You are on page 1of 5

‫سائڻ زهرا سالم هللا عليها جا فضائل‬

‫سنڌيڪار‪ :‬نظير احمد بهشتي‬

‫سائڻ زهرا سالم هللا عليها جي عظمت الِء اهو ئي ڪافي آهي جو خانداني نسب ۾ عالمي شهرت رکن ٿيون‪ .‬ان ڪري جو سندن بابو‬
‫ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪماالت ۽ فضائل جو مالڪ‪ ،‬سندن امڙ حضرت خديجة الڪبرى دنيا جي هڪ ڪامل عورت ۽ اسالم‬
‫جي واٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ فداڪاري ڪرڻ ۽ قربان ٿيڻ واري ۽ سندس مڙس امير المومنين علي عليه السالم جيڪو نفس پيغمبر ص‬
‫جي مقام تي فائز آهي ۽ کانئن پوِء ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ فضيلت وارو انسان آهي‪ .‬۽ حسنين ڪريمين عليهما السالم ۽ سائڻ زينب‬
‫و ام ڪلثوم عليهما السالم جهڙا ٻچڙا اٿس‪ .‬بغير شڪ جي سائڻ زهرا سالم هللا عليها جي گهر جهڙو گلن وارو گهر ڪٿي لڀندو جنهن ۾‬
‫‪.‬ايڏا عظمت وارا انسان رهندا هجن‬

‫امام صادق عليه السالم فرمايو‪ :‬پاڻ سالم هللا عليها صديقه ڪبرا آهي جنهن جي سڃاڻپ ۽ معرفت جي بنياد تي صديون رڪيل آهن‪( .‬‬
‫‪ ) 1‬ان کي ڪهڙي ريت سڃاڻي سگهجي ٿو‪ ،‬جڏهن ته هللا سائين پيغمبر اڪرم (ص) کي فرمايو آهي‪« :‬یا احمد لوالک لما خلقت‬
‫االفالک ولوال علی لما خلقتک ولوال فاطمه لما خلقتکما؛(‪ )2‬اي پيغمبر! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته ڪائنات نه بڻايان ها ۽ جيڪڏهن‬
‫‪.‬علي نه هجي ها ته تو کي نه بڻايان ها ۽ جيڪڏهن فاطمه نه هجي ها ته توهان ٻنهي کي نه بڻايان ها‬

‫پيغمبر اڪرم صلي هللا عليه و آله و سلم سندس بابت فرمايو‪ :‬جيڪڏهن نيڪيون ۽ ڀاليون انساني روپ اختيار ڪن ته فاطمه جي‬
‫صورت وجود ۾ ايندي‪ ،‬بلڪه هي ان کان به مٿاهين ۽ بلند آهي‪ ،‬بيشڪ منهنجي نياڻي فاطمه ذاتي فضيلتن ۽ عظمتن جي حساب سان‬
‫ڪائنات جي سڀ کان وڏي مانواري هستي آهي‪)3( .‬‬

‫امام مهدي صاحب الزمان (عج) سائڻ فاطمه سالم هللا عليها کي پنهنجي الِء نمونه عمل ڄاڻن ٿا ۽ فرمائن ٿا‪« :‬و فی ابنة رسول هللا لی‬
‫اسوة حسنة‪ ،‬وسیردی الجاهل رداءه عمله و سیعلم الکافر لمن عقبی الدار؛(‪ )4‬رسول خدا (ص) جي نياڻي منهنجي الِء سهڻو نموني عمل‬
‫‪.‬آهي ۽ تمام جلد جاهل پنهنجي عمل جي پستي کي ڏسندو ۽ ڪافر ڄاڻي وٺندا ته آخرت جو فائدو ڪنهن الِء آهي‬

‫امام صادق عليه السالم کيس ليلة القدر سڏيو‪)5( .‬‬


‫اهل سنت جي محققن جا اعتراف‬

‫ابن صباغ مالڪي‪ :‬سائڻ فاطمه جي فخر الِء اهو ئي ڪافي آهي ته پيغمبر اڪرم (ص) جي نياڻي آهي جيڪو انسانن ۾ سڀ کان _‪1‬‬
‫وڌيڪ فضيلت وارو آهي‪ .‬اها فاطمه جنهن جي والدت پاڪ آهي سڀني مسلمانن جي اتفاق سان ۽ (عورتن جي) سردار آهي‪)6( .‬‬

‫محمد بن طلحه شافعي‪ :‬آيت مباهله (‪ )7‬۾ غور ڪر‪ ،‬ان جي ترتيب‪ ،‬ان جي عبارتن ۽ اشارن ۾ جيڪي فاطمه (ص) جي مقام جي _‪2‬‬
‫بلندي کي ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ ڪهڙي ريت کيس وچ ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن سندس مقام ۽ مرتبو وڌيڪ چٽو ۽ ظاهر ٿئي‪( .‬‬
‫‪)8‬‬

‫عباس محمود العقاد المصري‪ :‬هر دين ۾ هڪ ڪامل عورت جو روپ موجود هوندو آهي جنهن کي سڀ پاڪ ۽ مقدس سمجهندا _‪3‬‬
‫آهن‪ .‬ڄڻ ته اها مردن ۽ عورتن الِء هللا جي نشاني ۽ عالمت هوندي آهي‪ .‬عيسائين ۾ پاڪدامن بيبي مريم جو روپ ۽ بغير شڪ جي‬
‫اسالم ۾ اهو ڪامل روپ فاطمه بتول (س) جو آهي‪)9( .‬‬

‫ڊاڪٽر علي ابراهيم حسن‪ :‬فاطمه (س) جي زندگي ۾ قسمين قسمين عظمتون ڏسون ٿا جو سائڻ انهن عظمتن کي بيبي بلقيس جيان _‪4‬‬
‫يا‪...‬محل يا دولت جي مالڪه جي حيثيت سان يا ظاهري خوبصورتي جي ڪري حاصل نه ڪيو آهي ۽ بيبي عائشه جيان جنگ جي‬
‫ميدان سجائڻ ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ وسيلي حاصل نه ڪيو آهي‪ ،‬بلڪه حڪمت ۽ پنهنجي ذاتي فضيلت وسيلي پوري ڪائنات کي حڪمت ۽‬
‫عظمت سان ڀري ڇڏيو آهي‪ .‬اهڙي حڪمت جيڪا عالمن وٽ ۽ فلسفي جي ڪتابن ۾ نه ملندي‪ ،.‬اهڙي عظمت جنهن جو بنياد بادشاهي‬
‫۽ ملڪيت ناهي‪ ،‬بلڪه ان عظمت جو بنياد سندس ذاتي ڪماالت ۽ فضيلتون آهن‪)10( .‬‬
‫حضرت زهرا (س) جا فضائل‬

‫‪.‬هتي سائڻ زهرا سالم هللا عليها جي ڪجھ فضائل ڏانهن اشارو ڪريون ٿا‬
‫فاطمه (س) جو نور _‪1‬‬

‫پيغمبر اڪرم (ص) فرمايو‪« :‬خلق نور فاطمه «ع» قبل ان تخلق االرض و السماء فقال بعض الناس‪ :‬یا نبی هللا! فلیست هی انسیه؟!‬
‫فقال‪ :‬فاطمه حوراء انسیه؛(‪ )۱۱‬فاطمه جو نور زمين ۽ آسمان جي خلقت کان پهريان پيدا ڪيو ويو‪ ،‬ڪجھ ماڻهن عرض ڪيو‪ :‬اي هللا‬
‫‪.‬جا پيغمبر! ته پوِء ڇا زهرا انسانن منجهان ناهي؟ پيغمبر اڪرم _ص) فرمايو‪ :‬فاطمه انساني صورت ۾ حور آهي‬

‫پيغمبر اڪرم (ص) ٻئي جاِء تي فرمايو‪ :‬لما خلق هللا الجنه خلقها من نور وجهه‪ ،‬ثم اخذ ذالک النور فقذفه فاصابنی ثلث النور‪ ،‬و اصاب‬
‫فاطمه ثلث النور‪ ،‬واصاب علیا و اهل بیته ثلث النور؛ فمن اصابه من ذلک النور اهتدی الی والیه محمد‪ ،‬ومن لم یصبه من ذلک النور‬
‫ضل عن والیه آل محمد«ص» هللا سائين بهشت کي پنهنجي نور مان خلق ڪيو‪ ،‬پوِء ان نور کي ڇڏي ڏنو ان نور جو ٽيون حصو مون‬
‫کي‪ ،‬ٽيون حصو فاطمه کي ۽ باقي ٽيون حصو علي ۽ ان جي اهل بيت کي مليو‪ ،‬بس اهو نور جنهن وٽ به پهچندو اهو آل محمد جي‬
‫واليت ڏانهن هدايت پائيندو ۽ جنهن وٽ اهو نور نه پهچندو آل محمد جي واليت (واري واٽ) کان ٿڙي ويندو (‪)12‬‬

‫ڇو فاطمه؟ _‪2‬‬

‫يونس چئي ٿو‪ :‬امام صادق (ع) فرمايو‪« :‬لفاطمه«ع» تسعه اسماء عندهللا عزوجل‪ :‬فاطمه‪ ،‬والصدیقه‪ ،‬والمبارکه‪ ،‬والطاهره‪ ،‬والزکیه‪،‬‬
‫والراضیه‪ ،‬والمرضیه والمحدثه والزهراء ثم قال«ع» اتدری ای شیء تفسیر فاطمه؟ قلت اخبرنی یا سیدی‪ ،‬قال‪ :‬فطمت من الشر؛ هللا‬
‫سائين وٽ فاطمه جا نو ‪ 9‬ناال آهن‪ :‬فاطمه‪ ،‬صديقه‪ ،‬مبارڪه‪ ،‬طاهره‪ ،‬زڪيه‪ ،‬راضيه‪ ،‬مرضيه‪ ،‬محدثه‪ ،‬زهراء ۽ پوِء فرمايو‪ :‬ڇا تو کي‬
‫خبر آهي ته فاطمه جي تفسير ڇا آهي؟ مون چيو‪ :‬اي منهنجا آقا مون کي ٻڌايو‪ .‬موال فرمايو‪ :‬ان کي شر کان پري رکيو ويو آهي‪)13( .‬‬

‫‪:‬يونس چئي ٿو‪ :‬امام صادق (ع) فرمايو‪ :‬اهڙي ريت فاطمه جي نالي الِء ٻيون وجهون به نقل ٿيون آهن جيئن‬

‫فاطمه نالو هللا جي نالي يعني فاطر مان ورتو ويو آهي (‪1_ )14‬‬

‫ڇو جو ان جا شيعه ۽ پيروڪار دوزخ جي باھ کان آجا آهن‪2_ )15( .‬‬

‫ڇو جو پاڻ ماهواري کان پاڪ آهن (‪3_ )16‬‬

‫سائڻ زهرا (س) جي عبادت _‪3‬‬

‫امام صادق عليه السالم فرمايو‪« :‬کانت اذا قامت فی محرابها زهر نورها الهل السماء کما یزهر الکواکب الهل االرض؛ جڏهن فاطمه‬
‫‪(.‬س) محراب عبادت ۾ بيهنديون هيون ته انهن جو نور آسمان وارن الِء ائين چمڪندو هئو جيئن ستارا زمين وارن الِء چمڪندا آهن‬

‫امام حسن عليه السالم فرمايو‪ :‬ما کان فی الدنیا اعبد من فاطمه«س» حتی تورم قدماها؛ (‪ )۱۸‬دنيا ۾ فاطمه (س) کان وڌيڪ عبادتگزار‬
‫‪.‬نه هيو (ايتري عبادت ڪنديون هيون) جو سندس پير (مبارڪ) سڄي پوندا هئا‬

‫تسبيح حضرت فاطمه _‪4‬‬

‫حضرت علي عليه السالم کان نقل ٿيو آهي ته عجم جي هڪ بادشاه پيغمبر کي هڪ خادم تحفي طور عطيو ڪيو‪ ،‬مون فاطمه کي چيو‬
‫رسول خدا وٽ وڃي پنهنجي الِء خدمت گزاري جي درخواست ڪيو‪ .‬سائڻ زهرا رسول خدا وٽ آئي ۽ اهو موضوع ڇيڙيو‪ .‬پيغمبر‬
‫اڪرم (ص) فرمايو‪ :‬منهنجي جان فاطمه! تو کي اهڙي شيِء ٿو ڏيان جيڪا تو الِء خادم کان ۽ جيڪو ڪجھ دنيا ۾ آهي ان کان بهتر‬
‫هجي‪ .‬نماز کان پوِء ‪ 34‬ڀيرا هللا اڪبر‪ 33 ،‬ڀيرا الحمد هلل ۽ ‪ 33‬ڀيرا سبحان هللا پڙھ‪ ،‬ان مهل انهن ٽن ذڪرن کي ال اٰل ه ااّل هللا پڙهي ختم‬
‫ڪر ۽ اهو تو الِء جيڪا شيِء گهري اٿئي ان کان‪ ،‬هن پوري دنيا کان ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي ان سڀ کان بهتر آهي‪)19( .‬‬
‫امام صادق عليه السالم تسبيحات حضرت زهرا (س) جي فضيلت بابت فرمايو‪« :‬من سبح تسبیح فاطمه الزهرا«س» قبل ان یثنی رجلیه‬
‫من صاله الفریضه غفرهللا له؛ (‪ ) 20‬جيڪو به (نماز واري حالت ختم ٿيڻ يعني) مصلي تان قدم کڻڻ کان اڳ تسبيح فاطمه پڙهي‪ ،‬هللا‬
‫‪.‬سائين ان جي مغفرت فرمائيندو‬

‫اهڙي ريت امام صادق (ع) بار بار فرمائيندا هئا‪« :‬تسبیح فاطمه«س» فی کل یوم فی دبر کل صاله احب الی من الف رکعه فی کل یوم؛‬
‫(‪ )21‬هر ڏينهن هر نماز کان پوِء تسبيح حضرت فاطمه (س) پڙهڻ مون الِء روزانو هزار رڪعت نماز پڙهڻ کان وڌيڪ محبوب‬
‫‪.‬عمل آهي‬

‫۽ فرمايائون ته‪« :‬من الذکر الکثیر الذی قال هللا عزوجل «واذکروا هللا ذکرا کثیرا»؛ (‪ )22‬تسبيح فاطمه زهرا (س) ان ذڪر ڪثير جو‬
‫‪.‬مصداق آهي جنهن بابت هللا سائين فرمايو آهي‪ :‬هللا کي ياد ڪريو‪ ،‬ان جو گهڻو ذڪر ڪريو‬
‫زهرا (س) جو محّد ثه هجڻ _‪5‬‬

‫شيعه ۽ اهل سنت عالمن جو اهو گڏيل عقيدو آهي ته پيغمبر اڪرم صلي هللا عليه و آله وسلم کان پوِء يقيني طور تي محَّد ث انسان جو‬
‫وجود رهيو آهي‪ ،‬البته ان جي مصداق ۾ اختالف رهيو آهي‪ .‬محڊث جي تعريف هن ريت ڪن ٿا‪« :‬المحدث یسمع الصوت وال یری‬
‫‪.‬شیئا؛ (‪ )23‬محدث اهڙو انسان آهي جيڪو فرشتي جو آواز ٻڌندو آهي‪ ،‬ليڪن ڪا شيِء ڏسندو ناهي‬

‫امام صادق عليه السالم فرمايو‪ :‬حضرت فاطمه پيغمبر اڪرم (ص) جي رحلت کان پوِء ‪ 75‬ڏينهن کان وڌيڪ زندھ نه رهي‪ ،‬پيُء جي‬
‫جيُء جهوريندڙ غم سندس دل زخمي ڪري ڇڏيو هئو‪ ،‬تنهن ڪري جبرائيل لڳاتار سندس خدمت ۾ پئي آيو ۽ سندس پيُء جي وڇوڙي‬
‫تي کيس تسليت پيش پئي ڪئي‪)24( .‬‬
‫حضرت فاطمه (س) جي زيارتنامي ۾ به پڙهون ٿا‪« :‬السالم علیک ایتها المحدثه العلیمه (‪)25‬‬

‫حضرت زهرا (س) جي سخاوت _‪6‬‬

‫سڀ کان بهتر ۽ ڀلو انفاق اهو آهي ته پنهنجي پياري ۾ پياري شيِء خرچ ڪئي وڃي ۽ سائڻ فاطمه (س) جو انفاق ائين هئو‪ .‬انهن مان‬
‫‪.‬ٻن نمونن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا‬

‫الف) برڪت ڀريو هار‬


‫جابر بن عبد هللا انصاري چئي ٿو‪ :‬هڪ ڏينهن ٽيپهري جي نماز پيغمبر (ص) سان گڏ پڙهيا سين‪ .‬اوچتو هڪ پوڙهو رسول خدا جي‬
‫خدمت ۾ آيو جنهن کي پراڻا ڪپڙا پاتل هئا‪ ،‬جيڪو شديد پوڙهائپ ۽ ڪمزوري سبب صحيح سان پاڻ کي سنڀالي به نه پئي سگهيو‪.‬‬
‫عرض ڪيائين‪ :‬اي هللا جا رسول! مان بکايل آهيان منهنجو ڍُء ڪرايو‪ .‬مون وٽ ڪپڙا ناهن مون کي ڪپڙا پارايو‪ ،‬مان هٿين خالي‬
‫آهيان مون کي ڪجھ عطا ڪريو‪ .‬رسول اڪرم صلي هللا عليه و آله وسلم فرمايو‪ :‬مون وٽ ته هن مهل ڪجھ به نه آهي ليڪن تو کي‬
‫اهڙي جاِء تي موڪليان ٿو شايد اتي تنهنجي حاجت پوري ٿئي‪ .‬پوِء بالل کي فرمايو‪ :‬ان ڪمزور پوڙهي کي فاطمه جي گهر وٺي وڃ‪.‬‬
‫هن سائڻ فاطمه (س) جي گهر اچڻ کان پوِء سالم ورايو ۽ پنهنجي حاجت بيان ڪئي‪ .‬سائڻ پنهنجو هار جيڪو کيس تحفي ۾ مليو هئو‬
‫‪.‬ان فقير کي ڏيندي فرمايو‪ :‬هي وڪڻي پنهنجي زندگيَء جي اصالح ڪر‬

‫پوڙهو موٽي پيغمبر اڪرم (ص) جي خدمت ۾ آيو ۽ سڄو قصو بيان ڪيو‪ .‬پاڻ سڳورن گريو ڪيو ۽ فرمايو‪ :‬هار کي وڪڻ ته جيئن‬
‫منهنجي نياڻي جي عطا جي برڪت سان هللا سائين تو الِء آسانيون پيدا ڪري‪ .‬پوڙهي اهو هار وڪڻڻ کان پوِء پيغمبر اڪرم (ص) کي‬
‫عرض ڪيو‪ :‬سائڻ فاطمه (س) جي عطا جي برڪت سان بي نياز بڻجي ويس‪)26( .‬‬
‫ب) شادي وارا ڪپڙا‬
‫صفوري شافعي‪ ،‬ابن جوزي کان نقل ٿو ڪري ته رسول خدا (ص) فاطمه (س) جي شاديَء واري رات ان الِء نئين لباس جو انتظام‬
‫ڪيو‪ .‬سائڻ وٽ پراڻا ۽ چتيون لڳل ڪپڙا به هئا‪ .‬سوالي دروازو کڙڪايو ۽ چيو‪ :‬رسول خدا (ص) جي گهر مان پراڻن ڪپڙن جو‬
‫سوالي آهيان‪ .‬سائڻ ڪپڙا ڏيڻ جو ارادو ڪيو ته کيس هللا سائين جو فرمان ياد آيو‪ :‬لن تنالوا البّر حّتي تنفقوا مما تحبون‪( ،‬انسانؤ!)‬
‫اوهان ڀالئي کي ڪڏهن به نه پهچندؤ جيستائين پنهنجي پسند ڪيل شيِء خرچ نه ڪندؤ‪ .‬ته پوِء سائڻ نئون لباس کڻي ان جي حوالي‬
‫ڪيو‪ .‬جڏهن سائڻ جي رخصتي جو وقت ٿيو ته حضرت جبرائيل‪ ،‬رسول خدا (ص) جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين‪ :‬يا رسول هللا!‬
‫تنهنجو پالڻهار سالم ٿو چئي ۽ مون کي به حڪم ڏنو اٿس ته فاطمه (س) کي سندس سالم پهچايان ۽ ان الِء منهنجي ذريعي جنتي لباسن‬
‫‪.‬مان سائي ديبا جو لباس موڪليو اٿس‬

‫شفاعت جو مقام _‪7‬‬

‫پيغمبر اڪرم (ص) امام حسن ۽ امام حسين (ع) کي مخاطب ٿي فرمايو‪« :‬انتما االمامان والمکما الشفاعه؛(‪ )27‬اوهان ٻئي امام آهيو _‪1‬‬
‫‪.‬۽ اوهان جي امڙ الِء شفاعت جو مقام آهي‬

‫پيغمبر اڪرم (ص) فرمايو‪ :‬جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو‪ ،‬عرش مان آواز ايندو ته اي اهل قيامت! پنهنجون نگاهون هيٺ جهڪايو _‪2‬‬
‫ته جيئن محمد جي نياڻي فاطمه (پنهنجي پٽ) حسين جي خون سان رنڱيل قميص سان عبور ڪري‪ .‬ان مهل حضرت فاطمه عرش جي‬
‫بنيادن کي پڪڙي عرض ڪندي‪ :‬اي منهنجا پالڻهار تون جبار عادل آهين‪ .‬منهنجي ۽ انهن جي درميان فيصلو ڪر جن منهنجي ٻچڙي‬
‫‪.‬حسين کي ڪٺو‪ .‬رسول اڪرم (ص) فرمايو‪ :‬ڪعبي جي هللا جي حق جو قسم ته منهنجو پالڻهار منهنجي سنت مطابق حڪم ڪندو‬
‫ان مهل حضرت زهرا (س) عرض ڪندي‪« :‬اللهم اشفعنی فیمن بکی علی مصیبته؛ اي منهنجا هللا مون کي انهن ماڻهن جي شفاعت جي‬
‫اجازت ڏي جيڪي منهنجي ٻچڙي حسين جي محبت ۾ رنا آهن‪ .‬۽ هللا سائين کين انهن جي شفاعت جي اجازت ڏيندو (‪)27‬‬

‫جابر بن عبد هللا انصاري چئي ٿو‪ :‬حضرت باقر (ع) کي عرض ڪيم‪ :‬تو تان قربان وڃان اي فرزند رسول هللا! مون کي پنهنجي _‪3‬‬
‫ڏاڏي فاطمه زهرا جي فضيلت بابت هڪ حديث ٻڌايو ته جيئن اها جڏهن شيعن کي ٻڌايان ته خوش ٿين‪ .‬امام باقر (ع) فرمايو‪ :‬مون بابا‬
‫کان‪ ،‬بابا منهنجي ڏاڏا کان‪..‬رسول خدا (ص) کان نقل پئي ڪيو ته‪ :‬قيامت جي ڏينهن نبين ۽ رسولن الِء نور جا منبر رکيا ويندا ۽ قيامت‬
‫جي ڏينهن منهنجو منبر سڀني کان بلند هوندو‪ .‬ان مهل هللا سائين فرمائيندو‪ :‬خطبو پڙھ‪ .‬پوِء اهڙو خطبو پڙهندس جو نبين ۽ رسولن مان‬
‫ڪنهن به ان جهڙو خطبو نه ٻڌو هوندو‪ .‬بس اوصياء الِء به نور جا منبر وڇايا ويندا ۽ انهن جي درميان منهنجي وصي علي بن ابي‬
‫طالب الِء هڪ منبر نصب ڪيو ويندو جيڪو سڀني کان بلند هوندو‪ .‬ان مهل هللا سائين‪ ،‬علي (ع) کي فرمائيندو خطبو پڙھ‪ .‬پوِء اهڙو‬
‫‪.‬خطبو پڙهندو جو اوصياء منجهان ڪنهن به اهڙو نه ٻڌو هوندو‬

‫ان مهل نبين ۽ رسولن جي اوالد الِء به نور جا منبر نصب ڪيا ويندا‪ ،‬پوِء منهنجي ٻن (فرزندن) ڏوهٽن ۽ زندگيَء جي گلن حسنين (ع)‬
‫الِء به منبر نصب ڪيو ويندو ۽ انهن کي چيو ويندو ته خطبو پڙهو ۽ اهي ٻئي اهڙا خطبا پڙهندا جو نبين ۽ رسولن جي اوالد مان‬
‫ڪنهن به اهڙا خطبا نه ٻڌا هوندا‪ ،‬ان مهل جبرائيل جيڪو منادي هوندو آواز ڏيندو‪ :‬محمد (ص) جي نياڻي فاطمه ڪٿي آهي؟ ان مهل‬
‫فاطمه (ع) اٿندي (ايستائين جو فرمايو‪ ):‬هللا تعالى فرمائي ٿو‪ :‬اي اهل محشر! عزت ۽ عظمت جو مالڪ ڪير آهي؟ محمد‪ ،‬علي ۽‬
‫حسنين عرض ڪندا‪ :‬هللا واحد قهار‪ .‬ان مهل هللا سائين فرمائيندو‪ :‬اي اهل محشر! مون اڄ عزت ۽ عظمت محمد‪ ،‬علي‪ ،‬فاطمه ۽ حسنين‬
‫‪.‬الِء قرار ڏني‬

‫اي اهل محشر! سر جهڪايو ۽ اکيون بند ڪريو‪ ،‬هي فاطمه آهي جيڪا بهشت ڏانهن وڃي رهي آهي‪ .‬ان مهل جبرائيل جنتي اٺ‬
‫ڪاهي ايندو‪ ،‬جنهن جي ٻنهي طرفن کان ديباج لڙڪيل هوندا ۽ ان جي مهار تازي لؤلؤ مان هوندي‪ .‬سائڻ ان تي سوار ٿيندي ۽ هللا‬
‫سائين هڪ لک فرشتا ان جي ساڄي پاسي کان ۽ هڪ لک فرشتا کاٻي پاسي کان موڪليندو ۽ هڪ لک فرشتن کي ذميواري ڏيندو ته‬
‫حضرت فاطمه (س) کي پنهنجي پرن تي سوار ڪري بهشت جي دروازي تائين پهچائن‪ .‬جڏهن بهشت تي دروازي تي پهچندا‪ ،‬سائڻ‬
‫بيهي رهندي‪ .‬هللا سائين فرمائيندو‪ :‬اي منهنجي حبيب جي نياڻي! ڇو بيهي رهئين جڏهن ته مون تو کي حڪم ڪيو هئو ته منهنجي‬
‫بهشت ۾ هلي اچ؟ حضرت صديقه (س) عرض ڪندي‪ :‬اي منهنجا هللا مان چاهيان ٿي ته اڄوڪي ڏينهن منهنجي عظمت کي سڃاتو‬
‫وڃي‪ .‬هللا سائين فرمائيندو‪« :‬یا بنت حبیبی! ارجعی فانظری من کان فی قلبه حب لک او الحد من ذریتک خذی بیده فادخلیه الجنه!؛ اي‬
‫منهنجي حبيب جي نياڻي! واپس ٿي ۽ ڏس جنهن جي به دل ۾ تنهنجي محبت يا تنهنجي اوالد منجهان ڪنهن جي محبت هجي ان جو هٿ‬
‫‪.‬پڪڙي ان کي بهشت ۾ داخل ڪر‬

‫حضرت باقر عليه السالم فرمايو‪ :‬هللا جو قسم اي جابر! ان ڏينهن حضرت زهرا (س) پنهنجي محبن ۽ شيعن کي چونڊي الڳ ڪندي‬
‫جهڙي ريت پکي سٺي داڻي کي خراب داڻي کان الڳ ڪندو آهي‪ ،‬جڏهن ٻنهي جهانن جي سردار بيبي جا شيعا ان معظمه جي ويجهو‬
‫ايندا ۽ بهشت تي دروازي تي پهچندا هللا سائين انهن جي دل ۾ اها ڳالھ وجهندو ته اهي اتي بيهي رهن‪ ،‬جڏهن اهي بيهندا ته هللا سائين‬
‫فرمائيندو‪ :‬اي منهنجا دوستؤ توهان ڇا الِء بيٺا آهيو؟ جڏهن ته منهنجي حبيب جي نياڻي فاطمه توهان جي شفاعت ڪئي آهي؟ اهي‬
‫جواب ڏيندا‪ :‬اي اسان جا پالڻهار اسان چاهيون ٿا ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان جي عزت ۽ عظمت کي سڃاتو وڃي‪ .‬هللا سائين فرمائيندو‪:‬‬
‫اي منهنجا دوستؤ! موٽي وڃو ۽ ڏسو ته فاطمه (س) سان توهان جي محبت سبب ڪنهن ڪنهن توهان سان محبت پئي ڪئي؟ توهان کي‬
‫ڪنهن فاطمه (س) سان توهان جي محبت سبب ماني کارائي؟ توهان کي ڪنهن فاطمه (س) سان توهان جي محبت سبب لباس پارايو؟‬
‫توهان کي ڪنهن فاطمه (س) سان توهان جي محبت سبب شربت پياريو؟ ڪنهن توهان جي فاطمه (س) سان محبت سبب گال ڪرڻ‬
‫واري کي توهان جي گال کان روڪيو؟ بس ان جو هٿ پڪڙيو ۽ کيس بهشت ۾ وٺي وڃو‪)29( .‬‬

‫‪:‬حواال‬

‫‪.‬محمد باقر مجلسي‪ ،‬بحاراالنوار‪( ،‬بيروت‪ ،‬داراحياء التراث العربي)‪ ،‬ج ‪ ،43‬ص ‪1. 105‬‬

‫عالمه مرندی‪ ،‬ملتقي البحرين‪ ،‬ص ‪14‬؛ ر‪ .‬ک‪ :‬ميرجهاني‪ ،‬الجنه العاصمه‪ ،‬ص ‪148‬؛ صالح بن عبدالوهاب العرندس‪ ،‬کشف الآللي‪2. ،‬‬
‫‪ .‬به نقل از فاطمه زهرا«س»‪ ،‬بهجه قلب المصطفي‪ ،‬رحماني همداني (تهران‪ ،‬نشر المرضیه‪ ،‬دوم‪ )1372 ،‬ص ‪9‬‬

‫‪.‬حمويني‪ ،‬فرائد السمطين‪ ،‬ج ‪ ،2‬ص ‪3. 68‬‬


‫‪.‬بحاراالنوار‪ ،‬پيشين‪ ،‬ج ‪ ،53‬صص ‪4. 180 -179‬‬

‫‪.‬محمدباقر مجلسي‪ ،‬بحاراالنوار‪( ،‬داراحياء التراث العربي)‪ ،‬ج ‪ ،43‬ص ‪5. 65‬‬

‫‪.‬الفصول المهمه (بيروت)‪ ،‬ص ‪6. 143‬‬

‫‪.‬آل عمران‪7. 61 ،‬‬

‫‪.‬مطالب السئول‪ ،‬چاپ ايران‪ ،‬ص ‪ 6‬و ‪8. 7‬‬

‫‪.‬توفيق ابواعلم‪ ،‬اهل البیت‪ ،‬ص ‪9. 128‬‬

‫‪.‬عالمه دخيل‪ ،‬فاطمه الزهراء‪ ،‬ص«ع» ‪10. 171‬‬

‫‪.‬عبدهللا بحراني‪ ،‬العوالم‪( ،‬قم مدرسه المهدی)‪ ،‬ج ‪ ،6‬ص ‪11. 9‬‬

‫‪.‬بحاراالنوار‪( ،‬پيشين)‪ ،‬ج ‪ ،43‬ص ‪12. 44‬‬

‫‪.‬بحار (پيشين)‪ ،‬ج ‪ ،43‬ص ‪13. 10‬‬

‫‪.‬ساڳيو‪ ،‬ص ‪14. 65‬‬

‫‪.‬ساڳيو ‪ ،‬ص ‪15. 16‬‬

‫‪.‬ساڳيو ‪ ،‬ص ‪16. 16‬‬

‫‪.‬ساڳيو ‪ ،‬ص ‪17. 12‬‬

‫‪.‬ساڳيو ‪ ،‬ص ‪18. 49‬‬

‫‪.‬سيد محمدکاظم قزويني‪ ،‬فاطمه الزهراء از والدت تا شهادت‪ ،‬ترجمه دکتر حسين فريدوني‪ ،‬نشر آفاق‪ ،‬چاپ سوم‪ ،1365 ،‬ص ‪19. 224‬‬

‫‪.‬کليني‪ ،‬الکافي‪ ،‬ج ‪ ،2‬ص ‪20. 342‬‬

‫‪.‬حسين طبرسي‪ ،‬مکارم االخالق‪( ،‬بيروت‪ ،‬مؤسسة االعلمي)‪ ،‬ص ‪21. 281‬‬

‫‪.‬وسائل الشيعه‪ ،‬حر عاملي‪( ،‬داراحياء التراث العربي)‪ ،‬ج ‪ ،4‬ص ‪22. 1022‬‬

You might also like