You are on page 1of 2

‫ذاتي تضاد کي لسانيت جو نالو نه ڏنو وڃي‬

‫انسان بنيادي طور تي بغير ڪنهن ذات‪ ،‬پات‪ ،‬رنگ‪ ،‬فرقي ۽ مذهب جي هن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو‪ .‬جنھن ماحول‬
‫۾ سندس پرورش ٿيئي ٿي‪ ،‬جنهن گهراڻي ۾ اُهو وڏو ٿيئي ٿو‪ .‬اتان کيس ذات ۽ مذهب ملندا آهن‪ .‬جيڪي‬
‫ساڻس سڄي ڄمار گڏ رهندا آهن‪ .‬اها خبر هوندي به ته انسانيت هر هر شي َء کان اعلي آهي‪ ،‬پر هن معاشري‬
‫۾ ذات مذهب کي انسانن کان وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي‪ .‬جنهن جي نتيجي ۾ نسلي‪ ،‬لساني‪ ،‬قومي تضاد‬
‫پيدا ٿين آهن‪ .‬نسلي متڀيد ٻن نسلي گروهن ۾ ٿيندو آهي جيڪي ڪنهن قوم يا خطي جا برابر جا شريڪ‬
‫هجن‪ .‬اهڙي طرح لساني تضاد ٻن لساني گروهن ۾ ٿيندو آهي‪ ،‬اصلوڪي قوم ۽ رياست پاران آباد ڪيل‬
‫ماڻھن جو تضاد قومي تضاد ٿيندو آهي اِھو متڀيڊ غلط انفرادي اشتحال انگريزي ۽ قومي فساد جي صورت‬
‫‪.‬حاصل ڪندو آهي‬

‫سنڌ ۾ ضياء جي دؤر کان لكين غير قانوني افغاني پناهگير آباد ٿيندا رهيا آهن‪ .‬گذريل سال سنڌ سرڪار‬
‫پاران افغانستان جون بدتر حالتون ڏسي ڪري وفاق کي غير قانوني طور تي داخل ٿيندڙ افغانين کي روڪڻ‬
‫ال ِء چيو ويو هو‪ ،‬پر ان تي اڃان تائين ڪنھن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي سگهي‪ .‬سنڌ صوفين جي‬
‫سرزمين آهي‪ .‬هتي جيڪو به آهيو آهي‪ ،‬ان کي سنڌ ڌرتي رنگ نسل جي فرق کانسوا ِء پنهنجي جي َء ۾‬
‫جايون ڏنيون آهن‪ .‬اردو‪ ،‬پشتو‪ ،‬پنجابي‪ ،‬بنگالي سميت سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهون جيڪي مستقبل جا‬
‫جاء ڏني‬
‫رهواسي آهن‪ ،‬انهن کي اسان پنهنجا سنڌي ڀائر سمجھون ٿا‪ .‬جڏهن سنڌ َسڀني کي پنهنجي جي َء ۾ ِ‬
‫آهي ته پو ِء هتي جي رهندڙ سمورين ڌرين کي به گهرجي ته اِهي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي ان جو‬
‫‪.‬احترام ڪن ۽ جنهن ماڻھن انهن کي پناه ڏني انھن جا شڪرگذار ھجن‬

‫سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ذاتي قسم جي ٿيل حملن جي موقعن تي لسانيت جي باه جا شوال ڀڙڪائڻ جي ڪوشش‬
‫ڪري نسلي متڀيد جي بتن کي جيئرو ڪيو ويندو آهي‪ .‬ڇھ مھينا اڳ ٽنڊو الهيار ۾ الطاف جسڪاڻي جي قتل‬
‫جي مُک جوابدار ڀولو خانزادا جنهن تي ‪ 50‬ڪيس داخل هئا اُهو پالند ۾ ماريو ويو‪ ،‬ته سمورا ايم ڪيو ايم‬
‫جا اڳواڻ ۽ مصطفي ڪمال گڏ ٿي ويا‪ .‬ان وقت سندن جيڪا نسل پرست ٻولي ھئي اھا توھان کي چڱي‬
‫طرح ياد هوندي‪ .‬اهڙي ريت ڪجھ ڏينهن اڳ حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ جھيڙي دوران مارجي ويل‬
‫نوجوان بالول ڪاڪا جي تازي موت کانپو ِء سڄي سنڌ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي‪ ،‬ان کي نسلي رنگ پيو ڏنو‬
‫‪.‬وڃي‪ .‬جنهن سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پٺاڻ سنڌي فساد پکڙجي رهيو آهي‬
‫بالول ڪاڪا هڪ نوجوان هو ان جي قتل جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين سخت‬
‫سزا ڏني وڃي‪ .‬سنڌي قومپرست نوجوان بالول ڪاڪا جي خون سان انصاف ال ِء روڊن تي بيٺل آھن‪ ،‬پر‬
‫سندن طريقيڪار غلط آھي‪ .‬ٿيڻ اهو کپي ته ڪاڪا جي قتل تي سنڌ مان غير قانوني طور تي رهيل افغاني‬
‫پناهگير خالف آواز بلند ڪرڻ کپي ها(جيڪي ان جا قاتل آهن)‪ .‬پر انهن نوجوانن قانون هٿ ۾ کڻي ڪري‬
‫ڪيترا ئي ڏچا پيدا ڪري ڇڏيا آهن‪ .‬سڄي سنڌ ۾ پاڪستاني ۽ افغاني پٺاڻن جو فرق ڪرڻ کانسوا ِء مٿان‬
‫‪.‬تشدد ڪري سندن ڪاروبار بند ڪرائي اُنھن کي ڳوٺن‪ ،‬شهرن مان نيڪالي ڏني وئي‬
‫ياد رکو ته تشدد رڳو تشدد کي جنم ڏيندو آهي‪ .‬قومپرستن ڳوٺن ۾ پٺاڻن سان اهو حال ڪيو‪ ،‬جنهن جي رد‬
‫عمل ۾ ڪراچي جي عالئقي سهراب ڳوٺ کي افغاني پٺاڻن بالڪ ڪري ان عالئقي کي تشدد جو ڳڙهه بڻايو‬
‫جنهن سبب آتش زني ء فرلٽ اڃا تائين هلي رهي آهي‪ ،‬احتجاج ڪندڙن پاران ڪراچي حيرآباد روڊ (جيڪو‬
‫ڪراچي کي سڄي ملڪ سان ڳنڍي ٿو) خميس جمعي جي ڏينهن بند ڪيو ويو‪ .‬ان بدتر صورتحال ۾‬
‫‪.‬هزارين خاندانن جا مسافر ڦسي ويا‪ ،‬ٻن انسان جون زندگيون پڻ ضايع ٿي ويون‬

‫ان سڄي صورتحال کي مد نظر رکندي ٻنھين پاسن(پشتون ۽ سنڌي) جي قومي اڳواڻن امن جي اپيل ڪئي‬
‫آهي‪ ،‬سنڌي پختون پاڻ ۾ ڀائر آهن(انھن قومن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ خان عبدالغفار خان جي وقت کان‬
‫برڪائڻ وارو مواد حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري رهيو‬‫ُ‬ ‫محبتون قائم آهن)‪ .‬پر سوشل ميڊيا تي شولن کي‬
‫آهي‪ ،‬جالي نالن سان فيڪ آئي ڊيون ٺاهي ڪري قوم کي گمراه ڪندڙ ماڻھن جا اهڙا ڪمنٽ آهن ته *ڪو‬
‫به پٺاڻ نه ڇڏينداسين* يا *جيڪي گهرن ۾ لڪي ويهي رهيا آهن اُهي غدار آهن* اهڙي قسم جا ماڻهون‬
‫‪. ‬خبرون ڪريو غائب ٿيو وڃن لوڙهين وري ٻيا ٿا‬
‫اهڙي نازڪ صورتحال ۾ رياست کي پهرين ترجيح امن امان قائم ڪرڻ کي ڏني وڃي‪ .‬غير قانوني طور‬
‫تي ملڪ ۾ رهيل افغان آهن انهن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب واپس پنهنجي ملڪ روانو ڪيو‬
‫وڃي ڇو ته ملڪ جي معيشت خطري ۾ آهي‪ .‬بالول ڪاڪا جي قتل جي صحيح جانچ ڪئي وڃي ۽ قاتلن‬
‫‪. ‬کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي‬
‫پر امن احتجاج پاڪستان جي آئين موجب عوام جو جمھوري حق آهي‪ .‬پر ڪنهن به قسم جو تشدد‪ ،‬شهرين‬
‫جي جان مال کي خطرو ڪنهن به حالت ۾ برادشت جوڳو نہ آهي تنھن ڪري انتظاميه کي حاالت بهتر‬
‫ڪرڻ ال ِء ڪوششون جاري رکڻ گهرجن‪ ،‬سنڌي پختون بردرين کي گهرجي ته پاڻ ۾ امن محبت ڀائيچاري‬
‫قائم رکن‪ ،‬سوشل ميڊيا جي شرپسند قوتن جي پکڙيل نسلي نفرتون‪ ،‬افواهون ۽ اڌ سچي خبرن کان پاسو‬
‫ڪن‪ .‬ڇو ته اِهي ئي حالتن کي خرب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن‪ ،‬ڪوبه مفاد جيڪو تشدد‬
‫ال ِء سڏ ڏي يا نسلي تڪرار کي واڌائڻ جي ڪوشش ڪري ان کي فوري طور هٽايو وڃي‪ ،‬سنڌين وٽ هنن‬
‫حالتن ۾ صرف هڪ ئي رستو آهي ته اهي افغان پختون جي ڪاروبار جو بائيڪاٽ ڪن انهن کي مسواڙ‬
‫تي هوٽلون‪ ،‬گھر نه ڏين ۽ افغانين جو معاشي طور تي مقابلو ڪرڻ ال ِء پاڻ کي ڪاروبار ۾ اڳتي اچڻ‬
‫‪.‬گهرجي‬

‫انجنيئر عابد حسين خواجه‬

You might also like