٽ اچي بيھي رهيو۽ هن چيس‪” :‬پهرين هڪ گالس‬
‫پاڻي تہ کڻي اچ“ بيرو هليو ويو‪ ،‬پر پوء هن انهن همراهن ڏانهن نهاريندي چيو‪” :‬چانھ تہ اهڙي اٿن‬
‫جهڙو حقي جو پاڻي!“‬
‫ٻنهي همراهن سندس ڳالھ ٻڌي مرڪيو۔ ايتري ۾ بيري هنن ٻنهي جي آڏو چانھه جا ڪوپ ۽ هن‬
‫جي آڏو پاڻي جو گالس آڻي رکيو۔ اجرڪ واري ڪوپ سيريندي هن ڏانهن نهاريندي چيو‪” :‬پر‬
‫اسان کي تہ اهو حقي جو پاڻي آهي پيئڻو جو ٿڪا پيا آهيون۔“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪73‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”ڪريو خبر ڪراچي پيا وڃو؟“ هن کي خبر هئي‬


‫تہ هو ڪراچي پيا وڃن پر هن کي ان مهل ڳالھ وڌائڻ جو اهو ئي طريقو سجهيو۔‬
‫ڀائو وڃون تہ ڪراچيَء پيا۔ دير بہ ٿي ويئي اٿئون ۔ هتي ترسون تہ نہ ها پر گاڏي گرم ٿي وئي آهي‪“.‬‬
‫گاڏي گرم ٿيڻ جو ٻڌي هن جو منهن لهي ويو۔ گاڏي اڳيئي کير جي دٻن سان سٿيل ۽ وري ٻيو ماڻهو‬
‫ڪٿان کڻندا ۔هن وري آخري وجھه وٺندي ڪجه نهٺائيء سان چيو‪” :‬اوهان جي گاڏيء جي اها‬
‫حالت نہ هجي ها تہ جيڪر مونکي کڻيو هلو ها۔ بس وارا هتان اڌ پنڌ تان بہ پورو ڀاڙو وٺيو ڇڏين‪“.‬‬
‫پر وري پنهنجي ڳالھ جي غلطي محسوس ڪندي چوڻ لڳو‪” :‬پئسا تہ خير کڻي ڀريون بہ پر بسون‬
‫اڄ سومر تي اهڙيون سٿيون پيون آهن‪ ،‬جو پير رکڻ جي جاء بہ ڪونهي۔“‬
‫هنن ٻنهي هڪ ٻئي کي نهاريو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڄڻڪ ڳالھ ٿي ويئي ۔هن ڀيري سنڌي ٽوپيَء واري‬
‫چيو‪” :‬ڀائو هل تہ کنيو هلون۔ جوان تہ ٺاهوڪو ٿو ڏسجين‪ .‬گاڏي مڙئي ڇڪي ڇڪي وڃي‬
‫پهچنداسون۔“ آخري چانھ جو چسڪو ساسر مان ڀريندي‪ ،‬هن ساسر رکي ڪوپ مٿان اونڌو‬
‫ڪندي چيو۔‬
‫” يار چانهن جي صالح اٿئي پر اٿئي تو واري حقي جوپاڻي !“ اجرڪ واري جي اها صالح تہ هن‬
‫ڄڻ ٻڌي ئي ڪونہ‪،‬‬
‫هن جي ڪراچي پهچڻ جو مسئلو سلهجي چڪو هو!‬
‫اجرڪ واري وري چيو تہ ”سائين مون چيو اچي چانھه جو ڪوپ!“‬
‫هو حقي جو پاڻي بہ پي وڃي ها پر هڪ شڪ تہ متان کيس چانهه جا پئسا ڀرڻا پون‪ ،‬سو واراڻيائين‪:‬‬
‫نہ يار اوهان کي بہ دير پئي ٿي ۽ مون کي بہ هلو تہ هلون۔“‬
‫وئن جڏهن هلڻ لڳي تڏهن هن هڪ همراھ جي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو‪ .‬پوڻا ڏھ ٿي رهيا هئا ۽ ڪراچي‬
‫اڃا پنجونجاھه ميل پري هئي! هو انهي پنجونجاھه ميل جي يڪي سفر جو اونو لهڻ ڪري ۽ سخت‬
‫بک هوندي بہ سوچن جي جڳ ۾ هليو ويو۔‬
‫هو سوچڻ لڳو انٽرويو ۾ ڇا پڇندا آخر ! االئي ڪير هوندا ۔ من ڪا اهڙي ڳالھ نڪري پئي تہ هو‬
‫کين ٻڌائيندو تہ هو بہ جيل ٿي آيو آهي‪ .‬ٻوليَء جي لسٽن جي سلسلي ۾‪.‬‬
‫هو بہ بک هڙتال تي ويٺو هو ۽ جي ڪنهن چئي وڌو ته ”هان‪ ،‬تون ان الء جيل ويو هئين تہ پوء‬
‫نوڪري وٺي سگهين!“‬
‫۽ هو چوندو‪” :‬نہ سائين هيئر بيشڪ انهيء ڳالهه جو مان اٿم تہ قرباني ڏني ٿم؛ پر آئون خدا کي‬
‫حاظر ناظر ڄاڻي ٿو چوان تہ جڏهن بک هڙتال تي ويٺو هئس ان وقت منهنجي وهم ۽ گمان ۾ ڪون‬
‫هو تہ آئون اڳتي هلي ان قربانيء جو فائدو وٺندس ان مهل تہ منهنجو مقصد هر طرح جي قرباني‬
‫ڏيڻ هو۔ پر وري هن کي سندس هڪ دوست جي صالح‪ ،‬ويچار ۾ آئي‪ ،‬جنهن ٻڌايو هوس ”تہ ڀلجي‬
‫بہ ڪنهن انٽرويو ۾ اهو نہ ٻڌائجان نہ اهڙا ڪم شاگرديء واري زماني ۾ ڪيا هئا ۔ اصل الھ نڪري‬
‫ويندء‪“.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪74‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سندس دوست جي اها ڳالھ جي سار ايندي ئي هن کي ايئن لڳو ڄڻڪ ڪنهن هن کي کاهيء ۾‬
‫ڪرڻ کان جهلي ورتو هجي ۔ جڏهن وئن ڪراچي ٽؤل ٽئڪس پالزا وٽ پهتي تہ يارنهن ٿي رهيا‬
‫هئا ۽ وئن جڏهن ڪراچي شهر ۾ داخل ٿي تہ هن سک جو ساه پٽيو۔ ماڳ اچي ويجهو پهتو وئن‬
‫واري وئن ڍرو ڪندي هن کان پڇيو‪” :‬ڀائو اسين تہ وينداسون هتان سي پي سوسائٽي ۔ توکي ڪٿي‬
‫الهيون!“‬
‫سي۔پي سوسائٽي جو نالي ٻڌڻ سان هن جي خوابن جو محل وري ڀري پيو۔ ڪٿي سوسائٽي ۽ ڪٿي‬
‫تغلق هائوس ۔ پهرين تہ سوچيائين تہ چوين يار خدا جو واسطو اٿو مون کي تغلق هائوس ڇڏيو۔دل‬
‫جي ڳالھ ڪرڻ الء هن پيش بندي ڪئي۔ ”يار مون کي وڃڻو آهي سنڌ اسيمبلي واري پاسي‪ ،‬انٽرويو‬
‫اٿم‪ .‬مون سمجهيو تہ اوهان صدر واري پاسي ڏانهن ويندو۔“‬
‫”اسين تہ مال ڏيندا آهيون سوسائٽي ۾ ۽ اڄ دير بہ ٿي ويئي آهي‪ ،‬مالڪ بہ ڪرڪندو ڪندو پر‬
‫ٻڌ ڀائو توکي اسين اهڙي هنڌ الهي ڇڏينداسون جتي ٽئڪسي اصل سوالئي سان ملي ويندي۔“‬
‫هن اهڙي طرح ڳالھ ختم ڪئي جو اڳتي ڳالهائڻ جي هن کي همت ئي نہ ٿي‪ .‬هڪڙو تہ مفت ۾‬
‫لفٽ وٺي آيو اٿن ۽ ٻيو وري چوين تہ ڇڏيو مون کي پنهنجي دڳ۔ وئن هلندي رهي ۽ اچي جيل واري‬
‫چوواٽي تي پهتي ۔ هڪ رستو جيل ڏانهن ٿي ويو ۽ هڪ رستو جناح جي مزار ڏانهن ۽ هڪ رستي‬
‫شهيد ملت روڊ هو ۽ هڪ رستو جنهن کان آيا هئا يعني پٺتي حيدرآباد ڏانهن هن کي لڳو تہ هو‬
‫حياتيء جي چوواٽيء تي بيٺل هو! هو ڪجهه دير چوواٽيء تي حيران ۽ پريشان بيٺو رهيو۔‬
‫اتان پنج يا ڇھ ميل پري تغلق هائوس هو ۔ هن جا کيسا خالي هئا ان جو تہ ان کي شديد احساس‬
‫هو پر هن جو پيٽ بہ ڪالھ کان خالي هو ان جو احساس نہ هيس۔‬
‫ان مهل ساڍا يارنهن ٿي چڪا هئا۔ هڪڙي واٽ هن کي نظر آئي‪ .‬هو ٽئڪسيء ۾ وهندو تغلق‬
‫هائوس پهچي ٽيڪسيء کي پنجن منٽن ۾ موٽڻ جو چئي ڀڄي گم ٿي ويندو هن ائين سوچيو تہ‬
‫هڪڙي خالي ٽئڪسي سامهون اچي نڪتي هن جو هٿ پاڻ مرادو ٽيڪسي روڪڻ الء اٿي ويو ۽‬
‫ٽئڪسي هڪدم بيهي رهي هو اندر ويٺو ۽ کيس چيائين‪” :‬تغلق هائوس” ۽ ٽئڪسي جناح جي‬
‫مزار واري رستي تان تکي هلڻ لڳي‪.‬‬
‫هن ٽئڪسي جي ڊيش بورڊ تي لڳل ٽئڪسيء نمبر پنهنجي ذهن ۾ نوٽ ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ‬
‫لڳو‪” ،‬ڪيئن بہ ڪري هن ٽئڪسي واري کي ڳولي پوء ٻيڻو ڀاڙو ڏيندس۔‬
‫ٽئڪسي ھاِء ڪورٽ کان مڙندي تغلق ھائوس جي در تي اچي پھتي‪ .‬ھن ٽئڪسي مان لھندي‬
‫ٽئڪسي ڊرائيور جي پان کائيندڙ وات‪ ،‬ڪپڙن ۽ شڪل مان اندازو لڳائيندي کيس اڙدوَء ۾ چيو‪:‬‬
‫”يار ترسجانء‪ ،‬بس ٻہ منٽ ڪو ڪم ڪونھي بس رڳو ھي ڪا ڳر ڇڏڻا آھن‪ “.‬ائين چئي بنا‬
‫ٽئڪسيَء واري جي جواب جي تکو تکو اندر تغلق ھائوس ۾ ھليو ويو‪.‬ھن کي آفيس جي خبر ھئي‬
‫جو ٽي ‪-‬چار ڀيرا اتان نوڪريَء جي ڳولھا ۾ ڌڪا کائي موٽيو ھو‪ .‬تکيون وکيون وڌائيندو ‪،‬‬
‫سھڪندو اچي آفيس وٽ نڪتو‪ .‬پي ‪ -‬اي سان ڪاليج جي زماني کان واقفيت ھيس‪ .‬کيڪارڻ‬
‫بنا ڏانھس نھاريندي چيائين‪” :‬يار معلوم ٿو ٿئي تہ پھچڻ بيڪار ويو!“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪75‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سندس مرڪ جنھن ۾ ناڪامي سمايل ھئي سا پڌري ھئي‪.‬‬


‫”ڏاڍو ڀاڳ وارو آھين‪ .‬بس آخري اميدوار اندر آھي‪.‬‬
‫تنھنجي نالي جو سڏ ٿيو ھو‪ .‬پر پوِء مون آخر ۾ ڪرائي‬
‫ڇڏيو ‪ .‬پر ڪر خبر دير ڪيئي؟“‬
‫”يار توھان بہ ڪمال ٿا ڪريو اصل ھڪ ڏينھن جي مھلت نہ ٿا ڏيو“‬
‫پي_اي کلي چيس‪” :‬تہ تنھنجي مرضي آھي تہ اڳواٽ ليٽر ڪڍون تہ ھتي ڪت خلق جمع ٿي‬
‫وڃي! ڪن کي تہ اڃاليٽر ملندا!“‬
‫ھن سندس ان ڳالھين کي در گذر ڪندي چيو‬
‫”پر ڪر خبر آھي ڪو آسرو“‬
‫”آسرو ڪيو ھوندئي تہ ڇو نہ آھي آسرو‪ .‬ڪر خبرڪو چئو چواء ڪرايو اٿئي!“‬
‫'”يار ڪٿي ٿو اسان جو ڪم ٿئي‪ .‬ھڪ دوست کي ھٿ ڪيم پر پڻس وڃي اسالم آباد نڪتو‪“.‬‬
‫ھونئن پھرين بہ ھڪ صوبائي اسيمبليَء جي ميمبر کان سفارش ڪرائي هئائين تہ نوڪري وري‬
‫قومي اسيمبليِء جي سفارشيَء کي ملي ۽ ٻئي ڀيري ھڪ قومي ميمبر ھٿ ڪيو هئائين تہ نوڪري‬
‫وري وزير جو ماڻھو وٺي ويو‪ .‬ٽئين ڀيري تہ ھڪ وزير تائين بہ وڃي پھتو ھو تہ نوڪري وري زوردار‬
‫وزير جي ماڻھوَء کي ملي‪ .‬سندس وزير ڍرو وزير سڏائبو ھو‪ .‬جتي وزيرن جي ڪلرڪيء الء پاڻ ۾‬
‫چٽاڇيٽي ٿيندي ھجي ‪ ،‬اتي ڀال ھي ڪٿي ٿو پھچي سگھي‪.‬‬
‫”پوء تہ استاد ھاڻي انٽرويو ڏين نہ ڏين تنھنجي مرضي‪ .‬ڪو فرق نہ ٿو پو”‬
‫” ڇو يار انٽرويو ۾ آئون ثابت ڪندس پاڻ کي اھل‪“.‬‬
‫سندس دوست کان کل نڪري ويئي‪ ،‬رڳو ايترو چيائين‪:‬‬
‫”چڱو ڏسجائين‪ .‬پاڻيھي خبر پوندء‪ .‬باقي مون ‪ '....‬ھن ڳالھ اڌ ۾ ڇڏي ڏني جو آخري اميدوار واپس‬
‫اچي رھيو ھو‪.‬‬
‫پي_اي اٿي اندر ويو ۽ منٽ کن ۾ موٽي اچي چيائين ”وڃ يار اندر“‬
‫ھي اندر ويو‪ .‬ھن ڏٺو تہ ٽيئي ويٺل آفيسر سنڌي ئي لڳا‪.‬‬
‫ھن کي تڪڙ مان پي_اي کان پڇڻ وسري ويو ھو تہ انٽرويو وٺڻ وارا ڪير آھن‪ .‬انٽرويو ۾ ھن کان‬
‫اھي ئي سوال پڇيا ويا جيڪي اڳيئي فارم ۾ ڀريل ھئا‪ .‬پيُء جو نالو‪ ،‬تعليم‪ ،‬ڊويزن‪ ،‬جنم جي تاريخ‬
‫۽ ٽائيپ بہ ايندي آھي‪ ،‬وغيره ھڪڙو انھن مان ڪنڌ جھڪايو‪ ،‬فائيل ڏسي رھيو ھو ڄڻ انٽرويو‬
‫سان واسطو ئي ڪونہ ھئس‪ .‬پنج منٽن ۾ مڙس ٻاھر ھو‪.‬‬
‫”ڪر خبر ٺيڪ ٿيو!' پي_اي ھڪدم پڇيس‪.‬‬
‫”يار اھڙو انٽرويو تہ سڀن جو ئي ٺيڪ ٿي ويندو‪ .‬پر يار آخر خبر ڪيئن پوندن تہ اھل اميدوار‬
‫ڪھڙو آھي‪ .‬آخر سڀ تہ سفارش ڪونہ کڻندا‪.‬‬
‫'”يار اصل سؤ في سيڪڙو سفارشي‪ ،‬انٽرويو تہ آھي مڙيئي ڪاڳري ڪارروائي پوري ڪرڻي‪ .‬مون‬
‫هيترو سمجھايو ھو مائين‪ ،‬پر تون ڪو چئہ چوا ڪرايوئي ڪونہ ‪ .‬ھاڻي ڀال اسين ڇا ڪريون ؟“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪76‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھن کي وري بہ آس ھئي تہ‪ ،‬ھو فرسٽ ڪالس ھو‪ ،‬کيڏاري ھو‪ ،‬ڦڙت ھو‪ .‬باقي ڪالڪ ٿيڻ الِء ان‬
‫کان وڌيڪ ھن کي ڇا کپي‪ .‬پڪ چونڊبو‪ .‬حالتن ھن جو ساٿ ڏنو ھو‪ ،‬جو ھن جو ڪراچي پھچڻ‬
‫اڻ ٿيڻي ھو‪ ،‬پر ٿيڻي ٿي چڪو ھو‪.‬‬
‫”يار ڪر خبر رزلٽ جي‪ ،‬پوندي ڪا پروڙ‪ “.‬ھن پي_اي کان پڇيو‪.‬‬
‫”ھوئن ”آفيشيلي“ تہ ٻہ_ٽي ڏينھن لڳندا‪ ،‬پر ھينئر ناال ”فائنالئيز“ ڪندا ھوندا‪ .‬ويھہ تو کي ٻڌائي‬
‫ڇڏيان‪ .‬ھڪ ڪوپ چانھہ جو تہ آڻجان‪ “.‬ھن پٽيوالي کي اشارو ڪندي چيو‪.‬‬
‫چانھہ جو نالو ٻڌي ھن جي سڄي بک موٽي آئي‪ .‬ھن حالت ۾ تہ اھو بہ وسري ويو ھو تہ ھو ڪالھ کان‬
‫بکايل آھي‪ .‬چانھہ جي ڪوپ جو ھڪ ڍڪ ھن الء امرت ھو‪.‬‬
‫ٿوري دير کان پوِء پي_اي ا ي ٻڌايس‪” :‬يار معاف ڪجانء تنھنجو نالو لسٽ ۾ ڪونھي‪ .‬مون تہ‬
‫اڳيئي چيو ھو مانء‪“.‬‬
‫االئي ڇو ايڏي بم گولي وانگر ڪرندڙ خبر بہ ھن تي ڪو اثر نہ ڪيو ھو پڇي ويٺو‪ ،‬ڪر خبر‬
‫پنھنجا گھڻا‪ ،‬پراوا گھڻا‪“.‬‬
‫”ٻہ پنھنجا ٻہ پراوا‪ “.‬ھن وراڻيو‪.‬‬
‫”سندن ڪواليفڪيشن؟ “ ھن جي سوال جي انداز مان ظاھر ھو تہ ھو ڌارين متعلق پڇي رھيو ھو‪.‬‬
‫”ٻئي ٿرڊ ڪالس “ پر ٻنھي جون سفارشون پنھنجن کان بہ ڳريون ھيون‪ .‬بابا ھتي ڪراچي ۾ ووٽ‬
‫وٺڻا آھن‪“.‬‬
‫”اھي تہ ھوئن ئي ڪونہ ملندن‪ ،‬کڻي سڄي ڪراچي سوني ڪري ڇڏين‪” “.‬يار آئي ايم ساري ‪،‬‬
‫پرواھ ناھي‪ ،‬وري ڪنھن ٻئي واري تي‪ “.‬ائين چئي ھو پنھنجي فائيل ۾ ڏسڻ لڳي ويو ‪.‬‬
‫ھو اٿيو‪ ،‬موڪالئيندو‪ ،‬ڳرين وکن سان ھوري ھوري لڏندو لمندو ڏاڪڻ تان لھڻ لڳو‪ .‬االئي ڇو ھن‬
‫کي تغلق ھائوس جي نالي سان فيروز شاھ تغلق ياد آيو‪ ،‬جنھن سنڌ کي لٽي برباد ڪيو ھو ‪ .‬ھو دل‬
‫۾ وري نوڪريَء جو حساب ڪرڻ لڳو‪ .‬ٻن سالن ۾ ھي سندس پنجون انٽرويو ھو‪ .‬ھن جي عمر ھينئر‬
‫چوويھہ سال ھئي پر اڃان تائين نوڪري نہ ملي ھئي‪ .‬ٻہ سال ۽ پنج انٽرويو‪ .‬ھو آخر ڪيستائين‬
‫جيئندو ؟‬
‫ھن ملڪ ۾ ماڻھن جي سراسري ڄمار چوٽيھن ورھين تائين آھي‪ .‬۽ ٿي سگھي ٿو تہ انھيَء ڄمار‬
‫کان بہ اڳ مري وڃي يا انھيَء کان بہ وڌيڪ ڄمار ٿئي پر مسئلو ڄمار گھٽجڻ ۽ وڌجڻ جو نہ آھي‪.‬‬
‫مسئلو نوڪريَء جو آھي‪ .‬چوٽيھن مان چوويھہ ويا باقي بچيا ڏھ‪ .‬انھيَء حساب سان انٽرويوئن جو‬
‫ڪل ڳاڻيٽو تہ ڳولي سگھجي ٿو‪ ،‬پر نوڪري ملڻ جو نہ ۽ نوڪري بہ ھڪ ايڪس فيڪٽر آھي‬
‫جيڪو سلجھي پوي تہ سڀ مسئال سلجھي وڃن‪.‬کيسي ۾ ھڪ پئسو بہ نہ ‪ .‬ڪراچي جھڙو ڌارين‬
‫جو شھر‪ ،‬چوويھن ڪالڪن جو بکايل ‪ ،‬ھٿ ۾ ڊگرين جو لفافو جنھن جي کولڻ جي نوبت بہ نہ آئي‬
‫ھئي‪ .‬ھو لڏندو ۽ لمندو ‪ ،‬ٿاٻڙجندو ‪ ،‬دروازي کان ٻاھر نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن وائڙن وانگر نھارڻ‬
‫لڳو‪ .‬ڪراچي جون ڊگهيون اوچيون عمارتون ٽرئفڪ جي پيھہ پيھان ۾ بہ ھو پاڻ کي اڪيلو برپٽ‬
‫منجھہ محسوس ڪرڻ لڳو‪” .‬انگي حساب جي ٽہ رقمي جو جواب صحيح ڪڍڻ جو اھو مطلب تہ‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪77‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڪونھي تہ ھو حياتيَء جي ٽہ رقميَء جو جواب بہ صحيح ڪڍي سگھي ٿو‪ .‬حياتيَء جو نصاب ڪو‬
‫انگي حسابن جو ڪتاب ڪونھي‪ “.‬ھو سوچڻ لڳو‪.‬‬
‫ھو انھيَء سوچ ۾ منجھيل ٻڏتر ۾ بيٺو ھو تہ ھن جي ڪنن تي ڪو آواز پيو‪ .‬ڪنھن کيس اڙدو ۾‬
‫چيو‪” :‬سائين وڏيرا‪ ،‬ڏاڍي دير لڳائي ڇڏيو!“ ھن ڪنڌ ورائي آواز تي نھاريو‪ .‬سامھون ساڳيو‬
‫ٽئڪسي وارو بيٺو ھو!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪78‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫رات جنھين جو ماڳ‬

‫۽ وڏيري نواز خاص چوڌاري راجا کي چيو ھو_ طاھر بئنڪر کي خوش ڪرڻ الِء ڪجھ ٿيڻ کپي‪.‬‬
‫نواز الِء ڪار الِء پئسا ھٿ ڪرڻ حياتي ۽ موت جو معاملو بنجي ويو ھو‪ .‬نواز چرچي ۾ راجا کي‬
‫چيو ھو ”يار توھان بہ ايتريون پرمٽون ٿا وٺو ‪ ،‬ايتريون بسون اٿئو‪ ،‬توھان ڪيئن منھن ٿا ڏيو؟ اسان‬
‫کي تہ ھڪڙي ڪار جي پرمٽ ملي آھي تہ پئسا ‪-‬کٽي پيا آھن‪ “.‬وڏيري نواز‪ ،‬راجا کي گھڻائي‬
‫اشارا ڏنا ھئا‪ ،‬پر منھن سان قرض نہ گھريو ھئائين نہ گھرڻ جي ھمت تي ساريائين‪ .‬پاڻيھي راجا‬
‫آڇ ڪري ھا تہ پوِء ٻي ڳالھ ھئي‪..‬‬
‫”يار اھي تہ‪ ،‬سڀ بابا کي خبرون آھن تہ اسان رڳو حساب رکون ۽ بابا بہ پائي پائي جو حساب وٺي‪“.‬‬
‫راجا کي واپار جي سڀ خبر ھئي‪ ،‬پر ڪڏھن بہ پنھنجي ڏيتي ليتيَء جو انت نہ ڏيندو ھو‪ .‬۽ يار‬
‫اسان کي بہ بسن جي ڌنڌي ۾ چاچا وڌو‪ .‬اصل اڙجي پيا آھيون‪ .‬چاچا کي ڪھڙي خبر تہ پنجاب‬
‫جي ڌنڌي ۽ سنڌ جي ڌنڌي ۾ ڪيترو فرق آھي‪ .‬پاڻ تہ الھور ۾ ويٺو_ موجون ڪري‪“.‬‬
‫اھا ٻي ڳالھ ھئي تہ سنڌ ۾ پنجاب کان وڌيڪ موجون ھيون‪ ،‬نہ تہ ھو ھتي ڇو ھجن ھا‪ ،‬۽ ھي وڏيرا‬
‫ظاھر ۾ مرسڊيز ڪارون۽ ٻہ ٻہ بنگال رکندي بہ ڪڏھين ڪڏھين ايترا کٽل ۽ قرض ۾ ٻڏل ھوندا‬
‫آھن جو مھل تي کيسا خالي ھوندا اٿن جيئن ھينئر وڏيرو نواز ھو‪ .‬انھيَء کان پوِء ھوٽل تي ماني‬
‫کائڻي ھئي‪ .‬پر طاھر بئنڪر جي مرضيَء واري ھوٽل ۾ ‪ ،‬جو مکيہ مھمان ھيَء ھو ‪ .‬طاھر کي ھوٽل‬
‫فاروق جي ماني ڏاڍي وڻندي ھئي خاص طرح نان پاوا_ اھي بہ تکين مرچن وارا!‬
‫اڄ رات ”پروگرام“ ٿيڻو ھو‪ .‬پر مسئلو ھو تہ ڪٿي ٿئي‪ .‬راجا جي گھر تہ ٻار ترسيل ھئا‪ .‬اتي سدائين‬
‫ٻار ترسيل ھوندا ھئن‪ .‬پر راجا پنھنجي ذاتي ۽ ذات ڀائي دوستن کي اتيئي وٺي ويندو ھو‪ .‬پر ھنن‬
‫دوستن سان گڏ ڪڏھن بہ پنھنجي گھر ۾ پروگرام نہ ڪيائين‪ .‬جي ڪو ترسيل نہ ھوندو ھو تہ‬
‫اچڻ وارو ضرور ھوندو ھو! پوِء ڀلي اچڻ وارو ھفتو نہ اچي! پر سندس اوچتي اچڻ جو سدائين‬
‫امڪان رھندو ھو! راجا تہ آئين ئي چوندو ھو ۽ ڪڏھين بہ وڏيرن وانگر پنھنجي گھر کي چڪلو‬
‫نہ بڻايو ھئائين‪ .‬ھوڏانھن وڏيري نواز جي گھر مھمان ترسيل ھئا ۽ نواز جو پيُء حج تي وڃڻ وارو‬
‫ھو ‪.‬‬
‫نواز‪ ،‬راجا کي سڄي بندوبست الء چئي رھيو ھو‪” :‬راجا اڄ پروگرام ٿيڻ کپي‪ .‬طاھر کي آسرو ڏنو‬
‫ھوم‪ .‬پاڻ چار ڄڻا ٿيندا سون‪ ،‬ٻہ ڄڻيون ڪافي رھنديون‪“.‬‬
‫ڇڏ يار ٻہ وري ڇا الء _ ھڪڙي ڪافي رھندي‪” .‬راجا کي پئسا ڀرڻا ھئا سو جيترا پئسا بچنس اوترا‬
‫چڱا _ وڌ ۾ وڌ مون کي کڻي نہ ڳڻيو ٻيو ڇا“‬
‫”نہ يار آئين وري ڪيئن ٿيندو“‬
‫نہ نہ _ وجھ مليو تہ واھ نہ تہ ٺھيو ‪” .‬راجا ھفتو اڳ ۾ ئي ھڪڙو ڳرو بل ڀريو ھو‪ .‬جڏھن نواز جي پيء‬
‫وزير‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪79‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫جي دعوت ڪئي ھئي تہ والئيتي شراب راجا ئي آندو ھو‪.‬‬


‫”پر يار طاھر وري ڇا چوندو؟“‬
‫”چوندو وري ڇا _ وڌ ۾ وڌ پھرين ھو‪ ،‬ٻيو ڇا ‪ .‬مفت ۾ ھن کي ڪجھ بہ ملي‪“.‬‬
‫اوڏي مھل طاھر مفت جي شراب جي نشي ۾ لڏندي لمندو پي آيو‪.‬‬
‫طاھر جون واڇون ٽڙي ويئون ھيون‪” ،‬يار_ واھ‪ ،‬ڇا پتي جي ڳالھ ڪئي اٿئون قسم پروردگار جي”“‬
‫”پر طاھر‪ ،‬پروگرام گھر ۾ نہ ڪري سگھبو‪ .‬خبر اٿئي بابا جن حج تي پيا وڃن ۽ راجا جي گھر بہ‬
‫مھمان ترسيل آھن”‬
‫طاھر جي منھن جو پنو لھي ويو‪.‬‬
‫”اڙي يار طاھر‪ ،‬دل نہ الھہ‪ .‬اڄ پروگرام پڪ ٿيندو‪ ،‬پوِء کڻي ڪوٺي تي وڃڻو پوي‪ .‬ٻڌئي پر اڄڪلھہ‬
‫ڏينھن ٺيڪ ڪونھن‪ .‬اتي وڃڻ بہ جوکم آھي‪ ،‬سو ھاڻي پروگرام ٿيندو ڪلفٽن تي‪“.‬‬
‫'”ڪلفٽن تي ! “ طاھر بئنڪر جي چھري تي اچرج سان گڏ وري رونق بہ موٽي آئي‪.‬‬
‫”ڪلفٽن تي‪ .‬اصل سمنڊ جي ڪناري‪ .‬نواز جي ويگن ڪھڙي ڪم ايندي‪“.‬‬
‫سڄو مامرو ھيئن ٺھيو تہ ھو سڀ ھوٽل فاروق ۾ ماني کائيندا‪ .‬راجا ”پرائيوٽن“ کي وٺي ھوٽل فاروق‬
‫تي ”سنئڪس“ وٺڻ جي بھاني ايندو ۽ پوِء انھن کي وٺي ڪلفٽن ڏانھن ويندو ۽ ھي پويان ڪار ۾‬
‫ايندا ھوٽل فاروق تي ماني کائيندي طاھر ڪجھ ماٺ ماٺ ھو‪ .‬چھري تي گاڏر ساڏر تاثر ھو‪ ،‬ڪيڏي‬
‫مھل کليو ٿي تہ ڪيڏيَء مھل ماٺ ٿيو پي ويو‪ .‬پر نان پاوا اھڙي جوش ۾ کائي رھيو ھو‪ ،‬جھڙو صدين‬
‫جو بکايل ھجي‪..‬‬
‫”يار طاھر ھوريان کاء‪ .‬ھيَء ماني آخري تہ ڪانھي‪“.‬‬
‫نذير کٽل‪ ،‬طاھر کي چرچو ھڻندي چيو‪ .‬نذير ۽ طاھر رڳو ھڪ ٻئي تي ئي چٿرون ڪندا ھئا‪ .‬ھڪڙو‬
‫کٽل ٻيو پوڍائو‪ ،‬ڪٿي ٿا اميرن سان چرچا ڪن‪ .‬ھوئن بہ سنگت ۾ جتي ٻہ ڄڻا کٽل ھوندا آھن ‪،‬‬
‫انھن جي پاڻ ۾ سدائين لڳندي رھندي آھي‪ .‬ڇو جو غريبن جو ساڙ بہ ھڪ ٻئي سان ٿيندو آھي ۽‬
‫وس بہ ھڪ ٻئي تي ھلندو آھي‪.‬‬
‫طاھر بہ جواب جو ايترو تکو ھو جو کائنس پڄڻ محال ھو پر نذير جي خرچي جي جواب ۾ رڳو‬
‫مرڪي ڏنائين ۽ پائي کي پورو چٽ ڪندي چيائين‪” ،‬ھر مومن جڏھن نماز ۾ بيھي تہ سمجھي تہ‬
‫اھا سندس حياتي جي آخري نماز آھي ۽ جڏھن بہ ماني تي ويھي تہ اھو سمجھي تہ اھا سندس‬
‫حياتي جي آخري ماني آھي!“ طاھر پنھنجي خوشگوار موڊ ۾ موٽي چڪو ھو‪ .‬پوء وري نواز کي چوڻ‬
‫لڳو ”يار نواز گھر تي‪ ،‬پوء ڪنھن ٻئي دوست جي گھرتي ئي سھي ‪ ،‬پروگرام نجي ھا تہ سٺو‪” .‬طاھر‬
‫اڃا ڪلفٽن واري سوچ سان سھمت نہ پئي لڳو‬
‫"پر ڪنھن ٻئي دوست جي گھر پروگرام ٿيڻ تہ پري رھيو‪ ،‬پر سچ پڇين تہ پنھنجو گھر خالي‬
‫ھجي تہ بہ اتي پروگرام ڪرڻ اڄ ڪلھہ جوکم جو ڪم آھي‪ “.‬نواز مرڳوئي گھر واري ڳالھ کي بنھہ‬
‫رد ڪرڻ ٿي گھريو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪80‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫” ڇڏيار توھان جي ھتي بادشاھي لڳي پيئي آھي‪ .‬توھان جي تہ حڪومت آھي‪ .‬اوھان جو پنھنجو‬
‫سنڌي حاڪم تخت تي ويٺو آھي‪ “.‬طاھر پنھنجي باھہ ڪڍندي چيو‪.‬هونئن ڪنهن جي خالف‬
‫ڳالهائي دل جي باھ ڪڌڻ جي اھا بہ واٽ آھي تہ انھيَء ڪارنامن کي ڪنھن دشمن جي کنڌي ۾‬
‫وڌو وڃي اھو تہ ٺيڪ آھي پر جيسين اسان جو حاڪم پان پھچي تيسين تہ ترا نڪري ويندا‪“.‬‬
‫وڏيرو نواز طاھر جي ڳالھ کي ڪنھن حد تائين مڃيندي چيو‪.‬کٽل نذير ايتري دير ماٺ ڪيو ويٺو‬
‫رھيو ‪ ،‬پر پوء پاڻي جو گالس پي ھڪ ڳيت ڏئي اوچتو ڦاٽي پيو ڄڻ جھجھڪي آئي ھجيس ”طاھر‬
‫توکي ڪنھن چيو تہ اسان جي حڪومت آھي‪ .‬اسان جي مٿان تہ سڀن کان وڌيڪ ظلم آھي‪ .‬ماڻھو‬
‫اسان جا جيلن ۾ آھن ‪ ،‬ٻولي اسان جي ختم ڪئي ويئي آھي‪.‬‬
‫اسان جن رسالن ڪتابن تي بندش آھي‪ ،‬اڃا بہ تون چوين ٿو تہ حاڪم توسان جو پنھنجو آھي!“‬
‫”پوء اھو ڪنھنجو آھي‪ .‬ڇا اوھان جو بہ ڪونھي‪ .‬اسان جو تہ ظاھر ظھور دشمن آھي‪ “.‬طاھر‬
‫بئنڪر بحث جي موڊ ۾ اچي چڪو ھو‪ .‬ھونئن بہ طاھر جي الِء بحث ڪرڻ ايترو ئي ضروري آھي‪،‬‬
‫جيترو پان کائڻ‪ .‬نہ ھو بحث کان سواء جيئرو رھي ٿو سگھي ۽ نہ ئي پان کان سواء ۽ ٻي مکيه ڳالھ‬
‫اھا تہ جنھن جي بہ حڪومت ھوندي‪ ،‬تنھن جي سڀني جي سامھون ساراھ ڪندو ھو‪ ،‬پر اڪيلي ۾‬
‫ماُء ڀيڻ تي اھي گاريون ڏيندو ھو جو لکنو جي ڪوٺي تي ويٺل رنڊيون بہ شرمائجي وڃن‪ .‬جتي‬
‫اڙدوَء جي ھڪ وڏي اديب جي چواڻي تہ نواب پنھنجي اوالد کي تھذيب سکڻ الء ڇڏيندا ھئا‪.‬‬
‫وڏيرو نواب‪ ،‬طاھر بئنڪر جي ان ڳالھ تي تہ _ آخر سنڌي حاڪم ڪنھن جو آھي؛ چوڻ لڳو‪،‬‬
‫”چوڌاري راجا ھجي ھا تہ منھن تي ڪرايائين ھا تہ ڪنھنجو آھي‪ “.‬نواز کلندي چيو‪.‬‬
‫'”ڀائي ‪ ،‬تڏھن تہ چوندو آھيان تہ سڀني برائين جو خاتمو اسالمي نظام ۾ آھي‪ “.‬طاھر بئنڪر‬
‫مسئلي تي فيصلو ڏيئي ڇڏيو‪.‬‬
‫ايتري ۾ سامھون کان چوڌاري راجا پاڻ اچي نڪتو‪ .‬راجا اک ڀڳي‪ .‬طاھر بئنڪر واڇون ٽيڙيندي‬
‫ٽپ ڏيئي اٿي‬
‫بيٺو‪” .‬ڪيئن استاد ڪم ٺھيو ؟“‬
‫طاھر ترس تہ سھي‪ .‬بل تہ ڏيون‪” .‬نواز کٽل ٽوڪيندي طاھر کي چيو ۽ طاھر بئنڪر ڦڪو ٿي ويھي‬
‫رھيو‪.‬‬
‫”ٻڌو يار ‪ ،‬آئون ھالن ٿو ھتان سڌو نيو ڪلفٽن تي‪ .‬اتي ترسندس‪ .‬بس توھان جيئن پھچندو تہ تيئن‬
‫اڳتي‪ '....‬چوڌري راجا جي اڌ جملي ۾ سڄي مضمون جي معني لڪل ھئي‪.‬‬
‫ھوٽل مان نڪرندي چڪن تڪي جا پئڪيٽ بہ کنيا ويا‪ ،‬جي طاھر جي چوڻ تي ماني کائڻ کان‬
‫الڳ ورتا ويا ھئا‪ .‬ھونئن بہ رات جو پروگرام ھو‪ ،‬متان گھڻي دير لڳي‪. .‬‬
‫ورلي ڪا اھڙي مھل ايندي آھي جڏھن ماڻھو پيٽ ۽ سرير جي بک ‪ ،‬ٻنھي کان ھڪ ئي مھل ۾‬
‫وانجھيل ھجي‪ .‬۽ چڪن تڪن جي پئڪيٽن کي اڄوڪين شام جي اخبارن ۾ ويڙھي پويان در‬
‫وٽ رکيو ويو فاطمہ جناح روڊ کان ٿيندا ‪ ،‬ون وي وٽان مڙندا‪ ،‬وڪٽوريا روڊ ھاڻ اسالمي نالو حاجي‬
‫عبداهلل ھارون روڊ تان ٿيندا ڪلفٽن روڊ تي مرسڊيز ‪ ،‬ٻين گاڏين کي اوورٽيڪ ڪندي ‪ ،‬ڪلفٽن‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪81‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫تان ساڳيَء رفتار ۾ لنگھڻ لڳي ‪ ،‬جتي سنڌي حاڪم ‪ ،‬سنڌ جي محبت ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رساالبند‬
‫ڪري ھاال ڪاشيَء جون سرون لڳايون ھيون ‪ .‬ڪلفٽن برج اڪرنديئي ڪار ھاڻي خيابان اقبال‬
‫تان پي ويئي‪ .‬اقبال جي نالي تي پي_اي_سي_ايچ سوسائٽي ۾ ھڪ روڊ اڳ ۾ ئي آھي ‪ ،‬پر رڳو‬
‫ھڪڙي روڊ تي نالو ٺھي نہ ٿو ھوئن بہ جيڪو رعب ”خيابان“ لفظ ۾ آھي اھو ”روڊ “ ۾ ڪونھي‪.‬‬
‫ھانئن ھڪ ڪالوني گلشن اقبال بہ آھي‪ .‬وس پڄين تہ ڪراچيَء جي ھر روڊ ‪ ،‬ھر ڪالوني جو نالو‬
‫ڪنهن نمومي اقبال تي رکي ڇڏين! باقي لطيف جو نالي ڪراچي ۾ ڳوليو نہ لڀندو‪ .‬لطيفجي نالي‬
‫کي ڳولڻ اصل ۾ ”ملين ڊالر ڪوئسچن“ آھي! اھا خميس جي پر اسالمي حساب کان جمعي جي‬
‫رات ھئي ۽ ڪلفٽن تي جمعي کان وڌيڪ رش ٿي نظر آئي ‪ ،‬جو ايڏانھن عبداهلل شاھ جي درگاھ‬
‫آھي جتي ڪراچي جا ماڻھو پنھنجي عق يدت جو اظهار ڪرڻ ‪ ،‬پري پري کان ڪھي ايندا آھن ۽‬
‫موٽ ۾ پراين ڪارن ۾ لفٽ وٺي گھر پھچندا آھن‪ .‬ڪار جڏھن ڪلفٽن پرامينيڊ تي پھتي تہ‬
‫پريان بيٺل وئگن ‪ ،‬ايتري رش ۾ بہ پڌري پي نظر آئي‪ .‬ھنن پھچي ھارن ڏنو ۽ ٿوري دير ۾ وئگن اڳيان‬
‫ٿي ۽ ڪار پويان ۽ پوء ھيٺ سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روان ھيون‪.‬‬
‫”ھو ٻيو ڪير ويٺو آھي ويگن ۾ ؟“ طاھر بئنڪر کان ڇرڪ نڪري ويو‪ .‬ويگن راجا ھالئي رھيو‬
‫ھو ۽ پويان سيٽ تي ھڪ عورت جي جھلڪ پي نظر آئي ۽ اڳيان ھڪ ٻيو ماڻھو ويٺو ھو‪.‬‬
‫آئون سمجھان ٿو شايد ”پمپ “ آھي‪ .‬ڀڙوي کي ”پمپ“ چوڻ اعلي تھذيب جي نشاني آھي‪ .‬نذير‬
‫کٽل بہ پنھنجي مھذب ھئڻ جو مظاھرو ڪندي اھو ٻول استعمال ڪيو‪. .‬‬
‫'”اڙي ‪ ،‬اھو تہ ‪ ،‬نوراهلل ٿو لڳي‪ “.‬نواز هن ماڻھو کي سڃاڻيندي چيو‬
‫” نوراهلل ڪير؟“ طاھر بئنڪر جي گھٻراھٽ وڌي رھي ھئي‪.‬‬
‫”راجا جو سوٽ‪ “.‬نذير بہ کيس سڃاڻيندي چيو‪ .‬چوڌريراجا جڏھن ڪنھن پروگرام تي پئسو‬
‫خرچيندو ھو‪ ،‬پوِء کڻي پرائيوٽن تي ھجي يا شراب تي‪ ،‬پاڻ سان گڏ رونگ ۾ ڪونہ ڪو سؤٽ‬
‫ماسات ضرور آڻيندو ھو‪ .‬پنھنجي خرچ مان ڪجھ تہ وصولي واپس گھر ۾ اچي!‬
‫چوڌري راجا ۽ وڏيري نواز کي ‪ ،‬واٽون ۽ لنگھ ساريا پيا ھئا‪ .‬منظر موھيندڙ ھو‪ .‬چانڊوڪي رات ‪،‬‬
‫ٻارھين تيرھين تاريخ جو چنڊ ۽ لھرن جي اڇل ۽ سمنڊ جي ڪناري جي رومانيت ۾ ھڪ زال جي‬
‫موجودگي ‪ ،‬اڃا بہ وڌيڪ سونھن پيدا ڪري ڇڏي ھئي ويگن ۾ ڪار بتيون ۽ روشنين کان ڏور‬
‫سمنڊ جي ڪناري ھوريان ھوريان اڳتي وڌي رھيون ھيون ۽ ڪراچي جو شھر پٺتي ٿيندو پي ويو‪.‬‬
‫نيٺ ھڪ ھنڌ تي وئگن ور کائي سمنڊ کي پٺ ڏئي بيھي رھي‪ .‬جيئن ويگن پاسيرڙي ٿي تہ وڏيري‬
‫نواز جي ڪار جي روشني ۾ ويٺل زال جو چھرو جرڪي اٿيو‬
‫”معشوق تہ دلبر ٿو ڏسجي“ نذير کٽل جي وات مان نڪتو‪.‬‬
‫دلبر ھجي يا نہ _ ھاڻي تہ اھڙي اسٽيج تي آھيون تہ ڪھڙو بہ ھجي!“ طاھر بئنڪر اک ڀڃندي نواز‬
‫کي چيو‪.‬‬
‫۽ نواز کلي ڏنو‪ .‬ھروڀرو‪ ،‬جيتوڻيڪ ڪا اھڙي کلڻ جي ڳالھ ڪانہ ھئي طاھر کي خوش ڪرڻ الِء‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪82‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نواز بہ ڪار کي موڙيو ۽ اھا بہ ساڳي ڏس ۾ پر سمنڊ کان پري ٿورو ڪناري ڏانھن وڌي بيھي رھي‪.‬‬
‫سڀئي لٿا‪ ،‬بوتلون کلي ويون ‪ ،‬گالس نڪري آيا ۽ ڪار جو بانيٽ ڄڻ ٽيبل بڻجي وئي‪ .‬طاھر‬
‫بئنڪر ‪ ،‬چوڌري راجا ڏانھن ڏنو ۽ پوء زال ڏانھن ۽ سڀني کان پھريون گالس کڻندي راجا کي چيو‪،‬‬
‫”ڇو نہ راجا محترما شريڪ نہ ٿيندي ڇا!“ راجا اڳتي وئگن ڏانھن وڌيو‪ .‬ڪجھ ڳالھائي ۽ پوء‬
‫مرڪندي‬
‫واپس وريو‪.‬‬
‫"”يار ھو تہ بر ٿي ويٺي آھي_ چوي ٿي ٻن جي جاء تي پنج ڪونہ ھلندا‪“.‬‬
‫”چئينس تہ ھوندو ھڪڙو باقي ٻيا فلم جي شوٽنگ ڪندا بليو فلم ٺاھيندا سون‪ “.‬طاھر چيو ۽‬
‫سڀني گڏجي ٽھڪ ڏنو گالس خالي ٿي چڪا ھئا‪ .‬نذير ٻيھر گالسن کي ڀرڻ لڳو‪.‬‬
‫طاھر ھٿ روڪيندي چيو ‪” ،‬بس استاد باقي پوء“ "‬
‫راجا ويگن جو پويون در مٿي ڪيو‪ .‬ڪجھ وڇائڻ لڳو ۽ سرڙ سرڙ جو آواز اچڻ لڳو‪“.‬‬
‫" ”اھو ڇا پيو ڪرين‪ “.‬وڏيري نواز رڙ ڪندي پڇيو‪.‬‬
‫”يار دري وڇائي ھئم_ پر خراب نہ ٿئي سو اخبارون پئي مٿان وڇايم‪ .‬اخبارون تہ پڙھيونسين بہ‬
‫ڪونہ ‪ ،‬مھل ئي ڪونہ ملي“ راجا وراڻيو ۽ انھن اخبارن مان اھو بہ ھڪ فائدو ھو‪ .‬سچ ڪراچي تہ‬
‫ڇا ‪ ،‬پر سڄو ملڪ انھن ابارن کان سواِء ھلي نٿو سگھي_ اھو ڪھڙو ڪم آھي جو اخبارون‬
‫نہ ٿيون ڏين‪.‬‬
‫ايتري ۾ وڏيرو نواز حڪم جي انداز ۾ ڳالھائڻ لڳو ‪،‬‬
‫” يارو‪ ،‬ڳالھ ٻڌو‪ .‬طاھر اسان جو مھمان آھي پھرين ھو ۽ اصل ۾ سچ پڇو تہ اڄوڪو پروگرام اسان‬
‫طاھر جي ”آنر“ ۾ ڪيو آھي‪.‬‬
‫”نہ يار نواز ڀائي‪ .‬طاھر تڪلف واري انداز ۾ چيو‪ .‬جنھن تڪلف ۾ اڳلي جي ننھڪر سمايل‬
‫ھوندي آھي‪ ،‬انھي ۾ پڪ ھوندي آھي تہ اڳلي کي ننهڪر تہ ڪرڻي ڪونهي! پر انهيَء تڪلف ۾‬
‫اڳلو ڪٿي ننھڪر کي سچ سچ نہ ئي سمجھي وٺي تہ پوء انھي تڪلف ڪرڻ واري جي شڪل‬
‫ڏسڻ وٽان ھوندي آھي‪ .‬تڪلف منافقي جي شريفاڻي صورت جو ٻيو نالو آھي طاھر تڪلف ڪندو‬
‫وڃي ھن وٽ پھتو‪..‬‬
‫”يار ھي تہ ڪاوڙي ويٺي آھي‪ .‬چوي ٿي‪ ،‬هٿ الئڻ بہ ڪونہ ڏيندس‪“ “.‬طاھر بئنڪر“ پويان رڙ‬
‫ڪئي‪ .‬راجا ويگن وٽ لنگھي ويو‪ ،‬۽ ٿوري دير ۾ ئي ڇوڪري ۽ طاھر ٻنھي کي پاڻ سان وٺيو آيو ‪.‬‬
‫يارو توھان اڪيلي اڪيلي ”ڊرنڪ“ ڪيئو‪ .‬ھن کي وساري ڇڏيو‪ .‬۽ نذير کٽل ھڪ گالس کڻي‬
‫ڇوڪريَء جي اڳيان ڪيو‪.‬‬
‫اوھان جو نالو؟“ نذير گالس ڏيندي پڇيس‬
‫ھن پنھنجو نالو عائشه ٻڌايو‪.‬‬
‫"سبحان اهلل ڇا نالو آھي!“ طاھر واکاڻ ڪندي چيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪83‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”يار ھي بہ ڪو نالو آھي_ اڄڪلھہ تہ ماڊرن ناال پيا ھلن‪ .‬اھي تہ 'اولڊ' ناال آھن ‪ ،‬گھٽ ۾ گھٽ ٽيھہ‬
‫سال اولڊ نواز کٽل چيس‬
‫سڀ ناال سھڻا آھن‪ .‬زال تي جيڪو بہ نالو رکو‪ ،‬ڪھڙو بہ ھجي ‪ ،‬سھڻو نالو ٿيو پوي‪ ' .‬طاھر انھي وچ‬
‫۾ ھڪڙو ٻيو گالس کڻي ورتو‪” .‬نہ مس عائشہ‪ ،‬تو کي پڪ عاشي چوندا ھوند“ا‬
‫‪ ٬‬ھا‪ ،‬تہ مس عاشي‪ ،‬اسين گھڻا ٿا لڳون ‪ ،‬تہ سؤ رپيا ٻيا‪.‬‬
‫بس نه! ' راجا کيس راضي ڪرڻ الء آڇ ڏني‪.‬‬
‫'”بلڪل مناسب‪ “.‬طاھر بہ فيصلو ڏنو‪ .‬پئسا ھن تہ ڪونہ ٿي ڏنا باقي رعب اھڙو ھو ڄڻ پاڻ ٿي‬
‫ڏنائين‪. .‬‬
‫ھن سؤ روپين واري واڌ جي آڇ نظر انداز ڪندي کين ٻڌايو تہ سندس طبيعت ٺيڪ ڪانھي‬
‫پوء تون آئين ڇو ؟" نوراهلل‪ ،‬چوڌري راجا سوٽ جيڪو ايتري دير چپ ويٺو ھو‪ ،‬تنھن بہ پھريون ڀيرو‬
‫ڳالھايو‪.‬‬
‫ھوء ٻڌائڻ لڳن تہ پئسن جي ضرورت ڪري‪ .‬پڻس سخت بيمار ھو‪ .‬ٻئي ڏينھن اسپتال ۾ داخل‬
‫ڪرائڻو ھو‪..‬‬
‫”تڏھن تہ توکي سؤ رپيا وڌيڪ پيا ڏيون نہ ‪ “،‬ھاڻي وري نذير کٽل سؤ رپين جي واڌ واري آڇ جي‬
‫ڳالھ ڪئي ”طاھر وانگر رعب سان ڳالھائيندي چيو ‪ ،‬ڄڻڪ ھن پنھنجي بہ کيسي مان ٿي ڏنا‪. .‬‬
‫”نہ تہ ھتان ھلي سڌو ٿاڻي ۾ ڇڏيوس تہ پاڻيھي خبر پوندس“ طاھر بئنڪر ڌمڪي ڏنس‪.‬‬
‫”ڪتيَء کي وڌيڪ کپن‪ .‬پيٽ ئي نہ ٿو ڀرجيس ‪”.‬وڏيري نواز ڪاوڙ ۾ ڳالھايس‪.‬‬
‫ھو ھيسجي ويئي_ ۽ طاھر ان جي چھري جا اھڃاڻ پڙھندي کيس ٽوڪڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو‪..‬‬
‫”محترما‪ ،‬ھتي سمنڊ ڏاڍو گھرو آھي‪ .‬۽ سڀ کان وڏي خرابي اھا آھي تہ ھتي تہ الش بہ نٿا لڀن‪ ،‬پوء‬
‫وري راجا نذير کٽل ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو ‪” ،‬يار توھان ھلو_‬
‫ھروڀرو پيا گرم ٿيو‪ ،‬ھن جي ننھڪر ڪونھي‪“.‬‬
‫۽ ھو ڳرين وکن سان الچار طاھر سان گڏجي ڇڪجي پويان ويگن ڏانھن نيئي ويئي‬
‫ٿوري دير کان پوء طاھر موٽيو‪ .‬پر ھن ڀيري ٿورو ڪرڪندو آيو‪ .‬ڪن ماڻھن جي عادت ٿيندي آھي‬
‫تہ ڪنھن شي کان ننھڪر بہ نہ ڪندا تہ وري ڪرڪندا بہ جھڙوڪ ٻين تي مھرباني ڪندا‬
‫ھجن‪. .‬‬
‫اھڙي طرح سڀ واري واري سان پويان ٿيندا آيا‪ .‬طاھر بئنڪر کان پوء وڏيرو نواز تنھن کان پوء کٽل‬
‫نذير ۽ آخر ۾ چوڌري راجا جو سوٽ نوراهلل‪ .‬چوڌري راجا ھن جي بيماري تي رحم کائي پنھنجو وارو‬
‫ڇڏي ڏنو يا ھيترن ماڻھن کان پوء وڃڻ تي دل نہ ٿي ھوندس واپس ٿيڻ مھل وئگن اڳيان ٿي ۽ ھي‬
‫ڪار ۾ پويان ٿيا‪.‬‬
‫رات جا ٻہ ٿي رھيا ھئا ‪ ،‬متان ڪو واٽ تي پڇاڳاڇا نہ ڪري ان ڪري گاڏيون گڏوگڏ سمنڊ جي‬
‫ڪناري تان ڊوڙيندي ڪلفٽن جي ون وي واري چاڙھي تان مٿي پھريون ۽ جڏھن ڪلفٽن‬
‫جي پھرين چوواٽي تي پھريون تہ پريان روشني ۾ ڪجھپوليس وارا نظر آيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪84‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڀرسان ڪار بہ اچي بيھہ رھي‪ .‬نواز ڪار مان ئي پڇيو‪،‬‬


‫”ڇو ڇا ٿيو؟“‬
‫'يار پريان ڪجھ گڙٻڙ ٿي ڏسجي‪ .‬اسان کي ھن کي ھتي الھڻو پوندو‪” .‬چوڌري راجا انگريزي ۾‬
‫وڏيري نواز کي چيو‬
‫”پوء الھينس“‬
‫”اھو تہ چيو مانس ‪ ،‬پر لھي ڪانہ ٿي‪ .‬چوي ٿي ھتي نه“‬
‫”اڙي لھہ نه‪ “.‬نواز ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو‪ .‬نذير۽ طاھر بہ در کولي ھيٺ لھي آيا‪ .‬۽ ھو ٻاڏائڻ لڳي‬
‫تہ‪ ،‬کيس گھر پھچڻو آھي‪ .‬سندس پيُء بيمار آھي پاڻ بہ ٺيڪ ڪانھي خدا ۽ رسول جا واسطا ڏيڻ‬
‫لڳي ‪ ،‬پنجتن پاڪ جي مھابي ٻاڏائڻ لڳي‪.‬‬
‫‪” ٬‬بند ڪر اھا ايڪٽنگ‪ ،‬ڪميڻي‪ “.‬چوڌري نواز ھڪل ڪري چيو‪ .‬پر ھو آزيون نيزاريون ڪرڻ‬
‫لڳي‪.‬‬
‫طاھر ھوريان اڳتي وڌيو ۽ چوڻ لڳو ‪” ،‬يارو توھان ماٺ ڪريو‪ .‬ائين نہ لھندي‪ .‬ائين چئي ھو اڳتي‬
‫وڌيو ۽ دري ۾ منھن وجھي چوڻ لڳو‪” ،‬محترما اوھان پاڻ تشريف کڻي وڃو ‪ .‬اھو اوھان جي حق ۾‬
‫بھتر آھي‪ ،‬نہ تہ ھروڀرو ھلندي ڪار مان اوھان جي تشريف اسان کي الھڻي پوندي‪.‬‬
‫طاھر جا آھي جمال ٻڌي ھو طاھر جي اڳيان ھٿ ٻڌڻ لڳي‪ ،‬۽ روئيندي کين پاڻ سان وٺي ھلڻ الء‬
‫چوڻ لڳي‪.‬‬
‫طاھر وري سائين کي چوڻ لڳو ‪ ،‬يار ھي ائين نہ مڃيندي‪ .‬ڪو بہ انسان پنھنجي جاء ‪ ،‬کڻي ھو گند‬
‫تي بہ ويٺل ڇو نہ ھجي ‪ ،‬زبردستي کان سوا نہ ڇڏيندو‪.‬‬
‫طاھر ۽ نوراهلل وڃي ھن ۾ ھٿ وڌا ۽ کيس گھلڻ لڳا ۽ رستي تي آڻي جو اڇاليو تہ ڇوڪري جو مٿو‬
‫وڃي چوواٽي تي ٺھيل يادگار جي سنگمرمر جي ڀت سان لڳو‪..‬‬
‫ڪلفٽن جي انھي چوڪ کي شھيدن جو يادگار چئجي ٿو‪ .‬جنھن تي جيڪو ڪتبو لکيل ھو ‪ ،‬سو‬
‫نذير کٽل ۽ طاھر بئنڪر سدائين گڏجي پڙھندا ھئا‪ .‬نذير سنڌي ۾ لکيل وارو تہ طاھر اڙدو وارو‬
‫پڙھندو ھو‪.‬‬
‫'انھن لکن مسلمانن جي ياد ۾ جن ڪشاال ڪڍي‪ ،‬ڏک ڏاکڙا سھي‪ ،‬پنھنجي پگھر ۽ رت سان آزادي‬
‫جي راھه روشن ڪئي‪ .‬انھن جون قربانيون اسان جي تاريخ ۽ اسان جي دلين تي نقش آھن‪ .‬اسين‬
‫کين پاڪستان کي ھڪ زندھ حقيقت بنائڻ تي سالم ڪريون ٿا‪.‬‬
‫اھا ڪالھ خميس يعني جمع جي رات جي ڳالھ ھئي‪.‬‬
‫اڄ وري ھو ڪالھ جيان گھمڻ نڪتا ھئا‪ .‬اڄوڪي سجھا ۽ ڪالھوڪي سجھا ۾ ڪو مکيا فرق‬
‫ڪونہ ھو‪،‬‬
‫سواء ان جي تہ اڄ گھم ڪجھ گھٽ ھئي‪ .‬آسمان ۾ ڪڪرن جون ٽڪريون ھيٺ رستي تي‬
‫ڊوڙيندڙ اڻ کٽ ڪارن جي سلسلي جيان پي لڳيون ‪ ،‬پر مٿي ون وي ٽرئفڪ ھئي تہ‬
‫ھيٺ ٽو_وي ‪ ،‬بس ايترو فرق ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪85‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھنن جي مرسڊيز ايس_ آيل ‪ ۰۳۳‬بہ چرچاٽ چيڪاٽ ڪندي‪ ،‬پاڪستان ايمپالئيز هائوسنگ‬
‫سوسائٽي مان نڪري طارق روڊ آئي‪ .‬طارق روڊ تي پھچندي ئي ٽنھي اوچتو ائين ماٺ ڪئي‪ ،‬جيئن‬
‫ڪنھن غيبي طاقت حڪم ڪيو ھجي ۽ ٽنھي جا ڪنڌ الڳ الڳ ڏسن ۾ ائين لنوڻيون ھڻڻ لڳا‬
‫ڄڻ اھو بہ غيبي طاقت جو ئي حڪم ھجي‪ .‬طارق روڊ جي رونق پنھنجي جوڀن تي ھئي‪ .‬ڪراچي‬
‫جو نئون شاپنگ سينٽر جيڪو ٻين شاپنگ سينٽرن وانگر شاپنگ سينٽر گھٽ ۽ 'ھنٽنگ' سينٽر‬
‫وڌيڪ آھي‪ .‬جتي ھرڪو ائين لڳندو آھي ڪجھ 'ھنٽ' ڪري رھيو آھي‪ .‬جتي ھر ڪو ھنٽر آھي‬
‫تہ وري ھرڪو 'ھنٽيڊ‪ ٬‬بہ جيتوڻيڪ پنھنجي پر ۾ ھرڪو ائين سمجھندو آھي تہ ھو ھنٽر آھي!‬
‫انھي لحاظ کان سڄو شھر شاپنگ سينٽر آھي! ھن جون اکيون ڪار سان گڏوگڏ سڄي طارق روڊ‬
‫جو طواف ڪندي اقبال روڊ کان ٿيندي اچي شاھراھہ قائدين تي نڪتيون‪ .‬جتان وري سنڌي مسلم‬
‫هائوسنگ سوسائٽيَء مان ٿينديون ڊرگ روڊ تائين اچي پھتيون‪ .‬سگنل جي ڳاڙھي الئيٽ ڪار کي‬
‫بيھاري وڌو ۽ آٽوميٽڪ سگنل جيان اوچتواخبارون سندن اکين اڳيان ‪ ،‬درين آڏو اچي بيھي‬
‫رھيون‪.‬‬
‫ڇوڪرا سنجھا جون اخبارون جھلي ائين بيٺا ھوندا آھن ڄڻ اھي بہ سگنل سان ٻڌل ھجن ‪.‬‬
‫ھوڏانھن ڪار بيٺي ناھي تہ ھو بہ اخبارون آڏو جھلي بيٺا ناھن‪.‬نواز وڏيري جي پٽ‪،‬اخبارون‬
‫ورتيون پر اسٽيئرنگ تي ويھڻ ڪري پئسن ڪڍڻ ۾ ٿوري ڏکيائي لڳس‪ ،‬تنھن وچ ۾ نذير کٽل‬
‫ھڪدم روپيو ڪڍي اخبار واري کي ڏنو‬
‫'”مان ڏيانس ٿو يار“ نذير کٽل سدائين اھڙين ننڍين رقمن ڪڍڻ ۾ فراخ دلي ڏيکاريندو ھو‪ .‬پر‬
‫جڏھن ڪو گھڻو يا ڳريڙو خرچ ڀرڻو ھوندو ھو تہ اھڙي تہ اداڪاريَء سان ڪن الٽار ڪندو ھو ڄڻ‬
‫ھو ھنن سان گڏ نہ پر ڌاريو آھي‪.‬ھونئن بہ خرچ ڪرڻ سندس وس وٽان بہ نہ ھو‪ .‬غريب ‪ ،‬اميرن جي‬
‫سنگت ۾ ڪتي وانگر پلجندا آھن‪.‬‬
‫سنجھا جون اخبارون ڪنھن جاسوسي ناول کان گھٽ ڪونہ ھونديون آھن‪ .‬اھوئي ڪارڻ آھي‪،‬‬
‫جو ڪراچي جا ماڻھو جيتريون سنجھا جون اخبارون ٿا خريد ڪن‪ ،‬اوتريون صبحوڪيون نہ ۽‬
‫ھي صبحو ڪيون اخبارون بہ آفيسن ۾ نہ اچن تہ شايد پڙھجن بہ نہ ! چون ٿا ڪراچي ‪ ،‬پاڪستان‬
‫جو دماغ آھي ۽ انھن سنجھا جو اخبارن مان دماغ جي سوچ جو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو ۽ انھن‬
‫سنجھا جي اخبارن ۾ ڪابہ گنڀير خبر نہ ھوندي آھي ! پر گنڀير خبر تہ صبحوڪين اخبارن ۾ بہ‬
‫نہ ھوندي آھي سگنل جي سائي بتي ٻري ۽ نواز ھڪ جھٽڪي سان اسپيڊ ۾ جو گاڏي ڦيرائي ڊرگ‬
‫روڊ تي آندي تہ طاھر کان ڇرڪ نڪري ويو‬
‫ڌيري يار ڌيري‪ .‬طاھر بئنڪر اڙدو ۾ چيو‪ .‬پر نواز مرڪندي ڪارجي اسپيڊ اڃا بہ وڌائي ڇڏي‪.‬‬
‫استاد! معشوق!‬
‫طاھر بئنڪر رڙ ڪندي چيو‪. .‬‬
‫نذير کٽل طاھر جي رڙ کي نظرانداز ڪندي ڪار جي دري مان پريان ليئو پائيندي پاڻ رڙڪئي‪. .‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪86‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫' پويان رڪشا ۾‪ ،‬استاد! لفٽي پيون لڳن‪ .‬ھن وري پڪ ڏياريندي چيو‪ .‬وڏيري نواز بہ پنھنجي‬
‫سامھين آرسيَء کي ٺيڪ ڪندي انھي مان پويان ڏٺو‪ .‬نذير جي ڳالھ صحيح ھئي‪ .‬رڪشا ۾ ويٺل‬
‫ٻئي ڇوڪريون مرڪي رھيون ھيون‪ .‬ھن ايڪسيليٽر تان پير ڍرو ڪيو ۽ ڪار بہ ڍري ٿيڻ لڳي‬
‫۽ ڀر مان ٻيون ڪارون زوزاٽ ڪنديون اڳتي نڪري ويئون‪ .‬رڪشا پنھنجي ساڳي رفتار سان وڌي‬
‫اچيڪار جي ويجھو ٿيڻ لڳي ۽ نواز اڃا بہ اسپيڊ گھٽائيندي ڪار کي رڪشا جي پوروڇوٽ مالئڻ‬
‫لڳو‪.‬‬
‫ھنن ٽنھي بہ جواب ۾ مرڪي ڇوڪرين ڏانھن نھاريو‪ .‬ڇوڪرين جو ھاڻ مرڪڻ نيڻن سان گڏ‬
‫آمدگي ڏيکارڻ لڳو‪.‬‬
‫استاد ڪم تيار آھي‪ .‬طاھر بئنڪر واڇ ٽيڙيندي چيو ۽ گگ ذري گھٽ ڳرڻ کان بچي ويئي وڏيري‬
‫نواز اکين سان اشارو ڏيندي ٿورو ڪنڌ ڌوڻي کين بيھڻ الء چيو ۽ جواب ۾ ڇوڪرين‪ ،‬رڪشا واري‬
‫کي ڪجھ چيو ۽ رڪشا ڍري ٿيڻ لڳي ڀرپاسو وٺي بيھڻ بدران سامھون چوواٽي تان کاٻي ھٿ تي‬
‫اوچتو مڙي ويئي‪.‬‬
‫الء ائين اوچتو کاٻي پاسي مڙڻ ڏکيو ھو ‪ ،‬جو پاسن کان ۽ پويان ڪارن جو ريلو لڳو پيو ھو ‪ ،‬پر نواز‬
‫الء ڪار کي ائين اوچتو موڙڻ ٻاراڻي راند ھئي‪ .‬ھن ڪار کي ٿورو اڳيان ڪري ڪار بيھارڻ جي‬
‫اڇي ليڪ کي لتاڙي ائين گاڏي ڦيرائي لنگھي ويو جيئن ڪو خالي رستي تان ڪارھالئيندو‬
‫ھجي‪.‬‬
‫ھو سمجھي ويا تہ رڪشا کي بيھڻ الء اھو پاسيرو روڊ بھتر ھو ‪ ،‬جتي رش نالي ماتر ھئي ‪ ،‬پر پريان‬
‫ويندڙن رڪشا بيھڻ بدران اڃا بہ تکي ٿي ويئي‪ .‬نواز بہ رفتار تکي ڪئي ۽ ڪجھ بي دليو ٿي چوڻ‬
‫لڳو ‪ ' ،‬يار ڪم ڪونہ ٺھيو‪٬.‬‬
‫'نہ يار ٿورو تہ اڳتي ھل _ ڪم تہ تيار آھي‪ ،‬ڏس تہ نھارين تہ پيون ھن پاسي‪ ' .‬طاھر بئنڪر جي‬
‫واڇ جي ٽيڙ تہ ختم ٿي چڪي ھئي پر ھن آسرو نہ الٿو ھو‪.‬‬
‫نواز‪ ،‬ڪار کي اچي بنھن رڪشا جي پويان ڪيو ۽ ڇوڪرين بہ ڄڻ ڪنھن غيبي طاقت جي‬
‫حڪم تي پويان نھاري کلي ڏٺو ۽ ڇوڪرين جو ور ور پويان نھارڻ ‪ ،‬مرڪڻ ۽ ڇوڪرين جو پاڻ ۾‬
‫بہ کيچل ڪرڻ جو سلسلو جاري ھو‪ ،‬پر رڪشا جڏھن ڊفينس سوسائٽي جي ويجھوپھتي تہ‬
‫ڇوڪريون ھڪدم سانت ٿي سڌو ٿي ويھي رھيون ۽ رڪشا کي مڙڻ الء چيائون ۽ رڪشا ڊفينس‬
‫سوسائٽي جي مسجد واري پا سي ڏانھن مڙي تہ مڙندي مھل ھڪڙي رڳو ھنن ڏانھن ٽيڙي نظر وڌي‬
‫۽ ٻئي ائين گنڀير ٿي ويھيرھيون‪ ،‬ڄڻڪ ڪي ٻہ بزرگ عورتون ويٺل هيون ‪.‬‬
‫رڪشا ننڍي رستي تان مڙي ھڪ بنگلي آڏو بيھي رھي ۽ ھنن جي ڪار کين اورانگهي اڳتي وڌي‬
‫وئي‪.‬‬
‫بنگلي ۾ گھڙندي انھيَء ساڳئي ڇوڪري وري ھنن جي ڪار ڏي نھاريو‪ .‬پر انھيَء جو ڪو اثر ڪونہ‬
‫ٿيو‪ .‬ٽنھي جا منھن لھي ويا ھئا‬
‫ڇڏيو نہ يار وڏيري نواز اھڙين مرڪن تي ھريل ھو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪87‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ھلو ڪلفٽن ھلون‪ .‬اڄ جمعو آھي ڏاڍي رونق ھوندي‪ .‬اتي اصل پڪ ڪم ٿيندو‪ .‬وڏيري نواز گاڏي‬
‫کي ڦيرائيندي چيو‪ .‬جمعي ڏينهن جيتري لئہ تہ ڪنھن بہ ڏينھن نہ ٿيندي آهي‬
‫طاھر بئنڪر جو تہ ھاڻي منھن لھي ويو ھو‪ .‬ھن کي انھن ڇوڪرين ۾ وڏي آس نظر آئي ھئي‪ .‬پر‬
‫وريھمت ڪري چوڻ لڳو‪ ،‬يار نواز ڀائي تڪڙ آھي ڇا؟ ٿورو کڻي ٿا ترسون‪ .‬بس ڄاڻ نڪتيون‪ ،‬يار‬
‫ڪم تہ فٽ پئي لڳو‪.‬‬
‫ھا يار ڪم تہ تيار ھو‪ .‬نظير کٽل بہ طاھر جي ڳالھ کي ڳنڍ ڏني‪ .‬اھڙن ڳالھين ۾ طاھر ۽ نذير‬
‫ھڪٻئي سان سھمت ٿي ويندا ھئا‬
‫ڇڏيو يار ھي اوسيئڙو ڪرڻ نہ مون کي وڻي ۽ نہ وري سھي سگھان‪ .‬ڪم ٺھي تہ واه نہ تہ وڃي کڏ‬
‫۾ پئي‪ .‬اھي اوسيئڙا اھي عشق‪ ،‬اسان ڪڏھن ڪيا نہ ڪنداسون‪ .‬عشق ڪرڻ کٽلن جو ڪم آهي‪.‬‬
‫وڏيري نواز ٻنھي يارن جي الومان کي رد ڪندي چيو‬
‫”پر نواز ڀائي ٿوري دير اوسيئڙو ڪرڻ ۾ آخر ڪھڙو ھرج آهي يار چيو مڃ‪ ،‬بس ڏھ منٽ‪ ،‬وڌيڪ نہ‬
‫ترسنداسون‪“.‬‬
‫”نواز اٺ ڏھ منٽ‪ ،‬ھونئن بہ ڪھڙو ڪم اٿئون‪“.‬‬
‫نذير کٽل وري طاھر جي ڳالھ کي ڳنڍ ڏني‪.‬‬
‫”چڱو يار جيئن چئو‪ “.‬وڏيري نواز الچاريَء ۾ گاڏي وڃي چوواٽي جي اوريان بيھاري‪” .‬يار طاھر‬
‫توکي تہ خبر آھي انھن جنجھٽن ۾ پاڻ نہ پئون‪ .‬اسان کي تہ ٺھيل ٺڪيل ڪم کپي __”اھي ڌڪا‬
‫نذير کاڌا آھن ڇورين جي پويان‪.‬‬
‫اس ۾ ۽ لڪن ۾ ھر معشوق کي حفاظت سان گھر پھچائي ايندو هو!“ وڏيرو نواز کلڻ لڳو‪.‬‬
‫”۽ طاھر يار مون معشوق ٺاھڻ ۾ يڪو سال ورتو‪ .‬يڪو سال ۽ پوِء ھو پنھنجي ساھيڙي وٺي آئي نواز‬
‫الِء ۽ مون کي ٻيو سال لڳو تہ مس وڃي چمي چٽ تي پھتس ۽ ھي مڙسٻيَء مالقات ۾ ڪم ٽپائي‬
‫ويو‪ .‬وڏو بالزير ٿئي!“ کٽل نذير‪،‬‬
‫وڏيري نواز جي چمچاگيري ڪندي چيو‪.‬‬
‫” سو وري تو وانگر پيو سوچبو ڇا‪ .‬نہ ڄاڻ نہ سڃاڻ‪ ،‬ڇوريون ڇا الِء ٿيون ملڻ اچن‪ ،‬عبادت ڪرڻ‬
‫الء! منھنجو تہ اصول آهي تہ دير ڪن دو تہ مرڳو ئي ڇوري ڀڄي ويندي ۽ چوندي تہ ٽپڙئي‬
‫ڪونھيس! وڏيري نظير پنھنجي فلسفي جي ڌاڪ ويھاريندي چيو ھا يار توھان ڏاڍي لئہ ڪئي‬
‫آھي‪ .‬اسان کي سڀ خبرون آھن‪ “.‬طاھر بئنڪر نواز ڏانھن نھاريو‪ ،‬نواز اخبار جا سر جمال ڏسي‬
‫رھيو ھو‪ .‬طاھر بہ اخبار کنئين ۽ اخبار ڏسڻ لڳو‪.‬‬
‫باقي ھڪڙي اخبار بچيل ھئي ۽ اھا وري نذير جي ڀاڱي ۾ آئي‪ .‬ٽيئي ڳالھيون بہ ڪري رھيا ھئا‪،‬‬
‫بنگلي جي در تي بہ نظر ھين ۽ اخبارون بہ پڙھي رھيا ھئا‪ .‬ڪراچي جي انھن اخبارن جو اھو بہ‬
‫ڪم آھي تہ ھو ماڻھن کي گھڻو اوسيئڙو محسوس ڪرڻ نہ ٿيون ڏين وڏيري نواز جي چھري تي‬
‫بيزاري جا اھڃاڻ ظاھر ٿي رھيا ھيا‪ .‬اڃا ھو ڪجھ چوڻ تي ھو تہ ھو ٻئي ڇوڪريون بنگلي مان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪88‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫نڪتيون‪ .‬ھٿن ۾ ٽوڪري ھئن جا پھرين ھنن وٽ ڪونہ ھئي‪ .‬ٽئي دوست اوچتو کڙا تڙا ٿي ويا‪.‬‬
‫اخبارون ھٿن مان سري پاسيري سيٽ تي پيرن ۾ ڪري پيئون‪.‬‬
‫ڇوڪريون ٽلنديون ٽلنديون پاسيري روڊ کان نڪري مين روڊ تي اچي بيھي رھيون ۽ خالي رڪشا‬
‫جي ڳولها ۾ نظرون ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙائڻ لڳيون‪ .‬ھڪڙي رڪشا لنگھي‪ ،‬پر اشارو تڏھن‬
‫ڪيائونس جڏھن ھوَء لنگھي چڪي هئي‪ .‬نواز گاڏي اسٽارٽ ڪئي‪ .‬نواز الِء اھو اشارو ڪافي ھو‪.‬‬
‫يار صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آهي___ نواز ان اهلل مع الصابرين! طاھر بئنڪر جون واڇون وري ٽيڙجي‬
‫چڪيون هيون ۽ انھن مان ٿوري گگ بہ ڳڙڻ لڳي ھئي‪..‬‬
‫نواز گاڏي سندن ڀر ۾ بيھاري ۽ طاھر آڇ ڏني‪” ،‬اچواوھان کي ڇڏيندا ھلون؟“‬
‫ڇوڪرين ٿوري اداڪاري ڪندي ڪجھ ھٻڪ ڏيکاري‪ .‬۽ نذير دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو ۽‬
‫ڊرائيور وانگر ڪار جو در جھليندي چيو‪ :‬تشريف رکو محترما‪“.‬‬
‫نذير ھميشه ايئن اڙدو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو‪.‬‬
‫ٻئي ڄڻيون پوئين سيٽ تي ويهي رھيون ۽ نذير اڳين سيٽ تي طاھر ۽ نواز سان گڏ اچي ويٺو‪ .‬ڪار‬
‫رواني ٿي وئي ۽ ٺيڪ انھيَء وقت ڊفينس سوسائٽي جي ايئرڪنڊيشنڊ مسجد مان سانجھيَء جي‬
‫ٻانگ الئوڊ اسپيڪر تان ڏاڍي مڌر آواز ۾ اچي رھي ھئي!‬
‫سج ھاڻي لھي چڪو ھو ۽ اوندھ جي ڪاري چادر تي روشنيَء جا ٽٻڪا ھوريان ھوريان تارن وانگر‬
‫اڀرڻ لڳا ھئا‪ .‬وڏن شھرن تي جيتري ڪاراڻ ڇائنبي آھي اوترا وڌيڪ ٻھڪي اٿندا آھن‪.‬‬
‫”پھرين ڪجھ ٿڌو پيئڻ پسند ڪندو؟“ نذير کٽل پرائي کيسي تي آڇ ڪئي‪.‬‬
‫”اسان کي اسپتال وڃڻو آهي‪ .‬جناح اسپتال ۾ اسان جي ماميَء جي طبيعت ٺيڪ ڪانھي‪ ،‬ھي کاڌو‬
‫پھچائڻو آھي‪“.‬‬
‫ھڪڙيَء چيو‪ .‬اھو ٻڌي ھاڻي تہ نذير ۽ طاھر جو بہ منھن لھي ويو‪ .‬طاھر جي واڇ جي ٽيڙ وري سسڻ‬
‫لڳي ھئي‪ .‬مفت ۾ لفٽ جو وٺي آيون ھيون‪ .‬جناح اسپتال ايتري تہ ويجھي ھئي جو اڃا جيسين‬
‫ڪجھ وڌيڪ ڳالھائڻ جو وجھ ملي‪ ،‬جناح اسپتال اچي چڪي هئي‪ .‬ھو جڏھن ڪار مان لھڻ‬
‫لڳيون تہ طاھر آخري ڀيرو ڄار اڇلي‪” ,‬اوھان کي دير نہ لڳي تہ اوھان الِء ترسون؟“‬
‫ھنن ھڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳيون‪.‬‬
‫مرڪندي سس پس‪ .‬ڪندي ھڪڙي ٻيَء کي چيو‪” ،‬ڇا ويچار آھي اڌ ڪالڪ لڳي ويندو؟“ ھو پاڻ‬
‫اھڙي آڇ الِء آٿيون ٿي ڏٺيون‪” .‬ھا اڌ ڪالڪ کن تہ لڳي ئي ويندو‪ .‬ٻيَء وراڻي ڏني ۽ پوِء ھنن ڏانھن‬
‫منھن ڪري چيائين‪” ،‬اوھان جيڪڏھن هتي ترسو تہ اسين اڌ ڪالڪ ۾ يا انھيَء کان اڳ ۾ موٽي‬
‫اينديون سين‪ “.‬ائين چئي ھو پرائيويٽ وارڊ جي پاسي ھليون ويون ھاڻي ڪم ٺھڻ جا وڏا آثار ٿي‬
‫نظر آيا‪ ،‬پر ھي ٽي ڄڻاھئا ۽ ھو ٻہ ڄڻيون___ پر انھيَء حساب جي پاسي ظاھري طرح تہ ڪنھنجو‬
‫ڌيان نہ ويو ھو‪ ،‬پر وڏيري نواز جي من ۾ اھا آنڌ مانڌ نظر پئي آئي‪ .‬نيٺ ان جو اظھار ڪرڻ الِء نذير‬
‫کٽل سان ھوريان پاسيرو ڳالھائڻ لڳو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪89‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫يار نذير تون ڊراپ ڪري وڃ‪ ،‬ڏس نہ يار‪ ،‬طاھر ۾ ڪم ڦاٿل آهي‪ ،‬اڄ مفت ۾ ڪم پيو ٺھي‪ ،‬خوش‬
‫ٿي ويندو ڪتي جو پٽ‪ ،‬پاڻ تہ گڏيا پيا آھيون‪ “.‬اھو بہ ڳالھائڻ جو انداز آھي تہ جنھن جو ڪم‬
‫ڪرڻو هجي ان کي گار سان ڳالهائجي تہ جيئن اڳلو جنهن جو ڪم نہ پيو ٿئي اھو انھن‬
‫ھڪ ٻن گارين مان خوش ٿي وڃي‪.‬‬
‫”يار سچ پڇين تہ ھيَء پرمٽ نہ ملي ھا تہ ھن طاھرکي ٿڪان بہ نہ ھا___ ھاڻي جي پئسا نہ ٿا ملن‬
‫تہ پوِء ڪار ڇٽي ۽ پرمٽ بہ پاڻي ۾‪ “.‬وري بنا وراڻي جي پاڻ ئي اڳتي چوڻ لڳو‪” :‬صدر ۾ الھي‬
‫ڇڏيندوسانِء ڪيئن ٺيڪ رھندو نہ ‪ “.‬نذير الِء ڪا چونڊ نہ ھئي‪ .‬جيڪي غريب‪ ،‬اميرن جي آسري‬
‫پلبا آھن‪ ،‬انھن کي اھڙو ايمان برداشت ڪرڻو پوندو آهي ۽ پوِء کڻي ڇوڪرين جو مامرو ڇو نہ‬
‫ھجي‪ .‬ھڪ ھڪ گھڙي ھاڻي ٿڪائيندڙ ٿي لڳي ۽ نذير نواز جي ڳالھ مڃڻ تي ٻڌل ھو‪.‬‬
‫پر يار نواز ھڪڙو وڌي پيس تہ ڇا‪ ،‬ڪالھ تہ پنج ڄڻا ھئاسون ۽ ھوڏانھن ھڪڙي!‪ ،‬نذير کٽل اڃا‬
‫آسرو نہ ڇڏيو ھو‪.‬‬
‫”اوھو يار ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين‪ .‬ھوَء پرائيويٽ ھئي‪ .‬پنج ڇا ڏھ ھجن ھا تہ بہ خير ھو‪ .‬پر يار‬
‫ھي تہ خانداني آھن‪ .‬شوقين ٿيون لڳن‪ .‬انھن کي رنڊين سان نہ ڀيٽ خدا جي واسطي! آئون پاڻ پيو‬
‫سوچيان تہ راجا کي ڪيئن ٽارجي خبر پوندس تہ ايئن معشوق ھٿ آيا تہ دل ۾ ڪندو‪ .‬ڪالھوڪو‬
‫سڄو خرچ بہ تہ ھن ڀريو ھو‪“.‬‬
‫۽ اڄ جمعي جي ڀالري ڏينھن‪ ،‬گھر ويٺي پاڻ مرادو ٻہ ڇوڪريون ھٿ اچي ويون ھيون ۽ ھو جناح‬
‫اسپتال جي ٻاھر اوسيئڙي ۾ بيٺا ھيا‪ .‬وڏيري نواز‪ ،‬نذير کي سمجھائي ڇڏيو ھو‪ .‬سمجھائي ڇا اڻ‬
‫سڌي طرح حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ واٽ تي لھي وڃي‪ .‬۽ نذير لٿل منھن سان اخبار کڻي اتي ئي‬
‫ڪار سان ٽيڪ لڳائي پڙھڻ لڳو‪ .‬خبرون پڙھندي اوچتو ڇرڪ نڪري ويس ھڪ خبر ڏاڍي‬
‫عجيب ھئي‪.‬‬
‫”خيابان اقبال تي قائداعظم جي يادگار وٽ ھڪ عورت بيھوشيء جي حالت ۾ لڌي جيڪا جناح‬
‫اسپتال پھچڻ کان اڳ مري ويئي‪“.‬‬
‫نذير کٽل اھا اخبار يڪدم نواز کي ڏيکاري ڄڻ تہ ايئن چوندو ھجي اھا ڪالھوڪي ساڳي عورت‬
‫تہ نہ ھئي!‬
‫”يار ھيَء تہ قائداعظم جي يادگار وٽ ٻي ڪا بيهوش پئي ھوندي‪ .‬پاڻ تہ پھرين يادگار وٽ‬
‫الٿوهوسون‪ “.‬وڏيرو نواز بي پرواھيَء سان چوندو رھيو‪” ،‬ڪٿي ھو آزادي وارو يادگار ۽ ڪٿي ھي‬
‫قائداعظم وارو يادگار‪ ،‬وچ ۾ ٻہ ٽي ميل مفاصلو ھوندو‪ .‬ھي پڪ ڪا ٻي آهي‪“.‬‬
‫”ڇو يار ڇا ڳالھ آھي؟“ طاھر بئنڪر پڇيو‪.‬‬
‫اچي ھيَء خبر پڙهي ڏس‪ “،‬۽ طاھر خبر پڙھڻ لڳو‪.‬‬
‫”يار نذير کي اچي ڊپ لڳو آھي تہ متان پاڻ وارو معشوق آھي راتوڪو‪ “.‬نذير طاھر کي کلندي‬
‫ٻڌايو‪.‬‬
‫”يار مون کي بہ ايئن ٿو لڳي‪ “.‬طاھر بئنڪر ڊڄندي چيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪90‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫اڙي يار ھي يادگار اھو ڪونہ اٿئي___ ھي يادگار ھوٽل ڪولمبس جي ڀر وارو آھي‪ “.‬وڏيري نواز‬
‫سمجھائيندي چيو‪ .‬طاھر جيئن ئي ڳالھ سمجھي تيئن وري ساھ پئجي ويس‪.‬‬
‫”اڙي ھي تہ اھو يادگار آھي‪ .‬جتي ٽي سنگمرمر جا ٿنڀا ٺھيل آھن‪ ،‬جن تہ لکيل آهي‪” ،‬اتحاد“‪،‬‬
‫”ايمان“‪” ،‬يقين محڪم‪ “.‬ھي خيابان اقبال جي ھڪ ڪنڊ تي ۽ ھو شھيدن جو يادگار ٻي ڪنڊ‬
‫تي! ھتي وري ھيء ڪٿان آئي‪ “.‬طاھر بہ نواز جي ڳالھ تي ڳنڍ ڏيندي نذير کي گھٽ ۽ پنھنجو پاڻ‬
‫کي وڌيڪ آٿت ڏيندي چيو‪.‬‬
‫”بس يار مڙس نذير اچي گھٻرايو آهي‪ “.‬نواز مرڪندي چيو‪ .‬اھا ٻي ڳالھ آهي تہ ھن شھيدن جي‬
‫يادگار کان قائداعظم جي يادگار تائين سفر‪ .‬ڪيو ھجي! اڄڪلھ تہ الش بہ پيا سفر ڪن!“ نواز تہ‬
‫کل ۾ ڇٽڪو پيو ۽ نذير بہ ڦڪو ٿيندي مرڪي ڏنو‬
‫ايتري ۾ سامھون ٻئي ڇوڪريون واپس پئي آيون پر ھن ڀيري ھنن سان ٽين ڇوڪري بہ ھئي___‬
‫۽ نذير جو منھن ٻھڪي اٿيو ۽ ھاڻي ھن جو ڪم بہ ٺھي چڪو هو‪.‬‬
‫”واھ يار ٽي معشوق!“ نذير کان رڙ نڪري ويئي‪.‬‬
‫”اڄ تہ ڀالرو ڏينهن آهي نہ جمعي جو‪ “.‬طاھر سرھو ٿيندي چيو‪.‬‬
‫”واھ استاد‪ ،‬راجا جو ڪم بہ ٺھي ويو‪ .‬ڇا ياد ڪندو راجا جو ٻچو‪ ،‬ھڪ ڏينھن ۾ ئي قرض الھي ڇڏيو‬
‫مانس‪ ،‬وياج سميت‪ “.‬نواز‪ ،‬راجا جو نالو وٺي نذير جي آس تي پاڻي وجھي ڇڏيو‪.‬‬
‫ھو ٽيئي ڄڻيون پوئين سيٽ تي اچي ويٺيون ۽ ھي ٽيئي اڳيان ٿي ويٺا ۽ ڪار رواني ٿي وئي‪.‬‬
‫ڪار ڦري ڊرگ روڊ تي آئي‪.‬‬
‫”نذير چيف منسٽر هائوس وٽ لھندي نہ ‪ .‬نواز نذير کان پڇيو‪ .‬نواز جو دوست چيف منسٽر هائوس‬
‫۾ ڪم ڪندو ھو‪ .‬رات جو دير دير تائين اتي ڊيوٽي ڏيندو هو‪.‬نذير ڪو جواب نہ ڏنو‪.‬‬
‫نذير واٽ تي ھڪ ٻول بہ نہ ڳالھايو ۽ ھو ٻئي ٽنھي ڇوڪرين سان ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون‬
‫ڪندا رھيا‪.‬‬
‫چيف منسٽر هائوس جي ڀر واري روڊ‪ ،‬ڊاڪٽر ضياالدين احمد روڊ‪ ،‬جنھنجو اڳوڻو نالو ڪچھري‬
‫روڊ ھو‪ ،‬اتي اچي نواز ڪار بيھاري___ ۽ نذير در کالي ڪار مان لھڻ لڳو‪.‬‬
‫چپ چاپ بنا نھارڻ جي‪.‬‬
‫”چڱو يار پو رات جو ملنداسون‪ “،‬نواز‪ ،‬نذير جي دل رکڻ الِء چيو‪ ،‬پر نذير ڪو ڌيان نہ ڏنو‪ .‬نذير ھڪ‬
‫ٻہ وکون ھليو تہ پويان نواز سڏ ڪيو‬
‫”نذير اچي ھي اخبارون‪ ،‬متان رات جو بور ٿين‪“.‬‬
‫نذير اڌگابري دل سان اخبارون ورتيون ۽ ڪار چيڪاٽ ڪندي روانو ٿي وئي‪ .‬ھوا جي ھڪ‬
‫جھوٽي سان نذير جي ھٿن مان اخبارون نڪري ڊاڪٽر ضياالدين احمد روڊ تي پکڙجي ايندڙ‬
‫ويندڙ ڪارن ھيٺان اچي چيڀاٽجي ۽ وڪڙجي ويئون‪ .‬۽ نذير جي ھٿن ۾ رڳو ھڪ اخبار جو مڙيل‬
‫پنو رھجي ويو‪.‬‬
‫ھن اخبار تي اتاڇري نظر وڌي‪ ،‬انھيَء خبر وارو پنو ھو ۽ خبر تي وري ھن جون نظرون کپي ويون‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪91‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”خيابان اقبال تي‪ ،‬قائداعظم يادگار وٽ ھڪ عورت بيھوشيء جي حالت۾ لڌي___جيڪا پوِء‬
‫جناح اسپتال ۾ گذاري وئي! ۽ اڃا تائين ان الش جو ڪو وارث پيدا نہ ٿيو آهي‪.‬‬
‫۽ ھوا جي ٻئي جھوٽي سان اھا رھيل اخبار بہ نذير جي ھٿ مان ڇڏائجي‪ ،‬اڏامندي پي آئي ڊي سي‬
‫ھائوس جي ڀت سا ٽڪرائجندي ٿڙندي ويئي‪ ،‬شايد اڳيان وھندڙ سمنڊ ڏانھن جتي پڇاڙيَء جي ھر‬
‫گندگي وڃي ڪرندي آهي!‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪92‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫ڪني پاڻيَء جو تالُء‬

‫رات جو مينھن پيو رھيل ڪسر بہ پوري ٿي وئي‪ .‬ھڪڙو ھيٺالو‪ ،‬ٻيو جھوپڙيون‪ ،‬ٽيون سيارو‪ ،‬باقي‬
‫مينھن رھيل ھو‪ ،‬اھو بہ آڌي رات جو اچي ڪڙڪي___ صبح جو دونھين نہ دکي‪ ،‬مٿان پوڙھن جي‬
‫کنگھ ۽ کانگھارا ۽ ٻارن جا ڪيڪراٽ جھڙي قيامت! پر جي قيامت بہ ھڪ ڏينھن جي ھجي‪ ،‬تہ‬
‫ماڻھو ڊڄي بہ‪ ،‬جتي ڏھاڙي قيامت ھجي‪ ،‬تہ پوِء ڪھڙي سڌ تہ قيامت ڪڏهن آئي‪ ،‬ڪڏھن ويئي!‬
‫اتي قيامت تي بہ ڪھل اچيو وڃي!‬
‫مينھن گند کي ڦالري وڌو آهي‪ .‬اڳي تہ رڳو تالء جي ڌپ نڪ ساڙيندي ھئي‪ ،‬ھاڻي تہ گھٽي گھٽي‪،‬‬
‫جھوپڙي جھوپڙي ڌپ ٿي وئي آهي؛ پر نڪ اھڙو تہ بي نڪو آھي‪ ،‬حرام جو سڙي! ٽيھن سالن کان‬
‫نڪ اھڙي جو اھڙو‪ ،‬ويتر وڌيڪ تکو ٿي ويو آهي‪ .‬ڪتو بہ ايئن ڍونڍ کي نہ‬
‫تاڙي‪ ،‬جيئن ماڻھو جو نڪ!‬
‫ھو بہ گپ ۽ گند مان لڇ لڇ ڪندو‪ ،‬گپ ھاڻا پير کڻي تالء جي ڪپ تي اچي ويٺو آهي‪ .‬پريان ريل‬
‫جا پٽا چلڪندا ڏسڻ ۾ پيا اچن‪ .‬گندي ناليَء جو پاڻي اٿلي تالَء ۾ پئجي رھيو آھي ۽ انھيَء گندي‬
‫ناليَء جي سرن ٻڌل ڪپ سان اھا واٽ آھي‪ ،‬جتان ماڻھو ھلي‪ ،‬ريل جا پٽا اڪري پريان‬
‫پڪي رستي تي پھچندا آهن___ ۽ اتان ٽڙي پکڙي وڏي شھر ۾ الوپ ٿي ويندا آهن!!‬
‫ھو انھيَء سرن ٻڌل ڪپ پريان واٽ جي ٻوڙن منجھ‪ ،‬اڌ لڪل اڌ پڌرو نظر اچي رھيو آھي‪.‬‬
‫”اڙي ڪير آھين‪ ،‬ھتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪجھ تہ ڌيان ڪر‪ .‬نياڻيون نياڻيون پيون لنگھن‪ ،‬پرڀرو نہ‬
‫ٿو وڃي جھنگ جو خيال‪ “!...‬ڪو آواز مٿان واٽ تان اچي ٿو‪.‬‬
‫”۽ توھان سڀ صبح جو قطار ڪريو وڃيو ويھو‪ ،‬او بنھن پٽي واري پاسي ۽ ريلن جون ريلون لنگھيو‬
‫وڃن‪ ،‬اوڏي مھل لڄ ڪانہ ٿي اچيو!“‬
‫”اڙي رمون تہ ڪونہ آھين؟ لخالنت ٿئي!“‬
‫ھو بہ ٻوڙن مان ھٿ ٻاھر ڪڍي جواب ۾ ڀونڊو ٿوگھروڙي‪.‬‬
‫”اڙي چريا ريل گاڏي وارن کي ڪھڙي خبر تہ ڪير ويٺا آھن‪ ،‬توکي تہ اسين سڃاڻون ٿا نہ !“‬
‫” سڃاڻو ٿا تہ پوِء ڇا؟ بي حيائي تہ مڙيئي بي حيائي!“‬
‫”اڙي ھي معامرو سڄو سڃاڻڻ ۽ نہ سڃاڻڻ جو آھي‪“.‬‬
‫”سچي!“‬
‫”ٻيو نہ تہ وري___ ماڻھوَء کي رڳو پڪ ٿئي تہ فالڻي ھنڌ ڪو ڪونہ سڃاڻيس تہ اصل ليڪو ئي‬
‫لنگھي وڃي!“!‬
‫”اھو ڪيئن؟“‬
‫”اھو تون نہ سمجھندين ‪ ،‬تون تہ آھين چريو‪ .‬واقفن ۾“‬
‫ھجين يا اڻواقفن ۾‪ ،‬ڪندين اھوئي جيڪو من ۾ ايندء!“‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪93‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫خدن ريل جا پٽا اڪرڻ لڳي ٿو‪.‬‬


‫”خدن يار‪ ،‬شھر وڃين نہ ____ وزم واڙي تہ وٺيو اچجانء‪ .‬سنھن اٿئي موال جو‪ ،‬ڪالھونڪر ٻاڙيا‬
‫وتون!“‬
‫”اڙي ھتي ٻاڪر ڪٺو لڳو ٻيو آھي‪ .‬راتوڪي مينھن ماڻھن کي ڊاھي وڌو آھي‪ ،‬توکي لڳي آھي‬
‫وزم پاڻيَء جي! آئون پاڻ دوا وٺڻ پيو وڃان ‪ ،‬جيوڻ جي ڪڪي چاق ڪانھي‪ “.‬ھو ريل جو پٽو‬
‫اڪري وڃي ٿو‪.‬‬
‫سج پنھنجا ڪرڻا ڪڍيا آھن‪ .‬اتر جي تکي ھوا جي ٿڌاڻ ڪجھ گھٽ ٿيڻ لڳي آھي ‪ .‬ڪي ماڻھو‬
‫جھوپڙين مان پاڻي پيا ڪڍن ‪ ،‬تہ ڪي ڪاٺين سان ناليَء ۾ روڪيل پاڻي پيا وھائين‪ .‬تالء مان ڊڀ‬
‫نسرڍو بيٺا آھن‪ .‬مڇرن جا مچ پاڻيَء تي چتيون بڻيا پيا آھن‪ .‬ھوا سان ڊڀ لڏن لمن ٿا‪ ،‬پاڻي ۾‬
‫ھلڪيون لھريون پيدا ٿين ٿيون ۽ مڇر بہ لھرين سان ھيٺ مٿي ٿين ٿا‪.‬‬
‫”اڙي ھرو ڀرو ٿا پاڻي ڪڍو‪ .‬رات جو ٻيو وسڪارو ٿيو تہ تالء جو پاڻي اندر ڌوڪي ايندو‪ .‬پوِء‬
‫ڪيڏانھن ڪڍندوء پاڻي!“ ھو بڙ بڙ ڪرڻ ٿو لڳي‪.‬‬
‫”شپڙڪ“ پاڻي ۾ پٿر ڪري ٿو ۽ مڇرن جو ريلو اڏائڻ لڳي ٿو‪.‬‬
‫”اڙي اٿي ويئو‪ ،‬ڪتي جا پڇ!“ ھو رڙ ڪري ٿو ۽ ھڪ ٻيو پٿر سندس ڪن وٽان ٿيندو؛ پاڻي ۾ ڪري‬
‫ٿو ۽ مڇر جيڪي پھرين پٿر لڳڻ تي اڏامي‪ ،‬پوِء ويھي رھيا ھئا‪ ،‬سي وري اڏامڻ لڳن ٿا‪.‬‬
‫” اڙي ڇورا‪ ،‬رات مينھن پيو‪ ،‬پر توھان تي ڪو اثر نہ پيو‪ .‬ھجو ماڻھوَء جا ڦر تہ اثر پويو‪“...‬‬
‫”رمون چريو___ رمون چريو‪ “.....‬ٻار چيڙائڻ لڳنس ٿا‪.‬‬
‫ھو ڏيلھو کڻي ٻارن کي االري ٿو‪ ،‬تہ پريان ايندڙ آواز تي هٿ جھلي ٿو وٺي‪.‬‬
‫”اڙي ھلو ڇورا ‪ ،‬صبح سوير رونشو‪ .‬اڙي بچو! تون تہ گھر ھل‪ ،‬پڻھين کٽ تي پيو آهي‪ ،‬۽ توھان بہ‬
‫ڀڄو نہ تہ ھڻانو نہ کال‪ .‬پريان ساجن ‪ ،‬ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيندو ھن ڏانھن پئي آيو‪.‬‬
‫”ساجن‪ ،‬چڱو ٿيو تہ ڇورن کي ڀڄائي ڇڏيئي‪ ،‬نہ تہ اڄ آئون بہ الک الھي ڇڏيان ھا!“ ھو ھٿ وارو‬
‫ڏيلھو تالء ۾ اڇلي ٿو‪ .‬لھريون پيدا ٿين ٿيون‪ ،‬مڇر اڏامڻ لڳن ٿا‪.‬‬
‫”رمون‪ ،‬تون بہ ڪجھ ھوش ڪر نہ “ ساجن اٽلندو مٿس ڇوھ ٿو ڇنڊي‪” .‬ھو تہ آھن ڇورا پاڻ زورا‪،‬‬
‫پر تون بہ تہ پاڻيَء مان نڪريو وڃين!“‬
‫”پوِء ھو ”چريو چريو“ ڇو ٿا چونم؟“‬
‫”اڙي بابا‪ ،‬ھو ڀلي پيا ڌوڙ پائين‪ ،‬باقي چڙندين تہ پوء ڇورا تنگ ڪندء‪ ،‬تون ڪو چريو ٿورئي آھين‪“.‬‬
‫”ھان___ آئون چريو ڪونہ آھيان نہ ساجن!‪ ،‬ھو خوش ٿي وڃي ٿو“‬
‫نہ بابا‪ ،‬تون چريو ڪونہ آھين‪.‬پڪ؟‬
‫پڪ‪ ،‬اصل پڪ‪ .‬تون اسان وانگر آھين جي تون چريو آهين تہ پوِء اسين بہ چريا آھيون‪ .‬غريب يا‬
‫تہ سڀ چريا آھن يا پوء ھڪڙو بہ ڪونھي پوِء ڀال ٻار مون کي چريو ڇو ٿا ڪن؟‬
‫اڙي رمون‪ ،‬سمجھ سمجھ جو فرق آھي‪ .‬ٻارن کي ڪھڙي ڄاڻ تہ تون ڏاڍو ڏاھو ۽ عقلمند آھين‪.‬‬
‫پوِء چئبو اھا سڄي ڳالھ سمجھڻ نہ سمجھڻ جي آھي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪94‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫اھا ڳالھ ڪيئي تہ عقل جي‪ ،‬يار رمون‪ ،‬تون تہ اسان کان بہ وڌيڪ عقل وارو آھين‪.‬‬
‫ساجن يار‪ ،‬موٽندي وزم پاڻي وٺيو اچجانء‪ .‬سنھن اٿئي موال جو‪.‬‬
‫مزوري لڳي تہ حاضر‪.‬‬
‫اڄ تہ واھ جي لڳندھ‪ .‬اسان مستن جون دعائون اٿئي‪.‬‬
‫رمون ٿوري دير الِء بيھي رھي ٿو ۽ سامھون جھوپڙين ڏانھن نھارڻ لڳي ٿو‪ .‬ٻن ٽن جھوپڙين مان‬
‫دونهون نڪرندو نظر اچي ٿو‪ .‬ٻار وري ڳوڻ جا در سيري جھاتيون پائڻ لڳا آھن‪ .‬ناليَء جو پاڻي‬
‫اٿليون ڪري رھيو آھي‪ .‬۽ ٻنهي پاسي تالء ۾ ڪري رهيو آهي پريان ريڊئي تان قرآن شريف جي‬
‫تالوت اچي رھي آھي‪ .‬مانڊڻي کلي وئي آھي‪ .‬رمون جي اکين ۾ چمڪ اچي وڃي ٿي‪ .‬ٻيڙي جو‬
‫آسرو ٿئيس ٿو ھو ٽلندو جھوپڙين جي ويجھو اچي ٿو‪ .‬ٻار کيس ڏسي چريو چريو ڪن ٿا پر ھوڏانھن‬
‫نھارڻ بنا يعقوب جو مانڊڻي تي اچي ٿو‪ .‬ھاڻ ريڊيو تان قرآن شريف جو اڙدو ۾ ترجمو اچي رھيو‬
‫آھي‪ .‬يعقوب ۽ علڻ االئي ڪھڙي ڳالھ تي ڳنڍيا پيا آھن‪ .‬ھن کي پھرين تہ سمجھ ۾ نہ ٿو اچي‪..‬‬
‫اڙي صبح سوير االھ رسول جو نالو وٺجي يا فلمي گانا لڳائجن!‬
‫تنھنجي مرضي‪ .‬اسين بہ تيسين چانھ ڪونہ ٿا پيئون سيلون لڳائيندين تہ چانھ جون سرتيون‬
‫ڀريون‪ .‬وري علڻ رمون کي ڏسي چوڻ لڳي ٿو‪ :‬واھ ڙي يار رمون‪ ،‬وڏو ڪو ترڙ نڀاڳو آھين‪ ،‬ڪالھ اھڙي‬
‫ڪا پٽ ھنيئي جو کيسا ئي خالي ڪري ڇڏيئي‪.‬‬
‫رمون جو منھن لھي وڃي ٿو وڃي‪ ،‬پر وري ھمت ڪري چويس ٿو‪ :‬پوِء اڄ آزمائجانء!‬
‫آزمايان وري ڌوڙ‪ ،‬ڪالھ جمعو ھو‪ ،‬ڀالرو ڏينهن‪.‬‬
‫بئنڪ ۾ وارو لڳي ويو‪ .‬اڄ ھڪ ٻہ ٽڪيٽ نڪتي تہ بہ شڪر‪.‬‬
‫ھان يار‪ ،‬فلم ڪيئن ھئي؟ يعقوب وچان پڇيس ٿو‪.‬‬
‫ھان يار‪ ،‬راڻيَء جا اھي لوڏا ھيا‪ ،‬جو ڊاھي وڌائين‪.‬‬
‫اسٽوري ڪيئن ھئي ڀال؟‬
‫اسٽوري واھ جي ھئي‪ .‬ھو ھيرو آھي‪ ،‬نالو ڇا اٿس؟‬
‫ھا‪ ،‬نصراهلل ‪ ،‬ان کي مسلمان مجاھد ڏيکاريو اٿن ۽ راڻي ڏيکاري اٿن ڪافرياڻي‪ ،‬بس ٻنهي جو عشق‬
‫ٿي وڃي ٿو‪ .‬اصل مزو اچي ويو“‬
‫ريڊيو تان قرآن شريف جو ترجمو ختم ٿئي ٿو ۽ يعقوب سيلون لڳائي ٿو‪ .‬سهگل جو مٺو آواز اچي‬
‫رهيو آهي‪:‬‬
‫”دک ڪي دن بيتن ناهين‪“.‬‬
‫”يار ڪيڏو نہ درد آهي سهگل جي آواز ۾“ علڻ گنڀير ٿي وڃي ٿو‪.‬‬
‫يعقوب ڪنڌ ڌوڻيندو رهي ٿو‪” ،‬يار پل مرڪون ٿا‪ ،‬پهر روئون ٿا‪ .‬سهگل جا سر تہ هانو ۾ کپيو وڃن‪“.‬‬
‫”علو‪ ،‬ٻيڙي تہ پيار‪ “.‬رمون ٻاڏائيس ٿو‪.‬‬
‫”يعقوب‪ ،‬ڏي هڪ ٻيڙي يار رمونَء کي ۽ ٺاه چانھہ ٻہ ڪوپ“‬
‫رمون اتساھ مان علڻ ڏي ڏسي ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪95‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫”رمون يار‪ ،‬مئٽني ۽ فسٽ ۾ بلئڪ ڪيم‪ ،‬جوا ڪيم‪ ،‬هارايم‪ ،‬کيل ڏٺم‪ ،‬اڃا اچي ڊٺس تہ مٿان‬
‫مينهن اچي ڪڙڪيو اهو اٿئي سڄو حال‪“.‬‬
‫رمون رڳو ڏانهس تڪيندو ٿو رهي‪.‬‬
‫”پئسا ڪمايئي تہ پوء جوا ڇو کيڏيئي؟“ يعقوب پڇيس‪.‬‬
‫”بس کٽيَء کنيو‪ .‬دل چيو تہ من ٻہ ٽي پئسا ٻيا بہ نڪري پون‪ ،‬تہ هڪڙو ڪوٽ وٺان‪ ،‬جيجل کي‬
‫عينڪ بہ ٺهرائي ڏيان‪ .....‬۽ توکي بہ هڪ وڳو وٺي ڏيان‪ “.‬هن رمونَء کي ڳراٽڙي پاتي‪” ،‬اڙي تنهنجا‬
‫ڪپڙا تہ پسيا پيا آهن‪ ،‬اڙي زوراور مرڻو اٿئي ڇا؟“‬
‫”ڪري بہ ڇا‪ ،‬ٻيو لٽو هجيس بہ نه“ يعقوب سار ڏياريس‪.‬‬
‫”رمون يار‪ ،‬مينهن پوي تہ مون ڏانهن هليو ايندو ڪر نہ‪ ،‬ائين تہ مري ويندين!“‬
‫اڙي مري ويس تہ ڇا ٿيندو؟ هي مري ويو تہ ڇا ٿيندو؟ تون مري وئين تہ ڇا ٿيندو؟ اسين سڀ مري‬
‫وياسين تہ ڪهڙو اڀ ڊهي پوندو‪ ،‬يعقوب دل جي باھ ڪڍندي چوي ٿو‪.‬‬
‫”ها‪ ،‬آهي مشڪري جو ائين ٿا مرون! متان دل الٿي اٿئي‪ .‬آئون مري سگھان ٿو‪ ،‬تون مري سگھين ٿو‬
‫پر اسين سڀ نہ ٿا مري سگھون‪ .‬اصل اڻ ٿيڻي آهي‪ ،‬گٽر کي ٻوڙي پوء مرنداسون ڪيئن يعقوب؟“‬
‫”ها سچو آهين علو‪ ،‬سچو‪ .‬آئون ڀانيان ٿو تہ رمون انهيَء تالء کان ڊني آهي‪ ،‬تہ متان پاڻي ڀرجي‬
‫وري جھوپڙين ۾ هليو اچي مڇرن سوڌو‪ ،‬ڪيئن يعقوب؟“‬
‫يعقوب ۽ علو کلڻ لڳن ٿا‪.‬‬
‫”اڙي رمون بادشاه آهين‪ ،‬ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتين‪ .‬اچي وٺ چانھ‪ .‬بس يار پنهنجي سمجھ‬
‫جي ڳالھ آهي‪ “.‬يعقوب ڪوپ وڌائي رمونَء کي ڏئي ٿو‪.‬‬
‫يعقوب ريڊئي جو آواز مٿي ڪري ٿو‪ .‬ايتري ۾ مائي ساول اچي ٿي‪.‬‬
‫”ابا ياقب‪ ،‬ٻہ حب تہ ڏجانِء تپ جا‪“.‬‬
‫”اما سائل‪ ،‬ڪيئن چاق آهين نه“ علو پڇيس ٿو‪.‬‬
‫”ڪير؟ علڻ پٽ آهين! ابا شابس ٿئي‪ .‬نہ ڪا خبر ڪا سار لهين تہ جيئرا آهيون‪ ،‬ڪير مري‬
‫ويا آهيون“‬
‫”امان‪ ،‬هن تي ميار ڪانهي‪ .‬هي تہ آهي ناٽڪي ڦر‪“.‬‬
‫علوَء جي پاران يعقوب جواب ڏئي ٿو‪.‬‬
‫”ابا‪ ،‬ناٽڪي هجي يا ٻاٽڪي‪ ،‬پنهنجي کي ڪو وساربو آهي ڇا؟ مڙهو بيمار نہ هجي تہ آئون‬
‫اچي نڪران ها‪ .‬مون بہ چيو تہ علو کي گھڻن ڏينهن کان ڏٺو ڪونہ اٿم‪ .‬خدا ڪري چاق هجي‪“.‬‬
‫”چاچا جيئل چاق ڪونهي ڇا؟ اڄ ضرور ايندس پڇڻ“‬
‫علي ڦڪو ٿي چويس ٿو‪.‬‬
‫”ابا اچو نہ اچو‪ ،‬شل وڏيون ڄمارون ماڻيو‪ .‬سدائين خوش هجو‪ .‬ڳوٺ کان نڪتا آهيون تہ من‬
‫پنهنجن سان ملڻ الء ماندو ٿو ٿئي‪ .‬نہ وڪڻي ها وڏيرو زمينون‪ ،‬نہ وٺي ها چوڌري ۽ نہ ٿيون ها بي‬
‫گھر‪ .‬اال اال“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪96‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫توکي تہ چوڌري ڪڍيو‪ ،‬پر اسان جا تہ وڏيري ئي الھ ڪڍي ڇڏيا‪ .‬امان‪ ،‬گھٻراء نہ‪ ،‬موال چڱي‬
‫ڪندو‪ .‬علو آٿت ڌئيس ٿو‪.‬‬
‫رمون ماٺ ۾ پوالر ۾ پيو نهاري‪ .‬اوچتو ڇرڪ ڀريندي چئي ٿو‪” :‬ها امان‪ ،‬گھٻراء نہ‪ ،‬انهيَء تالء کي‬
‫منهن ڏبو ‪.‬‬
‫هو ٽيئي کلڻ لڳن ٿا‪” .‬يار رمون‪ ،‬سچي تون بادشاھ آهين‪ “.‬يعقوب مرڪي چئيس ٿو‪.‬‬
‫يعقوب ريڊئي جي سئي ڦيرائي ٿو‪ .‬آواز پيو اچي‪” .‬جيڪرهيس ڌاري‪ ،‬مارن تڏهن وساري‪ “.‬اوچتو‬
‫يعقوب گنڀير ئي علوَء کي چوڻ لڳي ٿو‪” :‬ها يار‪ ،‬اسين رمونَء تي کلون تہ پيا‪ ،‬پر چوي تہ سچ پيو‪.‬‬
‫پهرين تہ مٿان آيل مصيبت کي منهن ڏيون‪ ،‬پوء ٻين ڳالهين کي ڏسبو‪“.‬‬
‫”ها يار‪ ،‬چوي جيڪر سچ ٿو‪ “.‬علوَء بہ رمونَء ڏانهن مڃتا ۾ نهاري ٿو‪.‬‬
‫يار ڏاڍو درد آھي ھن پنھور جي آواز ۾ _ جيڪر ھيس ڌاري‪ ،‬مارن تڏھن وساري‪ .‬ھو ٻول ورجائڻ‬
‫لڳي ٿو‪ .‬ھا يار پنھنجي پٽ ۾ پاڻ ڌاريا آھيون‪ ،‬تڏھن تہ وسار ويا آھيون !‬
‫ٻار وري گھٽي ۾ نڪري اچن ٿا‪ .‬رمون چريو‪ ،‬رمون چريو جا آواز اچڻ لڳن ٿا‪ .‬ٻارن کي سچي رونشو‬
‫لڳو آھي‪ .‬ڪجھ ڏينھن اڳي اھو ساڳيو رمون چاق چڱو ڀلو ھو‪ .‬مزوري ڪرڻ ويندو ھو‪ ،‬پوء االئي‬
‫ويٺي ڇا ٿيس ‪ ،‬جو اڌ چريو ٿي پيو‪ .‬پھرين بڪ بڪ ڪرڻ لڳو اجائي سجائي‪ ،‬پوء ھوريان ھوريان‬
‫ماٺ ٿيندو ويو ۽ ٻارن کي بہ وندر ملي ويئي‪ .‬غريب ٻار ٻيو ڪن بہ ڇا؟ نہ اسڪول نہ ميدان‪ ،‬نہ باغ‪،‬‬
‫نہ راند روند‪ ،‬نہ ڪم نہ ڪار‪ .‬ا ھي ئي رستن تي ڌڪا ٿاٻا ‪ ،‬ھو ٻيا ۽ ھوڪرا‪ .‬اڄ رمون ور چڙھي‬
‫وين ۽ کيس چيڙائڻ لڳا‪ :‬رمون چريو_ رمون چريو‪.‬‬
‫اڙي نڀاڳا وڃو نٿا گھر ‪ ،‬ڇو اچي مٿو کاڌو اٿو‪ .‬يعقوب کين ڇڙٻيو ۽ ڀرسان پيل ڪاٺي کڻي مٿن‬
‫الريو‪ .‬ٻار شايد ان ردعمل الء تيار نہ ھئا‪ .‬ٿورو ھيسجي ويا‪ .‬علوَء بہ پادر الھي ڏانھن اڇليو ۽ ٻار ٽڙي‬
‫پکڙجي ويا ‪.‬‬
‫'اھا سڄي حرامپائي انھي ولڻ جي پٽ جي اٿئي‪ .‬پاڻ بہ کيچل ڪري ۽ ٻي لوڌ بہ وٺيو اچي‪ .‬يعقوب‬
‫ريڊئي جي سئي ڦيرائيندي چيو ‪.‬‬
‫'ھا پاڻ مري ويو ‪ ،‬پويان ھن چٺ کي ڇڏي ويو ' ‪.‬‬
‫' سچ پڇين تہ آھيون اسين بہ چٺ‪ ' .‬علو چوي ٿو‪ ،‬اول وڏي چٺ !‬
‫رمون وري اچي انھي تالُء جي ڪپ تي ويھي رھيو‪ .‬ڪالڪ گذري ويا ماڻھو پي آيا ويا‪ ،‬ٻار تہ‬
‫ھيسجي اھڙا ڊنا ھئا‪ ،‬جو االئي ڪيڏانھن گم ٿي ويا ھئا‪ .‬رمون بہ چپ ويٺو ھو‪ .‬تہ ڪنھن پڇيس تہ‬
‫ڇو ھو اتي ويٺو ھو ۽ نہ ئي ھن ڪنھن سان ڳالھايو‪ .‬اصل ٻيڙي بہ نہ گھري‪ .‬بس رڳو ڪيڏي ڪيڏي‬
‫مھل رکيو پٿرپي تالء ۾ اڇليائين‪ .‬ننڍيون لھرون پيدا ٿيو‪ ،‬کن ۾ گم ٿي ٿي ويون ‪.‬‬
‫ماس تر کي لنگھندي االئي ڪيئن ڪھل اچي ويئي‪ .‬رمون کي ڏسي چوڻ لڳو‪ ،‬رمون ‪ ،‬حق تي چريو‬
‫ٿاچونئي آئون ڀانيان ٿو ڪالڪن کان ويٺو آھين_ ھاڻي تہ سج بہ لڙڻ وارو آھي " ‪.‬‬
‫رمون ماستر کي اڻ ٻڌو ڪري وري ھڪ پٿر تال ۾ کڻي اڇليو ۽ وري لھرون پيدا ٿيون ۽ مڇرن جو‬
‫ريلو اڏاميو ۽ وري اچي پاڻي مٿان بيھي رھيو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪97‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫' اڙي رمون ‪ ،‬توسان پيو ڳالھايان‪ .‬گونگو ٿي ويو آھين ڇا ؟‬


‫ماستر‪ ،‬ڀال ٻڌاء ‪ ،‬جڏھن گھڻو مينھن وسي ٿو‪ ،‬تہ پوء پاڻي ڇو ٿو اچي جھوپڙين ۾ ' ‪.‬‬
‫'ظاھر آھي مينھن وسندو تہ پاڻي ضرور ايندو جھوپڙين ۾ ‪ ،‬ٻيو ڪيڏانھن ويندو ' ‪.‬‬
‫نہ اھو مينھن وارو پاڻي نہ تالء وارو پاڻي ‪.‬‬
‫' اڙي ‪ ،‬ڀوڪ ‪ ،‬جڏھن تال پاڻي سان ڀرجندو تہ ضرور اٿلندو ‪ ،‬ڏسين ڪونہ ٿو تہ ھي گٽر ڪيئن پيو‬
‫اٿلي‪ .‬اھو پاڻي بہ تہ تالُء ۾ پوي ٿو ' ‪.‬‬
‫"ڀال جي گٽر ھتي نہ ھجي تہ ؟ "‬
‫'پوء بہ تالء اٿلندو پر دير سان‪ ،‬ھا جي مينھن نہ پوي تہ پوء ڪونہ اٿلندو‪ .‬پر گٽر تہ بابا سرڪاري‬
‫آھي‪ .‬ھو انھن بنگلن جو سڄو گند ڪچرو کڻي اچي ٿو ‪ .‬انھي کي ڪير بند ڪندو؟"‬
‫' اسين بند ڪندا سين" رمون جي آواز ۾ ھوڏ ھئي‪ ،‬بابا اھا طاقت اسان ۾ نہ آھي ‪ .‬ميونسپل وارا تہ‬
‫پاڻ گٽر کولڻ ايندا آھن ‪ ' .‬وري سوچيندي چوڻ لڳو ‪،‬‬
‫ھا پر جي ھتي تالء نہ ھجي ‪ ،‬تہ گٽر بہ نہ اٿلي " ‪.‬‬
‫'پوء ڇا ٿئي "!‬
‫پوء اھو گٽر جو پاڻي مور ڳوئي بنگلن ڏانھن موٽي وڃي ھتي روڪ ٿيس تہ اھي سڀ بنگال گٽر سان‬
‫ڀرجي وڃن " ‪.‬‬
‫' ٻيو ڪوڙ ٿو ڳالھايان ؟ ابا‪ ،‬چڙھندي آھي تہ دريا بہ ابتو وھڻ شروع ڪندو آھي ‪ ،‬ھي تہ گٽر آھي ‪.‬‬
‫"‬
‫' پوِء پنھنجن جھوپڙين ۾ مينھن جو پاڻي گھڙي ڪونہ ايندو؟ "‬
‫نہ ‪ ،‬بنھن ‪ ،‬نہ '‪.‬‬
‫پوء يعقوب جي مانڊڻي ڪانہ ٻڏندي ' ‪.‬‬
‫'نہ ' ‪.‬‬
‫پوء جيجل جي جھوپڙي ڪانہ ڪرندي ' ‪.‬‬
‫'نڪو ' ‪.‬‬
‫'پوء پوء خدن ۽ علڻ جا ٻار بيمار ڪونہ ٿيندا " ‪.‬‬
‫'پوء ڇو ٿيندا ؟"‬
‫'پوء پوء ‪ ' ....‬ھو وڌيڪ ڪجھ چئي نہ ٿو سگھي ‪.‬‬
‫پر تال کي مٽي سان ڀريندو ڪير!' ماستر رمون کي چوندو ‪ ،‬پائنچا بچائيندو ‪ ،‬نالي جي پاسي تان‬
‫لنگھڻ لڳي ٿو‪'.‬آئون ڀريندس ‪ ،‬ٻيو ڪير" رمو‪ .‬ڇاتي تي ھٿ رکي چوي ٿو ‪.‬‬
‫' ھا ‪ ،‬ٻيلي تون ئي ڀري سگھين ٿو ‪ ،‬ٻئي جي طاقت ناھي ‪ :‬تون تہ آھين بادشاھ ماڻھو‪ " .‬ماستر اڳتي‬
‫ھلندي ترسي‪ ،‬ھن ڏانھن نھاريندي ‪ ،‬مرڪندو ھليو وڃي ٿو ‪.‬‬
‫ھو وائڙن وانگر گھٽين مان لنگھندو پيو وتي‪ .‬پير گپ سان ڀرجي ويا اٿس‪ .‬ٻار ھاڻي ڊڄي ڇڙوڇڙ‬
‫ٿي ويا آھن ‪ ،‬ھو ٻارن کي ڏسڻ الء واجھائي پيو _ جھوتون ڏيندو ‪ ،‬ھڪ جھوپڙي کان ٻي جھوپڙي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪98‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫تائين ھلندو پيو وت ي‪ .‬ھڪ ھيسايل ٻار ڳوڻ جي ٽپڙي کڻي کيس ڏسڻ لڳي ٿو‪ .‬رمون بيھي رھي ٿو‪.‬‬
‫ٻار ڪجھ نہ ٿو چئيس‪.‬‬
‫'ھا چئہ تہ رمون چريو _ چئہ چئہ ‪ " .‬ٻار ٿائين ڊڄي وڃي ٿو ۽ منھن ٽپڙي جي اندر ڪريو ٿو ڇڏي ‪.‬‬
‫' ھا بابال آئون آھيان رمون _ رمون چريو _' ٻار تپرس ۾ ڏانھس نھاري ٿو‪ .‬لڳيس ٿو رمون سچ پچ‬
‫چريو آھي‪ ،‬يا مار کائڻ الء ھشيون پيو ڏئيس ؛ پر ٻار مرڳوئي ھن کي ڏسي ‪ ،‬ڊوڙي ڀڄي وڃيس ٿو‪.‬‬
‫رمون اتان ھوريان ھوريان ھلندو اچي جيجل جي گھر پھچي ٿو‪ ،‬ڄڻڪ آخري داء ھڻندو ھجي ‪.‬‬
‫'ابا کمن ‪ ،‬آھي ڪو گھر تي ؟ "‬
‫کمن سڏ تي ڊوڙيندو ٿو اچيس ‪ ،‬پر اوچتو ھن تي نظر پوندي ئي ڄڻڪ بريڪ لڳي ٿو وڃيس‪.‬‬
‫اڙي بابا ڊڄ نہ آئون آهيان رمون رمون چريو۔مون کي چيڙائيندو ڪونہ چريو چريو ڪري پٿر بہ نہ‬
‫هڻندو ڇا؟ کمن پهرين تہ تپرس جي لکا ڏئي ٿو۔ پوء همت ڪري ڳالهائڻ لڳي ٿو ‪ :‬تنهنجي مرضي‬
‫آهي تہ آئون پادر کاوان لٺيون لڳن ۽ بابا الڳ ابتو ٽنگيم۔‬
‫اڙي نہ نہ هاڻي حرام جو توهان کي دانهن ڏيان تون ڀلي ٻين کي سڏي آ ۔ سڀئي پٿر هڻو اصل وڏا پر‬
‫هتي نہ هتي علوء وارا ڏسندو تہ کل الهي ڇڏيندو آئون هيئن ٿو ڪريان جو تال جي ٻي ڀر ٿو وڃي‬
‫بيهان هان پوء توهان ناليء کان بيهي مونکي پٿر هڻو پٿر هڻو سمجهيو ايئن چئي هو تالء ڏانهن وڃڻ‬
‫لڳي ٿو هو يعقوب جي مانڊڙيء تي اچي ٿو ڪيسيٽ جو آواز ڪن پيو ڦاڙي جنم جنم تيرا ساٿ‬
‫رهي گا يعقوب ۽ ستار ملو پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن۔ آئون چوان ٿو تہ هڪڙو تہ صبح کان وٺي رات‬
‫تائين گانا هاليو ٻيو وري ڪوڙي ڪافرن جي جنب جنب بڪواس۔هي ڪافرن جي ڪانهي‬
‫پاڪستاني آهي ! وري مٿان ڪوڙ هندوستان لڳائي چئين ٿو تہ پاڪستاني آهي۔ پڇي ڏس‬
‫ڪنهن کان بہ مانڊڻيء جي چوڌاري بيٺل ماڻهو مالن ستار ۽ يعقوب جي ڏي وٺ مان ماٺ ڪريو‬
‫مزو وٺي رهيا آھن۔‬
‫هوئن بہ مالن سدائين ڪنهن نہ ڪنهن سان ڳنڍيو پيو هوندو هو۔ يعقوب جي پڇڻ تي ماڻهن‬
‫هئوڪار ڪئي تہ مالن زمين تي پير زور زور سان هڻندوبڙ بڙ ڪندو هليو ويو۔ رمون سرندو سرندو‬
‫يعقوب جي ڀرسان اچي بيٺو ڏي مون وارا سڀ پئسا رمون اوچتو ر ڙ ڪئي۔‬
‫سڀئي؟‬
‫ها سڀئي ۽ هينئر جو هينئر رمون حڪم واري انداز ۾ چيو۔‬
‫اڙي رمون چريا هينئر تہ سڀ ڪونهن ۔‬
‫سڀ ڪونهن تہ ڀال پنج کن تہ ڏي۔‬
‫يعقوب جند ڇڏائڻ الء سڀ پئسا سيڙي پنج ۽ ڳڻي ڏيس ٿو۔‬
‫رمون يعقوب کان پئسا وٺي يعقوب کي ورائي ڏي ٿو۔هان هي وٺ پنج روپيا ۽ ڏي مونکي پنج روپين‬
‫جا بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا پڙو ٻڌي ڏي سمجهيئي۔‬
‫ڇو ماني ڪري کائيندي ڇا‪.‬‬
‫”منهنجي مرضي “‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪99‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫يعقوب بسڪٽ ۽ کٽمٺ ڙا برني مان ڪڍي پڙو ٻڌي ٿو ڏيئس ۽ رمون وٺنديئي هلڻ لڳي ٿو۔‬
‫ڏٺئو رمون کي مڙس سڌو سئون چوي نہ ٿو تہ پنجين روپين جو مل کپي پهرين پنج رپيا پنهنجا وٺي‬
‫ٿو ۽ وري پوء ورائي ڏي ٿو‪.‬‬
‫رمون جي ڪن تي يعقوب جو آواز پئي ٿو ۽ اوچتو‪.‬بيهي ٿو رهي پئسا هوندي سوندي ايئن ڇو وٺان‬
‫شيون توکان تنهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو سمجهن تہ خيرات پيو وٺان ماڻهو سڀ کلڻ لڳن ٿا ۔‬
‫يعقوب بہ مرڪي ٿو ڏي رمون کٽمٺ ڙن جو پڙو کنيو اچيو جهوپڙين جي گهٽين ٻار پتي راند پيا ڪن۔‬
‫”ٻارو هي ڏسو بسڪوٽ کٽمٺڙا“‪ .‬ٻار راند ڇڏي هن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا۔‬
‫”نہ ايئن نہ ملندو ڇورا ۔ پهرين مون کي پٿر هڻو تہ پوِء‪ “.‬ٻار تپرس وچان کيس ڏسن ٿا۔‬
‫”ٻارو آئون ٿو تالء جي ٻي ڀر ڀيهان توهان اچي مون کي جيڪو وڻي سو ھڻيو۔جنهن جو نشانو لڳندو‬
‫ان کي هڪ هڪ کٽمٺڙو انعام ۾ ملندو“۔ايئن چئي هو ڀڄڻ لڳي ٿو ۽ ٻار ان جي پويان ڊوڙڻ لڳن‬
‫ٿا۔‬
‫هو گپ مان ترڪندو ڪنيون ناليون ٽپندو ماڻهن سان ٽڪرائيندو ڊوڙندو ٿو وڃي ۽ ٻار هن جي‬
‫پويان هو هو ڪندا سندس پويان ڀڄندا ٿا وڃن‪ .‬رولو ڪتا بہ روشني ۾ شامل ٿيندا ٻارن سان گڏ‬
‫ڊوڙڻ لڳن ٿا هو گٽر تان سرن واري واٽ ڏيو ريل جي پٽن واري پاسي کان ٿيندو تالء جي ٻي ڀر وڃڻ‬
‫لڳي ٿو۔ ٻار پويان اٿس پاڻ اوچتو بيهي رهي ٿو ۽ هٿ جي اشاري سان ٻارن کي روڪيندو چوڻ لڳي‬
‫ٿو ‪.‬‬
‫” بابا اها ڪار ڪانهي توهان گٽر وٽ بيهو مٿاهان ٿيندو ۽ ائون ٻئي پاسي ٿو بيهان جنهن جو نشانو‬
‫لڳي اهو اچي کٽمٺڙو وٺي وڃي “۔‬
‫۽ بسڪوٽ ؟ هڪ ٻار پڇيس ٿو۔‬
‫”پوء اوها اوهان جي مرضي وڻيو بسڪوٽ وٺو وڻيو تہ کٽمٺڙو “‪.‬‬
‫بس۔ ٻار اوسي پاسي کان پٿر کڻي هن کي هڻڻ لڳن ٿا ڪي پٿر هن تائين پهچي نہ ٿا سگهن ۽ پاڻي‬
‫۾ لهرون پيدا ٿي وري گم ٿي وڃن ٿيون ۔ هڪڙو پٿر هن کي اچي پيرن ۾ لڳي ٿو ڌو پار هڪ پار رڙ‬
‫ڪري ٿو ۽ عارب ڊوڙندو هن وٽ اچي ٿو ۽ کٽمٺڙو وٺي وڃي ٿو۔ هڪ ٻار کٽمٺڙي ملڻ سان ٻارن ۾‬
‫تهائين جوش اچي وڃي ٿو ۔ تالء جي ڀر وارا پٿر کٽي ٿا وڃن ۔ ٻار ٿورو پريان وڃي پٿر چونڊڻ ٿا‬
‫لڳن ۔ هڪڙو ٻار ريل جي پٽي ڏانهن اچي پٿر کڻڻ لڳي ٿو۔‬
‫”متان اهي کنيا اٿو“ ريل ڪيرائيندو ڇا۔‬
‫”اڙي پري ٿي اتان اھي پٿر ڪار ڪونهن اهي لڳا تہ بہ ڪجھ نہ ملندو۔ بابا ٻيو جتان آڻيو هر وٿ‬
‫ڪار آهي ٺڪر دٻا شيشا گند ڪچرو جيڪو وڻيو سو آڻيو بس توهان الء سوالئي ڪري ڇڏيم۔“‬
‫هڪ پٿر هن کي اوچتو لونڌڙيء وارو لڳي ٿو ۽ رت وهڻ لڳي ٿو۔ ٻار هيسجي بيهي ٿا رهن۔ پرواه نہ‬
‫ڪر اچ کيسا اچ پنهنجو کٽمٺڙو وٺي وڃ واه جو چيٽو آهين۔ هڪ ريل گاڏي انهيء وچ اچي بيهي‬
‫ٿي۔ شايد سگنل نہ مليو اٿس اتي گهڻو ڪري گاڏيون اچي بيهنديون آهن۔ ماڻهو دريء مان ليئا پائي‬
‫ڏسڻ ٿا لڳن ۔ هي عجيب قسم جي راند ڏسي انهن کي االئي ڇا ٿو ٿي وڃي رمون چرئي کي ڏسي هو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪100‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫بہ رونشي مان درين مان ڪيلن ج ون کلون ۽ ٻيو گند ڪچرو اڇالئڻ ٿا لڳن عجيب نظارو ٿو لڳي‬
‫ڄڻڪ سڄي خلق چري ٿي ويئي هجي۔ ريل جو هارن وڄي ٿو ٽرين هلڻ لڳي ٿي ۽ جيڪو گاڏو‬
‫رمون جي ڀرسان کان لنگهڻ لڳي ٿو ان مان گند ڪچرو رمون ڏانهن اڏامي اچي ٿو۔ رمون ويتر کلڻ‬
‫لڳي ٿو ۽ ريل جي درين مان ماڻهو رمون کي ايئن کلندو ڏسي رونشي ۾ کلڻ لڳن ٿا هو هو جا آواز‬
‫ڪن ٿا۔ سج لڙي هيڏو ٿي چڪو آهي ۔ اتر جي هوا ۾ ٿڌ وڌي ويئي آهي ٻار ٿڌ هوندي بہ پگهريل‬
‫آهن تہ بہ ڪٿان نہ ڪٿان ڪا نہ ڪا شيء کنيو اچيو هن ڏانهن اڇالئن ۔ نہ رمون هاڻي راند بس‬
‫ڪر توکي تہ ڪجه لڳي ئي ڪون ٿو ۔ هڪ ٻار چويس ٿو ۔ ٻار ٿڪجي پيا آهن چڱو ٻارو ترسو ۔‬
‫آئون اچان ٿو ۔ هو مٿي اچي ٿو۔‬
‫ٻار رمون جي حالت ڏسي ڊڄي ٿا وڃن۔ گند سان ڀريل منهن مان بہ ٻن ٽن هنڌان رت وهندڙ لونڌڙيء‬
‫وٽ رت ڄميل عجيب ڀوائتي شڪل ۔ ٻار هيسجي وڃن ٿا۔‬
‫”ٻارو ڊڄو نہ‪ .‬اچي هاڻي بچيل مال اوهان ۾ ورهائي ٿو ڏيان اچي وٺو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هان خميسا هي ٻہ‬
‫کٽمٺڙا۔ عارب توکي بسڪوٽ ٿا وڻن وٺ هي بسڪوٽ ۽ ڪيڏانهن ويو عارب اچي عارب توالء ۽‬
‫هي وٺ ڙي تون ۽ هي توکي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هو ٻارن کي بچيل مال ورهائي ڏيڻ لڳي ٿو۔“‬
‫سج هاڻي لڙي چڪو آهي ۔ سنجها جي مهل جي اونداه هوريان هوريان وڌي رهي آهي تالء جي‬
‫ڪني پاڻيء جو رنگ مٿان وهندڙ گٽر جي گندي پاڻيء جو رنگ۔ جهوپڙين ۽ بنگلن تي اونداهي‬
‫ڇائڻ جو رنگ هڪڙو ٿيندو وڃي جهوپڙين ۾ دونهيون دکڻ لڳن ٿيون پريان بنگلن ۾ بتيون ٻرڻ‬
‫شروع ٿي ويون رمون گٽر جي مٿان ايئن بيٺو آهي ڄڻ ڪو وڏو ڪم ڪيو اٿس۔ ماڻهو ڪم تان‬
‫موٽڻ لڳا آهن ۔ پريان خدن پيو اچي ۔ خدن رمون کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو ‪ :‬اڙي ها ڇا ٿيو اٿئي؟‬
‫لڦيو پيو آهين وري انهن ڇورن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔‬
‫”خدن ڏس تالء ڀريو آهي نہ“ هو خدن جي ڳالھ ڪٽيندي چئي ٿو۔‬
‫”ھا پاڻي پوندس تہ ڇو ڪين ڀرجندو!“‬
‫”اڙي پاڻي سان نہ ‪ ،‬اڄ اسان تالء کي لٽڻ شروع ڪيو آھي‪ .‬ڏسين ڪونہ ٿو‪ .‬اسان ھن گندي تالء کي‬
‫گند سان ڀري ڇڏيو آھي‪“.‬‬
‫خدن غور سان ھن ڏانھن ڏسي ٿو‪ .‬ھن کي ٻيو تہ ڪجھ نظر نہ ٿو اچي پر ڪجھ نارنگين جون کلون‪،‬‬
‫ڪجھ ڪاڳر ۽ دفترين جا ٽڪڙا ترندا نظر ٿا اچن‪.‬‬
‫رمون‪ ،‬ايئن ٿو لڳي‪ ،‬تون ھاڻي سچ مڃائي چريو ٿي ويو آھين‪.‬‬
‫ساجن بہ اچي پھتو آھي‪ .‬ھو بہ رمون کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو ‪.‬‬
‫ساجن رمون جون ڳالھيون ٻڌيون اٿئي‪ .‬مڙس تالء کي ٿو ڀري سو گند ڪچرو ميڙيو ان ۾ پيو وجھي‪.‬‬
‫ساجن ڪڇي ڪونہ ٿو ۽ رمون ڏانھن ئي نھاريندو رھي ٿو‪ .‬ڳالھين ڳالھين ۾ ماستر ۽ علو بہ اچي‬
‫پھچن ٿا‪ .‬رمون فخر سان انھن ڏي نھاري ٿو‪.‬‬
‫اڄ ھنن ڇورن کي پادر ھڻڻا پوندا‪ .‬ماستر تون اھا ڍرائي نہ ڪر‪ ،‬ڇورا سڀ کري ويا آھن‪ .‬اڙي رمون!‬
‫ھڪڙو اڳيئي ڌپ‪ ،‬منھن تہ ڌوئي ڇڏ‪ .‬خدن وري کين سڄي ڳالھ ٻڌائڻ لڳي ٿو‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪101‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫چئبو تہ رمون تالء کي لٽيندو! سڀ کلڻ لڳن ٿا‪ .‬رمون سندن کلڻ تي ڪاوڙجڻ لڳي ٿو‪.‬‬
‫ڇو نہ ڀربو تالُء؟ آئون ان کي ڀريندس‪ ،‬ڀلي اوھان مدد نہ ڪريو‪ .‬اھو گٽر ابتو نہ وھايم‪ ،‬تہ پوِء پيُء‬
‫جو پٽ ناھيان!‬
‫اڙي بابا رمون ‪ ،‬ايئن ڪيئن تالء ڀربو‪ .‬ماستر سمجھائيندي چويس ٿو‪.‬‬
‫ڏسجو‪ ،‬ڪيئن نہ ٿو اھا کڏ ھتان گم ڪريان توھان تہ پيا روز ھتان لنگھو‪ ،‬ڏسجو‪.‬‬
‫اچي وٺ‪ ،‬ھي ھي تنھنجو وزم‪ ،‬خدن سگريٽ ڏئيس ٿو‪ .‬۽ مون بہ تو الء آندو آهي‪ .‬اڄ اھڙي دعا‬
‫ڪيئي‪ ،‬جو واھ جي مزوري لڳي‪ .‬رمون ھنن جي ھٿن مان وزم پاڻي وٺيو‪ ،‬آھي بہ تالء ۾ اڇالئي ٿو‪.‬‬
‫اڙي ھي ڇا ڪيئي! علو رڙ ڪري ٿو‪.‬‬
‫سڀ ڪجھ ھن تالء ۾ وجھو‪ .‬ٺڪر ٺوٻر‪ ،‬ڀتر‪ ،‬مٽي‪ ،‬واري‪ ،‬بجري آئون مري وڃان تہ منھنجو الش بہ‬
‫کڏ ۾ اڇالئجو‪ .‬ايئن چئي ھو پنھنجي اوسي پاسي کان‪ ،‬جيڪي ھٿ لڳيس ٿو‪ ،‬اھو کڻي تالء ڏانھن‬
‫اڇالئڻ لڳي ٿو‪ .‬ھو سڀ اچرج مان کيس تڪڻ لڳن ٿا‪.‬‬
‫انھيَء ڏينھن کان وٺي رمون اوسي پاسي کان تہ ٺھيو پر شھر کان گند ڪچرو کڻي اچي تالء ۾ وجھڻ‬
‫شروع ڪيو آھي‪ .‬ھاڻي کيس نہ رڳو ٻار پر ھر ڪو کيس رمون چريو چوڻ لڳو آهي‪.‬‬
‫پھرين تہ کيس رڳو پنھنجا سڃاڻيندا ھئا پر ھاڻي شھر ۾‬
‫بہ کيس ھرڪو بہ سڃاڻڻ لڳو آھي‪ .‬کيس ردي ۽ بيڪار شيِء جتان بہ ملي ٿي اھا کنيو‪ ،‬ٻڌيو‪ ،‬گھليو‪،‬‬
‫اچيو تالء ۾ ڇڏي پر تالء ھڪ جھوني کڏ آھي اڃا ڀرجي نہ سگھي آهي‪.‬‬
‫رات وري ڏاڍو مينھن پيو آھي‪ .‬ماڻھن رات جاڳي گذاري آهي پر پاڻي جھوپڙين ۾ گھڙن بدران پٺتي‬
‫تالء ڏي وڃي رھيو آھي!‬
‫صبح جو ماڻھو پنھنجيون جھوپڙيون ڀونگيون‪ ،‬ٽڪرا ٽپڙيوڻ لڳائي بالئتيون پيا ڪن‪ .‬ھي پھريون‬
‫ڀيرو آھي جو پاڻي جي ايڪڙ ٻيڪڙ دٻن کانسواِء پاڻي ڪٿي بہ بيٺل نظر نہ ٿو اچي‪.‬‬
‫ماڻھو ھوريان ھوريان تالء جي چوڌاري جمع ٿيندا ٿا وڃن ‪ .‬تالء ٽمٽار لڳو پيو آهي ۽ تالء جو ڪنو‬
‫پاڻي گٽر ۾ پئجي ان کي ابتو وھائي رھيو آھي پريان بنگلن ڏانھن‪.‬‬
‫تالء جي بچيل سچيل مٿاڇري پاڻي ۾ ٻوڙن جي پويان رمون جو الش لڌو آهي‪ .‬لڳي ٿو ھن سڄي‬
‫رات ويھي تالء کي لٽيو آھي‪ .‬ھر ڪنھن جي اکين ۾ ڳوڙھا آھن‪.‬‬
‫آڪاس تي اڃا ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن پر ھاڻي ڪنھن کي مينھن جو ڊپ ھراس ڪونھي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪102‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سائين ظفر حسن صاحب جي ڊائري جي ورق جو عڪس‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪103‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سائين ظفر حسن صاحب جي ڊائري جي ورق جو عڪس‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪104‬‬
‫رھيل قرض‪ :‬طفر حسن‬

‫سنڌ سالمت‬
‫‪www. sindhsalamat. com‬‬

‫سنڌ سالمت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليَء جي ڊجيٽالئيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ‬
‫آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي‪ ،‬ڇو تہ تاريخ هميشه‬
‫انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي‪.‬‬
‫سنڌ سالمت پڻ پنهنجي ٻوليَء جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليَء ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي‬
‫کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نہ رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن‪ ،‬ليکڪن‪،‬‬
‫محققن ۽ شاعرن جي علم‪ ،‬هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽالئيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ‬
‫۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيَء سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي‪.‬‬
‫اسان جي خواهش ھئي تہ سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي‬
‫جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن‪ .‬ڪتابن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ‬
‫آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي‬
‫ڊوائيس تي آساني سان آن الئين پڻ پڙهي سگھجي‪.‬‬
‫۽ اهو سڀ ”سنڌ سالمت ڪتاب گهر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو‪ .‬اميد تہ سنڌ‬
‫سالمت ڪتاب گهر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نہ صرف ڀرپور الڀ حاصل‬
‫ڪندا پر سنڌ سالمت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ الِء پنهنجو پورو ساٿ‬
‫نڀائيندا‪.‬‬

‫‪books. sindhsalamat. com‬‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ‬
‫ڪريو‪:‬‬

‫‪https://play. google. com/store/apps/details?id=com. sindhsalamat. book‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪105‬‬

You might also like