You are on page 1of 2

‫ب طب‬

‫آفتا ِ‬
‫فصد‬

‫فصد (سير ڇوڙڻ)‬


‫جديد حڪماء سير گهٽ ڇوڙائين ٿا‪ ،‬قديم حڪماء وٽ ان جو رواج گهڻو هو ‪.‬‬
‫دراصل اڄڪلهه سير نه ڇوڙائڻ جو بنيادي ڪارڻ ايلوپيٿي‪ 7‬طريقهء عالج ۾‬
‫سُين جو نڪرڻ آهي‪ ،‬جن جي استعمال‪ 7‬سان سير ڇوڙائڻ وارا مقصد حاصل ٿي‬
‫وڃن ٿا‪ .‬بهرحال‪ ،‬اڃا به اهڙا ڪيترائي مرض آهن‪ ،‬جن ۾ سير ڇوڙڻ نهايت‬
‫ضروري ۽ شافي آهي‪.‬‬
‫ڪلي طور تي مخالفت پئي‬ ‫ڊاڪٽر صاحبان شروعات ۾ ته سير ڇوڙڻ جي ُ‬
‫ڪئي‪ ،‬پر هاڻي‪ ،‬خاص طور تي جانورن جي عالج ۾ ‪ ،‬اهي پڻ ان جي اثرائتي‬
‫هئڻ جا قائل ٿي چڪا آهن‪ .‬يوناني طب ۾ جنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي‬
‫ال ِء سير ڇوڙڻ تجويز ڪئي ويندي آهي‪ ،‬ان کان اڪثر ماڻهو بي خبر آهن‪ .‬سير‬
‫ان ڪري نه ڇوڙائي ويندي آهي ته مريض جي بدن مان خون گهٽايو وڃي‪،‬‬
‫بلڪه سير ڇوڙائڻ جو اصل مقصد بدن ۾ رت جي وهڪري جو رخ ڦيرائڻ‬
‫هوندو آهي‪ .‬طبي اصطالح ۾ ان کي “امالهء ماده”‪ ،‬يعني “مادي جو رخ‬
‫ڦيرائڻ” ڪري چوندا آهن‪ .‬حڪماء امالهء ماده جي ال ِء سير ڇوڙائڻ کان‬
‫عالوه‪ ،‬ڪجهه ٻيا طريقا جھڙوڪ‪“ ،‬پاشويه”‪“ ،‬دلڪ الطراف” وغيره پڻ‬
‫اختيار ڪندا آهن‪ ،‬جن کي اسين سرسام جي بيان‪ 7‬۾ تفصيل سان بيان‪ 7‬ڪنداسين‪7.‬‬
‫چٽي ناداني آهي‪ .‬البته‪ ،‬ان‬
‫عاجز جي را ِء ۾ سير ڇوڙن جي صفا مخالفت ڪرڻ ِ‬
‫۾ وقت ۽ مريض جي طاقت جو خيال رکڻ ضروري هوندو آهي‪ .‬جيئن‪ ،‬طبي‬
‫اصول مطابق ڪمزور مريضن‪ ،‬حامله عورتن‪ ،‬ننڍن ٻارن ۽ پوڙهن ۾ فصد‬
‫ڪرڻ جائز نه آهي‪ .‬ان کان عالوه‪ ،‬جيستائين دوائن جي ذريعي فائدي ٿيڻ جي‬
‫اميد هجي‪ ،‬تيستائين پڻ سير ڇوڙائڻ کان پاسو ڪري سگھجي ٿو ‪ .‬اسان جو‬
‫جريان خون جي بيمارين‪ 7‬۾ جتي ڊاڪٽري توڙي‬ ‫ِ‬ ‫اهو تجربو آهي ته نڪهير‪ 7‬۽‬
‫سنڱين هڻڻ وسيلي جڏهن رت‬ ‫يوناني ٻيا عالج ناڪام ٿي ويا‪ ،‬اتي سير ڇوڙڻ ۽ ِ‬
‫جي وهڪري جو رخ ڦيرايو ويو ته حيرت انگيز ڪاميابي‪ 7‬حاصل ٿي‪ .‬ان‬
‫سير ڇوڙائڻ‬ ‫ڪري جتي ڏسجي ته فصد ڪرڻ کانسوا ِء ٻيو بِلو ناهي‪ ،‬اتي ِ‬
‫گھرجي‪.‬‬
‫هيٺ اسان مختصر نموني انهن رڳن جا ناال ۽ هنڌ بيان‪ 7‬ڪريون ٿا‪ ،‬جن جو عام‬
‫طور تي فصد ڪيو ويندو آهي‪.‬‬
‫ڇوڙجڻ وارين رڳن جا ناال ۽ هنڌ‬

‫‪28‬‬
‫فصد‬
‫ب طب‬
‫آفتا ِ‬
‫قيفال‪ :‬هن کي سرارو پڻ چوندا آهن‪ .‬ڳچي َء کان مٿي دماغي بيمارين‪،7‬‬
‫جهڙوڪ‪ ،‬سر سام‪ ،‬دماغ تي ضرب لڳڻ ۽ خناق وغيره جي ال ِء هن جي سير‬
‫ڇوڙڻ مفيد آهي‪ .‬هي َء نرانگشت‪ ،‬يعني ٻانهن‪ 7‬۾ آڳوٺي جي سڌائي َء ۾ ٿيندي آهي‪.‬‬
‫اڪحل‪ :‬هن کي “هفت اندام” ۽ “نهرالبدن” به چوندا آهن‪ .‬هي دماغ توڙي‬
‫هيٺئين‪ 7‬بدن مان هڪ جهڙو رت آڻيندي آهي‪ ،‬ان ڪري هن کي سڄي بدن مان‬
‫رت ڪڍڻ وارين بيمارين ۾ ڇوڙيندا آهن‪ .‬هي َء سبابه‪ ،7‬يعني‪ 7‬اشهد آڱر جي‬
‫سڌائي َء ۾ ٻانهن‪ 7‬منجهه ٿيندي آهي‪.‬‬
‫ِ‬
‫سڌائي َء تي ٻانهن ۾ ٿيندي آهي‪ .‬هن‬‫باسليق‪ :‬هي َء وسطا‪ ،‬يعني وچين آڱر جي ِ‬
‫کي ڳچي َء کان هيٺ ڌڙ ۾ ٿيندڙ بيمارين‪ ،7‬جهڙوڪ‪ ،‬نمونيا‪ 7،‬جگر جي سوڄ‬
‫وغيره ۾ ڇوڙيو ويندو آهي‪.‬‬
‫صافن‪ :‬هي َء رڳ پير جي ٽڻي‪ ،‬شڊتالنگ‪ ،7‬جي مٿان پني َء کي ڇڪي ٻڌڻ سان‬
‫ظاهر ٿيندي آهي‪ .‬هن کي حيض کولڻ‪ ،‬خصين ۽ رانن جي خارش ۽ هيٺئين ڌڙ‬
‫جي بيمارين‪ 7‬۾ ڇوڙيندا آهن‪.‬‬
‫عرق النساء‪ :‬هي رڳ پڻ ٻڌڻ سان ظاهر ٿيندي آهي‪ .‬هن جو فصد عرق‬
‫النساء ۽ هيٺئين‪ 7‬ڌڙ جي ٻين بيمارين‪ 7‬ال ِء مفيد آهي‪.‬‬
‫نوٽ‪ :‬مٿي ذڪر ڪيل‪ 7‬رڳن کان عالوه‪ ،‬ٻين رڳن‪ ،‬جهڙوڪ‪ ،‬مابض‪ ،‬ابطي‪،‬‬
‫اسيلم وغيره جو پڻ فصد ڪيو ويندو آهي‪ ،‬پر تمام گھٽ‪ .‬انهي َء ڪري انهن جو‬
‫ذڪر هتي نه ڪيو ويو آهي‪ .‬فصد‪ ،‬سنڱين ۽ ڄورن بابت وڌيڪ معلومات جي‬
‫ال ِء ٻيا طبي ڪتاب پڙهيا وڃن‪.‬‬

‫‪29‬‬

You might also like