You are on page 1of 46

‫دين اسالم‬

‫جي تعليمات‬
‫مذهب اهل بيت جي روشنيَء ۾‪.‬‬
‫بسم اهلل الرحمٰ ن الرحيم‬
‫عام طور دين کي سمجهائڻ الِء هڪ پاڪ وڻ جو مثال ڏنو ويندو آهي‪ .‬وڻ‬
‫جون ڪجهه پاڙون ٿينديون آهن‪ ،‬پاڙ کي عربيَء ۾ اصل چيو ويندو آهي‬
‫۽ ان جو جمع اصول آهي‪ .‬انڪري دين جا به ڪجهه اصول آهن‪ .‬وڻ جو‬
‫ڪجهه شاخون ٿينديون آهن‪ ،‬شاخ کي عربيَء ۾ فرع چيو ويندو آهي‪،‬‬
‫جنهن جو جمع فروع آهي‪ .‬انڪري دين جا به ڪجهه فروع آهن‪ .‬وڻ ۾ اصل‬
‫گهربل ميوا ٿيندا آهن‪ ،‬جنهن کي عربيَء ۾ ثمر چئبو آهي‪ ،‬انڪري ڪجهه‬
‫شيون دين جو ثمر به آهن‪ ،‬انهن کي اخالق چيو ويندو آهي‪.‬‬
‫هاڻي اسان انهن ٽنهي جو تعارف‪ ،‬مذهب اهل بيت مطابق پيش ڪنداسين‪.‬‬
‫اصول دين‬

‫‪ o‬اهلل تعالى جي توحيد ۽ عدالت‬


‫‪ o‬نبوت ۽ امامت‬
‫‪ o‬قيامت‬
‫اهلل تعالى‬
‫جي‬
‫توحيد ۽ عدالت‬

‫اسالم ۾ دين جو بنياد اهلل تبارڪ و تعالى جي توحيد ۽ سندس عدالت‬


‫تي آهي‪.‬‬

‫اهلل تبارڪ و تعالى جي‪:‬‬

‫ذات يا وجود‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى جو وجود هن جو پنهنجو آهي‪ ،‬ڪنهن ٻئي هن‬


‫کي وجود ناهي ڏنو‪ ،‬انڪري هو واجب الوجود آهي‪.‬‬
‫‪ ‬هن جي وجود جا جزا يا حصا نٿا ٿي سگهن‪ ،‬انڪري هو اَحَد آهي‪.‬‬

‫‪ ‬هن جهڙو ڪير به ناهي‪ ،‬انڪري هو وَاحد آهي‪.‬‬

‫‪ ‬نه وري ڪير هن جهڙو ٿي سگهي ٿو‪.‬‬


‫اهلل تبارڪ و تعالى جون‪:‬‬

‫صفات‬

‫‪ ‬علم‪ ،‬قدرت‪ ،‬حيات ۽ ارادو هن جي ذات جون صفتون آهن‪ ،‬انڪري‬


‫اهلل تبارڪ و تعالى جي ذات عالم‪ ،‬قادر‪ ،‬حيّ ۽ مريد (ارادو رکندڙ)‬
‫آهي‪.‬‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى علم جي وسيلي عالم ناهي‪ ،‬بلڪ پنهنجي ذات‬
‫وسيلي عالم آهي‪ ،‬اهڙي نموني قدرت‪ ،‬حيات ۽ ارادي وسيلي قادر‪،‬‬
‫حيّ ۽ مريد ناهي‪ ،‬بلڪ پنهنجي ذات وسيلي قادر‪ ،‬حيّ ۽ مريد آهي‪.‬‬

‫‪ ‬اهي صفتون ۽ اهلل جي ذات‪ ،‬ٻه شيون ناهن بلڪ هڪ ئي شيِء آهي‪.‬‬

‫‪ ‬انهن صفتن سان هو هميشہ رهيو آهي ۽ هميشہ رهندو انڪري قديم‬
‫آهي‪.‬‬

‫‪ ‬خالق ۽ رب‪ ،‬اهلل تبارڪ و تعالى جي فعل جون صفتون آهن‪ .‬جڏهن‬
‫اهلل تبارڪ و تعالى پهرين مخلوق کي خلق ڪيو ته خالق بڻيو‪ ،‬جڏهن‬
‫ان جي تدبير ڪئي ته ّ‬
‫رب بڻيو‪.‬‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى سڀني کان اول اسان جي نبيَء ۽ سندس آل اطهار‬
‫جو نور خلق فرمايو آهي‪ .‬پوِء ان نور جي وسيلي سان مالئڪن جو‬
‫جهان خلق ڪيو آهي‪ ،‬جنهن کان پوِء انهن ٻنهي جي وسيلي سان روح‬
‫جو جهان خلق ڪيو آهي ۽ آخر ۾ انهن ٽنهي جي وسيلي سان هي‬
‫مادي جهان خلق ڪيو آهي‪.‬‬
‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى هر مخلوق کي ان جو حق عطاڪندڙ آهي‪ ،‬انڪري‬
‫عادل آهي‪.‬‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى جو ڪوبه ڪم اجايو ناهي پر ان ۾ حڪمت‬


‫موجود آهي‪ ،‬انڪري هو حڪيم آهي‪.‬‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى جون ال محدود ڀليون صفتون آهن‪ ،‬جيئن رحمان‪،‬‬
‫رحيم‪ ،‬ڪريم‪ ،‬ستار‪ ،‬غفار وغيرهه‪.‬‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى انسان کي خلق ڪيو آهي ته جيئن هن دنيا ۾ اهلل‬
‫جي هدايت‪ ،‬رحمت ۽ نعمتن ۾ پلجي ڪمال حاصل ڪري ۽ پوِء هيَء‬
‫دنيا ڇڏي اهلل وٽ پهچي ته جيئن اهلل تبارڪ و تعالى کيس هميشہ‬
‫رهڻ وارو ڀلو گهر جنت عطا ڪري‪.‬‬

‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى عادل آهي‪ ،‬انڪري انسان کي دنيا ۾ خلق ڪري‬
‫بغير هدايت ڏيڻ جي سزا ناهي ڏيندو‪ ،‬ان الِء هن ڪجهه خاص انسانن‬
‫کي باقي باقي انسانن جو هادي بڻائي موڪليو آهي‪ ،‬جيڪي نبي‪،‬‬
‫رسول ۽ امام سڏجن ٿا‪.‬‬

‫‪‬‬
‫اهلل تبارڪ و تعالى جا‪:‬‬
‫افعال‬
‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى هن جهان ۾ جيڪي به ڪم ڪري ٿو اهي سڀ‬
‫پنهنجي قدرت سان ڪري ٿو‪ ،‬جڏهن ته باقي سموري مخلوق اهلل جي‬
‫ڏنل طاقت سان ڪم ڪري ٿي‪.‬‬
‫‪ ‬سموري مخلوق وجود ۾ اهلل تبارڪ و تعالى جي هر لمحي محتاج‬
‫آهي ۽ هر شيِء کي هر لمحي نئون وجود اهلل تبارڪ و تعالى وٽان‬
‫ملندو رهي ٿو‪ .‬جيڪڏهن ملڻ بند ٿي وڃي ته شيِء جو وجود ئي ختم‬
‫ٿي ويندو‪.‬‬
‫‪ ‬ساڳي نموني سموري مخلوق پنهنجي فعل ۾ پڻ هر لمحي اهلل تبارڪ‬
‫و تعالى کان ملندڙ طاقت جي محتاج آهي ۽ اها قدرت مخلوق کي هر‬
‫لمحي ملندي رهي ٿي‪ .‬جيڪڏهن ملڻ بند ٿئي ته شيِء اهو فعل ڪري‬
‫نه سگهندي‪.‬‬
‫‪ ‬ڪائنات ۾ مخلوق جيڪو به نيڪ ڪم ڪري ٿي اهو اهلل جو فعل‬
‫آهي ڇو ته مخلوق جنهن وجود ۽ قوت سان اهو ڪم ڪيو آهي ان جو‬
‫مالڪ اهلل آهي‪ ،‬نيڪ ڪم جو اهلل حڪم ڏنو آهي ۽ ان تي راضي پڻ‬
‫آهي‪ .‬انڪري ڪائنات ۾ ڪنهن به مخلوق طرفان ٿيندڙ هر نيڪ ڪم‬
‫جو حقيقي فاعل اهلل تبارڪ و تعالى آهي جڏهن ته مخلوق قريبي‬
‫فاعل آهي‪.‬‬
‫‪ ‬ڪائنات ۾ ج ّن ۽ انسان جيڪو به برو ڪم ڪن ٿا‪ ،‬اهو ڪم پڻ اهلل‬
‫تعالى جي ڏنل وجود ۽ قوت سان ڪن ٿا‪ .‬پر جيئن ته بري ڪم کان‬
‫اهلل روڪيو آهي ۽ ان تي راضي ناهي‪ ،‬انڪري برو ڪم جنن ۽ انسانن‬
‫سان منسوب ڪبو آهي اهلل سان منسوب ناهي ڪبو‪.‬‬
‫نبوت ۽ امامت‬
‫اهلل تبارڪ و تعالى انسانن جي هدايت الِء نبي موڪليا آهن‪ ،‬جن مان‪:‬‬
‫‪ ‬پهريون نبي حضرت آدم عليہ السالم آهي‪ ،‬جنهن تي اهلل تبارڪ و‬
‫تعالى پنهنجو دين نازل ڪيو‪ .‬اهلل جي دين جو روح‪” :‬هر شيِء ۾ اهلل‬
‫جي حڪم آڏو تسليم ٿيڻ آهي“‪ ،‬انڪري ان جو نالو اسالم آهي‪.‬‬
‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى طرفان موڪليل سڀني نبين جو دين ساڳو ئي‬
‫اسالم آهي‪.‬‬
‫‪ ‬جيئن جيئن زمين تي انسانن جو تعداد وڌيو ۽ معاشرو ٺهيو ته ماڻهن‬
‫تي هڪ ٻئي جا حق ۽ فرض شريعت جي صورت ۾ نازل ٿيا ۽ پهرين‬
‫شريعت حضرت نوح عليہ السالم تي نازل ٿي‪.‬‬
‫‪ ‬اهلل تبارڪ و تعالى جا موڪليل نبي انسانيت جا استاد بڻجي انهن‬
‫جي عقلي ۽ ذهني پرورش ڪندا رهيا‪ .‬جڏهن معاشري جو شعور وڌيو‬
‫ته اهلل تعالى طرفان ٻي شريعت حضرت ابراهيم عليہ السالم تي نازل‬
‫ٿي ۽ پهرين شريعت منسوخ ٿي وئي‪.‬‬
‫‪ ‬حضرت ابراهيم عليہ السالم ۽ سندن اوالد ۾ ٿيندڙ نبين انسانن جي‬
‫عقل ۽ ذهن جي پرورش ڪئي ۽ جڏهن انسانن ۾ شعور وڌيو ته اهلل‬
‫تبارڪ و تعالى طرفان ٽين شريعت حضرت موسى عليہ السالم تي‬
‫نازل ٿي‪.‬‬
‫‪ ‬ساڳي نموني اهلل تبارڪ و تعالى طرفان چوٿين شريعت حضرت عيسى‬
‫عليہ السالم تي نازل تي‪.‬‬
‫‪ ‬جڏهن انسان جو شعور بالغ ٿيو ته اهلل تبارڪ و تعالى آخري شريعت‬
‫اسان جي نبيَء حضرت محمد صلي اهلل عليہ و آلہ وسلم تي نازل‬
‫ڪئي‪ .‬هيَء شريعت هاڻي منسوخ ناهي ٿيڻي ۽ ڪا نئين شريعت ناهي‬
‫اچڻي‪ ،‬انڪري ڪو نئون نبي به نه ايندو‪.‬‬
‫‪ ‬حضرات نوح‪ ،‬ابراهيم‪ ،‬موسى ۽ عيسى عيلهم السالم شريعت کڻي‬
‫ايندڙ نبي هيا‪ .‬انهن مان جيڪو به نبي شريعت پهچائڻ کانپوِء وفات‬
‫ڪندو هيو ته ٻي شريعت نازل ٿيڻ تائين اهلل تبارڪ و تعالى ڪجهه‬
‫نبي يا نبيَء جا وصي موڪليندو هيو جن جو ڪم نازل ٿيل شريعت‬
‫کي صحيح صورت ۾ محفوظ رکڻ ۽ ان جي تبليغ ڪرڻ هيو‪.‬‬
‫‪ ‬حضرت نوح عليہ السالم جي وفات کان پوِء پڻ نبي ۽ وصي ايندا‬
‫رهيا جن تي ڪا نئين شريعت نازل نه ٿي هئي پر اهي حضرت نوح‬
‫جي شريعت جي حفاظت ۽ تبليغ ڪندا هيا‪ ،‬ايستائين جو حضرت‬
‫ابراهيم عليہ السالم آيا ۽ انهن تي نئين شريعت نازل ٿي‪.‬‬
‫‪ ‬حضرت ابراهيم عليہ السالم کان پوِء پڻ نبي ۽ وصي ايندا رهيا‪ ،‬جن‬
‫تي ڪا نئين شريعت نازل نه ٿي هئي پر اهي حضرت ابراهيم جي‬
‫شريعت جي حفاظت ۽ تبليغ ڪندا هيا‪ ،‬ايستائين جو حضرت موسى‬
‫عليہ آلسالم آيا ۽ انهن تي نئين شريعت نازل ٿي‪.‬‬
‫‪ ‬حضرت موسى عليہ السالم کانپوِء نبي ۽ وصي ايندا رهيا‪ ،‬جن تي‬
‫ڪا نئين شريعت نازل نه ٿي هئي پر اهي حضرت موسى عليہ السالم‬
‫جي شريعت جي حفاظت ۽ تبليغ ڪندا هيا‪ .‬جڏهن يهودين وٽان توريت‬
‫۽ گذريل نبين جا صحيفا گم ٿي ويا هيا ته اهي حضرت عزير عليہ‬
‫السالم ذريعي ٻيهر لکيا ويا‪ .‬ايستائين جو حضرت عيسى آيا ۽ انهن‬
‫تي نئين شريعت نازل ٿي‪.‬‬
‫‪ ‬حضرت عيسى عليہ السالم کان پوِء به نبي ۽ وصي ايندا رهيا‪ ،‬جن‬
‫تي ڪا نئين شريعت نازل نه ٿي هئي پر اهي حضرت عيسى عليہ‬
‫السالم جي شريعت جي حفاظت ڪندا هيا‪ ،‬ايستائين جو حضرت محمد‬
‫مصطفى صلي اهلل عليہ و آلہ وسلم آيا ۽ انهن تي نئين ۽ آخري‬
‫شريعت نازل ٿي سندن نبوت قيامت تائين جاري رهندي‪.‬‬
‫‪ ‬اسان جي نبيَء کان پوِء جيئن ته ڪا نئين شريعت نازل ٿيڻي نه هئي‬
‫انڪري ڪنهن نئين ”صاحب شريعت نبيَء“ جو سلسلو بند ٿي ويو‪.‬‬
‫‪ ‬اسالمي تاريخ ۾ صاحب شريعت نبي صرف پنج آهن‪ ،‬باقي سڀ بني‬
‫يا وصي انهن شريعتن جي حفاظت ۽ تبليغ جا ذميدار هيا‪ .‬هڪ لک‬
‫چوويهه هزار نبين مان جيڪڏهن پنج صاحب شريعت نبي جدا ڪجن‬
‫ته اڪثريت غير صاحب شريت نبين جي رهجي ويندي‪ ،‬جن جو ڪم‬
‫نازل ٿيل شريعت کي تحريف کان محفوظ رکڻ ۽ ان جي تبليغ هيو‪.‬‬
‫‪ ‬دين ۽ شريعت کي تحريف کان محفوظ رکڻ ۽ ان جي تبليغ جي‬
‫ضرورت شريعت محمديَء کي پڻ هئي‪.‬‬
‫‪ ‬شريعت محمدي کي تحريف کان محفوظ رکڻ ۽ تبليغ الِء اهلل تبارڪ‬
‫و تعالى رسول اڪرم صلي اهلل عليہ و آلہ وسلم جي آل اطهر ۾‬
‫قيامت تائين باقي رهندڙ معصوم امامت جو سلسلو جاري ڪيو ۽‬
‫اهڙي نموني‪” ،‬غير صاحب شريعت نبيَء“ جي پڻ ضرورت نه رهي ۽‬
‫نبوت جو سلسلو مڪمل طور بند ٿي ويو‪.‬‬
‫‪ ‬امت محمدي جا معصوم امام نبي اڪرم صلي اهلل عليہ وآلہ وسلم‬
‫کان دين‪ ،‬شريعت ۽ ٻيو علم محفوظ ترين طريقي سان وٺندا آهن ۽‬
‫پنهنجون امت تائين پهچائڻ جون ذميداريون ادا ڪندا رهيا آهن‪.‬‬
‫‪ ‬اسان جي نبي اڪرم صلي اهلل عليہ وآلہ وسلم جيئن ته هڪ اسالمي‬
‫حڪومت پڻ قائم فرمائي هئي‪ .‬جنهن جي ذميداري ديني حڪمن کي‬
‫نافذ ڪرڻ هئي‪ .‬پاڻ سڳورن صلي اهلل عليہ وآلہ وسلم پاڻ کانپوِء اهو‬
‫عهدو پڻ ان جي حوالي ڪيو هيو جيڪو دين جي حفاظت ۽ تبليغ جو‬
‫ذميدار هيو‪.‬‬

‫‪‬‬
‫قيامت‬

‫اهلل تبارڪ و تعالى هن مادي جهان کي هڪ محدود وقت الِء خلق ڪيو‬
‫آهي‪ .‬جڏهن هن مادي جهان جو وقت پورو ٿيندو ته اهلل تبارڪ و تعالى هن‬
‫ئي مادي جهان مان آخرت جو جهان وجود ۾ آڻيندو‪ ،‬ان تبديليَء جو نالو‬
‫قيامت آهي‪.‬‬
‫قيامت اهلل تبارڪ و تعالى جي حڪمت ۽ عدالت جو مظهر آهي‪.‬‬
‫انڪري ان ڏينهن سڀني سان سندن دنياوي زندگيَء ۾ مڃيل‪ ،‬چيل ۽ ڪيل‬
‫عملن جو حساب ٿيندو ۽ سڀني سان انصاف ٿيندو‪.‬‬
‫آخرت ۾ ڪي ڀالرا انسان اهلل تبارڪ و تعالى جي ڪيل وعدي‬
‫سبب جنت ۾ ويندا ته ڪي وري اهلل تبارڪ و تعالى جي رحمت سببان‬
‫جنت ۾ ويندا‪ .‬دنيا ۾ جن انسانن ڄاڻي واڻي ڪفر‪ ،‬شرڪ ۽ نفاق اختيار‬
‫ڪيو آهي‪ ،‬اهي جهنم ۾ ويندا‪ .‬جڏهن ته ڪي گنهگار جهنم جي مٿئين‬
‫طبقي ۾ پنهنجي سزا پوري ڪري جنت ۾ داخل ٿيندا‪.‬‬
‫جنت ڀالرن انسان جو اصل گهر ۽ وطن آهي‪ ،‬جڏهن ته جهنم‬
‫ڄاڻي واڻي ڪفر‪ ،‬شرڪ ۽ نفاق اختيار ڪندڙن جو اصل گهر ۽ وطن آهي‪.‬‬
‫جنت ۾ سڪون ۽ آرام جڏهن ته جهنم ۾ تڪليف ۽ سزا آهي‪.‬‬

‫‪‬‬
‫‪Islamic‬‬

‫فروع دين‬
‫‪ .1‬نماز‬
‫‪ .2‬روزو‬
‫‪ .3‬حج ۽ قرباني‬
‫‪ .4‬زڪوات‬
‫‪ .5‬خمس‬
‫‪ .6‬جهاد‬
‫‪ .7‬امربالمعروف‬
‫‪ .8‬نهي عن المنڪر‬
‫‪ .9‬واليت‬
‫‪ .10‬برائت‬
‫جاني عبادتون‪:‬‬

‫نماز‬
‫اهلل تعالى جنن ۽ انسانن کي بندگيَء الِء خلق ڪيو آهي‪ .‬قرآن مجيد ۾‬
‫فرمايو‪:‬‬
‫ُ‬ ‫ُ‬ ‫ْ‬ ‫َ‬ ‫ْ‬
‫اْلن و َ‬‫َ‬ ‫َ‬ ‫ْ‬ ‫ْ‬ ‫َ‬ ‫َ‬
‫وما خلق ُ‬ ‫َ‬ ‫َ‬
‫النس إِال ل َِيعبد ِ‬
‫ون (الذارايت‪)56:‬‬ ‫ِإ‬ ‫ت ِ‬
‫مون ج ّن ۽ انسان صرف بندگيَء الِء خلقيا آهن‪.‬‬
‫بندگيَء جو مطلب هي آهي ته انسان پاڻ کي هن دنيا ۾ ڪنهن به شيِء جو‬
‫مالڪ نه سمجهي‪ ،‬هر شيِء جو مالڪ اهلل تعالى آهي‪ ،‬انسان اهلل تعالى جو‬
‫بندو آهي‪ ،‬انڪري سندس بندو ٿي رهي‪ .‬دنيا ۾ اهلل تعالى جو بندو بڻجي‬
‫رهڻ ئي صحيح ۽ سڌو رستو آهي‪ .‬فرمايو‪:‬‬
‫وِن َه َذا ِ َ‬
‫ِص ٌاط َ ُم ْس َت ِق ٌ‬ ‫َ ْ ُ‬
‫يم(يس‪)61:‬‬ ‫َوأ ْن اع ُبد ِ‬
‫۽ منهنجي بندگي ڪريو‪ ،‬هيَء ئي صراط مستقيم آهي‪.‬‬
‫انسان کي دنيا ۾ هر وقت اهو ياد رهڻ گهرجي ته هر شيِء جو مالڪ‪ ،‬اهلل‬
‫تعالى آهي ۽ مان سندس بندو آهيان‪ .‬جڏهن اهو ياد هوندس ته پوِء انسان‬
‫جڏهن به سوچيندو ته بندو بڻجي سوچيندو ۽ جڏهن به ڪو ڪم ڪندو ته‬
‫بندو بڻجي ڪندو‪ .‬پر جيڪڏهن انسان کي بندو هجڻ ياد نه رهندو ته پوِء‬
‫جڏهن به سوچيندو‪ ،‬مالڪ بڻجي سوچيندو ۽ جڏهن به ڪو ڪم ڪندو‪،‬‬
‫مالڪ بڻجي ڪندو‪.‬‬
‫انسان کي اهو ياد ڏيارڻ الِء ته تون بندو آهي ۽ اهو ياد ڏيارڻ الِء‬
‫ته هر شيِء جو مالڪ اهلل تعالى آهي‪ ،‬اهلل تعالى نماز فرض ڪئي آهي‪.‬‬
‫فرمايو‪:‬‬
‫َ َِ َ َ َ ْ‬
‫وأ ِِق الصَلة ِل ِذك ِري (طه‪)14:‬‬
‫”تون ۽ مون کي ياد رکڻ الِء نماز قائم ڪر“‬
‫معلوم ٿيو ته نماز انسان کي اهلل تعالى جو بندو بڻائڻ الِء هڪ رياضت‬
‫‪ Exercise‬آهي‪ .‬انڪري انسان جڏهن نماز ۾ پڙهي ٿو‪:‬‬
‫إِا َاي َك نَ ْع ُب ُد و إِا َاي َك ن َ ْس َت ِع ُ‬
‫ني (الفاحتة‪)5:‬‬
‫اسان تنهنجي ئي بندگي ٿا ڪريون‪....‬‬
‫ته حقيقت ۾ پنهنجو بندو هجڻ ۽ اهلل تعالى جو مالڪ هجڻ ياد ٿو ڪري‪.‬‬
‫نماز ۾ قيام جو مقصد‪:‬‬
‫پنهنجي مالڪ آڏو‪ ،‬بندو بڻجي بيهڻ آهي‪.‬‬
‫نماز ۾ رڪوع جو مقصد‪:‬‬
‫مالڪ جي حڪم آڏو‪ ،‬بندو بڻجي سر جهڪائڻ آهي‪.‬‬
‫نماز ۾ سجدي جو مقصد‪:‬‬
‫پنهنجي مالڪ آڏو‪ ،‬بندو بڻجي پنهنجي عاجزيَء جو اظهار آهي‪.‬‬
‫مقدمات نماز‪:‬‬
‫نماز پڙهڻ کان اڳ جن شين جو خيال رکڻ واجب آهي انهن کي مقدمات‬
‫نماز چيو ٿو وڃي‪.‬‬
‫نماز جي وقت جو داخل ٿيڻ‪،‬‬ ‫‪.1‬‬
‫طهارت (غسل‪ ،‬وضو يا تيمم) جو هجڻ‪،‬‬ ‫‪.2‬‬
‫نمازيَء جي جڳہ پاڪ ۽ مباح هجڻ‪،‬‬ ‫‪.3‬‬
‫نمازيَء جو لباس پاڪ ۽ مباح هجڻ‪،‬‬ ‫‪.4‬‬
‫ڪعبة اهلل جي طرف رخ ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪.5‬‬

‫اذان ۽ اقامت‪:‬‬
‫روزانو جي نمازن الِء اذان ۽ اقامت مستحب ۽ سنت آهي‪ .‬جيڪڏهن ڪير‬
‫نه چوندو ته سندس نماز صحيح آهي‪.‬‬
‫نماز جا رڪن ۽ واجبات‪:‬‬
‫نماز ۾ يارنهن (‪ )11‬شيون واجب آهن جن مان پنج (‪ )5‬رڪن آهن‪ ،‬باقي‬
‫غير رڪن آهن‪:‬‬
‫نيت ڪرڻ (رڪن)‪،‬‬ ‫‪.1‬‬
‫تڪبيرة االحرام (رڪن)‪،‬‬ ‫‪.2‬‬
‫قيام‪( ،‬متصل بہ رڪوع رڪن آهي)‬ ‫‪.3‬‬
‫قرائت‪،‬‬ ‫‪.4‬‬
‫رڪوع (رڪن)‪،‬‬ ‫‪.5‬‬
‫ٻه سجدا (رڪن)‪،‬‬ ‫‪.6‬‬
‫رڪوع ۽ سجدي ۾ ذڪر پڙهڻ‬ ‫‪.7‬‬
‫تشهد‪،‬‬ ‫‪.8‬‬
‫سالم‪،‬‬ ‫‪.9‬‬
‫‪ .10‬ترتيب يعني نماز کي ٻڌايل ان ترتيب سان پڙهڻ‪،‬‬
‫‪ .11‬تسلسل يعني نماز جي عملن جي وچ ۾ وقفو نه ڏيڻ‪.‬‬

‫تعقيبات نماز‪:‬‬
‫نمازيَء جي نماز سالم چوڻ تي مڪمل ٿي ويندي آهي‪ .‬البت نماز کان‬
‫پوِء ڪجهه شيون مستحب ۽ سنت آهن‪ .‬جن ۾ اهم هي آهن‪:‬‬
‫ٽي (‪ )3‬دفعا تڪبير چوڻ‪،‬‬ ‫‪.1‬‬
‫تسبيح فاطمہ پڙهڻ‪ ،‬جنهن ۾ ‪ 34‬دفعا اهلل اڪبر‪ 33 ،‬دفعا الحمد هلل ۽‬ ‫‪.2‬‬
‫‪ 33‬دفعا سبحان اهلل پڙهڻ آهي‪.‬‬
‫شڪر جو سجدو ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪.3‬‬
‫دعا ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪.4‬‬

‫پنج نمازون‪:‬‬
‫ڏينهن ۽ رات ۾ اهلل تعالى پنج نمازون فرض ڪيون آهن ته جيئن انسان‬
‫باربار پنهنجي حيثيت ۽ پنهنجي مالڪ جي حيثيت ياد ڪري ۽ اها حقيقت‬
‫وساري نه ويهي‪.‬‬
‫هڪ مؤمن کي پنهنجي زندگيَء جو سمورو ٽائيم ٽيبل نماز جي‬
‫بنياد تي ٺاهڻ گهرجي‪ .‬مؤمن کي پنهنجي مصروفيتن کي اهڙي نموني‬
‫ترتيب ڏيڻ گهرجي جيئن انهن مصروفيتن جو مرڪزي نڪتو نماز بڻجي‪.‬‬
‫مؤمن کي ياد رکڻ گهرجي ته مقصد نمازي بڻجڻ ناهي‪ ،‬بلڪ بندو‬
‫بڻجڻ آهي‪ ،‬نماز ان جو ذريعو آهي‪ .‬جيڪا نماز انسان کي بندو نه بڻائي‬
‫اها حقيقي نماز ناهي‪.‬‬
‫‪‬‬
‫روزو‬
‫انسان جڏهن هن دنيا ۾ اهلل تعالى جو بندو بڻجي رهڻ شروع ڪندو ته‬
‫کيس زندگيَء ۾ اهڙا ڪم به ڪرڻا پوندا جن ۾ تڪليف هوندي‪ ،‬البت‬
‫ايتري تڪليف جيڪا انسان برداشت ڪري سگهي‪ .‬اهلل جي بندگيَء جي‬
‫را هه ۾ جڏهن تڪليفون اچن ته انسان کي رستو بدالئڻو ناهي‪ ،‬بلڪ‬
‫تڪليفون برداشت ڪري صراط مستقيم تي سفر جاري رکڻ آهي‪.‬‬
‫انسان تڪليفون برداشت تڏهن ڪري سگهندو جڏهن سندس اندر‬
‫۾ صبر هجي‪ .‬انسان جي اندر ۾ صبر پيدا ڪرڻ الِء اهلل تعالى روزو‬
‫فرض ڪيو آهي‪ .‬فرمايو‪:‬‬
‫َ ْ َ ُ ْ َْ َ َ َ‬
‫ْب والصَل ِة ‪(....‬البقرة‪)45:‬‬ ‫واست ِعينوا ِِبلص ِ‬
‫صبر ۽ نماز کان مدد وٺو‪...‬‬
‫حديثن ۾ آهي ته هتي صبر مان مراد روزو آهي‪:‬‬
‫الص َي َ‬ ‫َ‬
‫ام ‪.‬‬ ‫ْب يَ ْع ِِن َِ‬
‫ِِبلص ْ ِ‬
‫َ‬ ‫َ‬ ‫َ ُ َ َ َ َ ْ‬
‫اء ِيف فض ِل الص ْو ِم َو الصائ ِِم ‪ .‬حديث‪)7:‬‬ ‫(الفروع الاکيف‪ :‬کتاب‪ :‬الصيام‪ِ :‬بب‪ِ :‬بب ما ج‬
‫”صبر کان مدد وٺو يعني روزو‪“....‬‬
‫معلوم ٿيو ته مؤمن کي صابر بڻجڻو آهي‪ ،‬جڏهن ته روزو ان الِء هڪ‬
‫رياضت ‪ Exercise‬آهي‪ .‬مؤمن صبح صادق کان مغرب نماز تائين پنهنجي‬
‫زبان‪ ،‬پيٽ‪ ،‬شرمگاهه وغيرهه جي چاهتن کي برداشت ڪري ٿو ته جيئن‬
‫سندس اندر ۾ حرام کان بچڻ الِء صبر پيدا ٿئي‪.‬‬
‫هڪ مؤمن ماهه مبارڪ رمضان ۾ صبح صادق کان مغرب تائين‬
‫صبر جي رياضت ڪري ٿو‪ ،‬جڏهن ته مغرب کان پوِء وري اهلل تعالى جي‬
‫نعمتن سان افطار ڪري ۽ مليل نعمتن تي شڪر ڪري ٿو‪ .‬انڪري ماهه‬
‫مبارڪ رمضان جو مقصد مؤمن کي صابر ۽ شاڪر بڻائن آهي‪ .‬جيڪو‬
‫روزو انسان کي نه صابر بڻائي نه شاڪر اهو حقيقت ۾ روزو ناهي‪.‬‬
‫‪‬‬
‫حج بيت اهلل‬
‫اهلل تبارڪ و تعالى جي گهر جو حج هر استطاعت رکندڙ مسلمان تي‬
‫فرض آهي‪ .‬فرمايو ويو‪:‬‬
‫َ‬ ‫َ ٌَ َ ْ َ َ‬ ‫َ َ َ َ َ ِ ِ َُ ْ َ ْ َ ْ َ َ َ َ ْ َ ً َ َ َ َ َ َ َ‬
‫َم استطاع إِالي ِه س ِبيَل وَم كفر ف إِان هللا غ ِِن ِ‬
‫َع العال ِمني (أل‬ ‫و ِلِل ِ لَع الناس ح البي ِت ِ‬
‫معران‪)97:‬‬
‫”اهلل خاطر بيت اهلل جو حج ان جي استطاعت رکندڙ تي فرض آهي‪ ،‬جيڪو‬
‫انڪار ڪندو ته اهلل عالمين کان بي نياز آهي“‪.‬‬

‫حج جا قسم‬

‫حج جا ٽي قسم آهن‪:‬‬


‫ٽيون‪ :‬حج تَ َمتع‬ ‫ٻيون‪ :‬حج افراد‬ ‫پهريون‪ :‬حج قِـران‬
‫حج قران انهن مسلمانن الِء آهي جيڪي مڪہ مڪرمہ جا رهاڪو آهن يا‬ ‫‪o‬‬
‫مڪي جي چوڌاري سورنهن (‪ )16‬فرسخ جي فاصلي تائين رهن ٿا‪.‬‬
‫حج افراد انهن مسلمانن الِء آهي جن جو فرض بنا عمري جي صرف حج‬ ‫‪o‬‬
‫ڪرڻ آهي‪.‬‬
‫حج تم ِّتع انهن مسلمانن تي فرض آهي جيڪي مڪي کان پري رهن ٿا‪ .‬حج‬ ‫‪o‬‬
‫تمتع ۾ پهريان عمرو ڪري احرام الهي ڇڏبو آهي‪ ،‬جنهن کان پوِء حج جا‬
‫ڏينهن اچڻ تي ٻيهر احرام پائي حج ڪبو آهي‪ .‬اهڙي عمري کي عمره تمتع‬
‫۽ اهڙي حج کي حج تمتع چئبو آهي‪.‬‬
‫حج تم ِّتع جا واجبات‬
‫الف‪ :‬عمره تمتع جا واجبات‪:‬‬
‫‪ .1‬ميقات تان احرام ٻڌڻ‪،‬‬
‫‪ .2‬ڪعبة اهلل جي چوڌاري طواف ڪرڻ‪،‬‬
‫‪ .3‬طواف جي ٻه رڪعت نماز پڙهڻ‪،‬‬
‫‪ .4‬صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪرڻ‪،‬‬
‫‪ .5‬سر‪ ،‬ڏاڙهي يا مٿي جي وارن مان ڪجهه گھٽ ڪرڻ‪ ،‬جنهن کي‬
‫تقصير ڪرڻ چئبو آهي‪.‬‬

‫ب‪ :‬حج تمتع جا واجبات‪:‬‬


‫‪ .1‬مڪہ مڪرمہ ۾ احرام ٻڌڻ‪،‬‬
‫‪ .2‬وقوف عرفات‪ :‬نائين (‪ )9‬ذالحج جي ڏينهن ظهر کان مغرب تائين‬
‫عرفات جي ميدان ۾ رهڻ‪ ،‬عرفات جو ميدان مڪہ مڪرمہ کان‬
‫چار (‪ )4‬فرسخ جي فاصلي تي آهي‪.‬‬
‫‪ .3‬وقوف مشعر الحرام‪ :‬ڏهه (‪ )10‬ذي الحج جي سج اڀرڻ تائين‬
‫مزدلفہ جي ميدان ۾ رهڻ‪.‬‬
‫‪ .4‬ڏهه (‪ )10‬ذي الحج (عيد) واري ڏينهن‪ ،‬منى ۾ جمره عقبہ کي‬
‫پٿريون هڻڻ‪ .‬منى جو ميدان مڪي کان تقريباً هڪ فرسخ پري‬
‫آهي‪.‬‬
‫‪ .5‬منى ۾ قرباني ڪرڻ‪،‬‬
‫‪ .6‬سر جا وار صاف ڪرڻ يا تقصير ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ .7‬مڪہ مڪرہ واپس اچي طواف ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ .8‬طواف جي نماز پڙهڻ‪،‬‬
‫‪ .9‬صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ .10‬طواف ڪرڻ‪ ،‬ڪنهن کي طواف النساَء چوندا آهن‪.‬‬
‫‪ .11‬طواف جي نماز پڙهڻ‪،‬‬
‫‪ .12‬يارنهن (‪ )11‬ذي الحج جي رات منى ۾ رهڻ‪،‬‬
‫‪ .13‬يارنهن (‪ )11‬ذي الحج جي ڏينهن ٽنهي جمرات کي پٿريون هڻڻ‪.‬‬
‫‪ .14‬ٻارنهن (‪ )12‬ذي الحج جي رات منى ۾ رهڻ‪.‬‬
‫‪ .15‬ٻارنهن (‪ )12‬ذي الحج جي ڏينهن ٽنهني جمرات کي پٿريون هڻڻ‪.‬‬

‫عمره مفرده‪:‬‬
‫جيڪڏهن انسان صرف عمرو ڪرڻ چاهي ٿو ته اهڙي عمري کي عمرہ‬
‫مفرده چئبو آهي‪ .‬جيڪي مسلمان مڪہ مڪرمہ جا رهاڪو ناهن يا سندن‬
‫رهائش مڪہ مڪرمہ کان سورنهن (‪ )16‬فرسخن کان پري رهن ٿا‪ ،‬انهن الِء‬
‫عمره مفرده جا واجبات هن ريت آهن‪:‬‬
‫‪ .1‬ميقات تان احرام ٻڌڻ‪،‬‬
‫‪ .2‬ڪعبة اهلل جي چوڌاري طواف ڪرڻ‪،‬‬
‫‪ .3‬طواف جي ٻه رڪعت نماز پڙهڻ‪،‬‬
‫‪ .4‬صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪرڻ‪،‬‬
‫‪ .5‬سر جا وار صاف ڪرڻ يا تقصير‪.‬‬
‫‪ .6‬طواف النساَء ڪرڻ‪،‬‬
‫‪ .7‬طواف جي نماز پڙهڻ‪.‬‬
‫‪‬‬
‫مالي عبادتون‬
‫زڪوات ۽ خمس‬
‫نماز انسان اندر بندگي جي صفت پيدا ڪرڻ الِء آهي‪ ،‬البت ٿي سگهي ٿو‬
‫ته انسان اللچ ۾ اهلل جو بندو بڻجي يا خوف ۾ اهلل جو بندو بڻجي‪ .‬اللچ‬
‫۾ بندگي ڪرڻ اصل ۾ تجارت آهي ۽ بندگي ناهي‪ ،‬جڏهن ته خوف ۾‬
‫بندگي ڪرڻ اصل ۾ غالمي آهي ۽ بندگي ناهي‪ .‬حقيقي بندگي اها آهي‬
‫جيڪا صرف مالڪ جي ”محبت“ ۾ ڪئي وڃي‪.‬‬
‫اهلل تبارڪ و تعالى پنهنجي بندي جي اندر ۾ پنهنجي مالڪ الِء‬
‫محبت پيدا ڪرڻ الِء مالي عبادتون فرض ڪيون آهن‪ ،‬جيڪو زڪوات ۽‬
‫خمس آهن‪.‬‬
‫زراعت مان جڏهن انسان کي ڪڻڪ‪ ،‬جؤ‪ ،‬کجور ۽ انگورن جي‬
‫پيداوار ‪ 274‬ڪلوگرام هجي ته ان تي زڪوات واجب آهي‪.‬‬
‫جيڪو انسان ڪمائي ٿو‪ ،‬جڏهن ان سال جا جائز خرچ ڪرڻ‬
‫کانپوِء‪ ،‬بچت ٿئي ته ان جو پنجون حصو خمس واجب آهي‪.‬‬
‫انسان جي پنهنجي مال سان محبت ٿيندو آهي‪ .‬اهلل تعالى ان مال‬
‫مان سندس راهه ۾ ڏيڻ فرض ڪيو آهي‪ .‬ڪو به انسان پنهنجي مال مان‬
‫زڪوات يا خمس تڏهن ڏيندو‪ ،‬جڏهن ان مال جي محبت گھٽائيندو ۽‬
‫پنهنجي دل ۾ اهلل جي محبت وڌائيندو‪ .‬جن انسانن جي مال سان محبت‬
‫وڌيڪ هوندي ۽ اهلل سان محبت گهٽ هوندي‪ ،‬اهو ڪڏهن به اهلل جي راهه‬
‫۾ مال ڏئي نه سگهندو‪.‬‬
‫معلوم ٿيو ته مقصد پنهنجي دل مان مال جي محبت ڪڍڻ ۽ اهلل‬
‫جي محبت پيدا ڪرڻ آهي‪ ،‬خمس ۽ زڪوات ان محبت پيدا ڪرڻ الِء‬
‫رياضت ‪ Exercise‬آهي‪ .‬انڪري جيڪا مالي عبادت انسان ۾ اهلل جي‬
‫محبت پيدا نه ڪري اها حقيقت ۾ نه زڪوات آهي نه ئي خمس‪.‬‬
‫خمس ۽ زڪوات جي ذريعي انسان جي دل ۾ جڏهن اهلل تعالى‬
‫جي محبت ايندي ته پوِء نماز کيس ان محبت ۾ اهلل جي بندگي عطاڪندي‪.‬‬
‫انڪري قرآن مجيد ۾ اڪثر جاين تي نماز سان گڏ زڪوات يعني مالي‬
‫عبادت جو حڪم ڏنو ويو آهي‪.‬‬
‫‪‬‬
‫جهاد‬
‫انسان مالي عبادتن ذريعي پنهنجي دل مان مال جي محبت ڪڍي ٿو‪ .‬ليڪن‬
‫اڃان دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن‪ ،‬جن سان انسان جي محبت ٿئي ٿي‪.‬‬
‫اهلل تبارڪ و تعالى چاهي ٿو ته مؤمن جي دل ۾ صرف اهلل تعالى جي‬
‫محبت هجي ۽ ٻين جي محبت اهلل تعالى جي ڪري هجي‪.‬‬
‫انسان پنهنجي جان‪ ،‬اوالد‪ ،‬گهر‪ ،‬وغيرهه سان پڻ محبت ڪندو‬
‫آهي‪ .‬جيستائين اهي سڀ محبتون اهلل جي محبت جي تابع نه ٿين تيستائين‬
‫انسان اهلل تعالى جو پيارو ۽ ولي نٿو ٿي سگهي‪ .‬اهلل تبارڪ و تعالى دنيا‬
‫جي هر شيِء جي محبت مؤمن جي دل مان ڪڍڻ الِء جهاد فرض ڪيو آهي‪.‬‬
‫جهاد ۾ انسان پنهنجي جان‪ ،‬مال‪ ،‬گهر‪ ،‬اوالد‪ ،‬وطن وغيرهه کي‬
‫پٺي ڏئي اهلل جي بارگاهه يعني ميدان جهاد ۾ اچي ٿو ته ان وقت سندس‬
‫دل ۾ صرف پنهنجي مالڪ‪ ،‬اهلل سان محبت هوندي آهي ۽ دل ٻين سڀني‬
‫محبتن کان پاڪ ٿي چڪي هوندي آهي‪.‬‬
‫جنهن انسان تي جهاد جي ڀيٽ ۾ پنهنجي جان‪ ،‬مال‪ ،‬گهر‪ ،‬اوالد‪،‬‬
‫تجارت ۽ وطن وغيرهه جي محبت غالب اچي ۽ جهاد کان منهن موڙي ته‬
‫ان جو ايمان برباد ٿي ويندو آهي‪ .‬فرمايو‪:‬‬
‫َ َ َ ُ ُ ْ َ َْ َ ُ ُ ْ َ ْ َ ُ ُ ْ َ َْ َ ُ ُ ْ َ َ َ ُ ُ ْ َ َ ْ َ ٌ ْ َ َ ْ ُ ُ َ َ َ َ ٌ‬ ‫ُْ‬
‫قل إِان َكن أِبؤُك وأبنآؤُك و إِاخوانُك وأزواجُك وع ِشريتُك وأموال اقَتفتموها و ِِتارة‬
‫َ َََ ْ َ‬
‫َتب ُصوا َتَح‬‫َم َهللاِ َو َر ُسو ِل ِه َو ِج َها ٍد ِيف َس ِبي ِل ِه ف‬ ‫َْ َ ْ ََ َ َ َ‬
‫ب إا َل ْي ُُك َِ َ‬ ‫َْ َ ْ َ َ َ َ َ َ َ َ‬
‫َتشون كسادها ومساك ُِن َتضوَنا أح ِ‬
‫َْ َْ‬ ‫َْ َ َ ُ َْ َ َ ُ َ‬
‫ني (التوبة‪)24:‬‬ ‫اس ِق َ‬ ‫هللا ل َ َْي ِدي الق ْو َم الف ِ‬ ‫يآ ِِت هللا ِبآم ِر ِه و‬
‫(اي نبي انهن کي) ٻڌاِء‪ :‬ته جيڪڏهن توهان جا بابا‪ ،‬توهان جا پٽ‪ ،‬توهان‬
‫جا ڀائر‪ ،‬توهان جون زالون ۽ توهان جا مائٽ‪ ،‬توهان جا ڪمايل مال ۽ واپار‬
‫جنهنجي پوئتي ٿيڻ جو توهان کي خوف هوندو آهي ۽ توهان جا من پسند‬
‫گھر‪ ،‬اوهان کي‪ :‬اهلل‪ ،‬سندس رسول ۽ سندس راهه ۾ جهاد کان وڌيڪ پيارا‬
‫آهن؟! ته پوِء انتظار ڪريو‪ ،‬جيستائين اهلل پنهن (جي عذاب) جو فيصلو‬
‫(اوهان جي آڏو) آڻي‪ .‬۽ اهلل نافرمان قوم کي (ڪاميابيَء جي) راهه جي‬
‫هدايت نه ڏيندو آهي‪.‬‬
‫عيسائي دنيا جي هر شيِء مان دل پلڻ خاطر رهبانيت اختيار ڪندا‬
‫هيا ۽ ڪنهن صحرا ۾ وڃي پاڻ کي عبادت الِء وقف ڪري ڇڏيندا هيا‪.‬‬
‫ليڪن نبي اڪرم صلي اهلل عليہ و آلہ وسلم فرمايو‪:‬‬
‫َ‬
‫يل هللا‪.‬‬ ‫إا َّنَا َر ْه َبا ِن َي ُة أُ َم ِِت ْ ِ َ ُ َ‬
‫اْلهاد ِيف س ِب ِ‬ ‫ِ‬
‫(المايل شيخ صدوق‪ :‬ص‪)66:‬‬
‫”منهنجي امت جي رهبانيت جهاد في سبيل اهلل آهي“‪.‬‬
‫معاشري تي معاشري جي نگراني‪:‬‬
‫امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر‬
‫اسالمي معاشري کي بيروني خطري کان بچائڻ جو نالو جهاد آهي‪ ،‬جڏهن‬
‫ته اسالمي معاشري جي اسالمي قدرن‪ ،‬ثقافت ۽ تعليمات کي اندروني‬
‫دشمنن کان بچائڻ جو نالو امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر آهي‪ .‬هي ٻئي‬
‫عمل حقيقت ۾ معاشري جي عملن مٿان خود معاشري جي نگراني جو‬
‫نظام آهي‪.‬‬
‫ڪنهن به معاشري ۾ حڪومت ته جرم ٿيڻ کانپوِء ميدان ۾ ايندي‬
‫آهي‪ ،‬ته جيئن مجرم کي سزا ڏئي‪ ،‬معاشري ۾ پيداٿيل پريشانيَء کي‬
‫سڪون ۾ تبديل ڪري‪ ،‬مظلوم جي دل تي ڇنڊو هڻي ٿڌو ڪري ۽‬
‫مستقبل ۾ اهڙي جرم جو ارادو رکندڙن الِء رڪاوٽ بڻجي‪.‬‬
‫جڏهن ته امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر نيڪيَء کي رائج ڪرڻ‬
‫۽ برائيَء کي ٿيڻ کان اڳ ئي روڪڻ جو نالو آهي ۽ اهو سموري معاشري‬
‫جي ذميداري آهي‪.‬‬
‫جيڪڏهن ڪنهن انسان طرفان‪ ،‬ڪنهن نيڪيَء کي ڇڏڻ يا ڪنهن‬
‫برائيَء کي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ٿئي ته معاشري جي هر فرد جي ذميداري‬
‫آهي ته کيس ان کان روڪي‪ ،‬سندس حوصلہ شڪني ڪري ۽ سندس مذمت‬
‫ڪري‪ .‬جڏهن معاشرو ڪنهن فرد کي ڏسي ته اهو نيڪي ڇڏي رهيو آهي‬
‫۽ برائي ڪري رهيو آهي تڏهن پڻ معاشري جي هر فرد جي ذميداري آهي‬
‫ته نيڪيَء کي نه ٿيڻ ۽ برائيَء کي ٿيڻ کان روڪي‪.‬‬
‫برائي جيڪڏهن عام انسان کان ٿئي ته ان جو اثر گهٽ آهي‪،‬‬
‫جيڪڏهن معاشري جي خواص طرفان ٿئي ته ان جو اثر وڌيڪ آهي‪ ،‬جڏهن‬
‫ته سڀني کان وڌيڪ اثر حڪمران طبقي طرفان برائي ٿيڻ آهي‪ .‬انڪري‬
‫معاشري تي فرض آهي ته حڪمران طبقي جي برائيَء ۽ ظلم تي خاموش‬
‫نه ويهي‪ ،‬بلڪ احتجاج ڪري‪ .‬انڪري فرمايو ويو آهي ته‪:‬‬
‫َ‬ ‫َ ُ َْ‬ ‫َ َْ َ َ ْ‬
‫اْل َها ِد َك َِمة عد ٍل ع ِْند إِا َم ٍ‬
‫ام َجائ ٍِر‬ ‫إِان أفضل ِ‬
‫ْ َْ ْ َ ْ ُ َ َْ َ ْ َ‬
‫َع ال ُم ْنك ِر‪ .‬حديث‪)16:‬‬
‫وف و الّن ِي ِ‬ ‫(الفروع الاکيف‪ .‬کتاب‪ :‬اْلهاد‪ِ .‬بب الم ِر ِِبلمعر ِ‬
‫”بيشڪ ظالم حاڪم آڏو انصاف جي ڳالهه ڪرڻ سڀني کان افضل جهاد‬
‫آهي“‪.‬‬
‫رسول اهلل صلي اهلل عليہ وآلہ وسلم جو اڪثر جهاد بيروني دشمن خالف‬
‫هيو‪ ،‬جڏهن ته آئمہ اهل بيت عليهم السالم جو جهاد اندروني دشمن خالف‬
‫هيو‪ .‬خاص طور امام حسين عليہ السالم جو جهاد امت جي اندر موجود‬
‫ديني قدرن‪ ،‬ثقافت ۽ تعليمات جي دشمنن خالف هيو‪.‬‬

‫اسالمي معاشري جي سرپرستي‪:‬‬


‫واليت ۽ برائت‬
‫ڪا به امت ۽ قوم تڏهن قائم رهندي آهي جڏهن سندس مرڪز الئق‪ ،‬صالح‬
‫۽ هڪ هجي ۽ امت جو ان سان رابطو پختو ۽ ان تي اعتماد مضبوط‬
‫هجي‪ .‬ان سان گڏوگڏ اهڙي الئق ۽ صالح مرڪز جي دشمن کي امت پنهنجو‬
‫دشمن قرار ڏيندي ان سان هر طرح جو رابطو منقطع رکي‪.‬‬
‫امت جو اهڙي الئق ۽ صالح مرڪز سان پختي رابطي ۽ مضبوط‬
‫اعتماد جو نالو واليت آهي جڏهن ته ان مرڪز جي دشمن سان رابطي ٽوڙن‬
‫جو نالو برائت آهي‪.‬‬
‫امت اسالميَء جو مرڪز‪ ،‬اهلل تبارڪ و تعالى‪ ،‬سندس رسول‬
‫صلي اهلل عليہ و آلہ وسلم ۽ آئمہ اهل بيت عليهم السالم آهن‪ .‬انهن سان‬
‫محبت ۽ اطاعت جي رابطي جو نالو واليت آهي‪ .‬جڏهن ته ان مرڪز جي‬
‫دشمنن يعني اهلل تبارڪ و تعالى جي دشمن‪ ،‬سندس رسول جي دشمن ۽‬
‫آئمہ اهل بيت عليهم السالم جي دشمنن سان نفرت ۽ نافرمانيَء جو نالو‬
‫برائت آهي‪ .‬فرمايو ويو‪:‬‬
‫ُ‬ ‫ْ‬
‫ُُْ َََ َْ ُ َ‬
‫الطاغ َ‬ ‫ْ‬ ‫َ‬ ‫ً‬ ‫َََْ َ َْ َ ُ َ َُ َ‬
‫وت ‪(..‬النحل‪)36:‬‬ ‫ك أم ٍة ر ُسول أ ِن اعبدوا هللا واجت ِنبوا‬
‫ولقد بعثنا ِيف ِ‬
‫”اسان سڀني امتن ۾ رسول موڪليا ته‪ :‬اهلل جي بندگي ڪريو ۽ طاغوت‬
‫کان پرهيز ڪريو“‬
‫ٻين لفظن ۾ اهلل تبارڪ و تعالى سندس رسول صلي اهلل عليہ و آلہ‬
‫وسلم ۽ آئمہ اهل بيت عليهم السالم جي سرپرستيَء ۽ اطاعت ۾ زندگي‬
‫گذارڻ جو نالو واليت ۽ انهن جير دشمنن جي سرپرستيَء ۽ اطاعت مان‬
‫نڪرن جو نالو برائت آهي‪.‬‬
‫جتي انهن ٻنهي جو زبان سان اظهار ضروري ٿي پوي اتي‬
‫مناسب طريقي سان اظهار جو نالو تولى ۽ تبرى آهي‪ .‬مثال طور اهو چوڻ‬
‫ته‪” :‬مان اهلل ۽ سندس رسول ۽ آئمہ اهل بيت سان محبت رکان ٿو ۽ انهن‬
‫جي اطاعت پاڻ تي فرض سمجهان ٿو‪ ،‬جڏهن ته انهن جي دشمنن سان‬
‫نفرت رکان ٿو ۽ انهن جي اطاعت کي حرام سمجهان ٿو“ ان جملي سان‬
‫زباني تولى ۽ تبرى ٻئي ٿي ويندا‪.‬‬
‫‪‬‬
‫اخالق‬
‫‪ o‬حــڪمت‬
‫‪ o‬عـــدالت‬
‫‪ o‬شـجاعت‬
‫‪ o‬عــفت‬
‫اخالق جي معنى‬
‫اخالق جو لفظ خلق مان نڪتل آهي‪ ،‬خلق جي معنى انساني صفت آهي‬
‫جڏهن ته اخالق لفظ خلق جو جمع آهي يعني انساني صفتون يا عادتون‪.‬‬

‫اخالق جي حقيقت‬
‫انسان روح ۽ جسم جو مجموعو آهي‪ .‬انڪري جيئن انسان اندر ڪجهه‬
‫ظاهري قوتون آهن‪ ،‬ائين ئي ڪجهه باطني قوتون پڻ آهن‪ .‬اهي باطني‬
‫قوتون مجموعي طور ٻن قسمن ۾ ورهائجن ٿيون‪:‬‬
‫‪ .1‬قوة عالمة يني علمي قوت‪،‬‬
‫‪ .2‬قوة عاملة يعني عملي قوت‪،‬‬
‫قوت عالمہ جي ذريعي انسان علم حاصل ڪندو آهي‪ ،‬جڏهن ته قوت عاملہ‬
‫سان انسان پنهنجي جسم کي عمل الِء حرڪت ۾ آڻيندو آهي‪.‬‬
‫قوة عالمہ‬
‫قوت عالمة انسان الِء علم ۽ معرفت جو وسيلو آهي‪ .‬جيڪا پڻ ٻن قسمن‬
‫۾ ورهائجي ٿي‪ ،‬هڪ عقليہ ۽ ٻي وهميہ‪.‬‬
‫الف‪ :‬قوة عقليہ‪:‬‬
‫علم جي هيَء قوت هن جهان جي حقيقتن کي جيئن اهي آهن ائين معلوم‬
‫ڪرڻ جو وسيلو آهي‪.‬‬
‫ب‪ :‬قوة وهميہ‪:‬‬
‫انسان جو عمل ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ مثال‪ :‬انسان کي گهرجي ته عدل‬
‫ڪري ۽ ظلم نه ڪري‪.‬‬
‫امام جعفر صادق عليہ السالم فرمايو‪:‬‬
‫َ َ ُ َ َ َ َ َ ُ َ َ َ ُ َ َ َ َ َْ َ َ َ َ ً َ َ َ َ َ ُ َ َ َْ َ َ َ ً َ َ‬
‫تَح أَ ْج َتن َبه‪ُ.‬‬
‫ِ‬ ‫اللهم ص ِل لَع ُمم ٍد و أ ِل ُمم ٍد و أ ِر ِِن اْلق حقا تَح أت ِبعه و أ ِر ِِن الباطِل ِبطَِل‬
‫(فَلح السائل ‪ ,‬جلد‪ , 1:‬صفحه‪)254 :‬‬
‫معبود! محمد ۽ سندس آل تي رحمت فرماِء ۽ مون کي حق کي حق ڏيکار‬
‫ته جيئن ان جي پيروي ڪريان ۽ باطل کي باطل ڏيکار ته جيئن ان کان‬
‫پرهيز ڪريان‪.‬‬
‫قوة عاملة‬
‫قوت عاملہ انسان جي جسم کي حرڪت ۾ آڻيندڙ قوتون آهن جيڪي پڻ‬
‫ٻه قسمن ۾ تقسيم ٿين ٿيون‪.‬‬
‫الف‪:‬‬
‫پهرين قوت ڪنهن عمل ڪرڻ الِء انسان جي جسم کي حرڪت ۾ آڻينديون‬
‫آهي‪.‬‬
‫ب‪:‬‬
‫ٻين قوت انسان جي جسم کي ڪنهن عمل کان روڪينديون آهن‪.‬‬
‫انهن مان پهرين کي عام ٻوليَء ۾ شوق جي قوت ۽ ٻيَء کي خوف جي‬
‫قوت چوندا آهن‪ .‬جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ ڪنهن شيِء جو شوق نه‬
‫هوندو ته ان کي حاصل ڪرڻ الِء ڪوشش نه ڪندو ۽ وري جيڪڏهن ڪنهن‬
‫شيِء جو خوف نه هوندو ته انسان ان شيِء کان بچڻ جي ڪوشش ناهي‬
‫ڪندو‪.‬‬
‫ان شوق جي قوت کي علم اخالق ۾ قوة شهويہ چيو وڃي ٿو ۽ خوف‬
‫واري قوت کي قوة غضبيہ چيو وڃي ٿو‪ .‬ان مان معلوم ٿيو ته انسان اندر‬
‫چار بنيادي باطني قوتون آهن‪:‬‬
‫عقليہ‪،‬‬ ‫‪.1‬‬
‫وهميہ‪،‬‬ ‫‪.2‬‬
‫شهويہ‪،‬‬ ‫‪.3‬‬
‫غضبيہ‬ ‫‪.4‬‬

‫انهن مان پهريون ٻه علمي آهن ۽ آخري ٻه عملي آهن‪.‬‬


‫باطني قوتن جو باهمي ربط‪:‬‬
‫قوت عقليہ پنهنجا نظريات ۽ مقاصد قوت وهميہ کي ڏيندي آهي‪ .‬جنهن‬
‫کان پوِء قوت وهميہ انهن نظريات ۽ مقاصد کي آڏو رکندي انهن کي‬
‫حاصل ڪرڻ الِء منصوبہ بندي ڪندي آهي ۽ پوِء پنهنجا منصوبا قوت‬
‫شهويہ ۽ قوت غضبيہ کي عمل ڪرڻ الِء ڏيندي آهي‪ .‬مطلب ته قوت وهميہ‬
‫قوت عقليہ جي تابع آهي‪ ،‬جڏهن ته قوت شهويہ ۽ غضبيہ وري قوت وهميہ‬
‫جي تابع آهن‪.‬‬
‫انسان هڪ ملڪ‬
‫انسان جي وجود کي جيڪڏهن ملڪ تصور ڪجي ته روح جي حيثيت ان‬
‫۾ بادشاهه جي آهي‪ ،‬جڏهن ته قوت عقليہ وزير جي حيثيت رکي ٿي‪ .‬قوت‬
‫شهويہ جي حيثيت جنسي ۽ نفساني لذتن جي حصول واري هجڻ سببان‬
‫ان ملڪ ۾ ٽيڪس جمع ڪندڙ جي آهي‪ .‬جڏهن ته قوت غضبيہ جي حيثيت‬
‫ملڪ ۾ پوليس جي آهي‪ ،‬هي سخت ۽ شدت رکندڙ ٿئي ٿي ۽ قوت وهميہ‬
‫جي حيثيت ان ملڪ ۾ منصوبہ بندي ڪندڙ جي آهي‪.‬‬
‫انهن چئني قوتن مان هر هڪ قوت روح کي پنهنجي تابع ڪرڻ‬
‫چاهيندي آهي‪ ،‬جنهن سببان انسان جو وجود انهن قوتن جي جنگ جو‬
‫ميدان بڻجي ويندو آهي‪.‬‬
‫انساني نفس جو چار حالتون‬

‫پهرين حالت‪:‬‬
‫جيڪڏهن انسان جي روح تي قوت عقليہ غالب اچي وڃي ته انسان االهي‬
‫صفتون اختيار ڪري ويندو آهي ۽ انسان جي سموري ڪوشش حق تائين‬
‫پهچڻ ۽ ان جي پيروي هوندي آهي‪.‬‬

‫ٻين حالت‪:‬‬
‫جيڪڏهن انسان جي روح تي قوت غضبيہ غالب ٿي وڃي ته انسان‬
‫چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانور جو صفتون اختيار ڪري ويندو آهي ۽ انسان جي‬
‫سموري چاهت ٻين تي غلبو حاصل ڪرڻ هوندي آهي جڏهن ته پاڻ ڪنهن‬
‫به آڏو سر نه جهڪائيندو آهي‪.‬‬
‫ٽين حالت‪:‬‬
‫جيڪڏهن انسان جي روح ۽ نفس تي قوت شهويہ غالب ٿي وڃي ته انسان‬
‫ڍڳن ۽ ڍورن جون صفتون اختيار ڪري ويندو آهي ۽ انسان جي سموري‬
‫ڪوشش کائڻ‪ ،‬پيئڻ‪ ،‬پهرڻ ۽ جنسي خواهش وغيره پوري ڪرڻ هوندي‬
‫آهي‪ .‬فرمايو ويو‪:‬‬
‫َ ُ ْ ُ ُ ٌ َ َ ْ َ ُ َ َ َ َ ُ ْ َ ْ ُ ٌ َ ُ ْ ُ َ َ َ َ ُ ْ َ ٌ َ َ ْ َ ُ َ َ ُ ْ َ َ َ َ َْ‬
‫ام‬
‫لهم قلوب ل يفقهون ِِبا ولهم أعني ل يب ِِصون ِِبا ولهم أذان ل يسمعون ِِبا أول ِئك َكلنع ِ‬
‫ون(العراف‪)179:‬‬ ‫ُه أَ َض َ ُل أُ ْو َل ِئ َك ُ ُ‬
‫ُه ْال َغافِلُ َ‬ ‫َب ْل ُ ْ‬
‫”انهن کي عقل آهي پر ان سان سمجهن نٿا‪ ،‬انهن کي اکيون آهن پر انهن‬
‫سان ڏسن نٿا ۽ انهن کي ڪن اهن پر انهن سان ٻڌن نٿا‪ ،‬اهي ڍڳن وانگر‬
‫آهن‪ ،‬بلڪ ان کان به ويل آهن‪ ،‬اهي غافل آهن“‬

‫چوٿين حالت‪:‬‬
‫جيڪڏهن انسان جي روح تي قوت وهميہ غالب اچي وڃي ته انسان شيطان‬
‫جون صفتون اختيار ڪري ويندو آهي ۽ انسان جي سموري ڪوشش ٻين‬
‫خالف سازش‪ ،‬ڌوڪي ۽ فريب جي هوندي آهي‪.‬‬
‫پهرين حالت جي تفصيل‪:‬‬
‫قوت عقليہ جي حقيقت‬

‫عقل جو ڪم‪ ،‬امام جعفر صادق عليہ السالم جي مبارڪ زباني هن ريت‬
‫آهي‪:‬‬
‫ْ‬
‫ب ب ِه اْل َن ُ‬ ‫ُ‬ ‫ْ‬ ‫ََْ َ‬ ‫َ ُ َ‬
‫ان‪.‬‬ ‫ما ع ِبد ِب ِه الرْح ُن و اكت ِس َ ِ ِ‬
‫ْ‬ ‫َ ُ ْ ْ‬
‫اب ال َعق ِل َو اْلَ ْه ِل‪ :‬حديث‪)3:‬‬ ‫(الصول الاکيف‪ :‬كِت‬
‫”جنهن سان رحمٰ ن جي بندگي ڪئي وڃي ۽ جنت حاصل ڪئي وڃي“‬
‫وارث علم نبي صادق صلي اهلل عليہ و آلہ وسلم‪ ،‬امام جعفر صادق عليہ‬
‫السالم جي ان معجز نما فرمان ۾ ٻه اهم نڪتا آهن‪ ،‬هڪ رحمٰ ن جي‬
‫بندگي ۽ ٻيون جنت جو حصول‪ ،‬آهن‪ .‬انهن جي مختصر وضاحت هن ريت‬
‫آهي‪:‬‬
‫‪ .1‬رحمٰن جي بندگي‪:‬‬
‫انسان جي پنهنجي ڪابه شيِء ناهي‪ ،‬نه وجود پنهنجو نه ان ۾ موجود‬
‫توانائيون پنهنجون‪ .‬هر ٻي مخلوق وانگر انسان به پنهنجي خالق جو اهڙو‬
‫محتاج آهي‪ ،‬جنهن جي محتاجي ڪڏهن به ختم ٿيڻي ناهي‪ .‬انسان کي هر‬
‫لمحي پنهنجي خالق وٽان وجود ۽ توانائيون ملنديون رهن ٿيون‪ ،‬جيڪڏهن‬
‫هڪ لمحو به خالق جو اهو فيض رڪجي وڃي ته انسان جو وجود ئي نه‬
‫رهندو‪.‬‬
‫ان مان واضح آهي ته انسان ڪنهن به شيِء جو مالڪ ناهي ايستائين‬
‫جو پنهنجي جسم جو به مالڪ ناهي‪ ،‬اهو به سندس خالق جي ملڪيت آهي‪،‬‬
‫بس انسان کي ”استعمال جي آزادي“ آهي‪ .‬ان استعمال جي آزاديَء جو نالو‬
‫معاشري ۾ ملڪيت آهي‪.‬‬
‫جڏهن ته اصل دنيا جو ڌوڪو اهو ئي آهي ته انسان خيال ڪري ٿو ته‬
‫مان شين جو مالڪ آهيان‪ .‬انسان وٽ ڀلي ڍير روپين جو اچي پر انسان‬
‫جي وجود ۾ هڪ وار برابر به اضافو نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن سمورا پيسا‬
‫هليا وڃن تڏهن به انسان جي وجود مان هڪ وار به گھٽ نٿو ٿئي‪ .‬هزارين‬
‫ايڪڙ زمين جو مالڪ ٿئي تڏهن به انسان جي وجود ۾ اضافو نه ٿيندو‪،‬‬
‫سڀ زمينون هليون وڃن ڪابه گھٽتائي نه ٿيندي‪ .‬ڪيترو به انسان مالدار‬
‫هجي پر مرڻ کانپوِء سندس سموري ملڪيت هاڻي سندس ملڪيت نٿي‬
‫رهي‪ ،‬وارثن جي ملڪيت بڻجي ٿي وڃي‪ .‬جڏهن انسان عالم برزخ ۾‬
‫پهچي ٿو ته صرف سندس ڪردار ساڻس گڏ هوندو باقي هر شيِء هن کان‬
‫جدا ٿي ويندي‪.‬‬
‫مال و ملڪيت ته هڪ پاسي انسان پنهنجي جسم جو ئي مالڪ ناهي‪.‬‬
‫جڏهن انسان ننڊ ۾ هوندو آهي ته سندس جسم جو نظام ڪير ٿو هالئي‪،‬‬
‫جيڪو هالئي ٿو اهو ئي مالڪ آهي‪ .‬جيڪي انسان جسم کي پنهنجي‬
‫ملڪيت سمجهي ڌوڪي ۾ زندگي گزارن ٿا جڏهن قيامت ڏينهن اهلل‬
‫تبارڪ و تعالى جي حڪم سان انسان جي جسم جي عضون انسان خالف‬
‫ڳالهائڻ شروع ڪيو‪ ،‬ان ڏينهن کيس حقيقت معلوم ٿيندي ته هي جسم به‬
‫سندس ملڪيت نه هيو‪ ،‬ليڪن هاڻي دير ٿي چڪي آهي‪ ،‬اها حقيقت شناسي‬
‫هاڻي انسان الِء فائديمند ناهي رهي‪.‬‬
‫ان بيان مان واضح آهي ته انسان هر حال ۾ پنهنجي خالق جو ”بندو“‬
‫آهي‪ ،‬انسان مالڪ ڪنهن به شيِء جو ناهي‪ .‬انسان خالق جو بندو آهي‬
‫انڪري کيس گهرجي ته بندو ٿي رهي‪ ،‬ان بندي ٿي رهڻ جو نالو بندگي‬
‫آهي ۽ اهڙي زندگيَء ۾ ئي سڪون آهي‪ .‬پر جيڪڏهن انسان دنيا ۾ مالڪ‬
‫ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته مالڪ بڻجي به نه سگهندو ۽ پريشان پڻ رهندو‪.‬‬
‫امام جعفر صادق عليہ السالم کان عنوان بصري جڏهن سوال ڪيو ته‪َ :‬اي‬
‫َ‬ ‫َُ ْ‬ ‫َ‬
‫أ َِب َع ْب ِد َهللاِ! َما َح ِقيقة ال ُع ُبو ِديةِ؟! اي ابا عبد اهلل عبوديت جي حقيقت ڇا آهي؟‬
‫َ ََُ َْ‬ ‫َ َ‬
‫قال (ع)‪ :‬ثَلثة أش َيآ َء‪ :‬امام عليہ السالم فرمايو‪ :‬ٽي شيون‪:‬‬
‫ْ َ‬ ‫ْ‬ ‫َ َََُ َُ ًْ َ َْ َ ََ ُ ُ َ‬ ‫ْ‬ ‫ْ‬ ‫َ َ‬
‫ون ل ُه ْم مِل ٌك‪ََ َ ،‬ي ْو َن ال َمال‬ ‫اول‪ :‬أ ْن ل َ ََيي ال َع ْب ُد ل َِنف ِس ِه فَِمي خوله هللا مِلاک‪ِ ،‬لن الع ِبيد ل يك‬
‫ُه َ ُ‬
‫هللا ِبهِ؛‬ ‫ث أَ َم َر ُ ُ‬ ‫َم َال َهللاِ‪ ،‬يَ َض ُعونَ ُه َح ْي ُ‬
‫بندي کي اهلل تعالى جيڪو ڪجهه ڏنو آهي بندو ان کي پنهنجي ملڪيت‬
‫نه سمجهي‪ ،‬ڇو ته بندي جي ڪا ملڪيت ناهي ٿيندي‪ .‬مال کي اهلل جو مال‬
‫سمجهندو آهي ۽ جتي اهلل جو حڪم هوندو آهي اتي خرچ ڪندو آهي‪.‬‬
‫ريا؛ بندو پنهنجي زندگيَء جو نظام پاڻ نه ٺاهي‪.‬‬ ‫ل يُ َد َِ َّب ْال َع ْب ُد ل َِن ْف ِس ِه َت ْد ِب ً‬
‫َ َ‬
‫اثِن‪ :‬و‬
‫َ ََ َ ُ ََ َ‬
‫ايل ب ِه َو ََنَ ُ‬
‫اه َع ْنه‪ُ.‬‬ ‫َ َُُْ ْ َ‬
‫اثلث‪ :‬و ُجلة اش ِتغا ِل ِه فَِمي أمره تع ِ‬
‫بندي جو ڪم صرف اهو هجي ته مالڪ جي ڏنل حڪم تي عمل ڪري ۽‬
‫جنهن کان روڪيو آهي ان کان رڪجي وڃي‪.‬‬
‫ايل أَ ْن يُ ْنفقَ‬
‫َ َ ََ ُ َ ُ َ َ َ ْ ً َ َ ََْ ْ َْ ُ َ ََ َ ُ َ ُ َ َ َ‬ ‫ْ‬ ‫ْ‬ ‫َ َ َ‬
‫ف إاذا َْل َ ََي ال َع ْب ُد ل َِنف ِس ِه فَِمي خوله هللا تعايل مِلاک هان علي ِه الءنفاق فَِمي أمره هللا تع‬
‫ِ‬
‫َ َ َ َ َ ْ َ ْ ُ َ ْ َ َ ْ َ َ ُ َ َ َ َ َ َ ْ َ َ ُ َُ ْ‬
‫الدن َيا؛‬ ‫فِيهِ؛ و إاذا فوض العبد تد ِبري نف ِس ِه لَع مد ِ ِّب ِه هان علي ِه مصآئِب‬
‫جڏهن بندو اهلل جي ڏنل ڪنهن به شيِء کي پنهنجي ملڪيت نه سمجهندو‬
‫ته اهلل جتي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هوندو اتي خرچ ڪرڻ هن الِء آسان‬
‫رب جي حوالي‬ ‫ٿي پوندو‪.‬جڏهن بندو پنهنجي زندگيَء جو نظام پنهنجي ّ‬
‫ڪندو ته دنيا جو مصيبتون هن تي آسان ٿي پونديون‪.‬‬
‫سڀني معنوي ڪماالت جو سرچشمو رحمٰ ن جي بندگي آهي‪ ” .‬پاڪ آهي‬
‫اهو جيڪو پنهنجي بندي کي رات جو وٺي ويو مسجد حرام کان مسجد‬
‫اقصى (بيت المقدس شهر) تائين ته جيئن کيس اسان پنهنجون نشانيون‬
‫ڏيکاريون“ انڪري معراج جو سبب پڻ بندگي آهي‪.‬‬
‫البت ياد رهڻ گهرجي ته هو ڪنهن ڪنجوس مالڪ جو بندو ناهي‬
‫بلڪ رحمٰ ن جو بندو آهي‪ .‬رحمٰ ن يعني اهڙو عطا ڪرڻ وارو جيڪو سڀني‬
‫کي ڏيندڙ آهي‪ .‬ياد رهڻ گهرجي ته بندي سان رحمٰ ن جو رابطو صرف رحمت‬
‫يعني عطا جو آهي‪ .‬البت ڪڏهن بندو جڏهن پاڻ ان رحمت جي رستي ۾‬
‫ڪي رڪاوٽون وجهي ٿو ۽ ان سببان پوِء رحمٰ ن جي رحمت هن تائين نٿي‬
‫پهچي ته اهو عذاب ۽ تڪليف بڻجي ٿي وڃي‪.‬‬
‫جنت جو حصول‪:‬‬ ‫‪.2‬‬
‫عقل جو ٻيون ڪم جنت جو حصول آهي‪ .‬انڪري ته هيَء دنيا پنهنجي هر‬
‫شيِء سميت زوال پذير ۽ فاني آهي‪ .‬فاني شيِء الِء زندگي وڃائڻ وارو‬
‫شعور جي لحاظ کان اڃان ٻار آهي‪ .‬انسان جي ڪوشش هميشہ باقي رهڻ‬
‫واري شيِء الِء هجڻ گهرجي‪ .‬جيڪا آخرت ۽ اتان جو نعمتون آهن ۽ انهن‬
‫مان وري بهترين نعمت اهلل تبارڪ و تعالى جي رضا آهي‪ .‬انڪري عقلمند‬
‫انسان جو هر ڪم صرف اهلل جي رضا الِء هوندو آهي‪.‬‬
‫ان ”رحمٰ ن جي بندگي ۽ جنت جي حصول“ جو نالو ”حڪمت“ آهي‪.‬‬
‫حڪمت مان مراد ”عقل ۽ علم ذريعي حق تائين پهچڻ“ آهي‪ .‬فرمايو ويو‪:‬‬
‫َ ْ ْ ْ َ ََْ ُ‬
‫ريا (البقرة‪)269/‬‬
‫ريا َك ِث ً‬
‫وِت َ َخ ْ ً‬
‫َوَم ُُي َت اْلِك َمة فقد أ ِ‬
‫”جنهن کي حڪمت ملي ان کي خير ڪثير مليو“‪.‬‬
‫حڪمت جي تحت قوت وهميہ‪:‬‬
‫جڏهن انسان جي روح تي عقل جي قوت حاوي ٿي وڃي ته قوت عقليہ‬
‫اعتدال ۾ ايندي آهي ۽ ان مان حڪمت جي صفت وجود ۾ ايندي آهي‪ .‬اها‬
‫حڪمت جي صفت جڏهن قوت وهميہ کي پنهنجو مطيع بڻائي ته پوِء قوت‬
‫وهميہ مان اعتدال ۽ عدالت جي صفت ظاهر ٿيندي آهي‪.‬‬
‫عدالت جي تحت قوت شهويہ ۽ غضبيہ‪:‬‬
‫جڏهن قوت شهويہ تي اعتدال جي صفت غالب اچي ته پوِء عفت جي صفت‬
‫وجود ۾ ايندي آهي ۽ جڏهن قوت غضبيہ تي عدالت جي صفت غالب اچي‬
‫ته پوِء ان مان شجاعت جي صفت وجود ۾ ايندي آهي‪.‬‬
‫اهي چار صفتون ئي بنيادي اخالقي صفتون آهن‪ .‬جڏهن ته ٻيون‬
‫سڀ اخالقي صفتون انهن مان ڦٽي نڪرن ٿيون‪ .‬امام علي عليہ السالم‬
‫فرمايو‪:‬‬
‫َ ْ َ َ َ ُ َ ْ ُ َ َُ‬ ‫ُ‬ ‫َ‬ ‫ْ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫ْ‬ ‫ْ‬ ‫ُ‬ ‫ْ‬ ‫ْ‬ ‫ُ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫ٌ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫َْ َ ُ‬
‫الفضائِل أ ْر َبعة أول َها اْلِك َمة َو ق َِو ُام َها ِيف ال ِفك ِر َو اث ِنهيا ال ِعفة َو ق َِو ُام َها ِيف الشهو ِة و اثلِثا القوة و‬
‫ْ ُ‬ ‫َْ َ‬
‫ق َِو ُام َها ِيف الغض ِب َو َرا ِب ُع َها ال َع ْدل َو ق َِو ُام ُه ِيف ِال ْع ِت َدال‪.‬‬
‫)معدن اْلواهر و رايضة اخلواطر الکراجيک ص‪(40‬‬
‫”فضائل چارآهن‪:‬‬
‫پهريون‪ :‬حڪمت‪ ،‬جنهن جو سرچشمو فڪر آهي‪،‬‬
‫ٻيون‪ :‬عفت‪ ،‬جنهن جو سرچشمو خواهش آهي‪،‬‬
‫ٽيون‪ :‬قوت (شجاعت)‪ ،‬جنهن جو سرچشمو غضب آهي‪،‬‬
‫چوٿون‪ :‬عدل‪ ،‬جنهن جو سرچشمو نفس ۾ اعتدال جو قيام آهي“‬
‫پاڻ (ع) وري فرمايو‪:‬‬
‫َ َ َ َ‬ ‫َ‬ ‫َ َ ََ ْ ْ َ َ َ َْ َ َ ْ َ َ َ ْ ْ َ ْ َ َ َ َ ْ َ ََ ْ َ َ َ َ‬
‫النسان ذا نف ٍس َنطِق ٍة إِان زَكها ِِبل ِعل ِم و العم ِل فقد شاِبت جوا ِهر أوائ ِِل عِل ِلها و إِاذا‬ ‫و خلق إِ‬
‫ْ َ َ َْ َ َ َ َ َ ُُ َ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫ْ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫اع َت َد َل م َِز ُ‬
‫الش َد ُاد‪.‬‬
‫ارق ِت الضداد فقد شارك ِِبا السبع ِ‬ ‫اج َها َو ف َ‬ ‫ْ‬
‫”انسان کي نفس ناطقہ سان خلقيو ويو آهي‪ ،‬جنهن علم ۽ عمل سان ان‬
‫جو تزڪيو ڪيو ته پنهنجي ابتدائي اصل پاڪيزگيَء جهڙو ٿي ويندو‪.‬‬
‫جڏهن ان جي جوڙجڪ اعتدال تي ٿئي ۽ ان جا ضد (افراط‪ ،‬تفريط ۽‬
‫شيطنت) نه رهن ته ستن آسمانن وانگر مضبوط ٿي وڃي ٿو“‪.‬‬
‫بد اخالقي‬
‫انسان جي وجود ۾ بد اخالقي تڏهن وجود ۾ ايندي آهي‪ ،‬جڏهن روح تي‬
‫قوت عقليہ بدران‪ ،‬قوت شهويہ يا قوت غضبيہ يا قوت وهميہ غالب هجي‪.‬‬
‫‪ .1‬جيڪڏهن انسان جي روح تي قوت غضبيہ غالب اچي ته پوِء قوت‬
‫عقليہ افراط (حد کان اڳتي) ۾ هلي ويندي آهي ۽ ان مان حڪمت‬
‫بدران چاالڪي وجود ۾ ايندي‪ .‬جڏهن اها چاالڪي‪ ،‬ڌوڪو ۽ فريب‬
‫مقصد بڻجي قوت وهيمہ کي منصوبہ بندي ٺاهڻ الِء ملن ته قوت‬
‫وهميہ انهن کي حاصل ڪرڻ الِء ظلم جي منصوبہ بندي ڪندي آهي‪.‬‬
‫جڏهن قوت شهويہ تي ظلم غالب اچي ته ان مان حرص وجود ۾‬
‫ايندو‪ .‬ساڳي نموني جڏهن قوت غضبيہ تي ظلم غالب اچي ته ان مان‬
‫شدت پسندي وجود ۾ ايندي آهي‪ .‬جنهن کانپوِء چاالڪي‪ ،‬ظلم‪ ،‬حرص‬
‫۽ شدت پسندي انسان کي انساني درجي مان الهي چيريندڙ ڦاڙيندڙ‬
‫جانورن جي قطار ۾ آڻي بيهارينديون آهن‪ ،‬جن جو ڪم ٻين تي هر‬
‫حال ۾ غلبو حاصل ڪرڻ هوندو آهي‪.‬‬
‫‪ .2‬جيڪڏهن انسان جي روح تي قوت شهويہ غالب اچي ته قوت عقليہ‬
‫تفريط (حد کان پوئتي) ۾ هلي ويندي آهي ۽ ان مان ناداني وجود ۾‬
‫ايندي آهي‪ .‬جڏهن اها ناداني مقصد بڻجي قوت وهميہ کي منصوبہ‬
‫بنديَء الِء ملندي آهي ته قوت وهميہ ان الِء انظالم يعني ظلم کي‬
‫قبول ڪرڻ جي منصوبہ بندي جوڙيندي آهي‪ .‬جڏهن انظالم جي‬
‫صفت قوت شهويہ تي غالب اچي ته پوِء ان مان سستي وجود ۾‬
‫ايندي‪ .‬ساڳي نموني جيڪڏهن انظالم جي صفت قوت غضبيہ تي‬
‫غالب اچي ته ان مان بزدلي وجود ۾ ايندي آهي‪ .‬جنهن کان پوِء ناداني‪،‬‬
‫انظالم‪ ،‬سستي ۽ بزدليَء جو صفتون گڏجي انسان کي انسان جي‬
‫درجي تان الهي‪ ،‬ڍڳن ۽ ڍورن جي قطار ۾ آڻي بيهارينديون آهن‪ ،‬جن‬
‫جو ڪم کائڻ‪ ،‬پيئڻ ۽ جنسي لذتن ۾ مست رهڻ هوندو آهي‪.‬‬
‫‪ .3‬جيڪڏهن انسان جي روح تي قوت وهميہ غالب اچي ته پوِء قوت‬
‫عقليہ شيطان بڻجي ويندي آهي ۽ ان مان اغوا (گمراهه ڪرڻ) جي‬
‫صفت وجود ۾ ايندي آهي‪ .‬جڏهن اغوا مقصد بڻجي قوت وهميہ کي‬
‫منصوبہ بنديَء الِء ملي ته قوت وهميہ تسويل جي منصوبہ بندي‬
‫ڪندي آهي‪ .‬تسويل مان مراد برائيَء کي اهڙي نموني سينگاري پيش‬
‫ڪرڻ جو اها نيڪي لڳي ۽ نيڪيَء کي اهڙي نموني نقصانڪار‬
‫بڻائي پيس ڪرڻ جو اها برائي لڳي‪ .‬جڏهن تسويل جي صفت قوت‬
‫شهويہ تي غالب اچي ته ان مان برائيَء کي سينگاري نيڪي بڻائي‬
‫ان طرف دعوت ڏيڻ جو ڪم وجود ۾ ايندو آهي‪ .‬ساڳي نموني جڏهن‬
‫تسويل جي صفت قوت غضبيہ تي غالب اچي ته نيڪيَء کي نقصانده‬
‫ظاهر ڪري ان کان روڪڻ جڪو ڪم وجود ۾ ايندو آهي‪ .‬جنهن کان‬
‫پوِء اغوا‪ ،‬تسويل‪ ،‬برائيَء جي دعوت ۽ نيڪيَء کان روڪڻ جون‬
‫صفتون گڏجي انسان کي انسان جي درجي تان الهي‪ ،‬شيطان جي‬
‫قطار ۾ آڻي بيهارينديون آهن‪ ،‬جنهن جو ڪم مخلوق خدا کي صرف‬
‫گمراهه ڪرڻ هوندو آهي‪.‬‬

‫انهن چئني باطني قوتن کي انسان چئن صورتن ۾ استعمال ڪري سگهي‬
‫ٿو‪:‬‬
‫‪ .1‬اعتدال يعني وچٿرائي‪.‬‬
‫‪ .2‬افراط يعني حد کان وڌيڪ‪،‬‬
‫‪ .3‬تفريط يعني حد کان گهٽ‪.‬‬
‫‪ .4‬شيطنت‬

‫اعتدال انسان اندر اخالقي صفتون پيدا ڪندڙ آهي جڏهن ته افراط‪ ،‬تفريط‬
‫۽ شيطنت ٽئي انسان اندر بداخالقيَء جو صفتون پيدا ڪندڙ آهن‪.‬‬
‫انسان جي نفس ۾ قوت عالمہ ۽ عاملہ جي اعتدال‪ ،‬افراط‪ ،‬تفريط‬
‫۽ شيطنت جو بنيادي چارٽ هن ريت آهي‪:‬‬
‫رذائل‬ ‫اعتدال‬
‫قوت‬
‫تفريط‬ ‫افراط‬ ‫شيطنت‬ ‫فضائل‬
‫ناداني‬ ‫چاالڪي‬ ‫اغوا‬ ‫حڪمت‬ ‫عقليہ‬
‫عالمة‬
‫انظالم‬ ‫ظلم‬ ‫تسويل‬ ‫عدالت‬ ‫وهميہ‬
‫سستي‬ ‫حرص‬ ‫برائيَء جي دعوت‬ ‫عفت‬ ‫شہويہ‬
‫عاملة‬
‫بزدلي‬ ‫شدت‬ ‫نيڪيَء کان روڪڻ‬ ‫شجاعت‬ ‫غضبيہ‬
‫جيئن چئن باطني قوتن کي جيڪڏهن اعتدال تي رکيو وڃي ته‬
‫ان مان چار بنيادي اخالقي صفتون وجود ۾ اچن ٿيون‪ .‬جڏهن ته باقي سڀ‬
‫اخالقي صفتون يعني فضائل انهن چئن صفتن‪ ،‬حڪمت‪ ،‬عدالت‪ ،‬عفت ۽‬
‫شجاعت مان ڦٽن ٿا‪.‬‬
‫ساڳي نموني ٻارنهن بنيادي بداخالق آهن‪ ،‬شيطنت جي پاسي‬
‫اغوا‪ ،‬تسويل‪ ،‬برائيَء جي دعوت ۽ نيڪيَء کان روڪڻ آهن‪ ،‬افراط جي‬
‫پاسي چاالڪي‪ ،‬ظلم‪ ،‬حرص ۽ شدت پسندي آهن ته تفريط واري پاسي‬
‫ناداني‪ ،‬انظالم‪ ،‬سستي ۽ بزدلي آهن‪ .‬باقي سڀئي بد اخالقي واريون‬
‫صفتون انهن ئي ٻارنهن صفتن مان ڦٽن ٿيون‪.‬‬
‫تفصيل‬
‫قوت عقليہ جو اعتدال اهو آهي ته يقيني علم حاصل ڪري ۽ اهلل تبارڪ‬
‫و تعالى جي اطاعت ڪري‪ .‬جيڪڏهن قوة عقليہ اهلل تبارڪ و تعالى جي‬
‫اطاعت ڪري ته ان مان حڪمت وجود ۾ ايندي‪.‬‬
‫حڪمت مان نڪرندڙ ڪجهه ٻيا فضائل‪:‬‬
‫‪ .1‬ذهانت‪:‬‬
‫مليل معلومات مان آسانيَء سان نتيجي تي پهچڻ جي صالحيت کي‬
‫ذهانت چيو ٿو وڃي ٿو‪.Intelligence‬‬
‫‪ .2‬زود فهمي‪:‬‬
‫بغير ڪنهن وقفي جي فوري طور الزم کان ملزوم تائين پهچڻ جي‬
‫صالحيت کي زود فهمي چيو ٿو ‪.Quickness‬‬
‫‪ .3‬واضح ذهني‪:‬‬
‫بغير ڪنهن ابهام جي واضح نتيجي تائين پهچڻ‪ ،‬جي صالحيت کي‬
‫واضح ذهني چيو ٿو وڃي ‪.Clear mind ness‬‬
‫‪ .4‬سمجهڻ ۾ آساني‪:‬‬
‫بغير ڪنهن ٻئي پاسي خيال وڃڻ جي‪ ،‬علمي نڪتي تي توجہ مرڪوز‬
‫ڪرڻ ‪ Concentration‬۽ ڳالهه سمجهڻ‪.‬‬
‫‪ .5‬ياداشت‪:‬‬
‫عقلي فڪر ۽ خيال ذريعي حاصل ٿيل علم کي آسانيَء سان ياد رکڻ‪.‬‬

‫شجاعت مان ڦٽندڙ ڪجهه ٻيا فضائل‪:‬‬


‫عزت نفس‪:‬‬ ‫‪.1‬‬
‫خوف وقت پرسڪون رهڻ‪:‬‬ ‫‪.2‬‬
‫بلند همتي‪:‬‬ ‫‪.3‬‬
‫ثابت قدمي‪:‬‬ ‫‪.4‬‬
‫حلم (بردباري)‪:‬‬ ‫‪.5‬‬
‫سڪون‪:‬‬ ‫‪.6‬‬
‫صبر‪:‬‬ ‫‪.7‬‬
‫انڪساري‪:‬‬ ‫‪.8‬‬

‫عفت مان ڦٽندڙ ڪجهه فضائل‪:‬‬


‫حياُء‪:‬‬ ‫‪.1‬‬
‫اطمينان‬ ‫‪.2‬‬
‫صبر‬ ‫‪.3‬‬
‫سخاوت‬ ‫‪.4‬‬
‫قناعت‬ ‫‪.5‬‬
‫نرمي‬ ‫‪.6‬‬
‫تنظيم‬ ‫‪.7‬‬
‫حسن الهدى‬ ‫‪.8‬‬
‫ورع‬ ‫‪.9‬‬
‫وقار‬ ‫‪.10‬‬
‫عفو‬ ‫‪.11‬‬
‫حسن القضاَء‬ ‫‪.12‬‬
‫نيڪيَء جو بدلو نيڪيَء سان ڏيڻ‪.‬‬ ‫‪.13‬‬
‫‪ .14‬توڪل‬
‫سخاوت مان ڦٽندڙ ڪجهه فضائل‪:‬‬
‫ڪرم‪:‬‬ ‫‪.1‬‬
‫ايثار‪:‬‬ ‫‪.2‬‬
‫اعلى ظرفي‪:‬‬ ‫‪.3‬‬
‫احسان‪:‬‬ ‫‪.4‬‬
‫مسامحة‬ ‫‪.5‬‬
‫هي مختلف قوتن مان ڦٽندڙ ڪجهه فضيلت واريون صفتون ۽ ڪجهه‬
‫رزيلت واريون صفتون هيون‪ .‬رزيلت وارين صفتن کي پنهنجي اندران‬
‫ڪڍڻ جو نالو ”تزڪيہ“ آهي جڏهن ته فضيلت وارين صفتن کي پنهنجي‬
‫اندر ۾ پيدا ڪرڻ جو نالو ”تصفيہ“ آهي‪ .‬جڏهن ته انهن ٻنهي کي مالئبو‬
‫ته جهاد اڪبر وجود ۾ ايندو‪ .‬مزيد وضاحت علم اخالق جي ڪنهن ڪتاب‬
‫۾ پڙحڻ گهرجي‪.‬‬

‫ايمان‬
‫جنهن انسان اندر اهي چارئي صفتون هجن‪ :‬حڪمت‪ ،‬عدالت‪ ،‬عفت ۽‬
‫شجاعت ته اهڙي انسان اندر ايمان وجود ۾ ايندو آهي‪ .‬مطلب ته جنهن‬
‫انسان جي دين جو وڻ اهي چار ميوا ڏئي اهو انسان مؤمن آهي‪ .‬ياد رهڻ‬
‫گهرجي ته باقي سڀ اخالقي صفتون انهن ئي چئن صفتن مان جود ۾‬
‫اينديون آهن‪ .‬اميرالمؤمنين علي عليہ السالم فرمايو‪:‬‬
‫ْ‬ ‫ْب َو ْال َي ِق َ ْ َ ْ َ‬ ‫ََ َ‬ ‫ْالميَ ُ َ َ َ َ َ‬
‫اْل َها ِد ‪.‬‬
‫ني و العد ِل و ِ‬
‫ِ‬ ‫ان لَع أ ْر َبعِ دعائ َِم‪ :‬لَع الص ْ ِ‬ ‫إِ‬
‫”ايمان (جي عمارت) چئن ٿنڀن تي قائم آهي‪،‬‬
‫‪ .1‬صبر ‪ .2‬يقين ‪ .3‬عدل ‪ .4‬جهاد“‬
‫هتي عفت جي صبر جو نالو ڏنو ويو آهي ڇوته عفت تائين پهچڻ الِء صبر‬
‫ڪرڻو پوندو‪ ،‬جڏهن ته حڪمت کي يقين جو نالو ڏنو ويو آهي‪ ،‬ڇو ته‬
‫حڪمت جو مقصد يقين جو حصول آهي‪ ،‬جڏهن ته اعتدال کي عدل جو‬
‫نالو ۽ شجاعت کي جهاد جو نالو ڏنو ويو آهي‪.‬‬

‫ڪفر‬
‫اميرالمؤمنين امام علي عليہ السالم فرمايو‪:‬‬
‫ُ ْ ُ ْ ُ َ َ َ ْ َ َ َ َ ْ ْ َ ْ ُ ُ َ َ َ َ َ َُ‬
‫الش ْ َ‬
‫ْب ِة‬ ‫بِ َ‬
‫ِن الكفر لَع أربعِ دعائِم‪ :‬ال ِفس ِق و الغل ِو و الش ِك و‬
‫ڪفر چئن ٿنڀن تي قائم آهي‪:‬‬
‫لو‪ ،‬شڪ ۽ شبهو‪.‬‬ ‫فسق‪ ،‬غ ّ‬

‫نفاق‬
‫اميرالمؤمنين امام علي عليہ السالم فرمايو‪:‬‬
‫َ َ َ ُ َ َ َ ْ َ َ َ َ َ َ ْ َ َ َ ْ ُ َ ْ َ َ ْ َ َ َ ََ‬
‫النفاق لَع أربعِ دعائِم ‪ :‬لَع الهوى و الهوينا و اْل ِفيظ ِة و الطمعِ ‪.‬‬
‫و ِ‬
‫نفاق چئن ٿنڀن تي قائم آهي‪:‬‬
‫خواهشات‪ ،‬سستي‪ ،‬ڪاوڙ ۽ اللچ‪.‬‬
‫نتيجو‪:‬‬
‫ان مان معلوم ٿيو ته انسان مؤمن‪ ،‬مؤمنانہ اخالق سان ٿيندو آهي‪ ،‬انسان‬
‫ڪافر‪ ،‬ڪافرانہ صفتن سان ٿيندو آهي ۽ ساڳي نموني انسان منافق‪،‬‬
‫منافقانہ عادتن سان ٿيندو آهي‪.‬‬
‫اصل گهربل ڇا آهي؟‬
‫دين کي سمجهڻ خاطر هڪ پاڪيزه وڻ سان تشبيہ ڏني ويندي آهي‪ .‬وڻ‬
‫جون پاڙون‪ ،‬شاخون ۽ ميوا ٿيندا آهن‪ .‬اهڙي نموني دين جون پاڙو ڪجهه‬
‫بنيادي عقيدا آهن‪ ،‬جڏهن ته شاخون ڪجهه بنيادي عمل آهن ۽ ميوا اخالق‬
‫آهن‪ .‬فرمايو ويو‪:‬‬
‫ت َوف ْر ُع َها يف َ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫ُ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫ً‬ ‫ً‬ ‫ً‬
‫هللا َم َثَل ََك َِمة َط َي َبة ك َش َجر ٍة َط َي َب ٍة أ ْصل َها اث ِب ٌ‬ ‫أَ َ َْل َ َ‬
‫َت َك ْي َف َ َ‬
‫َض َب َ ُ‬
‫الس َماء‬ ‫ِ‬ ‫ِ‬ ‫ِ‬
‫ون‬‫اس َل َعلَ ُه ْم يَ َت َذ َك ُر َ‬ ‫ْ َََ ََ ْ ُ َُ َْ َ َ َ‬
‫ِلن ِ‬ ‫ْضب هللا المثال ل‬
‫ُْ ُ ََُ ُ َ‬
‫ِني ِِب ِإذ ِن ر ِِبا وي ِ‬
‫( إاّباهيم‪ )24:‬تؤ ِِت أَكها ك ح ٍ‬
‫َ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫ََ ُ َ َ َ َ َ َ ََ َ َ ْ َ‬
‫اج ُتث ْت َِم ف ْو ِق ال ْر ِض َما ل َها َِم ق َرا ٍر‬ ‫( إاّباهيم‪ )25:‬ومثل َك ِم ٍة خ ِبيث ٍة كشجر ٍة خ ِبيث ٍة‬
‫( إاّباهيم‪)26:‬‬
‫”ڇا غور نٿو ڪرين ته اهلل تبارڪ و تعالى دين جو مثال ڪيئن هڪ پاڪ‬
‫وڻ جو ڏئي ٿو ‪ ،‬جنهن جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ان جون شاخون نهايت‬
‫رب جي قدرت سان هر‬ ‫بلنديَء تي آهن‪ .‬اهو (وڻ) پنهنجا ميوا پنهنجي ّ‬
‫موسم ۾ ڏيندڙ آهي‪ .‬اهلل ماڻهن الِء مثال ڏئي ٿو ته جيئن اهي نصيحت‬
‫وٺن‪ .‬جڏهن ته باطل دين جو مثال بري وڻ جو آهي (نه پاڙون مضبوط‪ ،‬نه‬
‫شاخون بلند نه ڪو فائديمند ميوو ڏئي)‪ ،‬زمين جي مٿاڇري تان ئي (آسانيَء‬
‫سان) پٽيو وڃي ۽ ڪنهن هڪ جاِء تي ٽڪي نه بيهي‪“.‬‬
‫جهڙي نموني وڻ مان اصل گهربال نه پاڙ هوندي آهي نه وري شاخ پر اصل‬
‫گهربل ميوو هوندو آ هي‪ ،‬ساڳي نموني دين مان به اصل گهربل اخالق‬
‫آهي‪ .‬ان اخالق ذريعي ئي ڪو انسان مؤمن‪ ،‬ڪافر يا منافق بڻجندو آهي‪.‬‬
‫البت جيئن ميوون کي لڳڻ الِء شاخ ضروري آهي ۽ شاخن کي‬
‫غذا مهيا ڪرڻ الِء پاڙون ضروري آهن‪ ،‬ساڳي نموني اخالق کي وجود ۾‬
‫اچن الِء نيڪ عمل ضروري آهن‪ ،‬ڇو ته نيڪ عمل ئي آهن جن کي باربار‬
‫دهرائڻ سان انسان جون صفتون وجود ۾ اينديون آهن‪ .‬نيڪ عملن کي غذا‬
‫پهچائن الِء صحيح ۽ حقيقت تي ٻڌل عقيدا الزمي هوندا آهن‪ .‬انڪري‬
‫اسان چئي سگهون ٿا ته عقيدن مان عمل وجود ۾ ايندو آهي ۽ عمل باربار‬
‫دهرائبو آهي ته اها انسان جي عادت يا صفت بڻجي ويندي آهي‪.‬‬
‫انڪري جيڪڏهن اهو پرکڻو هجي ته انسان حقيقت ۾ مؤمن‬
‫آهي يا نه؟ گهرجي ته سندس بيان ڪيل زباني عقيدن ۽ عملن کي نه ڏسجي‬
‫بلڪ سندس اخالق کي ڏسجي‪ .‬امام جعفر صادق عليہ السالم فرمايو‪:‬‬
‫َ ْ َ َ َ ُ َ ُ َ َ َ َ َ َ َ َ ْ َ َ َ ْ َ َ َُ‬ ‫َ‬ ‫َ‬ ‫َ َ ْ َ َُ‬
‫َتوا ِب َصَل ِ ِِت ْم َو ل ِب ِصيام ِِهم ف إِان الرجل رّبا ل ِهج ِِبلصَل ِة و الصو ِم تَح لو َتكه‬ ‫ل تغ‬
‫َ ََ ََْ َ‬ ‫ْ َ ُ ُ ْ ْ َ ْ َْ‬ ‫ْ َْ َ َ َ َ‬
‫يث و أدا ِء المان ِة ‪.‬‬
‫استوحش و لك ِِن اخت ِْبوُه عِند ِصد ِق اْل ِد ِ‬
‫َ ْ َ ََ ََْ َ‬
‫الصد ِق و أدا ِء المانةِ‪ :‬حديث‪)2:‬‬
‫(الصول الاکيف‪ :‬کتاب‪ :‬الميان والکفر‪ِ :‬بب‪ِ :‬‬
‫”ماڻهن جي نماز ۽ روزا توهان کي ڌوڪو نه ڏين! ڪڏهن انسان کي نماز‬
‫۽ روزي جي عادت ٿي ويندي آهي‪ ،‬جيڪڏهن ڇڏي ته پريشاني ٿيندي اٿس‪.‬‬
‫ماڻهن کي ڳالهائن وقت سچ ۽ امانت ادا ڪرڻ ذريعي پرکيو“‬

‫تدريج‬
‫‪ .1‬حال‪:‬‬
‫انسان جڏهن ڪو نئون عمل شروع ڪندو آهي ته ان کي اخالق جي زبان‬
‫۾ حال چوندا آهن‪ .‬جنهن کي انسان آسانيَء سان ادا ناهي ڪري سگهندو‬
‫البت ڇڏڻ چاهي ته آسانيَء سان ڇڏي سگهي ٿو‪.‬‬
‫‪ .2‬ملڪہ يا صفت‪:‬‬
‫انسان جڏهن حال واري عمل کي بار بار دهرائيندو آهي ته پوِء هڪ وقت‬
‫اهو سندس ملڪہ بڻجي ويندو آهي ۽ پوِء انسان اهو عمل آسانيَء سان‬
‫ڪري سگهندو آهي‪ .‬البت جيڪڏهن ملڪہ کي ڇڏڻ چاهي ته مشڪل سان‬
‫ڇڏي سگهندو‪.‬‬
‫‪ .3‬مقام يا اتحاد‪:‬‬
‫ملڪہ کي جيڪڏهن انسان دهرائيندو رهي ته هڪ وقت اهڙو ايندو آهي‬
‫جو اها صفت انسان جي وجود جو حصو بڻجي ويندي آهي‪ ،‬جنهن کي ڇڏڻ‬
‫ممڪن ناهي هوندو‪.‬‬
‫مثال‪ :‬جڏهن ڪنهن ڪوئلي کي باهه ۾ وڌو وڃي ته سڀ کان پهريان هو‬
‫باهه مان پنهنجي اندر گرمي وٺندو آهي‪ ،‬اهو سندس حال آهي‪ .‬جيڪڏهن‬
‫ٻار ڪڍبو ته ڪوئلو ئي هوندو ۽ سندس اندر ۾ موجود گرمي جلدي ختم‬
‫ٿي ويندي‪ .‬جيڪڏهن اهو ڪوئلو باهه ۾ پيو رهي ته پوِء ان ڪوئلي مان‬
‫پڻ باهه وانگر شعلو نڪرندو‪ ،‬اهو سندس ملڪہ يا صفت آهي‪ .‬ٻاهر ڪڍبو‬
‫ته ڪوئلو شعلو ڏيندو پر ڪجهه دير ۾ سندس سعلو ختم ٿي ويندو ۽‬
‫ڪوئلو واپس ڪوئلو بڻجي ويندو‪ .‬پر جيڪڏهن ڪوئلو باهه ۾ چيو رهي‬
‫ته باهه جو شعلو ان جي جز جز ۾ ڦهلجي ويندو‪ ،‬اهو باهه سان سندس اتحاد‬
‫آهي‪ .‬جيڪڏهن هاڻي ان ڪوئي کي باهر ڪڍبو ته ٽانڊو رهندو ۽ واپس‬
‫ڪوئلو ڪڏهن به بڻجي نه سگهندو‪.‬‬
‫انسان کي به جيڪا اخالقي صفت پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪرڻي‬
‫هجي ته اها به انهن ٽن مرحلن مان گذرندي آهي‪ .‬انسان پنهنجي ان عمل‬
‫کي ايتريقدر دهرائي جو ان صفت سان انسان جو اتحاد ٿي وڃي‪ .‬انڪري‬
‫حڪم آهي ته نيڪ ڪم گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال تائين دهرائجي ته جيئن‬
‫اهو انسان جو گھٽ ۾ گھٽ ملڪہ بڻجي‪ .‬امام جعفر صادق عليہ السالم‬
‫فرمايو‪:‬‬
‫َ َ َ َ ُ ُ ََ ََ َْ َ ُ ْ ََْ َ َ ً‬
‫إِاذا َكن الرجل لَع مع ٍل فليدم علي ِه سنة‪.‬‬
‫ْ َ ْ َ َ َ ْ ُ َ َ َ َ َْ‬
‫(الصول الاکيف‪ :‬کتاب‪ :‬الميان والکفر‪ِ :‬بب‪ :‬اس ِتوا ِء العم ِل و المداوم ِة علي ِه‪ .‬حديث‪)1:‬‬
‫”انسان جڏهن ڪو عمل ڪري ته هڪ سال تائين ڪندو رهي“‬
‫موت کان پوِء‪:‬‬
‫انسان جي عقيدن جو تعلق انسان جي ذهن سان آهي‪ ،‬عمل جو تعلق انسان‬
‫جي جسم سان آهي جڏهن ته ملڪہ ۽ مقام جو تعلق انسان جي روح سان‬
‫آهي‪ .‬موت وقت انسان پنهنجو ذهن ۽ جسم ته هن دنيا ۾ ئي ڇڏي ويندو‬
‫آهي پان سان گڏ صرف روح کڻي عالم برزخ ۾ ويندو آهي‪ .‬انڪري انسان‬
‫جا اهي عقيدا جيڪي صرف رٽيل ۽ ياد ڪيل هيا ۽ عمل جيڪي هن‬
‫جسم سان ڪيا هيا‪ ،‬هتي ئي هن دنيا م کڏي ويندو‪ ،‬جڏهن ته پان سان گڏ‬
‫صرف اهي اخالق کڻي ويندو جيڪي سندس روح سان متحد ٿي ويا آهن‪.‬‬

‫‪‬‬

You might also like