You are on page 1of 71

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫‪1‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جي سنڌي شعبي ۾ سال ‪2018‬ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف‬

‫راشد شر‬

‫بي ايس (سنڌي ادب) آخري سال ‪2018‬ع‬

‫تحقيقي نگران‬

‫پروفيسر اياز گل صاحب‬

‫سنڌي شعبو‬
‫شاهه عبداللطيف يونيورسٽي‪ ،‬خيرپور سنڌ‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬
‫‪2019‬ع‬
‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬

‫‪2‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫فهرست‬

‫‪6‬‬ ‫سنڌ سالمت پاران‬


‫‪7‬‬ ‫ارپنا‬
‫‪8‬‬ ‫پنهنجي پاران‬
‫‪10‬‬ ‫محقق جو تعارف‬

‫باب پهريون‬
‫‪12‬‬ ‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي سوانح حيات‬

‫جنم‬
‫تعليم‬
‫فقيريَء ڏانهن الڙو‬
‫شادي ۽ اوالد‬
‫وفات‬
‫سماجي ڪردار‬
‫همعصر ۽ شاگرد‬
‫شعر و شاعري‬
‫حواال‬

‫باب ٻيو‬
‫‪18‬‬ ‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعري‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جون صنفون‬


‫ڪافي‬
‫بيت‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جا موضوع‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جون خوبيون‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي سرائڪي شاعريَء جو مختصر جائزو‬

‫‪3‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو نمونو‬


‫سنڌي بيت‬
‫سنڌي ڪافي‬
‫سرائڪي بيت‬
‫سرائڪي ڪافي‬
‫هندي ڪالم‬
‫حواال‬

‫باب ٽيون‬
‫‪39‬‬ ‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء ۾تاريخي ۽ رومانوي ڪردار‬

‫تاريخي ڪردار‬
‫منصور حالج‬
‫شهيد صوفي شاهه عنايت‬
‫شهيد مخدوم بالول‬
‫موکي ۽ متارا‬
‫مارئي‬
‫رومانوي ڪردار‬
‫نوري ڄام تماچي‬
‫سهڻي‬
‫حواال‬

‫باب چوٿون‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء تي اڳ وارن شاعرن جو اثر ‪47‬‬

‫شاهه لطيف جو اثر‬


‫سچل سرمست جو اثر‬
‫صوفي روحل فقير جو اثر‬
‫حواال‬

‫‪4‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫باب پنجون‬
‫‪54‬‬ ‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جا همعصر ۽ سندس خاندان جا شاعر‬

‫همعصر شاعر‬
‫عثمان فقير سانگي‬
‫نانڪ يوسف‬
‫فقير قادر بخش بيدل‬
‫فقير غالم حيدر شر گودڙيو‬

‫خاندان جا شاعر‬
‫فقير در محمد (ٻيو)‬
‫خير محمد (ٽيون)‬
‫حواال‬

‫‪63‬‬ ‫تحقيق جا نتيجا‬


‫‪65‬‬ ‫ببلوگرافي‬

‫‪5‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫سنڌ سالمت پاران‪:‬‬


‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ”خوش خير محمد هيسباڻيَء جي‬
‫شاعريَء جو تحقيقي جائزو“ اوهان اڳيان پيش آهي‪ .‬هي ڪتاب اصل ۾ شاهه عبداللطيف‬
‫يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ سال ‪2018‬ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف‬
‫آهي‪ .‬هي مونوگراف ڪالم نگار ۽ مضمون نگار راشد شر جو لکيل آهي‪.‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليَء جو ڪالسيڪل صوفي شاعر آهي‪.‬‬
‫خوش خير محمد سچل جي ورثي صوفياڻي رنگ ۽ بيخوديَء واري شاعريَء کي اڳتي‬
‫وڌايو ۽ ڪافيَء کي نوان رنگ ڏنا‪ .‬هي دور سنڌي ڪافيَء جي اڀار جو دور هو‪ .‬صوفي‬
‫خوش خير محمد جي ڪافي ڪمال جي آهي‪ .‬هن سچل کان پوِء بيدل جو اثر ورتو ۽‬
‫صوفي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل ڪيو ‪.‬‬

‫راشد شر صاحب هي تحقيقي ڪم پيار‪ ،‬پاٻوھ‪ ،‬سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سالمت ڏانھن‬
‫موڪليو آھي تہ جيئن آن الئين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون‪.‬‬

‫اوهان سڀني دوستن‪ ،‬ڀائرن‪ ،‬سڄڻن‪ ،‬بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن‪ ،‬راين‪،‬‬
‫صالحن ۽ رهنمائي جو منتظر‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬


‫مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)‬
‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬
‫‪Sulemanwassan@gmail.com‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪6‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ارپنا‬

‫پنهنجي بابا ۽ امان جي نانِء‬


‫جن جي پيار کانسواِء آٌء اڌورو آهيان‬
‫آٌء ارپيان ٿو‬
‫پنهنجو هي پهريون پورهيو‬
‫ان عشق جي نانِء‬
‫جنهن منهنجي جيَء ۾‬
‫جستجوَء جا نوان جذبا جاڳايا‪.‬‬

‫‪7‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫پنهنجي پاران‬

‫اها ڳالهه هر اهل علم ڄاڻي ٿو ته ادب جي دنيا ۾ تحقيقي ڪم ڪو آسان ناهي‬
‫هوندو بلڪه ٻين سمورن علمي ڪمن کا ن نهايت ڏکيو ڪم آهي ته اهو تحقيقي ڪم‬
‫آهي‪ ،‬ڇو ته تحقيق جسم مان رت جا ڍڪ پي تندرست تخليق پيدا ڪندي آهي‪ ،‬تحقيق‬
‫اکين جي اوجاڳن جو کاڌو کائي پنهنجي صحتمند تصوير چٽيندي آهي‪ ،‬تحقيق دماغ کي‬
‫دڙڪا ڏئي ننڍين ننڍين غلطين تي ايستائين تنقيد ڪندي رهندي آهي جيستائين اهي‬
‫غلطيون درستگين ۾ تبديل ناهن ٿينديون‪ .‬ها تحقيق جيڪڏهن محقق الِء ڏکيو ڪم آهي‬
‫ته اتي سندس مستقبل الِء هڪ اهڙي آسان واٽ به ُجڙي راس ٿي ويندي آهي جنهن ۾‬
‫محقق جو دماغ ايندڙ وقت جي علمي عقلي سطح جا تجربا ۽ تجزيا ڪرڻ وقت اڳ جيئن‬
‫ڪن وڏن ڏکين مسئلن جي منهن ناهي لڳندو بلڪه اڳ جي ڀيٽ ۾ سندس ذهن وڌيڪ‬
‫سنجيده ۽ پختو ٿي ويندو آهي‪ .‬حقيقت ۾ تحقيق ڪندڙ محقق جڏهن سون جي تعداد ۾‬
‫ُاٺ ڪتابن جا پڙهندو آهي تڏهن وڃي ڪو هڪ معياري تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ وارو ليک لکي‬
‫سگهندو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته جڏهن هڪ محقق سوين لفظ پڙهندو تڏهن تحقيق ۾‬
‫ڪو هڪ جامع ۽ جاندار لفظ لکي سگهندو آهي‪ .‬ادب اندر مقرر ٿيل هر صنف جي پنهنجي‬
‫اهميت آهي اهڙي طرح تحقيق جي قسم کي ادب جي ٻين مڙني ڪيٽيگريز کان معراج‬
‫حاصل آهي ڇو ته معياري ادب تڏهن تخليق ٿي واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو جڏهن ان ۾‬
‫تحقيق جو مرحلو سگهارو هوندو‪ .‬اڄ اسان جي اها هڪ بدنصيبي به چئبي جو اسان جي‬
‫سنڌي ادب ۾ گهڻ پاڙهو گهڻ ليکڪن اديبن عالمن جي ته هڪ نه کٽندڙ ڊگهي قطار نظر‬
‫ايندي جنهن ۾ اسانکي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا محقق ۽ ٿوري گهڻي تحقيقي ڪم کي‬
‫پڙهڻ وارا شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندا‪ .‬اسان جو هڪ ٻيو وڏو اهو به الميو چئبو جو‬
‫اسانجو گهڻو اهل علم ادبي طبقو تحقيقي مقالن مونوگرافن ۽ ٿيسسزز کي پڙهڻ واري‬
‫عمل ۾ تمام گهٽ دلچسپي ٿو رکي جيڪي نه صرف ادب الِء نقصانڪار عمل آهي بلڪه‬
‫اڄ جي هر ادب جي شاگرد الِء به سائنسي علم جي کوٽ هجڻ جو به ثبوت آهي‪ ،‬انڪري‬
‫ادب سان دلچسپي رکندڙ سمورن ساٿين کي تحقيق واري شعبي ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان‬
‫ڏيڻ جي ضرورت آهي جيئن اسين پنهنجي ادب تي سائنسي انداز ۾ تحقيقي ڪم ڪري‬
‫ادب کي سمجهي معياري ادب جي ڇنڊ چونڊ ڪري دنيا اڳيان پنهنجي ادب جو علمي‬
‫معيار متعارف ڪرائي سگهون‪.‬‬
‫اڄ آٌء پنهنجي الِء اهو اعزاز ٿو سمجهان ته مان هڪ شاگرد جي حيثيت سان هي‬
‫تحقيقي مقالو لکي پورو ڪيو آهي اها منهنجي الِء انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي‪ .‬مان‬
‫جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو هو تڏهن کان منهنجي اها خواهش هوندي هئي ته آٌء سنڌي‬

‫‪8‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ادب جي ڪنهن ڪالسيڪل شاعر جي شاعريَء تي تحقيقي ڪم ڪيان جيڪي منهنجي‬


‫خواهش ڳچ وقت کانپوِء اڄ هن مونوگراف جي صورت ۾ پوري ٿي آهي‪ .‬مون کي هي‬
‫مونوگراف لکندي پڙهڻ لکڻ جي اهميت ۽ علم ادب جو قدر ڪرڻ سان گڏوگڏ محنت‬
‫ڪرڻ جو ڍنگ ۽ جستجو منهنجي من ۾ اڀار کاڌو آهي‪ .‬منهنجو هي مونوگراف سنڌ جي‬
‫ڪالسيڪل شاعر صوفي خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي شاعريَء تي موجوده وقت‬
‫جي تقاضائن موجب وقت جي ضرورت آهر هڪ نئون بحث آهي‪ ،‬توڙي جو مون کان اڳ‬
‫ان ساڳئي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي جو به ڪم ٿيل آهي جنهن ڪم جي به پنهنجي‬
‫هڪ الڳ اهميت آهي جو اڄ آٌء به ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ڪيل تحقيق کان گهڻي مدد‬
‫وٺي سندس اڳئين ڪم تي تحقيق ۽ تنقيد ڪري خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء‬
‫تي نون رخن کان نوان موضوع ڏئي هڪ نئون بحث ڪيو آهي‪ .‬مان ڪا اها به دعوا نٿو‬
‫ڪيان ته منهنجو هي ڪم ڪو غلطين ۽ ٻين ٿورين گهڻين ڪمين ڪوتاهين کان بچيل‬
‫هوندو بلڪه مون کان ضرور ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن موضوع ۾ ڪي غلطيون به ٿيون‬
‫هونديون ڇو ته ننڍين ننڍين غلطين کان دنيا جو ڪو به قلم ڪتاب بچيل ناهي هوندو‪.‬‬
‫منهنجي اها هڪ وڏي خوش نصيبي آهي جو مان ڊاڪٽر تنوير عباسيَء جي خوش خير‬
‫محمد جي ڪالم تي ٿيل تحقيق کانپوِء مان اهو پهريون شاگرد ليکبس جنهن کي هن‬
‫موضوع تي نئين انداز ۾ تحقيقي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو‪ .‬مان پنهنجو هي تحقيقي‬
‫مقالو پڙهندڙ سمورن ساٿين کي گذارش ڪندس ته هو منهنجي هن ننڍڙي محنت کي‬
‫پڙهي پنهنجي قيمتي اصالحي تنقيدي راِء مون تائين پهچائي منهنجي علم ۾ اضافو ڪن‬
‫ته آٌء سندن شڪريو ادا ڪندس‪ .‬آخر ۾ مان گهڻي کان گهڻا ٿورا ان مهربان دوستن استادن‬
‫۽ محققن جا مڃيندس جن منهنجي هن ڪم ۾ مون سان سهڪار ڪيو ان مڙني مهربانن‬
‫۾ خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء سان دلچسپي ۽ خوش خير محمد فقير جي‬
‫فڪر سان عقيدت رکندڙ سائين احسان علي هيسباڻي‪ ،‬انصاف علي هيسباڻي جا ٿورا جن‬
‫پنهنجي زباني فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي زندگيَء ۽ فڪر بابت ڄاڻ ڏني مان‬
‫شڪر گذار آهيان سائين اياز گل‪ ،‬پروفيسر ساجد سومرو‪ ،‬ڊاڪٽر مهر خادم‪ ،‬خاوند ڏنو‬
‫الڙڪ صاحب‪ ،‬قاسم ملڪ ۽ ٻين سمورن دوستن جو جن منهنجي همٿ افزائي ڪري‬
‫پنهنجو قيمتي وقت ڏئي منهنجي مدد ڪئي‪.‬‬

‫محمد راشد شر‬


‫بي ايس (سال آخري)‬
‫سنڌي شعبو‪ ،‬شاهه عبداللطيف‬
‫يونيورسٽي خيرپور‪.‬‬

‫‪9‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫محقق جو تعارف‬

‫محمد راشد جنهن جو ادبي نالو راشد شر آهي‪ ،‬پاڻ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ کنڊو‬
‫خان شر ۾ ‪ 2‬مارچ ‪1997‬ع تي پيدا ٿيا‪ ،‬ادب سان سندس لڳاُء سن ‪2012‬ع کان آهي ادبي دنيا‬
‫۾ سندس سڃاڻپ هن وقت مقاال نگار‪ ،‬مضمون نويس‪ ،‬ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور‬
‫آهي‪ ،‬سندس ادبي تحريرون‪ ،‬ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني‬
‫عوامي آواز‪ ،‬روزاني ڪاوش‪ ،‬روزاني ڪوشش‪ ،‬روزاني سنڌ ايڪسپريس‪ ،‬روزاني هالل‬
‫پاڪستان ۾ پبلش ٿينديون رهند يون آهن‪ ،‬ان کان عالوه سندس ڪهاڻيون‪ ،‬نظم ۽ نثري‬
‫ٽڪرا سنڌ جي مشهور ادبي رسالن جهڙوڪ ماهوار همسري ميگزين حيدرآباد‪ ،‬ماهوار‬
‫ساڻيهه ميگزين ڪراچي‪ ،‬ڪاوش مڊ ويڪ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن‪.‬‬
‫ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ الِء ڳوڙهي علم جي ضرورت‬
‫پوندي آهي‪ ،‬ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي‪ ،‬علم جي وسيلي ئي مختلف‬
‫شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو‪ .‬اسان جو هي سدا ملوڪ‬
‫ڄاڻ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو‬ ‫ُس ُ‬
‫آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي‪ .‬راشد جي لکڻين‬
‫۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي‪ ،‬توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي‬
‫پاڻ ادب جو شاگرد هجڻ جي حيثيت سان وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي مختلف‬
‫پهلوئن کي اجاگر ڪندو رهي ٿو‪ ،‬سندس ڪالمن‪ ،‬مضمونن‪ ،‬مقالن ۽ ڪهاڻين ۾ سماجي‬
‫ڪردار ائينَء هوبهو ڏيکاريل هوندا آهن جيئن اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ هوندا‬
‫آهن‪ .‬انساني جذبا‪ ،‬اميدون جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ گهر ڪري ويهنديون آهن ته انهي‬
‫محل راشد جون سڀئي سوچون‪ ،‬فڪر جون سڀئي ڦرهيون انهن نيڻن جي آسري تي‬
‫پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳڻ تي تيار ٿي وينديون آهن‪ .‬راشد جي مزاج توڙي طبيعت ۾‬
‫جيتري قدر مٺاس‪ ،‬پنهنجو پڻ ۽ سادگي آهي سندس تحريرن ۾ به ساڳيو ڍنگ ۽ سمجهاڻي‬
‫سمايل آهي‪،‬کيس هر هڪ معاشرتي ناانصافي‪،‬اڻ برابري ۽ ناپيد توڙي ناڪاره ٿيل فرصوده‬
‫ريتن ۽ رسمن تي ڪروڌ ايندو آهي‪ .‬سندس قلم هميشه سچ لکڻ ۽ سچ کي ترجيح ڏيڻ‬
‫پسند ڪيو آهي‪ ،‬راشد جو قلم هميشه انهن معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي جن‬
‫پهلوئن تي اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻهو يا ته سوچيندا ناهن يا ته وري انهن پهلوئن‬
‫تي سوچڻ ضروري ناهن سمجهندا اسان جي هن دوست انهن ڌڪاريل معاشرتي اصولن‬
‫‪10‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫جي پاسداري ڪندي پنهنجي قلم جي ذريعي هڪ پاڪيزه معاشري اڏڻ جي واٽ جو گس‬
‫ڏيکاريو آهي‪ .‬راشد کي هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن تي عبور حاصل آهي‪ ،‬هو‬
‫نثر توڙي نظم جي صنفن سان سٺو نڀاُء ڪرڻ جو ڄاڻو آهي‪ .‬ڳالهه عالمي ادب جي نڪري‬
‫يا پنهنجي الکيڻي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي اسان جو هي دوست سڀني موضوعن ۽‬
‫مضمونن سان هڪ جيترو انصاف ڪندڙ ليکڪ آهي‪ ،‬دنيا جا انقالبي اڳواڻ هجن يا‬
‫سماجي شخصيتون‪ ،‬سڀني سان معتبراني طريقي سان پاڻ ملهائي ٿو‪،‬کيس ڪهاڻيون‪،‬‬
‫مضمون‪ ،‬ڪالم ۽ مقاال لکڻ جو جيڪو بنيادي وسيلو آهي اهو سندس مطالعي ۽ مشاهدي‬
‫جو وسيع هجڻ‪ ،‬ڇو ته مطالعي ۽ مشاهدي سان فڪر جا نوان گس متعارف ٿيندا آهن جنهن‬
‫سان ليکڪ کي نوان عنوان ۽ پهلو لکڻ الِء ملندا آهن‪ .‬راشد جو به گهڻو وقت ڪتابن سان‬
‫گذريو آهي اڃا به کڻي ائين چئجي ته ڪتابن جو گهڻو وقت راشد سان گڏ گذريو آهي‪،‬‬
‫ڪتاب سان سندس ان الڳاپي ۽ ويجهڙائپ کيس ادبي دنيا ۾ نمايا ٿيڻ تي مجبور ڪيو‬
‫آهي ۽ سندس خيالن جي پرواز کي ايترو مٿي ڪيو آهي جو سندس سوچون ڪائنات‬
‫منجهه موجود هر هڪ چرپر کي نوٽ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ کيس لکڻ تي اتساهينديون رهن‬
‫ٿيون‪ ،‬راشد جي انهي گفتار ۽ اسلوب گهڻن ئي بند توڙي اونداهه ذهنن ۾ شعور جي الٽ‬
‫ٻاري ڪيترائي روشن خيال ذهن تيار ڪيا آهن‪ .‬راشد جي سمورين تحريرن مان سندس‬
‫هي مونوگراف انڪري به پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جو سندس هي هڪ تحقيقي‬
‫۽ اهم ادبي محنت آهي سندس هن اهم ساراهه جوڳي ڪامياب تحقيقي مونوگراف جي نه‬
‫صرف راشد کي مبارڪ هجي بلڪه ادب جي سمورن شاگردن کي به سنڌي ادب جي هڪ‬
‫ڪالسيڪل شاعر تي هن جامع انداز ۾ ٿيل تحقيق جون اڻ ڳڻيون واڌايون هجن ڇو ته‬
‫سنڌ جي هن اهم ڪالسيڪل صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي‬
‫ڪيل تحقيق سنڌي ادب الِء هڪ جامع تحفن ۾ به ڳڻي سگهجي ٿي جنهن کي پڙهڻ سان‬
‫ڪيترن ئي ادب جي شاگردن استادن ۽ محققن جي علم ۾ اضافو ٿيندو‪.‬‬

‫يوسف جميل لغاري‬


‫ٺري ميرواهه‬

‫‪11‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫باب پهريون‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي سوانح حيات‬

‫سنڌ ڌرتي اھا مقدس ڌرتي آھي جنهن جي سيني تي هميشه تاريخ جي عظيم‬
‫ڪردارن جو جنم ٿيو آھي جن ڪردارن پنهنجي فن فڪر ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو‬
‫روشن ڪيو آھي‪ .‬مطلب ته اسانجي هن مقدس ڌرتيَء کي اھو اعزاز حاصل آھي ته اسان‬
‫جي ڌرتي تاريخ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري ھلندڙ عظيم ھستين تاريخ جي ڪردارن شاعرن اديبن‬
‫جي ماُء رهي آھي‪ .‬شاھ لطيف کان ويندي سچل‪ ،‬سامي‪ ،‬بيدل‪ ،‬نانڪ‪ ،‬گودڙيي جھڙن‬
‫ڪردارن کي جتي ھن ڌرتي پنهنجي سيني مان جنم ڏنو اتي سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء‬
‫جي چمڪندڙ ستاري تصوف جي پرچارڪ شاھ سچل جي سلسي جي صوفي شاعر فقير‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جو جنم به اسان جي ھن سنڌ ڌرتيَء جي ڪک مان ٿيو‪.‬‬

‫جنم‬

‫فقير خوش خير محمد ھيسباڻي رئيس غالم حيدر ھيسباڻيَء جي گھر ۾ سن‬
‫‪1809‬ع ۾ ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي اڳوڻي ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي ضلعي نوشھرو‬
‫فيروز ۾ جنم ورتو‪ .‬فقير صاحب جن کي ٻيا به ٽي ڀائر هئا جن ۾ شير محمد‪ ،‬مير محمد‬
‫۽ عرض محمد هئا‪ .‬فقير خوش خير محمد سڀني ڀائرن کان وڏو هو‪.‬‬
‫“فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جا وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا جيڪي پوِء‬
‫اتان لڏي بلوچستان ۽ پوِء سنڌ ۾ اچي ھميشه الِء رھائش پذير ٿيا‪ ،‬جنهن وقت هيُء خاندان‬
‫سنڌ ۾ آيو‪ ،‬تڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جو راڄ هو ۽ هي خاندان به آدم شاھ ڪلهوڙي سان‬
‫گڏجي سنڌ آيو هو‪ .‬سنڌ ۾ اچڻ سان‪ ،‬هي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ڪي ڪاڇي‬
‫جي طرف‪ ،‬شاھ گودڙئي جي ڀرسان ميهڙ تعلقي ڏانهن هليا ويا‪ ،‬ته ڪي ڪنڊياري تعلقي‬
‫۾ ڀونئري لڳ اچي آباد ٿيا‪ ،‬جتان وري ڪي ڪرونڊيَء طرف (خيرپور ضلعي ۾) رھائش‬
‫پذير ٿيا” (‪)1‬‬

‫‪12‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫تعليم‬

‫فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي زندگيَء جا شروعاتي تقريبن ويهه ورهيه‬
‫پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذاريا ۽ پاڻ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون سندن استاد ان‬
‫وقت جو مشهور عالم آخوند بخش علي گاڏهي هو‪ .‬فقير خوش خير محمد جو جنھن گھر‬
‫۾ جنم ٿيو اھو گھر ۽ سندس خاندان اڳ ۾ ئي علم ادب سان چاھ رکندڙ ھو فقير سائينَء‬
‫جا وڏا عربي‪ ،‬فارسي ۽ قرآن شريف جو علم پڻ ڄاڻندا هئا‪ .‬فقير سائين جي گھر مائٽن‬
‫جي علمي ماحول ۽ سندس وڏن جي اثر سبب‪ ،‬فقير صاحب جو به الڙو علم ڏانهن گهڻو‬
‫رهيو‪.‬‬
‫“ خوش خير محمد ھيسباڻي نوشھرو فيروز جي نقشبندي بزرگ پير شھاب الدين‬
‫جي فرزند پير عبدالحئي جو طالب ھو‪ .‬ڪن سوانح نگارن موجب خير محمد جي وڏن جي‬
‫ان درگاھ سان عقيدت ھئي ڪي سوانح نگار لکن ٿا ته خير محمد ھيسباڻيَء جو ان درگاھ‬
‫سان تعلق عثمان فقير سانگي جي اثر ھيٺ ٿيو‪ .‬بهرحال ان ڳالھ تي ڪو به اختالف ناھي‬
‫ته فقير خوش خير محمد نوشھري جي نقشبندين جو طالب ھو‪ .‬ھن ڪيترين ئي ڪافين‬
‫۾ به مرشد عبدالحئي سان عقيدت جو اظھار ڪيو آھي ” (‪)2‬‬

‫جيئن مٿي بيان ڪري آياسين ته خوش خير محمد جا وڏا نوشهرو فيروز جي مشهور‬
‫۽ معروف اولياَء پيرعبدالحئي صاحب جا طالب هئا‪ ،‬تنهن ڪري پاڻ فقير صاحب جن به‬
‫اتي وڃي رهيا ۽ پاڻ وڌيڪ تعليم به اتي پرايائون اتي سندن استاد ۽ مرشد شهاب الدين‬
‫صاحب هو‪ .‬نوشھرو فيروز کان پوِء تعليم وري به پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان تڳرن ۾ استاد‬
‫مولوي عبدالقدوس وٽ ختم ڪيائون‪.‬‬

‫فقيريَء ڏانهن الڙو‬

‫فقير خوش خير محمد ٿورو علم پرائي‪ ،‬مير علي مراد خان ٽالپر‪ ،‬رياست خيرپور‬
‫جي واليَء وٽ‪ ،‬وڃي نوڪري ڪئي‪ .‬مير صاحب شروعات ۾ کيس ڪارائو ڪري رکيو‪،‬‬
‫پر آخر سندن ايمانداري‪ ،‬هوشياري ۽ سچائي ڏسي کين مختيارڪار ڪيو‪ .‬خوش خير‬
‫محمد فقير بابت هي ڳالهه مشهور آهي ته هڪ ڏينهن فقير صاحب پنهنجي وڏي اٽالي سان‬
‫شاهي شان و شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان ٺٽ جي پتڻ تان درياَء پار ڪرڻ الِء اچي رهيا هئا‬

‫‪13‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ته واٽ تي هڪ سولنگي قوم جي پوڙهي مائي گاھ جي ڀري ٺاهيو ويٺي هئي‪ ،‬جڏهن‬
‫فقير صاحب جن جي اٽالي تي نظر پيس‪ ،‬تڏهن چوڻ لڳي ته ابا آهي ڪو ماڻهو‪ ،‬جيڪو‬
‫مون کي هيَء ڀري کڻائي؟ فقير صاحب جن يڪدم ٽپ ڏيئي‪ ،‬گهوڙي تان لٿا ۽ مائيَء کي‬
‫ڀري وڃي کڻايائون‪ .‬فقير صاحب جي اميراڻي پوشاڪ ڏسي‪ ،‬مائي سمجهي وئي ته هي‬
‫ڪو امير ماڻهو آهي‪ ،‬سو هٻڪندي ۽ ڊڄندي چوڻ لڳي ته مون ته ڪنهن ٻئي ماڻهوَء کي‬
‫ٿي چيو‪ ،‬توهان کي ته ڪونه چيم‪ ،‬فقير صاحب کي ڄڻ دل تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو‪.‬‬
‫وائڙو ٿي چوڻ لڳو ته مائي آئون ماڻهو نه آهيان ڇا؟ مائيَء وراڻيو‪ :‬ابا اوهين ته ڪامورا‬
‫آهيو‪ .‬مائيَء جا اهي لفظ ٻڌي فقير صاحب حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته شايد هنن ڪپڙن‬
‫۽ ٺاٺ باٺ جي ڪري‪ ،‬آئون انسانن جي قطار کان ٻاهر نڪري ويو آهيان! بس ان وقت‬
‫ئي فقير صاحب جي خيال ۾ انقالب اچي ويو‪ .‬هڪدم نوڪري ڇڏي‪ ،‬پنهنجي مرشد پير‬
‫عبدالحي صاحب وٽ نوشهرو فيروز ويو ۽ اتان طلب ورتائين ۽ باقي زندگي فقيري ۾‬
‫گذاريائون‪ .‬فقير خوش خير محمد جي تصوف ۽ فقيريَء ڏانهن الڙي بابت خير محمد جي‬
‫عقيدتمندن جوچوڻ آهي ته فقير سائين جن کي رندي طريقو‪ ،‬حضرت شاھ عنايت جهوڪ‬
‫واري جي سلسلي جي هڪ عارف باهلل “جوڳ ڌڻيَء ” نالي درويش کان مليو‪ .‬سندن جوڳ‬
‫ڌڻيَء سان به مالقات اتفاقي ٿي جو ھڪ دفعي جوڳ ڌڻي نوشهرو فيروز کان اچي النگهائو‬
‫ٿيو ۽ پير صاحب جن جي اوطاق ۾ اچي ٽڪيو‪ .‬فقير خير محمد صاحب جن به اڪثر‬
‫ڪري ا تي رهندا هئا ۽ اوطاق ۾ آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندا هئا‪ .‬فقير صاحب‬
‫جن دستور موجب “جوڳ ڌڻيَء” جي خدمت ڪئي‪ .‬فقير خير محمد صاحب ننڍي کان ئي‬
‫حق ۽ ھيڪڙائي جو پارکو هو‪ ،‬سو پاڻ جوڳ ڌڻيَء کي چيائين ته قبال‪ ،‬ڪا االهي عشق‬
‫جي عنايت ٿئي ! مست فقير سندس صورت سيرت ۽ اخالق سبب اڳ ئي مٿس راضي‬
‫هو‪ ،‬تنهن ڪري ان جي اها گهر موٽائي نه سگهيو ۽ فقير خير محمد کي هڪل ڪري‬
‫چيائين ته منهنجي پٺيان ٿي ويهه فقير خير محمد صاحب‪ ،‬ارشاد موجب ائين ڪيو‪ .‬جوڳ‬
‫ڌڻيَء کيس اسم اعظم سمجهايو ۽ آخر ۾ ٻڌايائينس ته جيڪڏهن اڳيان ويهاري سبق ڏيانِء‬
‫ها ته مون وانگر مست فقير ٿي پوين ها هاڻي تون سالڪ رهندين‪.‬‬

‫شادي ۽ اوالد‬

‫“ فقير صاحب جن پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي خاندان مان ئي صرف هڪ شادي‬


‫ڪئي جتان فقير صاحب جن کي چار فرزند ٿيا جن ۾ در محمد مست‪ ،‬خير محمد (ٻيو)‬
‫در محمد (ٻيو) خير محمد (ٽيون) اچي وڃن ٿا‪ ،‬فقير خوش خير محمد ھيسباڻي پنهنجي‬

‫‪14‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫مرشد ۽ استاد پير عبدالحئي صاحب جن سان گڏ حج تي به ويا مدينه شريف پهچڻ بعد‬
‫فقير صاحب جن جڏهن حضرت رسول مقبول جي مبارڪ روضي جي زيارت ڪئي‪،‬‬
‫تڏهن هي ڪالم چيائون‪:‬‬

‫مک ماهي دا ماھ منير هويا‪،‬‬


‫ساڏا دمدم ساھ سڌير هويا‪)3( ” .‬‬

‫وفات‬

‫“ خوش خير محمد ھيسباڻيَء ‪1294‬ھ ‪ 2‬محرم تي ٽڳڙن جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي‬
‫عيسوي سن ‪1877‬ع آھي کيس ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو‪1905 .‬ع ۾ ٽڳڙن جي ڳوٺ‬
‫کي درياھ پائڻ لڳو ان ڪري سندس الش کي ڪڍرائي خيرپور ضلعي جي تعلقي فيضگنج‬
‫جي ڪرونڊي شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اوڀر دفن ڪيو ويو اھو ڳوٺ اڄ تائين صوفي خوش‬
‫خير محمد ھيسباڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو اتي سال به سال ‪ ،17،18‬۽ ‪ 19‬ذوالحج تي‬
‫ميلو لڳي ٿو‪)4( ”.‬‬

‫سماجي ڪردار‬

‫فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سوانح حيات جي مطالعي مان جتي اسان کي‬
‫ھن درويش جي علم ادب ۽ عقل جو پتو پوي ٿو اتي سندس زندگيَء ۾ انسان دوستي‬
‫انساني ڀالئي سماج جي ماڻھن سان محبت ڪرڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ نه صرف هڪ‬
‫شاعر ھئا بلڪه سماج ۽ سماج جي ماڻھن جو خيال ۽ احساسن جو قدر رکندڙ انسان دوست‬
‫مثالي سماجي ڪردار پڻ ھئا‪.‬‬
‫“ پاڻ ميرن سان تعلق واري وقت ۾ سفارش ڪري ڪيترائي قيدي آزاد ڪرائيندا‬
‫ھئا مير علي مراد سندس ڏاڍي عزت ڪندو ھو ۽ سندس سفارش تي قيدين کي آزاد ڪري‬
‫ڇڏيندو ھو‪ .‬ماڻھن کي جو اھا خبر پئي جو ھر چور چڪار جو مائٽ صوفي خير محمد کي‬
‫ايالز منٿون ڪري پنهنجي قيدين الِء سفارش ڪرائيندا ھئا‪ .‬آخر مير علي مراد به تنگ ٿي‬
‫پيو‪ .‬ھڪڙي ڏينهن ھن صوفي خير محمد کي سمجهايو ۽ کانئس ڏاڙھيَء تي ھٿ رکرائي‬
‫واعدو ورتائين ته ھو ٻيهر ڪنهن ڏوھيَء جي سفارش نه آڻيندو‪ .‬ھي فقير اڃا ڏاڙھيَء تي‬

‫‪15‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫انجام ڏيئي درٻار مان مس ٻاھر نڪتو ته اتي ئي ھڪ پوڙھيَء اچي اهلل جو نانُء وڌس ته‬
‫مونکي منهنجو پٽ ڇڏائي ڏي‪ .‬پاڻ ان دم ئي‬
‫موٽي آيو درٻار ۾ ۽ مير کي ان پوڙھيَء جي پٽ کي ڇڏڻ جي سفارش ڪيائين‪ .‬مير علي‬
‫مراد کلي چيس ته فقير اڃا ھاڻي ڏاڙھي ڏئي وئين ۽ ھاڻي ئي سفارش کڻي آيو آھين!‬
‫خير محمد ھيسباڻيَء مير کي چيو ته پوڙھيَء اهلل جو نانُء وڌو ‪ ،‬تارازيَء جي ھڪ ُپڙ ۾‬
‫پنهنجي ڏاڙھي وڌم ۽ ٻئي ۾ اهلل جو ناٌء اهلل جو نانٌء منهنجي ڏاڙھيَء کان ڳرو ٿي پيو‬
‫مير کلي نيٺ فقير جي اھا سفارش به مڃي” (‪)5‬‬

‫همعصر ۽ شاگرد‬

‫فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جن جا طالب ڪافي انداز ۾ هئا‪ ،‬جن ۾ سيد‬
‫محمد علي شاھ منگرجي وارو‪ ،‬قاضي محمد پريل ٽالپر وڏن وارو‪ ،‬شاھ محمد ديدڙ‪ ،‬درياَء‬
‫خان ڪلهوڙو پڻ آھن‪ .‬فقير صاحب جن جو پنهنجي مصروف زندگيَء ۾ درس تدريس جو‬
‫ڪم گهٽ ٿو نظر اچي جنهن جو سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته سندن گهڻو ڌيان االهي ياد‬
‫ڏانهن هوندو هو جنهن ۾ ھو محو هوندا هئا شايد ان ئي سبب جي ڪري پاڻ ڪي گهڻا‬
‫شاگرد تيار ڪري نه سگھيا پر پوِء به پاڻ سنڌ جي وڏن شاعرن عالمن ۽ صوفي بزرگن سان‬
‫ڪشاديون ڪچهريون ضرور ڪندا ھئا جنهن ڪري سندن همعصر فقير ۽ اهم صوفي‬
‫شاعر به گهڻا ئي ٿي گذريا آهن‪ ،‬جن مان عثمان فقير سانگي‪ ،‬فقير نانڪ يوسف اڳڙن‬
‫وارو‪ ،‬فقير بيدل روهڙيَء وارو ۽ فقير غالم حيدر شر گودڙيو وغيره اچي وڃن ٿا‪.‬‬

‫شعر و شاعري‬

‫فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ھٿ اکر شاعري ذايع ٿيڻ بابت ڊاڪٽر تنوير‬
‫عباسي لکن ٿا ته‪:‬‬
‫“ سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن متعلق عام روايتن وانگر فقير خوش خير محمد‬
‫ھيسباڻيَء جي ڪالم جو سندس ئي ھٿن سان لکيل نسخو درياھ ۾ لوڙھيو ويو! خوش‬
‫خير محمد جي خاندان جي بزرگ سائين فقير فتح علي ھيسباڻيَء ٻڌايو ته صوفي خير‬
‫محمد جي پٽ در محمد مست (جيڪو سچ پچ مست ھو) ائين چئي نسخو درياھ ۾ ڦٽي‬
‫ڪيو ته بابي ڀي اهلل نال گھڻيان ٺڳيان ڪيتان ھن”‪)6(.‬‬

‫‪16‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن درويش جو ڪالم ائين ضايع ٿيڻ کانپوِء به ختم‬
‫نه ٿي سگهيو ۽ هن صوفي شاعر جو ڪالم فقير سائينَء جي مريدن عقيدتمندن ۽ سنڌ‬
‫جي اهل علم ماڻهن جي ڪوششن سان سنڌي شاعريَء ۾ پنهنجي جاِء واالري‪ .‬خوش خير‬
‫محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء جي مطالعي ڪرڻ کانپوِء اھا ڳالھ بنا ڌڙڪ جي چئي‬
‫سگھجي ٿي ته ھن صوفي درويش جو ڪالم نج انسان دوست وحدت الوجودي فڪر‬
‫رکندڙ صوفياڻو ڪالم آھي‪.‬‬
‫جوڙ‬ ‫ملئي هنج ۾ جاِء اهڙي‬ ‫هوت‬
‫ٿانُء رک ٿانهر جو ٻيا ٽپڙا سڀئي ٽوڙ‬
‫وٺ راهه رب جي منهن نه ڪاڏي موڙ‬
‫توڪل رساوئي توڙ‪ ،‬خوشي سان خير محمد چوي ‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)6‬‬

‫حواال‪:‬‬

‫‪www.google.com// htp.sindhiadabiboard.com‬‬ ‫‪.1‬‬


‫عباسي‪ ،‬تنوير “ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام‬ ‫‪.2‬‬
‫شورو ‪2008‬ع ص ‪21‬‬
‫‪www.google.com//htpsindhiadabiboard.com‬‬ ‫‪.3‬‬
‫عباسي‪،‬تنوير “ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام‬ ‫‪.4‬‬
‫شورو ‪2008‬ع ص ‪24‬‬
‫ايضا ص ‪23‬‬ ‫‪.5‬‬
‫ايضا ص ‪11‬‬ ‫‪.6‬‬

‫‪17‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫باب ٻيو‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعري‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء جون صنفون‬

‫فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جيڪا شاعري ڪئي آھي اھا بيت ۽ ڪافي جي‬
‫صنف تي مشتمل آھي ان ڪري پاڻ سڀ کان پھريان ڪافي جي وصف ۽ خوش خير محمد‬
‫ھيسباڻيَء جي ڪافي ۽ بعد ۾ بيت جي وصف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي بيت تي‬
‫ڳالهائينداسين‪.‬‬

‫ڪافي‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جون ڪافيون ۽ سندس ڪافين ۾ وصفون خوبيون ۽‬
‫فني سٽاُء تي لکڻ کان اڳ ۾ ڪافيَء جي باري ۾ ڪجھ لکڻ ضروري ٿو سمجهان‪ .‬ڪافي‬
‫جي باري ۾ مختلف اديبن عالمن جا مختلف رايا آھن‪.‬‬
‫“ڪافي لوڪ ادب جي اھم صنف آھي‪ .‬هن جو اوائلي شاعر‪ ،‬حاجي جانڻ مشھور‬
‫آھي‪ .‬ڪافيَء ۾ ڪوبه وڌاُء يا مبالغو نه ھوندو آھي‪ .‬ڇو جو مبالغو ۽ وڌاُء غزل ۾ روا آهي‪.‬‬
‫عربيَء ۾ ڪف جي معني آهي‪ ،‬دف جي ڪاٺي‪ ،‬جنهن ۾ گنگهرو پيل هجن‪ .‬ڪافيَء جي‬
‫باري ۾ شيخ اياز چئي ٿو ته‪ ،‬ڪافي پهريان شاھ حسين پنجابيَء ۾ چئي بعد ۾ نانڪ‬
‫يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌي ۾ چئي‪)1( ”.‬‬

‫“ڪافيَء جي باري ۾“برھانپور ڪي سندهي اولياَء ” جو مولف ڪافي کي سنڌ جو‬


‫مقبول راڳ سڏي ٿو‪ .‬منظور نقوي ڪافيَء کي سنگيت جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ‬
‫۽ خسرو جي ايجاد سڏي ٿو‪ .‬غالم حسين سومرو جو خيال “دعاِء ڪاف” ڏانھن ويو‬
‫آھي‪)2(”.‬‬

‫اھو ھڪ ڊگھو بحث آھي بحر حال ڪافي تي اھل دل جا صاحب سوز ۽ ساز شوق سان‬
‫ڳائي وڄائي ويا آھن‪.‬‬

‫‪18‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ظفر عباسي پنهنجي ڪتاب “سنڌيَء ۾ شاعريَء جون صنفون ۽ صنعتون” ۾ لکي ٿو ته‪:‬‬
‫“ لطف علي شاھ ۽ منظور نقوي جي چوڻ مطابق‪ ،‬ڪافي سنڌ جي پيداوار نه آهي‪.‬‬
‫ڪافي موسيقيَء جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي‪ .‬ان ٺاٺ جو ست سئو ورهيه‬
‫اڳ پنڊت سارنگ ديو‪ ،‬پنهنجي گرنٿ “رتنا ڪر” ۾ نالو “هرپيا ميل” ڄاڻايو آهي‪ .‬امير‬
‫خسروَء به ھرپيا ميل ٺاٺ مان‪ ،‬ھڪ سمپورن راڳ ڪڍيو جنهن جو نالو رکيائين ڪافي‪،‬‬
‫ڪافي نالو انڪري رکيائين جو هن ۾ سڀ سر سنوان سڌا ٿي لڳا‪ .‬آروهي ۽ امروهيَء ۾‬
‫ست ئي سر اچي ٿي ويا تنهن ڪري نالو رکيائين ڪافي‪ ،‬يعني مڪمل‪ ،‬پوري‪ ،‬بلڪل‬
‫مڪمل ڪافي معني مڪمل سندس ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ڏينهن جو منجهند آھي‪)3( ”.‬‬

‫ڪافيَء جا ڪيترائي قسم آھن جن مان ڪجھ اھم ھي آھن‪ ،‬جھڙوڪ ھيڪوڻي‬
‫ڪافي يا يڪي ڪافي‪ ،‬ڏيڍي ڪافي يا ڏيڍوڻي ڪافي‪ ،‬ٽيڻي ڪافي‪ ،‬چؤڻي ڪافي وغيره‪.‬‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جو ڪالم فني حوالن سان ماال مال آھي سندس ھيٺئين‬
‫ڪافي مثال طور ڏجي ٿي‪.‬‬

‫نماز‬ ‫پڙھائي‬ ‫نينهن‬


‫ٿي آيو امام اسان جو‬ ‫عشق‬
‫جو دائم‬ ‫عشق اسان‬ ‫حضرت‬
‫قائم‬ ‫تائين‬ ‫قيامت‬ ‫ڏينهن‬
‫نياز‬ ‫سي‬ ‫ڪيو‬ ‫نوڙي‬
‫ٿي آيو سالم اسان جو‬ ‫سجدو‬
‫بازي عاشق ڄاڻن‬ ‫جي‬ ‫عشق‬
‫سڃاڻن‬ ‫سالڪ‬ ‫محبت‬ ‫مام‬
‫راز‬ ‫سمجھن‬ ‫ڪي‬ ‫رند‬
‫قرآن آھي ڪالم اسانجو‬ ‫ڪلمو‬
‫محمد بيان چوان مان‬ ‫خير‬
‫عشق جو شان چوان مان‬ ‫اعلي‬
‫آواز‬ ‫آھي‬ ‫۾‬ ‫عرش‬
‫پيغام اسانجو‪.‬‬ ‫پهچايو‬ ‫جلدي‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)77‬‬

‫‪19‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي مٿئين ڪافي چؤڻين ڪافين مان آهي‪ ،‬ھيَء ڪافي‬
‫ڇند وديا تي لکيل آھي ھن ڪافي جي ٿلھ ۾‬
‫سارگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬‫ُ‬
‫جگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫يگ ُن = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫مگ ُن شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫وچور ‪ :‬ٿلھ ۾ شٽڪل ٻه ڀيرا ۽ ٽي گن استعمال ٿيل آھن‪.‬‬
‫ڪافيَء جو پھريون بند چئن سٽن تي مشتمل آھي‪.‬‬
‫ھگ ُن = ست ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫سارگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫يگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫جگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫مگ ُن شٽڪل = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫اھڙيَء ريت ھن بند ۾ ھڪ شٽڪل چار ُگن ۽ ٽيھٺ ماترائون استعمال ٿيل آھن‪.‬‬
‫ڪافيَء جي ٻي بند ۾ به چار سٽون آھن‪.‬‬
‫ُ‬
‫سارگ ُن = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬
‫ڀگ ُن = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫يگ ُن = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫تگ ُن = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫جگ ُن = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي‬ ‫ُ‬
‫مگ ُن شٽڪل = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪،‬‬ ‫ُ‬
‫ڪافيَء جي ھن بند ۾ پنج ُگن ۽ ٻه ڀيرا شٽڪل آيل آھي‪ ،‬ھن بند ۾ ستر ماترائون‬
‫استعمال ٿيل آھن‪.‬‬
‫ڪافيَء جو ٽيون ۽ آخري بند به چئن سٽن تي مشتمل آھي‪.‬‬
‫سارگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫جگ ُن ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫يگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫سگ ُن = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫تگ ُن = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪.‬‬ ‫ُ‬

‫‪20‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫مگ ُن شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي‪ ،‬ھن بند ۾ پنج ُگن ٻه شٽڪل ۽ ڇاھٺ ماترائو‬ ‫ُ‬
‫استعمال ٿيل آھن‪.‬‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي مٿئين ڪافي ۾ اٺ ڀيرا شٽڪل پنج گن ۽ ٻه سئو ٻاويھ‬
‫ماترائون آھن‪ .‬ھيَء ڪافي شاھ جي راڳڻي ڀانو آچاريا تي ڳائي سگھجي ٿي ۽ ھن ڪافيَء‬
‫کي سارڪا ڇند ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو‪ .‬خوش خير محمد جو سمورو ڪالم فني‬
‫فڪري طور تي آڌاريل آھي‪ .‬فلسفي ۽ ٻوليَء جا ماهر ڇند وديا جا استاد ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا‬
‫ته خوش خير محمد ھيسباڻيَء جو ڪالم خوبين جي ُحسناڪين سان سينگاريل ۽ فني‬
‫فڪري حوالي سان ماال مال آھي‪.‬‬

‫بيت‬

‫فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ ڪافي کانسواِء ٻي صنف بيت‬
‫جي آھي‪ ،‬دوھي ۽ سورٺي وانگر بيت به هندي ڪالسيڪل شاعريَء جيئن مقبول صنف‬
‫آھي‪ ،‬بيت سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي نج ۽ اھم صنف آھي‪ .‬خوش خير محمد‬
‫ھيسباڻيَء جا بيت به فني حوالي سان شاھڪار آھن سندس ھيُء بيت ته‪:‬‬

‫پوِء آدم جو اولو ڪري اچي ٿو اظھار‪،‬‬


‫سر ٻڌي دستار‪ ،‬آيو چيرو چوگان ۾‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)62‬‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻي ھن ٻه سٽي بيت کي ھندي ڇند وديا تي سرجيو آھي‪،‬‬
‫مٿئين بيت جي ھر سٽ ۾ پنجويھ ماترائون آھن‪ .‬مٿيون بيت ٻارنهن تيرنهن جي حساب‬
‫سان پنجاھ ماترائن تي مشتمل آھي‪ .‬سندس ھڪ ٻيو بيت ته‬

‫پسو جيئن پاڻ‪ ،‬ھر رنگ ۾ رلجي وڃي‬


‫مطلوب جي اھا اھڃاڻي‬ ‫طالب کي‬
‫سمجھ دل سياڻي‪ ،‬خاصن جي خير محمد چوي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص‬
‫‪)63‬‬

‫‪21‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫مٿئين بيت جي ھر سٽ ٽيويھن ماترائن تي آڌاريل آھي‪ .‬اھڙيَء طرح يارنهن ٻارنهن‬
‫جي حساب سان ھن بيت ۾ ستر ماترائون اچي وڃن ٿيون‪ .‬مجموعي طور تي خوش خير‬
‫محمد جيڪي شاعري جون صنفون ڪافي ۽ بيت لکيون آھن اھي فني فڪري ۽‬
‫موسيقيت جي رڌم جي حوالي سان سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جو سرمايو آھن‪.‬‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء جا موضوع‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي دؤر يا کانئن اڳ واري دؤر جي شاعرن جي شاعريَء‬
‫جا موضوع سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي ُچڪا ھئا‪ ،‬جھڙوڪ‬
‫تصوف‪ ،‬تاريخ‪ ،‬فلسفي ۽ رومانويت جا موضوع سنڌي شاعريَء ۾ عام ٿي ُچڪا ھئا‬
‫جنهنڪري خوش خير محمد جي ڪالم جي موضوعن ۾ به سندس دؤر ۽ اڳ وارن‬
‫ڪالسيڪل صوفي شاعرن جي فهم فڪر ۽ فلسفي وارو تسلسل برقرار رھيو‪ .‬خوش‬
‫خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جا موضوع ھڪ صوفي تصوف جي پرچارڪ ۽ فطرت‬
‫جي شاعر وارا آهن‪ ،‬فقير خوش خير محمد جتي پنھنجي ڪالم ۾ خدا جي واکاڻ ۽‬
‫وحدانيت جي فلسفي جي تبليغ ڪري ٿو اتي ھن جي ڪالم ۾ تاريخ حب الوطني انقالب‬
‫رومانس مزاحمت ۽ فطرتي رنگن جو به ڀريو مشاھدو نظر اچي ٿو جنهن ڪري چئي‬
‫سگھجي ٿو ته خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جا موضوع خود بيداري‪ ،‬پاڻ سڃاڻڻ‬
‫سميت حسن پيار محبت ‪ ،‬عشق‪ ،‬تاريخ‪ ،‬حب الوطني‪ ،‬۽ فطرت جي رنگن سان ٽمٽار آھن‪.‬‬
‫هاڻ سڀ کان پھريان خوش خير محمد جي صوفياڻي ڪالم تي نظر وجھنداسين ڇو ته‬
‫خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾ تصوف کانسواِء ٻين به کوڙ سارن موضوعن کي‬
‫پنهنجي ڪالم ۾ ڳايو آھي پر جڏهن سندس ڪالم جي سمورن موضوعن جو نچوڙ‬
‫ڪڍبو ته اھو سندس ڪالم جو نچوڙ ھوندو تصوف جنھن ۾ وحدانيت وارو فڪر‬
‫ھيڪڙائيَء وارو نظريو خوديَء کي ختم ڪرڻ وارو درس سمايل آهي‪ .‬جيئن ته خوش خير‬
‫محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست وانگر تصوف جي پيغام جي‬
‫پرچار ۽ پنھنجي صوفياڻي اعتقاد جو پنهنجي ڪالم ۾ چٽو اظھار ڪيو آھي‪ .‬خوش خير‬
‫محمد جي ان صوفياڻي اظھار ۾ ٻيائيَء کي ٻن ڏئي ھيڪڙائيَء ۾ ھڪ ٿي وحدت الوجودي‬
‫نظريي جي پرچار ڪري ماڻھن کي خودي ۽ ڀٽڪيل واٽ مان ڪڍي حقيقت واري واٽ‬

‫‪22‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫تي ھلڻ جو درس ملي ٿو‪ ،‬ڇو ته خود وحدت الوجودي نظريي بار بار اھا تلقين ٿو ڪري‬
‫ته‪:‬‬
‫“ڪائنات جي مخلوق عين صفات باري ۽ صفات نالو آھي ذات باريَء جي تجليات‬
‫جوتنھن ڪري خالق ۽ مخلوق بنيادي اعتبار سان ھڪ شيِء آھن ۽ اول‪ ،‬آخر ھڪ ٿي‬
‫وينديون ”(‪)4‬‬

‫ساڳئي طرح حقيقي منزل ڏانھن پھچڻ الِء خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾‬
‫ظاھري عبادتن کي رد ڪندي چوي ٿو ته‬

‫تال پڙھين ھر ھر ھو‬ ‫تسبيون‬


‫االنسان سري وانا سرھ ‪، ،‬‬
‫فرق نه هڪ تر تنھنجو ٿي‬

‫محمد خيال وحدت وارو‬ ‫خير‬


‫نظارو‬ ‫ڪاڏي نينھن‬ ‫جاڏي‬
‫ٿي‪.‬‬ ‫تنھنجو‬ ‫طلسم‬ ‫سارو‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)67‬‬

‫صوفين جي نظر ۾ حقيقت جي واٽ جو لنگھ صرف عشق جي سواريَء جي‬


‫ُ‬
‫ڪلهن تي ئي ٿئي ٿو‪.‬‬

‫احمد کي اوھان احد سڃاڻو‬


‫مام‬ ‫اٿو‬ ‫واري‬ ‫ميم‬
‫ميم منجھان جي مست ٿيا‬
‫جام‬ ‫ڀري پي‬ ‫جنگ‬
‫منجهان معلوم ٿئي‬ ‫ميم‬
‫جا دام‬ ‫دوئيَء‬ ‫ٽوڙيو‬
‫ٿئي‬ ‫اچي اثبات‬ ‫احد‬
‫ڪپي ڏسو الم‬ ‫جي‬ ‫ال‬

‫‪23‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫سڪ سان کڻي آيو سڪندر‬


‫پيغام‬ ‫پنهنجا‬ ‫پاڻ‬
‫خير محمد خوش ٿيا سي‬
‫امام‪.‬‬ ‫جو عشق‬ ‫جن‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)73‬‬

‫صوفين جي نظر ۾ عشق عبادت آھي جنهن جي جذبي جي جنونيت سان سادگيَء کان‬
‫پيچيدگيَء جي منزل تائين رسائي ٿئي ٿي‪ .‬سموري ڪائنات خدا جي وجود جو حصو آھي‪.‬‬
‫ان خدا جي وجود کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ الِء عشق جو ھجڻ ضروري آھي ۽ ان حق جي‬
‫منزل کي ماڻڻ الِء ظاھري ڏيکاَء وارو علم ناقص ۽ مدي خارج آھي‪.‬‬

‫نماز‬ ‫پڙھائي‬ ‫نينھن‬


‫عشق ٿي آيو امام اسان جو‬
‫حضرت عشق اسان جو دائم‬
‫قيامت تائين قائم‬ ‫ڏينھن‬
‫سي نياز‬ ‫ڪيو‬ ‫نوڙي‬
‫سجدو ٿي آيو سالم اسان جو‬
‫عشق جي بازي عاشق ڄاڻن‬
‫سالڪ سڃاڻن‬ ‫مام محبت‬
‫سمجھن راز‪.‬‬ ‫ڪي‬ ‫رند‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)77‬‬

‫خوش خير محمد جي شاعريَء جي موضوعن ۾ تصوف سان گڏ مجازي رومانس‬


‫حسن‪ ،‬عشق ۽ ھجر‪ ،‬فراق جو بيان پڻ ملي ٿو‪ .‬ڊاڪٽر تنوير عباسي خوش خير محمد جي‬
‫رومانويت بابت لکن ٿا ته‪:‬‬

‫“ خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ ھڪ نئين اسلوب‪ ،‬توڙي نئين‬
‫تاثر جو اظھار ڪيو‪ ،‬خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪافين ۾ ھر موضوع تي رومانويت جو‬
‫وڻندڙ رنگ چڙھيل ملندو‪ .‬اھو اثر سندس همعصرن توڙي کانئس اڳ وارن شاعرن وٽ‬
‫پڻ ملي ٿو‪ ،‬پر ڪٿي ڪٿي اھو ايترو رچيل نه آھي‪ ،‬جو انھن شاعرن کي رومانوي شاعر‬

‫‪24‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ڪري ليکجي‪ .‬شاھ لطيف توڙي سچل سرمست تصوف تي رومانويت جو پوش چاڙھيو‪،‬‬
‫ان اصلوب جي چوٽ خير محمد ھيسباڻيَء وٽ ٿي‪ .‬خير محمد جي ھر ڪافي مجاز جي‬
‫رنگ ۾ رنگيل آھي‪ .‬ھن وٽ سونھن جو بيان سراپا تائين وڃيو پھچي‪ .‬ھن کي صوفياڻي‬
‫فلسفي‪ ،‬ھمه اوست جي ڳوڙھن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت به پرينَء جا پار‬
‫نظر ٿا اچن‪ .‬اتر توڙي الڙ ۾‪ ،‬ان اسلوب جي انتھا ھن شاعر وٽ ئي نظر اچي ٿي” (‪)5‬‬
‫پنهنجي محب جي مجازي رنگ ۽ ُحسن جي ڪڙيَء ۾ قابو ٿيڻ جي ڪيفيت کي خوش‬
‫خير محمد ڪيتري ته ڪمال سان بيان ڪيو آھي‪.‬‬

‫نال ماھي ميڏيان اکيان اڙيان‬


‫جهالن پالن تي رندن کڙيان‬
‫قرب حسن وچ قابو ڪڙيان‬
‫جادوگر داڻا‪.‬‬ ‫ماريا جوڳي‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)178‬‬

‫جانب جي جدائيَء جي عذاب‪ ،‬اکين مان ھاريل آب ۽ الچاري بيتابي کي بيان ڪندي‬
‫لکن ٿا ته‪:‬‬

‫جانب جدائيَء جو مون کي ڏاڍو آھ عذاب‬


‫ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون ھارن آب‬
‫اللڻ الچاريَء کان ٿيون ڏين عجيب عتاب‬
‫ماندي ھت مري ٿي تنھن ڏي مڪئي ڪونه جواب‬
‫خيرمحمد خوش خواب‪ ،‬ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي؟‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)61‬‬

‫جيئن صوفين جي نظر ۾ مجازي عشق حقيقت ڏانھن ويندڙ رستي جي ڏاڪڻ آھي‬
‫ائينَء خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي زندگيَء جي شروعاتي ڏينهن دوران سندس ڳايل‬
‫ڪالم ۽ سندس سموري ڪالم جي مجموعي جي ڳچ حصي ۾ به مجازي محبوب جي‬
‫پيار محبت ۽ عشق جي خوب واکاڻ ٿيل نظر اچي ٿي‪.‬‬

‫عشق اچي مون سان ڪيون ڳالھيون‬

‫‪25‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫جھڙيون سلڻ نه جھڙيون‪.‬‬ ‫نه‬ ‫ڏسڻ‬


‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)72‬‬

‫آيا اڄ ڪي سالم عجيبن جا‬


‫خط پروانا ڪيئي لکيائون‬
‫جا‬ ‫هئا حبيبن‬ ‫هاواڻا‬

‫ڪانگ نياپو چئج نڌر جو‬


‫جا‬ ‫قول قريبن‬ ‫قاصد‬

‫خير محمد خوش دلبر مليو‬


‫وٺجان ڪنجڪ ڪريمن جا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص(‪)101‬‬

‫مٿئين ڪافيَء ۾ شاعر پنهنجي محبوب سان مالقات جي سڪ الِء دل ۾ پيدا ٿيندڙ‬
‫بيتابي ۽ ڪانگل کي پرينَء طرف نياپا پھچائڻ واري ڪيفيت کي ظاهر ڪيو آھي‪.‬‬

‫وڇڙيا ملن يار لھندا غم غبار‬


‫گڏ ٿي گذاريون دم نه ٿيون ڌار‬
‫ُاداسي من گھڻو ماندو‬ ‫دلڙي‬
‫ڍولڻ کان مور نه واندو‬ ‫برھ‬
‫لئون سڄڻ جي ڪيو الچار‬
‫لئه ڪانگ اڏايان‬ ‫روز سڄڻ‬
‫پرينَء جا واٽ واجهايان‬ ‫پنڌ‬
‫اندر آ ڍوليا تنهنجي تار‪.‬‬ ‫تن‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي ص ‪)102‬‬

‫شاعر حساس دل جا مالڪ ھوندا آھن ان حساسيت جو اندازو اسان خوش خير محمد‬
‫جي مٿئين شعر مان لڳائي سگهون ٿا ته جڏھن ھڪ شاعر کان ُمحب وڇڙي ٿو تڏھن ھڪ‬
‫عاشق شاعر جي ڪھڙي ڪيفيت ھجي ٿي ۽ سندس اکين ۾ ندين وهڻ جو عڪس ڪيئن‬
‫‪26‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ته لفظن ۾ چٽجي وڃي ٿو‪ .‬ھاڻ جڏھن ساڳئي سڪ جي ستايل عاشق شاعر جي پنهنجي‬
‫محبوب سان مالقات ٿئي ٿي تڏھن سندس سمورا ٿڪ کن پل ۾ ڪيئن ته لهي وڃن ٿا‪.‬‬

‫آيو يار اڱڻ ويا وھم لھي‬


‫ساڻي سکڙا ٿين سور سھي‬
‫حال ڏسي ھيڪاريون‬ ‫ھيڻو‬
‫دلداريون‬ ‫ڏنيون لک‬ ‫دلبر‬
‫منهنجون سي ئي ڳل ڳاريون‬
‫ويا لحظي اندر لڙڙا لھي‬
‫جيرو جدائيَء ۾ جليو‬ ‫سو‬
‫سو سڀڪي مون سڄڻ کي سليو‬
‫ھيڻو حال ڏسي وئين ھوت ھليو‬
‫تنھنجي روِء ڏسي پيا رنجڙا لھي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)103‬‬

‫مجموعي طور تي فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جو اڀياس ڪرڻ‬
‫کان پوِء سندس ڪالم جي موضوعن کي ڪنهن ھڪ اڌ محدود نظريي سان ڀيٽي نٿو‬
‫سگھجي ڇو ته ھن شاعر جي ڪالم جا موضوع گھڻ ُرخا گھڻ پاسائا آھن‪ .‬ھن شاعر جتي‬
‫خدا جي وحدانيت ۽ پرينَء کي پاڻ ۾ ڳولي اندر اجاري ھوت سان ملڻ جي رستي جي‬
‫واٽ جي تبليغ ڪئي آھي اتي سندس ڪالم ۾ مارئي جي حب الوطن جهڙن ڪردارن جو‬
‫به ذڪر ملي ٿو سندس ڪالم ۾ ٻين تاريخي ڪردارن سان گڏ فطرتي رنگن‪ ،‬عشق جي‬
‫آتش بازي ۽ مجازي حسن يار جي جلون جي جماليات جا به کوڙ سارا رنگ ملن ٿا‪ .‬خوش‬
‫خير محمد جي ڪالم جي مختلف موضوعن سان ملندڙ شاعريَء جا ڪجهه مثال هيٺ‬
‫ڏجن ٿا‪.‬‬

‫پرين نيندِء پاڻ سان ڇڏ ُھڏي واري ھوڏ‬


‫چار ڏھاڙا ٿي جوڀن پوِء ُڀري ٿيندي ڀور‬
‫خير محمد چوي لوڏ‪ ،‬وڻئي نه ويڙھيچن کي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)63‬‬

‫‪27‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫صفا‬ ‫آئيندو اندر جو سدا رک‬


‫روشني ٿئي روح کي جانب ساڻ جفا‬
‫خير محمد نفعا‪ ،‬ڪوڙين ملني قيمتي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)63‬‬

‫وھ سير چمن گلزاري وي‬


‫مخمور ويکو‪.‬‬ ‫اکين‬ ‫مست‬
‫جوڙ محبوب آون جھڙ بادل‬
‫ملھاري وي‬ ‫زلفان مينگھ‬
‫چشمان دا ڪجل ڪلور ويکو‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)156‬‬

‫پري‬ ‫دونالي مار‬ ‫ديد‬ ‫تيڏي‬


‫ڇوھان جڏان ڇٽي لک خون ڪري‬
‫ڀرون تلوار ميان‬ ‫مزگان تير‬
‫ميان‪.‬‬ ‫ھٿيار‬ ‫ھيبتناڪ‬ ‫اھي‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)162‬‬

‫سڄو منڇر مالحن جي مٿان‬


‫انعام‬ ‫ڄام‬ ‫ڪيو سمي‬

‫سمي هئي صورت سمجهندي‬


‫مام‬ ‫واري‬ ‫مورت‬
‫ڪري‬ ‫سڃاڻي‬ ‫صورت‬
‫ُهل هنگام‪.‬‬ ‫ڪيائين‬ ‫اچي‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)104‬‬

‫مٽن‬ ‫تي پشم نه‬ ‫پٽ‬ ‫پنھوار‬


‫رسم‪.‬‬ ‫تن ريت‬ ‫اھا‬ ‫اصل‬

‫‪28‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)106‬‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء جون خوبيون‬

‫جيئن ھر عام ماڻھو شاعر ناھي ٿي سگھندو ائينَء ھر اھو خاص ماڻھو شاعر ٿيندو‬
‫آھي جنهن جي فھم فڪر سوچ ويچارکي خاص ماڻھن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي‪ ،‬ڇو‬
‫ته شاعرن کي پيغمبري جو سرٽيفڪيٽ مليل آھي جيڪي ھڪ پيغمبر جي حيثيت سان‬
‫ماڻھن تائين پنهنجو پيغام پھچائيندا آھن اھو پيغام عام ماڻھن جي ٻولي لهجي بيان‬
‫انداز کان گھڻو خوبصورت ۽ پنھنجن نرالين خوبين سان ماال مال ھوندو آھي‪.‬‬
‫“تمام ُاتم ۽ اعلي درجي جي شاعريَء کي پيغمبريَء جو جزو چيو ويو آھي‪ .‬ان‬
‫پيغمبريَء واري نقطي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ الِء ان جي ڏاھپ کي سمجھڻ ضروري‬
‫آھي ۽ انھيَء حوالي سان ڪنھن اھڙي شاعري ڪندڙ شاعر ۾ پيغمبري جا اھي اوصاف‬
‫به ڳولڻا پوندا” (‪)6‬‬

‫فقير خوش خير محمد جي شاعري فن فڪر موسيقيَء جي خوبين سميت ٻين‬
‫ڪيترين ئي شاعراڻين خوبين سان ماال مال آھي‪ .‬پاڻ جڏھن خوش خير محمد جي ڪالم‬
‫جو اڀياس ڪنداسين ته اسان کي سندس ڪالم ۾ اھي سڀ خوبيون نظر اينديون جيڪي‬
‫ھڪ بيباڪ صوفي شاعر کي الهام مان ملنديون آھن‪.‬‬
‫“ اھو شاعر جيڪو فن جي بلند ترين منزل تي ھجي ۽ سندس شاعري پيغمبريَء‬
‫جي جزي جھڙي حيثيت رکندي ھجي ته ان جي فن ۾ ھنر پنھنجي پوري سچائيَء ۽‬
‫ڪاريگريَء سان موجود ھوندو‪ .‬شاعر اھو چئجي ٿو جنھن جي ُاجري ُاجري من ۾ جڏھن‬
‫ڪو احساس پيدا ٿئي ۽ جنھن کي ھو پيغام جي شڪل ڏيڻ چاھي ته ھن جي بنيادي‬
‫ھنرمندي ھن کي شعر ٺاھڻ يا گھڙڻ ۾ مددگار ۽ معاون ٿيندي آھي” ‪)7( .‬‬

‫جڏهن خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جو اڀياس ڪري سندس شاعريَء کي‬
‫غور سان ڏٺو ويندو ته اسان کي سندس ڪالم ۾ اھڙي اعلي درجي جي شاعري نظر ايندي‬
‫جو سندس ڪالم جي شيرين بيان انداز دل کي پيو ڇھندو‪ .‬خوش خير محمد ھيسباڻيَء‬
‫جي گھاڙيٽن جي خوبين کي ڊاڪٽر تنوير عباسي بيان ڪندي لکن ٿا ته‪:‬‬
‫“خوش خير محمد جي ڪالم ۾ ڪيترن ئي قافين جو گھاڙيٽو نرالو آھي‪ .‬ھن قافين‬
‫جي ترتيب ۽ ھڪ بند ۾ مصراعن جي تعداد ۾ ڦير گھير ڪرڻ سان ڪيترائي نوان نمونا‬

‫‪29‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ايجاد ڪيا آھن‪ .‬قافيي جي نشست مان نرالي موسيقيت پيدا ڪرڻ خوش خير محمد جو‬
‫خاص فن آھي” (‪)8‬‬

‫ھيران لڳي‬ ‫ھئه‬ ‫پسي صورت جو سلطان‬


‫ھر هڪ ٿي ھيران‬ ‫جن مالئڪ حوران پريون‬
‫لڳي‪.‬‬ ‫سبحان‬ ‫پڙھڻ‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)82‬‬

‫مٿئين ڪافيَء ۾ خوش خير محمد ھيسباڻيَء ھڪ رواجي قافيو استعمال ڪيو آھي‬
‫۽ ٻيو اندروني قافيو استعمال ڪيو آھي‪ ،‬پر ٻئي قافيا آھن ساڳيا‪ ،‬مٿئينَء ڪافيَء جي‬
‫ھڪ اھا به وڏي خوبي چئبي جو ان ۾ نوان تجربا ٿيل آھن جيڪي خوش خير محمد جي‬
‫پنهنجي ايجاد ٽيڪنڪ آھن جنھن تي بعد ۾ ٻين شاعرن به عمل ڪيو آھي‪ .‬هڪ شاعر‬
‫جي شاعري جي صرف اھا خوبي ناھي ته سندس ڪالم جو فني سٽاُء اصول پيرا ۽ ڪارب‬
‫۾ قابو ھجي بلڪه ھڪ سٺي شاعر جي ڪالم جي اھا به ھڪ وڏي خوبي ليکي سگھجي‬
‫ٿي جو سندس ڪالم ۾ فڪر ھجي‪ .‬خيال جي گھرائي ھجي لفظن جي چونڊ ھجي لفظن‬
‫۾ وزن ھجي‪ ،‬اھڙي طرح اسان کي خوش خير محمد فقير هيسباڻيَء جي ڪالم ۾ مٿي‬
‫بيان ڪيل اھي سڀ خوبيون نظر اينديون‪ ،‬جيئن ته‪:‬‬

‫رمزن غمزن رم جھم الئي‬


‫ڪوئل قمري قم قم ڳائي‬
‫مينا طوطي مست ٿي آئي‬
‫ڏسي مک محبوب مھتابي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)88‬‬

‫شاعر پنهنجي شاعريَء ۾ تڏھن پڙھندڙ جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويندو‬
‫آھي جڏھن ان جي شعر ۾ لفظن جي چاش ھجي فطرت جي رنگن جي منظر ڪشي ھجي‬
‫ھوائن پکين سمنڊن جون محبوب جي ُحسن سان تشبيهون ڏنل ھجن جيڪي سڀ خوبيون‬
‫اسان کي خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ ملن ٿيون‪.‬‬

‫ايندا‬ ‫وٽ‬ ‫منھنجا اباڻا مون‬

‫‪30‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫وري وطن تي شل وٺيون ويندا‬


‫لوئي لياري ڪين لڄائيندا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)108‬‬

‫بظاھر ته مٿيون شعر مارئيَء جي ڪردار تي چيل آھي پر ڏٺو وڃي ته ان شعر ۾‬
‫شاعر جي حب الوطنيَء جو فڪر به جهلڪا ڏئي ٿو‪ ،‬ڇو ته مارئيَء جي ڪردار کي اھو‬
‫شاعر ڳائي سگھي ٿو جيڪي تاريخي طور تي مارئيَء جي ڪردار کان واقف هوندو ۽‬
‫پنهنجي ڌرتيَء جي لوئي ۽ لڄ جو محافظ ھوندو‪ .‬خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي اھڙي‬
‫قسم جي شعر کي پڙھڻ کان پوِء سندس شاعريَء جي ٻين خوبين سان گڏ سندس حب‬
‫الوطنيَء واري خوبيَء کي اهم خوبين ۾ ڳڻجي ته غلط نه ٿيندو‪ .‬هڪ سڄاڻ شاعر جي‬
‫اھا به اھم خوبي هوندي آھي ته هو پنهنجن سمورن عشقيه احساسن کي اکين جي روپ‬
‫۾ بيان ڪندو آهي‪ ،‬جڏھن شاعر انسان جي حساس عضوي اک کي پنهنجي ڪالم ۾‬
‫ڳائي ٿو تڏھن سندس شعر جو منظر ڏاڍو دلچسپ ٿي ويندو آهي‪ ،‬خوش خير محمد جي‬
‫شاعريَء جي ٻين خوبين جي ڳالهه پنهنجي جاِء تي پر سندس ڪالم ۾ ڏنل اشتهارن ۽‬
‫تشبيهن جون خوبيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن‪ .‬صوفي شاعرن پنهنجي شاعريَء ۾ استعمال‬
‫ڪندڙ اک جي لفظ سان حقيقت جي دنيا کي ڳولڻ واري اک جي فرضي نالي سان پڻ‬
‫تشبيھون ڏنيون آھن‪ ،‬خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ به اسان کي اکين جو‬
‫ذڪر سندس بيتن ۽ ڪافين جي گھڻي تعداد ۾ محبوب جي ڪارين نشيلين ۽ نخريلين‬
‫اکين سميت وحدت جي دنيا ۾ رھي محبوب کي ڳولڻ وارين اکين جو ذڪر پڻ ملي ٿو‪.‬‬

‫لئي‬ ‫اکڙيون اڙايم دل جي ٺارڻ‬


‫ُسرمو منھنجي مارڻ لئي‬ ‫سڄڻ پاتو‬
‫ُمرڪي مٺل يار کلي ٿو کارڻ لئي‬
‫بڙ تي پورو ڪيو چاڪ چڪنن ٿا‬
‫ڏسي عشق اکيون منھن ۾ موچاريون‬
‫بيوس ويچاريون‬ ‫ڇرڪن ڇنڀڻ الِء‬
‫ھڪ اڳي سھڻيون ٻيو ُسرمي سينگاريون‬
‫ڏيھ ڏڪن ٿا‪.‬‬ ‫ايڏو تاب تارن‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص‬
‫‪)112‬‬

‫‪31‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ھاڻ جڏھن اسين فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم اندر ٻين خوبين کي‬
‫بيان ڪرڻ کانپوِء سندس ڪالم اندر موسيقي جو ذڪر ڪنداسين ته اسان کي خوش خير‬
‫محمد جي سڄي ڪالم ۾ موسيقي جا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا‪ .‬خوش خير محمد ھيسباڻيَء‬
‫جون ڪافيون خاص ڪري اتر سنڌ سميت سنڌ جي ڏاکڻي ۽ وچولي حصي ۾ ڏاڍيون‬
‫مشھور آھن‪ ،‬خوش خير محمد جو ڪالم سنڌ جي مشھور صوفي فنڪارن پڻ ڳايو آھي‬
‫جن ۾ عابده پروين‪ ،‬سهراب فقير‪ ،‬استاد منظور علي خان‪ ،‬قلندر بخش فقير‪ ،‬ھدايت فقير‬
‫نوناري ۽ ممتاز الشاري پڻ اچي وڃن ٿا‪ .‬حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته شاعري آھي ئي اھا‬
‫جيڪي آساني سان ڳائي وڄائي سگھجي‪ ،‬جيڪا ُسريلي شاعري آھي اھا بذاتخود پاڻ‬
‫موسيقي آھي ان ۾ سھڻن لفظن جي چونڊ اچارڻ وقت ئي موسيقيَء جي ترنم کي اڀاري‬
‫ايندي آھي‪ .‬جيئن خوش خير محمد ھيسباڻي جي ھيٺئين ڪافي نموني طور ڏجي ٿي‪:‬‬

‫ڪرين‬ ‫دل کسي دلبر وڃي پوِء ٿو ُپڄنديون‬


‫محبت سان مستان ڪيئي‬
‫ھينئڙو وري حيران ڪيئي‬
‫ساري لوڪ ۾ نيشان ڪيئي‬
‫الئي لنئون ڇو ٿو لڙنديون ڪرين‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)116‬‬

‫مٿئين ڪافي ۾ ساڳين لفظن جي وراڻ يعني ھم آواز لفظ جھڙوڪ ڪيئي سميت‬
‫مستان‪ ،‬حيران ۽ نيشان کي ُاچارڻ سان پاڻ ئي ڄاڻي لفظ ترنم جي تارن جو ُسرندو ٿي‬
‫موسيقي جي آالپ ظاھر ڪن ٿا‪ .‬خوش خير محمد جون ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪافيون‬
‫ريڊيو پاڪستان سميت هند سنڌ جي صوفياڻين محفلن ۾ ڳايون وڄايون وڃن ٿيون‪.‬‬
‫سندس ڳايون ويندڙ مشھور ڪافين مان ڪجھ مثال طور ھيٺ ڏجن ٿيون‪.‬‬

‫نوان‬ ‫ناز سکيو آن‬ ‫لک‬


‫لئه‪.‬‬ ‫مارڻ‬ ‫مشتاقن جي‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)99‬‬

‫‪32‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا‬


‫ڏاڍا الئق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا‪.‬‬
‫ھن رنگارنگي‬ ‫نينان ناز ڀريا‬
‫ٻڌڪي ٻاڻ مرينديان مشڪ ٻنگي‬
‫دلڙي زلفان زوري زوري ونگي‬
‫ڪاڪل ڪنڍڙا گھتيئي نه ڇڙواڻ دا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)155‬‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سرائڪي شاعريَء جو مختصر جائزو‬

‫سنڌ جي اڪثر ڪالسيڪل صوفي شاعرن سنڌي ٻوليَء کان سواِء جن ٻين ٻولين‬
‫۾ شاعري ڪئي آھي انھن ۾ سرائڪي ٻولي کي خاص اهميت حاصل آھي‪ .‬سنڌ جي اھم‬
‫ڪالسيڪل شاعر سچل سرمست جھڙن عالم شاعرن به ٻين ٻولين جيئن سرائڪي ٻولي‬
‫کي اهميت ڏئي سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آھي‪ ،‬خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم‬
‫۾ سنڌي شاعري کان سواِء ٻين ٻن ٻولين يعني سرائڪي ۽ ھندي ۾ چيل ڪالم پڻ ملي‬
‫ٿو‪ .‬پاڻ ھتي خوش خير محمد جي سرائڪي ڪالم تي مختصر نظر وجهنداسين‪ .‬خير‬
‫محمد ھيسباڻي فقير سنڌي شاعري جيئن پنهنجي سرائڪي ڪالم ۾ به بيت ۽ ڪافيون‬
‫لکيون آھن‪ ،‬خوش خير محمد جتي پنهنجي سنڌي ۽ ھندي ڪالم ۾ وحدت الوجودي‬
‫نظريي کي اڳڀرو ڪيو آھي ائينَء ھن سرائڪي ڪالم ۾ به ساڳيو دلين کي صاف رکي‬
‫من ُاجرو ڪرڻ وارو موضوع رکيو آھي‪ .‬سندس سرائڪي ڪالم مان ڪجھ مثال طور‬
‫ڪالم پيش ڪجي ٿو‪.‬‬
‫دليون طواف دلين دا ڪر تون شبھا شڪ نه ڪيجي‬
‫وکيجي‪.‬‬ ‫صاف آئينه صورت دي وچ پاڇا پريم‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص‪)127‬‬

‫دل دريا سمونڊون اونھي ڪون دليان نون جاني؟‬


‫مئخاني‬ ‫وچ ڪعبي وچ قبلي وچ مسجد‬
‫خوش خير محمد ڪعبه خاص دلين دا ويک دانا رھن ديواني‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)128‬‬

‫‪33‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫فقير خوش خير محمد جي سرائڪي ڪالم جا موضوع سنڌي ڪالم جھڙا آھن‪.‬‬
‫ھن سنڌي ڪالم جيئن سرائڪي ڪالم ۾ به عشق کي ڳائي عشق جي گھڻي تعريف‬
‫ڪئي آھي‪.‬‬
‫ڪٿان‬ ‫دي بٺي تي ٻالڻ والي‬ ‫بيدردان‬
‫عاشق آڙاھ وچ جان جليندي نھين ڪريندي ڪٿان‬
‫خوش خير محمد خيال خدائي ٻيا سڀ ڇوڙ وٿان‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد‬
‫هيسباڻي‪ .‬ص ‪)131‬‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سرائڪي ڪالم ۾ فطرت جي رنگن ُجھڙ ڦڙ‬
‫حسن پيار محبت ۽ محبوب جي ڳل تر زلف جي بياني به ڪمال جي آھي‪.‬‬

‫ساوڻ موج ڪيتي دريائون وھن لبو لب نالي‬


‫مل مل سھيان سير ڪرن سڀ آنديان نال اتالي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص‬
‫‪)132‬‬

‫جوڙ محبوب آون جھڙ بادل‬


‫زلفان مينگھ ملهاري وي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)156‬‬

‫رم جھم آيا رات انڌاري‬


‫ول وسڻ دا ڪرڪي ويس‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)158‬‬

‫اکيان مست قدح مخمور ڏوھين‬


‫نينان نور ڀريان گھتن گھور ڏوھين‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)159‬‬
‫لب الل سونھن ُسرخي نال اوپر‬
‫خال اوپر‬ ‫نيلم دانه‬ ‫بنيا‬
‫ويکو غنچه دهن مشڪ مثال اوپر‬
‫هڻ ٻان مساڳ مليندا هي‪.‬‬

‫‪34‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)160‬‬

‫بئنسر بيني نقش نراڙ بنيا‬


‫جهالر جهومڪ جهرمردار بنيا‬
‫دهري دام دلين هس هار بنيا‬
‫ڳل مالها پا ڪي مريندا هي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)160‬‬

‫ڇٽي زلف اتي رخسار ميان‬


‫ڪڍ ڪاڪل برھ بازار ميان‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)161‬‬

‫پاڻ جڏھن فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي سنڌي ۽ ھندي ڪالم جو اڀياس‬
‫ڪري سندس سرائڪي ڪالم کي غور سان پڙھي ڏسون ٿا ته سندس سرائڪي شاعريَء‬
‫جو بيان انداز سندس ٻين ٻولين ۾ لکيل شاعري يعني سنڌي ۽ هندي ڪالم جي ڀيٽ ۾‬
‫سرائڪي ڪالم ڏاڍو دلڪش ٿو لڳي جنهن ڪري سندس سرائڪي ڪالم پڙھڻ سان نه‬
‫صرف چپن تي واھ واھ جي صدا بلند ٿئي ٿي بلڪه سندس سرائڪي ڪالم جي بيتن ۽‬
‫ڪافين جي اچارڻ جو به ترنم اھڙو ته موسيقي سان ٽمٽار ۽ رسيلو نظر اچي ٿو جو سندس‬
‫سرائڪي ڪالم جون سٽون اچارڻ سان دل جهومڻ تي پڻ مجبور ٿئي ٿي‪ .‬مجموعي طور‬
‫تي خوش خير محمد جو سرائڪي ڪالم سرائڪي شاعري جي ٻين سنڌي شاعرن جيئن‬
‫سرائڪي ٻولي جو پڻ سرمايو آھي‪.‬‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو نمونو‬

‫سنڌي بيت‬

‫پير ‪،‬‬ ‫دلبر اليون دوست تون پويان نه ڪر‬


‫هير‬ ‫ميان ! مالقات جي هينئڙي ڀڃ نه‬
‫وير‬ ‫ڳنڍ سڄڻ ڪر ڳالهيون تون ٻيا وجھه نه‬
‫ڍير‬ ‫توسان ريڌم روحڙو نه ته ٻيا ماڻهون به‬

‫‪35‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫سڪ گهمائي سير ‪ ،‬نه ته هر ڪو خوش خير محمد چوي‪.‬‬


‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)61‬‬

‫آهه عذاب‬ ‫جانب جدائيَء جو مون کي ڏاڍو‬


‫آب‬ ‫ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون هارن‬
‫ڏين عجيب عتاب‬ ‫اللڻ الچاريَء کان ٿيون‬
‫ماندي هت مري ٿي تنهن ڏي ُمڪئي ڪو نه جواب‬
‫خير محمد خوش خواب ‪ ،‬ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)61‬‬

‫سنڌي ڪافي‬

‫عشق اچي مون سان ڪيون ڳالهيون‬


‫نه جهڙيون سلڻ نه جهڙيون‬ ‫ڏسڻ‬
‫واريون‬ ‫حجابن‬ ‫دوجهان جي‬ ‫هر‬
‫پيون‬ ‫اچي‬ ‫پڌر‬ ‫سڀ‬
‫اڳ ٻڌيون سي‬ ‫عقل جون‬ ‫علم‬
‫نيون‬ ‫سڻايون‬ ‫نينهن‬
‫عشاقن‬ ‫فوجان سر‬ ‫ُحسن جون‬
‫کنيون‬ ‫امالڪ‬ ‫اچن‬
‫خير محمد قبل ماضيَء جون‬ ‫خوش‬
‫ويون‪.‬‬ ‫سڀ‬ ‫۾‬ ‫وحدت‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)72‬‬

‫سرائڪي بيت‬

‫ساوڻ موج ڪيتي دريائون جل ٿل پڙي گاهان‬


‫سکيان موريان سڀ سرتيان آون ڪر ڪي سرخ نگاهان‬
‫کڙي هان ماهي ملڻ دي ڪيتي رکدي قدم اڳاهان‬

‫‪36‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫خير محمد خوش رانجهن دي مئن کڙي ڀلينديان راهان ‪.‬‬


‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)131‬‬

‫سرائڪي ڪافي‬
‫دا‬ ‫انصاف آکان تيڏي آوڻ‬ ‫ڪيا‬
‫دا‬ ‫الئق ڪيتئي ليئي پاوڻ‬ ‫ڏاڍا‬

‫رنگارنگي‬ ‫هن‬ ‫ناز ڀريا‬ ‫نينان‬


‫ٻڌ ڪي ٻاڻ مرينديان مشڪ ٻنگي‬
‫ونگي‬ ‫دلڙي زلفان زوري زوري‬
‫ڪاڪل ڪنڍڙا گهتيئي نه ڇڙوان دي‬

‫هي حسن تيڌي دي ملڪان ملڪ هولي‬


‫لڳي لون لون دي وچ للڪار لولي‬
‫ٻولي‬ ‫ٻهڳڻ هي‬ ‫مٺڙي‬ ‫تيڏي‬
‫دا‬ ‫تيڏاهي االوڻ‬ ‫سخن‬ ‫سچا‬

‫ڪران‬ ‫قربان‬ ‫اتون‬ ‫تيڏي‬


‫ڪران‬ ‫سر صدق صدق جند جان‬
‫تئن تي گهوران ڪون مڪان مڪان ڪران‬
‫ڏتا‬ ‫خوش خير محمد هادي آپ‬
‫پيتا‬ ‫پاڪ‬ ‫ڀر‬ ‫پياال وحدت دا‬
‫ڪيتا‬ ‫شراب مست‬ ‫اهين شوق‬
‫نشا نينهن چڙهيا نينهن الوڻ دا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)155‬‬

‫هندي ڪالم‬

‫سمر ٿي سجاڳ ڀوري دل‬ ‫رام‬


‫ُستي ساري گذر ڳئي هي‬ ‫رين‬

‫‪37‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫وساريئي‬ ‫غافل هوڪي وطن‬


‫ڪهان ُملڪ تيرا ماڳ ڀوري دل‬

‫جاڪي ملو تم سا ڌوڪي سنگت‬


‫دل‬ ‫لئي صاحب سهاڳ ڀوري‬

‫هوگا‬ ‫انڇر آڪي هر دم‬


‫ڳاِء رباني راڳ ڀوري دل‬

‫خوش خير محمد خيال ڇوڙ دوئي دا‬


‫وحدت دي گھت واڳ ڀوري دل‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)189‬‬

‫حواال‬
‫‪ .1‬عباسي‪،‬ظفر‪“ ،‬سنڌيَء ۾ شاعريَء جون صنفون ۽ صنعتون”‪ ،‬سنڌي لئنگويج‬
‫اٿارٽي حيدر آباد‪2007 ،‬ع ص ‪353‬‬
‫‪ .2‬ايضا‪_ ،‬ص ‪354‬‬
‫ايضا _ص ‪354‬‬ ‫‪.3‬‬
‫انصاري‪ ،‬عثمان‪“ .‬رسالو سچل سرمست”‪ ،‬روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو‬ ‫‪.4‬‬
‫‪1997‬ع‪ .‬ص ‪38‬‬
‫عباسي تنوير‪“،‬ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫‪.5‬‬
‫ڄامشورو ‪2008‬ع‪ .‬ص ‪37‬‬
‫“ڀٽائي”‪ ،‬تحقيقي جرنل‪ ،‬ٽيون نمبر‪ ،‬سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف‬ ‫‪.6‬‬
‫يونيورسٽي خيرپور‪1994‬ع ص ‪26‬‬
‫سراج “شاهه جي شعر جا گهاڙيٽا”‪ ،‬لطيف ڊائجيسٽ‪ ،‬آگسٽ ‪1995‬ع ص ‪65‬‬ ‫‪.7‬‬
‫عباسي‪ ،‬تنوير‪“،‬ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫‪.8‬‬
‫ڄامشورو ‪2008‬ع ص ‪47‬‬

‫‪38‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫باب ٽيون‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردار‬

‫فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء پنهنجي شاعريَء ۾ جيڪي ڪردار چونڊ ڪيا‬
‫آهن انهن کي ڪنهن مخصوص نظريي سان ڀيٽي نٿو سگهجي ڇو ته خوش خير محمد‬
‫پنهنجي ڪالم ۾ دنيا جي عظيم امر تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن کي ڳايو آهي‪ .‬جيئن‬
‫ته رومانوي ڪردارن ۽ تاريخي ڪردارن ۾ ڪو خاص وڏو فرق ناهي پر رومانوي ۽‬
‫تاريخي ڪردارن جا ادب اندر پنهنجا الڳ ماپا ضرور رکيل آهن‪ .‬هاڻ سڀ کان پھريان ان‬
‫ڳالھ کي سمجھڻ ضروري آهي ته تاريخي ڪردار ڇا کي چئبو آھي؟ جيئن ته انساني‬
‫سماج ۾ انسان ٻن قسمن جي زندگي گذاري ٿو ھڪ اجتماعي طور ٻيو انفرادي طور!‬
‫ھاڻ اچو ته اھا ڳالھ سمجهون ته اسان جي يعني انسان جي انفرادي زندگي ڪھڙي آھي ۽‬
‫اجتماعي زندگي ڪھڙي آھي انفراديت مان مراد اڪيالئي محدود يعني انساني سماج ۾‬
‫انفرادي زندگيَء جو به اھو مطب ٿيو ته پنهنجي ذاتي زندگي ذاتي ڪٽنب الِء جيئڻ مرڻ‬
‫کلڻ روئڻ سوچڻ وغيره واري زندگي گذارڻ کي انفرادي زندگي چئبو آھي‪ ،‬ھاڻ اچون‬
‫ٿا اجتماعيت طرف اجتماعيت مان مراد گڏيل سماج سان گهرو تعلق رکڻ يا ائينَء کڻي‬
‫چئجي ته انسان جي اجتماعي زندگي اھا آھي جنھن ۾ ھو ذاتي طور جيئڻ واري انفرادي‬
‫سوچ مان نڪري پنھنجي انساني زندگي کي سمجهي جانورن واري انفرادي زندگي‬
‫گذارڻ بجاِء ڪو اجتماعي تاريخي ۽ مثالي ڪردار ادا ڪري جڳ الِء جيئي ۽ تاريخ ۾‬
‫ڪو اھڙو ڪردار ادا ڪري جيڪي صدين تائين جيئرو رھندو اچي‪ .‬توھان پنهنجي آسپاس‬
‫ھر روز اھڙا کوڙ سارا ماڻھو مرندي ڄمندي ضرور ڏٺا ھوندا جن جو ھن سماج ۾ ڪو‬
‫خاص ڪردار نه ھوندو جنهن ڪري انهن کي تاريخ ۾ ڪير سڃاڻي به ناھي سگھندو ھو‬
‫جسماني طور تي فوت ٿيڻ کانپوِء ماڻھن جي نظرن ۽ خيالن مان به هميشه الِء مري ويندا‬
‫آھن‪ ،‬پر ساڳئ ي انساني سماج ۾ ڪن ماڻھن جو ھن ڌرتيَء تي جنم ٿيندو ئي انسانيت‬
‫جي پرچار ڪرڻ الِء آهي ھو جيئندا مرندا انسانيت جي خدمت ڀالئي الِء آھن‪ .‬حقيقت ۾‬
‫ڏٺو وڃي ته تاريخ به انهن اجتماعي زندگي گذاريندڙ انسانن سان ايترو ئي انصاف ڪندي‬
‫آھي جيڪي تاريخ جي ڀاڪرن ۾ هميشه الِء امر ٿي ويندا آھن‪ ،‬پوِء ڀلي ڇو نه ھو جسماني‬
‫طور تي ھن دنيا مان الڏاڻو ڪري وڃن پر ھنن جي ڪردار کي ڪڏھن به ڪٽ ناھي لڳندي‬
‫۽ ھو تاريخ ۾ ھميشه ُسرخرو رهندا آھن جن الِء شاھ لطيف به لکيو آھي ته ‪:‬‬

‫‪39‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫سرها ڏٺم سي‪ ،‬جن ساڃاَء سراڻ سين‪،‬‬


‫ٽ نه لڳي ڪڏهين‪.‬‬‫تيغ تنين جي کي‪ ،‬ڪ ُ‬
‫( “شاهه جو رسالو”‪،‬سر يمن ڪلياڻ ‪)17 /2.‬‬

‫هاڻ پاڻ هتي اھڙن ئي تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر ڪنداسين جن کي‬
‫فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء پنهنجي ڪالم ۾ ڳايو آھي‪ .‬خوش خير محمد جي‬
‫ڪالم جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ‪ ،‬ھو نه فقط سنڌي زبان جو ڄاڻو عالم ھو‪ ،‬پر‬
‫ھن کي تاريخ جو به ڳوڙھو مطالعو ٿيل ھو‪ ،‬سندس ڪالم ۾ ڪيترائي اھڙا انوکا‬
‫تاريخي ۽ رومانوي ڪردار ملن ٿا جن جو تاريخ سان گھرو تعلق آھي‪ .‬ھتي نموني خاطر‬
‫سندس ڪالم ۾ ڳايل ڪردارن مان ستن تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن بابت ويچار پيش‬
‫ڪجن ٿا‪.‬‬

‫تاريخي ڪردار‬

‫منصور حالج‬

‫ڪيو‬ ‫فرض آڻي ادا‬ ‫عشق‬


‫۾‬ ‫محراب‬ ‫جي‬ ‫ابروَء‬
‫شاھ منصور کي سوليَء تي چاڙھيائون‬
‫مدعا ڪيو‬ ‫اھو ُملن پنهنجو‬
‫آيو؟‬ ‫ُپڇو ُھنن کان ھٿ ڇا‬
‫نينھن وارن جي ڇو ندا ڪيو؟‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)99‬‬

‫‪40‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫مٿئين شعر ۾ شاعر صوفين جي سرتاج تاريخ جي نه وسرندڙ امر ڪردار منصور‬
‫حالج جو ذڪر ڪيو آھي‪ .‬دنيا اندر تصوف جي ٻريل الٽ منصور حالج جي فڪر فلسفي‬
‫جي محنت کي سمجهيو ويندو آھي‪ .‬ھن ڪردار کي سنڌ جي ڪالسيڪل شاعرن کان‬
‫ويندي اڄ تائين جي جديد شاعري ۾ به ڳايو وڃي ٿو‪ ،‬سندس شھادت ۽ زندگيَء جو مختصر‬
‫تعارف هتي لکڻ الزمي ٿو سمجهان‪.‬‬
‫“ حسين بن منصور حالج جو اباڻو وطن ايران جي مشھور شھر شيراز جي ڪجھ‬
‫مفاصلي تي طور جو ڳوٺ آھي‪ .‬ھو ‪857‬ع ۾ ڄائو‪ ،‬ھن جو والد ڪپھ ٽاڻڻ جو ڪم ڪندو‬
‫ھو تنھن ڪري حالج جي نالي سان مشھور ھو‪ .‬اڳتي ھلي اھو نالو منصور سان به منسوب‬
‫ٿي ويو‪ .‬عربيَء ۾حالج لفظ جي معني آھي حق کي حاصل ڪندڙ‪ .‬سمجهجي ائينَء ٿو ته‬
‫ھن کي حق طلبي ۽ حق گوئي سبب حالج ڪوٺيو ويو‪ .‬حالج جي زندگي جو ابتدائي‬
‫عرصو عراق ۾ گذريو‪ .‬بغداد ۾ ھو مشھور عالم ۽ صوفين جي اڳواڻ جنيد بغدادي جو‬
‫شاگرد ٿي رھيو‪ .‬سندس طبيعت بي باڪ ۽ غيور ھوندي ھئي‪ ،‬جيڪي سندس دل ۾ ايندو‬
‫ھو سو چئي ڏيندو ھو‪ .‬ھو پنھنجي عقيدي مسلڪ تي سختي سان پابند ھو رواداري ۽‬
‫مصلحت جو قائل نه ھو‪ .‬ھو وڏي آواز سان انا الحق جو نعرو ھڻندو رھيو ھن تي ڪفر‬
‫جو مقدمو مڙھيو ويو ظاهر بين مالڻن ۽ عالمن ‪ 309‬ھ ۾ ھن کي قتل ڪرڻ جي فتوا ڏني‬
‫فيصلي ۾ چيو ويو ته پھريان ھن کي درا ھنيا وڃن‪ ،‬سندس ھٿ پير وڍيا وڃن‪ ،‬سندس سر‬
‫ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي‪ ،‬جنھن کانپوِء ھن جي عضون کي باھ ۾ ساڙيو وڃي ۽ سندس‬
‫خاڪ کي دجلي نديَء جي پاڻيَء ۾ اڇاليو وڃي” (‪)1‬‬

‫شھيد صوفي شاھ عنايت‬

‫شهيد صوفي شاهه عنايت جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ نه صرف هڪ عاشق شاعر‬
‫طور مڃيو وڃي ٿو بلڪه هن تاريخ جي امر ڪردار اسان کي حق جي راهه تي پنهنجي‬
‫جان جو نظرانو ڏئي جو کيڙي سو کائي جهڙو انمول نعرو ڏئي ڏاڍ خالف اعالن بغاوت‬
‫ڪري سچ جي جدوجهد تي جهڪڻ بجاِء ڪنڌ ڪپائڻ جو بهادراڻو سبق سيکاريو‪ .‬شاهه‬
‫عنايت شهيد پنهنجي فڪر ۾ اها ڳالهه واضع ڪئي ته‪ ،‬حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ‬
‫سان زندگيَء جو بنيادي مقصد پورو ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو‪ .‬فقير خوش خير محمد‬
‫ھيسباڻيَء پنھنجي ڪالم ۾سنڌ جي ھن عظيم ڪردار شھيد صوفي شاھ عنايت جو نالو‬
‫کڻي ذڪر ڪيو آھي ۽ ان کي پنهنجي ڪالم ۾ خراج تحسين پيش ڪئي آھي‪ .‬سچل‬

‫‪41‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫سرمست بعد خوش خير محمد پھريون ئي شاعر آھي‪ ،‬جنھن سڌو سنئون نالو کڻي شاھ‬
‫عنايت شھيد کي پنھنجي ڪالم ۾ ڳايو آھي‪ ،‬نه ته ھن کان اڳ سنڌي ٻوليَء جي‬
‫ڪالسيڪل شاعرن فقط اشارن ۾ ھن ڪردار جو ذڪر ڪيو آھي‪.‬‬

‫عشق اهين دي عجب تماشي‪ ،‬سوليَء تي سلطان پڇو‬


‫شاھ عنايت سخن سچارا‪ ،‬جنھن سر ڪيتا عشق امارا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)144‬‬

‫شھيد مخدوم بالول‬

‫تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هر دؤر ۾ حقيقت پسند انسانن ڏکيا ڏينهن‬
‫ڏٺا آهن‪ ،‬هر دؤر ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهيون آهن‪ ،‬هر دؤر ۾‬
‫مذهب جو غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي عظيم انسانن کي گهاڻن ۾ پيڙي سندن ڳچين‬
‫کي سولين جو سينگار بڻايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي نيڪ دل صوفين تي واجب القتل‬
‫جون فتوائون جاري ڪيون ويون آهن‪ .‬تاريخ جي اهڙن عظيم صوفي ڪردارن مان شهيد‬
‫مخدوم بالول جو نالو به اهم آهي جنهن کي مذهب جي آڙ ۾ ڪوڙين فتوائن جي سهاري‬
‫گهاڻي ۾ پيڙي شهيد ڪيو ويو‪.‬‬
‫“ مخدوم بالول ذات جو سمو هيو‪ ،‬۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ‬
‫هو‪ .‬انڪري کيس سمون سردار ڪري سڏيندا هئا‪ .‬سندن ڄم جي تاريخ ملي ڪا نه سگهي‬
‫آهي‪ ،‬پاڻ ابتدائي تعليم ٺٽي مان پرائي پوِء وڌيڪ علم ٽلٽيَء جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر‬
‫کان حاصل ڪيائين‪ .‬شادي به اتي ڪيائين‪ .‬هو علم حديث ۽ تفسير ۾ ماهر ٿيو‪ ،‬سندس‬
‫هاڪ چؤڌاري پکڙجڻ لڳي‪ ،‬جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ جي الِء اچڻ‬
‫لڳا‪ .‬هن کي سلسلي طريقت ۾ به ڪمال هيو‪ .‬سندس طريقو سهروردي طريقي جي شاخ‬
‫ڪبروي جو هو‪ .‬سندس شجرو طريقت مان نه ملي سگهيو آهي‪ ،‬پر هو ان وقت جي مکيه‬
‫بزرگن مان هڪ هو”‪)2(.‬‬
‫سنڌ جي ھن تاريخي ڪردار کي به خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾ نالو وٺي ڳايو آھي‪.‬‬

‫گھاڻي وچ بالول پيڙيا‪ ،‬برحق ڏاڍي بره ڀڪيڙيا‬


‫تنهن ڪون وانگر تيل نپيڙيا‪ ،‬جوش جبر جوالن پڇو‪.‬‬

‫‪42‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)144‬‬


‫موکي ۽ متارا‬

‫ھن انمول تاريخي ڪردارن کي شاھ لطيف سميت ٻين ڪيترن ئي ڪالسيڪل‬
‫شاعرن کان ويندي جديد شاعرن پنهنجي ڪالم ۾ خوب ڳايو آھي‪ .‬موکيَء جو مئخانو مڌ‬
‫جي پياسن الِء مشھور ھوندو هو پري پري جا مڌ جا پياڪ هن جي مئخاني تي ايندا ھئا‪.‬‬
‫ڪجھ وقت موکي جي مئخاني ۾ ويھندا ھئا‪.‬‬ ‫ڪي پانڌيئڙا ٿڪ ڀڃڻ ۽ ُاڃ ُاجهائڻ الِء ُ‬
‫موکي پاڻ جھڙي طبيعت جي معشوق هئي اھڙو مست ڪندڙ سندس مڌ ھو عشق جي‬
‫ُاڃارن ۽ محبت جي مارين کي جڏھن موکي جي مئخاني جو مڌ ملندو هو ته هو مست ۽‬
‫مگن ٿي ويندا ھئا‪ .‬ڪجھ گھڙين ۽ ڪجھ لمحن الِء پنھنجا غم ۽ ڏک وساري ويھندا ھئا‪.‬‬
‫موکي جو مقصد ُاڃايلن جي ُاڃ اجهائڻ ۽ غمگينن کي آٿت ڏيڻ ھو‪ .‬خوش خير محمد‬
‫پنهنجي ڪالم ۾ ھنن ڪردارن کي به ڳايو آھي‪ ،‬هنن ڪردارن تي ڳايل سندس شاعريَء‬
‫مان نموني طور ڪالم پيش ڪجي ٿو‪.‬‬

‫ُسرڪ تي ساقي مٽي ٿو ڏس متارن جا مٿا‬


‫اصلئون اھا آئي اٿن خرچن ٻئي ناڻي نٿا‬
‫اھي سر وڍي ڏين سيگھ ۾ جن جا پيئڻ لئه چپ چتا‬
‫ڪاٽيون ڪاللن کي ڏسن ڪوپا نه ڪن ڪائي ڪٿا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)81‬‬

‫مارئي‬

‫مارئي جو ڪردار پنھنجي وطن ڌرتي سان پيار حب الوطني ۽ قومي غالمي جبر‬
‫ڏاڍ کان بغاوت ڪرڻ جي عالمت آھي‪ .‬مارئيَء جو ڪردار وطن جي حب ۽ محبت جو‬
‫ڪردار آهي‪ ،‬جهوپڙن ۾ رهندڙ مارن ۽ جهانگين جي ڏکي پر ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي‬
‫جي شهرن ۽ ماڙين ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش واري پر پابند زندگيَء تي فوقيت جو‬
‫ڪردار آهي‪ ،‬مارئي جو ڪردار سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خود داري سميت سنڌ جي‬
‫اعلي سماجي قدرن جو آئينو پڻ آهي جنهن ڪري هي ڪردار صدين کان وٺي سنڌ ۾‬

‫‪43‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ماڳين مشهور ۽ مقبول رهيو آهي‪ .‬ھن ڪردار بابت خوش خير محمد جي ڪالم مان‬
‫سندس شعر نموني طور پيش ڪجي ٿو‪.‬‬

‫ڏي موڪل ميان مارن وڃڻ جي‬


‫ماندي‬ ‫دل‬ ‫مارن ريَء‬
‫سان‬ ‫سر ساھ ملي سانگيئڙن‬
‫تي‬ ‫ڇڏ وطن‬ ‫ورائي‬
‫عمر تو آندي‬ ‫جيئن‬
‫اھو ٿورو ڪر ٿاريچن سان‬
‫موڪل ڏي ته مٽين مالن‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)107 ،106‬‬
‫رومانوي ڪردار‬

‫نوري ڄام تماچي‬

‫سنڌ ۾ ڄام تماچي نالي هڪ مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي جنهن جي دؤر ۾‬
‫ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ هڪ مهاڻي جي ڌيَء پنهنجي ُحسن ۽ خوبصورتيَء جي ڪري‬
‫مشهور هوندي هئي جنهن جو نالو نوري هو جنهن کي ڏسڻ سان ئي هر ماڻهو موهجي‬
‫پوندو هو‪ .‬هڪڙي ڏينهن ڄام تماچي ڪينجهر جو سير پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي‬
‫نوريَء تي پئي جنهن نوريَء جو جمال ڏسي ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پوِء‬
‫نوريَء جي والدين سان ڳالهائي نوريَء سان نڪاح ڪيائين‪ .‬نوري جيڪي ذات جي مھاڻي‬
‫هئي ۽ سندس مائٽ ڪينجھر ڍنڍ تي مڇي ماري پنهنجو گذران ڪندا ھئا نوري جي حسن‬
‫نماڻپ ۽ نوڙت پنھنجي دؤر جي حاڪم ڄام تماچي کي موهي ڇڏيو ھو‪ ،‬نوري جي حسن‬
‫جي ڪري ڄام تماچي سمورن مهاڻن مٿان سڄو منڇر انعام ۾ گھور ڪري ڇڏيو‬
‫جنھنڪر ي ھن ڪردار کي ڏاڍي پذيرائي ملي ۽ نوري جي سونھن ماڳھين مشھور ٿي‬
‫وئي ۽ نوري جي ڪردار ۽ حسن جڳ مشھوري ماڻي‪ .‬فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء‬
‫جي ڪالم ۾ نوري جو ذڪر ھن ريت ملي ٿو‪.‬‬

‫سڄو منڇر مالحن جي مٿان‬

‫‪44‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫انعام‬ ‫ڄام‬ ‫سمي‬ ‫ڪيو‬

‫سمي ھئي صورت ُسجهندي‬


‫مام‬ ‫واري‬ ‫مورت‬
‫ڪري‬ ‫سڃاڻي‬ ‫صورت‬
‫ڪيائين ُھل ھنگام‬ ‫اچي‬

‫۾‬ ‫من‬ ‫جي‬ ‫مھاڻيَء‬


‫اھو اصل کان ھو الهام‬
‫نگاھ‬ ‫ڏسو نوريَء ساڻ‬
‫جنهن کي ڪوڙين ڪن سالم‬
‫۾‬ ‫جي گام‬ ‫گندرين‬
‫ڄام‬ ‫ڄلي آيو‬ ‫ڏس‬
‫تڪيو‬ ‫تماچيَء‬ ‫ڪيو‬
‫مقام‪.‬‬ ‫مياڻيَء‬ ‫منجھ‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)104‬‬

‫سھڻي‬

‫ھن سنڌ جي جڳ مشھور امر ڪردار کي سماجي اڻ برابري ۽ پنھنجي مرضي‬


‫ڪڌين رسمن خالف ھڪ بغاوت ڪندڙ باغي ڪردار طور‬ ‫خالف زندگي گذارڻ وارين ُ‬
‫مڃيو وڃي ٿو سھڻي جو ڪردار جتي بغاوت جو اھڃاڻ آھي اتي ھي ڪردار خوف کان‬
‫نفرت ۽ بهادريَء جو ڪردار آهي‪ ،‬سهڻي جي ڪردار ۾ عشق مٿان قربان ٿيڻ جو گس پڻ‬
‫ملي ٿو‪ .‬اچو ته ڏسون سنڌ جي هن سورميَء کي خوش خير محمد هيسباڻي فقير پنهنجي‬
‫ڪالم ۾ ڪيئن ڳايو آهي‪.‬‬

‫گھمر گھير جتي ديونسن ٿا‬ ‫رات اونداھي مينھن وسن ٿا‬
‫سھڻيَء ريَء تک ڪير تري‬ ‫ڌري‬ ‫قدم دريا ۾ ڪير‬

‫‪45‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫دلبر دلڙي ڪيس ديواني‬ ‫ُسرڪ ميھر جي ڪئي مستاني‬


‫بيوس ڪئي آ ذوق ذري‬ ‫وس کان وئي سا ڪيئن وري‬
‫موج متي مھراڻ گھرڻ جو‬ ‫خير محمد خوش خيال ملڻ جو‬
‫مر ميهر سان پرت پري‪.‬‬ ‫ڇو ساھ سريَء جو سانگ ڌري‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)104‬‬

‫حواال‬
‫”سرمست“ ‪ ،10‬خيرپورسچل سرمست يادگار ڪميٽي‪1990 ،‬ع ص ‪9،10‬‬ ‫‪:1‬‬
‫‪www.google.com//htp.sindhsalamat‬‬ ‫‪:2‬‬

‫‪46‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫باب چوٿون‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء تي اڳ وارن شاعرن جو اثر‬

‫شاھ لطيف جو اثر‬

‫شاھ عبدالطيف ڀٽائيَء کي سنڌي شاعريَء جي سرتاج شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو‪،‬‬
‫توڙي جو اسان جي سنڌي شاعريَء ۾ شاھ لطيف جي دؤر کان اڳ ۽ پوِء شاعريَء جو‬
‫سلسلو تيزيَء سان ھلندو پيو اچي پر ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شاعريَء جي دنيا‬
‫۾ شاھ لطيف جي ُجتيَء ۾ ڪو به شاعر پير پائي ناھي سگھيو‪ ،‬شاھ لطيف جي دؤر کان‬
‫وٺي اڄ ڏينهن تائين اسانجي سنڌي شاعري شاھ لطيف جي شاعريَء جي پاڇي ۾ پلجندي‬
‫پئي اچي‪ .‬شاھ لطيف کانپوِء جي ڪالسيڪل شاعريَء کان جديد شاعريَء ۾ اسانکي اھڙو‬
‫ڪو به سنڌي شاعر نظر نه ايندو جنهن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح شاھ لطيف جي شاعريَء‬
‫جو اثر نه ھجي‪ .‬خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جو اڀياس ڪرڻ کانپوِء اسان کي‬
‫فقير خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جو ڳچ حصو شاھ لطيف جي شاعريَء جو اثر‬
‫قبوليندي نظر ايندو‪ .‬خوش خير محمد ھيسباڻي فقير پنهنجي ڪالم ۾ اھڙن خيالن‬
‫ڪردارن کي لطيف جيان پنهنجي شاعريَء ۾ ڳايو آھي جنهن کي پڙھڻ کانپوِء اھو بنا‬
‫ڌڙڪ جي چئي سگھجي ٿو ته خوش خير محمد تي شاھ لطيف جي شاعريَء جو چٽو پٽو‬
‫اثر واضع آھي‪ .‬خوش خير محمد جي ڪالم ۾ خوش خير محمد جي دؤر کان اڳ جي‬
‫شاعرن ۽ ٻين تاريخ جي اھم ڪردارن جو ذڪر ملي ٿو جنهن مان اھو واضع ٿئي ٿو ته‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻي تاريخ جي مطالعي جو به شاگرد ھيو جنهن کانپوِء اھو به واضع‬
‫ٿئي ٿو ته خوش خير محمد شاھ لطيف جي ڪالم جو به مطالعو ضرور ڪيو ھوندو‬
‫جنهنڪري سندس ڪالم مٿان لطيف جو فڪر غالب ٿيو‪ .‬ھاڻ پاڻ شاھ لطيف جو خوش‬
‫خير محمد جي ڪالم تي اثر ثابت ڪرڻ الِء ٻنهي شاعرن جو ڪالم سامهون آڻي پيش‬
‫ڪنداسين‪.‬‬

‫ُھو پڻ ڪونھي ُھن ري ‪ ،‬ھيُء نه ُھنهان ڌار ‪،‬‬


‫نسان سري وانا س ُره” پروڙج پچار‪،‬‬ ‫ُ‬ ‫“اال‬
‫ويا تنوار ‪ ،‬عالم عارف اھڙي‪.‬‬ ‫ڪندا‬

‫‪47‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫(شاهه جو رسالو‪ ،‬سر آسا ‪)4/1‬‬

‫مٿئين شاھ لطيف جي انسان خدا جو ڳجھ آھي واري خيال جھڙي ھڪجھڙائي‬
‫خوش خير محمد وٽ به ملي ٿي‬
‫تسبيون ‪ ،،،‬تال پڙھين ھر ھر ھو‬
‫اال نسان سري و انا سرھ ‪، ، ،‬‬
‫ٿي‪.‬‬ ‫فرق نه ھڪ تر تنهنجو‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)67‬‬
‫ھاڻ جڏھن لطيف جي مٿئين شعر کي خوش خير محمد جي شعر سان ڀيٽينداسين‬
‫ته اسان کي ٻنهي شاعرن جي شعرن ۾ نه صرف ساڳيو فڪر سمايل نظر ايندو بلڪه لطيف‬
‫جي بيت ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي ڪافي جي پيش ڪيل ساڳئي معني‬
‫ڪڍندڙ مصرعه به ملندي‪ ،‬جنهن مان اھو به واضع ٿئي ٿو ته هن ٻنهي شاعرن جي مٿين‬
‫شعرن جي معني ۽ مفهوم ۾ ڪو فرق ناھي‪.‬‬

‫وسن ۽ وھسن‪ ،‬ڏيھاڙي ڏسڻ لِء ‪،‬‬


‫ڏسي ڏسي آئيون‪ ،‬توِء تالشون ڪن‪،‬‬
‫ڍاپيو نه ڍاپن‪ ،‬پسڻ منجهان پرينَء جي‪.‬‬
‫(شاهه جو رسالو‪ ،‬سر آسا ‪)5/2‬‬

‫بلڪل لطيف جي خيال جي ھڪجهڙائي خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ھن شعر‬


‫۾ به سمايل آھي‪.‬‬

‫ڪي جو ڪالھ اکيون ڏسي آيون‬


‫ھاڻي رھن نٿيون ڪنهن جي رايون‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)86‬‬

‫مٿئين شاھ لطيف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم جي تقابلي جائزي‬
‫کانپوِء اھو ظاھر ٿيو ته فقير خوش خير محمد ھيسباڻي شاھ لطيف جو نه صرف پارکو هو‬
‫بلڪه خوش خير محمد پنهنجي ڪالم ۾ شاھ لطيف جي وحدة الوجودي فڪر ۽ فلسفي‬
‫جو به تسلسل برقرار رکيو‪.‬‬

‫‪48‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫سچل سرمست جو اثر‬

‫شاھ لطيف جيئن سچل سرمست جي شاعريَء جو به فقير خوش خير محمد‬
‫ھيسباڻيَء جي ڪالم تي گھرو اثر ڇانيل آھي‪ .‬خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء‬
‫تي سچل سرمست جي شاعريَء جي اثر جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته‪:‬‬
‫“خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي زماني تائين‪ ،‬سچل سرمست سنڌي ڪافيَء کي‬
‫ڪيتريون ئي نيون ھيئتون ڏئي چڪو ھو‪ ،‬۽ سندس فني توڙي فڪري صالحيتن جي‬
‫ڪري ڪافيَء جي صنف عوام ۾ مقبول ٿي وئي ھئي‪ .‬شاھ لطيف جي شاعريَء کان پوِء‬
‫سنڌي شاعري ارتقا جو ھڪ ٻيو اھم ڏاڪو چڙھي ُچڪي ھئي‪ُ ،‬اونھن خيالن ۽ عالمتي‬
‫تصوف جي جاِء رنداڻي ۽ بيباڪ اظھار‪ ،‬وڄندڙ ۽ گجگوڙ ڪندڙ ُاچارن وارن لفظن ۽‬
‫والھانه بيخوديَء واريَء موسيقيَء ۽ سڌي سنئين اعالنيَء شاعري ورتي غنائي شاعري‬
‫وائيَء کان اڳتي وڌي‪ ،‬ڪافيَء جا ڪيترائي رنگا رنگ گھاڙيٽا پاڻ ۾ سمائي چڪي ھئي‪،‬‬
‫سچل سرمست جي ڇڏيل ورثي کان سواِء خوش خير محمد ۽ سندس ساٿاري سنڌي ڪافيَء‬
‫جي صنف سان دلچسپي رکي‪ ،‬۽ ان ۾ واڌارا ڪندا رھيا‪ ،‬ان دور جي سڀني ڪافي چوندڙ‬
‫شاعرن جي شاعريَء تي سچل سرمست جو باغياڻو ۽ رندي انداز‪ ،‬سندس ڪافين جي‬
‫گھاڙيٽن جي نواڻ‪ ،‬۽ سندس اترادي لهجي واري مٺي ٻولي‪ ،‬انهن سڀني صفتن جي گھري‬
‫ڇاپ خوش خير محمد ھيسباڻيَء جي شاعريَء ۾ موجود آھي” (‪)1‬‬

‫سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء ۾ سچل کان پوِء جيڪي به سنڌي ٻولي جا ڪالسيڪل‬
‫شاعر ُا ڀريا آھن انهن جي ڪالم تي ٻين ڪالسيڪل شاعرن جي اثر سان گڏوگڏ سچل‬
‫سرمست جي ڪالم جو اثر واضع نظر اچي ٿو‪ .‬پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻيَء جي‬
‫شاعريَء تي سچل سرمست جي شاعريَء جي اثر جا ڪجهه مثال پيش ڪنداسين‪.‬‬

‫صورت سڀ سلطان‪ ،‬پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو!‪.‬‬


‫(رسالو سچل سرمست سنڌي ڪالم ص ‪)116‬‬

‫مٿيون ساڳيو خيال خوش خير محمد ھيسباڻيَء وٽ ھن ريت ملي ٿو‬

‫آئين صورت جو سينگار ڪري‬


‫پنهنجو پاڻ ڏسڻ الِء پير ڀري‬

‫‪49‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫تنهنجي سير بنا ڀال ڪيئن سري‬


‫پنهنجو درسن سڀ ديدار ڪيئي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)76‬‬

‫جيئن سڀني صوفي درويشن جو نظريو ساڳيو آھي ائينَء سڀني صوفي شاعرن‬
‫جي شاعريَء ۾ به بلڪل ھڪ جھڙائي نظر ايندي‪.‬‬

‫تو تان آئينو ٿي آئين‪،‬‬


‫پنھنجو پاڻ ئي ۾ منھن پائين‪،‬‬
‫مين کي ڇوڙ ته ٿيوين سائين‬
‫ڀولو مور نه ھن ۾ ڀائين ‪،‬‬
‫ُسڻائين‪.‬‬ ‫توکي صحي سچ‬
‫(رسالو سچل سرمست سنڌي ڪالم ص ‪)303‬‬

‫مٿئين سچل سرمست جي خيال جھڙي ھڪجھڙائي خوش خير محمد وٽ ھن ريت‬
‫ملي ٿي‪.‬‬

‫پنھنجو پاڻ ۾ پاڻ کي پس‬


‫س‬ ‫ماڻ مزو چک روحي ر ُ‬
‫ک‬‫صورت مان صورت ئي س ُ‬
‫ک‪.‬‬‫طالب ھي توحيد ته ل ُ‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)83‬‬

‫جيئن پوري انساني تاريخ ۾ روز ازل کان ھر شيِء جو تضاد رھندو پيو اچي ۽‬
‫جيڪو الزم فطرت جو فطري قانون به آھي ته ھر شيِء جو ضد ھجي‪ ،‬جيئن صحيح جو‬
‫غلط سچ جو ڪوڙ رات جو ڏينهن اوندھ ۽ روشني جو پاڻ ۾ تضاد آهي ساڳئي طرح‬
‫صوفي ازم جي حقيقت اڳيان به ڪن نام نھاد ڌرين جو فتنو فساد ضد جي شڪل جيئن‬
‫اڳيان کڙو ٿيندو پيو اچي‪ ،‬ڇو ته تصوف جي ٻولي ھڪ حقيقت آھي ھڪ سچ آھي جنهن‬
‫جو ضد ڪوڙ آھي ۽ ان ڪوڙ ھميشه سچ سان ٽڪر کاڌو آھي ان ٽڪراَء ۾ ڪيترن ئي‬
‫سچ جي سرمست شاعرن کي ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا آھن ڪيترن ئي منصورن جا ڪنڌ‬
‫سولين جو سينگار بڻيا آھن‪ .‬ساڳئي سچ جي پرچار ھن ٻنهي صوفي شاعرن جي ڪالم‬

‫‪50‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫۾ ملي ٿي جنهن جي پهريان سچل سرمست اپٽار ڪئي آھي ۽ پوِء خوش خير محمد‬
‫ساڳئي ڳالھ کي پنهنجي ڪالم ۾ سامهون آڻي نروار ڪيو آھي‪.‬‬

‫سرمد کي ڏيئي لت ڪھايئي‪ ،‬سوريَء تي منصور چڙھايئي‪،‬‬


‫شيخ عطار جو س ُر وڍايئي‪ ،‬ھاڻي ھيڏي پنڌ ُپڇائين تون‪.‬‬
‫(رسالو سچل سرمست سنڌي ڪالم ص ‪)130‬‬

‫ساڳئي ڳالھ خوش خير محمد ھن ريت ڪئي آهي‪.‬‬

‫شاھ منصور کي ‪ ،‬سولي چاڙھيائون‬


‫ڪيو‪.‬‬ ‫اھو ُملن پنهنجو مدعا‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪) 99‬‬

‫مجموعي طور تي سچل سرمست ۽ خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جي‬
‫اڀياس ڪرڻ کان پوِء اسان کي سچل جي شاعريَء جي فهم فڪر جون ھڪجھڙايون‬
‫خوش خير محمد جي ڪالم ۾ پڻ ملن ٿيون‪ ،‬جنهنڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته خوش‬
‫خير محمد ھيسباڻيَء جي ڪالم تي سچل سرمست جي ڪالم جو گھرو اثر پڻ سمايل‬
‫آھي‪.‬‬

‫صوفي روحل فقير جي شاعريَء جو اثر‬


‫سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء ۾ روحل فقير جو نالو سنڌ جي اهم ڪالسيڪل‬
‫شاعرن جي صف ۾ شمار ٿئي ٿو‪ .‬ٻين شاعرن جيئن هن شاعر جي شاعريَء جو به خوش‬
‫خير محمد جي ڪالم تي اثر پڻ ملي ٿو‪ ،‬سڀ کان پهريان روحل فقير جي زندگيَء جو‬
‫مختصر تعارف لکڻ الزمي ٿو سمجهان‪.‬‬
‫“روحل فقير ولد شاهو خان بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو جيڪي ‪1743‬ع ۾‬
‫تولد ٿيو سندس وڏا تعلقي عمر ڪوٽ ۾ مومل جي ڪاڪ لڳ پدما جي ڀٽ ويٺل هئا‪.‬‬
‫سندس والد شاهو خان‪ ،‬ميان نور محمد وٽ مالزم هو هن روحل فقير کي سنڌي ‪،‬عربي‪،‬‬
‫فارسي جي تعليم ڏياري ان بعد روحل فقير به ميان نور محمد وٽ مالزم ٿيو پر جلد‬
‫مالزمت کان بيزاري ڏيکاري فقيري ويس ڍڪي جهوڪ شريف ۾ پنهنجي مرشد ( شاهه‬

‫‪51‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫عنايت شهيد جي فرزند ۽ سجاده نشين ) عزت اهلل شاه جي خدمت ۾ وڃي رهيو‪ .‬ڪجهه‬
‫وقت بعد جهوڪ شريف ڇڏي سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽ آخر ڪار موجوده ڪنڊڙي واري‬
‫مقان ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو‪ .‬جتي ‪ 1619‬هه مطابق ‪1804‬ع ۾ وفات ڪيائين‪)2( ”.‬‬
‫پاڻ جڏهن صوفي روحل فقير جي شاعريَء جو اڀياس ڪيون ٿا ته اسان کي شاه‬
‫لطيف ۽ سچل سائين جيئن روحل فقير جي ڪالم جو به خوش خير محمد هيسباڻيَء جي‬
‫شاعريَء تي گهرو اثر ڇانيل نظر اچي ٿو‪ .‬جيئن روحل فقير پنهنجي شاعريَء ۾ پاڻ‬
‫ڳولي پاڻ سڃاڻڻ جي بار بار تلقين ڪئي آهي ساڳئي طرح خوش خير محمد هيسباڻيَء‬
‫به ساڳئي فڪر کي پنهنجي شاعريَء ۾ ڳايو آهي‪ .‬پاڻ هتي مثال طور روحل فقير ۽ خوش‬
‫خير محمد جو ڪالم پيش ڪيون ٿا‪.‬‬
‫آهه‪،‬‬ ‫ڪعبو عرش عظيم‬ ‫اول‬
‫جت فرشتا فرمان ۾ راتو ڏينهن رهن‪.‬‬
‫آهه‪،‬‬ ‫بيت المقدس‬ ‫ڪعبو‬ ‫ٻيو‬
‫نمن‪.‬‬ ‫سڀئي نبي ٿا‬ ‫جنهن کي‬
‫آهه‪،‬‬ ‫ٽيون ڪعبو بيت المعمور‬
‫ڪن‪.‬‬ ‫جت ملڪ مڙئي ٿا سجدا‬
‫آهه‪،‬‬ ‫چوٿون ڪعبو بيت اهلل‬
‫پڙهن‬ ‫جت حاجي وڃي ٿا حج‬
‫المؤمنين‪،‬‬ ‫پنجون ڪعبو قلوب‬
‫ڌڻين‪.‬‬ ‫عرش اهلل تعالي چيو پاڻ‬
‫مسلمان جيڪي پنهنجو قلب هٿ ڪن‪،‬‬
‫نه آهن ڪعبا به ڪو ڏياتن جا‪.‬‬
‫(آُء ڪانگا ڪر ڳالهه‪ .‬ص ‪)165‬‬

‫مٿئين شعر ۾ روحل فقير اها ڳالهه واضع ڪئي آهي ته ماڻهو خدا کي پاڻ ۾ ڇو‬
‫نه ٿا ڳولين؟ پاڻ سمورن ڪعبن جي تشريح ڪري جڏهن قلب ڏانهن اچن ٿا ته ڏاڍا حساس‬
‫ٿي وڃن ٿا‪ ،‬پاڻ فرمائن ٿا ته سڀني مقدس مقامن عبادتگاهن جي پنهنجي اهميت‪ ،‬پر اصل‬
‫جيڪي عبادت يا نيڪي بدي آهي اها انسان بذاتخود پاڻ آهي انسان جي عبادت جو دارو‬
‫مدار سندس قلب آهي انڪري پاڻ پنهنجي ڪالم ۾ اها ڳالهه واضع ڪن ٿا ته سچو نيڪ‬
‫دل مسلمان اهو آهي جنهن جو من اجرو هجي‪ .‬بلڪل ساڳيو خيال ساڳيو فڪر خوش خير‬
‫محمد هيسباڻيَء وٽ به هن ريت ملي ٿو‪:‬‬

‫‪52‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫صفا‬ ‫اندر جو سدا رک‬ ‫آئيندو‬


‫روشني ٿئي روح کي جانب ساڻ جفا‬
‫خير محمد نفعا‪ ،‬ڪوڙين ملني قيمتي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي ص ‪)63‬‬

‫حواال‬
‫عباسي تنوير‪“،‬ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام‬ ‫‪.1‬‬
‫شورو‪2008 .‬ع ص ‪26‬‬
‫مخدوم طالب المولي‪ُ “ ،‬در ناياب عرف ياد رفتگان”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام‬ ‫‪.2‬‬
‫شورو ‪2012‬ع ص ‪5‬‬

‫‪53‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫باب پنجون‬
‫خوش خير محمد ھيسباڻيَء جا همعصر شاعر ۽ سندس خاندان جا شاعر‬

‫همعصر شاعر‬
‫فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي دؤر جي اھا مشھور ڳالھ آھي ته ان وقت جي‬
‫صوفي شاعرن جا آستانا ۽ اوطاقون راڳ رھاڻن سان آباد هوندا ھئا جتي هي صوفي شاعر‬
‫هڪٻئي سان ڪچهرين جا ميڙا مچايون ويٺا ھوندا ھئا‪ ،‬ھنن صوفي فقيرن جي ڪچهرين‬
‫جو سلسلو ايئن ھلندو ھو جو ھو هڪٻئي جي اوطاقن ۾ گڏ ٿي پنهنجي شاعراڻن خيالن‬
‫کي ھڪٻئي سان ونڊ ڪندا رھندا ھئا‪ .‬ھنن جون ڪچهريون ايتريون ڪشاديون ھونديون‬
‫ھيون جو هو ڊگهيون راتيون جاڳي ڪچهرين ۾ هڪٻئي کي پنهنجي شاعري ٻڌائيندا ھئا‬
‫۽ ھڪٻئي جا شعر ٻڌي ھڪٻئي کان متاثر به ٿيندا ھئا‪ .‬سنڌ جي همعصر ڪالسيڪل‬
‫شاعرن جي شاعريَء جي اڀياس ڪرڻ سان اسان کي اھڙي قسم جي شاعريَء جو جهجهو‬
‫مواد ملي ٿو جنهن ۾ ھنن جي شاعريَء جو ھڪٻئي تي گھرو اثر نمايان نظراچي ٿو‪ .‬خوش‬
‫خير محمد هيسباڻيَء جا جيڪي همعصر شاعر آھن انهن ۾ عثمان فقير سانگي‪ ،‬نانڪ‬
‫يوسف‪ ،‬بيدل فقير‪ ،‬غالم حيدر شر گودڙيو پڻ اھم آھن جن جي شاعري ۽ خوش خير‬
‫محمد جي ڪالم ۾ اسان کي گھڻي ھڪجھڙائي پڻ ملي ٿي‪ .‬خوش خير محمد ھيسباڻي‬
‫جا جيڪي اهم همعصر شاعر آهن پاڻ هتي انهن جي شخصيت شاعري ۽ خوش خير محمد‬
‫هيسباڻي فقير جي ڪالم سان سندن ڪالم جي هڪجهڙائي جو مختصر جائزو پيش‬
‫ڪنداسين‪.‬‬

‫عثمان فقير سانگي‬


‫عثمان فقير سانگي جو تعلق الڙڪاڻي ضلعي سان ھو‪ ،‬ھي نه صرف خوش خير‬
‫محمد جو ھمعصر شاعر ھو بلڪه ھنن ٻنهي شاعرن جو مرشد به ساڳيو عبدلحئي نوشھرو‬
‫فيروز وارو ھو يعن ي ھي ٻئي مرشد ڀائي ھجڻ جي ڪري ھڪٻئي جا گھرا دوست به ھئا‬
‫جنهنڪري ھنن جون ڪچهريون به ڏاڍي ويجھڙائيَء سان ٿينديون ھيون‪ .‬عثمان فقير‬
‫سانگي جي ڪالم ڪتاب “ڪالم عثمان فقير سانگي” جو مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق‬
‫لکي ٿو ته‪:‬‬

‫‪54‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫“ھيَء حقيقت آھي ته عثمان فقير سانگي ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيَء کي سنڌي‬
‫توڙي سرائڪي ڪافيَء ۾ اعلي مقام حاصل آھي‪ .‬عثمان فقير عارف عبدالحي نقشبندي‬
‫جو طالب ھو‪ .‬خوش خير محمد ھيسباڻي سندس دوست ھو‪ .‬ھيسباڻي فقير کي عثمان‬
‫سانگي سائين عبدالحي وٽ وٺي آيو‪ .‬خوش خير محمد اتي اچي عارف عبدالحي جو طالب‬
‫ٿيو‪ .‬عارف عبدالحي ٻنهي طالبن کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو‪ .‬سندن نظر فيض اثر سبب‬
‫ٻئي طالب جاڙا چنڊ ٿي چمڪڻ لڳا‪ .‬سندن سھڻي شاعري سنڌ جي ھر وستي ۽ واھڻ کي‬
‫واسي ڇڏيو آھي” (‪)1‬‬
‫خوش خير محمد ۽ عثمان فقير جي ڪالم ۾ ھڪجھڙائيَء جا ڪجھ مثال ھيٺ‬
‫ڏجن ٿا‪.‬‬
‫ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا‬
‫ڏاڍا الئق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)63‬‬
‫ڏاڍا لڪ ڪيتئي ليئي پاوڻ دا‬
‫ڪيھا غرض پيئي اٿي آوڻ دا‪.‬‬
‫(ڪالم عثمان فقير سانگي ص ‪)156‬‬

‫بيرنگيَء جو بيان ڪڏھن‪ ،‬ڪين عقل ۾ ايندو‪.‬‬


‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)96‬‬
‫بيان‪،‬‬ ‫بي‬ ‫بيرنگ‬
‫عشق جو آھي‪.‬‬ ‫ُاونھو بھر‬
‫(ڪالم عثمان فقير سانگي ص ‪)156‬‬

‫ُسڻي پورب جا پيغام‪ ،‬سامي سنک وڄائن ٿا ‪،‬‬


‫آڌيَء ويل ُاٿائن ٿا‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪.‬‬
‫ص‪)113‬‬
‫ُ‬
‫صوفي صافئون صاف‪ ،‬خيال سان الف جاڳائن ٿا‬
‫ُاهي خان خوديَء کي کائن ٿا‪.‬‬
‫(ڪالم عثمان فقير سانگي ص ‪)104‬‬

‫‪55‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي عثمان فقير سانگي سان ايتري گھري ياري‬
‫ھئي جو عثمان فقير جي وڇوڙي تي خوش خير محمد ھڪ ڪافي چئي آھي جنھن ۾‬
‫عثمان فقير جو نالو به ملي ٿو‪.‬‬
‫عثمان‪ ،،،‬عاشق آفرين پنھنجو جسم پروان ڪيئي‬
‫طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نيشان ڪيئي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص‪)121‬‬

‫نانڪ يوسف‬
‫نانڪ يوسف سچل سرمست جھڙي عظيم صوفي شاعر جي تربيت جي ڇانوري‬
‫ھيٺ شاعريَء جي دنيا ۾ پير پاتو ھن سچل سائين جي صحبت ۾ سنڌي ڪالسيڪل‬
‫شاعريَء ۾ تصوف جي پيغام جي پرچار ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو‪.‬‬
‫“نانڪ يوسف حضرت سچل سرمست جو ٻالڪو ھو ۽ سندس فڪر ۽ خيال مان‬
‫بيحد متاثر ھو‪ .‬فقير محمد يوسف ولد محمد ھاشم کوکر جو جنم جھل جي ڀر سان ڳوٺ‬
‫ڪنڊي کوکر ۾ ٿيو‪ .‬درس ۽ تدريس جي تالش ۾ سچل سرمست وٽ فيض پرائڻ پھتو‬ ‫ُ‬
‫ھو سچل سر مست کان عمر ۾ ‪ 53‬سال ننڍو ھو ۽ سندس تخلص نانڪ سچل سائين پاڻ‬
‫رکيو ھو‪)2( ”.‬‬
‫ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ھيٺئين ڳالھ مان اھو واضح ٿئي ٿو ته نانڪ يوسف ۽‬
‫خوش خير محمد جون پاڻ ۾ مالقاتون به ٿيون آھن‪.‬‬
‫“مير علي مراد جي موسيقيَء جي محفلن ۾ خوش خير محمد ھيسباڻي پاڻ حاضر‬
‫رھندو ھو ۽ سندس ڪالم پڻ انھن محفلن ۾ ڳايو ويندو ھو‪ .‬انھن ڪچھرين ۾ فقير‬
‫نانڪ يوسف پڻ ايندو ھو‪)3( ”.‬‬
‫خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف جي ڪالم جي ھڪجھڙائي تي ڊاڪٽر تنوير‬
‫عباسي هي مثال پيش ڪيا آهن جيڪي هتي بيان ڪجن ٿا‪.‬‬
‫“ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻي جي ڪيترين ئي ڪافين ۾‬
‫هڪجهڙائي نظر اچي ٿي‪.‬‬

‫دم دم اسان ڏي دل تي هئه تانگهه تيڏي پيارا‪.‬‬


‫(خير محمد )‬

‫‪56‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫دم دم اسان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان‪.‬‬


‫(نانڪ يوسف)‬

‫دلبر آيا مئڏي ديس ‪ ،‬آمل سيان ڏيوو مبارڪ‪.‬‬


‫(خير محمد )‬
‫دلبر ديس اساڏي آيا‪ ،‬واھ برھ دي بهار لڳي‪.‬‬
‫(نانڪ يوسف)‬
‫جيوين ڪرامت ڪشف اکيندي‬
‫عاشق ايوين نھين لکيندي ‪.‬‬
‫(خير محمد )‬
‫لکا ڪرامت ڪشف منيندي‬
‫ڪنز قدوري هنر بڻيندي‪.‬‬
‫(نانڪ يوسف)‬

‫عشق جڻيا جس پايا هئه‬


‫تس واهه اسالم جڳايا‪.‬‬
‫(خير محمد )‬
‫آج سجن ڪيون نه آيا هئه‬
‫ڪنهن ڌوتي ني ڀرمايه هئه‬
‫” (‪( 4‬‬ ‫(نانڪ يوسف)‬

‫فقير قادربخش بيدل‬


‫بيدل سائين انگريزن جي ابتدائي دور جو شاعر ھو‪ ،‬ھي صوفي شاعر عمر جي‬
‫لحاظ کان خوش خير محمد ھيسباڻي فقير کان پنج سال ننڍو ھو‪.‬‬
‫“ سنڌي‪ ،‬سرائيڪي ۽ اردو جو پيارو ٻاجهارو معرفت جو صاحب صوفي سالڪ‪،‬‬
‫صادق فقير قادربخش بيدل ‪ 19‬صدي عيسوي جو سنڌ جو اعلي پايي جو شاعر ھو‪ ،‬فقير‬
‫قادربخش بيدل ‪1814‬ع ۾ فقير محمد محسن جي گهر ۾ والدت ورتي ۽ ‪1878‬ع ۾ روھڙي‬
‫۾ ئي پنهنجي پٺيان اعلي اظرف رکندڙ شاعر پٽ فقير محسن بيڪس کي سوڳوار ڇڏي‬
‫تقريبن ‪ 59‬سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي‪)5(”.‬‬
‫اسين بيدل سائين کي خوش خير محمد جي اھم همعصر شاعرن مان ان ڪري به‬
‫ڳڻي سگهون ٿا جو ھنن ٻنهي شاعرن جي ڪالم ۾ پڻ گهڻي ھڪجھڙائي ۽ ويجهڙائپ‬
‫ملي ٿي‪.‬‬

‫‪57‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫بيدل سائين ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي جي ڪالم ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال‬
‫ھيٺ ڏجن ٿا ‪:‬‬

‫جلوو تاب ُحسن جو ڏسي تجليون‬


‫سارو جبل وڃي ڪوھ طور جليون‬
‫تنهنجي پنبڻين جا پيڪان چوان‬
‫چوان‬ ‫اھي نيزا بڙڇيون بان‬
‫چوان‪.‬‬ ‫نت ابرو سيف ايران‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)85‬‬

‫ابرو سيف ايران عجيبن‬


‫نيزا بڙڇيون بان حبيبن‬
‫گھاُء ڪرن منجھ ھانُء ضعيفن‬
‫تيغ چوان يا صمصام چوان‪.‬‬
‫(ديوان بيدل‪ .‬ڪافي نمبر ‪ 51‬روپ بسنت)‬

‫پاڻئون پنهنجو پاڻ سڃاڻج‬


‫ڄاڻ وڃائي ڄاڻ کي ڄاڻج‬
‫منصوريَء جون موجون ماڻج‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)80‬‬

‫ڳوال ڪرين جنهن جي‪ ،‬ساڳيو تون سوئي‪،‬‬


‫جي پاڻ پروڙين پانهنجو‪ ،‬ناهين ٻيو ڪوئي‪،‬‬
‫هيُء ھو ھڪوئي‪ ،‬سڏ پڙاڏو سمجھ تون‪.‬‬
‫(ديوان بيدل‪،‬بيت نمبر ‪ 124‬ص ‪)127‬‬

‫ڪاڪيون ڪالها ڪون ڪانگ لنوي ٿو ‪،‬‬


‫اڄ ايندا ڪي سڀاڻي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪) 101‬‬

‫‪58‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ڪانگ لنوي مٺي الت مهب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا‬


‫جيڪس دانهان درد منهنجي جون‪ ،‬پهتيون اتي پرڀات‪،‬‬
‫ڇڏيندا‪.‬‬ ‫اميد ته هينئن نه‬ ‫اٿم‬
‫(ديوان بيدل‪ ،‬ڪافي نمبر‪)4‬‬

‫فقير غالم حيدر شر گودڙيو‬


‫عثمان فقير سانگي‪ ،‬نانڪ يوسف ۽ بيدل سائين جيئن فقير غالم حيدر شر گودڙيو‬
‫به خوش خير محمد جي اھم همعصر شاعرن مان ھڪ آھي‪ .‬فقير غالم حيدر شر جو تعلق‬
‫ضلعي خيرپور جي ڳوٺ مينگھو فقير شر سان ھيو‪ .‬ھي فقير به سچل سرمست ۽ نانڪ‬
‫يوسف جو عقيدت مند ھو‪ .‬ڪتاب “غالم حيدر گودڙيو جو ڪالم” جو مرتب الطاف اثيم‬
‫فقير غالم حيدر شر جي ويجهن دوستن سان ٿيندڙ مالقاتين بابت لکي ٿو ته‪:‬‬
‫“محبتي ميڙاڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ ھر روز شام سج لٿي کان لڙي سومھڻي تائين‬
‫ته روز مچايون ويٺو ھوندو ھيو جنهن ۾ فقراَء صوفي سماع ڪندا ھئا پر ڳوٺ کان ٻاھر‬
‫جيڪڏھن پاڻ ور ور ڪري ڪنھن وٽ ويندو ھيو ته اھي ھئا سندس ستگرو سائين نانڪ‬
‫يوسف‪ ،‬درازي درويش سائين قبول محمد فاروقي‪ ،‬خواجه نجم الدين راڻي پور جو‪ ،‬پير‬
‫شاھ محي الدين جيالني‪ ،‬روھڙي جو رند فقير قادربخش بيدل‪ ،‬صوفي فقير خوش خير‬
‫محمد ھيسباڻي‪ ،‬لونگ فقير مهيسر ۽ دريا خان فقير زنگيجو‪)6( ”.‬‬
‫مٿئين حوالي مان اھا ڳالھ واضع ٿئي ٿي ته خوش خير محمد ۽ فقير غالم حيدر‬
‫جون پاڻ ۾ مالقاتيون ٿينديون ھيون جنهنڪري ھنن ٻنهي شاعرن جي ڪالم تي به‬
‫ھڪٻئي جو اثر ٿيو‪ .‬ھتي پاڻ ٻنهي شاعرن جي ڪالم ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال پيش‬
‫ڪنداسين‪.‬‬

‫ڦاٿون‬ ‫پڃري آدم وچ ڪيوين‬


‫آهون مرغ هوائي وي ميان‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪ .‬ص ‪)173‬‬

‫پڃري آدم دي مئين آپي آيس ڪيتم سير االهي دا‪.‬‬


‫(فقير غالم حيدر گودڙيي جو رسالو‪ .‬ڪالم نمبر ‪) 16‬‬

‫‪59‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫نالي‬ ‫موج ڪيتي دريائون وھن لبولب‬ ‫ساوڻ‬


‫مل مل سهيان سير ڪرن سڀ آنديان نال اتالي‬
‫خيرمحمد ڪون خوشي رانجهن دي شل ماهي مئڏھون نهالي‪.‬‬
‫(ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي‪.‬‬
‫ص ‪)132‬‬
‫سدا سانوڻ جيان وھي اليون لس لھر‪،‬‬
‫بوندان بيهن ڪينڪي وهي نينهن نهر‪.‬‬
‫(فقير غالم حيدر گودڙيي جو رسالو‪ .‬بيت نمبر ‪)48‬‬

‫خاندان جا شاعر‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء کانپوِء سندس خاندان ۾ اڄ ڏينهن تائين شاعرو شاعري‬
‫جو سلسلو هلندو ٿو اچي‪ ،‬ڏٺو وڃي ته خوش خير محمد جي خاندان جي شاعرن جي شاعري‬
‫ڇپيل صورت ۾مڪمل طور ناهي ملي سگهي ان ڪري سندس خاندان جي سڀني شاعرن‬
‫جو هتي ذڪر ڪرڻ مشڪل آهي‪ .‬پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي خاندان‬
‫جي ٻن اهم شاعرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين‪.‬‬

‫فقير در محمد (ٻيو)‬


‫فقير در محمد (ٻيو) خير محمد دوم (ٻي) جي گھر ۾ ‪1887‬ع ۾ تعلقي فيضگنج‬
‫جي ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات مئي ‪1977‬ع ۾ ٿي در‬
‫محمد فقير جو ڪالم “مڪنوز در لعل” جي نالي سان فقير احسان علي هيسباڻي ڇپايو‬
‫آهي‪ ،‬فقير در محمد جو ڪالم به خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جيئن تصوف ۽‬
‫انسان دوستيَء جي سبق سان ٽمٽار آهي سندس ڪالم مان نمونو مثال طور هيٺ پيش‬
‫ڪجي ٿو‪.‬‬

‫دل ٿيم ديوان‪ ،‬دوست جڏهن ديدار ڪرايو‪،‬‬ ‫مطلع ‪:‬‬


‫وسريو شوڪت شان‪ ،‬ناز صنم نروار ڪرايو‪.‬‬

‫ُحسن حقيقي حڪم هاليو‪ ،‬عشق مجازي عقل تڙايو‪،‬‬ ‫‪:1‬‬

‫‪60‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ڪرايو‪.‬‬ ‫ٿيو حيران‪ ،‬اکين بي اختيار‬ ‫هوش‬

‫ناز اعجاز جا راز نيارا ‪ ،‬مام مالئن نسنگ نطارا‪،‬‬ ‫‪:2‬‬


‫ڪرايو ‪.‬‬ ‫نيڻن ۾ نشان ‪ ،‬ثابت سر سردار‬

‫بي رنگجا رنگ باطن ظاهر ‪ ،‬نسنگ سڃاڻن ملنگ‬ ‫‪:3‬‬


‫ماهر‪،‬‬
‫مڱڻهار‬ ‫محبت‬ ‫اعالن‬ ‫هر‬ ‫آ گهه‬
‫ڪرايو‪.‬‬
‫مالڪ سان پيو ست ٿياسون ‪ُ ،‬ملڪ وساري مست‬ ‫‪:4‬‬
‫ٿياسون ‪،‬‬
‫همخان ‪ ،‬عشق قائم اعتبار‬ ‫رهيو‬ ‫ُحسن‬
‫ڪرايو‪.‬‬

‫زلف زنجيري دام سڀيئي ‪ ،‬ڦاٿل خاص و عام‬ ‫‪:5‬‬


‫سڀيئي ‪،‬‬
‫شڪار‬ ‫شهباز‬ ‫دردان ‪ ،‬حسن‬ ‫اندر‬ ‫دام‬
‫ڪرايو‪.‬‬
‫(مڪنوز در لعل حصه اول ڪالم نمبر ‪)90‬‬

‫خير محمد (ٽيون)‬


‫فقير خير محمد (ٽيون) فقير در محمد (ٻي) جو فرزند هو‪ ،‬سندس جنم ‪1929‬ع ۾ ۽‬
‫وفات ‪ 4‬جنوري ‪2007‬ع ۾ ٿي هي فقير به خوش خير محمد هيسباڻي جي خاندان ۽ فڪري‬
‫سلسلي جي اهم شاعرن مان آهي پر سندس ڪالم هن وقت تائين ڇپجي ناهي سگھيو‪،‬‬
‫سندس شاعري جو ڪجهه نمونو ڪتاب “مڪنوز در لعل” ۾ ملي ٿو جيڪي هتي پيش‬
‫ڪجي ٿو‪.‬‬
‫آيا عجيب اسان جي اڱڻ احسان ٿيا‪،‬‬ ‫“ مطلع‬
‫پسي ُحسن حبيب هڙئي حيران ٿيا‬

‫‪61‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫گھريو دلدار اڱڻ اڄ آيو آ‪،‬‬ ‫دل‬ ‫‪:1‬‬


‫محبت ۾ مشتاق مڙئي مستان ٿيا‪،‬‬
‫سرس ڪري سينگار صنم آيو صورت جو‪،‬‬ ‫‪:2‬‬
‫ڪاتب قلم قضا جا ڇڏي قربان ٿيا‪،‬‬
‫ساقيَء سڪ سان سڏي سوائي سرڪي ڏني‪،‬‬ ‫‪:3‬‬
‫پلڪ اندر ُپر پياسن جا پئمان ٿيا ‪.‬‬
‫هيسباڻي صد بار صدق تنهن ساجن تان‪،‬‬ ‫‪:4‬‬
‫عاشق جنهنجا عرش و برين انسان ٿيا‪)7( ”.‬‬

‫حواال‬
‫شوق‪ ،‬ڊاڪٽر نواز علي “ڪالم عثمان فقير سانگي”‪ ،‬شاهه نصير الدين ادبي ۽‬ ‫‪.1‬‬
‫ثقافتي ڪاميٽي نوشهرو فيروز ‪2004‬ع ص ‪5‬‬
‫مالح مختيار احمد “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو”‪ ،‬ڪاٺياواڙ ڪراچي‬ ‫‪.2‬‬
‫‪2018‬ع ص ‪206‬‬
‫عباسي‪ ،‬تنوير “ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي”‪ ،‬ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫‪.3‬‬
‫ڄام شورو ‪2008‬ع ص ‪23‬‬
‫ايضا ص ‪32 ،31‬‬ ‫‪.4‬‬
‫“بيدل” ‪ 4‬نمبر‪ ،‬بيدل يادگار ڪاميٽي‪2004 ،‬ع ص ‪56‬‬ ‫‪.5‬‬
‫اثيم الطاف “ فقير غالم حيدر گودڙيي جو رسالو” سچل چيئر‪ ،‬شاهه لطيف‬ ‫‪.6‬‬
‫يونيورسٽي خيرپور‪ ،‬ڊسمبر ‪2006‬ع ص ‪18‬‬
‫هيسباڻي‪،‬فقير احسان علي‪ “ ،‬مڪنوز ُدرلعل”‪ ،‬حصه اول‪،‬صوفي خوش خير‬ ‫‪.7‬‬
‫محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي ‪2000‬ع ص ‪.16‬‬

‫‪62‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫تحقيق جا نتيجا‬

‫صوفي خوش خير محمد هيسباڻي فقير ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي‪ ،‬هي سنڌ‬
‫جو اهو صوفي ڪالسيڪل شاعر آهي جنهن سنڌي ڪافي جي مضمون ۽ سنڌي ڪافي‬
‫جي صنف ۾ نوان تجربا ڪري سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء ۾ پاڻ مڃرايو‪.‬‬
‫فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جو نالو سنڌ جي ان اهم ڪالسيڪل شاعرن ۾ ڳڻي‬
‫سگهجي ٿو جنهن جي نالي کان سواِء سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي صف ۽ سنڌي‬
‫ڪافيَء جي صنف نامڪمل نظر ايندي‪.‬‬
‫سڀ کان پهريان خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي ڊاڪٽر تنوير عباسي خوش‬
‫خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم کي سهيڙي تحقيق ڪئي‪ ،‬جيڪا ‪1982‬ع ۾ “ڪالم خوش‬
‫خير محمد هيسباڻي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ پڌري ٿي‪.‬‬
‫‪2008‬ع ۾ ساڳئي ڪتاب “ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي” کي بنا ڪنهن مٽا سٽا ۽‬
‫ڪتاب ۾ بنا سڌارن ڪرڻ جي سنڌي ادبي بورڊ طرفان هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپايو ويو‪.‬‬
‫ڊاڪٽر تنوير عباسي جي خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي ڪيل تحقيق کانپوِء‬
‫تقريبن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي هن ڪالسيڪل شاعر جي شاعريَء تي تقريبن گذريل‬
‫چاليهن سالن کان وٺي ڪنهن تحقيقي مقالي يا ڪتاب جي صورت ۾ ڪو خاص نئون‬
‫تحقيقي ڪم ناهي ٿي سگهيو‪.‬‬
‫جڏهن اسين پوري سنڌي ڪالسيڪل شاعريَء جي ماضي‪ ،‬حال ۽ مستقبل کي واجهائي‬
‫ڏسنداسين ته هن صوفي شاعر جي شاعريَء تي جنهن ڪم جي گهرج ڳچ عرصي کان‬
‫محسوس ٿيندي پئي اچي اها گهڻي وقت کان ناهي ٿي سگهي‪.‬‬
‫بقول سائنسي تحقيقي تجربن جي ته ڪا به شيِء پوري مڪمل نه آهي‪ ،‬ڪا به شيِء يڪسان‬
‫هڪ جڳهه تي نٿي بيهي سگهي بلڪه هر تحقيقي ڪم پنهنجي شڪل وقت حالتن سان‬
‫گڏ تبديل ڪري اڃا وڌيڪ اڳرو ٿيڻ الِء آتو هوندو آهي‪.‬‬
‫هر تحقيقي ڪم وقت سان گڏ تبديليَء جا آثار ڏيکاريندو آهي‪ ،‬بلڪل ساڳئي طرح‬
‫ڪالسيڪل شاعري به وقت جي تبديليَء سان گڏ پنهنجي فڪر ۾ وڏو انقالب آڻيندي‬
‫آهي‪.‬‬
‫اڄ مان هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ فقير خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم تي هي‬
‫جيڪي مقالو لکيو آهي ان ۾ ڪجهه نوان موضوع آندا آهن جيڪي هن ريت آهن‪.‬‬

‫‪63‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء تي اڳ وارن شاعرن جو اثر‪ ،‬جن ۾ شاهه لطيف‪،‬‬
‫سچل ۽ روحل فقير شامل آهن‪.‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جا همعصر شاعر ۽ سندن شاعريَء ۾ هڪجهڙائيَء جا مثال‬
‫بيان ڪيا آهن‪.‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي خاندان جا شاعر ۽ سندن شاعريَء جو جائزو‪.‬‬

‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي ڪالم ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر جهڙن‬
‫اهم ۽ نون موضوعن کانسواِء مان پنهنجي هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته خوش خير‬
‫محمد هيسباڻيَء جي ڪالم جي موضوع خوبين ۽ سندس ڪالم جي صنفن تي بحث‬
‫ڪري پڙهندڙن محققن ۽ شاگردن کي هن ڪالسيڪل شاعر بابت نئون مواد ڏئي سگهان‪.‬‬

‫‪64‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫ببلو گرافي‬
‫‪ .1‬عباسي‪ ،‬تنوير‪“ ،‬ڪالم خوش خير محمد هيسباڻي”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام‬
‫شورو‪2008 .‬ع‬
‫‪ .2‬شوق‪ ،‬ڊاڪٽر نواز علي‪“ ،‬ڪالم عثمان فقير سانگي”‪ ،‬شاهه نصير الدين ۽‬
‫ثقافتي ڪاميٽي نوشهروفيروز‪2004 .‬ع‬
‫‪“ .3‬مهراڻ” ٽه ماهي‪،‬سوانح نمبر حصو پهريون‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام‬
‫شورو‪/‬حيدرآباد‪1990 .‬ع‬
‫‪ .4‬مخدوم طالب المولي ‪ُ “،‬درناياب عرف يادرفتگان”‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو‪.‬‬
‫‪2012‬ع‬
‫‪ .5‬جوڻيجو‪،‬عبدالجبار‪“،‬سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”‪ ،‬روشني پبليڪيشن‬
‫ڪنڊيارو‪2013 .‬ع‬
‫‪ .6‬مخدوم محمد زمان “طالب المولي”‪“ ،‬ڪافي”‪،‬طالب المولي اڪيڊمي هاال‪.‬‬
‫‪2014‬ع‬
‫‪ .7‬هيسباڻي‪ ،‬فقير احسان علي‪“،‬مڪنوز ُدرلعل”(حصه اول)‪،‬صوفي خوش خير‬
‫محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي ‪2000‬ع‬
‫‪ .8‬عباسي‪،‬ظفر‪“ ،‬سنڌيَء ۾ شاعريَء جون صنفون ۽ صنعتون”‪ ،‬سنڌي لئنگويج‬
‫اٿارٽي حيدرآباد‪2007 .‬ع‬
‫‪ .9‬موسوي‪،‬عبدالحسين شاهه‪“ ،‬ديوان بيدل”‪،‬سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو‬
‫سنڌ‪2012.‬ع‬
‫‪“ .10‬بيدل” چوٿون نمبر‪ ،‬بيدل يادگار ڪاميٽي‪2004 ،‬ع‬
‫‪ .11‬اثيم الطاف‪“،‬فقير غالم حيدر گودڙيي جو رسالو”‪،‬سچل چيئر شاهه عبدالطيف‬
‫يونيورسٽي خيرپور‪2006 .‬ع‬
‫‪ .12‬زرداري‪ ،‬ڊاڪٽر محمد الئق‪“.‬تاريخ ضلع نوابشاهه”‪ ،‬هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل‬
‫سوسائٽي نواب شاهه‪2001 .‬ع‬
‫‪ .13‬آڏواڻي‪ ،‬ڪلياڻ‪“.‬شاهه جو رسالو”‪،‬سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ‪2010 .‬ع‬
‫‪ .14‬انصاري‪،‬عثمان علي‪“.‬رسالو سچل سرمست” (سنڌي ڪالم) سنڌي ادبي بورڊ‬
‫ڄام شورو‪2012 .‬ع‬
‫‪“ .15‬ڀٽائي” تحقيقي جرنل پهريون نمبر‪ ،‬سنڌي شعبو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي‬
‫خيرپور سنڌ‪2015 ،‬ع‬

‫‪65‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬
‫خوش خير محمد هيسباڻيَء جي شاعريَء جو تحقيقي جائزو‬

‫‪“ .16‬ڀٽائي”تحقيقي‪ ،‬جرنل ٽيون نمبر‪ ،‬سنڌي شعبو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي‬
‫خيرپور‪1994 .‬ع‬
‫‪“ .17‬سرمست” ڏهون نمبر سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور ‪1990‬ع‬
‫‪ .18‬گرامي‪،‬غالم محمد‪“،‬مشرقي شاعريَء جا فني قدر ۽ رجحانات”‪.‬سنڌي ادبي بورڊ‬
‫ڄام شورو‪/‬حيدرآباد‪1992 .‬ع‬
‫‪ .19‬چانڊيو‪،‬سرمد “حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڇند وديا” ڪنول پبليڪيشن‬
‫قمبر‪2016 .‬ع‬
‫‪ .20‬انصاري‪ ،‬عثمان علي “رسالو سچل سرمست” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو‬
‫‪1997‬ع‬
‫‪ .21‬پٺاڻ‪ ،‬ڊاڪٽر غالم حسين“تحقيق جو فن” سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ‪2007‬ع‬
‫‪ .22‬همايوني‪ ،‬نياز “آُء ڪانگا ڪر ڳالهه” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ‪2007‬ع‬

‫‪ .23‬مالح مختيار احمد“سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو”‪،‬ڪاٺياواڙ اسٽورز‬


‫اردو بازار ڪراچي ‪2018‬ع‬
‫‪www.google.com//htpsindhiadabiboard .24‬‬
‫‪www.google.com//htp.sindhsalamat .25‬‬

‫‪66‬‬
‫‪www.sindhsalamat.com‬‬

You might also like