You are on page 1of 113

‫سنڌي زبان جي ماھيت‬

‫ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو‬

‫سنڌي لئنگويج اٿارٽي‬


‫حيدرآباد – سنڌ‬
‫‪٠٢٢٧‬ع‬
‫سنڌي لئنگويج اٿارٽيَء جو ڪتاب نمبر (‪)٠٢٢‬‬
‫سڀ حق ۽ واسطا محفوظ‬
‫سنڌي زبان جي ماھيت‬
‫ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو‬ :‫ليکڪ‬
‫پھريون‬ :‫ڇاپو‬
‫ع‬٠٢٢٧ ‫فيبروري‬ :‫سال‬
٠٢٢٢ :‫تعداد‬
‫ پائونڊ‬٣ /‫ ڊالر‬٥ /‫ روپيا‬٠٢٢ :‫قيمت‬

Sindhi Zaban Ji Mahiyat


By: Dr Abdul Jabbar Junejo
Edition: First, 2007
Quantity: 1000
Price: Rs 100/=, $ 5, £ 3
Published by: Sindhi Language Authority, National Highway,
Hyderabad, Sindh 71000, Pakistan.
Composed By: Hussain Ahmed Memon
Printed by: Intel Communications Hyderabad
Tel: 022-9240050-3
Fax: 022-9240051
E-mail: sindhila@yahoo.com, sindhila1@hotmail.com
Website: www.sindhila.com.pk
‫ھيُء ڪتاب اڪادمي ادبيات پاڪستان جي مالي سھڪار سان اداري جي‬
‫ حيدرآباد‬،‫ميشرس انٽيل ڪميونيڪيشن‬،‫چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجي‬
،‫ حيدرآباد‬،‫ نئشنل ھاِء وي‬،‫ سنڌي لئنگويج اٿارٽيَء جي آفيس‬،‫مان ڇپرائي‬
.‫سنڌ مان پڌرو ڪيو‬
‫ناشر پاران‪:‬‬
‫اداري جي قيام وارن مقصدن کي آڏو رکندي‪ ،‬سنڌي ٻوليَء ۾‬
‫لسانيات جي موضوع تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ھن‬
‫اھم ڪتاب کي ڇپائيندي آئون ۽ منھنجا ساٿي انتھائي خوشي‬
‫محسوس ڪري رھيا آھيون‪ .‬جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ارتقا‪،‬‬
‫بڻ بنياد ۽ ان جي محاورن بابت ھن کان پھرين بھ ڪيترن ئي‬
‫محققن ۽ عالمن جو ڪم سامھون آيل آھي‪ ،‬پر ھيُء ڪتاب‬
‫اردوَء ۾ مستعمل لفظ”بولي“ ۽ سنڌيَء جي‬
‫لفظ”ٻولي“ ۽ ”زبان“ بابت اھم موضوع کي ھڪ تفصيلي بحث‬
‫جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو‪ .‬ڪتاب جي ابتدا ۾ سنڌي زبان‬
‫بابت اڳ موجود نظرين جي اپٽار سان گڏ ليکڪ طرفان پنھنجي‬
‫مطالعي جو نجوڙ ۽ نتيجو ڏنو ويو آھي‪ .‬زبان جا وجود ۾ اچڻ‬
‫وارا نظريا‪ ،‬انھن جا خاندان‪ ،‬ننڍي کنڊ جون زبانون‪ ،‬سنڌي ٻوليَء‬
‫جو بڻ بنياد‪ ،‬رسم الخط‪ ،‬محاورا‪ ،‬پھاڪا‪ ،‬چوڻيون‪ ،‬ورجيسون‪،‬‬
‫سنڌي ٻوليَء جا محقق ۽ سنڌي ٻوليَء کي پيش ايندڙ مسئلن ۽‬
‫مونجھارن بابت موضوع‪ ،‬ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ورھايل‬
‫آھن‪ .‬ڪتاب جي وقت سـِر ڇپائي ۽ تزئين الِء دلچسپيَء سان‬
‫ڪم ڪرڻ تي اشاعتي بيورو جا عملدار ۽ ڪارڪن ھميشھ‬
‫جيان جس لھڻن‪ ،‬البتھ ڪتاب جي اھميت جو اندازو ان جا‬
‫پڙھندڙ ئي ڪري سگھن ٿا‪ ،‬تنھن ڪري اھو انھن تي ئي ڇڏجي‬
‫تھ بھتر رھندو‪.‬‬
‫اسان سنڌي ٻوليَء ۽ لسانيات جي حوالي سان سنڌ جي ساڃاھھ‬
‫وندن ۽ محققن کي دعوت ٿا ڏيون تھ ھو اھڙن موضوعن تي‬
‫اسان کي ڪتاب تيار ڪري ڏين تھ جيئن سنڌي ٻوليَء تي‬
‫تحقيق جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن‪.‬‬
‫عبدالقادر جوڻيجو‬
‫چيئرمئن‬
‫سٽاُء‬
‫ناشر نوٽ‬
‫‪٤‬‬
‫‪٥‬‬ ‫مقدمو‬
‫باب پھريون‬
‫زبانن جي وجود ۾ اچڻ وارا نظريا‬
‫‪٠٠‬‬
‫باب ٻيو‬
‫زبانن جا خاندان‬
‫‪٠١‬‬
‫باب ٽيون‬
‫ننڍي کنڊ جون ڪي زبانون‬
‫‪٠١‬‬
‫باب چوٿون‬
‫ُ‬
‫سنڌيَء جو بڻ بنياد‬
‫‪٠٥‬‬
‫باب پنجون‬
‫‪٣٣‬‬ ‫رسم الخط‬
‫باب ڇھون‬
‫‪٤٣‬‬ ‫محاورا )‪(dialects‬‬
‫باب ستون‬
‫پھاڪا‪ ،‬اصطالح‪ ،‬چوڻيون ۽ ورجيسون‬
‫‪١٣‬‬
‫باب اٺون‬
‫سنڌيَء جا سردار‪ ،‬سنڌيَء جا معمار‬
‫‪٧٠‬‬
‫باب نائون‬
‫موجوده حالت (مسئال ۽ حل‪ ،‬ھند ۾ سنڌي)‬
‫‪٣٧‬‬
‫ضميمو‬
‫‪١٤‬‬ ‫اھم ڪتاب‬

‫ناشر پاران‪:‬‬
‫اداري جي قيام وارن مقصدن کي آڏو رکندي‪ ،‬سنڌي ٻوليَء ۾‬
‫لسانيات جي موضوع تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ھن‬
‫اھم ڪتاب کي ڇپائيندي آئون ۽ منھنجا ساٿي انتھائي خوشي‬
‫محسوس ڪري رھيا آھيون‪ .‬جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ارتقا‪،‬‬
‫بڻ بنياد ۽ ان جي محاورن بابت ھن کان پھرين بھ ڪيترن ئي‬
‫محققن ۽ عالمن جو ڪم سامھون آيل آھي‪ ،‬پر ھيُء ڪتاب‬
‫اردوَء ۾ مستعمل لفظ”بولي“ ۽ سنڌيَء جي‬
‫لفظ”ٻولي“ ۽ ”زبان“ بابت اھم موضوع کي ھڪ تفصيلي بحث‬
‫جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو‪ .‬ڪتاب جي ابتدا ۾ سنڌي زبان‬
‫بابت اڳ موجود نظرين جي اپٽار سان گڏ ليکڪ طرفان پنھنجي‬
‫مطالعي جو نچوڙ ۽ نتيجو ڏنو ويو آھي‪ .‬زبان جا وجود ۾ اچڻ‬
‫وارا نظريا‪ ،‬انھن جا خاندان‪ ،‬ننڍي کنڊ جون زبانون‪ ،‬سنڌي ٻوليَء‬
‫جو بڻ بنياد‪ ،‬رسم الخط‪ ،‬محاورا‪ ،‬پھاڪا‪ ،‬چوڻيون‪ ،‬ورجيسون‪،‬‬
‫سنڌي ٻوليَء جا محقق ۽ سنڌي ٻوليَء کي پيش ايندڙ مسئلن ۽‬
‫مونجھارن بابت موضوع‪ ،‬ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ورھايل‬
‫آھن‪ .‬ڪتاب جي وقت سـِر ڇپائي ۽ تزئين الِء دلچسپيَء سان‬
‫ڪم ڪرڻ تي اشاعتي بيورو جا عملدار ۽ ڪارڪن ھميشھ‬
‫جيان جس لھڻن‪ ،‬البتھ ڪتاب جي اھميت جو اندازو ان جا‬
‫پڙھندڙ ئي ڪري سگھن ٿا‪ ،‬تنھن ڪري اھو انھن تي ئي ڇڏجي‬
‫تھ بھتر رھندو‪.‬‬
‫اسان سنڌي ٻوليَء ۽ لسانيات جي حوالي سان سنڌ جي ساڃاھھ‬
‫وندن ۽ محققن کي دعوت ٿا ڏيون تھ ھو اھڙن موضوعن تي‬
‫اسان کي ڪتاب تيار ڪري ڏين تھ جيئن سنڌي ٻوليَء تي‬
‫تحقيق جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن‪.‬‬

‫عبدالقادر جوڻيجو‬
‫چيئرمئن‬
‫مقدمو‬
‫سنڌي زبان جي ارتقا ۽ بڻ بنياد جي باري ۾ اڳ موجود‬
‫ڪتابن جي موجودگيَء جي باوجود ھي ڪتاب لکڻ جي ضرورت‬
‫پيش آئي‪ ،‬ان الِء منھنجون گذارشون ھن ريت آھن‪:‬‬
‫سنڌيَء جي محققن سنڌي زبان جي تاريخ بيان ڪندي‬
‫نھايت محنت‪ ،‬تحقيق ۽ تدقيق سان ڪتاب لکيا آھن‪ .‬آٌء ھڪ‬
‫طالب علم جي نظر سان اندازا ‪٠١١٢‬ع کان انھن جي ڪاوشن‬
‫کي ڏسندو ۽ ساراھيندو آيو آھيان‪ .‬ڀيرومل مھرچند ۽ ڊاڪٽر‬
‫بلوچ کان وٺي نئين ٽھيَء جي اسڪالرن تائين ھي موضوع‬
‫دلچسپيَء جو باعث رھندو اچي‪ .‬ھيتري تحقيق‪ ،‬سنڌيَء جي بڻ‬
‫بنياد ۽ تاريخ تي ٿيل ڪم کان پوِء مون کي ڇا ڪرڻو آھي ۽ آٌء‬
‫اڳ ھن موضوع تي چند مقالن لکڻ کان وڌيڪ ڪو قدم بھ‬
‫وڌائي نھ سگھيو آھيان‪ ،‬ھاڻ جيڪو قدم وڌايان‪ ،‬سو ڌيان‬
‫ڇڪائڻ وارو‪ ،‬مفيد ۽ نئين ڏس ۾ ھئڻ کان سواِء ٻوليَء جي‬
‫خصوصيتن ۽ اصل جوھر (ماھيت) بابت ھجڻ کپي‪ .‬لسانيات‬
‫جي مختلف شاخن‪ ،‬اصطالحن ۽ پھاڪن سان ٺھڪائي پيش‬
‫ڪريان‪ .‬ڪتاب جو نالو بھ ان ڪري ”سنڌي زبان جي‬
‫ماھيت“ رکيو اٿم‪ ،‬جيڪو موجود روايتن ۾ نئون آھي‪( .‬متان‬
‫ڇرڪائيندڙ بھ ھجي) مئين عبدالرحيم گرھوڙيَء جي ڪالم ۾‬
‫آيل ھن سٽ منھنجو ڌيان لفظ ”ماھيت“ ڏانھن بھ ڇڪايو جيڪو‬
‫حضور صلي هلل عليھ وسلم بابت آھي‪:‬‬
‫اصل مڙني ماھيتين‪ ،‬ماھيت‬
‫محبوبا‬
‫معني عربي لغت موجب ھيَء آھي‪ ،‬معيار‬‫ٰ‬ ‫”ماھيت“ جي‬
‫)‪ ،(Quality‬تت‪ ،‬جوھر )‪ (Essence‬اجورو )‪ (Salary‬آمدني )‪(Income‬‬
‫(معن زلفو مدينھ‪ ،‬عربي‪ ،‬انگريزي لغت‪ ،‬آمريڪا ‪٠١٧٣‬ع ص‬
‫معني‬
‫ٰ‬ ‫‪ .)١٠١‬پروفيسر جلباڻيَء جي ”عربي سنڌي لغت“ موجب‬
‫آھي‪ :‬ذاتي جوھر ۽ ذاتي جزو‪ ،‬اھم ۽ ضروري (جلد ٻيو‪،‬‬
‫سنڌاالجي ‪٠١١٢‬ع‪ ،‬ص ‪.)٠٠١١‬‬
‫معني موجب ”ماھيت“ جوھر جي حوالي سان ھڪ‬ ‫ٰ‬ ‫انھيَء‬
‫موزون لفظ بھ لڳو ۽ لفظي آھنگ ۽ سر توڙي سنگيت موجب‬
‫بھ وڻيو‪ .‬ان کان سواِء سنڌي زبان سان منسلڪ ڪرڻ جو ارادو‬
‫ڪيم‪.‬‬
‫اسين زبان کي ٻولي بھ چئون ٿا‪ .‬ڪي متعصب ماڻھو‬
‫تنگ نظريَء تحت ان جو فائدو وٺن ٿا‪ .‬اھڙو ھڪ مثال ھي آھي‬
‫تھ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مقامي خبرن ۾ ‪ ٠١‬فيبروري‬
‫‪٠٢٢١‬ع تي خاتون نيوزڪاسٽر ھڪ خبر اردوَء ۾ ھيئن‬
‫پڙھي‪” :‬سندھي ادبي بورڊ کي ميٽنگ کي صدارت کرتڍ ڻوئڍ‬
‫ڊاکٽر حميده کھڙو نڍ کڻا کھ سندھي ادب اور بولي کي گرانٽ‬
‫بڙھائي جائڍ گي“‪.‬‬
‫برابر سنڌيَء ۾ ٻولي زبان کي بھ چئجي ٿو‪ ،‬پر جڏھن‬
‫معني محاورو )‪ (dialect‬۽ ھڪ‬
‫ٰ‬ ‫اردوَء ۾ بولي چئبو تھ ان جي‬
‫ننڍي گروپ جي ٻولي آھي‪ .‬ٻيو تھ سڄي اردو مواد ۾ ٻولي‬
‫(سنڌي لفظ) جو پيوند ھڻڻ مان ڳالھائيندڙ جي تنگ نظري ۽‬
‫نيت ظاھر ٿئي ٿي‪ .‬ساٿ ۾ رھندي بھ تعصب سبب ڪا ٻولي‬
‫نھ سکڻ تنگ نظري آھي‪ .‬سنڌي نھ سکڻ واري عمل جي مذمت‬
‫ڪندي‪ ،‬ڊاڪٽر فرمان فتح پوري‪ ،‬حمايت علي شاعر ۽ اردوَء جي‬
‫ليکڪن مضمون لکيا آھن‪ .‬واضح ڪيو اٿن تھ ساٿ واري زبان‬
‫)‪ (Language in contact‬نھ سکڻ سان پنھنجي زبان جو بھ نقصان‬
‫ٿئي ٿو‪ .‬ھر زبان ڳالھائڻ وارا سڄاڻ ماڻھو ھن حقيقت جو‬
‫ادراڪ رکن ٿا‪ .‬تنگ نظر ماڻھن جي حالت ھيَء آھي جو زبان‬
‫جي محبت ۾ غلط بيانيَء کان ڪم وٺن ٿا‪ .‬اٽڪل ڏھاڪو سال‬
‫اڳ حضرت امير خسرو جي تقريبات جي سلسلي ۾ پاڪستان‬
‫ٽيليويزن تان ھڪ ڪمپيئر ھيئن چيو تھ‪ :‬وسط ايشيا ۽ ٻين‬
‫اسالمي ملڪن مان مسلمان‪ ،‬جيڪا عربي‪ -‬فارسي آميز زبان‬
‫ھندوستان ۾ کڻي آيا‪ ،‬تنھن ۾ ڪيترا مقامي لفظ شامل ٿيا ۽‬
‫اردوَء جو جنم ٿيو‪ “.‬پھرين اھو تھ اھا زبان ڪھڙي ھئي؟ ان‬
‫جي ڪنھن بھ محقق ڳالھھ نھ ڪئي آھي‪ .‬حقيقت ھيَء آھي تھ‬
‫بيشڪ فوجي عربي فارسي ۽ ترڪي لفظ کڻي آيا ۽ اڳ موجود‬
‫زبان ھنديَء ۾ اھي شامل ٿيا‪ .‬ھندي ۽ اردوَء جو بنيادي ڍانچو‬
‫)‪ (Structure‬ساڳيو آھي‪ ،‬لفظن جو ڀنڊار علحدو آھي‪ ،‬ان ڪري ۽‬
‫لپيَء )‪ (Script‬جي ڪري بھ اڳتي ھلي ٻھ زبانون بنجي پيون‪.‬‬
‫اھا ڳالھھ ھرڪو مڃي ٿو‪ ،‬پر ان کي ايئن بيان ڪجي جو خلق‬
‫گمراه ٿئي‪ .‬اھو صحيح نھ آھي‪ .‬سڀني زبانن جي اھميت آھي‪.‬‬
‫ھر ڪنھن کي پنھنجا ماڳ مٺا آھن‪ ،‬اھو تسليم ڪندي سنڌيَء‬
‫سان گڏ مون فارسي‪ ،‬اردو ۽ سرائيڪيَء ۾ مقاال ۽ ڪتاب لکيا‬
‫آھن‪ .‬سڀني ٻولين سان مون کي محبت آھي‪ .‬ان ڪري ضمنا‬
‫مٿيون ڳالھيون لکيون اٿم‪.‬‬
‫ھن ڪتاب جي باب وار سٽاَء ھيَء رکي اٿم تھ اول‬
‫ٻولين جي جنم ۽ انھن جي خاندانن جي ڳالھھ ڪئي اٿم‪ .‬ھي‬
‫بنيادي موضوع آھن‪ ،‬جيڪي لسانيات جي سلسلي ۾ اھم ڄاتا‬
‫وڃن ٿا‪ .‬ان سان گڏ زبان‪ /‬زبانن جي ارتقائي تاريخ کي اھم ڄاتو‬
‫ويو ۽ انھن جو اصل نسل ۽ بڻ بنياد تالش ڪرڻ جي ڪوشش‬
‫ڪئي ويئي‪ .‬سنڌيَء جي بڻ بنياد الِء آريائي يا غيرآريائي ھجڻ‬
‫وارا نظريا زيربحث رھيا‪ .‬انھيَء سلسلي ۾ ڪتاب جي ابتدائي‬
‫بابن ۾ اڳ موجود نظرين جي اپٽار ڪندي‪ ،‬آخر ۾ پنھنجي‬
‫مطالعي جو نچوڙ ۽ نتيجو ڏنو اٿم‪ .‬پوِء بھ اصل نسل ۽ ٻوليَء‬
‫جي ارتقا‪ /‬ارتقائي تاريخ جي سلسلي ۾ بحث مباحثي توڙي‬
‫دليل دالئل جي گنجائش آھي‪ .‬ڪو نئون نظريو اچي‪ ،‬ان جي‬
‫دليلن کي کليَء دل سان خوش آمديد چئجي ۽ دليلن کي پسجي‪.‬‬
‫وزنائتي ڳالھھ جي تورتڪ ڪجي ۽ شخصيات واري اجائي ضد‬
‫کان پھلو بچائجي‪.‬‬
‫زبان جي ارتقائي تاريخ سان گڏ ان جي تحرير جو مسئلو‬
‫بھ اھم رھيو آھي‪ .‬دنيا جون موجوده لپيون دير سان ٺھيون آھن‪.‬‬
‫گھڻن خطن ۾ ڪي تصويري اکر )‪ (Pictographs‬موجود ھئا‪ .‬بلڪ‬
‫پھرين مڪمل تصويرن جي صورت ۾ ئي ھئا‪ ،‬پوِء ننڍا‪/‬آسان‬
‫)‪ (simplify‬ڪيا ويا‪ .‬چين ۽ مصر جا ناال ھن سلسلي ۾ سرفھرست‬
‫آھن‪ .‬چين جي تصويري اکرن جو مون کي ذاتي تجربو آھي‪،‬‬
‫جيڪو ‪٠١١١ -١٥‬ع ۾ چين ۾ چيني زبان جي تعليم جي‬
‫سلسلي ۾ حاصل ڪيم‪ .‬ان جو قدري تفصيلي ذڪر ٻين لپين‬
‫سان گڏ ھڪ باب ۾ ڪيو اٿم‪.‬‬
‫ايتريون ئي ھن ننڍي کنڊ جون زبانون اھم آھن‪ .‬انھن‬
‫۾ سنسڪرت ۽ يورپي زبانن جي ربط جو مطالعو سر وليم‬
‫جونس‪ ،‬فرئنسز باب‪ ،‬مئڪس ملر ۽ ٻين ڪيو‪ ،‬جن جي اپٽار‬
‫ڪاڪي ڀيرومل مھرچند ”سنڌي ٻوليَء جي تاريخ“ ۾ ڪئي آھي‪.‬‬
‫ان کان پوِء اِھي حواال ٻين ڪتابن ۾ بھ آيا ۽ ڪي اضافا بھ ٿيا‬
‫تھ اختالف راِء بھ ٿيو‪ .‬ھي بھ ھڪ اھم موضوع آھي‪ ،‬ان ڪري‬
‫مون ھڪ باب ۾ سنسڪرت ۽ ڪن ٻين ٻولين جو تذڪرو ڪيو‬
‫آھي‪.‬‬
‫ھي سڀ پس منظر آھي‪ ،‬اسان جي جيجل جي ٻوليَء جو‪،‬‬
‫جيڪا ننڍي کنڊ ۾ ھڪ اھم‪ ،‬زنده‪ ،‬علمي‪ ،‬ادبي ۽ صحافتي‬
‫زبان آھي‪ .‬ڪا معمولي‪ ،‬ننڍي گروپ جي‪ ،‬اڻ سڌريل‪ ،‬کٽل زبان‬
‫نھ آھي‪” .‬بولي“ ۽ محاورو )‪ (dialect‬نھ آھي‪ .‬ان جي ابتدا ۽ ارتقا‬
‫جو جائزو وٺندي‪ ،‬سنڌيَء جي محاورن )‪ (dialects‬ننڍن محاورن‪/‬‬
‫اپ ڀاشائن )‪ (sub-dialects‬جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آھي‪ .‬شاعر‪،‬‬
‫جن عمارت جوڙي‪ ،‬تن جي بھ اھميت آھي‪.‬‬
‫سنڌي زبان توڙي ڪنھن بھ زبان جي اصل سونھن ۽‬
‫جوھر ان جا پھاڪا‪ ،‬اصطالح‪ ،‬محاورا )‪ (Idioms‬چوڻيون ۽‬
‫ورجيسون آھن‪ .‬انھن جي استعمال سان ٻولي پرمطلب بنجي‬
‫ٿي‪ .‬ان جي ابتڙ سادي سپاٽ رھندي‪ .‬مثال طور ڪو ماڻھو چوي‬
‫تھ ”فالڻو سامان جي ڪھڙي سنڀال ڪندو؟“ ان بدران بامحاوره‬
‫جملو ھيئن ڪم آڻي سگھجي ٿو‪” :‬آنڊن جا واھي گدڙ!“ سنڌيَء‬
‫جي ھن سونھن جو ھڪ خاص باب ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي‪ .‬اِن‬
‫مطلب سان تھ اِھو سنڌيَء جو جوھر آھي‪.‬‬
‫اھڙيَء ريت نحوي ۽ صرفي خوبيون‪ ،‬خصوصيتون ۽‬
‫آراڌايون )‪ (varieties‬بھ ھڪ زبان الِء بنيادي ڍانچي مثل ھونديون‬
‫آھن‪ .‬ھن سلسلي ۾ سنڌي زبان جي گرامر جي مختلف پھلوئن‬
‫جو جائزو وٺڻ بھ ضروري ھو‪ .‬اھو ۽ لسانيات جي شاخن جو بھ‬
‫مختصرا جائزو ورتو ويو آھي‪ .‬ھي ٻھ باب آھن‪ .‬اڳ بھ ماھرن‬
‫ھن ضمن ۾ لکيو آھي‪.‬‬
‫ڪتاب جي آخري باب ۾ سنڌيَء جي ڪن مسئلن جو‬
‫ذڪر ڪيو ويو آھي‪ ،‬جيڪي گذريل پنجاھھ سالن ۾ پيدا ٿيا‬
‫آھن‪” .‬ٻوليَء جو بگاڙ بھ ٿيو آھي‪ ،‬ڇا واقعي بگاڙ چئبو يا ھڪ‬
‫ترقي يافتھ زبان ۾ لفظن کي اجاري‪ ،‬سنواري پنھنجو ڪرڻ‬
‫واري خاصيت سبب سڌارو‪ ،‬جيڪو پاڙون پختيون ڪري قائم‬
‫ٿي ويندو‪ .‬اِن کي فطري تبديلي سڏي‪ ،‬ڇڏي ڏجي يا ان کي‬
‫واقعي بگاڙ سمجھي درستگيَء الِء تجويزون ڏجن‪ .‬اڄ سنڌي‬
‫ڪھڙي منزل تي بيٺي آھي؟ چئلينجن جو مقابلو ڪري‬
‫سگھندي يا نھ؟“ اِن نڪتي تي ڪتاب جي تڪميل ٿئي ٿي‪.‬‬
‫زبان پنھنجي پر ۾ ھڪ مھاساگر آھي‪ .‬اِن ۾ ڪي قابل‬
‫ٽوٻا ۽ غواص ئي ٽٻي ھڻي مطلب جا موتي آڻي سگھن ٿا‪ .‬انھن‬
‫ھن کان اڳ بھ اونھي ۾ وڃي ماڻڪ ميڙيا آھن‪ .‬آٌء ڪناري تي‬
‫بيٺل ھڪ طالب آھيان‪ .‬ارادو پڪو اٿم‪ ،‬ان ڪري ھن سمونڊ ۾‬
‫ٽٻي ھڻي ماڻڪ ميڙڻ جي خواھش رکان ٿو‪ .‬سنڌيَء جي اصل‬
‫نسل ۽ بڻ بنياد جي تالش جاري آھي‪ .‬اڳ قائم نظرين جي بنياد‬
‫تي ھن ڪتاب ۾ چند ڳالھيون چيون اٿم‪ .‬مون کي اعتراف آھي‬
‫تھ آٌء ڪنھن نئين نظرئي جو باني نھ آھيان‪.‬‬
‫سنڌي زبان ۽ ان جي مختلف مطالعاتي شعبن جو ذڪر‬
‫ڪ ندي‪ ،‬ڪي حواال اھڙا بھ آھن‪ ،‬جن ۾ بحث جي ضرورت ٿي‪.‬‬
‫نھ تھ ڪنھن بھ شخصيت تي ارادي سان تنقيد نھ ڪئي اٿم‪.‬‬
‫اھو بھ عرض ڪري ڇڏيان تھ سنڌي زبان جا محقق ۽ ٻيا‬
‫ليکڪ مون کي پيارا آھن‪ .‬ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيَء‬
‫جي قائم ڪيل نظرئي تي بحث ٿيو‪ ،‬پر اول ھن ”سنڌي ٻوليَء‬
‫جي تاريخ“ لکي‪ ،‬پھريون قدم کنيو‪ .‬ان ڪري آٌء کيس سنڌي‬
‫زبان تي لکڻ وارن ۾ مھندار ڄاڻان ٿو‪.‬‬
‫مون ھن ڪتاب جو نالو ”سنڌي زبان جي ماھيت“ رکيو‪،‬‬
‫ان جي ڳالھھ ڪري آيو آھيان‪ ،‬پر مقدمي جي آخر ۾ ايترو‬
‫ورجائيندس تھ مراد اصل حقيقت پروڙڻ آھي‪ .‬جيئن خواجھ‬
‫سلطان االولياَء محمد زمان قدس سره فرمايو تھ‪” ،‬عجب جھڙي‬
‫آه‪ ،‬حقيقت حبيب جي“‪ .‬گرھوڙي صاحب ان جي تسلسل‬
‫۾ ”ماھيت“ لفظ ڪم آندو‪ ،‬ان جي اپٽار ڪري آيو آھيان‪.‬‬
‫پڙھندڙ سنڌي زبان جو جوھر پسن‪ ،‬ان کان اڳ آُء‬
‫پنھنجن انھن محققن جا ٿورا مڃڻ ٿو چاھيان‪ ،‬جن جي ڪتابن‬
‫مان مون استفادو ڪيو ۽ جن جا حواال ڏنا اٿم‪ .‬پيارن دوستن‪،‬‬
‫يونيورسٽيَء جي ساٿين ۽ شاگردن مان ڊاڪٽر انور فگار‬
‫ھڪڙي‪ ،‬ڊاڪٽر ھدايت پريم‪ ،‬ڊاڪٽر تھمينھ مفتي‪ ،‬ڊاڪٽر‬
‫غالم نبي سڌائي‪ ،‬ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي‪ ،‬ڊاڪٽر شڪنتال‬
‫سيواڻي‪ ،‬ڊاڪٽر ادل سومري‪ ،‬اياز عالم ۽ آخر ۾ ماه طيبھ ۽‬
‫روشن گل آھن‪ ،‬شاگرد ھجن تھ ھھڙا! ھڪڙا امتحان پاس ڪري‬
‫ڊگري وٺي ھليا وڃن‪ ،‬پر ڪن جو ڄڻ ازلي رشتو آھي‪ .‬انھن‬
‫سڀني جي محبت ۽ ساٿ سان منھنجو قلم ھلي ٿو ۽ ٻھ اکر‬
‫لکي سگھان ٿو‪.‬‬

‫ڊاڪٽر‬ ‫شھريار منزل بدين‬


‫عبدالجبار جوڻيجو‬
‫باب پھريون‬
‫زبانن جي وجود ۾ اچڻ وارا‬
‫نظريا‬
‫بمعني‬
‫ٰ‬ ‫زبان )‪ِ ،(Tongue‬ڄڀ کان وٺي جڏھن زبان‬
‫‪ Language‬جي مرتبي تي پھتي آھي‪ ،‬تھ اڄ اھا پنھنجي تڪميل‬
‫۽ گوناگونيَء سبب پياري تھ آھي‪ ،‬پر بحث ۽ تحقيق جي مرحلن‬
‫کي بھ طئي ڪندي اچي‪ .‬ٻولي ھڪ فطري ۽ سماجي زيور آھي‪،‬‬
‫جنھن سان انسان کي مزين ڪيو ويو آھي‪ .‬ھو ٻولي پنھنجي‬
‫ماحول مان حاصل ڪري ٿو‪ .‬پھرين ماُء جي ھنج ھن جي درسگاه‬
‫آھي‪ ،‬جتان ھو ٻولي شفقت جي ماکيَء سان مليل حالت ۾ حاصل‬
‫ڪري ٿو‪.‬‬
‫زبانون ڪيئن وجود ۾ آيون؟ ان الِء عالمن ڪي نظريا‬
‫پيش ڪيا آھن‪ ،‬جن جو تعلق انسان طرفان قديم ترين دؤر ۾‬
‫ڪڍيل آوازن سان آھي‪ .‬اھڙا مختلف آواز نڪرڻ سان اڳتي ھلي‬
‫زبان جي تشڪيل ٿي‪ .‬اھڙن نظرين مان ڪي ھي آھن‪َ :‬بو وو‬
‫وارو نظريو‪ ،‬ڦوه ڦوه وارو نظريو‪ -‬ڊنگ ڊانگ وارو نظريو ۽ يو‬
‫ھي ھو وارو نظريو‪ .‬اھڙا ڪي ٻيا بھ آواز ٿي سگھن ٿا‪ .‬ھن مان‬
‫مراد ھي آھي تھ آوازن مان ڪي سر‪ -‬تار‪ -‬آھنگ پيدا ٿيڻ سان‬
‫انسان جو ڌيان ايندڙ وقت الِء لفظن ۽ جملن جي تشڪيل ڏانھن‬
‫ويو(‪.)٠‬‬
‫جيئن انسان سماجي ۽ اقتصادي محاذن تي سڌرندو ويو‪،‬‬
‫تيئن ٻولي بھ وسيع‪ ،‬آسان ۽ شاھوڪار ٿيندي ويئي‪ .‬نھ رڳو‬
‫ٻوليَء جي واڌ ۽ ويجھھ ٿي‪ ،‬پر باھمي رابطي ۾ بھ وسعت آئي‪.‬‬
‫ٿورين جھنگلي ۽ اڻ سڌريل ٻولين کي ڇڏي ٻين ٻولين گھڻي‬
‫ترقي ڪئي آھي‪ ،‬۽ اھو سلسلو جاري آھي‪ .‬سائنسي ترقيَء بھ‬
‫ٻولين جي واڌ ويجھھ ۾ ھٿ ونڊايو آھي‪ .‬نھ رڳو لفظن جو‬
‫ذخيرو لساني ڏي – وٺ جي ڪري وڌيو آھي‪ ،‬پر سائنسي‬
‫موضوعن جي استعمال ۾ بھ اضافو ٿيو آھي‪ .‬ڪمپيوٽر بھ‬
‫نوان رنگ الئي ڇڏيا آھن‪ .‬اڄ جي نئين سماج ۾ ٻولي تعليم‪،‬‬
‫تربيت‪ ،‬تجارت ۽ رابطي جو اھم ۽ بنيادي ذريعو آھي‪ .‬ايئن دنيا‬
‫جي ڪل ڪاروبار جو وسيلو بھ ٻولي آھي‪.‬‬
‫دنيا جون مختلف زبانون ھاڻي گھڻي ترقي ڪري‬
‫چڪيون آھن‪ ،‬پر ساڻن ابتدا ۽ ارتقا جا بھ مرحال رھيا آھن‪.‬‬
‫مختلف نظريا جي محققن پيش ڪيا آھن‪ ،‬انھن کي ڪنھن حد‬
‫تائين مفروضا بھ چئي سگھجي ٿو‪ .‬ڇو جو جڏھن شعور ئي نھ‬
‫ھو يا اڄ واريون گوناگون ضرورتون ئي نھ ھيون تھ ڳالھائڻ‬
‫جو دائرو بھ محدود ئي ھوندو‪ .‬اشارن ۽ بي ترتيب آواز ڪڍڻ‬
‫ئي ڄڻ ٻولي ھئي‪ .‬ان ۾ فطري طور اظھار ڪيو ويو ھوندو‪،‬‬
‫پوِء اھو ڦوڦو يا ڊنگ ڊانگ جھڙا آواز ڪڍي ڪيو ويو ھجي تھ‬
‫بھ ممڪن آھي‪ .‬ان سان گڏ ڪيترا ٻيا آواز بھ ڪڍيا ويا ھجن‬
‫تھ ٿي سگھي ٿو‪ .‬ھن معاملي جو تفصيل محققن جي ڪتابن‬
‫۾ موجود آھي‪ .‬سنڌ جي اسڪالرن بھ اھڙا اشارا ڏنا آھن‪.‬‬
‫منھنجي محترم ۽ مھربان استاد پروفيسر علي نواز (مرحوم)‬
‫پنھنجي ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ ۾ اھڙو جائزو ڪجھھ‬
‫ھن ريت وروتو آھي‪:‬‬
‫سي‪ -‬ايل‪ -‬باربر لکي ٿو تھ ٻولين جي ابتدا بابت ڪن‬
‫عالمن ھيَء راِء ڏني آھي تھ ٻارن جي ٻولي‪ ،‬بنھھ پٺتي پيل‬
‫سماجن جي ٻولي‪ ،‬باندرن‪ ،‬بن مانسن جي ٻولين ۽ گونگن جي‬
‫اشاراتي ٻولين جو جائزو ورتو وڃي‪ .‬ڪوششون بھ ڪيون‬
‫ويون‪ ،‬پر بار آور نھ ٿيون(‪ .)٠‬انسان پھرين ڳالھائڻ ڪيئن‬
‫سکيو تنھن الِء عالمن نظريا )‪ (Theories‬قائم ڪيا آھن‪ ،‬اھي ھي‬
‫آھن‪:‬‬
‫‪ -٠‬بو وو وارو نظريو‬
‫‪ -٠‬ڦوه ڦوه وارو نظريو‬
‫‪ -٣‬ڊنگ ڊانگ وارو نظريو‬
‫‪ -٤‬يوھي ھو وارو نظريو‬
‫‪ -٥‬اشارن وارو نظريو‬
‫‪ -١‬سرتال وارو نظريو‬
‫‪ -٧‬ميل جول وارو نظريو‬
‫ھنن مختلف نظرين جي مختصر اپٽار ھيَء آھي‪:‬‬
‫بو وو وارو نظريو )‪:(The bow wow theory‬‬
‫ھن نظريي موجب ڄاتو ويو تھ انسان اول جانورن جا‬
‫آواز ڪڍڻ سکيو ھوندو‪ ،‬ان کان پوِء ڪجھھ ڦيرڦار سان ڳالھائڻ‬
‫سکيو‪ .‬جانورن ۽ پکين جا آواز ٻڌي اڳتي وڌيو‪ .‬جيئن ٻليَء ۽‬
‫ڪانو جا آواز‪ .‬ايئن ھن جي گفتگوَء جي لفظن ۾ ڪجھھ واڌارو‬
‫ٿيو ھوندو‪.‬‬
‫ڦوه ڦوه وارو نظريو )‪(The Pooh Pooh theory‬‬
‫ھن نظريي موجب ٻولين ۾ خوشيَء ۽ غم جي اظھار‬
‫وارا آواز پيدا ٿيا‪ .‬ھي آواز قديم انسانن کان بيساختھ نڪري‬
‫ويا ھوندا‪ ،‬انھن ۾ ڦوه ڦوه‪ ،‬ھون ھان‪ ،‬آھا وغيره جھڙا آواز‬
‫پھرين آيا ۽ انھن جي تجربي سان وڌيڪ آواز نڪتا ھوندا‪ .‬ھن‬
‫نظريي کي بھ محقق ڪمزور سمجھن ٿا‪.‬‬
‫ڊنگ ڊانگ وارو نظريو )‪:(The ding dong theory‬‬
‫باربر پنھنجي ڪتاب ‪ story of language‬۾ لکي ٿو تھ‪،‬‬
‫ھن نظريي کي ٽن ٽن واري آواز )‪ (voice‬۽ مفھوم )‪(meaning‬‬
‫جي وچ ۾ ھڪ رابطو ٿئي ٿو‪ .‬ان کي نمايان آواز ٽن يا ڊنگ‬
‫جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو ھوندو‪ .‬جيئن گھنڊ جو آواز اچڻ‪،‬‬
‫ھڪ سڏ آھي تھ اچو (ڪالس ۾) يا وڃو گھر!‬
‫يوھي ھو وارو نظريو )‪:(The yo he ho theory‬‬
‫ھن جو باني نوئري )‪ (Noire‬آھي‪ .‬ھي بھ ڄڻ ھڪ‬
‫مفروضو آھي تھ ماڻھن ھڪ ٻئي کي مخاطب ڪرڻ الِء ھي ھو‪،‬‬
‫ھا ھو ۽ ھون ھا جھڙا آواز ڪڍيا ھوندا‪ .‬ڪم ڪرڻ وارن ماڻھن‬
‫ڪم وقت مذڪوره آواز ڪڍيا ھوندا‪ .‬مزدور ٿڪ کان ڪنجھھ‬
‫طور بھ ھھڙو آواز ڪڍي ٿو‪.‬‬
‫اشارن وارو نظريو )‪:(The Gesture theory‬‬
‫ھن نظريي موجب ھيَء راِء قائم ڪئي ويئي تھ انسان‬
‫ڳالھائڻ‪ ،‬سکڻ کان اڳ ڪي اشارا ڪري پنھنجي ڳالھھ چوڻ‬
‫جي ڪوشش ڪئي ھوندي‪ .‬گونگا اشارن جا ئي محتاج آھن‪.‬‬
‫ھيَء ھٿن جي اشارن جي ٻولي آھي جا اڄ بھ ڳالھائڻ سان گڏ‬
‫ڪم اچي ٿي‪ .‬محققن جو خيال آھي تھ انسان ‪ ٣٥٢٢‬ق‪ .‬م ڌاري‬
‫ڳالھائڻ سکيو‪ .‬ان کان اڳ ھن پنھنجو مطلب ڪي ليڪا ڪڍي‬
‫۽ تصويرون ٺاھي ظاھر ڪيو ٿي‪ .‬مصر جون اھڙيون تصويرون‬
‫‪ / pictographs) (Hierogyphs‬ان جو يادگار آھن ۽ چين ۾ اھڙا‬
‫)‬ ‫تصويري لفظ اڄ بھ رائج آھن‪ .‬اڳ ماڻھوَء جي شڪل (‬
‫اڄ آسان )‪ (simplify‬ٿي ھيئن ( ) ڪم اچي ٿي‪ .‬ھڪ ٻھ ٽي الِء‬
‫) ڪم اچن ٿا‪ .‬ھن نظرئي کي بيشتر اسڪالرن‬ ‫اڄ بھ (‬
‫قبول بھ ڪيو آھي‪ ،‬پر چيني ٻوليَء ۾ ھي ھڪ حقيقت (۽‬
‫ثبوت) آھي‪ .‬الف ب موجود نھ آھي‪ ،‬پر تصويري لفظ )‪(words‬‬
‫موجود آھن‪ .‬جپاني ٻوليَء ۾ گھڻي ڀاڱي چين وارا لفظ موجود‬
‫آھن‪.‬‬
‫سر تار وارو نظريو )‪:(The Musical theory‬‬
‫ھن نظرئي جو باني اوٽو ييسپرسن )‪(Otto Jesperson‬‬
‫آھي‪ ،‬جنھن ھيَء ڳالھھ ڪئي تھ ڦوه ڦوه ۽ ٻيا نظريا زبان جي‬
‫اڪثر ابتدائي حصن بابت آھن‪ .‬زبان ڪيئن وجود ۾ آئي‪ .‬ان الِء‬
‫مددگار نھ آھن‪ .‬ييسپرسن جي خيال ۾ ابتدائي زماني ۾ ٻولي‪/‬‬
‫ٻولين ۾ ڪي وڏا‪ /‬ڊگھا لفظ ھئا‪ ،‬جي سرن جي وسيلي ظاھر‬
‫ڪبا ھئا‪ .‬ان ڪري جو ابتدائي گفتگو ۽ تحرير نظم ۾ ھئي ۽‬
‫سرائتي ھئي‪ .‬انسان بھ پھرين ڳائڻ سکيو‪ .‬ڳائڻ وارو نظريو بھ‬
‫ھڪ مفروضي وانگر لڳي ٿو‪ .‬جيئن سنڌ ۾ مسٽر محرم خان‬
‫يورپي ملڪن جي اھڙن حوالن سان مضمون لکي اھو ظاھر‬
‫ڪيو تھ اول ھڪ سر وارا راڳ وجود ۾ آيا ۽ پوِء وڌيڪ سرن‬
‫وارا (سماھي مھراڻ ‪٠١١٧‬ع)‪ ،‬اڃان بھ ڪي زبانون تحرير ھيٺ‬
‫نھ آيون آھن‪ .‬البت نظم ۽ ھم قافيھ تڪن جو اول اچڻ صحيح‬
‫آھي‪.‬‬
‫ميل جول وارو نظريو )‪:(The contact theory‬‬
‫ھي نظريو نسبتا تازو آيل آھي‪ .‬ھن جو باني‬
‫جي‪ .‬ريويس )‪ (J. Reves‬ھالينڊ جو رھاڪو ھو‪ .‬ھو لکي ٿو تھ‬
‫انسان جو انسان سان ابتدا کان الڳاپو آھي‪ .‬انھيَء ڪري ميل‬
‫ميالپ سان ٻوليون ھڪ صورت وٺن ٿيون‪ .‬ھن سلسلي ۾‬
‫انسان ۽ حيوان جو ابتدا ۾ حال ساڳيو رھيو‪ .‬رڙ ‪ /‬رنڀ بنيادي‬
‫لفظن (آوازن) ۾ اچي ٿي‪ .‬مختلف مرحلن مان اڳتي وڌي ڳالھھ‬
‫سڏ تائين پھتي‪ .‬سنڌيَء ۾ جي ھن مرحلي وارا لفظ ڳڻجن تھ‬
‫آُء‪ ،‬کاُء ۽ ٺاھھ وغيرھ ٿيندا‪ .‬ھيَء گرامر موجب امر جي صورت‬
‫آھي‪ .‬اِھي ڳالھيون اڳتي جي نحوي ۽ صرفي بناوتن تائين‬
‫پھچي نھ سگھيون(‪.)٣‬‬
‫زبان جي ھنن ابتدائي مرحلن جي مطالعي مان معلوم‬
‫ٿئي ٿو‪ ،‬تھ انسانن‪ ،‬حيوانن ۽ پکين جي روش ۾ بنيادي فرق‬
‫آھي‪ .‬ھن مطالعي کي انسان تائين محدود رکجي‪ ،‬تھ ڪجھھ‬
‫نتيجا نڪري سگھن ٿا‪ .‬حيوانن‪ ،‬پکين ۽ جيتن جڻين جا آواز‬
‫ٻڌون ٿا‪ ،‬پر انھن جي پروڙ نٿي پوي؛ باقي‪ ،‬ڪڪڙ‪ ،‬رڍ‪ ،‬ٻڪري‪،‬‬
‫مينھن ۽ ڳئون‪ ،‬گدڙ ۽ شينھن جي ڪڍيل آوازن مان ڪونھ‬
‫ڪو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا‪.‬‬
‫ذڪر ڪيل نظريا‪ /‬مفروضا جديد تحقيق ۾ مدد ڪونھ‬
‫ٿا ڏين‪ .‬زيب داستان الِء بيان ڪيا ويا آھن‪ .‬موجوده وقت جا‬
‫لساني ماھر‪ ،‬زبانن جي موجوده صورت ۽ جوڙجڪ کي وڌيڪ‬
‫اھميت ڏين ٿا‪ .‬ان سلسلي ۾ ‪ ٠٢ -٠١‬صدي عيسويَء ۾ قابل‬
‫قدر تحقيقون ٿيون آھن‪.‬‬
‫ٻارن ۽ جھنگلي خلق جي ٻولين جو اڀياس بھ چند نڪتا‬
‫ظاھر ڪري سگھيو آھي ۽ بس‪ .‬ھن بنيادي کوجنا کان پوِء ٻيو‬
‫اھم مرحلو زبانن جي خاندانن جو درپيش رھيو‪ .‬جنھن جو‬
‫مطالعو ھڪ قدم اڳتي ھو‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫‪ -٠‬جتوئي‪ ،‬علي نواز‪ ،‬علم لسان ۽ سنڌي زبان‪،‬‬
‫حيدرآباد ‪٠١١٣‬ع‪ ،‬ص ص ‪٣٢ -٠١‬‬
‫‪ -٠‬ايضا‪ ،‬ص ‪٠١‬‬
‫‪ -٣‬ايضا‪ ،‬ص ‪٣٢‬‬
‫باب ٻيو‬
‫زبانن جا خاندان‬
‫مغربي محققن ميريو پي )‪ (Mario pei‬۽ ٻين دنيا جي‬
‫مختلف خطن جي زبانن جا خاندان خطي وار يا خصوصيت وار‬
‫متعين ڪيا آھن‪ .‬ڊاڪٽر ميريو پي پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب‬
‫‪ word’s chief languages‬۾ لکي ٿو تھ‪” ،‬جيڪو ماڻھو انگريزي‪،‬‬
‫فرينچ‪ ،‬جرمني‪ ،‬اسپئنش‪ ،‬پورچوگيزي‪ ،‬اطالوي‪ ،‬روسي ۽‬
‫جپانيَء جو ٿورو گھڻو عملي تجربو رکي ٿو‪ ،‬سو سڄي دنيا‬
‫گھمي سگھي ٿو‪ .‬عربي ۽ چيني بھ ڄاڻي تھ وڌيڪ بھتر آھي(‪.)٠‬‬
‫جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان محققن طرفان ھن موضوع‬
‫تي گھڻو بحث ٿيو آھي ۽ تقسيم در تقسيم سبب ٻولين جي‬
‫ڪٽنبن ۽ ذيلي شاخن ۾ تبديلي بھ آئي آھي‪ ،‬پر ميريو پي جي‬
‫ڪيل تقسيم موجب دنيا ۾ ٻولين جا اٺ وڏا خاندان آھن‪ .‬اھي‬
‫آھن‪ :‬آريائي‪ ،‬سامي‪ ،‬چينائي‪ ،‬منگوليائي‪ ،‬مالئي‪ ،‬دراوڙي‪،‬‬
‫بانتوي ۽ اصلي آمريڪائي‪.‬‬
‫آريائي زبانن جا وري ٽي ڪٽنب آھن‪ :‬يورپي‪ ،‬ايراني ۽‬
‫ھندي‪ .‬ايئن يورپي زبانن جون وري ڇھھ شاخون آھن‪ :‬روماني‪،‬‬
‫جرماني‪ ،‬سيلٽائي‪ ،‬بالتائي‪ ،‬سلواني ۽ الباني‪.‬‬
‫روماني ڪٽنب ۾ فرينچ‪ ،‬اسپئنش‪ ،‬پورچوگيزي‪،‬‬
‫اطالوي ۽ روماني زبانون شامل آھن‪ .‬جرماني گروھھ ۾‬
‫انگريزي‪ ،‬ڊچ‪ ،‬جرمن‪ ،‬سوئيڊش ۽ ڊئنش سميت ڪي ٻيون‬
‫پاڙيسري زبانون شامل آھن‪ .‬سيلٽائي )‪ (celtic‬خاندان ۾‬
‫اسڪاٽش‪ ،‬آئرش ۽ ويلش وغيره شامل آھن‪ .‬بالتائي )‪(Baltic‬‬
‫ڪٽنب ۾ لٿوئني ۽ ليٽش ٻوليون داخل آھن(‪.)٠‬‬
‫سلوائي گروپ ۾ روسي‪ ،‬پولش‪ ،‬سالوڪ ۽ بلگيريائي‬
‫زبانون اچي وڃن ٿيون‪ .‬اھڙيَء طرح الباني گروپ ۾ الباني ۽‬
‫ٻيون ڀرپاسي جون زبانون شامل آھن‪.‬‬
‫ايراني خاندان ۾ فارسي‪ ،‬بلوچي‪ ،‬ڪردي ۽ پشتو اچي‬
‫وڃن ٿيون‪ .‬ھندي خاندان ۾ بنگالي‪ ،‬آسامي‪ ،‬ھندي‪ ،‬اردو‪،‬‬
‫مرھٽي‪ ،‬گجراتي ۽ سنھالي‪ /‬سنگھالي زبانون اچي وڃن ٿيون(‪.)٣‬‬
‫پروفيسر جتوئي‪ ،‬سنڌيَء جي باري ۾ لکي ٿو تھ‪” :‬سنڌي‪،‬‬
‫پنجابي‪ ،‬ملتاني ۽ ڪشميري زبانون وري انھيَء آريائي زبان‬
‫مان نڪتل ڏسجن ٿيون‪ ،‬جا ايراني ۽ ھندي خاندانن جي وچ‬
‫واري ڪڙي ھئي‪ .‬اسين ان کي سنڌو خاندان سڏي سگھون ٿا‪.‬‬
‫يورپ جي گھومو قوم جپسين جي ٻولي بھ ڦريل سنڌي‬
‫آھي(‪ “.)٤‬جپسين کي جرمنيَء ۾ سنڌي سڏجي ٿو‪.‬‬
‫سامي زبانن جي گروه ۾ عربي‪ ،‬عبراني‪ ،‬سرياني‪،‬‬
‫آرميني ۽ حبشي زبانون شامل آھن‪ .‬چينائي زبانن ۾ چيني‪،‬‬
‫ٿٻيٽي‪ ،‬برمي‪ ،‬ٿائي ۽ ٻيون زبانون شامل آھن‪ .‬منگوليائي گروپ‬
‫۾ منگولين‪ ،‬ترڪي‪ ،‬توراني‪ ،‬منچوريائي ۽ ڪوريائي شامل‬
‫آھن‪ .‬ماليائي خاندان ۾ ماليائي‪ ،‬جاوائي‪ ،‬ڀاشا (انڊونيشيا) ۽‬
‫ڪي آسٽريليا جون زبانون اچي وڃن ٿيون‪ .‬دراوڙي خاندان ۾‬
‫تامل‪ ،‬تيليگو‪ ،‬ڪنڙ‪ ،‬بروھڪي ۽ ماليالم شامل آھن‪ .‬بانتوي‬
‫خاندان ۾ سواھلي‪ ،‬بانتو ۽ ٻيون آفريڪي زبانون شامل آھن‪.‬‬
‫آمريڪائي گروھھ ۾ آمريڪا جي اصل رھاڪن ريڊ انڊين ۽‬
‫ٻين جون زبانون شامل آھن‪ .‬ايئن دنيا ۾ ڪي غيرمشھور‬
‫زبانون بھ ڪنھن نھ ڪنھن گروپ سان شامل ۽ ٺھڪندڙ‬
‫ھونديون(‪.)٥‬‬
‫ھي زبانن جا وڏا خاندان آھن‪ ،‬جن جو مطالعو ضروري‬
‫آھي‪ .‬انسان کي تھ موت جو ذائقو چکڻو ئي آھي‪ ،‬پر ڪي‬
‫زبانون رابطي ۾ نھ رھڻ ۽ ٻين زبانن مان لفظ نھ کڻڻ جي‬
‫ڪري مري وڃن ٿيون‪ .‬مغرب ۾ لئٽن ۽ مشرق ۾ سنسڪرت‬
‫انھن زبانن مان آھن‪ ،‬جي ڪتابن ۽ مندرن ۾ محدود ٿي رھجي‬
‫ويون ۽ عام خلق جون زبانون نھ رھيون‪ .‬لئٽن جا ڪافي لفظ‬
‫يورپي زبانن ۾ شامل ٿي ويا ۽ سنسڪرت بھ وڏن پنڊتن‪،‬‬
‫ودوانن ۽ محققن تائين محدود ٿي ويئي‪ .‬آل انڊيا ريڊيو تان‬
‫سنسڪرت ۾ نيوز بليٽن نشر ٿئي ٿي‪ .‬ان کي بھ ڪي سمجھو‬
‫سمجھن‪ .‬ڪي زبانون‪ ،‬ڳالھائيندڙن جي کوٽ سبب بھ آھستي‬
‫آھستي مري ويون‪ .‬انھن ۾ ريڊ انڊين جون ٻوليون اچي وڃن‬
‫ٿيون‪.‬‬
‫زبانن جي خاندانن جو مطالعو لسانيات جي شاگردن الِء‬
‫انھيَء ڪري بھ اھم آھي تھ ھو مختلف گروپن جي زبانن ۾‬
‫ھڪ جھڙايون يا نرااليون‪ /‬آراڌايون ڀيٽي سگھن ۽ خصوصيتن‬
‫جو اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي سگھن‪ .‬ھن الِء مختلف زبانن جي‬
‫حقيقي ڄاڻ بھ ضروري آھي‪ ،‬يعني متعلقھ زبانون ڳالھائڻ‪،‬‬
‫لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ اچن‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫& ‪(1) Mario A. Pei, world’s chief languages, George Allen‬‬
‫‪Linwin London, 1954, p.15.‬‬
‫‪ -٠‬علي نواز جتوئي‪ ،‬ص ص ‪.٠٣٧ -٠٣١‬‬
‫‪ -٣‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٠٣٧‬‬
‫‪ -٤‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٠٣٧‬‬
‫‪ -٥‬زبانن جي گروپن جو وچور ميريو پي ۽ جتوئي‬
‫صاحب جي ڪتابن جي مدد سان تيار ڪيو ويو آھي‪.‬‬
‫باب ٽيون‬
‫ننڍي کنڊ جون ڪي زبانون‬
‫ھي ننڍو‪ ،‬کنڊ ھند پاڪ ٻولين جي گھڻي تعداد ۽‬
‫رنگارنگيَء جي ڪري اڀياس الِء دلچسپ آھي‪ .‬مختلف زبانون‬
‫جيڪي ھڪ ئي خاندان مان ھجڻ ڪري سکڻ ۾ بھ آسان آھن‪.‬‬
‫قديم زبانن پالي ۽ پراڪرت (۽ ان جي قسمن) کي ڇڏي‬
‫سنسڪرت‪ ،‬عالمن ۽ پنڊتن جي اڀياس ھيٺ رھي آھي‪.‬‬
‫ھندوستان جي مختلف زبانن جي لفظن جي ذخيري جو‬
‫سرچشمو سنسڪرت آھي‪ .‬سڀني ۾ مقبول ھندي آھي‪ .‬ان جو‬
‫شبد ڀنڊار )‪ (vocabulary‬سنسڪرت مان ئي آھي‪ .‬ان ڪري ريڊيو‬
‫تان ھندي نيوز بليٽن ٻڌڻ واري الِء بھ سنسڪرت سمجھڻ آسان‬
‫آھي‪ .‬سنسڪرت ڪيتري قديم آھي‪ ،‬ان الِء پڪ سان ڪجھھ‬
‫چوڻ مشڪل آھي‪ .‬ڪاٿو لڳايو ويو آھي تھ ويدن واري )‪(vedic‬‬
‫سنسڪرت گھٽ ۾ گھٽ تھ بھ ‪ ٠٥٢٢‬سال ق‪ .‬م کان ھلندڙ‬
‫آھي‪ .‬رگ ويد اندازا ‪ ٠٥٢٢‬سال ق‪ .‬م جا لکيل آھن‪ .‬ان کان پوِء‬
‫پراڻن واري سنسڪرت اٽڪل ‪ ٠٢٢٢‬سال پوِء جي آھي‪ .‬ان کان‬
‫پوِء مشھور نحوي )‪ (Grammarian‬پاڻيني )‪ (Panini‬جو دور اچي ٿو‪.‬‬
‫سنسڪرت ۾ ڪيترا اھم شاستر بھ لکيا ويا‪ ،‬جن کي ھندو‬
‫ڌرم ۾ بنيادي حيثيت حاصل آھي‪ .‬سنسڪرت جي لپي )‪(Script‬‬
‫ديوناگري )‪ (Devanagri‬آھي‪.‬‬
‫مشھور شاستري‪ ،‬ڪي شري نواس آچاري لکي ٿو‬
‫معني‬
‫ٰ‬ ‫تھ‪” :‬لفظ سنسڪرت“ جيئن ھاڻ ڪم اچي ٿو‪ ،‬ان جي‬
‫آھي ”سٺو ڪيل ۽ صاف ٿيل“‪ .‬دنيا جا اھم ڪتاب ويد‪ ،‬ھن زبان‬
‫۾ لکيل آھن‪ .‬ان ڪري ھندوستان جي تاريخ‪ ،‬ثقافت ۽ ورثي‬
‫کي سنسڪرت جي مڪمل ڄاڻ کان سواِء سمجھڻ ناممڪن آھي‪.‬‬
‫ڀارت جي ماڻھن جو اِھو اعتقاد رھيو آھي تھ ھيَء ديوتائن جي‬
‫ٻولي (ديو ڀاشا ‪ /‬واڪ) آھي(‪.)٠‬‬
‫سنسڪرت ۾ ڌرمي ۽ سماجي لٽريچر ۽ شاعريَء جا‬
‫دفتر موجود آھن‪ .‬ڪن ڪتابن جو سڌو ‪ /‬اڻ سڌو سنڌيَء ۾ بھ‬
‫ترجمو ٿي چڪو آھي‪ .‬سنسڪرت جي ننڍن جملن ‪(simple‬‬
‫)‪ sentences‬جا مثال ھي آھن‪:‬‬
‫معني‬
‫ٰ‬ ‫جملو‬
‫ٻار سالم‬ ‫بال نم ِتي‬
‫ڪري ٿو‬
‫پٽ ڳالھائي‬ ‫پتره ودتِي‬
‫ٿو‬
‫گاجھھ (ھاٿي)‬ ‫(ٻڪري)‬ ‫اجھھ‬ ‫اِسم‬
‫(ڀولڙو)‬ ‫وانر‬ ‫(گھوڙو)‬ ‫اشو‬
‫(ڏسڻ)‬ ‫درش‬ ‫(ڊوڙڻ)‬ ‫ڌاو‬ ‫فعل‬
‫(پچائڻ‪-‬‬ ‫پچ‬
‫رڌڻ)‬
‫ڪي جمال سنڌيَء سان ڀيٽجن تھ دلچسپ ھڪجھڙا ۽ آسان‬
‫آھن‪ .‬مثال‪:‬‬
‫معني ٿيندي نوڪر‪/‬‬ ‫ٰ‬ ‫سيوڪ‪ ،‬آم پچ ِتي‪ ،‬سنڌيَء ۾‬
‫بورچي کاڌو رڌي (پچائي) ٿو‪ .‬لفظ سيوڪ‪ ،‬انم (ان)‬
‫پچتي‪/‬پچائي ظاھر بيٺا آھن‪ .‬لفظن جي ڀنڊار جي مدنظر ڳڻجي‬
‫تھ بيشمار لفظ سنڌيَء سان ملن ٿا‪ .‬سنسڪرت ۾ عربيَء وانگر‬
‫ٽي عدد (واحد‪ ،‬تثنيو ۽ جمع) آھن‪ .‬جيئن اھم (آٌء) آوام (اسين‪-‬‬
‫ٻھ) ۽ ويم (اسين سڀ)‬
‫بھرحال ھيَء قديم زبان ھڪ اثر انداز ٿيندڙ زبان رھي‬
‫آھي‪ ،‬ھن جو اثر موجوده ڏيھي ٻولين ھندي‪ ،‬سنڌي‪ ،‬پنجابي‪،‬‬
‫گجراتي ۽ راجسٿاني وغيره تي آھي‪.‬‬
‫ھندي‪:‬‬
‫ھندي زبان ۾ ‪ ٤٤‬حرف آھن‪ .‬ھيَء زبان ديوناگري‬
‫)‪ (Devanagri‬لپيَء ۾ لکي ويندي آھي‪ .‬بڻ بنياد جي بحث کان‬
‫قطعھ نظر رڪارڊ تي آھي تھ ھنديَء جو شبد ڀنڊار )‪(vocabulary‬‬
‫سنسڪرت مان آھي‪ .‬ھندي ۽ اردو ۾ فرق فقط لفظن ۽ لپيَء‬
‫جو آھي‪ .‬ھنديَء جي برخالف اردوَء ۾ گھڻا لفظ عربي‪ ،‬فارسي‬
‫۽ ترڪيَء مان (پوِء) آندل آھن ۽ عربي رسم الخط (لپيَء) ۾‬
‫لکجڻ ۾ آئي‪ ،‬نھ تھ اصل زبان ھندي ئي آھي‪ .‬ھن کي‬
‫ھندوستاني بھ سڏيو ويندو ھو‪ .‬ھنديَء ۾ پراڻي زماني کان‬
‫شاعر (ڪوي) ٿيا آھن‪ .‬جن مان ڪن جو غلغلو سنڌ ۾ بھ ٿيو‪.‬‬
‫شاھھ جي رسالي جو ”سر بيراڳ ھندي“ ان جو ثبوت آھي‪ .‬دادو‬
‫سورداس‪ ،‬تلسيداس‪ ،‬ڪبير‪ ،‬ميران ٻائي‪ ،‬سھجو‪ ،‬رجب جي ۽‬
‫ٻيا ڪيترا شاعر‪ ،‬ھن لڙھيَء ۾ آھن‪ .‬دوھا‪ ،‬ڀڄن توڙي پوئين‬
‫دؤر ۾ گيت بھ سنڌ تي اثرانداز ٿيو‪ .‬ڪبير چيو‪:‬‬
‫ڪبيرا آپ ٺگائيي‪ ،‬اور نھ ٺگيي‬
‫ڪوِء‪،‬‬
‫آپ ٺگي دک اوپجي‪ ،‬اور ٺگي دک‬
‫ھوِء‪.‬‬
‫ماٽِي ڪھي ڪمھار ڪو تو روندي‬
‫موھي‪،‬‬ ‫ھي‬
‫اِڪ دن ايسا آئي گا‪ ،‬مين روندون گي‬
‫توھي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫ساجن ھم تم ايڪ ھين‪ ،‬ديکن ڪي‬
‫دو‪،‬‬ ‫ھين‬
‫من سي من ڪو توليي ڪڀي نھ دو‬
‫ھو‪.‬‬ ‫من‬
‫سھجو ٻائيَء جا دوھا بھ نھايت پر اثر‪ ،‬رقت آميز ۽‬
‫جذبات سان پر آھن‪:‬‬
‫بانھن ڇڙائي جات ھو‪ ،‬نربل جان ڪي‬
‫موھي‪،‬‬
‫ھردئي مين سي جائوگي‪ ،‬تو مرد‬
‫توھي‪.‬‬ ‫بندوگي‬
‫‪-‬‬
‫نينھن سگا سوئي سگا‪ ،‬ھڊ سگا نا ڪوِء‪،‬‬
‫مان بيٺي تِريا جري‪ ،‬اچرج جگ ڪو ھوِء‪.‬‬
‫ميران ٻائيَء جا ڀڄن‪ ،‬گيت ۽ اندر جا آالپ ڪنھن کان‬
‫ڳجھا آھن! ھن ڀڄن تھ ھند سنڌ ۾ رنگ الئي ڇڏيا‪:‬‬
‫اي ري مين تو پريم ديواني‪ ،‬ميرا د ر د‬
‫ڪوِء‪،‬‬ ‫جاني‬ ‫نھ‬
‫سولي اوپر سيج ھماري‪ ،‬ڪس بِد سونا‬
‫ھوِء؟‬
‫ڀارت جي مختلف صوبن (پرانتين) کي پنھنجون زبانون‬
‫آھن‪ ،‬پر گھڻي ڀاڱي ھندي بھ رابطي جي زبان آھي‪.‬‬
‫گجراتي‪:‬‬
‫ھيَء سنڌ جي ڏکڻ‪ -‬اوڀر جي پاڙيسري زبان آھي‪ .‬ڪڇ‬
‫رياست اڄ ڀارت جي ھڪ ضلعي طور موجود آھي‪ .‬ڪڇي زبان‪/‬‬
‫محاورو سنڌيَء جو حصو بھ آھي‪ .‬گجراتي ھڪ جدا زبان آھي‪.‬‬
‫ڪڇي محاوري ۽ سنڌي زبان کي ويجھي بھ آھي‪ .‬سنڌ جي الڙ‬
‫واري ڀاڱي ۽ ڀڄ (اڳوڻي ڪڇ رياست جي راڄ ڌانيَء) جي وچ‬
‫۾ ڪڇ جو رڻ آھي‪ .‬ملڪ جي تقسيم کان اڳ اچ وڃ ۽‬
‫سڱابنديون بھ عام ھيون‪ .‬بدين ۽ الڙ جي ٻين شھرن ۾ ڪڇي‬
‫خاندان آباد آھن‪ .‬مينگھواڙ ۽ ڪي ٻيون جاتيون ڪڇي ڳالھائين‬
‫ٿا ۽ ڪاريا گجراتي‪ /‬ڳزراتي ڳالھائين ٿا‪.‬‬
‫گجراتيَء کي پنھنجي لپي آھي‪ ،‬جيڪا ديوناگريَء سان‬
‫ملي ٿي‪ .‬سنڌيَء سان گجراتيَء جي ڀيٽ ڪجي تھ ھڪڙو‬
‫معني ۽ جملي جي سٽاَء ڄاڻڻ الِء ڪافي آھي‪:‬‬
‫ٰ‬ ‫ھيٺيون مثال‬
‫سنڌي‬ ‫گجراتي‬
‫باندر ويٺو آھي‬ ‫واندرو ٻيٺو ڇي‬
‫پنجابي‪:‬‬
‫پاڪستان ۾ پنجابي‪ ،‬عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي‬
‫ٿي ۽ ڀارتي پنجاب ۾ گرمکي رسم الخط ۾ لکجي ٿي‪ .‬پنجابي‬
‫زبان ۾ گرونانڪ ۽ ٻين سک گروئن جي ڪالم سميت شاھھ‬
‫بلھي شاھھ‪ ،‬وارث شاھھ‪ ،‬ميان محمد بخش‬ ‫ٰ‬ ‫حسين‪ ،‬دمودر‪ ،‬بابا‬
‫۽ ٻين ڪيترن شاعرن جا ابيات‪ ،‬ڪافيون‪ ،‬سي حرفيون‪ ،‬باره‬
‫ماسا ۽ ٻين صنفن ۾ ڪالم موجود آھي‪ .‬پنجابي بھ صرف و‬
‫نحو جي مدنظر سنڌيَء سان ملي ٿي‪ .‬ھيَء زبان موجوده وقت‬
‫تحرير جي لحاظ کان ترقي يافتھ نھ آھي جو پنجاب (پاڪستان)‬
‫۾ تعليم جي ابتدائي ذريعي طور اردوَء کي اختيار ڪيو ويو‬
‫آھي‪.‬‬
‫پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ طرفان ڪي ڪتاب ۽ ادبي‬
‫رسالو نڪري ٿو‪ ،‬جيڪو ڀارت جي ادبي دنيا سان بھ منسلڪ‬
‫رھندو اچي‪.‬‬
‫سرائيڪي‪:‬‬
‫ھيَء زبان پنجاب جي ڏاکڻئين حصي جي ھڪ اھم زبان‬
‫آھي‪ .‬خواجھ غالم فريد‪ ،‬مولوي لطف علي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر‬
‫۽ اديب آھن‪ ،‬جن ھن زبان جي چمن جي آبياري پئي ڪئي آھي‪.‬‬
‫خواجھ فريد جي ڪالم ۾ ڪي سنڌي ڪافيون بھ آھن‪ ،‬ڇو جو‬
‫سندس وڏن جو اصل وطن سنڌ ھئي‪ .‬پنجاب ۾ سرائيڪي زبان‬
‫جي مڃتا نھ آھي ۽ سرائيڪيَء کي پنجابيَء جو ھڪ محاورو‬
‫)‪ (dialect‬ڪري ڄاتو وڃي ٿو‪ .‬ڊاڪٽر شھباز ملڪ پنھنجي‬
‫تاليف ”پنجابي ڪتابيات“ ۾ سچل سرمست جي سرائيڪي ڪالم‬
‫کي بھ پنجابي ڪري لکيو آھي‪.‬‬
‫راجسٿاني‪:‬‬
‫راجسٿان‪ ،‬اوڀر ۾ ٿر سان متصل آھي‪ .‬ٿر سان لساني ۽‬
‫ثقافتي طور الڳاپيل بھ آھي‪ .‬ٿري محاوري ۽ ڍاٽڪي زبان سان‬
‫بھ سرحد پار (ڀارت) لساني الڳاپا آھن‪ .‬جوڌپور ۽ جئپور جي‬
‫ريڊيو نشريات ٻڌي ۽ ‪٠٢٢٥‬ع ۾ پنھنجي ڀارت جي سفر ۾‬
‫راجسٿان جي قيام دؤران مون اھو محسوس ڪيو تھ سنڌ‪-‬‬
‫راجسٿان سرحدن جي ٻنھي پاسي لساني مائٽي‪ ،‬جيڪا صدين‬
‫کان ھلندي اچي‪ ،‬سا اڄ بھ پڪي آھي‪ .‬سفري رابطا ٿيڻ سان‬
‫اڃان بھ ھيَء مائٽي پڪي ٿيندي‪.‬‬
‫سنڌي زبان جي قديم دؤر جو ھي دوھو بھ ھڪڙو پيغام‬
‫ڏي ٿو‪:‬‬
‫ڀال ھئا جھ ماريا‪َ ،‬بھڻ مھارا‬
‫ڪنت‪،‬‬
‫لجيجن ويسئي‪ ،‬جي آيا گھر من‬
‫انت‪.‬‬
‫انومان لڳايو ويو آھي تھ ھي دوھو ذڪر ڪيل ايراضيَء‬
‫جو آھي‪ .‬دوھي جي وزن جي سلسلي ۾ بھ ھنديَء سان گڏ ڊنگل‬
‫(ڏنگل‪ )Dingal -‬۽ گجراتي جون ٻھ ھيئتون تڻويري دوھو ۽ بڙو‬
‫دوھو سنڌ سان ھم آھنگ آھن(‪.)٠‬‬
‫بھرحال باضابطھ مطالعي سان سنڌي ۽ راجسٿانيَء جي‬
‫لساني رابطن بابت وڌيڪ يقين سان ڪجھھ چئي سگھبو‪.‬‬
‫ٻيون ٻوليون‪:‬‬
‫ھنن زبانن کان سواِء پاڙيسري ٻوليون ٻيون بھ آھن‪،‬‬
‫جن جو سنڌيَء سان لساني‪ ،‬صوتياتي ۽ سٽاَء جي ھڪجھڙائي‪،‬‬
‫۽ ڪٿي فرق بھ آھي‪ .‬انھن ۾ ڪشميري‪ ،‬گجري‪ ،‬مراٺي‪،‬‬
‫ڊوگري‪ ،‬بنگالي ۽ ڀوڄپوري وڌيڪ اڀياس جي تقاضا ڪن ٿيون‪.‬‬
‫ڏکڻ ڀارت ۾ دراوڙي خاندان جون ٻوليون بھ آھن‪ .‬اھي‬
‫سنڌ کان گھڻو پري بھ آھن‪ .‬انھن ۾ تامل‪ ،‬تيليگو‪ ،‬ڪنڙ ۽‬
‫ماليالم اچي وڃن ٿيون‪ .‬مون ‪٠٢٢٥‬ع ۾ پنھنجي سفر دوران‬
‫بنگلور‪ ،‬حيدرآباد دکن ۽ ٻين شھرن ۾ اِنھن ٻولين جا آواز ٻڌا‬
‫۽ محسوس ڪيم تھ ڏکڻ جي زبانن جو بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ‬
‫مطالعو ڪجي‪ ،‬جيئن آريائي ۽ دراوڙي الڳاپي جي پروڙ پوي‪.‬‬
‫اھو تڏھن جڏھن لساني ماھر ٻوليون بھ سکن‪ ،‬خالي ڪتابن جا‬
‫حواال ڪافي نھ آھن‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫‪ -٠‬شري نواس آچاري‪ ،‬ڪي ‪ ،Learn Sanskrit‬باالجي‬
‫پبليڪيشنز‪ ،‬مدراس (چنئي) ‪٠١٣٥‬ع‪ ،‬ص ‪.٠٠‬‬
‫‪2- Jotwani, Motilal, Shah Abdul Latif, His Life & Work,‬‬
‫‪Shah latif Cultural Centre, 2006, pp.75-78.‬‬
‫باب چوٿون‬
‫سنڌيَء جو ُبڻ بنياد‬
‫سنڌ جي آڳاٽن رھاڪن جي رھڻي ڪھڻي ڪھڙي ھئي‪،‬‬
‫اھا آثار قديمھ جي ماھرن جي کوجنائن مان ڪجھھ نھ ڪجھھ‬
‫ظاھر ٿيندي آئي آھي تھ بھ سنڌ جي آڳاٽن رھاڪن جي زندگيَء‬
‫۽ زبان جا اھم پھلو اڃان اجاگر ڪونھ ٿيا آھن‪” .‬تاريخ کان اڳ‬
‫واري زماني ۾‪ ،‬جيڪو پٿر وارو زمانو سڏجي ٿو‪ ،‬تنھن جي‬
‫دؤران ڪي اھڙيون شيون مليون آھن‪ ،‬جن کي نئين پٿر واري‬
‫دؤر سان تعبير ڪيو ويو آھي(‪“.)٠‬‬
‫ھي عنوان سنڌيَء الِء ھڪ اھم ۽ بنيادي عنوان آھي‪.‬‬
‫محققن‪ ،‬شاگردن ۽ عام مطالعو ڪندڙن ھن عنوان ۾ شروع‬
‫کان گھڻي دلچسپي پئي ورتي آھي‪ .‬مون سنڌيَء جي ھڪ طالب‬
‫علم جي حيثيت سان ابتدا کان ھن عنوان تي پئي سوچيو آھي‪.‬‬
‫فقط سنڌيَء جي محاورن )‪ ،(dialects‬اچارن ۽ انھن سان الڳاپيل‬
‫ڪن پھلوئن تي مضمون ۽ مقاال لکيا ھئم‪ .‬سوچيندو رھيس ۽‬
‫ڪن نڪتن جا ڊائريَء ۾ نوٽس وٺندو رھيس‪ .‬سنڌي زبان تي‬
‫ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪندي‪ ،‬ھاڻي ابتدا ڪئي اٿم‪ .‬تھ بڻ بنياد‬
‫وارو معاملو بنيادي اھميت جو محسوس ٿيم‪.‬‬
‫ھن کان اڳ جن بھ عالمن سنڌي زبان جي اصل نسل ۽‬
‫ُبڻ بابت لکيو آھي‪ ،‬تن مان ڪي ٿورا قديم زبانن جا ڄاڻو ھئا‪/‬‬
‫آھن‪ .‬انھن مان ڪن ڪتابن جي ٽيڪ سان لکيو تھ ھيَء ڳالھھ‬
‫سنڌيَء ۾ ھيئن آھي‪ ،‬سنسڪرت ۾ ھونئن! ڇا سڀني کي‬
‫سنسڪرت جي حقيقي ڄاڻ ھئي‪ /‬آھي؟ ھو لکي پڙھي ۽ ڳالھائي‬
‫سگھندا ھئا‪ /‬آھن؟ ھن سوال جو جواب يقينا اِھو آھي تھ فقط‬
‫ڪو ھڪ ھن سلسلي ۾ نمايان رھيو‪ /‬آھي‪ .‬نھايت احترام سان‬
‫آٌء سڀني محققن ۽ عالمن کي پوِء بھ داد ڏيان ٿو؛ پر ھي نڪتو‬
‫وڌيڪ اھم ۽ بنيادي نوعيت جو آھي تھ سنسڪرت ۽ ٻيون‬
‫قديم ٻوليون ڄاڻڻ جي ھڪ سطح تمام ضروري آھي‪ .‬آٌء‬
‫سنسڪرت کي ھن سلسلي ۾ وڌيڪ اھميت ڏيان ٿو‪ .‬ان ڪري‬
‫ئي مون اندازا ‪٠١٣٣‬ع کان وٺي ديوناگري لپي سکڻ شروع‬
‫ڪئي‪ .‬ڪي ڪتاب ھت ئي مليا‪ .‬ھندي سکڻ الِء ڪتاب ان سال‬
‫ئي لنڊن مان ورتم‪ .‬ھڪ ڪتاب سنسڪرت سکڻ الِء بھ ورتم‬
‫۽ ڊڪشنري بھ‪٠٢٢٢ .‬ع ۾ دھليَء مان بھ ڪي ڪتاب ورتم‪.‬‬
‫ايئن مطالعو ڪندي‪ ،‬سنسڪرت ۽ ھندي بھ سکي ورتم‪ .‬ان‬
‫ڪري بھ ھمت وڌي ۽ سنڌيَء جي ُبڻ بابت لکڻ جو حوصلو ٿيو‪.‬‬
‫مون کي احساس آھي تھ ھن دشت ۾ ُبڻ بنياد جي تالش ڪندي‪،‬‬
‫سنسڪرت سان مکا ميلو ٿيڻ اڻ ٽر آھي‪ .‬آٌء پنھنجي مطالعي‬
‫جو تت ھن باب جي آخر ۾ ڏيندس‪.‬‬
‫ڀيرومل کان وٺي جن بھ عالمن سنڌيَء جي بڻ بنياد‬
‫بابت لکيو آھي‪ ،‬تن سچ تھ وڏي جاکوڙ ۽ کاھوڙ ڪئي آھي‪.‬‬
‫انھن جي ڪڍيل نتيجن ۾ بنيادي ۽ ڪيئي جزوي فرق بھ آھن‪.‬‬
‫آٌء انھن جو دل جان سان قدر ڪريان ٿو‪ .‬سڀني جي پيش ڪيل‬
‫نظرين جو مطالعو ڪندي‪ ،‬آخر ۾ آٌء پنھنجي راِء ‪ /‬تجويز ڏيندس‬
‫جيڪا آئندي الِء بحث جوڳي ھوندي يا نھ اِھو محققن تي ڇڏيل‬
‫آھي‪.‬‬
‫ڀيرومل مھرچند آڏواڻي (‪٠١٥٣ -٠٣٣١‬ع)‪ ،‬جنھن کي پيار‬
‫وچان ڪاڪو ڀيرومل بھ سڏيو ويندو آھي‪ ،‬تنھن سنڌ جي زبان‪،‬‬
‫ثقافت‪ ،‬لطيفيات ۽ تاريخ بابت ڪيترا مقاال لکڻ سميت اندازا‬
‫‪ ٤٥‬ڪتاب لکيا‪ ،‬جن ۾ ”سنڌي ٻوليَء جي تاريخ“‪” ،‬قديم‬
‫سنڌ“‪” ،‬گلقند“‪” ،‬سنڌ جو سيالني“‪” ،‬لطيفي سير“‪” ،‬غريب‬
‫اللغات“ ۽ ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ اھم آھن‪ .‬پھرين ٻن ڪتابن‬
‫۾ ھن سنڌي زبان ۽ سنڌ جي رھاڪن جو خصوصي بيان ڪيو‬
‫آھي‪.‬‬
‫ٻوليَء جي تاريخ ۾ ڪاڪي ڀيرومل آرين بابت مختصر‬
‫بيان آندو آھي‪ ،‬پر ”قديم سنڌ“ ۾ تفصيل سان آرين جو ذڪر‬
‫ڪيو اٿس‪ .‬آڳاٽا آريا لوڪ اصل ڪٿي جا ھئا ۽ انھن جا عقيدا‬
‫ڪھڙا ھئا‪ .‬ان الِء ھتان جي ماڻھن ۽ يورپ جي ماڻھن جي‬
‫ويچارن بابت اٿر ويد مان ھڪ مثال ڏيندي ڪاڪو ڀيرومل لکي‬
‫ٿو تھ‪” :‬آڳاٽن آرين آڪاس يا آسمان کي ديوس پتر (ابو آڪاس)‬
‫۽ آڪاس جي مکيھ ديوتا (ورڻ ديوتا) کي ساري جھان جو پيُء‪،‬‬
‫پرٿوي يا ڌرتيَء کي ماُء سڏيو؛ سو اڳي شاعراڻي خيال‬
‫وچان(‪ “.)٣‬اِن خيال کي مشھور يوناني شاعر ھومر )‪(Homer‬‬
‫ھوبھو پنھنجي نظم ۾ ظاھر ڪيو(‪ .)٤‬اِھا ڳالھھ ڪنھن نھ‬
‫ڪنھن طرح قديم رابطا ظاھر ڪري ٿي‪.‬‬
‫ھن سلسلي ۾ جيڪا بھ تحقيق ٿي آھي‪ ،‬ان ۾ آرين جو‬
‫نالو ضرور اچي ٿو‪ .‬اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي تھ‬
‫آريا اصل ڪٿي جا ھئا‪ .‬اتان ھو ڪيڏانھن پکڙيا‪ .‬يورپي محققن‬
‫اِن سلسلي ۾ پھرين مطالعو ڪيو ۽ پنھنجا ڪڍيل نتيجا ظاھر‬
‫ڪيا‪ .‬سر وليم جونس‪ ،‬فرائسز باپ‪ ،‬لوڪ مايھ تلڪ‪ ،‬مئڪس‬
‫ملر ۽ ٻين ڀارت ورش جي ويدن جو اڀياس ڪري‪ ،‬سنسڪرت‬
‫سان يورپي ٻولين جي ڀيٽ ڪري‪ ،‬اھو ڄاتو تھ قديم ھند ۽‬
‫يورپ جي رھاڪن جا ابا ڏاڏا ڪنھن ھڪڙي ھنڌ رھيا ھوندا ۽‬
‫اتان مختلف خطن ۾ پکڙيا‪ .‬اِھي ئي آريا آھن (‪ .)٥‬مختلف نظرين‬
‫موجب انھن جو ماڳ اتر قطب کي ويجھو‪ ،‬ميرو پربت‪ ،‬وچ‬
‫ايشيا يا ڪٿي اسڪينڊينيويا ڄاتو ويو‪ .‬ڪيترين قومن پاڻ کي‬
‫آريا سڏائڻ ۾ فخر ڄاتو‪ .‬جرمنيَء جي رھاڪن چيو اسين آريا‬
‫آھيون‪ ،‬تھ پوِء سڄو مشرقي ۽ مغربي يورپ ڇونھ آريو ھجي!‬
‫افغان بادشاھھ ظاھر شاھھ جي زماني ۾ افغانستان بھ آريا ھجڻ‬
‫جو دعويدار ھو‪ .‬آريانا ايئرالئن ڄاتي ويئي‪ .‬ايران جي اڳوڻي‬
‫شھنشاھھ جو نالو ھيئن لکيو‪ ،‬پڙھيو ويندو ھو‪” :‬آريا مھر رضا‬
‫شاھھ پھلوي“ ‪.‬‬
‫ايرانين جي پنھنجين کوجنائن ۽ دعوائن موجب ڳالھھ‬
‫وري ھيئن بيٺي تھ‪” :‬ھندي آرين ۽ ايراني آرين جو تمدن ‪٧٢٢٢‬‬
‫ق‪ .‬م جو آھي‪ .‬اھي ھڪ ئي نسل مان آھن‪ .‬شروع ۾ ھنن ٽن‬
‫گروپن جي زبان ۽ عقيدا ساڳيا ھئا‪ .‬رگ ويد ۽ زند اوستا مان‬
‫انھيَء ڳالھھ جي ثابتي ملي ٿي تھ آريا قبل از تاريخ واري دؤر‬
‫۾ پامير جي واديَء ۾ گڏ رھيا آھن‪ ،‬پوِء ڪن سببن ڪري اتان‬
‫لڏ پالڻ شروع ٿي‪ .‬پامير جي ڏکڻ اولھھ ۽ وچ ايشيا مان ٻاھر‬
‫نڪري‪ ،‬ھند ۽ ايران جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويا(‪“.)١‬‬
‫ٻئي ايراني عالم ڊاڪٽر ذبيح هلل صفا بھ انھيَء ڳالھھ‬
‫جي پٺڀرائي ڪندي لکيو تھ‪” :‬ھند ۽ ايران جون قديم قومون‬
‫جيڪي پاڻ کي اِري يا ايئري (بھادر ۽ نجيب) سڏائن ٿيون‪ ،‬سي‬
‫انھن قبيلن مان آھن‪ ،‬جيڪي سنڌ ۽ گنگا جي وادين ۾ اچي آباد‬
‫ٿيون ھيون‪ .‬سي (اتان) ايران ۾ آيون‪ .‬انھن ايران کي آريا قوم‬
‫جو مسڪن سڏيو‪“)٧(.‬‬
‫ايران نالو اھو اشارو ڪري ٿو ۽ ھوڏانھن آئرلينڊ‬
‫)‪ (Ireland‬وارن جي بھ اِھا دعويٰ آھي تھ سندن ملڪ ”آرين جي‬
‫سرزمين“ آھي‪ .‬نالو اھا ڳالھھ ظاھر ڪري ٿو‪ .‬خير آرين تي تمام‬
‫گھڻي تحقيق ٿي آھي تھ بھ اڃان ڳالھھ گمان ۾ گڏيل آھي‪،‬‬
‫جڏھن پڌري ٿئي‪.‬‬
‫ھڪڙو عام رايو اھو بھ آھي تھ آريا اتر کان حملي آور‬
‫ٿيا ۽ ھند ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ھيٺ ڌڪي ڇڏيائون جيڪي اڻ‬
‫آريا‪ /‬اڻ سڌريل يا دراوڙ )‪ (Dravidians‬ھئا‪ .‬شايد خاص اشارو تامل‬
‫ناڊ‪ ،‬ڪرناٽڪا‪ ،‬ڪيراال ۽ دکن سميت ٻين ڏاکڻن عالئقن ڏانھن‬
‫ھجي‪ .‬ان ئي بنياد تي اعتبار ڪجي تھ جاتين‪ ،‬زبانن ۽ سنگيت‬
‫جا ٻھ گروپ ٺھي ويا‪.‬‬
‫پر جو اڻ سڌريل چيو ويو‪ ،‬اِھو تھ حملھ آور جي زبان‬
‫۽ ذھن کي ظاھر ڪري ٿو‪ .‬نھ رڳو ايترو‪ ،‬پر حملي آور‪ ،‬مقامي‬
‫ماڻھن کي ذھني طور بھ پستيَء طرف ڌڪيندا ويا‪ .‬اِھو عمل‬
‫اڄ بھ جاري آھي‪ .‬مذھب بھ اِن سلسلي ۾ اختيار ۾ نٿو آندو‬
‫وڃي‪ .‬سنڌ بھ اِھي ڏک برداشت ڪندي اچي‪ .‬ڪاڪي‬
‫ڀيرومل ’اڻاسو‘ لفظ جو ذڪر ڪندي اِن صورت حال جو جائزو‬
‫ورتو آھي‪ .‬ھو لکي ٿو تھ‪” :‬دراوڙن جي صاحبيَء ۾ آريا لوڪ‬
‫اتر ھندوستان تي ڪاھي آيا‪ .‬آرين ۽ دراوڙن جي وچ ۾ ڪي‬
‫جنگيون لڳيون تن جو رگ ويد ۾ جھجھو ئي ذڪر آھي‪ .‬آرين‬
‫ڌڪار وچان اڻ آريا لوڪن کي ڪرشڻ‪( ،‬سانورو يا ڪارو) داس‬
‫(غالم)‪ ،‬دسيو (رھزن) ۽ آناسا ڪوٺيو‪ .‬رگ ويد ۾ اناس لفط‬
‫رڳو ھڪ ڀيرو ڪم آيل آھي ۽ ھن وقت سنڌي ٻوليَء کان سواِء‬
‫ٻي ڪنھن بھ ٻوليَء ۾ اھو لفظ ڪونھي(‪“.)٣‬‬
‫معني ‪( Nose-less‬جنھن کي نڪ نھ‬ ‫ٰ‬ ‫عالمن ھن لفظ جي‬
‫معني اِھا‬
‫ٰ‬ ‫ھجي) ڪئي ۽ ڪن سنسڪرت عالمن ھن لفظ جي‬
‫ڪئي تھ جنھن کي وات نھ ھجي‪ .‬انھن ڏٺو تھ اھو لفظ آرين‬
‫جي سوچ موجب اڻ آرين الِء ڪتب آندو ويو جو ھو ويدن کي‬
‫معني ڦونٽي (نڪ جي)‬‫ٰ‬ ‫صحيح طور پڙھي نھ سگھندا ھئا‪ .‬ناس‬
‫معني ۾ جيڪو نود يا بي شرم ھجي‪ ،‬جنھن‬ ‫ٰ‬ ‫‪ Nostril‬اصطالحي‬
‫معني‬
‫ٰ‬ ‫کي ”ناس پتو“ نھ ھجي سو ٿيو اڻاسو‪ .‬اِھا عام ۽ آسان‬
‫آھي‪ .‬سچل سرمست ھڪ ھنڌ فرمائي ٿو‪:‬‬
‫ثابت سچل سچاري‪ ،‬يارن جي ياد‬
‫ياري‪،‬‬
‫وحدت جنين وساري‪ ،‬تن تن مٽي اڻاسي‪.‬‬
‫(‪)١‬‬
‫بھرحال ھي اشارو پنھنجي پر ۾ بھ ِچٽو آھي‪ .‬حقيقت‬
‫ھيَء آھي تھ زبانن جي اڀياس مان اھو معلوم ٿئي ٿو تھ مشرق‬
‫۽ مغرب جي ذڪر ڪيل خِطن جون زبانون ھڪ ٻئي کي قريب‬
‫رھيون آھن‪ .‬ان ڪري ھندي آريائي زبانن جي ڀيٽ ڪندي‬
‫ڪيترن لفظن ۾ ھڪ جھڙائي ڏٺي ويئي‪.‬‬
‫سنڌي زبان جو اصل نسل ڳوليندي سنسڪرت جو ذڪر‬
‫ضرور آيو آھي‪ .‬محققن سنسڪرت کي ڏيھي ٻولين جي ماُء‪ ،‬ناني‬
‫۽ پڙناني سڏيو‪ .‬جن اختالف ڪيو‪ ،‬تن چيو تھ سنسڪرت ڏيھي‬
‫ٻولين‪ /‬سنڌيَء جي ڌيَء آھي‪ .‬اِھو نظريو رد ڪرڻ وارن چيو تھ‬
‫سنڌي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪنھن زبان مان نڪتي‬
‫آھي‪ .‬ٻين لفظن ۾ آريائي نسل مان ‪ /‬سامي سٿ‪ /‬توراني نسل مان‬
‫آھي‪ .‬بھرحال ھي سڄو بحث ڊگھو آھي‪ .‬آٌء اڳتي وڌڻ خاطر ان جو‬
‫تت ھت آڻيان ٿو‪.‬‬
‫ھن وقت تائين سنڌي زبان جي اصل نسل ڄاڻڻ الِء‬
‫ماھرن جيڪا جاکوڙ ڪئي آھي‪ .‬ان کي جيڪڏھن حتمي ۽‬
‫فيصلھ ڪن نھ چئجي تھ بھ ماھر پيرين جي تالش جي جذبي‬
‫جو داد ڏبو‪ .‬گمان آھي تھ عيسوي سن جي ابتدا جي آس پاس‬
‫سنڌي يا سنڌ جي ڪا زبان موجود ھئي‪ .‬جنھن پوِء موجوده‬
‫سنڌيَء جي صورت اختيار ڪئي‪ .‬عرب سياحن ان کي سنڌي‬
‫زبان سڏيو آھي‪ .‬بشاري المقدسي ۽ االصطخريَء (‪ ٠٢ -١‬صدي‬
‫عيسويَء) جي تحريرن مان اِھو ڄاڻجي ٿو تھ سنڌي عام ڳالھھ‬
‫ٻولھھ جي زبان ھئي‪ .‬اِن لحاظ سان سياحن جي اچڻ کان گھڻو‬
‫اڳ ان صورت ۾ موجود ھوندي‪ .‬سومرن جي صاحبيَء (‪-٠٢٥٢‬‬
‫‪٠٣٥٢‬ع) ۾ سنڌي شعر بھ ميسر ٿيا آھن‪.‬‬
‫سنڌيَء کي شاخ سڏڻ جي باضابطھ ابتدا ڊاڪٽر ارنيسٽ‬
‫ٽرومپ پنھنجي ڪتاب سنڌي گرامر (‪٠٣٧٠‬ع) ۾‪ ،‬۽ گريئرسن‬
‫(‪٠١٤٠ -٠٣٥٠‬ع) پنھنجي ڪتاب ‪ Linguistic Survey of India‬۾‬
‫ڪئي‪ .‬ڪاڪي ڀيرومل ”سنڌي ٻوليَء جي تاريخ“ لکي گريئرسن‬
‫)‪ (Grierson‬جي راِء کي ھٿي ڏني‪ .‬ڪاڪي ڀيرومل جي تفصيلي‬
‫راِء ۾ اھو چيو ويو تھ سنسڪرت سڄي ڀارت ورش جي ھڪ‬
‫قديم زبان آھي‪ .‬ان جو ھر خطي ۾ عمل دخل رھيو آھي‪ .‬ھيَء‬
‫زبان جيئن تھ ھندن جي ڌرمي ڪتابن ويدن جي زبان ھئي ۽‬
‫پنڊتن ان کي ڪتابن ۽ مندرن تائين محدود ڪيو‪ ،‬ان ڪري عام‬
‫خلق کان ڪٽجي ويئي ۽ انھن جي ٻوليَء جو رخ بھ بدلجي ويو‪.‬‬
‫ڀيرومل ان تبديليَء کي آرين جو مڌيھ پرديش ۽ ٻين خطن ڏانھن‬
‫وڃي رھڻ سڏيو آھي(‪ .)٠٢‬محققن سنسڪرت جي مختلف تبديل‬
‫ٿيل صورتن کي ٽن دؤرن ۾ ورھايو آھي‪ :‬قديم‪ -‬وچولي ۽‬
‫آخرين‪ .‬اھا آخرين صورت ويدڪ سنسڪرت )‪(Vedic Sanskrit‬‬
‫سڏجي ٿي‪ .‬ان کان پوِء بھ تبديليون آيون ۽ پراڪرتون آيون‪.‬‬
‫خود ڀيرومل جيڪي سنسڪرت ۽ پراڪرت جون معنائون‬
‫ڏنيون آھن‪ ،‬تن موجب پراڪرت (فطري) پھرين ۽ سنسڪرت‬
‫(صاف ٿيل) پوِء اچڻ کپي‪ .‬ھن تي پوين عالمن بھ اشارا ڏنا آھن‪.‬‬
‫بھرحال ڪاڪي ڀيرومل ارتقاء جو مرحلي وار جيڪو خيال‬
‫ظاھر ڪيو آھي‪ ،‬ان جو چارٽ ھي ٿيندو‪:‬‬
‫سنسڪرت‬

‫پراڪرت‪ /‬پراڪرتون‬

‫شورسيني‬ ‫ماگڌي ارڌماگڌي‬ ‫مھاراشٽري‬

‫اپڀرنش‬
‫وراچڊ اپڀرنش‬
‫ھڪ تقسيم ۾ پئشاچي پراڪرات جو بھ نالو آيو آھي‬
‫۽ اپڀرنش جا بھ قسم ڄاڻايا ويا آھن‪ ،‬جن مان جدا جدا عالئقن‬
‫جون ڏيھي ٻوليون جنم وٺي چڪيون‪ .‬ھي فارمولو گھڻو وقت‬
‫ھليو‪ .‬زبان جي ارتقاء تي ڪم ڪرڻ وارا محقق بھ سوچيندا‬
‫رھيا‪ .‬ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٻوليَء جي اصل نسل جي‬
‫تالش ڪندي‪ ،‬ھڪ مقالو منظرعام تي آيو‪ ،‬جيڪو ‪٠١٥٢‬ع ۾‬
‫سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ الڙڪاڻي ۾ پڙھيائون‪ .‬ھي مقالو‬
‫ڪانفرنس جي روئداد ”تحفھ الڙڪاڻا“ ۽ پوِء سماھي مھراڻ (‪-٠‬‬
‫‪٠١٥١‬ع) ۾ بھ ڇپيو‪ .‬اِنھيَء نالي سان ڪتاب سنڌي ٻوليَء جي‬
‫مختصر تاريخ“ طور ‪٠١١٠‬ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو‪.‬‬
‫ھن ئي ڪتاب جا وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپا بھ شايع ٿيا‪.‬‬
‫آخري ڇاپي جو عنوان آھي‪’ :‬سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘‪ .‬ھي‬
‫ڪتاب ‪٠١١١‬ع ۾ شايع ٿيو‪ .‬ڊاڪٽربلوچ ٻوليَء جي ارتقائي‬
‫تاريخ کي چئن دؤرن ۾ ورھائي بيان ڪيو آھي‪ .‬اھي آھن‪ :‬قديم‬
‫دؤر‪ ،‬جنھن ۾ سنڌي يا سنڌ جون ڪي ٻوليون موجود ھيون‪ .‬ٻيو‬
‫بنيادي دؤر‪ ،‬جنھن ۾ موجوده سنڌيَء جي تشڪيل ٿي‪ .‬ٽيون‬
‫تعميري دؤر‪ ،‬جنھن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري ادبي ۽ لغوي‬
‫منزل ماڻي‪ ،‬۽ چوٿون علمي دؤر‪ ،‬جنھن ۾ مصنفن‪ ،‬محققن ۽‬
‫شاعرن جا علمي‪ ،‬ادبي ڪارناما صورت وٺي بيٺا(‪.)٠٠‬‬
‫ڊاڪٽر بلوچ‪ ،‬سنڌيَء جي بڻ بنياد جي باري ۾ بحث‬
‫ڪندي سنسڪرت مان سڌو نڪرڻ واري نظريي ۾ شڪ ظاھر‬
‫ڪندي‪ ،‬پادري شرٽ ۽ بشپ ڪالڊويل جا حواال آندا‪ .‬ان شڪ جا‬
‫اسباب ڪن مجھول فعلن‪ ،‬متحرڪ آوازن ۽ ڪن نج سنڌي‬
‫لفظن جي ھجڻ جي آڌار تي ھئا‪.‬‬
‫ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھي خيال پيش ڪيو تھ‪” :‬سنڌي‬
‫ٻولي سڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل نھ آھي‪ ،‬بلڪ‬
‫سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان‬
‫اسري‪ .‬اِھا ھند آريائي ٻولي آھي‪ .‬لھندا (سرائيڪي‪ ،‬بھاولپوري‪،‬‬
‫ملتاني‪ ،‬ديري والي‪ ،‬ھندڪو)‪ ،‬ڪشميري ۽ اترئين سنڌوماٿر‬
‫جون داردي ٻوليون ان جون ڀينرون آھن‪ .‬بودو باش جي لحاظ‬
‫کان اِھي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون ھند آريائي ٻوليون‬
‫آھن‪ ،‬پر سٽاَء ۽ تاريخي ارتقاَء جي لحاظ سان اِھي ھن برعظيم‬
‫جي ٻين ھند آريائي ٻولين کان نراليون آھن‪ .‬ڇاڪاڻ تھ انھن‬
‫جي بناوت ۽ اوسر ۾ منڊا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواِء ھند ايراني‬
‫۽ اولھھ کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آھي‪.‬‬
‫سنڌي انھيَء وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪانھي‪ ،‬جنھن جو اڳين‬
‫نحوين ذڪر ڪيو آھي‪ .‬سنڌيَء جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾‬
‫تيار ٿيو‪ .‬ان جو بڻ بنياد ان جو پنھنجو ئي موروثي سرمايو‬
‫آھي‪ ،‬جنھن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري پروٽو پراڪرت‬
‫يا پھرين پراڪرت تائين پھچي ٿي(‪“.)٠٠‬‬
‫اھوئي نتيجو ڪڍندي ڊاڪٽر بلوچ لکيو تھ‪” :‬سنڌ جي‬
‫قديم از تاريخ‪ ،‬تھذيب جي ٻوليَء جا آثار مئن جي دڙي جي‬
‫کنڊرات مان مليل مھرن ۾ محفوظ آھن‪ .‬انھيَء قبل از تاريخي‪،‬‬
‫قديم ٻوليَء جي حقيقت معلوم نھ ٿي سگھي آھي‪ .‬ٿي سگھي‬
‫ٿو تھ اھا ڪا سامي صفت ھجي‪ ،‬جيڪا عراق جي قديم سميري‬
‫تھذيب جي ٻوليَء جي ساٿياري ھئي‪ .‬مقامي طور ان جي‬
‫دراوڙي سلسلي سان نسبت ٿي سگھي ٿي(‪“.)٠٣‬‬
‫ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪڍيل ھنن نتيجن جي جواب‬
‫۾ سنڌيَء جي افسانھ نگار جناب سراج الحق ميمڻ بھ پنھنجا‬
‫خياالت ظاھر ڪيا‪ ،‬جن ۾ بڻ بنياد جي ڳالھھ ڪندي‪ ،‬ھن‬
‫موضوع تي ڊاڪٽربلوچ جي اوائلي مقالي (مھراڻ ‪٠١٥١ -٠‬ع)‬
‫سراج جي سوچ ۾ ڪي نيون ڳالھيون پيدا ڪيون‪ .‬بحث مباحثا‬
‫بھ ڇپيا‪ .‬آخر سراج جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ اپريل ‪٠١١٤‬ع ۾‬
‫شايع ٿيو‪ .‬ھي ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ جي نظريي ۽ سنڌي تمدن‬
‫بابت ظاھر ڪيل خياالت جي ردعمل کي بھ ظاھر ڪري ٿو‪.‬‬
‫بھرحال ترتيب ۽ موضوعن جي ڇنڊ ڇاڻ جي مدنظر محنت ۽‬
‫محبت سان لکيل آھي‪ .‬موھن جي دڙي جي ٻوليَء وارا آخري‬
‫ٻھ باب نوان ۽ قابل مطالعھ آھن‪.‬‬
‫سراج صاحب پنھنجي نظريي ۾ بنيادي ڳالھھ ھيَء چئي‬
‫آھي تھ‪” :‬سنڌي جيڪڏھن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرھون‬
‫منت آھي تھ سنسڪرت تي تھ سنڌيَء جو ان کان بھ وڏو قرض‬
‫آھي‪ .‬سنسڪرت تھ ھڪ طرح سان سنڌيَء جي ڄائي آھي‪ .‬سڌي‬
‫طرح نھ سھي‪ ،‬اڻ سڌي طرح سھي(‪.“)٠٤‬‬
‫سراج لفظن ۾ سنسڪرت جي ’ل‘ جو سنڌيَء ۾ ’ر‘ ۾‬
‫بدلجڻ واري نظريي کي بھ رد ڪري ٿو‪ .‬ان الِء تھ سنڌي‬
‫سنسڪرت جي ماُء آھي‪ ،‬نھ ڌيَء‪ .‬اِن سلسلي ۾ ٻوليَء جي‬
‫صوتي نظام ۾ ڪن سنڌي آوازن الِء لکي ٿو تھ‪” :‬اوھان‬
‫ھندوستان جي ڪنھن بھ حصي جي رھاڪوَء‪ ،‬بلڪھ دنيا جي‬
‫ڪنھن بھ ٻوليَء جي ڳالھائيندڙ ماڻھوَء کان ڳ‪ ،‬ڱ‪ ،‬ڃ‪ ،‬ڄ ۽ ڏ‬
‫اچارائي ڏسو‪ .‬وڃ کي چوندا ونج‪ ،‬وغيره (‪“.)٠٥‬‬
‫سنڌ ۾ اھو خيال اڳ ۾ سنڌيَء جي گھڻن حرفن ‪ /‬آوازن‬
‫الِء ظاھر ڪيو پئي ويو آھي‪ .‬پھرين ھندوستان (۽ پاڪستان) جي‬
‫ڳالھھ ڪريون تھ‪ :‬ڄ‪ ،‬ڃ‪ ،‬ڳ‪ ،‬ڏ سرائيڪيَء ۾ بھ آھن‪ .‬بلڪل‬
‫چٽا چٽا‪ .‬گجراتيَء ۾ ٻ ۽ ڏ موجود آھن‪ .‬اردو‪ /‬ھنديَء ۾ ڱ جو‬
‫آواز لفظ جي آخر )‪ (final position‬۾ اچي ٿو‪ .‬لکجي گ ٿو‪ .‬اچار‬
‫جي ڱ ٿو‪ .‬مانگ کي اردوَء ۾ مانڱ ڪري اچارجي ٿو‪ .‬ھنديَء‬
‫) الف‪ -‬ب ۾ موجود آھي ۽ سنسڪرت ۾ بھ‬ ‫۾ تھ ”ڱ“ (‬
‫موجود آھي‪ ،‬ڇوجو ٻئي ٻوليون ديوناگري لپيَء ۾ لکجن ٿيون‪.‬‬
‫دنيا ۾ ھلجي تھ چينيَء ۾ ڱ جو آواز لفظ جي آخر ۾ اچي ٿو‪.‬‬
‫ِچنڱ (مھربان)‪ .‬ھن ۾ گ نھ پر ڱ جو آواز چٽو ظاھر ٿئي ٿو‪.‬‬
‫انگريزيَء ۾ بھ لکجي گ (‪ (G‬ٿو‪ ،‬پر آخر ۾ ڱ جو آواز نمايان‬
‫آھي‪ Sing .‬۾ اچار سنگ نھ پر سڱ ظاھر بيٺو آھي‪.‬‬
‫ڃ‪ ،‬ڱ ۽ ڏ ويتناميَء ۾ بلڪل چٽا آھن‪ .‬ڃ شروع ‪(Initial‬‬
‫)‪ position‬۾ اچي ٿو‪ .‬ڃئون نالو آھي‪ .‬ڱئون بھ نالو آھي‪ .‬مونث‬
‫ڱئين آھي‪ .‬ھن نالي سان پيڪنگ ۾ منھنجي ڪالس ڀيڻ ھئي‪.‬‬
‫ڱئون ڪائوڪي آزاديَء کان اڳ ڏکڻ ويتنام جو ڪٺ پتلي‬
‫وزيراعظم ھو‪ NG .‬سان لکڻ ڪري مطالعو ٿيو آھي‪ .‬نگوئن‬
‫ناھي‪ ،‬ڱئون آھي‪ .‬بلڪل چٽو چٽو‪ .‬آُء ويٽ نامين سان پڙھيو‬
‫آھيان‪ .‬اِسٽور ۾ ھڪ ڪالس ڀيڻ شوڪيس تي ٺونٺيون‬
‫کوڙيندي مون کي چيو ھو تھ ”ڏ“ تھ اچاري ڏيکار‪ .‬منھنجو‬
‫جواب ھو‪” :‬ھل ڙي ڏيڏري“‪ .‬ويتناميَء ۾ ”ڏ“ چٽي چٽي موجود‬
‫آھي‪.‬‬
‫ھن نڪتي کان قطع نظر چينيَء ۾ ’تز‘‪ ،‬سر ۽ ٿِس آواز‬
‫“ سان لکجي ٿو‪ .‬بھرحال‬ ‫بھ آھن‪ .‬تز جرمن ۾ بھ آھي ”‬
‫ھي ھڪ جملو معترضو ھو ۽ وضاحت ضروري ھئي‪ .‬سراج‬
‫صاحب جي محنت کي داد ڏبو‪ .‬ھن جو ٻوليَء جي اصل نسل‬
‫بابت نظريو محنت سان بيان ڪيل آھي‪ .‬ان جو مطالعو ڪرڻ‬
‫سنڌي زبان جي طالبن ۽ عاشقن کي‪ ،‬ليکڪ جي ڏنل دليلن جي‬
‫روشنيَء ۾ ڪرڻ کپي‪ .‬آٌء سندس موقف ورجايان ٿو‬
‫تھ‪” :‬سنسڪرت سنڌيَء جي ڄائي آھي‪“.‬‬
‫ڀارت ۾ جن ماھرين لسانيات ھن ڏس ۾ يا ٻوليَء جي‬
‫گرامر ۽ ٻين پھلوئن تي ڪم ڪيو آھي‪ ،‬انھن ۾ جيرام داس‬
‫دولت رام‪ ،‬ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي‪ ،‬لڇمڻ خوبچنداڻي‪ ،‬پوپٽي‬
‫ھيراننداڻي‪ ،‬ليلو رچنداڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا‪ .‬سنڌ ۾ سنڌي زبان‬
‫جي بڻ بنياد بابت ڊاڪٽر غالم علي االنا جو نظريو آھي‪ .‬ھن‬
‫خاص طور ڊاڪٽر رابرٽ ڪالڊويل جي گرامر جي آڌار تي‬
‫سنڌيَء کي غيرآريائي زبان قرار ڏنو ۽ انھيَء آڌار تي ڪالڊويل‬
‫جي ڪتاب وارا دليل ڏنائين‪ .‬سندس تحقيق موجب سنڌيَء جو‬
‫شجرو ھن ريت بيٺو‪:‬‬
‫توراني ٻولي‬

‫موھن جي دڙي واري ٻولي‬

‫سئندو‬ ‫بروھڪي‬ ‫دڙاوڙي‬

‫قديم سنڌي‬

‫وچئين دور واري سنڌي‬


‫ھاڻوڪي سنڌي (‪)٠١‬‬
‫ماھرن جي ھنن چئن اصل نسل وارن نظرين مان ڪنھن‬
‫کي بھ رد ڪرڻ جي حيثيت ۾ نھ آھيان‪ .‬منھنجا ڪي دليل ھن‬
‫ريت آھن تھ ماھرن کي متعلقھ ٻوليون مڪمل طور اچڻ کپن‪.‬‬
‫ھتي سڄو ممڻ سنسڪرت جي سر تي متل آھي تھ ڀيٽ الِء‬
‫سنسڪرت اچڻ کپي‪ .‬ڪتابن مان لفظ‪ ،‬عدد ۽ جمال نقل ڪري‬
‫ڏيڻ سان ڳالھھ اڌوري رھندي‪ .‬جي قبول آھي تھ بھ سنسڪرت‪،‬‬
‫جي رد آھي تھ بھ سنسڪرت! جي ماُء آھي تھ بھ سنسڪرت‪،‬‬
‫جي ڌيَء آھي تھ بھ سنسڪرت! ۽ وري ڀيڻ بھ ويچاري‬
‫سنسڪرت!!‬
‫آٌء سنسڪرت کي اکيون بند ڪري ٻولين جي ماُء سڏڻ‬
‫نٿو گھران‪ ،‬پر قبول ڪرڻ‪ /‬نھ ڪرڻ الِء اھڙن دليلن جي گذارش‬
‫ڪريان ٿو تھ ھر صورت ۾ سنسڪرت (ھڪ مئل زبان ئي سھي)‬
‫سکڻ کان پوِء ڪا ڳالھھ وثوق سان چئي سگھبي‪ .‬سنسڪرت‬
‫لپيَء سميت سکڻ کان پوِء پنھنجا ڪجھھ تاثرات مثالن جي‬
‫صورت ۾ ڏيئي‪ ،‬آٌء ھن باب جي پڄاڻيَء تي اچان ٿو‪ .‬ٻولين ۾‬
‫اسمن )‪ (Nouns‬جي ڏي وٺ گھڻي کان گھڻي ٿئي ٿي‪ .‬اثر ۽‬
‫رابطي )‪ (Language in Contact‬جي ڪري اھڙا ثر وٺندڙ انگريزي‬
‫اسمن‪ ،‬ٽيبل‪ ،‬چيئر‪ ،‬گالس‪ ،‬مئجسٽريٽ‪ ،‬جج‪ ،‬ايڊووڪيٽ‪ ،‬اپيل‪،‬‬
‫سمريَء سميت‪ ،‬اسم وٺي چڪا آھيون‪ .‬اِھا ڳالھھ فطري آھي‪.‬‬
‫سنسڪرت ۽ ان جي عروج وارا بھ ڪي اسم سنڌيَء ۾ آھن‪.‬‬
‫جھڙوڪ‪:‬‬
‫سنت‪ -‬ٿنڀا (سٿمبا)‪ ،‬انم (ان)‪ ،‬ھرڻ‪ ،‬سمندر‪ ،‬وسمي‬
‫(عجب)‪ ،‬ڪڪڙ‪ ،‬راتري‪ ،‬پلولم (پل – ڪسي)‪ ،‬لڀي‪ ،‬آلس (آرس)‪،‬‬
‫پروت (پربت‪ ،‬جبل)‪ ،‬مارگ (مارڳ‪ ،‬رستو) پار (بار) ڪپھھ‬
‫(کوھھ)‪ ،‬ور (ڦيرو) ونم (وڻ) مڻيھ (مڻيو)‪ ،‬وايو (واُء‪ ،‬ھوا)‪.‬‬
‫فعل بھ سنڌيَء سان ربط ۾ آھن‪ .‬ڪن جو واسطو ھنديَء‬
‫سان آھي‪ .‬مثال‪ :‬پچتي (پچائڻ‪ -‬رڌڻ) ڌاوتي (ڊوڙڻ)‪ ،‬نمتي‬
‫پٿت (پڙھڻ) وغيره‪ .‬ڪي فعل ھندي ۽‬ ‫(سالم)‪ ،‬اِڇ (اِڇا ڪرڻ) ۽ ِ‬
‫سنڌيَء ۾ سنسڪرت جي حوالي سان ھڪجھڙا آھن‪.‬‬
‫سنسڪرت ۾ عدد بھ ٽي آھن‪ .‬عربيَء ۾ بھ ايئن آھي‪.‬‬
‫ھتي ٻولين جا خاندان ٻھ آھن‪ ،‬پر عدد ٽي آھن‪ :‬واحد‪ -‬تثنيھ ۽‬
‫جمع‪.‬‬
‫ھن ھيٺ لفظن (اسم‪ ،‬صفت ۽ فعل وغيره) جي ھڪ‬
‫چونڊ فھرست پيش ڪجي ٿي‪ ،‬جنھن ۾ سنڌي ۽ سنسڪرت جي‬
‫ڀيٽ پسي سگھجي ٿي‪:‬‬
‫ونگھھ (وگھن‪ ،‬رڪاوٽ)‪ ،‬انڪه (انگ)‪ِ ،‬چتم (دل)‪ ،‬پسي‬
‫(پسڻ)‪ ،‬وستي (وسڻ‪ ،‬ھجڻ)‪ ،‬وانر (باندر) ھس (کلڻ)‪ ،‬سوسره‬
‫(سس)‪ ،‬سيله (سالو)‪ ،‬پؤتري (پوٽي)‪ ،‬دوھترا (ڏوھٽو) دوھتري‬
‫(ڏوھٽي) لجا (لڄ)‪ ،‬الوڪا (چٻرو‪ ،‬الو)‪ ،‬سره (مٿو)‪ ،‬جھوا (ڄڀ)‪،‬‬
‫ڪيس (وار)‪ ،‬انڌاه (انڌو)‪ ،‬پنجره (پڃرو) مڪره (مانگر مڇ)‪،‬‬
‫ويرم (وير)‪ ،‬ڀوڳ (وندر)‪ ،‬دوش (ڏوھھ)‪ ،‬لوڀ (لوڀ)‪ ،‬لوڀي‬
‫(لوڀي)‪ ،‬ڪڪتي (ڪڪڙ‪ ،‬مادي) آشا (آشا)‪ ،‬مانو (ماڻھو)‪،‬‬
‫بڀڪشتھ ُ(بک)‪ ،‬ڊرگھم (ڊگھو)‪ ،‬داسي (داسي)‪ ،‬سوامي (سوامي‪،‬‬
‫سائين) جن (ڄڻو)‪ ،‬بندي (بندي‪ ،‬قيدي)‪ ،‬ڊنڍه (ڏنڊ‪ ،‬سزا)‪ ،‬دکت‬
‫(ڏکويل)‪ ،‬نندا (نندا‪ ،‬گال‪ ،‬مذمت)‪ ،‬ڇايا (ڇايا‪ ،‬ڇانو‪ ،‬پاڇو)‪ ،‬پاپم‬
‫(پاپ) ڊنڍاه (ڏنڊو)‪ ،‬بِجم (ٻج)‪ ،‬چور (چور) چوريم (چوري)‪ ،‬آديھ‬
‫(اڄ) ۽ پِيڙا (پيڙا)‪.‬‬
‫ھنن چونڊ لفظن تي بھ ويچار ڪرڻ کپي‪ .‬ھنن مان اِھو‬
‫معلوم ٿي سگھي ٿو تھ قديم ۽ موجوده سنڌيَء سان سنسڪرت‬
‫جو الڳاپو ضرور آھي ۽ تشڪيل ۾ ڪردار بھ‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫‪ -٠‬آڏواڻي‪ ،‬ڀيرومل مھرچند‪ ،‬سنڌي ٻوليَء جي تاريخ‪،‬‬
‫سنڌي ادبي بورڊ‪٠١٥١ ،‬ع‪ ،‬ص ص ‪.٣-٠‬‬
‫‪’ -٠‬قديم سنڌ‘‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ پاران ‪٠١٥٧‬ع ۾ شايع‬
‫ٿيو‪ .‬ھي ڪتاب ڪاڪي ‪٠١٤٤‬ع ۾ تيار ڪيو ھو‪.‬‬
‫ان کي ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيائين‪ .‬جنھن ۾ عرب‬
‫دؤر جي ابتدا تائين احوال اچڻو ھو‪ .‬اھا خبر نھ آھي‬
‫تھ باقي ٻھ جلد وٽس ئي رھيا يا بورڊ کي ڏنا ھئائين‪.‬‬
‫‪ -٣‬قديم سنڌ‪ ،‬ديباچو‪ ،‬ص ‪.١‬‬
‫‪ -٤‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٧‬‬
‫‪ -٥‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٠٢‬‬
‫‪ -١‬آقاي سعيد نفيسي‪ ،‬ديوان ڪامل اميرخسرو‪،‬‬
‫ڪتابفروشي محمد حسين علمي‪ ،‬تھران‪ ،٠٣٤٣ ،‬ص‬
‫‪.٧‬‬
‫‪ -٧‬ڊاڪٽر ذبيح هلل صفا‪ ،‬مقالو‪” :‬تاريخ دو ھزار وپانمد‬
‫سالھ شاھھ نشانھيَء ايران“‪ ،‬انتشارات راديو ايران‪،‬‬
‫تھران‪ ،٠٣٣٣ ،‬ص ص ‪ ٥٧ -٥١‬۽ ‪.٥٣‬‬
‫‪ -٣‬سنڌي ٻوليَء جي تاريخ‪ ،‬ص ص ‪.٠٣ -٠٧‬‬
‫‪ -١‬سچل سرمست جو رسالو‪ ،‬سنڌي اديبن جي سھڪاري‬
‫سنگت‪ ،‬حيدرآباد‪٠١٧٣ ،‬ع‪ ،‬ص ‪.٥‬‬
‫‪ -٠٢‬سنڌي ٻوليَء جي تاريخ‪ ،‬ص ‪.٣٠‬‬
‫‪ -٠٠‬بلوچ‪ ،‬نبي بخش خان (ڊاڪٽر)‪ ،‬سنڌي ٻولي ۽ ادب‬
‫جي تاريخ‪ ،‬پاڪستان اسٽڊي سينٽر‪ ،‬سنڌ‬
‫يونيورسٽي‪٠١١١ ،‬ع‪ ،‬ص ‪.٠‬‬
‫‪ -٠٠‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٣٣‬‬
‫‪ -٠٣‬ايضا‪ ،‬ص ص ‪٣٣ -٣٠‬‬
‫‪ -٠٤‬سراج‪ ،‬سنڌي ٻولي‪ ،‬عظيم پبليڪيشن‪ ،‬حيدرآباد‪،‬‬
‫‪٠١١٤‬ع‪ ،‬ص ‪( ٤‬پيش لفظ)‪.‬‬
‫‪ -٠٥‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٥١‬‬
‫‪ -٠١‬االنا‪ ،‬غالم علي (ڊاڪٽر)‪ ،‬سنڌي ٻوليَء جو بڻ بنياد‪،‬‬
‫زيب ادبي مرڪز‪ ،‬حيدرآباد‪٠١٧٤ ،‬ع‪ ،‬ص ‪.٠٠١‬‬
‫باب پنجون‬
‫رسم الخط )‪(Script‬‬
‫ھر زبان الِء ھڪ مخصوص ۽ مناسب‪ ،‬ٺھڪندڙ ۽ تز‬
‫رسم الخط )‪ (Script‬ضروري آھي‪ .‬جن زبانن ۾ اِھا اھليت ئي نھ‬
‫پيدا ٿي‪ ،‬سي پوئتي رھجي ويون ۽ علمي ادبي سطح تي تھ‬
‫خير‪ ،‬پر ڪنھن منظم حالت ۾ بھ نھ رھيون‪ .‬ڪي جھنگلي‬
‫ٻوليون ئي اِنھيَء ھيٺين پد تي رھيون‪ .‬ريڊ انڊينز جون ڪي‬
‫ٻوليون انھيَء دفعي ۾ اچن ٿيون‪ .‬ان جو ھڪڙو سبب‬
‫ڳالھائيندڙن جي بتدريج ڪمي بھ آھي‪ ،‬جڏھن ڪنھن گروھھ‬
‫جي آدمشماري گھٽجي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري وڃي بچي ٿي تھ‬
‫اھا ٻولي ختم ٿي وڃي ٿي‪ .‬ان جو مثال ڏيندي‪ ،‬مسٽر ھاڪيٽ‬
‫لکي ٿو تھ‪” :‬نيو گني جي ھر ڳوٺ ۾ ان ڳوٺ جا پنج ڇھھ سؤ‬
‫ماڻھو بچيا آھن‪ .‬ايئن آمريڪن انڊينز جي ھڪ ٻولي ِچٽي ماچا‬
‫)‪ (Chiti Macha‬جا ‪٠١٣٢‬ع ۾ فقط ٻھ ڳالھائيندڙ ھئا(‪ “.)٠‬اِن مان‬
‫اشارو ملي ٿو تھ رسم الخط ۽ تحريري صورت نھ ھجڻ سان‬
‫گڏ ڪي ٻيا بھ اسباب آھن‪ ،‬جن جي ڪري ٻوليون ختم ٿي وڃن‬
‫ٿيون‪.‬‬
‫اڪثر شاگردن ۽ عام ماڻھن کي رسم الخط‪،‬‬
‫صورتخطي ۽ الف‪ -‬ب ۾ فرق ڪرڻ مشڪل لڳي ٿو‪ .‬ان الِء‬
‫اول اھڙي چٽائ ي ڪجي ۽ مونجھاري کان بچجي‪.‬‬
‫‪ -٠‬رسم الخط )‪ (Script‬کي ھنديَء ۾ لپي بھ چئجي ٿو‪.‬‬
‫ڇا ڪنھن ٻوليَء کي مستقل طور تحرير ھيٺ آڻڻ الِء ھڪ رسم‬
‫الخط يا لپيَء کي اختيار ڪجي؟ جواب يقينا ھاڪاري آھي‪.‬‬
‫سنڌيَء جي معاملي ۾ عربي يا ديوناگريَء جي ڳالھھ نڪتي ۽‬
‫تعليم کاتي جي وزارت ‪٠١٥٠‬ع ۾ ھڪ ڪميٽيَء ۾ بحث ٿيو‪.‬‬
‫سنڌ جي مزاح نگار حليم بروھيَء ويھين صديَء جي آخر ۾‬
‫رومن خط )‪ (Roman Script‬جي تجويز بھ ڏني‪.‬‬
‫‪ -٠‬صورتخطي اھا آھي‪ ،‬جنھن ۾ لفظن کي ھڪ مقرر‬
‫اِمال )‪ (Spelling‬۾ لکجي‪ .‬جيئن آٌء ‪ /‬آئون‪ ،‬جڏھن‪ /‬جڏھين ۽ پئڻ‬
‫‪ /‬پيڻ‪ /‬پيئڻ مان ڪا ھڪ اِمال مستقل طور اختيار ڪجي‪ .‬ان الِء‬
‫انگريز سرڪار جي ابتدائي سالن ۾ درست ۽ مستقل نوعيت‬
‫جي ھڪ پٽي ‪ /‬چارٽ جو اجراء ٿيو‪ ،‬پر اڄ تائين اھو مسئلو‬
‫ھلندو اچي‪.‬‬
‫‪ -٣‬الف‪ -‬ب )‪ (Alphabet‬کي سمجھڻ ۾ ڪو مغالطو‬
‫ڪونھي‪ .‬ھر ٻار بھ سمجھي ٿو تھ الف‪ -‬ب ڇا آھي‪ .‬سنڌي الف‬
‫ب جو داستان ابوالحسن کان بھ اڳ سنڌي مذھبي عالمن جي‬
‫نثري ۽ نظمي تحريرن کان شروع ٿي‪ ،‬انگريز سرڪار جي ذڪر‬
‫ڪيل ڪميٽيَء ۾ ان صورت تائين پھتو‪ ،‬جا اڄ موجود آھي‪.‬‬
‫جيئن انگريزيَء جي الف بھ کي ‪ ABC‬چئجي ٿو تھ سنڌيَء جي‬
‫الف‪ -‬ب جي بھ اِھا حيثيت آھي‪.‬‬
‫بحث ھي بھ ڌيان ۾ رکڻ جھڙو آھي تھ عربي يا‬
‫ديوناگري سنڌيَء الِء موزون آھن؟ عربي رسم الخط سنڌيَء الِء‬
‫اختيار ڪيو ويو‪ .‬پ چ ۽ گ آوازن الِء حرف فارسيَء وارا ورتا‬
‫ويا ۽ نج سنڌي آوازن ٻ‪ ،‬ڳ‪ ،‬ڱ‪ ،‬ڌ‪ ،‬ج‪ ،‬ڍ‪ ،‬ڏ‪ ،‬ڄ‪ ،‬ڇ ۽ ڃ الِء‬
‫نقطن جي اضافي کي ڪافي سمجھيو ويو‪ .‬ان کان سواِء وسرڳ‬
‫)‪ (aspirated‬آوازن الِء جھھ‪ ،‬گھھ جو اضافو ڪيو ويو‪ .‬ھونئن‬
‫نئين سر ھن موضوع تي بحث جي ضرورت ڪونھي‪ ،‬پر ايترو‬
‫چوڻ ضروري آھي تھ انگريز سرڪار واري ڪميٽيَء جي‬
‫فيصلي کان پوِء بھ لساني ماھرن علمي بحث ڪيا آھن‪ .‬ديوان‬
‫لوڪناٿ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليَء جي لپي“ (‪٠١٥١‬ع) ۾‬
‫عربي سنڌي لپيَء کي غيرسائنسي سڏيندي بحث ڪيو‪ .‬ان جو‬
‫جواب ڊاڪٽر االنا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ (‪٠١١٤‬ع)‬
‫۾ ڏنو‪ .‬ھن بحث ۾ طرفين جا اختيار ڪيل سياسي ۽ مذھبي‬
‫الڙا بھ شامل آھن‪ .‬خير‪ ،‬عربي رسم الخط مسلمانن جي‬
‫اڪثريت ۽ اڳ موجود علمي ذخري جي موجودگيَء سبب اختيار‬
‫ڪيو ويو‪ .‬انھيَء الِء ڪافي انفرادي دليل بھ آھن‪ .‬مثال طور‬
‫اسالمي ناال‪ ،‬ڪتابن جا ناال ۽ ٻيا اسم خاص عربي انداز جا ھئا‪،‬‬
‫انھن کي اسالمي ورثي ۽ عربي اِمال ۾ قائم رکڻ وڌيڪ صحيح‬
‫ھو‪ .‬جي رڳو ”الف‪ -‬ب“ ۾ ٻن مان ھڪ حرف اختيار ڪجي ھا‬
‫معني جون فاش غلطيون ٿين ھا‪ .‬ع‪ -‬ا‪ ،‬۽ ح‪ -‬ھھ‬ ‫ٰ‬ ‫تھ بھ اِمال ۽‬
‫مان نالن ۾ ھڪ حرف اختيار ڪجي ھا تھ عبدالجبار کي‬
‫ابدالجبار ۽ محفوظ عليَء کي مھفوز الي لکجي ھا!‬
‫اِن ڪري روايتا بھ عربي رسم الخط اختيار ڪرڻ وارو‬
‫فيصلو صحيح ھو‪ .‬ديوناگريَء جو ھڪ پنھنجو صوتياتي نظام‬
‫آھي‪ .‬جنھن ۾ ھڪ مقرر )‪ (fixed‬نشانن سان وينجن )‪(consonant‬‬
‫(ج) ھيٺان ”‬ ‫۽ سر )‪ (vowel‬جا آواز متعين ڪجن ٿا‪ .‬جيئن‬
‫جو ٿيندو‪ .‬پر مخصوص عربي حرفن‪/‬‬ ‫“ نشان لڳائبو تھ‬
‫آوازن الِء زائد نشانيون لڳائبيون تھ ض ‪/‬ظ ‪/‬ز‪ /‬۽ ذ اچاري تھ‬
‫سگھبو پر انھن چئن مان ڪھڙو؟ اِھا خبر نھ پوندي‪.‬‬
‫اسان جي عربي سنڌي لکت کي ھڪ تجويز رومن لکت‬
‫)‪ (Roman script‬جي بھ ملي‪ ،‬جنھن جو حليم بروھيَء جي حوالي‬
‫سان مٿي اشارو بھ ڏنو ويو آھي‪ .‬ھڪ سٺي مذاح نگار چئلينج‬
‫جي انداز ۾ لکيو تھ سنڌ‪ ،‬سنڌي ماڻھو ۽ سنڌي زبان جي تباھي‬
‫يقيني آھي‪ ،‬جي موھن جي دڙي‪ ،‬ھڙاپا کي ڇڏي ڏکڻ اوڀر واري‬
‫تھذيب لٿل کي قبول نھ ڪيو ويو‪ .‬ان کان پوِء ھن (حليم)‬
‫ڪجھھ سائيڪو اسٽائل ڪيل انگريزي مضمون رومن خط‬
‫اختيار ڪرڻ جي حق ۾ لکيا‪ .‬ڪمپيوٽر کي ھن سلسلي ۾ اھم‬
‫ڄاڻايو ويو‪ .‬اھو تھ ھرڪو ڄاڻي ٿو تھ جڏھن رسم الخط بدالئجي‬
‫ٿو تھ اڳيون تحريري رڪارڊ گھڻي ڀاڱي نئين شاگرد الِء گم ئي‬
‫رھي ٿو‪ .‬ڪمپيوٽر ۾ تھ سنڌي اچي بھ وئي‪ .‬جي ڏسجي تھ‬
‫رومن جي ڪري سڀ يورپي زبانون‪ ،‬ترڪي‪ ،‬سواھلي ۽ ويت‬
‫نامي ”ھڪ زبان“ تھ نھ آھن‪ ،‬بلڪھ جدا آھن‪ .‬حليم بروھيَء جي‬
‫ٻين دعوائن ۽ خود کي مري ويل ۽ بڪواس )‪ (Nonsense‬لکڻ‬
‫وارو سڏڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھن‪ .‬سواِء اِن جي تھ ھن‬
‫سنڌ وارن کي انگريزي نھ ڄاڻن جو طعنو ھيئن ڏنو آھي تھ‪،‬‬
‫ھڪ ماڻھوَء پنھنجو نالو ‪(Dedar‬ديدار) لکي ڏنو ۽ جيڪو ديدار‬
‫نھ پر انگريزي اِمال موجب ڊيڊر‪ /‬ڏيڏر ٿيندو‪ .‬ڇوجو دال الِء‬
‫انگريزيَء ‪( th‬ٽي‪ .‬ايڇ) لکجي ٿو‪ :‬جيئن ‪ that-this‬وغيره‪.)٠(،‬‬
‫حقيقت ۾ ‪ th‬سان ٿ بھ لکجي ٿي‪ ،‬جيئن ‪ Thump-Think‬وغيره‪.‬‬
‫ھوڏانھن جو اچار اھل زبان ٺي ڪري ٿو‪ .‬اسين ديدار يا ٻيا‬
‫اسم ‪ D‬سان لکون ٿا تھ اھو روايت ۽ عادت جو حصو آھي‪ .‬سڄي‬
‫دنيا ۾ خاص اسمن الِء زبانن ۾ مخصوص گنجائش بھ موجود‬
‫آھي‪ .‬ڌ ۽ ڍ ۾ وسرڳائيَء سبب ‪ dh‬بھ لکجي ٿو‪ .‬ويت ناميَء ۾ ڏ‬
‫الِء ‪ d‬تي نشاني لڳائجي ٿي‪.‬‬
‫موجوده لپين کان اڳ پس منظر طور ئي سھي پر‪،‬‬
‫‪ Pictograph‬۽ ‪ Hieroglyph‬تصويري لفظن جو تذڪرو ٿيندو آيو‬
‫آھي‪ .‬سراج پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ موھن جي دڙي جي‬
‫تحريرن جو جائزو وٺندي ڪن کي پڙھڻ جي سعي ڪئي آھي‪.‬‬
‫ھن تصويري نظام جو واسطو قديم مصر ۽ چين سان آھي‪.‬‬
‫جپاني زبان بھ گھڻي ڀاڱي ھن انداز ۾ لکجي ٿي‪ .‬ساڳين لفظن‬
‫جدا آھن‪ .‬جيئن‬ ‫)‪ (Characters‬الِء چيني ۽ جپانيَء جا اچار‬
‫جو چيني اچار آھي ”رپن“ ۽ جپاني ”نپان“ )‪ (Nippon‬آھي‪ .‬چيني‬
‫زبان ھڪ مڪمل تصويري لفظن جو نظام رکي ٿي‪ .‬ھڪ تھ‬
‫ھيَء سرائتي زبان )‪ (Tonal language‬آھي‪ .‬ھن ۾ چار سر )‪(Tones‬‬
‫۽‬ ‫‪ ،‬لھندڙ‪ -‬چڙھندڙ‬ ‫‪ ،‬چڙھندڙ‬ ‫آھن‪ .‬سڌي‬
‫‪ ،‬سر (ٽون) جي جھيل ھڪ انفراديت واري‬ ‫ڪرندڙ‬
‫آھي‪ .‬الف‪ -‬ب ‪ letters‬بدران ٺھيل ٺڪيل لفظ )‪ (words‬آھن‪ .‬ان جو‬
‫آڌار قديم زماني جون تصويرون آھن‪ .‬چمڙي‪ ،‬ڇوڏن ۽ ھڏن تي‬
‫اولين تحريرون‪ /‬تصويرون مليون‪ .‬اھڙن ھڏن کي ‪Oracle bones‬‬
‫سڏيو ويو‪ .‬ھڪ اچار وارن لفظن جون بھ تحريري صورتون جدا‬
‫آھن‪ .‬ڪٿي ھڪ صورت وارن لفظن جا وري اچار علحدا آھن‪.‬‬
‫الف‪ -‬ب وارن الِء اھڙي ڪا ٻي حيرانيَء جي ڳالھھ نھ‬
‫ھوندي! خير موھن جي دڙي واري لکت جي ڳالھھ ڪري آيا‬
‫آھيون‪ .‬ھنٽر )‪ (Hunter‬جي محققانھ ڪاوش ‪“The Scripts of‬‬
‫”‪ Harappa & Moen jo Daro‬۽ سراج جي ڪاوشن جي ساٿ سان‬
‫ايئن چئبو تھ ڊاڪٽر پارپوال جي سٿ جي ڪڍيل نتيجن جي‬
‫روشنيَء ۾ چيني لفظ )‪ (Chinese Characters‬بھ موھن جي دڙي‬
‫جي لکت سان گھڻي ھم آھنگي ۽ مشابھت رکن ٿا‪ .‬مڇيَء وارو‬
‫نشان چينيَء ۾ بھ آھي ۽ چينيَء ۾ اچار اٿس او (وات‬
‫ٻھ طاق پڌرا بيٺا‬ ‫گول ڪري اچاربو)‪ .‬دروازي جا‬
‫‪ .‬ائين‬ ‫آھن‪ .‬اچار آھي من )‪ .(Men‬ھاڻي آسان ڪيل صورت آھي‬
‫ٻيو اسم من‪ ،‬لفظ اسين جي اڳيان‪ ،‬جمع جو نشان ڏيکاري ٿو‪.‬‬
‫ان الِء ماڻھوَء جو نشان )‪ (Radical‬ايندو تھ صورت بيھندي‬
‫‪ .‬ماڻھو آرام ڪري ٿو تھ وڻ ۽ ماڻھوَء جا نشان گڏ‬
‫۽ ماڻھوَء جو ريڊيڪل ‪ ،‬گڏ اچي آرام جي‬ ‫ايندا‪ .‬وڻ‬
‫معني پيدا ڪندا‪ .‬ايئن ٻھ جدا اچار ھڪ ۾ ظاھر ٿيندا‪ .‬ھاڻي اھو‬
‫ٰ‬
‫ٿيو شيو شي (آرام)‪.‬‬
‫ايئن ھي تصويري نظام دنيا جي جن بھ خطن ۾ رھيو‬
‫آھي ۽ اڃان استعمال ۾ رھندو اچي‪ .‬اسان کي ھن باري ۾‬
‫تحقيق ڪرڻ کپي‪ .‬ھي پسمنظر آھي اسان جي موجوده لپين جو‪.‬‬
‫ھونئن ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو بي بھا‬
‫ڪتاب ”ٻوليَء جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (‪٠١١١‬ع) موجود آھي‪،‬‬
‫جنھن ۾ مختلف لپين ۽ انھن جي خوبين خامين جو علمي جائزو‬
‫ورتو ويو آھي‪ .‬انھن جي باھمي فرق جو ذڪر بھ ڪيو ويو‬
‫آھي(‪.)٣‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫& ‪1- Hochet, chales F. A course in linguistics Macmillan‬‬
‫‪co. N.Y, 1958, pp.8-9.‬‬
‫‪ -٠‬حليم بروھي‪ ،‬ڪالم روزانھ ڪاوش‪ ،‬حيدرآباد‪٠٠ ،‬‬
‫آگسٽ ‪٠٢٢١‬ع‪.‬‬
‫‪ -٣‬جيٽلي‪ ،‬مرليڌر (ڊاڪٽر)‪ ،‬ٻولين جو سرشتو ۽ لکاوٽ‪،‬‬
‫دھلي‪٠١١١ ،‬ع‪.‬‬
‫باب ڇھون‬
‫محاورا )‪(Dialects‬‬
‫ھر زبان ۾ ايراضيَء ۽ خطن جي مدنظر زبان جي اچارن‬
‫۾ فرق ھوندو آھي‪ .‬سنڌ ۾ تھ چوڻي آھي تھ‪ :‬ٻارھين ڪوھين‬
‫ٻولي ٻي‪ .‬ھتي ٻوليَء مان مراد محاورو آھي‪ .‬سنڌي ٻوليَء جي‬
‫بااختيار اداري سنڌيَء جي محاورن تي ڪتابن جو ھڪ سلسلو‬
‫شايع ڪيو ھو‪ ،‬جنھن ۾ عنوان محاورو بدران ٻولي ڏنو ويو‬
‫ھو‪ .‬جيئن ٿر جي ٻولي‪ ،‬اترادي ٻولي وغيره‪ .‬مطلب تھ واضح‬
‫ھو‪ ،‬پر اِھي عنوان‪ ،‬الڙي محاورو‪ /‬اترادي محاورو ھجن ھا تھ‬
‫وڌيڪ بھتر ٿئي ھا‪.‬‬
‫محاورا ۽ انھن جا ننڍا محاورا‪ /‬اپ ڀاشائون ‪(sub-‬‬
‫)‪ ،dialects‬زبان جي ايراضي وار اندروني نظام مثل آھي‪ ،‬جيڪو‬
‫زبان ۾ خطي وار فرق آھي‪ .‬اھو ظاھر ٿئي ٿو‪.‬‬
‫لساني‪ /‬لسانياتي جاگرافي )‪ (Linguistic Geography‬ھن‬
‫موضوع تي روشني وجھي ٿي‪ .‬سنڌ ۾ لساني جاگرافيَء جي‬
‫باري ۾ ٻھ ڪتاب خاص طور ڌيان ڇڪائين ٿا‪ .‬انھن ۾ ھڪ‬
‫ڊاڪٽر غالم علي االنا جو ”سنڌي ٻوليَء جي لساني‬
‫جاگرافي“ (‪٠١٧١‬ع) ۽ ٻيو جناب محمد عمر چنڊ جو ”لسانياتي‬
‫جاگرافي ۽ ٻوليَء جون آراڌايون“ (‪٠١٣٥‬ع) آھي‪ .‬محمد عمر چنڊ‬
‫جي ڪتاب جو پھريون ڀاڱو خاص طور ڊاڪٽر االنا جي ڪتاب‬
‫۾ آيل ڪن نڪتن جي ڇنڊڇاڻ جي باري ۾ آھي‪ .‬ھن جو چوڻ‬
‫آھي تھ لسانياتي جاگرافي‪ ،‬زيربحث زبان جي اندر ئي ايراضي‬
‫وار تبديليَء سان الڳاپيل آھي؛ نھ ڪ ان جي سرحد کان ٻاھر‬
‫پاڙيسري ٻولين جي پرک ڪرڻ ۽ تفصيل ڏيڻ‪.‬‬
‫محمد عمر چنڊ مئڪ ڊئوڊ جي ڏنل وصف آڻي ٿو‪ ،‬جنھن‬
‫موجب‪” :‬لسانياتي جاگرافي اھو موضوع آھي ۽ لسانيات جي اھا‬
‫شاخ آھي؛ جيڪا ڪنھن زبان جي اندروني نظام ۽ ايراضي وار‬
‫تبديلين جي فرق سان واسطو رکي ٿي‪ .‬ان کي لنگئسٽڪ‬
‫ڊاياليڪٽاالجي )‪ (Linguistic dialectology‬بھ سڏجي ٿو(‪ .)٠‬ان سان‬
‫گڏ ويبسٽر )‪ (Webster‬جي ڊڪشنري (‪٠١٧١‬ع) مان بھ وصف جو‬
‫حوالو آڻي ٿو‪Dialect geography, the study of local linguistic :‬‬
‫‪differences within given areas(2).‬‬
‫ھن نڪتي جي چٽائي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليَء بھ ڪئي‬
‫آھي‪ .‬ھو لکي ٿو تھ‪ ،‬ڪنھن بھ ٻوليَء جي اپ ڀاشائن‪ ،‬انھن جي‬
‫آوازن جي خاصيت ۽ وياڪرڻي بيھڪ ۾ جيڪو تفاوت آھي سا‬
‫آھي لسانياتي جاگرافي(‪.)٣‬‬
‫لسانياتي جاگرافي‪ ،‬سنڌيَء جي مختلف محاورن ۽ ننڍن‬
‫محاورن جي اڀياس ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي‪ .‬جي سرحدن کان ٻاھر‬
‫جو اڀياس ڪرڻو آھي تھ بھ سنڌ کان ٻاھر ويل سنڌين جي‬
‫محاورن جو اڀياس ڪبو‪ .‬محاورو )‪ (dialect‬ماضيَء ۾ پنھنجي‬
‫معني موجب واضح آھي‪ .‬ان کي لھجو )‪ (Accent‬نھ‬ ‫ٰ‬ ‫مخصوص‬
‫سڏڻ کپي‪ .‬لھجو ڳالھائڻ جي ِجھيل (ڍار) کي ظاھر ڪري ٿو‪ ،‬نھ‬
‫اچار کي‪ .‬ايراضيَء جي قطع نظر اِھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ ڪي بھ‬
‫ٻھ ماڻھو بلڪل ھڪ جھڙو ڪونھ ٿا ڳالھائين(‪ .)٤‬ڪنھن جي‬
‫ذاتي اچار کي )‪ (Idiolect‬چئجي ٿو‪ .‬ھڪ محاوري جي حد کان ٻئي‬
‫جي حد کي جدا ڪرڻ الِء لسانياتي نقشي تي ليڪون ڏيکاريون‬
‫وڃن ٿيون‪ ،‬انھن کي ‪ Iso Glosses‬سڏجي ٿو(‪.)٥‬‬
‫ھر زبان‪ ،‬اچارن جي باھمي فرق‪ ،‬جملن جي صرفي ۽‬
‫نحوي اختالف سبب ڪيترن ئي محاورن ۾ ورھايل ھوندي‬
‫آھي‪ .‬ڪي ٿورن ۾ تھ ڪي گھڻن محاورن ۾ تقسيم ٿيل‬
‫ھونديون آھن‪ .‬اِھو ھڪ فطري عمل آھي ۽ ان جي لسانيات ۾‬
‫گنجائش آھي‪ .‬محاورا ھڪ ٻئي کي سمجھھ ۾ بھ ايندا آھن‪.‬‬
‫ڪي ٿورا اھڙا وسيع ۽ وڏا ملڪ بھ آھن‪ ،‬جن جو (مثال) ڏکڻ‬
‫ڇيڙي جو محاورو اتر ڇيڙي جو ماڻھو بلڪل سمجھي نھ‬
‫سگھندو آھي‪ .‬چين ۾ ويھن کان وڌ ننڍا محاورا ۽ اٺ وڏا‬
‫(بنيادي) محاورا آھن‪ .‬چيني زبان جا ھي منفرد مثال آھن‪ ،‬جو‬
‫لفظ جي تحريري صورت ساڳي ھوندي بھ محاوري جي ڪري‬
‫تلفظ ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو ۽ سر تھ ڇا پر ڪٿ وينجن‬
‫بھ بدليل ھوندو‪ .‬پيڪنگ (پي چنگ) گاديَء جو ھنڌ آھي‪ .‬ان جو‬
‫محاورو معياري آھي ۽ سرن )‪ (vowels‬جي چٽائي ۽ زور سبب‬
‫ھر خطي جو چيني آسانيَء سان سمجھي ٿو‪ ،‬پر ڏکڻ‪ ،‬اوڀر‪ ،‬اولھھ‬
‫يا ڪنھن دور دراز صوبي جو ماڻھو جيڪي ڳالھائيندو سو پري‬
‫واري الِء سمجھڻ مشڪل آھي‪.‬‬
‫پيڪنگ محاوري موجب پينسل کي ’ڇئن ِپي‘ اچاربو‬
‫تھ ڏکڻ ۽ شانگھائيَء وارا ان کي ’کپي‘ ڪري اچاريندا‪ .‬ايئن‬
‫اتر ۾ شوي شيائو (اسڪول) تھ شانگھائي ۾ ٿيو ’يايائو‘‪.‬‬
‫معياري محاورو )‪ (standard dialect‬زبانن ۾ بنيادي‬
‫حيثيت رکي ٿو‪ .‬ھن سلسلي ۾ پروفيسر رابنس لکي‬
‫ٿو‪” :‬معياري محاوري جي اصطالح مان ڪا غلط فھمي نھ ٿيڻ‬
‫کپي‪ .‬اھڙا گفتگو جا طريقا تشابھتي طور محاورا ئي ھوندا آھن‪.‬‬
‫بلڪ ٻين محاورن وانگر جن کي جيڪر سماجي ۽ سرڪاري‬
‫طور محدود ڪجي ۽ گھٽ بيان ڪجي‪( :‬جن جي مقابلي ۾ پسند‬
‫پيل ايراضيَء وارن محاورن کي اھميت ڏجي ٿي) اھو خيال‬
‫انھن جو آھي جيڪي معياري محاورو ڳالھائين ٿا‪ .‬انھن جي‬
‫خيال ۾ ٻيا محاورا گھٽ آھن)‪ ،‬جن کي گھٽ درجي وارا‬
‫ڳالھائين ٿا(‪“.)١‬‬
‫بلومفيلڊ جو رايو آھي تھ‪” :‬معياري محاورو حقيقت ۾‬
‫پراڻو نھ ھوندو آھي‪ ،‬بلڪ مڪاني محاورن مان ڪن تاريخي‬
‫اھميت وارين حالتن ھيٺ اسرندو آھي(‪ “.)٧‬معياري محاوري‬
‫جي اصطالح کي بھ گھڻو استعمال ڪيو ويو آھي‪ .‬رابنس ھن‬
‫باري ۾ ھڪ فارمولو ڏنو آھي‪ ،‬جنھن ۾ ٽي نڪتا آھن‪ .‬پھريون‬
‫نڪتو زبان ۽ محاوري جي فرق کي واضح ڪري ٿو‪ .‬اھو ھي‬
‫تھ ھڪ زبان جا اھي نمونا جيڪي مختلف آھن‪ ،‬پر ڪنھن خاص‬
‫تربيت کان سواِء ٻي ايراضيَء ۾ ماڻھو سمجھن ٿا‪ .‬انھيَء حساب‬
‫سان انگلينڊ ۾ انگريزيَء جا مختلف نمونا‪ ،‬انگريزيَء جا مختلف‬
‫محاورا آھن ۽ ويلش‪ ،‬آئرش ۽ اسڪاٽش گئلڪ مختلف محاورا‬
‫آھن(‪“.)٣‬‬
‫سنڌيَء جا محاورا‪:‬‬
‫جيڪڏھن اڄ اسان کي سنڌيَء جو ڦھالُء سنڌ جي موجوده‬
‫سرحدن جي ٻئي طرف نظر اچي پيو تھ ان جو سبب اِھوئي آھي‬
‫تھ قديم وقت ۾ سرحدون وسيع ھيون ۽ پوِء جي لڏپالڻ بھ‬
‫ھڪ سبب آھي‪ .‬سرحد پار ھرڪو پنھنجي زبان (۽ محاورو) ھتان‬
‫کڻي ويو‪ .‬اھي اتان جي ٻولين جي زير اثر رھيا‪ .‬بلوچستان ۾‬
‫سنڌيَء جا مکيھ محاورا آھن‪ :‬فراڪي‪ ،‬کيتراني‪ ،‬جدگالي‪،‬‬
‫گوادري‪ ،‬اورماڙي ۽ السي‪ .‬پنجاب جي سرحد سان ماڇڪو ھڪ‬
‫اھم محاورو آھي‪ .‬سبيَء جي ايراضيَء ۽ بلوچستان جي ٻين‬
‫محاورن تي داد محمد خادم بروھيَء ڪم ڪيو آھي ۽ ماڇڪي‬
‫تي اڃان ڪم نھ ٿيو آھي‪ .‬ڪڇ ۾ ڪڇي‪ ،‬گجرات ۾ ميمڻي ۽‬
‫ڪاٺياواڙي محاورا آھن‪ ،‬جيڪي ھاڻ سنڌ ۾ خاص طور ڪراچي‬
‫۽ حيدرآباد جا ڪيترا رھاڪو ڳالھائين ٿا‪.‬‬
‫سنڌيَء جا اھم ۽ وڏا محاورا ھي آھن‪ :‬سريلي (اترادي)‪،‬‬
‫وچولو‪ ،‬الڙي ۽ ٿري‪ .‬انھن سان گڏ ڪڇي ۽ السي بھ سنڌيَء جا‬
‫محاورا آھن‪ .‬جيتوڻيڪ اڄ سنڌ جي سياسي سرحدن کان ٻاھر‬
‫ھت بھ رھن ٿا‪.‬‬
‫آھن ۽ سنڌ ۾ بھ رائج آھن‪ ،‬جو ڳالھائيندڙ ِ‬
‫سريلي (يا اترادي)‬
‫ھي محاورو اتر سنڌ (سرو) جي مناسبت سان نشانبر آھي‪.‬‬
‫ھي عام طور اتر جي ضلعن سکر‪ ،‬گھوٽڪي‪ ،‬خيرپور‪ ،‬الڙڪاڻو‪،‬‬
‫شڪارپور‪ ،‬جيڪب آباد ۽ دادوَء ۾ مروج سمجھڻ کپي‪ .‬ڪنھن‬
‫وڏي محاوري وانگر ھي بھ ننڍن محاورن )‪ (sub-dialects‬۾ ورھايل‬
‫آھي‪ .‬ھن سلسلي ۾ اڃان باريڪيَء سان ڪم نھ ٿيو آھي جو طئي‬
‫ڪجي تھ ننڍن محاورن جون حدون ڪھڙيون آھن‪ .‬ڪاڪو‬
‫ڀيرومل‪ ،‬ڊاڪٽر ٽرومپ جي حوالي سان لکي ٿو‪” ،‬سريلي ٻوليَء‬
‫جا اچار ِچٽا آھن‪ .‬ان جا سر آواز )‪ (vowels‬اچارن کي ِچٽو ۽ نمايان‬
‫ڪن ٿا‪ .‬ان جو مثال ھي ڏيئي سگھجي ٿو تھ اتر (سري) ۾‬
‫چئبو ”چيائون“ تھ الڙ ۾ ان جو اچار ”چئون“ آھي‪ .‬ايئن ئي ٻيا‬
‫ماضي فعل اچاربا‪ .‬جيئن ڪئون‪ ،‬کئون وغيره‪ .‬ھڪڙو فرق ھنن‬
‫ٻن محاورن ۾ ھي بھ آھي تھ اتر (سري) ۾ ا ‪ /‬آ سر وارا آواز الڙ‬
‫۾ اِ ‪ /‬اِي اچارجن ٿا‪:‬‬
‫الڙ‬ ‫سرو‬
‫ِجن‬ ‫جن‬
‫تِن‬ ‫تن‬
‫ڪن‬ ‫ڪن‬
‫ِجتي‬ ‫جاتي‬
‫تِتي‬ ‫تاتي‬
‫ڪٿي‬ ‫ڪاٿي‬
‫ڀيرومل اتر جي تلفظ کي صحيح ڄاڻي ٿو(‪ .)١‬منھنجي‬
‫خيال ۾ ھي محاورن جو فطري فرق آھي‪ .‬اتر جي ڪن وينجنن‬
‫)‪ (Consonants‬جھڙوڪ ڊ‪ -‬ڍ ۽ ٽ ۾ ر جو آواز اچارجي ٿو‪ .‬جيئن‬
‫ڊر‪ -‬ڍر ۽ ٽر‪ .‬اِمال ۾ ’ر‘ لکجي ڪونھ ٿو‪ .‬ڪن ويجنن جي باھمي‬
‫تبديلي بھ گفتگو ۾ ملي ٿي‪ .‬مثال ش ۽ چ جي تبديلي‬
‫شڪارپور ۽ الڙڪاڻي جي آسپاس ملي ٿي‪:‬‬
‫ِڇڪاپور‬ ‫شڪارپور‬
‫مشي‬ ‫مڇي‬
‫مشر‬ ‫مڇر‬
‫شورو‬ ‫ڇورو‬
‫ڇايد‬ ‫شايد‬
‫سريليَء ۾ عدد جمع‪ ،‬واحد پٺيان ”آن“ مالئڻ سان ٺھي‬
‫ٿو ۽ الڙيَء ۾ ”اون“ مالئڻ سان ٺھي ٿو‪ .‬مثال‪:‬‬
‫جمع (الڙ)‬ ‫جمع (سرو)‬ ‫واحد‬
‫کارڪون‬ ‫کارڪان‬ ‫کارڪ‬
‫ٽنگون‬ ‫ٽنگان‬ ‫ٽنگ‬
‫سڙڪون‬ ‫سڙڪان‬ ‫سڙڪ‬
‫ويگنون‬ ‫ويگنان‬ ‫ويگن‬
‫رنون‬ ‫رنان‬ ‫رن‬
‫ڪيترن اِسمن ۾ اتر ۽ الڙ جي جمع جو صيغو ھڪ‬
‫جھڙو آھي‪ .‬جيئن‪ :‬ڪتاب‪ -‬گھر‪ -‬ھٿ ۽ ٻڪري وغيره‪ .‬واحد مان‬
‫جمع ٺھڻ الِء سريليَء وانگر سرائيڪي‪ ،‬پنجابي ۽ فارسيَء ۾‬
‫بھ ”آن“ پڇاڙي اچي ٿي‪ .‬ان کان سواِء اتر جي مقابلي ۾ الڙي‬
‫اچار ۾ لفظن جون پڇاڙيون ’پيش‘ ’بجاِء‘ ’زبر‘ سان اچارجي‬
‫ٿو يا ڪٿي ساڪن آھي‪:‬‬
‫الڙي‬ ‫سريلي‬
‫ويھھ‬ ‫ويھھ‬
‫گھر‬ ‫گھر‬
‫اٺ‬ ‫اٺ‬
‫کڻ‬ ‫کڻ‬
‫واڱڻ‬ ‫واڱڻ‬
‫جمع جي صيغي ۾ اچار ساڳيا آھن‪ :‬ھٿ‪ ،‬ھٿ‪ ،‬گھر‪ -‬گھر‪،‬‬
‫ليکڪ‪ -‬ليکڪ وغيره‪.‬‬
‫صرف و نحو جي خصوصيتن جي مدنطر سري جي‬
‫محاوري جا ٻيا ڪي اھم نڪتا ھي آھن‪:‬‬
‫جنس‪ :‬ڪي لفظجيڪي ٻين محاورن ۾ مذڪر اسم آھن‪،‬‬
‫سي سري ۾ مونث ڪري اچارجن ٿا‪ .‬مثال‪ :‬رت نڪتي آھي‪.‬‬
‫فعلن‪ :‬جون پڇاڙيون غني جي آواز تائين ڪونھ ٿيون‬
‫پھچن‪ .‬مثال‪ :‬اينداسين‪ -‬ڪنداسين بدران چون اينداسي‪-‬‬
‫ڪنداسي‪.‬‬
‫مضارع ’ڪريان‘ جي ’ر‘ گم ٿئي ٿي‪ .‬مثال ’ڪيان‘‪.‬‬
‫زمان حال استمراريَء ۾ ”آٌء اچان پيو“ چوڻ کپي؛ پر‬
‫چون آٌء اچان ٿو پيو‪ .‬زمان ماضي مطلق ۾ چون ”ھو ويو‬
‫آھي‪ “.‬ڀيرومل چوي ٿو تھ زمان حال ۾ وڃڻ جي واو تي زبر‬
‫آھي‪ ،‬ان ڪري ماضيَء جي صيغي ۾ بھ واو تي زبر قائم رکڻ‬
‫صحيح آھي‪.‬‬
‫ماضي معطوفيَء جو جملو‪’ :‬ماني کايو اچان ٿو‘ بدران‬
‫چون ’ماني کايون اچان ٿو‘‪ .‬اھڙي طور اسم مفعول ۾ ڳايو کي‬
‫ڳاتو چون‪ .‬سريلي محاوري ۾ اسم تصغير جو رواج گھڻو آھي‪.‬‬
‫مثال‪ :‬ڀاُء‪ -‬ڀائڙا‪ ،‬ھتي‪ -‬ھتڙي‪ .‬وچولي ۽ الڙ ۾ ”ڙو“ پڇاڙي بھ‬
‫ڪتب اچي ٿو‪ .‬جيئن‪ :‬ننڍڙو‪ ،‬ٻارڙو‪ ،‬وغيره‪.‬‬
‫ھي فقط ڪي خصوصيتون آھن ۽ ڪن لفظن جي تلفظ‬
‫جي ڳالھھ آھي‪ .‬ھڪ مڪمل محاورو پنھنجي اندر فطري‬
‫سونھن جو حامل آھي‪ .‬اچار ئي ھڪ محاوري کي قائم ڪندڙ‬
‫آھن‪ .‬ان ۾ ڪا بگاڙ ۽ سڌار جي ڳالھھ نھ ھوندي آھي‪ .‬پڙھيل‬
‫طبقو لکپڙھھ معياري محاوري ۾ ڪندو آھي‪.‬‬
‫وچولو (يا ساھتي) محاورو‪ :‬اتر ۽ ڏکڻ سنڌ (الڙ) جي وچ‬
‫وارو عالئقو وچولو سڏجي ٿو‪ .‬ان ۾ نوشھري ۽ ڀرين واري‬
‫ايراضيَء کي ساھتي بھ سڏجي ٿو‪ .‬ڀيرومل ھن ايراضيَء جون‬
‫حدون ڄاڻائيندي لکي ٿو‪” :‬ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن ۾ اتر واري‬
‫ڀاڱي کان وٺي ھن جون حدون ڪوٽڙيَء تائين آھن(‪ “.)٠٢‬وچ ۾‬
‫ھجڻ ڪري ھن محاوري جي اچارن ۾ وچٿرائي ۽ توازن آھي‪.‬‬
‫ھن تي اتر ۽ الڙ جي محاورن جو ٿورو ٿورو اثر بھ آھي‪.‬‬
‫نوشھري ۽ سيوھڻ جا علمي مرڪز ھن محاوري جي ٽيڪ رھيا‪.‬‬
‫وچولي جا ڪي لفظ ھي آھن‪ :‬لڳلڳو (لغالم‪ -‬ترڻي)‪ ،‬ڏوڪڙ‬
‫(پئسا)‪ ،‬کوڙ (گھڻو)‪ .‬ڪي مشھور اصطالح ھي آھن‪ :‬ڊڀري جو‬
‫ڪمي ھئڻ (مفت ۾ ڪم ڪندڙ)‪ ،‬پنجوَء جي پڻ ساڻ ھڻڻ (واجب‬
‫کان وڌيڪ گھرڻ)‪ ،‬پنجوَء جا پنج کٽڻ (ٻارھوئي کوٽ)‪.‬‬
‫اھڙيَء طرح وچولي جا پھاڪا بھ مخصوص آھن‪ .‬مثال‪:‬‬
‫‪ -‬اول پيٽ پنجوَء جو پوِء ٻار ٻچا‪.‬‬
‫‪ -‬ڦلوَء واڻئي رات وھاڻي‪ ،‬ڳالھين ڪندي ڳوٽي کاڻي‪.‬‬
‫‪ -‬اھڙي جٺ ڪيائين جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان‪.‬‬
‫‪ -‬چٽي چنيجن جي پرڻ تي پيئي‪.‬‬
‫‪ -‬ٻرڙي پئي نھ ٻاجھھ‪ ،‬ڀر ۾ ٿو ڀاُء مري‪.‬‬
‫‪ -‬ٻيو ھرڪو اچڻو وڃڻو پمو ٿاڻائي (‪.)٠٠‬‬
‫وچولي جي ٻولي متوازن آھي‪ .‬ھن ايراضيَء ۾ مشھور‬
‫ليکڪ ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي ڀريا واسي ٿي گذريو‬
‫آھي‪ .‬ھن محاوري جي اڀياس ۽ پنھنجن ڪن پيارن دوستن جي‬
‫ڪري‪ ،‬آٌء ھن عالئقي ۾ ڀرين‪ ،‬کاھي قاسم ۽ نوشھري گھڻو آيو‬
‫ويو آھيان‪.‬‬
‫الڙي محاورو‪ :‬اڳوڻو وڏو حيدرآباد ضلعو ۽ ٺٽو ضلعو‬
‫عام طور الڙ سڏجن ٿو‪٠١٧٥ .‬ع ۾ حيدرآباد مان بدين ضلعو‬
‫جڙيو ۽ پوِء حيدرآباد مان ٻيا ٽي ضلعا ٺھيا‪ .‬ھيَء ايراضي‬
‫محاوري جي لحاظ کان ھڪ يونٽ يا ايڪو آھي‪ .‬ھن ڪتاب جو‬
‫ليکڪ آباو اجداد کان بدين تعلقي جو رھاڪو آھي ۽ ان سان گڏ‬
‫الڙي محاوري جو ڳالھائيندڙ بھ‪ .‬الڙي محاوري ۾ بدين جو ھڪ‬
‫ننڍو محاورو )‪ (subdialect‬چئي سگھجي ٿو ۽ ٻيو ننڍو محاورو‬
‫ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻين حصن وارو آھي‪ .‬انھن ۾ بھ ماڃر‪ ،‬کارو‬
‫۽ ڪڪرالو منفرد آھن‪ .‬شاھھ عبدالڪريم بلڙيَء واري (‪-٠٥٣٣‬‬
‫‪٠١٠٣‬ع) الڙ جي ھڪ سڃاڻپ ھيئن ڏني آھي‪:‬‬
‫جي اتر جي اله‪ ،‬سڄڻ سڀ‬
‫پرکئا‪،‬‬
‫ري پانجي کٽئي‪ ،‬سڀر ٻري نھ‬
‫باھھ‪.‬‬
‫معني ۾ ڪم آيو آھي‪ .‬الڙ‬‫ٰ‬ ‫ھتي الھھ‪ ،‬الڙ يا لڙيل جي‬
‫جي سرحد ڏکڻ ۾ ڪڇ سان ملي ٿي‪ .‬ان ڪري ڏکڻ طرف کي‬
‫ڪاڇيل بھ چون يعني ڪڇ ڏانھن‪ .‬ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ‬
‫بدين کان ڀڄ (ڪڇ) ڏانھن رڻ مان عام رستو ھو‪ .‬ڏکڻ اولھھ ۾‬
‫سمنڊ آھي‪ .‬عام طور الڙي محاورو‪ ،‬معياري محاوري کان ڦريل‬
‫آھي‪ .‬ھن ۾ پھرين ڳالھھ اوسر ڳائيَء جي آھي‪ .‬ڀ‪ -‬گھھ‪ -‬جھھ‪-‬‬
‫ڌ ۽ ڍ کي ب‪ -‬گ‪ -‬ج – د ۽ ڊ ڪري اچارجي ٿو‪ .‬ڍور کي ڊور‪،‬‬
‫ڌڪ کي دڪ‪ ،‬جھنگ کي جنگ‪ ،‬گھر کي گر ۽ ڀِت کي بِت چون‪.‬‬
‫ڀيرومل جي خيال ۾ اوسرڳائي داردي ٻولين جي اثر‬
‫ڪري آھي‪ .‬گسڪيدار اوسرڳ آوازن غ ۽ خ کي گ ۽ ک ڪري‬
‫اچاريو وڃي ٿو‪ .‬اھا عادت اڪثر سري واري محاوري ۾ بھ‬
‫ماڻھن ۾ لڀي ٿي‪ .‬غالم کي گالم‪ ،‬غلط کي گلط‪ ،‬خيال کي‬
‫کيال چون‪ .‬ف ۽ ڦ جا آواز بھ اڪثر بدلجن ٿا‪ .‬فوٽو کي چون‬
‫ڦوٽو ۽ ڦال کي چون فال‪.‬‬
‫الڙ ۾ ڪي سر آواز )‪ (vowels‬ننڍا ڪري اچارجن ٿا‪ .‬مثال‪:‬‬
‫الڙي‬ ‫معياري‬
‫ڪيئون‬ ‫ڪيائون‬
‫چئون‬ ‫چيائون‬
‫چئين‬ ‫چيائين‬
‫کئون‬ ‫کنيائون‬
‫ڪن اسمن ۾ ان جي ابتڙ سر آواز معياري محاوري کان‬
‫وڌيل ھوندا آھن‪:‬‬
‫الڙي‬ ‫معياري‬
‫حجام‬ ‫حجم‬
‫نراڙ‬ ‫نرڙ‬
‫الڙي محاوري تي پاڙيسري محاورن جو بھ اثر آھي‪ .‬اتر‬
‫۾ وچولي‪ ،‬اولھھ ۾ السي‪ /‬ڪوھستاني‪ ،‬اوڀر ۾ ٿري ۽ ڏکڻ ۾‬
‫ڪڇي محاوري جو اثر آھي‪ .‬ٿر ۽ ڪڇ جي ماڻھن جي اچ – وڃ‬
‫اڳ بھ ھئي ۽ اتر کان ماڻھو نوڪرين سانگي اچن ٿا‪ .‬ڪوھستان‬
‫۾ مينھن وٺو تھ ٺٽي جا مالوند اوڏانھن وڃن ٿا‪ .‬مواصالت ۽‬
‫ميڊيا جي ڪري انھن اثرن ۾ اضافو ٿيو آھي‪.‬‬
‫ڪن لفظن ۾ صنعت تقليب بھ آھي‪ ،‬جيئن لعنت مان‬
‫نالت‪ ،‬مطلب مان مطبل‪ .‬ڪي انوکا اچار بھ آھن‪ ،‬جيڪي‬
‫معياري يا اتر جي محاوري کان ڦريل آھن‪ .‬جيئن ونواه مان‬
‫وناھھ‪ ،‬سيون مان سيويون‪ .‬ڪالس ۾ سائين ھيرانند چوندو ھو‪:‬‬
‫سيويون نھ چئو‪ ،‬سي وريون چئو‪ .‬وري عيد آئي وري موٽي‬
‫آيون آھن‪ .‬الڙ ۾ ڏھھ )‪ (ten‬بدران ڏوھھ چون‪.‬‬
‫ضميرن جي تلفظ ۾ ھي فرق آھي جو تنھنجو بدران‬
‫تونجو ۽ منھنجو بدران مونجو چون تھ ھو بدران او چون‪ .‬ڪي‬
‫ماڻھو چون ٿا تھ الڙي ڪچي ٻولي آھي‪ .‬بس اِھا ڪچائي آھي‪،‬‬
‫پر محاورو تھ ٻوليَء جي فطري صورت آھي‪ ،‬جو ٻاھرين‬
‫ڪوھين ٻولي ٻي!‬
‫ڪڇي محاورو‪ :‬ڪڇ اڄ ڀارت جي گجرات صوبي ۾‬
‫ھڪ ضلعو آھي‪ .‬اڳ ھڪ رياست ھئي‪ِ ،‬جت راجا (راُء) راڄ‬
‫ڪندو ھو‪ .‬الڙ ۽ ڪڇ جا سياسي‪ ،‬سماجي‪ ،‬مالي‪ ،‬ثقافتي ۽ ادبي‬
‫الڳاپا گھرا رھيا آھن‪ .‬محمد سومار شيخ جو ڪتاب ”ڪڇين جا‬
‫قول“ ۽ ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب ان جو واضح ثبوت آھن‪ .‬ڪڇي‬
‫محاوري تي ڊاڪٽر بلوچ جو ھڪ مقالو بھ شايع ٿيل آھي‪ .‬ڪن‬
‫حلقن موجب ڪڇي ھڪ جدا زبان آھي‪ ،‬پر سنڌيَء جو ھڪ‬
‫محاورو ھجڻ جا ڪئين ثبوت موجود آھن‪ .‬صرف ۽ نحو جو‬
‫اڀياس ھن سلسلي ۾ اھم آھي‪ .‬ھيٺيان جمال مطالعي الئق آھن‪:‬‬
‫(سنڌي)‬ ‫آٌء وڃان ٿو‬
‫(ڪڇي)‬ ‫آٌء وڃان تو‬
‫(سنڌي)‬ ‫اوھين اچو‬
‫(ڪڇي)‬ ‫آئين اچو‬
‫(سنڌي)‬ ‫بابا بصر وٺي اچ‬
‫ٻاوا ڏونگھري ڳنھي اچ (ڪڇي)‬
‫(سنڌي)‬ ‫ھو ماني کائڻ ايندو‬
‫(ڪڇي)‬ ‫او ماني کيڻ اچيندو‬
‫ڪڇي‪ ،‬بدين ۽ الڙ جي ٻين شھرن ۾ رھن ٿا‪ .‬مٽيون‬
‫مائٽيون بھ ٿيون آھن‪ .‬ڪاڪو ڀيرومل ”ڪڇي“ لفظ جو بنياد‬
‫معني ڪنارو يا ڪنڌي‬‫ٰ‬ ‫سنسڪرت مان ڄاڻائي ٿو‪ ،‬جنھن جي‬
‫آھي‪ .‬ڪڇ ھڪ اپٻيٽ آھي‪ ،‬ٽن پاسن کان سمنڊ اٿس (‪.)٠٠‬‬
‫ڪڇيَء کي اڪثر ڪڇڪي بھ سڏجي ٿو‪ .‬ڪڇ ستين صدي‬
‫عيسوي ڌاري سنڌ جي ھٿ ھيٺ رھيو آھي‪ .‬سنڌ حڪومت جي‬
‫اثر ڪري سنڌي ٻوليَء جو ڦھالُء ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين رھيو‪.‬‬
‫ڪيترين ڳالھين ۾ الڙي ۽ ڪڇي محاورا قريب آھن‪ .‬مثال طور‪:‬‬
‫سر آواز )‪ (vowel‬کي سسائڻ‪ ،‬جيئن ”ورتائين“ بدران‬
‫ڪرڻ‪:‬‬ ‫اوسرڳ‬ ‫کي‬ ‫وسرڳ‬ ‫”ورتئين“‬ ‫چون‬
‫جئن ”ڪنھن“ بدران ”ڪين“ ۽ ”گھر“ بدران ”گر“ چون‪ .‬ڪٿي‬
‫حرف صحيح بھ نھ اچارن‪ .‬جيئن اِتان‪ ،‬تِتان ۽ ڪٿان کي اِئان‪،‬‬
‫تِئان ۽ ڪئان چون‪ .‬شاھھ جي ڪالم ۾ بھ اھي صورتون موجود‬
‫آھن‪:‬‬
‫‪ -‬ادا اِئائين‪ ،‬ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو‪.‬‬
‫‪ -‬ڪئان سکئين سپرين‪ ،‬ڪاسائڪي ڪار‪.‬‬
‫جمع جي صيغي ۾ اسمن پويان ‪.‬اين“ مالئڻ جي عادت‬
‫ڪڇيَء ۾ عام آھي‪ .‬جيئن‪ :‬گھر جو جمع گھرين‪ ،‬ماڻھوَء جو‬
‫ماڻئين (ماڙئيين)‪ ،‬جناور جو جناورين (زناورين) ڪجي ٿو‪.‬‬
‫ضمير ”پاڻ“ کي پندر (پنڊ) چئجي ٿو‪.‬‬
‫شاھھ جي رسالي ۾ بھ ڪڇي لفظ آھن‪ .‬تمر فقير ڪڇ‬
‫۾ وڃي رھيو ھو‪ .‬اتي رسالي جا قلمي نسخا جتن ۽ ٻين فقيرن‬
‫وٽ آھن‪ .‬رسالي ۾ ھڪڙو مثال ڪڇيَء جو ھيُء آھي‪:‬‬
‫لک الکيڻو ڪرھو‪ ،‬ڪوڙين ڏيئي‬
‫ڳڌوم‪،‬‬
‫اڱڻ سونھن سندوم‪ ،‬ملھھ مھانگو م‬
‫چئو‪.‬‬
‫ڪڇي محاوري جا ڪيترا لفظ الڙيَء ۾ بھ رائج آھن‪.‬‬
‫مثال‪ :‬ڏونگھري (بصر)‪ ،‬ڍينگلو (پئسو) ۽ ٻائڙي (زال) وغيره‪.‬‬
‫ايئن اسمن سان گڏ فعل ۽ ضمير بھ ھڪ جھڙا آھن‪ .‬گھڻا لفظ‬
‫معياري اچار کان ڦريل آھن‪ .‬جيئن‪ :‬مؤز (موج)‪ ،‬گريب (غريب)‪،‬‬
‫ُ‬
‫واکب (واقف)‪.‬‬ ‫۽‬
‫ڪي انوکا لفظ بھ ڪڇي محاوري ۾ آھن‪ .‬مثال‪ :‬ڦڳائڻ‬
‫(اڇلڻ)‪ ،‬رونسڻ (مارڻ‪ ،‬مٽيَء ۾ دسڻ)‪ ،‬جھمڻ (کائڻ) ۽ ڏيس (وٽو)‪.‬‬
‫اڄ بھ ڪڇ ۾ سنڌيَء جو چاالمان آھي‪ .‬اديب عربي سنڌي‬
‫لپيَء ۾ ڪتاب لکن ٿا‪ .‬انھن ۾ ڪالڌر‪ ،‬گھنشام ۽ ٻيا؛ ٻنيَء‬
‫مان ادبي ڪتاب شايع ڪن ٿا‪ .‬ڄيٺي لعلواڻيَء ”ٻنيَء جا سنڌي‬
‫لوڪ گيت“ عنوان سان پي ايڇ‪ .‬ڊي مقالو لکيو آھي‪ .‬اھي لوڪ‬
‫گيت گھڻي ڀاڱي سنڌي گيت‪ ،‬ڀڄن ۽ ڪافيون ئي آھن‪ .‬ھنن‬
‫دوستن احمد آباد ۽ ٻين شھرن ۾ مالقاتن دوران ٻڌايو تھ ٻنيَء‬
‫۾ اٽڪل چاليھھ وڏا ڳوٺ آھن‪ ،‬جن ۾ سنڌي ۽ ڪڇي ڳالھائجي‬
‫ٿي‪ .‬نھ ڪڇي ماڻھو ۽ نھ ڪڇي محاورو سنڌيَء کان ڌار آھي‪.‬‬
‫ٿري محاورو‪ :‬الڙ وانگر ٿر بھ ھڪ ثقافتي ايڪو‬
‫)‪ (Cultural unit‬آھي‪ .‬الڙيَء وانگر ٿريَء ۾ بھ اوسرڳائي آھي‪.‬‬
‫جنھن‪ ،‬تنھن‪ ،‬ڪنھن ۽ ڪڏھن کي جين‪ ،‬تين‪ ،‬ڪين ۽ ڪڏين‬
‫ڪري اچارين‪ .‬خاص اسمن کي اچارڻ جو بھ ٿرين وٽ پنھنجو‬
‫منفرد طريقو آھي‪ ،‬جو ڪڇيَء سان مشابھھ آھي‪ .‬آچار کي‬
‫آچاريو‪ ،‬سومار کي سوماريو‪ ،‬بچل کي بچو‪ ،‬بچيو ۽ ٻيجل کي‬
‫ٻيجليو‪ ،‬ايستائين جو محمد کي مامون‪ ،‬ماموڙو ۽ مامديو چون‪.‬‬
‫ضميرن ۾ پنھنجو کي پانجو‪ ،‬صفتن ۾ بھ الڙ سان ھڪجھڙائي‬
‫آھي‪ .‬چڱو کي چون کاشو‪ .‬ڪمتر کي چون النئون‪ .‬ٿر ۾ فعلن‬
‫جي صيغي ۾ بھ ھڪ منفرد سرشتو رائج آھي‪ .‬ان ھيٺ مقامي‬
‫صورتون ٺھن ٿيون‪ .‬ماضيَء جي صيغي ۾ اڏيو‪ ،‬ٻڌو‪ ،‬ماريو ۽‬
‫ڦٽيو جون صورتون آھن‪ :‬اڏاڻو‪ ،‬ٻڌاڻو‪ ،‬ماراڻو ۽ ڦٽاڻو‪ .‬ويو بجاِء‬
‫چون وھيو‪ .‬مثال‪ :‬ھو وچينَء ٽاڻي وھيو مٺيَء‪ .‬ٿر کي مقامي‬
‫لفظن جو ھڪ چڱو ذخيرو پنھنجو آھي‪ .‬مثال‪:‬‬
‫سٺ پره اونھون‬ ‫ساٺيڪو‬
‫کوهھ‬
‫کٿي‬ ‫ڀاروڙي‬
‫کنگھھ‬ ‫دونس‬
‫اڃ‬ ‫تونس‬
‫مزو‬ ‫چس‬
‫سستي‬ ‫آرساڻو‬
‫اجائي ڳالھھ‬ ‫ڦدولي‬
‫کاڌو‬ ‫آھار‬
‫جاِء اوطاق‬ ‫ٿاجا‬
‫ٽنگ‬ ‫سل‬
‫ڄار کٻڙ‬ ‫ساڏوھي‬
‫وعدو پروگرام‬ ‫ڊائي‬
‫وٺو‬ ‫اٺو‬
‫انھيَء کان سواِء بھ ٿري ادب ۾ لوڪ گيتن ۾ رائچند‪،‬‬
‫منگھارام اوجھا‪ ،‬محمد عثمان ڏيپالئي‪ ،‬محمد عثمان اديب‪ ،‬ثريا‬
‫سوز ۽ ٻين اديبن ٿري ماڻھن ۽ ٻوليَء الِء گھڻو پاڻ پتوڙيو آھي‪.‬‬
‫السي محاورو‪ :‬ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو‬
‫ڪتاب ”ٻيالين جا ٻول“‪ ،‬لس جي محاوري ۽ ادبي ذوق الِء‬
‫ھڪڙو ئي بس آھي‪ .‬ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو‪” :‬ٻيلي جي ٻولي‬
‫پنھنجي جاگرافيائي بيھڪ موجب مختلف زبانن جي ميزبان ٿي‬
‫رھي آھي‪ .‬انھيَء ڪري منجھس لغوي جاذبيت جھجھي آھي(‪.)٠٣‬‬
‫لس ٻيلي جو (السي) محاورو پنھنجي ڏکڻ واري الڙي محاوري‬
‫سان ڪنھن حد تائين ربط ۾ آھي؛ پر تھ بھ ھن ۾ اڪثر رواجي‬
‫حرڪات کي وڌايو وڃي ٿو‪” .‬نھ تھ“ کي ”ناتي“ ڪري ڪم‬
‫آڻجي ٿو‪ .‬جيئن ڪبيرشاھھ ٿو چوي‪:‬‬
‫ڪا ڪل پييم ڪانھ وڃڻ جي ناتي ھوت آٌء ھوشياري‬
‫ھئي(‪.)٠٤‬‬
‫ڪبيرشاھھ‪ ،‬سنڌ جو شاعر ھو ۽ ھتان ڪھي ٻيلي جي‬
‫شاعر شيخ ابراھيم سان مارڪو (معرڪو‪ -‬مقابلو) ڪرڻ ويو ھو‪.‬‬
‫السي محاوري ۾ بھ اوسرڳائي موجود آھي‪ .‬تنھنجي بدران‬
‫توجو‪ ،‬ٻاجھھ بدران ٻاج چون‪ .‬ڪن لفظن ۾ زائد نون جو آواز‬
‫ڪڍن ٿا‪ .‬ساجھر بدران سانجھر ۽ ستر کي سنتر چون‪’ .‬و‘ ڪن‬
‫لفظن ۾ ”ٻ“ سان بدلجي ٿو ۽ ايئن ويٺو بدران ٻيٺو‬
‫چون‪’ .‬ي‘ بھ اڪثر ’ج‘ ۾ بدلجي‪ .‬جيئن ياد بدران جاد چون (الڙ‬
‫۾ زاد بھ چون)‪ .‬يتيم کي جتيم چون‪ ،‬اِھو بھ الڙي محاوري ۾‬
‫آھي‪ .‬اڪثر ’ذ‘ بھ ’ج‘ ۾ بدلجي ٿو‪ .‬مثال‪ :‬ذات کي جات چوڻ‪.‬‬
‫(ويندي ڏانھن پرين‪ ،‬جتي جات نھ پائيان‪ -‬شاھھ لطيف)‪.‬‬
‫فارسي لفظ چشم کي شاعرن ڇم ڪري ڪم آندو آھي‪.‬‬
‫چمڙي جي مشڪ ۾ پاڻي وجھن تھ ان کي اوئي چون‪ ،‬جي کير‬
‫وجھن تھ ان کي ايزڪ چون (‪ .)٠٥‬السي محاوري جون ڪي‬
‫نحوي خوبيون‪ ،‬بلوچستان جي سنڌي محاورن سان ملن ٿيون‪،‬‬
‫جن ۾ کيتراني فراڪي ۽ بغدالي اچي وڃن ٿا‪.‬‬
‫مخصوص لفظ ھن محاوري جي انفراديت کي ظاھر‬
‫معني سميت ھي آھن‪:‬‬
‫ٰ‬ ‫ڪن ٿا‪ .‬ڪي لفظ‬
‫لسي‬ ‫است‬
‫ڦٽل لسي‬ ‫اِڇون‬
‫ذرا‬ ‫تسو‬
‫بھادر‬ ‫پانڍو‬
‫مقابلو‬ ‫پانواڻو‬
‫ڪڪر‬ ‫ڇمر‬
‫چڱو ماڻھو‬ ‫ساپرس‬
‫پيچرو‬ ‫سلو‬
‫شينھن‬ ‫مزار‬
‫ڏيڏري‬ ‫منگٽي‬
‫مشھور‬ ‫پيدوار‬
‫فصل‬ ‫ڌاڃ‬
‫کنوڻ‬ ‫چيھھ‬
‫ھرڻ‬ ‫چيھل‬
‫ھمت وارو‬ ‫ڪڙھو‬
‫ٻڪري‬ ‫ائي‬
‫اٿڻ‬ ‫اڇڻ‬
‫خرچ ڪرڻ‬ ‫اگارڻ‬
‫جڏھن‬ ‫جر‬
‫تڏھن‬ ‫تر‬
‫باھھ‬ ‫ڄيرو‬
‫چڱو‬ ‫خاصو‬
‫مھندان‪ -‬اڳيان‬ ‫ماھندا‬
‫پيُء ماُء‬ ‫پي ما‬
‫ننڍو پالڻ (اٺ جو)‬ ‫ھستي‬
‫ڍڳين جو ڌڻ‬ ‫گورم‬
‫اھو ڌڻ جنھن ۾ رڍن کان‬ ‫ڪيراگ‬
‫ٻڪريون گھڻيون ھجن‪.‬‬
‫سائو‪ -‬آباد‬ ‫سرڇو‬
‫ڏکيو‪ ،‬سڃو ۽ ڏليل‬ ‫ارڇو‬
‫کلون‬ ‫لوھيون‬
‫باندر‬ ‫وانر‬
‫برسات‬ ‫ڳيڙو‬
‫واندا‪ ،‬بي اونا‬ ‫وانڍا‬
‫وھٽ جو پاڻي پيئڻ‬ ‫مھرڻ‬
‫کير جي ڏھائي‬ ‫ميڙيانو‬
‫ميراڻ‬ ‫مر‬
‫ڪپڙا‪ ،‬لٽا‬ ‫پڇ‬
‫پيٽ‬ ‫چڇ‬
‫ھڏ گٺل‬ ‫ھڏ پِينو‬
‫جبل جا اڌ ڪپر‬ ‫اڌوڪر‬
‫سور‬ ‫گڊو‬
‫واڙو‬ ‫ماڇانڊ‬
‫پوڙھيون‪ ،‬اڀريون‬ ‫جھڪون‬
‫ڏاس مان ٺھيل فراسيون‬ ‫اوجا‬
‫ڏاس مان ٺھيل ڳوڻيون‬ ‫جول‪ ،‬گريٿا‬
‫کٿيون‬ ‫مرنيون‬
‫گھنج‬ ‫ڳڃ‬
‫نشو ڍؤ‬ ‫ڳم‬
‫ڄمڻ وقت ڏنل خوراڪ‬ ‫ِپرو‬
‫ٻاڪرو‬ ‫اڪورو‬
‫ريڍو‬ ‫پاھو‬
‫ٻڪريون‬ ‫پھون‬
‫ننڍي پڇ واريون رڍون‬ ‫ڪوڪيون‬
‫ڳوٿري‬ ‫بڊي‬
‫ڍڪ‬ ‫ٻٽا‬
‫رلي‬ ‫ڌڙڪي‬
‫واقعي جا يادگار‬ ‫مائي‬
‫بخيل‬ ‫ننڌ‬
‫لڪائڻ‬ ‫ٿمڻ‬
‫ڳئون‬ ‫ٽاڏ‬
‫تندرست‬ ‫نمرو‬
‫شعرن‪ ،‬ڳجھارتن ۽ لوڪ ادب جي صنفن ۾ السي ۽‬
‫ڪوھستاني لفظ گھڻو استعمال ٿيا آھن‪ .‬شاھھ جي ھيَء وائي السي‬
‫محاوري جو ھڪ منفرد مثال آھي‪:‬‬
‫وسان ٿي وياس‪ ،‬لڳم ٻاڻ ٻروچ جو‪،‬‬
‫پرزا پٻ ورن ۾‪ ،‬پِٿون ٿي پياس‪،‬‬
‫تھ پڻ ڪاڍو ڪيچ ڏي‪ ،‬توڻي ماُء مياس‪،‬‬
‫پاڻ وڃايم پير تي‪ ،‬ڇٽي آٌء ڇٽياس‪،‬‬
‫ھيڏي شھر ڀنڀور ۾‪ ،‬نھ ڪو پيُء نھ‬
‫ماس‪،‬‬
‫پييم وچ وصال ۾‪ ،‬سنجھي آٌء ستياس‪،‬‬
‫اال ان م وسران‪ ،‬ڏٺي جن ِجياس‪،‬‬
‫پييس ور وصال جي‪ ،‬جانڪيتان‬
‫جيندياس‪،‬‬
‫اديون عبداللطيف چئي‪ ،‬محبن سان‬
‫ملندياس‪.‬‬
‫موجوده سنڌ کان ٻاھر جا ننڍا محاورا‪:‬‬
‫اِھا ھڪ مڃيل ڳالھھ آھي تھ سنڌ ماضيَء ۾ پنھنجو‬
‫موجوده ايراضيَء کان وسيع ھئي‪ .‬ان ڪري پاسي وارن عالئقن‬
‫۾ بھ سنڌي زبان موجود ھئي‪ .‬بلوچستان ۾ مختلف ايراضين‬
‫۾ سنڌي زبان موجود رھي آھي‪ .‬انھيَء سلسلي ۾ السي محاوري‬
‫جو جائزو وٺي آياسين‪ .‬لس ٻيلو سمن حاڪمن جي ھٿ ھيٺ‬
‫رھيو آھي‪ .‬شاعرن جي بھ ڳالھھ ٿي آھي‪ ،‬پر حڪمران بھ سنڌي‬
‫وزيراعلي بھ ڄام آھي‪.‬‬
‫ٰ‬ ‫ڳالھائيندر ھئا ۽ ھن وقت صوبي جو‬
‫ان کان سواِء بھ بلوچستان جي مختلف حصن ۾ سنڌي مادري‬
‫زبان طور رائج آھي‪ .‬ڀاڳناڙيَء ۾ سيد رکيل شاھھ ھڪ وڏو‬
‫شاعر ٿي گذريو آھي‪ .‬سبي خطي ۾ بھ سنڌيَء جا مختلف‬
‫محاورا موجود آھن‪ .‬انھن جي باري ۾ داد محمد خادم بروھي‬
‫پي ايڇ‪ .‬ڊيَء الِء ‪٠١٣٤‬ع ۾ مقالو پيش ڪيو‪ .‬ھن مقالي جو‬
‫عنوان آھي‪” :‬سبي خطي ۾ سنڌيَء جي مختلف محاورن جو‬
‫مطالعو“‪ .‬ھن ايراضيَء ۾ فراڪي ۽ کيتراني محاورا رائج آھن‪.‬‬
‫ڊاڪٽر داد محمد‪ ،‬فراڪي تي تفصيل سان لکيو آھي‪ .‬سبيَء ۾‬
‫ھڪ ماڻھوَء کان پڇيم تھ ڪير آھين تھ جواب ڏنائين تھ پڻي‬
‫پٺاڻ‪’ .‬ٻولي ڪھڙي ڳالھائيندا آھيو تھ چيائين تھ اِھائي جيڪا‬
‫ڳالھايان پيو‪ .‬اسين سنڌيَء ۾ ڳالھائي رھيا ھئاسين‪ .‬پڻي ھڪ‬
‫قديم قوم آھي‪ ،‬جنھن جي باري ۾ تاج صحرائي ۽ ٻين لکيو‬
‫آھي‪ .‬ھي محاورا ڪراچيَء کان اتر لس ٻيلي ۽ سبيَء تائين‬
‫پکڙيل آھن‪ .‬فراڪي ۽ کيتراني ٻين ننڍن محاورن کان وڌيڪ‬
‫ايراضيَء ۾ رائج آھن‪.‬‬
‫فراڪي محاورو‪ :‬ھي سبيَء سان واسطو رکي ٿو‪ .‬ھن‬
‫کي وطني ۽ ملڪي بھ سڏين ٿا‪ .‬ھن جي ايراضيَء بابت ڊاڪٽر‬
‫داد محمد خادم لکي ٿو‪” :‬سبي‪ ،‬سنڌ جي سرحدي شھر جيڪب‬
‫آباد کان اٽڪل ھڪ سؤ ميل اتر اولھھ ۾ آھي‪ .‬اڳوڻي ڊويزن‬
‫جي حساب سان ھن ۾ سبي‪ ،‬ڪڇي‪ ،‬نصيرآباد‪ ،‬ڪوھلو ۽ ديره‬
‫بگٽيَء جا ضلعا شامل ھئا‪ .‬ھتان جا نوي سيڪڙو ماڻھو سنڌي‬
‫مادري زبان طور ڳالھائيندڙ آھن‪ .‬سبيَء جي ھن محاوري تي‬
‫نالي پوڻ جو سبب ڄاڻائيندي ڊاڪٽر داد محمد لکي ٿو‪” :‬ھي‬
‫لفظ فراغ (وسيع) مان ورتل آھي ۽ وسيع عالئقي ۾ رائج آھي‪.‬‬
‫وقت گذرڻ سان سرائيڪي‪ ،‬بروھڪي ۽ پٺاڻڪي جي لفظي اثر‬
‫ھيٺ فراڪي سڏجڻ ۾ آيو(‪ “.)٠٧‬بقول ڊاڪٽر داد محمد ھي‬
‫محاورو سبيَء جي چوڌاري ڍاڍر‪ ،‬تلي‪ ،‬ڪڙڪ‪ ،‬مال‪ ،‬صافي ۽‬
‫مزري ۾ بھ موجود آھي(‪ .)٠٣‬ان سان گڏ جھل مگسي‪ ،‬روجھاڻ‬
‫جماليَء ۾ مگسي‪ ،‬جمالي‪ ،‬خاڪواڻي ۽ رئيساڻي قبيال بھ سنڌي‬
‫ڳالھائيندا‪ /‬ڄاڻندا آھن‪ .‬روزانھ ڪاروبار جي عام زبان بھ سنڌي‬
‫(فراڪي) آھي‪ .‬فجڪ ڳوٺ جا پٺاڻ پشتو سان گڏ سنڌي بھ‬
‫ڳالھائيندا آھن(‪.)٠١‬‬
‫اڪثر وينجن جو تلفظ فراڪيَء ۾ تبديل ٿئي ٿو‪ .‬فوٽو‬
‫مان ڦوٽو ۽ آزاد مان آزات‪ ،‬تھ زنجير کي جنجير‪ ،‬رواج کي‬
‫رواز ۽ مبارڪ کي مبارخ چون‪ .‬سر آوازن ۾ آخري حمزي جو‬
‫اچار گھٽائي ختم ڪري ڇڏين ٿا‪ .‬جيئن ماُء‪ -‬ما‪ ،‬ڀاُء‪ ،‬ڀا ۽ بچاُء‪-‬‬
‫بچا چون‪.‬‬
‫وسرڳ کي بھ اوسرڳ ڪري اچارين‪ .‬جيئن‪ :‬آھستي‬
‫بدران آستي‪ ،‬اھڙو بدران ايڙو ۽ گھر کي گر چون‪ .‬الڙيَء ۾ بھ‬
‫ايئن آھي‪ .‬معياري جي اڪثر لفظن کي ي مان ڦيرائي حمزي ۾‬
‫ڪندا آھن‪ ،‬جيئن‪:‬‬
‫ٿئا‬ ‫ٿيا‬
‫ٿئو‬ ‫ٿيو‬
‫والئت‬ ‫واليت‬
‫کڻائو‬ ‫کڻايو‬
‫ٻڌائو‬ ‫ٻڌايو‬
‫وٺائو‬ ‫وڍايو‬
‫ان کان سواِء اتر جي محاوري وانگر ٽ ۽ ڊ کي ٽر ۽ ڊر‬
‫ڪري اچارين‪ .‬مثال‪ :‬ڊڪائڻ کي ڊرڪائڻ‪ ،‬ڍڳو کي ڍرڳو ۽ ٽپڙ‬
‫کي ٽرپڙ چون‪ .‬واحد مان جمع ٺاھڻ الِء بھ سري جي محاوري‬
‫وانگر ’آن‘ پڇاڙيَء ۾ ڳنڍجي ٿي‪ .‬مثال‪ :‬عوج (عوجان)‪ ،‬موج‬
‫(موجان)‪ ،‬قبر (قبران)‪ ،‬خبر (خبران)‪ ،‬ڪتاب (ڪتابان)‪ ،‬ڪوڏر‬
‫(ڪوڏران) ۽ ڪوڪ (ڪوڪان)‪.‬‬
‫فعل ماضيَء مان ي حذف ٿئي ٿي‪ .‬جيئن پڙھيو بدران‬
‫پڙھو‪ ،‬لکيو بدران لکو چون‪ .‬فعلن ۾ ‪/‬د‪ /‬حذف ٿئي ٿي‪ .‬مثال‪:‬‬
‫لکندو‪ ،‬لکنم ۽ ڀڄندو کي ڀڄنو‪ .‬اِن کان سواِء خالص ضميرن‬
‫جا اچار بھ فراڪيَء ۾ ھن ريت آھن‪:‬‬
‫فراڪي‬ ‫معياري‬
‫ايھو‬ ‫اِھو‬
‫اوھو‬ ‫اھو‬
‫اوھي‬ ‫اھي‬
‫توئان‬ ‫توھان‬
‫ھڻ‬ ‫ھن‬
‫اڻي‬ ‫انھيَء‬
‫اڻن‬ ‫انھن‬
‫پانجو‬ ‫پنھنجو‬
‫مينجو‬ ‫منھنجو‬
‫اڻ‬ ‫ان‬
‫نون غنون بھ ڪن لفظن ۾ شامل ڪن‪ .‬جيئن‪:‬‬
‫شونق‬ ‫شوق‬
‫غونث‬ ‫غوث‬
‫ڪپنھھ‬ ‫ڪپھھ‬
‫ڪي معياري سنڌيَء جا جمال فراڪيَء ۾ ھن ريت‬
‫ڳالھائجن ٿا‪:‬‬
‫معياري‪ -‬وري ڪيڏانھن پيو وڃين؟‬
‫فراڪي‪ -‬وت ڪيڏي وينو پئو آن؟‬
‫معياري‪ -‬ڇا پيو ڪرين؟‬
‫فراڪي‪ -‬ڇا ڪنو پئو آن؟‬
‫معياري‪ -‬مان ماني کائي رھيو آھيان‪.‬‬
‫فراڪي‪ -‬مان ماني کائنو پيو آن‪.‬‬
‫معياري‪ -‬لعلو پڙھندو ھو‪.‬‬
‫فراڪي‪ -‬لعلو پڙھندو پئو ھو‪.‬‬
‫ھرھڪ محاوري ۾ چوڻيون‪ ،‬پھاڪا ۽ اصطالح وغيره‬
‫ھوندا آھن‪ .‬فراڪيَء ۾ بھ اھي گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا‪.‬‬
‫کيتراني (مختصر تعارف)‪ :‬ھي محاورو بلوچستان ۾‬
‫لوراالئي جي ايراضي بارکان ۾ ڳالھايو وڃي ٿو‪ .‬ھن جون‬
‫پاڙيسري زبانون بلوچي ۽ سرائيڪي آھن‪ .‬کيترانيَء تي بقول‬
‫ڊاڪٽر داد محمد‪ ،‬پشتو جو اثر نمايان آھي(‪ .)٠٢‬ھن محاوري‬
‫جي نسبت کٽياڻ قبيلي سان چئي وڃي ٿي‪ .‬ھي سماٽ ذات آھي‪.‬‬
‫روايت آھي تھ کٽياڻن جو اصل تعلق افغانستان سان آھي‪.‬‬
‫بلوچستان ۾ رھڻ ڪري بلوچ سڏايائون‪ .‬سنڌ ۾ آباد ٿيا‪ .‬سندن‬
‫وڏو بھادر خان سنڌ مان لڏي لوراالئي ويو‪ .‬سندس نالي پٺيان‬
‫بارکان مشھور ٿيو‪ .‬کٽياڻ بگڙي کيتران ٿيو‪ .‬ھي محاورو‬
‫صرف و نحو جي آڌار تي نھايت دلچسپ آھي‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫‪ -٠‬چنڊ‪ ،‬محمد عمر‪ ،‬لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليَء جون‬
‫آراڌايون‪ ،‬زيب ادبي مرڪز حيدراباد‪٠١٣٥ ،‬ع‪ ،‬ص‬
‫‪.٠٧‬‬
‫‪2- Mario Pei & Gaynor, Dictionary of linguistis, New‬‬
‫‪York, 1954, p.56‬‬
‫‪ -٣‬جيٽلي‪ ،‬مرليڌر (ڊاڪٽر)‪ ،‬مقالو‪” :‬سنڌ ۾ سنڌي ٻوليَء‬
‫تي ٿيل کوجنا“ ساھتڪار مھاراشٽر راجيھ ساھت‬
‫اڪادمي‪ ،‬ممبئي‪٠١٣٣ ،‬ع‪ ،‬ص ‪.٠١‬‬
‫‪4- Jones, D. An outline of English Phonetics, Cambridge, 1960,‬‬
‫‪P.11‬‬
‫‪5- Hochett pp. 473, 474 & 477.‬‬
‫‪6- Robins, R.H. General Linguistics, (an introductory survey‬‬
‫‪Longman London, 1964, p.57.‬‬
‫‪7- Bloomfield, L. Language, New York, 1976, p. 321.‬‬
‫‪8- Robins- pp. 58-59.‬‬
‫‪ -١‬ڀيرومل‪ ،‬سنڌي ٻوليَء جي تاريخ‪ ،‬ص ‪.٠١‬‬
‫‪ -٠٢‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٠٠٣‬‬
‫‪ -٠٠‬ايضا‪ ،‬ص ص ‪ ٠٠٣ -٠٠٧‬۽ ‪.٠٠١‬‬
‫‪ -٠٠‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٠٥٠‬‬
‫‪ -٠٣‬بلوچ‪ ،‬نبي بخش خان (ڊاڪٽر)‪ ،‬ٻيالين جا ٻول‪ ،‬زيب‬
‫ادبي مرڪز‪ ،‬حيدرآباد‪٠١٧٢ ،‬ع (ٻيو ڇاپو) ص ‪.٧٤‬‬
‫‪ -٠٤‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٧٠‬‬
‫‪ -٠٥‬سمون‪ ،‬الھبچايو‪ ،‬سير ڪوھستان‪ ،‬سنڌي ادبي‬
‫بورڊ‪ ،‬حيدرآباد‪٠١٥١ ،‬ع‪ ،‬ص ‪.٣٣‬‬
‫‪ -٠١‬خادم‪ ،‬داد محمد (ڊاڪٽر)‪ ،‬سبي خطي ۾ سنڌيَء جي‬
‫مختلف محاورن جو مطالعو‪ ،‬قلمي‪ ،‬ص ‪.٣‬‬
‫‪ -٠٧‬ايضا‪ ،‬قلمي‪ ،‬ص ‪.٥‬‬
‫‪ -٠٣‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٥‬‬
‫‪ -٠١‬ايضا‪ ،‬ص ‪.٠١‬‬
‫‪ -٠٢‬خادم‪ ،‬داد محمد‪ ،‬ماھنامھ پيغام‪ ،‬مقالو‪” :‬سنڌي‬
‫ٻولي ۽ ان جا محاورا“‪ ،‬فيبروري ‪٠١٣٣‬ع‪ ،‬ص ‪.٠٠‬‬
‫باب ستون‬
‫پھاڪا‪ ،‬اصطالح‪ ،‬چوڻيون ۽‬
‫ورجيسون‬
‫مون کي احساس آھي تھ ڪنھن بھ زبان جي اصل‬
‫جوھر جي پرک ان جي لساني‪ ،‬صوتياتي ۽ صرف و نحو جي‬
‫تپاس ۽ اپٽار سان ٿئي ٿي‪ .‬منجھس ڪھڙيون خوبيون ۽‬
‫نرااليون آھن‪ ،‬انھن جي جاچ ڪجي ۽ کولي مثالن سان بيان‬
‫ڪجي‪ .‬اِن ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ لسانياتي جائزو زبان جي‬
‫حسن کي پوري آب و تاب سان ظاھر ڪري ٿو‪ .‬سنڌي زبان جي‬
‫ماھرن اِن باري ۾ گھٽايو ڪونھي‪ ،‬ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي‪،‬‬
‫ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي‪ ،‬پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر‬
‫غالم علي االنا ھن سلسلي ۾ بنيادي ڪم ڪيو آھي ۽ لسانيات‬
‫توڙي گرامر جي ھر پھلو ۽ باريڪ نڪتن کي کولي بان ڪيو‬
‫اٿن‪ .‬آٌء ھن باب ۾ زبان جي حسن ۽ جلوي کي آشڪار ڪرڻ ٿو‬
‫گھران‪ ،‬جيڪو پھاڪن‪ ،‬اصطالحن‪ ،‬چوڻين ۽ ورجيسن ۾ بھ‬
‫موجود آھي ۽ زبان جي ماھيت ۽ جوھر کي ظاھر ڪري ٿو‪.‬‬
‫زبان ۾ خوبصورتي ڪيئن پيدا ڪجي‪ ،‬ان الِء ان کي‬
‫معني وارن فقرن سان سينگاري پيش ڪبو آھي‪.‬‬ ‫ٰ‬ ‫خوبصورت‬
‫اھي فقرا آھن‪ :‬پھاڪا‪ ،‬اصطالح‪ ،‬چوڻيون ۽ ورجيسون‪ .‬ڪيترا‬
‫قديم آھن؟ ان جو اڃان مڪمل سراغ نھ مليو آھي‪ .‬البت ڪن‬
‫جو شان نزول محققن بيان ڪيو آھي‪ ،‬جنھن سان پھاڪن وغيره‬
‫معني ۾ ٺھڪي اچڻ جي پروڙ پوي ٿي‪.‬‬
‫ٰ‬ ‫جي لفظن ۽‬
‫سنڌيَء ۾ ابتدا ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيَء‬
‫(‪٠١٠١ -٠٣٤٤‬ع) پنھنجي ڪتاب ”سنڌي پھاڪا“ (‪٠٣٣١‬ع) سان‬
‫ڪئي‪ .‬ان کانپوِء روچيرام ڪرپاالڻي‪ ،‬ڪيولرام سالمت راِء‬
‫آڏواڻي‪ ،‬مرزا قليچ بيگ‪ ،‬ڀيرومل مھرچند‪ ،‬ڊاڪٽر سنديلي ۽‬
‫ٻين ھي خزانو گڏ ڪيو‪ .‬اھڙو وچور ڊاڪٽر سنديلي پنھنجي‬
‫ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙ“ (‪٠١١١‬ع) جي مقدمي ۾‪ ،‬۽ ڊاڪٽر‬
‫جيٽليَء‪ ،‬سنتداس پنھون مل ڪشناڻيَء جي ڪتاب ”سنڌي پھاڪا‬
‫۽ محاورا“ جي مھاڳ ۾ ڏنو آھي‪ ،‬جيڪو مھاڳ پوِء جدا ڪتابي‬
‫صورت ۾ بھ شايع ٿيو‪.‬‬
‫”سرمو سڀڪو پائي پر اک اک جو ڦير آھي‪“.‬‬
‫ھي پھاڪو جڏھن ڪنھن جملي کان سواِء ڳالھائبو تھ‬
‫بھ مطلب چٽو بيھندو‪ .‬مطلب آھي تھ سھڻي اک ۾ سرمو بھ‬
‫معني ظاھر ڪري ٿو ۽ مطلب‬‫ٰ‬ ‫سونھندو‪ .‬پھاڪو خود سونھن جي‬
‫کي وڌيڪ خوبصورت بنائي ٿو‪ .‬اھو آھي زبان جو اصل جوھر‪.‬‬
‫سڀني ٻولين ۾ ھي خزانو موجود آھي‪ .‬جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا‪.‬‬
‫ماُء ھرڪا پنھنجي اوالد کي ساراھيندي‪ ،‬اسين پنھنجي ھن‬
‫اڻملھھ خزاني کي واکاڻينداسين‪.‬‬
‫ھي خزانو لوڪ سوچ ۽ ساھت جي پيداوار آھي‪ .‬ماڻھن‬
‫کي جيڪو تجربو ٿيو‪ ،‬جيڪي ھنن ڏٺو وائٺو‪ ،‬تنھن کي ننڍن‬
‫فقرن ۽ تڪن جو روپ ڏنائون‪ ،‬وقت گذرڻ سان سياڻن‪،‬‬
‫معني موجب‬
‫ٰ‬ ‫سٻوجھن ۽ عالمن ھنن ننڍين تڪن کي ھيئت ۽‬
‫ورھائي جدا جدا ناال ڏنا ۽ جي شيون حافظن ۾ محفوظ ھيون‪،‬‬
‫تن کي ضبط تحرير ۾ آندو‪ .‬ھيَء تقسيم گھڻي محنت ۽‬
‫مطالعي کان پوِء ڪئي ويئي‪ ،‬نھ تھ اڻ ڄاڻن اڻ تارن ھن بي‬
‫انت بحر ۾ ٿاڦوڙا بھ ھنيا آھن‪.‬‬
‫ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر‬
‫مرليڌر جيٽلي ھن بحر ذخائر جا سچا غواص ثابت ٿيا‪ .‬ھن جنس‬
‫جي کري تي آخري ٺپو سندن آھي‪ .‬ڊاڪٽر جيٽليَء جي مٿي‬
‫ذڪر ڪيل مھاڳ ۾ تمام سھڻي تقسيم ۽ وضاحت موجود آھي‪.‬‬
‫ھو ھن خزاني کي چئن قسمن ۾ ورھائي ٿو‪ ،‬جيڪي ھيئت ۽‬
‫معني جي مدنظر جوڙيا ويا آھن‪ .‬انھن ۾ ماڻھن جي زندگيَء‬ ‫ٰ‬
‫سان الڳاپيل نڪتا آھن‪ .‬ان ۾ ماڻھن جي سوچ ۽ ڏک سک شامل‬
‫آھن‪ .‬لوڪ ادب جو حصو ھجڻ ڪري پھاڪن‪ ،‬عام محاورن ۽‬
‫چوڻين جو مرڪز ڳوٺ آھن‪ .‬اسان جي تھذيب ۽ تمدن جا بنيادي‬
‫رنگ پھاڪن ۾ سمايل آھن‪ .‬رھڻي ڪھڻي‪ ،‬اعتقاد‪ ،‬ريتون ۽‬
‫وندرون پھاڪن ۽ محاورن جا بنيادي ٿنڀ آھن‪ .‬ڊاڪٽر جيٽلي‬
‫ھڪ چارٽ وسيلي اھڙي تقسيم ڪئي آھي(‪.)٠‬‬
‫پھاڪا‪ ،‬ھڪ مخصوص انداز ۽ تڪن ۾ ٺھيل آھن‪ .‬ھنن‬
‫معني جو اظھار بنيادي ۽ پڌرو آھي‪ .‬ھن‬‫ٰ‬ ‫۾ زبان جي چونڊ ۽‬
‫خزاني کي عالمن ۽ محققن ڪٿي درج بندي ڪندي ھڪ کي‬
‫ٻئي کان جدا نھ ڪيو آھي‪ .‬ھاڻي اھا ڳالھھ درجھ بندي ٿي‬
‫چڪي آھي‪ .‬ڪن ليکڪن ھر مصدر جي صورت وارن فقرن کي‬
‫معني ڏيڻ‬
‫ٰ‬ ‫اصطالح ڄاتو آھي‪ ،‬ايئن نھ آھي‪ .‬مقصد ٻي ۽ سھڻي‬
‫وارو نڪتو آھي‪ ،‬ان ڪري چئبو تھ کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويھڻ‬
‫اصطالح نھ آھن‪ ،‬پر وات ۾ مڱ ھجڻ‪ ،‬۽ کير کنڊ ٿيڻ اصطالح‬
‫آھن‪.‬‬
‫ھن فن جي ھر قسم )‪ (category‬جو اڀياس ڪبو تھ ان ۾‬
‫معني جا موتي ٻئي‬
‫ٰ‬ ‫لفظي ٺاھھ ٺوھھ ۽ حسن ھڪ طرف تھ‬
‫طرف موجود آھن‪ .‬سياڻن پھرين تھ پئي ھي موتي ميڙيا ۽ ھاڻي‬
‫معني موجب ورھاست‬ ‫ٰ‬ ‫بلڪل ويجھڙائيَء ۾ انھن جي ھيئت ۽‬
‫ڪري پيش ڪيائون‪ .‬تازي ۾ تازو جائزو ڊاڪٽر جيٽلي ڪيو‬
‫آھي‪ .‬ھو شري سنتداس پنھون مل ڪشناڻيَء جي ڪتاب ”سنڌي‬
‫پھاڪا ۽ محاورا“ جو تفصيلي مھاڳ لکندي‪ ،‬ھو فن جي قسمن‬
‫جي تقسيم چئن حصن ۾ ڪري ٿو‪ .‬اھي ھي آھن‪ :‬پھاڪا‪،‬‬
‫چوڻيون‪ ،‬اصطالح (يا محاورا) ۽ ورجيسون‪ .‬انگريزيَء ۾‬
‫پھاڪن الِء پراورب )‪ (proverb‬۽ اصطالح‪ /‬محاوري الِء اِڊئم‬
‫)‪ (Idiom‬جو لفظ نعم البدل آھي‪ .‬جڏھن سنڌيَء ۾‬
‫چئون‪” :‬بامحاوره زبان“ )‪ (Idiomatic language‬تھ اِتي محاوره جي‬
‫معني واضح آھي ۽ اِھا اصطالح جي آھي‪ .‬سڀ زبانون ھن‬ ‫ٰ‬
‫خزاني کان خالي نھ آھن‪ .‬ايئن چوڻ تھ سنسڪرت يا ٻي زبان‬
‫۾ پھاڪا نھ آھن‪ ،‬صحيح نھ ٿيندو(‪” .)٠‬يٿا راجا تٿا‬
‫پرجا“ سنسڪرت مان آھي‪ ،‬جنھن مان ”جھڙو راجا تھڙي‬
‫پرجا“ ورتل آھي‪.‬‬
‫ھڪڙا پھاڪا مختلف زبانن ۾ ساڳيا آھن‪Empty vessel .‬‬
‫معني وارا‬
‫ٰ‬ ‫‪” thunders muck‬سکڻي ڪني گھڻو اڀامي“ ھڪ ئي‬
‫معني آھن‪:‬‬
‫ٰ‬ ‫آھن‪ .‬عربي‪ ،‬فارسي ۽ سنڌيَء جا ھيٺيان پھاڪا ھم‬
‫‪ -‬التعجيل فعل الشطان (ع)‬
‫‪ -‬تعجيل ڪار شيطان (ف)‬
‫‪ -‬تڪڙ ڪم شيطان جو (س)‬
‫معني آھن‪:‬‬
‫ٰ‬ ‫فارسي ۽ سنڌيَء ۾ ھيٺيان پھاڪا ھم‬
‫‪ -‬دو برادر سوم حساب (ف)‬
‫‪ -‬ٻھ ڀائر ٽيون ليکو (س)‬
‫لڳي ٿو تھ ڪي پھاڪا شعوري ڪوشش سان بھ ترجمو‬
‫ڪيا ويا آھن‪.‬‬
‫ھي جيڪي بھ ھن علمي خزاني جون صنفون آھن؛ انھن‬
‫جي ڊاڪٽر جيٽلي واري تقسيم ڪافي آھي‪ .‬انھن ورجيسن کي‬
‫وري خود ساختھ قسمن جي ورجيسي پھاڪن‪ ،‬جملن ۽‬
‫اصطالحن ۾ ورھائڻ پاڻ ھڪ مونجھارو پيدا ڪرڻ برابر آھي(‪.)٣‬‬
‫ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ھنن چئن قسمن ۾ فرق‬
‫ڪھڙو آھي؟ ان جو ھڪ ھڪ مثال وٺون ٿا‪.‬‬
‫معني کي ڪنھن‬ ‫ٰ‬ ‫‪ -٠‬پھاڪو اھو آھي‪ ،‬جنھن ۾ موجود‬
‫مثال سان ظاھر ڪجي‪ .‬جيئن چئجي تھ ڪنھن کان ڪو ڪم‬
‫نٿو پڄي تھ چئي ”خراب آھي“ پھاڪي وارو ان کي ھنن چند‬
‫لفظن ۾ ظاھر ڪري ٿو‪” :‬گدڙ ڊاک نھ پڄي آکي ٿو کٽا‪“.‬‬
‫معني وٺڻ الِء آڻجن ٿيون ۽‬ ‫ٰ‬ ‫‪ -٠‬چوڻيون بھ سھڻي‬
‫ُ‬
‫مفھوم حقيقت پسندانھ آھي‪ .‬چئي‪” :‬بک ۾ بصر بھ مٺا“‪.‬‬
‫ھونئن جيڪا شي شوق پئي نھ کائجي اھا بھ بک لڳڻ وقت‬
‫م ِٺي لڳي‪.‬‬
‫‪ -٣‬اصطالح‪ ،‬جي ھيئتي جوڙجڪ )‪ (form‬مصدر جي‬
‫معني خيز ۽ گفتي کي سونھن‬ ‫ٰ‬ ‫صورت ۾ ھوندي آھي؛ پر نھايت‬
‫بخشيندي آھي‪ .‬مثال‪ :‬کير کنڊ ٿيڻ“‪ ،‬يعني پاڻ ۾ صلح ۽ محبت‬
‫سان رھڻ‪.‬‬
‫‪ -٤‬ورجيس اھڙن ٻن ٽن لفظن جي ميڙ سان ٺھي ٿي‪،‬‬
‫معني تھ سھڻي بيھي ٿي‪ ،‬پر اڪثر ٻيو لفظ پھرئين‬ ‫ٰ‬ ‫جنھن ۾‬
‫جي صوتياتي زور کي ضابطي ۾ رکي ٿو‪ .‬جيئن‪ :‬ڇڊوپاڊو‪.‬‬
‫جڏھن ٻوليَء جي سونھن وڌائڻ جي ڳالھھ ڪريون ٿا‪،‬‬
‫تڏھن ھن جي ڪنھن بھ صنف جي اھميت‪ ،‬ھيئت جي مدنظر نھ‬
‫معني جي مدنظر آھي‪ .‬ان ڪري ھي پھاڪا ۽ اصطالح وغيره‬ ‫ٰ‬ ‫پر‬
‫ڪيئن سنڌيَء جو جوھر ۽ حسن وڌائين ٿا‪ ،‬ان جو جائزو حاضر‬
‫آھي‪.‬‬
‫اڻندو اھا جا ڪوريَء جي من ۾ ھوندي‪.‬‬
‫ھي پھاڪو ظاھري واٽ ۾ ڪوريَء جي اختياري‬
‫ڏيکاري ٿو‪ ،‬جو جڏھن تاڃي اڳيان پکڙيل اٿس‪ ،‬۽ پيٽي الِء نڙو‬
‫ھٿ ۾ اٿس‪ ،‬تڏھن ڪپڙو گھاٽو اڻي؛ توڙي ڇڊو تھ مرضي‬
‫سنديس‪ .‬حقيقت ۾ مطلب ھي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم الِء‬
‫سگھارو آھي‪ .‬نھ ڪنھن جي صالح وھيڻو نھ ڪنھن جو دلبو‬
‫کائي نھ ڪنھن جو مٿس زور ھلي‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬ڪيولرام)‬
‫اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي‪.‬‬
‫مينھن وسندي جو مطلب آھي تھ گھرج مھل يعني‬
‫ھلندي چلندي ۾ اھڙو خرچ ڪر جو چاقائي ۽ بيماريَء ۾ بک‬
‫نھ مرين‪ .‬تنھن جو ارٿ ھي آھي تھ ڪي کاُء‪ ،‬ڪي بچاِء‪.‬‬
‫(سمجھاڻي‪ :‬ڪيولرام)‬
‫اھا زبان اس ۾ ويھاري‪ ،‬اھائي ڇانو َ۾ ويھاري‪.‬‬
‫ڇانو ۽ اس اشارو مان ۽ بي مانائيَء جو آھي‪ .‬پھاڪي‬
‫جو مطلب ھي آھي تھ جو ماڻھو ادب سان يا مٺو يا سچ‬
‫ڳالھائيندڙ ھوندو سو آڌار پائيندو ۽ بي ادبيَء سان يا ڪؤڙو يا‬
‫ڪوڙ ڳالھائيندو سو بي مانو ٿيندو‪ .‬ٻن طرفن جي ڳالھائڻ الِء‬
‫زبان ھڪڙي‪ ،‬پر ھڪڙيَء طرح جي ڳالھائڻ جو ڦل ھڪڙو ۽ ٻي‬
‫طرح جي ڳالھائڻ جو ٻيو ڦل‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬ڪيولرام)‬
‫صبر جنين سير‪ ،‬تير نھ گسي تن جو‪.‬‬
‫ھن پھاڪي واري صبر کي ساراھيو آھي‪ .‬يعني جو صبر‬
‫ڪندو سو مطلب کي پھچندو‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬ڪيولرام)‬
‫ھسڻو جوڳي پڏڻي نار‪ ،‬گد ڪھي ھي ٻيئي مار‪.‬‬
‫ھسڻو يعني کلڻ وارو‪ ،‬چرچائي‪ ،‬پڏڻي يعني ٻٽاڪڻ زال‪.‬‬
‫گد شاعر جو نالو آھي‪ .‬ھو چوي ٿو تھ جوڳي يعني ڌڻيَء جي‬
‫ڳولھي (طالب) کي دنيا جي رونشن ڏسڻ ۽ کلڻ ڪڏڻ سان‬
‫ڪھڙو ڪم؟ اھڙي ريت اشراف زال کي پڻ اجائي ھلت ۽ کلڻ‬
‫کان منع آھي‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬ڪيولرام)‬
‫يار بھ تيلي سينڌ بھ ميلي‪.‬‬
‫تيلي يعني چاڪي‪ .‬ميلي يعني اڻڀي‪ .‬مطلب تھ جنھن‬
‫عورت جو يار چاڪي ھوندو‪ ،‬تنھن کي سينڌ مکڻ الِء تيل جي‬
‫ڪھڙي ڪمي! جڏھن تيل نھ مليس تڏھن چاڪيَء جي بي‬
‫مھابائي چئبي‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬ڪيولرام)‬
‫انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان‪:‬‬
‫سڪندراعظم ‪ ٣٠٧‬ق‪ .‬م ڌاري سنڌ تي ڪاھھ ڪئي‪،‬‬
‫تنھن کان اڳ پنجاب جي راجا پورس سان لڙيو‪ .‬ان جي بھادري‬
‫ڏسي‪ ،‬خوش ٿي کيس پنجاب ملڪ واپس ڪيائين‪ .‬سڪندر جو‬
‫لشڪر گھوڙن تي ھو‪ ،‬پر راجا پورس جي لشڪر جو ڪجھھ‬
‫حصو ھاٿين تي ھو‪ .‬جڏھن سڪندر جي لشڪر جا تير پورس‬
‫جي ھاٿين کي لڳا‪ ،‬تڏھن ڪي انڌا ٿيا‪ ،‬ڪي زخميا ۽ ڪي‬
‫ڇرجي ڇتا ٿيا‪ .‬اڳتي وڌڻ بدران پوئين پير موٽي پنھنجي لشڪر‬
‫کي چيڀاٽيندا ويا‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬سنديلو)‬
‫انڌيري نگري چرٻٽ راجا‪ ،‬ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا‪:‬‬
‫جڏھن ڪو ظالم ۽ بي عقل حاڪم ٿيندو آھي تھ ان‬
‫جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آھي‪ .‬جڏھن ڪو‬
‫حاڪم رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواھھ رھندو آھي‪،‬‬
‫تڏھن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان لنگھي ويندي آھي‪.‬‬
‫ان حقيقت بابت ھي پھاڪو ٺھيل آھي‪( .‬سمجھاڻي‪ :‬سنديلو)‬
‫چٽي چنيجن جي پرڻ تي پيئي‪:‬‬
‫چنيجا ۽ پرڻ‪ ،‬موري تعلقي ۾ ٻھ ڳوٺ آھن‪ ،‬جي ھڪ‬
‫ٻئي جي آمھون سامھون آھن‪ .‬چنيجن ۾ ھڪڙو ھندو سيٺ‬
‫رھندو ھو‪ ،‬جنھن جي ڪن ماڻھن سان اڻ بڻت ٿي پيئي‪ .‬انھن‬
‫ماڻھن کي ھروقت اھو خيال رھندو ھو تھ سيٺ جو سر کڻجي‬
‫(کيس مارجي)‪ .‬ھڪ دفعي سيٺ جو ڌاڙو ھڻڻ ويا‪ .‬اوندھھ ۾ر‬
‫ستو ڀلجي ويا ۽ وڇي پرڻ تي ڪڙڪيا‪ .‬ڌاڙو تھ ھنيائون پر‬
‫سندن مطلب سڌ نھ ٿيو‪ .‬ڪنھن انھيَء واقعي بابت اھو پھاڪو‬
‫چيو (سمجھاڻي‪ :‬سنديلو)‬
‫رامداس اٿئي ٻگھلو ڀڳت‬
‫ھن پھاڪي جو اشارو ھي آھي تھ متان ھن جي فريب‬
‫۾ اچين‪ .‬ھن جو مثال ايئن آھي جو ڪو ٻگھلو ڍنڍ ۾ ھڪ اک‬
‫بند ڪري ۽ ھڪ ٽنگ مٿي کڻي ايئن بيٺو ھوندو آھي‪ ،‬ڄڻ ڪو‬
‫ساڌو مھاتما تپسيا ۾ مگن آھي‪ .‬جيئن پاڻيَء ۾ چرپر ٿي تھ‬
‫مڇيَء کي ڏسي جھٽ ھڻي چھنب ۾ پڪڙي وٺندو آھي‪ .‬ھي‬
‫اشارو اھڙي ٺڳ بابت آھي‪ ،‬جيڪو ٻگھلي وانگر آھي جو‬
‫ٻاھران تھ ٻالو ڀولو لڳندو آھي‪ ،‬پر اندر ۾ ابليس ھوندو آھي‬
‫(سمجھاڻي‪ :‬جيٽلي)‬
‫پھاڪن وانگر اصطالح بھ سنڌيَء جي سونھن آھن‪.‬‬
‫بامحاوره ۽ اصطالحي ٻولي جملن ۽ تحرير توڙي تحرير کي تز‬
‫بامعني ۽ خوبصورت بنائي ٿي‪ .‬انھن جو استعمال اھڙي سھڻي‬
‫ٰ‬
‫معني کي ظاھر ڪري ٿو‪ ،‬جنھن جي ھرڪنھن کي خبر نھ پوي‪.‬‬ ‫ٰ‬
‫ڪي اصطالح ھي آھن‪:‬‬
‫اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ‪:‬‬
‫يعني اصل ڳالھھ پڌري ٿيڻ‪ .‬ڪنھن حجم کان وار‬
‫لھرائيندي پڇبو تھ وار ڪارا آھن يا اڇا؟ جواب مليس تھ اجھو‬
‫ٿا پڌرا ٿين‪.‬‬
‫اوجھھ ڏيڻ‪:‬‬
‫مرڻ‪ -‬ڦاڙھو جتي کائي اتي اوجھھ ڏي (چوڻي)‪.‬‬
‫ايل چاڙھڻ‪:‬‬
‫ڦاھو ڏيڻ‪ ،‬سزا ڏيڻ ۽ قيد ڪرڻ‪ .‬اصل ترڪي لفظ آھي‪.‬‬
‫ٿالھيئون الھڻ‪ :‬برادريَء مان ۽ ڀت پوت مان ڪڍڻ‪.‬‬
‫ٽڳا ٽوڙڻ‪ :‬واسطا ٽوڙڻ‪.‬‬
‫ٽانڊو ٽوپي ڪرڻ‪ :‬خدمت چاڪري ڪرڻ‪.‬‬
‫معني اڇا وار‪.‬‬
‫ٰ‬ ‫پريا پڌرا ڪرڻ‪ :‬عيب ثواب ٻڌائڻ‪.‬‬
‫سڱن تي کڻڻ‪ :‬ڇنڊ پٽڻ‪ ،‬وڙھڻ‪.‬‬
‫ڦلھير ۾ ڦوڪون ڏيڻ‪ :‬اجائي ڪوشش ۽ ڪشالو‪ .‬ايئن‬
‫ڪرڻ سان باھھ نھ ٻرندي‪ ،‬پر ڌوڙ ڦلھير منھن ۾ پوندي‪.‬‬
‫ڦورو ڦولھڻ‪ :‬عيب ظاھر ڪرڻ‪” .‬شل ڦوري نھ ڦولھو‬
‫سنئين پئي صراف کي“ (شاھھ لطيف)‬
‫گھر ڊھڻ‪ :‬زال مري وڃڻ‪ .‬دراصل گھر کي ٺاھيندڙ زال‬
‫آھي‪ .‬ان ڪري زال جي مرڻ کي مجازا گھر جو ڊھڻ سڏيو ويو‪.‬‬
‫لک تي مٿو ڌوئڻ‪ :‬گھڻي ھوند وارو ۽ دولت وارو ھئڻ‪.‬‬
‫روايت آھي تھ ڪنھن شاھوڪار کي پيريَء ۾ پٽ ڄائو تھ لک‬
‫روپيا زمين تي رکي سڪيلڌي کي وھنجاريائون ۽ اھي مسڪين‬
‫ماڻھن ۾ تقسيم ڪيائون‪ .‬اِن تي اصطالح ٺھيو‪.‬‬
‫ننگر ھلڻ‪ :‬مھمانوازي ۽ مانيَء جو سلسلو جاري رکڻ‪.‬‬
‫نواب ڄام ڪانڀو خان جوڻيجي (ڄام صادق عليَء جي والد) جو‬
‫ننگر ھروقت جاري رھندو ھو‪ .‬آيو ويو کائي خوش ٿيندو ھو‪.‬‬
‫(سڀني اصطالحن جي سمجھاڻي‪ :‬سنديلو)‬
‫چوڻيون‪ :‬بھ سنڌي زبان جو حسن وڌائن ٿيون‪ .‬چوڻيون‬
‫ھڪ تھ حقيقت سان ھم آھنگ آھن‪ ،‬ٻيو تھ موسمن ۽ ٻين ٽاڻن‬
‫جي آڌار ٺھيل آھن‪ .‬مثال‪ :‬ڏياريَء جي ڏڻ وقت چڀڙ پچن تھ ان‬
‫تي چوڻي ٺھڪي ”ڏياريَء جو ڏيو ڏٺو‪ ،‬ننڍو وڏو چڀڙ مٺو“ چند‬
‫چوڻيون ھي آھن‪:‬‬
‫‪ -‬يار اھو جو اوکيَء ويل ڪم اچي‪.‬‬
‫‪ -‬جوِء ڏسي بيٺ تھ ماُء ڏسي پيٽ‬
‫‪ -‬آھھ غريبان قھر خدائي‬
‫‪ -‬ڏکڻ مينھن نھ وسڻا جي وسي تھ ٻوڙي‬
‫‪ -‬انسان خطا جو گھر آھي‬
‫‪ -‬جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي‬
‫‪ -‬اللچ ُبري بال آھي‬
‫‪ -‬دير پيا درست ٿيا‬
‫‪ -‬جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا‬
‫‪ -‬ڏات نھ آھي ذات تي (بيت)‪.‬‬
‫ورجيسون‪ :‬ھي لفظن ۽ فقرن جا ننڍا جھڳٽا آھن ۽ جن‬
‫معني‬
‫ٰ‬ ‫سان تحرير ۽ تقرير ۾ سونھن ۽ آواز جي مدنظر ٺھڪندڙ‬
‫بھ ملي ٿي‪ .‬اھڙا ڪئين مثال آھن‪ ،‬جيڪي زبان ۾ ورجيس جي‬
‫استعمال کي موزون بنائين ٿا‪ ،‬ڪي ورجيسون ھي آھن‪:‬‬
‫ڀاڙو ڀتو‪ ،‬چور چڪار‪ ،‬ڇوڪر پاڪر‪ ،‬ڀاُء ڀِنڊ‪ ،‬اڇو جھڙو‬
‫کير‪ ،‬ڀيلو جھڙي ھيڊ‪ ،‬ڳجھھ ڳوھھ‪ ،‬ٻوڙٻاڙي‪ ،‬ڀونِء ٿوري ڀاڙو‬
‫گھڻو ۽ بابل جو کوھھ وغيره‪.‬‬
‫جيئن عرض ڪيم تھ ھي لوڪ خزانو اسان جي زبان‬
‫الِء ھڪ زيور مثل آھي‪ .‬نار نشيلي ھجي پر زيور بھ حسن ۾‬
‫اضافو ڪن ٿا‪ .‬پھاڪن ۽ اصطالحن‪ ،‬چوڻين ۽ ورجيسن جي بھ‬
‫اِھا حقيقت آھي‪.‬‬
‫حواال‪:‬‬
‫‪ -٠‬جيٽلي‪ ،‬مرليڌر (ڊاڪٽر)‪ ،‬سنڌي پھاڪا ۽ محاورا‬
‫(ھڪ اڀياس)‪ ،‬بمبئي ‪٠١١٣ ،‬ع‪ ،‬ص ‪.١‬‬
‫‪ -٠‬عبدالوھاب سھتو‪ .‬ورجيسون‪ ،‬حيدرآباد‪٠٢٢٣ ،‬ع‪،‬‬
‫سادا اکر‪ ،‬از نذير سومرو‪ ،‬ص ‪.٧‬‬
‫‪ -٣‬ايضا‪ ،‬ص ص ‪.٠١ -٠٣‬‬
‫باب اٺون‬
‫سنڌيَء جا سردار‬
‫سنڌيَء جا معمار‬
‫اسان جا شاعر ۽ نثر نويس سنڌي زبان جا معمار ۽‬
‫مھندار آھن‪ .‬آٌء کين سردار بھ سڏيان ٿو‪ .‬سنڌي زبان جي ابتدائي‬
‫شاعرن قاضي قادن‪ ،‬عثمان احساني‪ ،‬لطف هلل قادري‪ ،‬پير محمد‬
‫لکوي‪ ،‬عنات رضوي‪ ،‬دادو ديال‪ ،‬شاھھ ڪريم ۽ پراڻ ناٿ ھن‬
‫عمارت جي تعمير ۾ حصو ورتو آھي‪ .‬شاھھ ڪريم جو ڪالم‬
‫نسبتا اڄ جي زبان کي وڌيڪ ويجھو آھي‪ .‬تصوف ۽ توحيد جي‬
‫بيان ۾ نھايت ِچٽو ۽ پراثر آھي‪ .‬ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاُء نھ ٿيندو‬
‫تھ شاھھ ڪريم سنڌيَء جي سردارن ۽ معمارن ۾ نشانبر ۽‬
‫پرمعني آھي‪:‬‬
‫ٰ‬ ‫يگانو شاعر آھي‪ .‬سندس ڪالم سادو ۽‬
‫مٺ ڀيڙيائي ڀلي‪ ،‬جي اپٽي تھ واُء‪،‬‬
‫جي پڌر وڌِء ڳالھاڙي تھ ڇڏي وڃي‬
‫ساُء‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫پاڻيھاري سر ٻِھڙو‪ ،‬جر تي پکي‬
‫جئن‪،‬‬
‫اسان سڄڻ تئن‪ ،‬رھيو آھي روح ۾‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫نينھن نياپي نھ ٿئي‪ ،‬سڌين سيڻ نھ‬
‫ھون‪،‬‬
‫ڪارئين راتيين رت ڦڙا‪ ،‬جان جان‬
‫رون‪.‬‬ ‫نھ‬ ‫نيڻ‬
‫شاھھ عبداللطيف ڀٽائي (‪٠٧٥٠ -٠١١٢‬ع)‪:‬‬
‫ھن سلسلي ۾ شاھھ صاحب ھڪ ئي رانجھو لکن جو‬
‫مٽ آھي‪ ،‬جيڪا ڳالھھ شيڪسپيئر الِء چئي ويئي‪ ،‬اھا شاھھ‬
‫صاحب تي بھ صادق اچي ٿي‪ .‬بنياد کان ھٿ وڌائين ۽ عمارت جا‬
‫سڀ مرحال مڪمل ڪري ھن صورت ۾ آندائين‪ .‬سنڌي زبان جي‬
‫ڪنھن بھ نحوي‪ ،‬صرفي‪ ،‬صوتي ۽ اصطالحي پھلوَء جو جائزو‬
‫وٺون تھ رسالو موجود آھي‪ .‬ھر نڪتي الِء چمڪندڙ مثال موجود‬
‫آھن‪ .‬ڪو لفظ چئو‪ ،‬ڪا ڳالھھ ڪريو تھ ان جا مثال بيتن ۾‬
‫وضاحت طور شاھد طور ملن ٿا‪ .‬رھنمائي ڪرڻ الِء بھ پنھنجا‬
‫ماڻ‪ ،‬پنھنجا ماپا‪ ،‬پنھنجا دليل ۽ پنھنجا مثال ڏي ٿو‪:‬‬
‫ور سين پايو ڪاڻ‪ ،‬کر سين کلون‬
‫پائيين‪،‬‬
‫ڀوري منڌ اڄاڻ‪ ،‬ڪڻ ڇڏيو تھھ‬
‫چونڊئين‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫پکي ۾ پدمڻي‪ ،‬ڪر ڏي وراڪا وڄ‪،‬‬
‫جھڙي صورت سڄ‪ ،‬تھڙي مورت مارئي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫نڪو جن جھان ۾‪ ،‬نڪو سڄي نانگ‪،‬‬
‫سسئيَء ڇڏيو سانگ‪ ،‬تھ ڇپر مڙئي‬
‫ڇاڙڪي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫امڙ وڃي آڻ‪ ،‬چرخو آتڻ وچ مان‪،‬‬
‫ڪتيم جنھين ڪاڻ‪ ،‬سو ڪوھيارو‬
‫ويو‪.‬‬ ‫ڪيچ‬
‫‪-‬‬
‫ڪو جو ڪامڻ مي‪ ،‬آھي اکڙين ۾‪،‬‬
‫تن تماچي ڄام جو‪ ،‬ناڀون پايوني‪،‬‬
‫عشق ايئن ڪري‪ ،‬جئن ڄارو ڄام‬
‫ڪيو‪.‬‬ ‫ڪلھي‬
‫‪-‬‬
‫ھيس ھندورن ۾‪ ،‬پييم ڪانھ پروڙ‪،‬‬
‫مڻئي سندي مامري‪ ،‬ڪوجھي وڌيس‬
‫ڪوڙ‪،‬‬
‫سامھان ٿيم سور‪ ،‬ويو ول ِٽي ولھو‪.‬‬
‫شاھھ جي رسالي جي ھڪ ھڪ تڪ‪ ،‬ھڪ ھڪ بيت‬
‫سندس فن تعمير جو شاھد آھي‪ .‬مثال وٺي پوري نھ پئبو‪ .‬اڄ‬
‫سنڌي ھڪ زندھھ ۽ وڌندڙ زبان آھي‪ ،‬ان ۾ شاھھ صاحب جو‬
‫ئي ھٿ آھي‪ .‬ھن عمارت جو رازو‪ ،‬واڍو ۽ معمار )‪(Architect‬‬
‫شاھھ عبداللطيف ڀٽائي آھي‪ .‬رسالي جو صرف و نحو جي‬
‫حوالي سان جائزو وٺون تھ کيس ڀرپور داد ڏبو‪.‬‬
‫سچل سرمست (‪٠٣٠١ -٠٧٣١‬ع)‪ :‬پنھنجي انداز ۾ سچل‬
‫سائين سنڌي زبان کي ھرطرح شاھوڪار ڪيو‪ .‬سچل جو نعره‬
‫رندانھ ۽ نعره سرمستانھ منفرد آھي‪ .‬ان کي بي سمجھن‬
‫پروڙيوئي نھ‪ .‬ھن جو آواز نھايت بلند آھي‪:‬‬
‫ڪلمو پڙھان تھ ڪافر ٿيان‪ ،‬ڪلمو‬
‫ڪير‪،‬‬ ‫پڙھي‬
‫جاڏي راھھ رسول جي‪ ،‬تاڏي نھ ڀريان‬
‫پير‪،‬‬
‫جي من مان نھ ڪڍان مير‪ ،‬تھ حضوري‬
‫ٿئي‪.‬‬ ‫نھ‬ ‫حاصل‬
‫‪-‬‬
‫مالن انھيَء منڌ جو‪ ،‬چڪو جي چکين‪،‬‬
‫ڪارنھن کڻي ڪنڊ ۾‪ ،‬ويٺو منھن‬
‫مکين‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫چڱو گوندر غم‪ ،‬جي مون پڇو جيڏيون؛‬
‫منجھھ ڪشالي ڪم‪ ،‬آھي ورھھ‬
‫وارئين‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫ڪي جو لکيائين‪ ،‬سو مالن وڃي‬
‫واچيو؛‬
‫ھڪ سٽ پڙھيائين‪ ،‬ٻيَء سٽ سڏڪن ۾‬
‫پيو‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫صورت سڀ سبحان‪ ،‬پاڻ پسڻ آيو پنھنجو‬
‫تماشو!‬
‫ڪاٿئين حنبل‪ ،‬شافعي‪ ،‬ڪاٿئين مالڪ‬
‫نعمان‪،‬‬
‫ڪاٿئين پٽي پوٿيون‪ ،‬ڪاٿئين پڙھي‬
‫قرآن؛‬
‫ڪاٿئين اناالحق چوي‪ ،‬ڪاٿئين ڦيرائي فرمان!‬
‫الخ‬
‫‪-‬‬
‫کيڙو وجھان کوه ۾‪ ،‬نورنگ ندورو‪،‬‬
‫دل اٿم ديرو‪ ،‬ھزاري جي ھوت جو‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون‪ ،‬مرد ٿئين‬
‫مردانو‪،‬‬
‫وھم سچل ڪڍ ٻانھپ وارو شملو ٻڌ‬
‫شھانو‪.‬‬
‫سچل سائين سنڌي زبان جي ھلندڙ نھج‪ ،‬۽ انداز ۾‬
‫پنھنجي اسلوب جي ڪري ھڪ قدم اڳتي ئي ويو‪.‬‬
‫قادربخش بيدل (‪٠٣٧٠ -٠٣٠٤‬ع) ۽ سندس فرزند محمد‬
‫محسن بيڪس (‪٠٣٣٠ -٠٣٥١‬ع) جا رنگ نراال آھن‪ .‬گھڻي ڀاڱي‬
‫منصوري نعرا بھ ھنيا اٿن‪ ،‬پر رنگ ۽ اسلوب پنھنجو اٿن‪٠١ .‬‬
‫صدي عيسويَء ۾ ٻنھي جو اثر وقت جي سنڌي زبان تي نمايان‬
‫آھي‪ .‬سچل سائين وانگر بيدل سائين ۽ بيڪس سائين ٻين‬
‫زبانن ۾ بھ ڪالم چيو‪ ،‬پر سنڌيَء کي بھ اجاري ڇڏيائون‪ .‬بيدل‬
‫سائين فرمايو‪:‬‬
‫آٌء آھيان اسرار‪ ،‬عالم ليکي آدمي‪،‬‬
‫عرشئون اچي اِتھين‪ ،‬عشق ڪيس‬
‫اظھار‪،‬‬
‫ڪين ھلي ٿي قرب ۾‪ ،‬دين ڪفر جي‬
‫ڪار‪،‬‬
‫ٻانھپ ٻولي ناھھ ڪا‪ ،‬نور آھيان نروار‪،‬‬
‫بيدل بندو ناھين تون‪ ،‬آڻ اِھو اعتبار‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫مولي‪ ،‬عشق جي بازي سمجھي‬ ‫ٰ‬ ‫ظاھر بندو باطن‬
‫ڪير؟‬
‫ايھو راز ڪري ٿو روشن‪ ،‬علي ولي شاھھ مردان‬
‫شير‪،‬‬
‫من عرف جي مام موچاري‪ ،‬فرمودي ۾ ناھي‬
‫ڦير‪،‬‬
‫پنھنجو سر صحيح ڪر بيدل‪ ،‬سوجھي سمجھھ سريَء‬
‫سير‪.‬‬ ‫جو‬
‫مصري شاھھ (‪٠١٢٤ -٠٣٠٣‬ع)‪ :‬ڪافيَء جو بادشاھھ‬
‫سڏجڻ وارو‪ ،‬سنڌي زبان کي بھ شاھوڪار ڪرڻ وارو ھو‪.‬‬
‫سندس ڪالم ۾ لفظ ۽ انھن جي موسيقي نمايان آھي‪ .‬ڪچھري‬
‫۽ راڳ جو ڪوڏيو ھو‪ .‬ڳائڻ وارا سندس محفل ۾ موجود رھندا‬
‫ھئا‪ .‬سندس ڪافين مان ڪھڙي چونڊ ڪجي! بس نموني خاطر‬
‫ھيتري‪:‬‬
‫وسري ويا ٻئي جڳ جڏھن دل جان سان‬
‫ڏٺم‪،‬‬ ‫دلبر‬
‫مھتاب مک محبوب جو‪ ،‬محراب منھن‬
‫ڏٺم‪،‬‬ ‫منور‬
‫عاقل ۽ عالم اوليا صنعان جھڙا سؤ ھزار‪،‬‬
‫قيد ڪامل جي ڪڙي ۽ ملڪ سڀ مضطر ڏٺم‪-‬‬
‫الخ‬
‫‪-‬‬
‫ڪج زلف ڪمند ڪڙيارا‪ ،‬سي تان پائين‬
‫دوبارا‪،‬‬ ‫دام‬
‫ڏين المارا لحظي لحظي‪ ،‬بند ڪن بلخ‬
‫بخارا‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫کنيائون کلي‪ ،‬نيڻ گھرا گالبي‪،‬‬
‫ڀريل ٻاجھھ نرگس‪ ،‬عجب نيم خوابي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫اڄ تھ عجيبن آڻي اليا نينھن نوان‪،‬‬
‫مينھن مندائتا ”مصري“ واھھ ولھرين‬
‫وٺا‪،‬‬
‫سرھا سيني اليان‪ ،‬مليا محب مٺا‪،‬‬
‫ڏيھھ ڏنگو تان ڇا ڪندو‪ ،‬سڄڻ ھون‬
‫سنوان‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫سھسين رنگ سيال سنھا‪ ،‬سر تي ستم‬
‫ڪر‪،‬‬ ‫ڪيم‬ ‫گر‬
‫دردوندن جون دليون حيران‪ ،‬ھر ھر‬
‫ڪر‪.‬‬ ‫ڪيم‬
‫محمود فقير کٽياڻ (‪٠١٢٧ -٠٣٥٠‬ع)‪ :‬ھن شاعر جي‬
‫ھڪڙي مترنم ڪافي اسان جي موضوع سان ٺھڪي اچي ٿي‪:‬‬
‫ديدن ڪيا درسن‪ ،‬اڄ ڀيڄ ڀنيَء برسن!‬
‫ماڙيچا منھنجا موھر ۾‪ ،‬شل پاڙيچا پرچن!‬
‫چوڙيليون اڄ چاھھ منجھان ٿيون ڪاھھ ڪيو‬
‫ڪڙڪن‪،‬‬
‫ڪونجن وانگي ڪر کنيو ٿيون تڙ مٿي‬
‫ترسن‪،‬‬
‫گھڙا جنين جا گوھر گگھريون مٿي تي‬
‫مرڪن‪،‬‬
‫سينھوڙيون اٿن سوکڙيون سي جنھنور جئين‬
‫ڪن‪،‬‬ ‫جھر‬
‫جام‪ ،‬صراحيون جن سان پيتم تن وٽ حال‬
‫ھالن‪،‬‬
‫ڳري لڳي مون لڙڪ لڙي پيا ماڙيچن شال‬
‫مالن‪،‬‬
‫ساھھ منھنجو پساھھ پرين سان پنھنجي روح‬
‫رالن‪،‬‬
‫چشمن سان چوغان چمان ميدان ھلي مرڪن‪،‬‬
‫نبيسر جون نام ڪٺيون ٿيون دام وجھن‬
‫دواليون‪،‬‬
‫جادوَء ساڻ جمال جون ٿيون زور ھڻن زاليون‪،‬‬
‫رنگ ڀريون آھن ريتون تن جون چست‬
‫چاليون‪،‬‬ ‫چڱيون‬
‫ٿر ٿوھر مڪ مانڌاڻا منجھھ ويڙھيچن ورڪن‪.‬‬
‫ڪيا‬ ‫ديدن‬
‫الخ‪.‬‬ ‫درسن‪................................................................‬‬
‫نواب ولي محمد لغاري (‪٠١٠٤ -٠٣٣١‬ع)‪ :‬سنڌي ڪافيَء‬
‫جي زبان ۽ بيان ۾ نواب صاحب جو ھڪ منفرد مقام آھي‪.‬‬
‫صوفيانھ انداز ۾ فرمائي ٿو‪:‬‬
‫جوڙي قلب بيت ربي‪ ،‬انسان ۾ سمايو‪،‬‬
‫ڏسي ڏات کي صفت ۾ ملڪن ٿي‬
‫سرنمايو‪،‬‬
‫آدم جو پوش پائي آيو پاڻ کي لڪائي‪،‬‬
‫مچ عشق جو مچائي‪ ،‬خود عشق بنجي‬
‫آيو‪.‬‬
‫ڏيئي حسن جو ڏيکارو‪ ،‬وري پاڻ ٿيو‬
‫نيارو‪،‬‬
‫سوريَء جو ڪيئين اشارو‪ ،‬سر عاشقن‬
‫سنڀايو‪.‬‬
‫اصلئون ھو سر حقاني‪ ،‬الريب‬
‫المڪاني‪،‬‬
‫منجھھ رمز ”لن تراني“‪ ،‬وري طور‬
‫جاليو‪،‬‬ ‫ڪنھن‬
‫”ولي محمد“ سنڀارج‪ ،‬ذاتي نھ دم‬
‫وسارج‪،‬‬
‫پنھنجو پاڻ ۾ نھارج‪ ،‬صورت سان پيچ‬
‫پايو‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫ميران پور جي ٻاجھھ ٿي‪ ،‬غم وھم سڀ‬
‫ويا‪،‬‬
‫ذاتي جي ذوق سان‪ ،‬کلي قلب پيا‪،‬‬
‫عقده دؤر دنيا جا‪ ،‬صوفيَء صاف ڪيا‪،‬‬
‫ولي محمد مطلب ٿيا‪ ،‬وريا ورق وصال‬
‫جا‪.‬‬
‫مولوي عبدالغفور مفتون ھمايوني (‪٠١٠٣ -٠٣٤٤‬ع)‪:‬‬
‫مولوي صاحب جي ھڪ سنڌ ملوڪ ڪافي ھيَء آھي‪:‬‬
‫تنھنجي زلف جي بند ڪمندا وڌا‪،‬‬
‫زندان ھزارين مان نھ رڳو‪.‬‬
‫تنھنجي شاھي دسترخوان مٿي‪،‬‬
‫مھمان ھزارين مان نھ رڳو‪.‬‬

‫ڪيئي گھائل تنھنجي گھور‬


‫سندا‪،‬‬
‫مخمور غفور سرور سندا‪،‬‬
‫تنھنجي نور ظھور حضور سندا‪،‬‬
‫نگران ھزارين مان نھ رڳو‪.‬‬

‫ڪيئي ابرو تيغ شھيد ڪيا‪،‬‬


‫ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا‪،‬‬
‫ري ناڻي ديد خريد ڪيا‪،‬‬
‫دربان ھزارين مان نھ رڳو‪.‬‬

‫مٺا‪،‬‬ ‫اي ماھھ لقا محبوب‬


‫فدا‪،‬‬ ‫تنھنجي ناز ادا تان جان‬
‫گدا‪،‬‬ ‫ٿيا دامن گير امير‬
‫رڳو‪.‬‬ ‫سلطان ھزارين مان نھ‬

‫دلبر پيارا ڪر نور نظر‪،‬‬


‫تون تھ سرور عالم جن و بشر‪،‬‬
‫تو تان ڪتيون تارا‪ ،‬شمس و قمر‪،‬‬
‫قربان ھزارين مان نھ رڳو‪.‬‬
‫مير عبدالحسين سانگي (‪٠١٠٤ -٠٣٥٠‬ع)‪ :‬سانگي‪،‬‬
‫سنڌيَء جو اڪيلو شاعر آھي‪ ،‬جنھن جا سنڌيَء ۾ ٽي ديوان آھن‪.‬‬
‫سندس زبان ڪٿي بيشڪ فارسي آميز آھي‪ ،‬پر زبان جي‬
‫رواني‪ ،‬تسلسل‪ ،‬موسيقيت ۽ سادگيَء سبب سانگي مقبول ٿيو‪:‬‬
‫تڏھن ترڪ وطن ڪيوسين جڏھن اھل‬
‫بگڙيا‪،‬‬ ‫وطن‬
‫جي بگڙڻ جا نھ ھئا‪ ،‬اھڙا بھ ياران ڪھن‬
‫بگڙيا‪.‬‬
‫آھي اھڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان‬
‫ورتو‪،‬‬
‫چمن جو سير ڪيوسين ٿي تھ مرغان چمن‬
‫بگڙيا‪.‬‬
‫ھوا اھڙي لڳي آھي جو پنھنجي پنھنجي‬
‫کان‪،‬‬ ‫مذھب‬
‫مسلمان و ڪرستان و يھود و برھمن بگڙيا‪.‬‬
‫اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مونکي ٿيو‬
‫آھي‪،‬‬ ‫يقين‬
‫زماني جي بگڙجڻ کان تھ مردن جا سخن‬
‫بگڙيا‪.‬‬
‫نھ بگڙي دل گھريو دلدار منھنجو مھ لقا‬
‫سان‪،‬‬ ‫مون‬
‫رقيب رو سياه جھڙا ھزارين مر وتن بگڙيا‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫چيو مشاطھ زلف نازنين آھن ننڍا آخر‪،‬‬
‫بالي جان تڏھن ٿيندا‪ ،‬جڏھن ھي پيچ پائيندا‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫اھي محبوب نوخيزا سڄو عالم نچائيندا‪،‬‬
‫پرت مان نينھن جا نورا جڏھن پيرن ۾‬
‫پائيندا‪.‬‬
‫اسان جي عشق جون ڳالھيون ادا ڳوٺن ۾‬
‫ڳائيندا‪.‬‬
‫اسان جي نظم کي مطرب تھ سازن تي‬
‫سرائيندا‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫ويا شوخن جي سامھون شان نڪري‬
‫جا‪،‬‬ ‫شاندارن‬
‫ڏٺم راھ محبت ۾ مٿا ڪوڙيل متارن جا‪،‬‬
‫ڪئي مون عمر ساري صرف پنھنجي عشق‬
‫۾‪،‬‬ ‫بازيَء‬
‫سٺم سر تي سوين صدما‪ ،‬پرت مان پنھنجي‬
‫جا‪،‬‬ ‫پيارن‬
‫سندِء ھيَء آھھ زاري بيقراري بي سبب‬
‫ناھي‪،‬‬
‫اي سانگي سچ چوان توکي پون ٿا پور‬
‫جا‪.‬‬ ‫پيارن‬
‫‪-‬‬
‫ادا ڙي اسين آھيون عاشق مزاج‪،‬‬
‫آھي سر اسان جي تي وارن جو تاج‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫عشق بازي ڪجي ڪجي نھ ڪجي‪،‬‬
‫روح راضي ڪجي ڪجي نھ ڪجي‪.‬‬
‫جي حقيقت نھ ٿئي حاصل‪،‬‬
‫تھ مجازي ڪجي ڪجي نھ ڪجي؟‬
‫‪-‬‬
‫دردن ڪئي آ ڌام ڌوم دل ناتوان تي‪،‬‬
‫صدما ھزار سھان ٿو آٌء پنھنجي جان تي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آٌء روز شب‪،‬‬
‫آھيان ڪڏھن زمين تي ڪڏھن آسمان تي‪.‬‬
‫سانوڻ فقير (وفات ‪٠١٣٥‬ع)‪ :‬سنڌ ۾ نڙ بيت چوندڙ‬
‫ڪيئي شاعر ٿي گذريا آھن‪ ،‬انھن ۾ زبان جي شاھوڪاريَء جي‬
‫لحاظ کان سانوڻ فقير اھم آھي‪ .‬سندس بيتن جو نمونو ھي‬
‫آھي‪:‬‬
‫موڪل ڏي تھ ملير وڃان‪ ،‬ڍري ڏسان ڍاٽ‪،‬‬
‫ملڪ مارو مير جو‪ ،‬لکپت ۽ الکاٽ‪،‬‬
‫ملڪ مارو مير جو‪ ،‬ستيارو سيکاٽ‪،‬‬
‫سانگي منھنجا سنمک سھڻا‪ ،‬ٺھيو ڪن ٿا‬
‫ٺاٺ‪،‬‬
‫جويون جيسلمير جون‪ ،‬آھن ڪل ڪنواٽ‪،‬‬
‫نبي سر جون نام ڪٺيون‪ ،‬ننگ ڀريون‬
‫ناٽ‪،‬‬ ‫ڪن‬
‫چوال تن چوڙيلين جا‪ ،‬ٽؤنر ٽڪن سان ٽاٽ‪،‬‬
‫گھڻي لوڏ لوھارين ۾‪ ،‬ٻي‪ ،‬سونھن وڏي‬
‫سماٽ‪،‬‬
‫ھٿن کاريون ڀڃن ڏاريون‪ ،‬مر گھيون ڏين‬
‫موڙاٽ‪،‬‬
‫ِجت کيريون ٻيريون ٻاوريون‪ ،‬ٻيا ٻوھن جا‬
‫ٻيالٽ‪،‬‬
‫ڏس قوت ڪنوارين جي‪ ،‬منگھھ ولوڙين‬
‫ماٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬آھن کيرن جا‬
‫کڙاٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬آھن ڌؤنرن جا‬
‫ڌوڌاٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬آھن ڇيرين جا‬
‫ڇڻاٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬آھن ٻڪرن جا‬
‫ٻيڪاٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬آھن گھيٽن سندا‬
‫گھاٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬چتوئن جا چيھاٽ‪،‬‬
‫ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين‪ ،‬دکن ٿا دونھاٽ‪،‬‬
‫سدا مند سانگين جا‪ ،‬ڳاڱين مٿي ڳاٽ‪،‬‬
‫پائي پانڌ ڳچيَء ۾‪ ،‬مون لکين ڪيا لوالٽ‪،‬‬
‫پسي سونھن سانوڻ چئي‪ ،‬تون عمر ڪر نھ‬
‫اوراٽ‪،‬‬
‫پائي ڳل ڳچيَء ڳاٽ‪ ،‬وڃي مالن مارو مير‬
‫کي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫آٌء گڊو آٌء گوالڙو‪ ،‬آٌء بي پٿو آٌء بي پاڙو‪،‬‬
‫من جي مرادن کي‪ ،‬آٌء ڪريان ڪڄاڙو‪،‬‬
‫ھٿين خالي آھيان‪ ،‬مون وٽ ڀتو نڪي‬
‫ڀاڙو‪،‬‬
‫ڏسي دور دنيا جا‪ ،‬مون کي سرس لڳو‬
‫ساڙو‪،‬‬
‫ھيُء جوِء ڇڏي ھن حد ۾‪ ،‬مون ڌن ڏسي‬
‫ڌاڙو‪،‬‬ ‫ھنيون‬
‫صوفيَء جو سانوڻ چئي‪ ،‬لٿو من تان‬
‫مونجھارو‪،‬‬
‫جڏھن ترندو تراڙو‪ ،‬تڏھن پوندي سڌ‬
‫جي‪.‬‬ ‫سچائيَء‬
‫منٺار فقير (‪٠١٣٣ -٠٣١٥‬ع)‪ :‬منٺار فقير ڪافين ۾ دل‬
‫جا جذبا قلمبند ڪيا آھن ۽ زبان ۾ ھڪڙي قوت ۽ طاقت جو بھ‬
‫مظاھرو ڪيو اٿس‪ .‬سندس ٻن ڪافين جا مثال ھي آھن‪:‬‬
‫خاڪ جي چولي ۾ جو ٻولي‪ ،‬اھو آواز االئي ٿو‬
‫ڪير؟‬
‫آواز سڻي ٿو ڏسي پسي ٿو ھھڙا ھنر ھالئي ٿو‬
‫ڪير؟‬
‫االنسان سري واناسره اھڙا لفظ لکائي ٿو ڪير؟‬
‫”ونحن اقرب“ ويسھھ ڪريو سڀ رنگھ منجھھ‬
‫ڪير؟‬ ‫ٿو‬ ‫سمائي‬
‫قلبون ڪافيون‬‫مور اصل منٺار تھ ڪونھي ھي ُ‬
‫ڪير؟‬ ‫ٿو‬ ‫ڳائي‬
‫ڳول ڳجھارت ڳالھھ اِنھيَء جي سمجھھ سلوڪ‬
‫ڪير؟‬ ‫ٿو‬ ‫سڻائي‬
‫‪-‬‬
‫آيو حسن جو يار ھٿيار کڻي‪ ،‬آيس شوق شڪار‬
‫جو‪.‬‬ ‫ڪرڻ‬
‫سر سڄڻ جي زلف زھري‪ ،‬ڪارا ڪيس وسيھر‬
‫قھري‪،‬‬
‫جئن نانگ ڪاوڙجي ڪڍن ڦڻي‪ ،‬رکي ڏمر ڏنگڻ‬
‫جو‪.‬‬ ‫ڪرڻ‬ ‫ڏھڪار‬
‫ڀؤنر ڀرون ٻئي بڻڇيون ڀاال‪ ،‬نيڻن نراڙ ۾ نيزا‬
‫نراال‪،‬‬
‫ٻي جا تکي تلوار کان اک جي اڻي‪ ،‬اھو ساڻس سامان‬
‫جو‪.‬‬ ‫ڪرڻ‬ ‫سنگھسار‬
‫ھدايت علي نجفي تارڪ (‪٠١٣١ -٠٣١٤‬ع)‪ :‬سنڌي زبان‬
‫جو ھي بلند معيار شاعر زبان جي استعمال ۽ ان جي موسيقيت‬
‫جي ڪري ڌيان ڇڪائي ٿو‪ .‬سندس ڪالم ۾ وارفتگي ۽ جوش‬
‫نمايان آھي‪:‬‬
‫عيش عشرت رنج راحت وصل ھجرت چار‬
‫ڏينھن‪،‬‬
‫عشق الفت يا عداوت آھي مدت چار ڏينھن‪.‬‬

‫فرشاھي ڪج ڪالھي‪ ،‬سؤ سپاھي‪ ،‬سڀ گذر‪،‬‬


‫شان شوڪت ناز نعمت‪ ،‬تاب حشمت چار‬
‫ڏينھن‪.‬‬

‫يار جاني ھيَء جواني‪ ،‬جاوداني ڪين آھھ‪،‬‬


‫محب مورت‪ ،‬خوبصورت‪ ،‬سر و قامت چار‬
‫ڏينھن‪.‬‬

‫شعر نجفي ڪر نھ مخفي ڀل تھ عرفي ٿئي‬


‫عيان‪،‬‬
‫الِء شھرت توکي فرصت‪ ،‬آھي مھلت چار‬
‫ڏينھن‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫ھر روپ ۾‪ ،‬ھر رنگ ۾‪ ،‬بيرنگ ٿيو جلوه نما‪،‬‬
‫منجھھ ھر اکر‪ ،‬ھر انگ ۾‪ ،‬بيرنگ ٿيو جلوه‬
‫نما‪.‬‬
‫سيد رکيل شاھھ (‪٠١٤٢ -٠٣٤١‬ع)‪ :‬سنڌ جي موجوده‬
‫سرحد کان ٻاھر بلوچستان جي عالئقي گنڌاوان جو ھي اھل دل‬
‫سائين رکيل شاھھ سنڌي ۽ سرائڪيَء جو وڏو شاعر آھي‪.‬‬
‫سندس مشھور ڪافي‪ :‬وس نھين چلدا حجت نھ ھلدي ڪنھن‬
‫نھ ٻڌي ھوندي‪ .‬ڪافيَء جو ھڪڙو نمونو ھي آھي‪:‬‬
‫عشق جنھن جي گھر آيو‪ ،‬عطر کٿوري ڇا‬
‫لڳي‪،‬‬
‫چندن گسي خوشبوِء اٿي‪ ،‬ميدان سارو پيو‬
‫ھڳي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫اڱڻ تنھن ايوان تي‪ ،‬اچي پرتوو پر جو پوي‪،‬‬
‫سا ڳلي ھٻڪار ھئڙي‪ِ ،‬جت نينھن جو نعرو‬
‫وڄي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫تابش بره جي بار جي‪ ،‬جنھن سر آئي سوئي‬
‫سھي‪،‬‬
‫جلوو عشق جو ھرجاِء ھڪ آھھ‪ ،‬سمجھي ايئن‬
‫سگھي‪.‬‬ ‫ڪوئي‬
‫‪-‬‬
‫قلب روشن دل سچي حاجت عقل جي‬
‫ناھلي‪،‬‬
‫ذاتي تجلو نور جو‪ ،‬ميثاق کان ھئڙو اڳي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫رخ رکيل ھيَء رمز رندي‪ ،‬بيرنگي بيشڪ‬
‫بلي‪،‬‬
‫عجب عبدالستار مان کي‪ ،‬فيض سمجھايو‬
‫سڏي‪.‬‬
‫مولوي احمد مالح (‪٠١١١ -٠٣٧٧‬ع)‪ :‬الڙ جو ھي وڏو‬
‫شاعر پنھنجي عوامي رنگ‪ ،‬بي ساختھ ڪالم ۽ قرآن شريف‬
‫جي منظوم ترجمي سبب مشھور آھي‪ .‬سندس ڪافيون‪ ،‬مولود‪،‬‬
‫مداحون ۽ غزل گھڻو مقبول ٿيا آھن‪ .‬ڪالم ۾ رواني ۽ تجنيس‬
‫حرفيَء جو برجستھ استعمال خاص ڌيان ڇڪائي ٿو‪:‬‬
‫دم ڪو آھيون‪ ،‬يا نھ آھيون‪ ،‬خواب آھي يا‬
‫خيال‪،‬‬
‫ھي بزرگيون‪ ،‬بادشاھيون‪ ،‬خواب آھي يا‬
‫خيال‪.‬‬

‫خاڪ ٿيندا‪ ،‬خاڪ ۾ خاقان‪ ،‬توڻي خان سڀ‪،‬‬


‫ھي خوشيون‪ ،‬ھي خانگاھون‪ ،‬خواب آھي يا‬
‫خيال‪.‬‬

‫ھي حڪم‪ ،‬ھي حڪمتون‪ ،‬ھي حرف توڻي‬


‫حرفتون‪،‬‬
‫شغل شاديون شوق شاھيون خواب آھي يا‬
‫خيال‪.‬‬

‫ھي نشا ھي نازبو ھي نازڪيون ۽ ناز راز‪،‬‬


‫ھي ڪجل ۽ ڪج ڪالھيون‪ ،‬خواب آھي يا‬
‫خيال‪.‬‬

‫ھي جواني‪ ،‬يار جاني‪ ،‬ھي جميعت ۽ جمال‪،‬‬


‫ھي بدن تي بره باھيون‪ ،‬خواب آھي يا خيال‪.‬‬

‫آھي احمد چئي امن جو آسرو‪ ،‬هلل وٽ‪،‬‬


‫ٻيا پنارا ۽ پناھيون خواب آھي يا خيال‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫مرحبا محبوب منھنجا‪ ،‬تو مٿان سر‬
‫گھوريان‪،‬‬
‫گس‪ ،‬گھٽيون ڇانيان گلن سان‪ ،‬گنج‪ ،‬گوھر‬
‫گھوريان‪.‬‬

‫ماڻڪن جا مينھن وسايان‪ ،‬تنھنجي مارڳ‪،‬‬


‫تان‪،‬‬ ‫ماڳ‬
‫تنھنجي خدمت ۾ خزانا‪ ،‬خوب خوشتر‬
‫گھوريان‪.‬‬

‫ھنجھھ‪ ،‬ھرڻ حورون‪ ،‬پريون‪ ،‬ھيرا‪ ،‬حسن‬


‫ھت‪،‬‬ ‫ھيچ‬ ‫۾‬
‫تنھنجي جلوي‪ ،‬جوت تان جنسار جوھر‬
‫گھوريان‪.‬‬

‫نڪ نيلوفر جو نمونو نرم آڱ نرمل‬


‫اکيون‪،‬‬
‫تنھنجي پيرن تان پيارا‪ ،‬پٽ پٽيھر گھوريان‪.‬‬

‫چنڊ چھرو‪ ،‬چشم چقمق‪ ،‬چوسرو چوٽو‬


‫چندن‪،‬‬
‫وات ڪوثر کان ڪثر‪ ،‬زم زم ذقن سر‬
‫گھوريان‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫جئڻ جنجال ڪيئي منھنجو‪ ،‬جيئين شل يار‬
‫سان‪،‬‬ ‫ڌڪ‬ ‫ھڪ‬
‫ملو يا ماريو مون کي‪ ،‬مٺا منٺار ھڪ ڌڪ‬
‫سان‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫اي اميرو عام آھون رنگ الئينديون‬
‫ضرور‪،‬‬
‫نت نماڻن جون نگاھون رنگ الئينديون‬
‫ضرور‪.‬‬
‫ڪي پالھون پيٽ ۾ پر پيٽ ڪن جا ٿيا‬
‫پال‪،‬‬
‫ھي پال ۽ ھي پالھون رنگ الئينديون‬
‫ضرور‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫اڄ بھ سرمون پائي سھڻا سينڌ سينگارڻ‬
‫لڳا‪،‬‬
‫محب مرڪاڻي مٺيَء سان‪ ،‬ملڪ ميڙ مارڻ‬
‫لڳا‪.‬‬
‫المولي‘ (‪٠١١٣ -٠١٠١‬ع)‪:‬‬
‫ٰ‬ ‫مخدوم محمد زمان ’طالب‬
‫مخدوم صاحب ويھين صديَء جو ھڪ پر گو ۽ يگانو شاعر آھي‪.‬‬
‫المولي ترجمان‬
‫ٰ‬ ‫ڪنھن بھ صنف ۾ ڏسبو تھ مخدوم طالب‬
‫محبت آھي‪ .‬ڪافي‪ ،‬غزل‪ ،‬بيت ۽ رباعيَء ۾ سندن زبان ۽ بيان‬
‫بيمثال آھي‪:‬‬
‫عجب عشق آھي اسان جو الستي‪،‬‬
‫ڪڏھن بت پرستي ڪڏھن خود پرستي‪.‬‬
‫جھان کان جدا ٿي جھان ۾ رھون ٿا‪،‬‬
‫سڀن ساڻ گڏ ھوندي سڀڪجھھ سھون‬
‫ٿا‪،‬‬
‫وسائيسون وه واھھ ورھھ واري وستي‪،‬‬
‫ٿياسون جو طالب تھ مطلوب مليو‪،‬‬
‫ٿي ساقي صنم پوِء کڻي جام اٿيو‪،‬‬
‫سري مان سڄڻ جي ملي سرڪ سستي‪.‬‬
‫‪-‬‬
‫المولي جون ڪافيون درد جي شدت ۽‬ ‫ٰ‬ ‫مخدوم طالب‬
‫جذبات جي ڪري بلند معيار جون آھن‪ .‬ھيٺيان ٿلھھ ئي اھڙي‬
‫ساک ڀرين ٿا‪:‬‬
‫‪ -‬سھڻل جا سينگار دل کي وڻن ٿا‪.‬‬
‫‪ -‬تو دلڙي يار ڌتاري‪ ،‬پوِء ڪانھ ڪيئي‬
‫پوئواري‪.‬‬
‫‪ -‬ڪنھن سان ڳالھھ ڪريان ڪنھن کي‬
‫ڏيان‪،‬‬ ‫دانھن‬
‫تن دردن جي پنھنجي سورن جي!‬
‫سنڌيَء جا شاعر جن پنھنجي دؤر ۽ پوِء وارن دؤرن تي‬
‫ڀرپور اثر ڇڏيو‪ .‬انھن ۾ خواجھ سلطان االوليا حضرت محمد‬
‫زمان جو نالو ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي‪ .‬اھڙيَء طرح ٻيا بھ‬
‫ڪيترا شاعر آھن‪ ،‬جن جون خدمتون وسارڻ جون نھ آھن‪ .‬جديد‬
‫شاعرن ۾ بيوس‪ ،‬دکايل‪ ،‬اياز‪ ،‬تنوير‪ ،‬نياز‪ ،‬نارائڻ شيام‪ ،‬ايم‬
‫ڪمل ۽ ٻيا ڪيترا اچي وڃن ٿا‪ .‬افسانھ نگارن ۾ سندري‪ ،‬موھن‬
‫ڪلپنا‪ ،‬جمال ابڙو‪ ،‬امر جليل‪ ،‬گنوسامتاڻي ۽ ٻيا آھن‪ ،‬جن سنڌي‬
‫نثر کي اجاريو آھي‪.‬‬
‫محققن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي‪ ،‬ڊاڪٽر دائودپوٽو‪،‬‬
‫ڀيرومل‪ ،‬ڊاڪٽربلوچ‪ ،‬موالئي‪ ،‬محبوب علي چنھ‪ ،‬تاج صحرائي‪،‬‬
‫ڊاڪٽر جيٽلي‪ ،‬ڊاڪٽر جوتواڻي‪ ،‬ڊاڪٽر ستيش روھڙا ۽ ٻيا اچي‬
‫وڃن ٿا؛ جن تحقيق جي ھڪ مخصوص ۽ جديد نھج تي نثر کي‬
‫آندو‪.‬‬
‫مرزا قليچ بيگ تھ واھڙ وھائي ڇڏيا‪ .‬سندس ڪو ھڪ‬
‫شعبو ھجي تھ چئجي‪ .‬نثر ۾ نظم ۾ مرزا صاحب سنڌيَء کي‬
‫شاھوڪار ڪيو‪.‬‬
‫باب نائون‬
‫موجوده حالت‬
‫(مسئال ۽ حل‪ ،‬ھند ۾ سنڌي)‬
‫سنڌي زبان وڏن طوفانن مان لنگھي ھن حالت ۾ پھتي‬
‫آھي‪ .‬عربي‪ ،‬فارسي ۽ انگريزيَء جي ساٿ ۾ سنڌيَء جو فائدو‬
‫ٿيو ۽ سنڌ جي عالمن انھن زبانن ۾ بھ بيشمار ڪتاب لکيا‪.‬‬
‫رابطي ۾ رھندڙ زبانن مان فائدو بھ ٿئي ٿو ۽ مقابلو بھ رھي‬
‫ٿو‪ .‬ائين چوڻ ۾ وڌاُء نھ ٿيندو تھ صدين جي سفر ۾ سنڌي‬
‫زبان ۾ اھليت‪ ،‬قوت ۽ استقامت پيدا ٿي آھي‪ .‬زبان فقط اديب‬
‫جي توجھھ جو مرڪز نھ رھندي آھي‪ ،‬عوام ان جا پرورش‬
‫ڪندڙ آھن‪ .‬سماج جو ھر فرد ھن فريضي جي ادائگيَء الِء‬
‫ڪوشان رھندو آھي‪ .‬جيئن ان کي مخالف طرف کان ايندڙ ويرن‬
‫کان بچائي ۽ ويرين جي حملن کان محفوظ رکي‪ .‬ھاڪاري‬
‫نتيجا ڪڍڻ الِء ڳالھائيندڙ ۽ لکندڙ محنت جاري رکيو ايندا تھ‬
‫ھن ڪم ۾ ڪامياب ٿبو‪ .‬زبان جي ترقيَء الِء اھڙيون تحريرون‬
‫۽ تخليقون پيش ڪبيون‪ ،‬جيڪي سماج جي سڌاري بابت‬
‫ھونديون ۽ اھي سماج جي ادبي‪ ،‬ثقافتي ۽ علمي اڳڀرائيَء الِء‬
‫ھونديون‪ .‬جڏھن ھيَء ڳالھھ ڪريون ٿا تھ مطلب آھي تھ پنھنجي‬
‫زبان کي ايڪيھين صديَء ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ فعال ڪريون‪.‬‬
‫ماضيَء جو جائزو وٺي‪ ،‬حال جو حال ڏسي‪ ،‬آئيندي الِء‬
‫مثبت قدم کڻبا‪ .‬ماضيَء ۾ سنڌي زبان ۾ جيڪو لکيو ويو‪،‬‬
‫جيڪا تحقيق ٿي‪ ،‬ان کي حال ۾ وڌائبو ۽ آئيندي الِء ڪا‬
‫رٿابندي ڪبي‪ .‬خالي اونده ۾ لٺيون ھڻڻ ۽ ڇڙ ڇڙ گابا ٿي ھلبو‬
‫تھ مقصد حاصل نھ ٿيندو‪.‬‬
‫زبان جي ترقيَء ۽ تعليم جي واڌاري الِء مختلف نوعيت‬
‫جون ڊڪشنريون‪ ،‬لفظن جا ذخيرا ۽ مددي ڪتاب تيار ڪرڻ جي‬
‫گھڻي ضرورت آھي‪ .‬سنڌيَء جي سلسلي ۾ نظر ڪبي تھ اھڙن‬
‫ڪتابن ۽ ڊڪشنرين جي اڃان کوٽ آھي‪ .‬جيتوڻيڪ ھي سلسلو‬
‫اڻھين صديَء جي اڌ کانپوِء وقفن سان ۽ ننڍي پيماني تي جاري‬
‫آھي‪ .‬قلمي صورت ۾ ڪي لغات ان کان بھ اڳ تيار ٿيون‪ .‬جامع‬
‫لعات جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ ھٿ ۾ کنيو ۽ ڊاڪٽربلوچ‬
‫پھرئين مرحلي جو ڪم مڪمل ڪري ڏنو‪ ،‬جيڪو پنجن جلدن‬
‫۾ ڇپيو‪ .‬ڊاڪٽرصاحب ان کي وڌايو ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيَء‬
‫نئين ترتيب سان شايع ڪيو‪ ،‬جيڪو ٽن جلدن ۾ ڇپيو‪ .‬بقول‬
‫ڊاڪٽربلوچ ھي ھڪ مستقل نوعيت جو ڪم آھي‪ .‬ھن الِء ھڪ‬
‫مستقل ادارو کپي‪ ،‬جيڪو اضافھ ڪيل ايڊيشن تيار ڪرڻ جو‬
‫سلسلو جاري رکي‪.‬‬
‫انھيَء پسمنظر سان گڏ سنڌيَء جي موجوده حالت ۽‬
‫حيثيت جو جائزو وٺبو تھ ورھاڱي کان پوِء پھرئين مارشل ال‬
‫۾ سنڌيَء کي تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ جي خودساختھ‬
‫۽ آمرانھ خيال جو شڪار ٿيڻو پيو‪ .‬ان کان پوِء اڄ ڏينھن تائين‬
‫اھڙيون سازشون جاري آھن‪ .‬آپيشاھي ۽ انھن جي ٻانھن ٻڌن‬
‫ڇاڙتن ھن ڏس ۾ گھٽايو ڪونھي‪ .‬سنڌ اسيمبليَء ۾ ھڪ ميمبر‬
‫ايئن بھ چيو تھ‪” :‬مون کي سنڌيَء سان نفرت آھي‪ .‬آٌء بجيٽ‬
‫تقرير سنڌيَء ۾ نھ ٻڌندس“‪ .‬اھو سنڌين جو جگر آھي جو‬
‫اھڙيون ڳالھيون بھ سھندا اچن‪ .‬سنڌيَء جي حفاظت الِء سنڌ جي‬
‫شاگردن‪ ،‬سنڌي ادبي سنگت ۽ سڄاڻ ڌرين ڊگھي جدوجھد ڪئي‬
‫آھي‪ ،‬تڏھن سنڌي پنھنجو وجود قائم رکي سگھي آھي‪ .‬تڏھن‬
‫بھ زھريال نانگ ڏنگ ھڻڻ جي عادت کان باز نٿا اچن‪.‬‬
‫موھن جي دڙي مان لڌل رقاصھ جي پتليَء کي غالظت‬
‫۽ ڍڳي کي خونخوار ڍڳو سڏيو ويو ۽ ڪفر جون فتوائون بھ‬
‫جاري ٿيون‪ ،‬تھ بھ قافلو ھلندو رھي ٿو‪.‬‬
‫سنڌ ۾ سنڌيَء جي تلفظ جي باري ۾ ٿورا غلط مثال بھ‬
‫قائم ٿيا آھن‪ .‬انھن سان نھ زبان ختم ٿيندي نھ گھڻو بگڙي‬
‫ويندي‪ ،‬پر ٿوري بگاڙ جو انديشو آھي‪ .‬اھڙي بگاڙ ڏانھن ڌيان‬
‫ڏيڻ ضروري آھي‪ ،‬ڇو جو ھن بگاڙ ۾ ميڊيا ملوث آھي‪ .‬ان ۾‬
‫اخبارون‪ ،‬رساال‪ ،‬ريڊيو ۽ ٽي ويَء جو وڏو حصو آھي‪ .‬پھريون‬
‫مثال ھڪ اھم لفظ جي اِمال جو سامھون آيو‪ .‬سڀني کي خبر‬
‫آھي تھ ’قاعدو‘ ھيئن صحيح آھي‪ .‬اخبارن ’قائد‘ وارو‬
‫لفظ ’قاعدو‘ سان منجھائي ’قائدو‘ (قاعدي جي جاِء تي) لکڻ‬
‫شروع ڪيو‪ .‬جي ليکڪ صحيح (قاعدو) لکي تھ ڪمپازيٽر‬
‫پنھنجو عقل ھالئي‪ ،‬ان کي ’قائدو‘ ضرور ڪري!‬
‫ھڪ عام غلطي لکڻ ۾ ’بھرحال‘ (ھر حال ۾ ھر صورت‬
‫۾) جي ڪئي وڃي ٿي‪ .‬ان کي بحرحال ۽ بھرھال بھ لکيو وڃي‬
‫ٿو‪ .‬گھٽ ماڻھوا ِمال جي ھيَء چوڪ ڪن ٿا‪ .‬درست ٿيڻ کپي‪.‬‬
‫اھڙيَء طرح اخبارن ۾ ۽ ريڊيو‪ ،‬ٽي ويَء ۾ گفتگو ۾ سنڌي‬
‫جي شھرن جا ناال غلط اچاريا وڃن ٿا‪ .‬جھڙوڪ مورو‪ ،‬ٽنڊو باگو‬
‫۽ کپرو وغيره‪ .‬جنھن بھ صورت ۾ شھر جو نالو وٺبو‪ ،‬اھو‬
‫ٻوليَء جي قائم اصولن موجب وٺبو‪ .‬ڪنھن ٻي ٻوليَء جي تقليد‬
‫۽ نقل ڪرڻ جي ضرورت ڪونھ آھي‪ .‬جي جملو آھي تھ‪’ :‬مورو‬
‫وڏو شھر آھي‘ تھ صحيح آھي‪ .‬جي جملو آھي‪’ ،‬آٌء موري‬
‫ويندس‘ تھ ايئن صحيح آھي‪ .‬ان جي مقابلي ۾’آُء مورو‬
‫ويندس‘ غلط آھي‪.‬‬
‫ريڊيو جي خاص طور نيوز بليٽن ۾ فاش غلطيون ٿين‬
‫ٿيون‪ .‬ھڪ ڀيرو چيو ويو تھ‪” :‬حڪومت چوپائي مال جي‬
‫صحت‪ ،‬خريد ۽ وڪرو کي ھمٿائيندي“ غور ڪريو تھ نيوز‬
‫ڪاسٽر پنھنجي مادري زبان کي ٻين زبانن جي پاڇي ۾ آڻي‬
‫غلط ڪن ٿا‪ .‬ڪيترن لفظن جا بھ اھڙا نقاليَء وارا اچار ڪن ٿا‪.‬‬
‫زلزلو کي ’زلزلو‪ ،‬ڪروڙ کي ڪڙوڙ‪ ،‬وگھي کي وگھي‪ ،‬زبون‬
‫کي زبون ۽ ڌيان کي ڌيان چوڻ انڌي تقليد نھ آھي تھ ٻيو ڇا‬
‫آھي‪ .‬ڪي ماڻھو چون ٿا‪ ،‬فالڻي زبان ڳالھائيندڙن سان لھھ وچڙ‬
‫جي ڪري انھن جو اثر پوڻ الزمي آھي‪ .‬ايئن نھ آھي اِھا پنھنجي‬
‫زبان کان بي پرواھي آھي!!‬
‫ھڪ نيوز بليٽن ۾ حڪومت ”پڪو پھھ“ ڪيو آھي‪ “.‬چيو‬
‫ويو‪ .‬ڪھڙو سنڌي پڪو پھھ نٿو چئي سگھي؟ ھڪ سگھڙين سٿ‬
‫پروگرام ۾ خطن جا جواب ڏيندي‪ ،‬ميزبان چيو‪” ،‬اوھين پنھنجي‬
‫راِء اسان کي موڪلي ڏياريو‪ .‬اھو ڏياري موڪليو جي بجاِء چيو‬
‫ويو‪ .‬اِھا ھڪ ماڻھوَء جي وقتي ۽ معاف ڪرڻ جھڙي غلطي بھ‬
‫چئي سگھجي ٿي‪” .‬سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ“ کي ڪير ”سنڌ جي ڪنڊ‬
‫ڪڙڇ“ چوي‪ ،‬اھا غلطي ھڪ فاش غلطي آھي‪ .‬اِن قسم جي غلطين‬
‫کي بھرحال درست ڪجي‪ .‬اِنھن اچارن ۽ تحريري غلطين کي‬
‫سڌارڻ ئي مسئلن جو حل آھي‪.‬‬
‫ٻيو حل زبان جي ترقيَء الِء ڪن ضروري قدمن کڻڻ‬
‫سان ٿيندو‪ .‬ان الِء جيئن عرض ڪيم تھ مڪمل رٿابندي‬
‫ضروري آھي‪ .‬ھن سلسلي ۾ سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا ڪجھھ‬
‫ڪندا آيا آھن‪ .‬اڃان گھڻو ڪجھھ ڪرڻو آھي‪ .‬سنڌي ادبي بورڊ‬
‫جو اشاعتي پروگرام جاري آھي‪ .‬ايئن چوڻ ۾ وڌاُء نھ ٿيندو تھ‬
‫بورڊ جي اشاعت جو ھڪ مرحلو مڪمل ٿي چڪو آھي‪ ،‬جنھن‬
‫۾ سنڌي لغات‪ ،‬لوڪ ادب‪ ،‬تاريخ جا ماخذ ۽ شاعرن جا ڪليات‬
‫۽ ديوان شايع ٿي چڪا آھن‪ .‬سنڌي لئنگويج اٿارٽي‪ ،‬سنڌاالجي‬
‫۽ شاھھ لطيف ثقافتي مرڪز بھ اشاعت جو ڪم ڪيو آھي‪.‬‬
‫اٿارٽيَء جو ٻوليَء جي صحت ۽ ترويج ۾ اھم ڪردار آھي‪،‬‬
‫جيڪو اڃان وڌڻ کپي‪ .‬اِن کان سواِء نيوفيلڊس‪ ،‬سنڌيڪا‪،‬‬
‫روشني‪ ،‬مھراڻ اڪيڊمي ۽ ٻين نجي ادارن جو ڪردار بھ آھي‪.‬‬
‫انھن جو اشاعتي پروگرام بھ قابل قدر آھي‪ .‬ان ۾ بھ رٿابنديَء‬
‫جي ضرورت آھي‪ ،‬انھن ادرن جا مالڪ ھروڀرو بھ ٻيا ڇاپا شايع‬
‫ڪرڻ ۾ پورا آھن‪.‬‬
‫ھيڏانھن سنڌ يونيورسٽي‪ ،‬ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاھھ‬
‫لطيف يونيورسٽيَء جا سنڌي شعبا تعليم جي سلسلي ۾ ايم‪.‬‬
‫اي‪ ،‬ايم‪ .‬فل ۽ پي ايڇ‪ .‬ڊيَء جون ڊگريون ڏيڻ سان گڏ اشاعتي‬
‫ڪم بھ ڪندا ٿا اچن‪ .‬چيئرس قائم آھن‪ ،‬انھن وسيلي اڃان بھ‬
‫وڌيڪ معياري ادبي ڪم ٿي سگھي ٿو‪ .‬سنڌي شعبن مان جرنل‬
‫ڪينجھر‪ ،‬ڪالچي ۽ ڀٽائي شايع ٿيندا رھن ٿا‪.‬‬
‫سنڌيَء ۾ سنڌوَء کان وٺي ڪيترا ننڍا وڏا رساال شايع‬
‫ٿيندا رھيا‪ .‬ھن وقت لوڏن لمن ھوندي بھ بورڊ جو سماھي مھراڻ‬
‫۽ سنڌ سرڪار جو نئين زندگي شايع ٿي رھيو آھي‪ .‬سنڌي‬
‫اخبارون بھ اٽڪل ڏيڍ سؤ سالن کان شايع ٿينديون اچن‪ .‬قرباني‪،‬‬
‫نئين سنڌ‪ ،‬ڪاروان ۽ ٻيون اخبارون نڪتيون بند ٿي ويون‪ .‬ھن‬
‫وقت عوامي آواز‪ ،‬عبرت‪ ،‬ڪاوش‪ ،‬خبرون‪ ،‬شام‪ ،‬ھلچل‪ ،‬تعمير‬
‫سنڌ ۽ ڪي ٻيون روازانھ اخبارون شايع ٿين پيون‪ .‬سنڌي زبان‬
‫۽ ادب جي اشاعت ۽ ترويج ۾ اخبارن جو بھ اھم ڪردار آھي‪.‬‬
‫ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري پنھنجي زبان کي ترقي‬
‫ڏياري سگھون ٿا‪ .‬ان الِء گھڻن مثبت قدمن کڻڻ جي گھرج آھي‪.‬‬
‫منھنجون چند رٿون ھي آھن‪:‬‬
‫‪ -٠‬سنڌي ماڻھو ذھني طور سجاڳ ٿي پنھنجي زبان جو‬
‫استعمال وڌائي ۽ ڪوشش ڪري ٻين سان بھ سنڌي‬
‫ڳالھائين‪ .‬ھڪڙي غير اڳيان ڏھھ سنڌي پنھنجي‬
‫زبان ڇڏي نھ ڏين‪.‬‬
‫‪ -٠‬دوڪانن ۽ ادارن جا بورڊ سنڌيَء ۾ لکائين‪.‬‬
‫‪ -٣‬ٻارن کي الزما سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙھائين‪.‬‬
‫ٺلھي وڏائيَء کي ترڪ ڪري ٻارن سان سنڌيَء ۾‬
‫ڳالھائين‪.‬‬
‫‪ -٤‬جيترو بھ ٿي سگھي خط سنڌيَء ۾ لکن‪ .‬پٽاٽي کي‬
‫آلو‪ ،‬ڀاڄائيَء کي ڀاڀي‪ ،‬ڀيڻ کي آپا‪ ،‬ڀاُء ۽ دوست کي‬
‫ڀائي جان‪ ،‬چنبڙڻ کي چپڪڻ ۽ پيٺيَء کي ابٽڻ چوڻ‬
‫کان بچن‪.‬‬
‫‪ -٥‬سنڌي اخبارون‪ ،‬رساال ۽ ڪتاب خريد ڪري‪ ،‬پڙھن‪.‬‬
‫‪ -١‬سرڪار کان ادبي ادارن جي گرانٽ وڌائڻ الِء گھر‬
‫ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ -٧‬ڀارت کان سنڌي رساال ۽ ڪتاب گھرائڻ الِء سرڪار‬
‫کان مطالبا ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ -٣‬سنڌي تعليم کي پرائمري تعليم کان وٺي‬
‫يونيورسٽيَء تائين مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ -١‬نجي اشاعتي ادارن جي امداد ڪرڻ الِء جدوجھد ڪرڻ‪.‬‬
‫‪ -٠٢‬ڪمپيوٽر جو استعمال اسڪولن ۽ ٻين ادارن ۾‬
‫وڌائڻ‪.‬‬
‫اِھي چند رٿون آھن‪ .‬ٻيون بھ ٿي سگھن ٿيون‪ .‬اميد آھي‬
‫تھ ھاڪاري قدم کڻڻ سان ٻوليَء جو واڌارو ٿيندو ۽ سنڌي سماج‬
‫بھ ھڪ ايڪي وانگر نظر ايندو‪.‬‬
‫ھند ۾ سنڌي‪ :‬ھونئن تھ ٻڌندا اچون تھ ھند ۾ سنڌي‬
‫ختم ٿيندي پئي وڃي‪ .‬نارائڻ شيام خدشو ظاھر ڪيو ھو تھ‪:‬‬
‫اال ايئن نھ ٿئي جو ڪتابن ۾‬
‫پڙھجي‪،‬‬
‫ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي‪.‬‬
‫آٌء پوِء بھ پراميد رھيو آھيان‪ ،‬اھو سوچيندي تھ سنڌي‬
‫ھتان لڏي ويا ھئا تھ ٿورا ھئا‪ .‬اڄ اتي سندن آبادي وڌي آھي‪.‬‬
‫ٻوليَء کي لوڏو ئي ڪونھي‪ .‬سيپٽمبر ‪٠٢٢٥‬ع ۾ سنڌي اديبن‬
‫جي وفد ۾ ڀارت وڃڻ جو موقعو مليو‪ .‬اتي اٽڪل ڏھن شھرن‬
‫(دھلي‪ ،‬لکنو‪ ،‬ڪانپور‪ ،‬آگري‪ ،‬حيدرآباد دکن‪ ،‬بمبئي‪ ،‬بنگلور‪،‬‬
‫اجمير‪ ،‬احمد آباد ۽ جئپور) ۾ وڃڻ ۽ سنڌين جي پروگرامن‪،‬‬
‫سيمينارن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو‪ .‬وقتي تھ ڄاتم تھ‬
‫ٺيڪ آھي‪ .‬وڏي عمر وارا مليا پر پروگرامن ۾ ننڍا نيٽا گھٽ‬
‫شريڪ ٿيا‪ .‬ڪجھھ کٽڪو تھ ٿيو‪.‬‬
‫آگري ۾ ھلندڙ پروگرام کان ٻاھر نڪري ھوا کائڻ لڳس‬
‫تھ پھرين ھڪ ھمراه ۽ پوِء ٽي ٻيا بھ اچي مليا‪ .‬انھن ڪي سوال‬
‫پڇيا‪ .‬اڪثر سوالن مان سمجھيم تھ ھنن کي مليل معلومات اڻ‬
‫پوري ۽ غلط ھئي‪ .‬مثال‪:‬‬
‫‪ -‬اوھان جي شادي ڪٿان ٿي؟‬
‫‪ -‬اوھين عربي ڳالھايو ٿا؟‬
‫‪ -‬اوھين ورھاڱي وقت مسلمان ٿيا؟‬
‫انھن سوالن جا جواب مون ھنن کي ڏنا ۽ ڄاتم تھ ھنن‬
‫ھي ٿي سمجھيو تھ ورھاڱي وقت جن ڀارت ڏانھن لڏپالڻ نھ‬
‫ڪئي سي (ڊڄي) مسلمان ٿيا‪ .‬مون کين ٻڌايو تھ نھ ايئن‬
‫ڪونھي‪ .‬سنڌ ۾ اسالمي اثر ۽ حڪومت سبب ڪي سنڌي ستين‬
‫صديَء جي آخر ۽ اٺين صدي عيسويَء (‪ )٧٠٠‬کان مسلمان ٿيندا‬
‫آيا‪ .‬اھو عمل ٿورو سنڌ جي ھندن ۽ اڇوت جاتين ۾ اڃان جاري‬
‫آھي‪.‬‬
‫ٻيو تھ اسين سنڌ ۾ پنھنجي سنڌي زبان ڳالھايون ٿا ۽‬
‫اھا عربي سنڌيَء ۾ لکجي ٿي‪ .‬ڀارت ۾ اڪثر ديوناگريَء ۾‪ ،‬۽‬
‫گھڻا ڪتاب ۽ رساال عربي سنڌي لپيَء ۾ ڇپجن ٿا‪ .‬شايد انھن‬
‫تائين اوھان جي رسائي ناھي‪.‬‬
‫شاديَء وارو سوال اھم نھ ھو‪ ،‬پر ھنن سمجھيو تھ آٌء‬
‫بھ ‪٠١٤٧‬ع ۾ مسلمان ٿيو آھيان‪ .‬متان ڪنھن ھندو گھراڻي مان‬
‫شادي ڪئي ھجيم! ان ڳالھھ جي بھ مون ِچٽائي ڪئي‪ .‬ھنن ٻيا‬
‫بھ ڪيترا سوال پڇيا ۽ کين جواب ڏنم‪ .‬اھو محسوس ڪيائون‬
‫تھ سندن خيال غلط ھئا‪ .‬انھن دوستن ۽ ڪن ٻين سان بھ اھڙي‬
‫گفتگو ٿي‪ .‬مون کين ٻڌايو تھ‪ :‬اوھان سان اسان جو رشتو فقط‬
‫سنڌي زبان جو آھي‪ ،‬ٻيو ڪو ھجي تھ ٻڌايو! ان جو ھنن وٽ‬
‫جواب ڪونھ ھو‪.‬‬
‫ڀارت ۾ اڪثر اھو ڏٺو ويو تھ سنڌين جا ٻار جدا جدا‬
‫پرانتن (صوبن) ۾ اتي جون ٻوليون سکن ۽ پڙھن ٿا‪ .‬نئين ٽھيَء‬
‫وارا مائٽن سان گھر ۾ بھ سنڌي نٿا ڳالھائين‪ .‬اھو انھن جو‬
‫معاشي ۽ يڪجھتيَء جو مسئلو تھ آھي‪ .‬پوِء بھ پنھنجي مادري‬
‫ٻوليَء سان الڳاپو رکي سگھن ٿا‪ .‬معاشي طور ڀارت ۾ سنڌي‬
‫اعلي پد تي آھي‪ .‬خود ملڪ جي معيشت کي ٽيڪ‬ ‫ٰ‬ ‫جاتي تمام‬
‫ڏئي بيٺا آھن‪ .‬ان جا ممبئيَء ۾ نند جويري ۽ ٻين شھرن ۾ ٻين‬
‫سنڌين ڪافي مثال ٻڌايا‪ .‬ھھڙي بھتر حالت ۾ ھجڻ واري جاتي‬
‫ٻوليَء الِء بھ ايئن قدم کڻي سگھجي ٿو‪ ،‬جيئن تعليم ۽ صحت‬
‫الِء کنيا اٿن‪ .‬روزگار ۾ ٻين جاتين کي بھ سھارو ڏين پيا تھ‬
‫پنھنجي ٻوليَء الِء بھ گھڻو ڪجھھ ڪري سگھن ٿا‪.‬‬
‫پوِء بھ جيڪو الڙو سنڌيَء بدران ھندي ڳالھائڻ جو آھي‪،‬‬
‫سو ھلندو‪ .‬سنڌيَء الِء ڪجھھ ڪبو تھ بھتر صورت ۾ ايندي‪.‬‬
‫خاتمھ ڪالم‬
‫مٿي ذڪر ڪيل ڪجھھ ڳالھين جي حوالي سان عرض‬
‫آھي تھ سنڌيَء جي سونھن‪ ،‬جوھر ۽ ماھيت کي اصلي روپ ۾‬
‫پسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي‪ .‬سنڌيَء جي پھاڪن ۽‬
‫اصطالحن جي روشنيَء ۾ بھ حسن نظر اچي ٿو‪ ،‬ان کي اھميت‬
‫ڏيڻ کپي‪ .‬اديبن ۽ شاعرن جي تحريرن بھ زبان کي مضبوط‬
‫کان مضبوط ترڪيو آھي‪ .‬اِن نڪتي کي ڪڏھن وسارڻ نھ‬
‫گھرجي‪.‬‬
‫ُ‬
‫بيشڪ سنڌي زبان جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد جي باري‬
‫۾ وڌيڪ کوجنا ڪجي ۽ نتيجا ڪڍجن‪ .‬پر سنسڪرت جي فقط‬
‫ٿوري معلومات ۽ ‪ working knowledge‬ڪافي ناھي‪ .‬جيئن عرض‬
‫ڪري آيو آھيان تھ جڏھن سڄو ممڻ سنسڪرت جي سر تي متل‬
‫آھي‪ ،‬تڏھن سنسڪرت زبان اسڪالرن کي مڪمل طور سکڻ‬
‫کپي‪ .‬جن سکي آھي‪ ،‬سي چٽيَء طرح چون ٿا تھ‪ ،‬سنڌي ”ھند‬
‫آريائي“ زبان آھي نھ توراني نھ ترڪستاني‪.‬‬
‫بھرحال اڃا بھ ھر پھلوَء جي تحقيق الِء رستو کليل آھي‪.‬‬
‫ُبڻ بنياد‪ ،‬محاورن‪ ،‬پھاڪن‪ ،‬شعرن جو وڌيڪ اڀياس ڪجي‪.‬‬
‫ضميمو‪ ،‬اھم ڪتاب‬
‫ھن موضوع تي تفصيلي مطالعي الِء ھيٺيان ڪتاب‬
‫پڙھڻ کپن‪:‬‬
‫‪ -٠‬سنڌي ٻوليَء جي تاريخ‪ -‬ڀيرومل مھرچند‬
‫‪ -٠‬سنڌي ادب جي تاريخ (جلد‪ -)٠-‬خانبھادر ميمڻ‬
‫‪ -٣‬تذڪره لطيف (جلد‪ -)٠-‬پروفيسر بدوي‬
‫‪ -٤‬سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‪ -‬ڊاڪٽر بلوچ‬
‫‪ -٥‬سنڌي ٻولي‪ -‬سراج الحق‬
‫‪ -١‬سنڌي صورتخطي‪ -‬ڊاڪٽر غالم علي االنا‬
‫‪ -٧‬سنڌي ٻوليَء جو ُبڻ بنيادي‪ -‬ڊاڪٽر غالم علي االنا‬
‫‪ -٣‬سنڌي صوتيات‪ -‬ڊاڪٽر غالم علي االنا‬
‫‪ -١‬سنڌي ٻوليَء جي لساني جاگرافي‪ -‬ڊاڪٽر غالم علي‬
‫االنا‬
‫‪ -٠٢‬سنڌي ٻوليَء جو اڀياس‪ -‬ڊاڪٽر غالم علي االنا‬
‫‪ -٠٠‬علم اللسان ۽ سنڌي زبان‪ -‬علي نواز جتوئي‬
‫‪ -٠٠‬سنڌي ٻوليَء جو سماجي ڪارج‪ -‬الھداد ٻوھيو‬
‫‪ -٠٣‬سنڌي ٻولي‪ ،‬لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‪-‬‬
‫ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو‬
‫‪ -٠٤‬سنڌي ڌوني و گيان‪ -‬ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي‬
‫‪ -٠٥‬ٻوليَء جو سرشتو ۽ لکاوٽ‪ -‬ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي‬
‫‪ -٠١‬سنڌوَء جي جھلڪ‪ -‬ليلو رچنداڻي‬
‫‪ -٠٧‬سنڌي ٻوليَء جي لپي‪ -‬لوڪناٿ‬
‫‪ -٠٣‬ڀاشا شاستر‪ -‬پوپٽي ھيراننداڻي‬
‫‪ -٠١‬لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليَء جون آراڌايون‪ -‬محمد‬
‫عمر چنڊ‬
‫‪ -٠٢‬سنڌي براھوئي جو تقابلي جائزو‪ -‬ڊاڪٽر داد محمد‬
‫خادم بروھي‬
‫‪ -٠٠‬گل شڪر‪ -‬ڪيولرام آڏواڻي‬
‫‪ -٠٠‬پھاڪن جي حڪمت‪ -‬مرزا قليچ بيگ‬
‫‪ -٠٣‬پھاڪن جي پيڙھھ‪ -‬ڀيرومل مھرچند‬
‫‪ -٠٤‬گلقند‪ -‬ڀيرومل مھرچند‬
‫‪ -٠٥‬پھاڪن جي پاڙ‪ -‬ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو‬
‫‪ -٠١‬اصطالحن جي اصليت‪ -‬ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو‬
‫‪ -٠٧‬پھاڪا ۽ اصطالح‪ -‬سنتداس ڪشناڻي (مقدمو ڊاڪٽر‬
‫جيٽلي)‬
‫‪ -٠٣‬ورجيسون‪ -‬عبدالوھاب سھتو‬
‫‪ -٠١‬اصطالحات اصغر (عرف سنڌي کٽمٺڙا)‪ -‬غالم‬
‫اصغر‬

You might also like