You are on page 1of 299

‫‪1‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪2‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬
‫‪3‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڇپائيندڙ پاران‬
‫’اوجاڳن جو انت‘ غزل جي بادشاهه ’وفا‘ ناٿن شاهي جو شعري مجموعو‬
‫آهي‪ .‬وفا ناٿن شاهي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر آهي‪ ،‬ان ۾ ڪو به شڪ نه‬
‫آهي‪ .‬غزل ۾ سندس اظهار بيان‪ ،‬موضوع جي چونڊ ۽ تخيل جي پرواز ڏاڍي‬
‫ُاتاهين پد تي پهتل آهي‪ .‬سندس شاعراڻي جذبن جي شهزادي ڏاڍي چنچل ۽ شوخ‬
‫آهي‪” .‬وفا“ جي شاعري جي وڌيڪ متاثر ڪندڙ خوبين مان اهم خوبي اها به آهي‪،‬‬
‫ته وفا جي شاعري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي هڪدم سمجهه ۾ اچي ويندي‪ .‬وفا جي‬
‫شاعري ايتري ته دلپذير آهي جو اها پڙهندڙ کي هڪدم پنهنجي سحر ۾ قابو‬
‫ڪري ڇڏي ٿي‪.‬‬
‫هن شعري مجموعي تي نامياري شاعر امداد حسينيَء جو مهاڳ لکيل آهي‪ .‬ان‬
‫کان عالوه راشد مورائي‪ ،‬وفا پلي‪ ،‬مير محمد پيرزادي ۽ وسيم سومري‪ ،‬جا‬
‫خوبصورت نوٽس لکيل آهن‪ ،‬جيڪي ”وفا“ جي شاعري ۽ فن تي عالمانه روشني‬
‫وجهن ٿا‪ .‬اسان کي دلي طرح خوشي ٿي آهي‪ ،‬جو ”وفا“ جهڙي غزل جي بادشاهه‬
‫شاعر جو هيُء شعري مجموعو بورڊ جي پريس وٽان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي‬
‫اميد ٿي ڪجي‪ ،‬ته ”وفا“ جي غزلن سان پيار ڪندڙن کي هيُء شعري مجموعو‬
‫ضرور پسند ايندو‪.‬‬

‫اعجازاحمد منگي‬ ‫ڄام شورو‪ ،‬سنڌ‬


‫سيڪريٽري‬ ‫سومر ‪ -52‬شوال المڪرم ‪7251‬هه‬
‫سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫بمطابق ‪ -71‬نومبر ‪5002‬ع‬
‫‪4‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ُم َه ُ‬
‫اڳ‬
‫سنڌ‪-‬عرب‪ ،‬ايران‪ ،‬افغان (جڏهن تڏهن سنڌڙي‪ ،‬توکي قنڌاران جوکو!) ۽ دهليَء جي‬
‫تسلط هيٺ رهي آهي‪ ،‬انهن جي َڏ َن‪َ -‬ڀ ُرو رهي آهي‪ .‬فارسي ٻولي ڳچ عرصي‬
‫تائين‪ ،‬سنڌ جي سرڪاري ٻولي رهي آهي‪ .‬ان ڪري فارسي ٻوليَء جو اثر به سنڌي‬
‫ٻوليَء تي رهيو آهي‪” .‬فارسي – گهوڙي چاڙهسي“ جو محاورو به تڏهن کان‬
‫سنڌي ۾ رائج ٿيو‪ .‬ائين نه رڳو فارسي لفظ سنڌي ٻوليَء ۾ داخل ٿيا‪ ،‬پر فارسي‬
‫بحر وزن‪ ،‬صنفون‪ ،‬ترڪيبون‪ ،‬تشبيهون‪ ،‬اهڃاڻ‪ ،‬ڪردار‪ ،‬وڻ ٽڻ‪ ،‬موسمون‪ ،‬پکي‬
‫پکڻ ۽ االئي ڇاڇا سنڌي شاعريَء ۾ داخل ٿيا‪ ،‬لطيف پهريون شاعر آهي‪ ،‬جنهن‬
‫انهيَء ڌارئين تسلط کان ُکلي ُکالئي بغاوت ڪئي‪:‬‬
‫جي تو سکيو فارسي گولو توِء غالم‪،‬‬
‫جو ٻڌو ٻن ڳالهئين‪ ،‬ڪيئن چوائي ڄام‪،‬‬
‫اڃيو تان آب گهري‪ ،‬بکيو تان طعام‬
‫اي عامن سندو عام‪ ،‬خاصن منجهان ڪين ٿئي‪.‬‬

‫۽ لطيف اهو پهريون جينيئس شاعر آهي‪ ،‬جنهن ڊاڪٽر سورلي چوراڻيَء هڪ‬
‫مڪاني محاوري واري ٻوليَء کي ايڏي اوچي پڌ تي پهچايو‪ .‬لطيف کان پوِء جي‬
‫آيل شاعرن به اهائي پر پاري ۽ سنڌي شاعريَء جون نج صنفون ئي رائج رکيون‪.‬‬
‫جهڙوڪ‪ :‬وائي‪ ،‬بيت ۽ ڪافي‪ .‬توڙي جو سچل وٽ اسان کي عروض جو واهپو به‬
‫ملي ٿو‪،‬پر ُهن انهيَء کي سنڌي مزاج وٽان ورتايو‪ .‬بيدل وٽ به ائين آهي‪ ،‬پر ميرن‬
‫جي دور ۾ عروضي شاعريَء وري زور ورتو‪ .‬انگريزن جي دور ۾ جڏهن شاعري‬
‫ڇاپي هيٺ آئي‪ ،‬تڏهن عروضي شاعري زور شور سان اڀرڻ لڳي ۽ بحر وزن‪،‬‬
‫گهاڙيٽا‪ ،‬صنفون‪ ،‬رويا‪ ،‬سڀاَء‪ .....‬سڀ ڪجهه ٻاهران درآمد ڪيا ويا ۽ قليچ جهڙي‬
‫شخص به بيت ۽ وائيَء جي شاعريَء کي ناموزون ۽ جهنگلي شاعري سڏيو! اهو‬
‫ٻاهريون اثر سنڌي شاعريَء تي ايتري قدر ته حاوي ٿي ويو‪ ،‬جو سنڌي ٻوليَء جو‬
‫‪5‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫اصل روپ سروپ ئي الوپ ٿي ويو ۽ خاص ڪري ”غزل“ ۾ ته اهڙو رواج وڌي‬
‫بدعت جي حد تائين وڃي پهتو‪ ،‬۽ فارسيت زدگي‪ ،‬وڻ ويڙهيَء جيان سنڌي‬
‫شاعريَء جي سدا سائي وڻ کي ويڙهي وڪوڙي‪ ،‬ان جو رت ست چوسي ورتو ۽‬
‫اهڙي انڌي تقليد تي فخر پڻ ڪيو ويو‪ .‬رهي ُکهي ڪسر اردو غزل ڪڍي ورتي‬
‫۽اهڙي انڌي تقليد تي فخر پڻ ڪيو ويو‪ .‬جيئن منهنجي ڳوٺائيَء حافظ عبداهلل‬
‫”بسمل“ ٽکڙائي ”ڪليات عزيز“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته‪:‬‬
‫” ڪالم جي مطالعي مان واضح ٿيندو‪ ،‬ته فارسيَء جو استاد يا اردوَء جو مستند‬
‫شاعر سنڌي لباس زيب تن ڪري رهيو آهي‪ “.‬ص‪7‬‬
‫موجوده دور ۾ اياز پهريون شاعر آهي‪ ،‬جنهن انهيَء ڌارئي تسلط کان بغات ڪئي‬
‫۽ انهيَء سڄي ٺڳيَء جي ٺاهه‪ ،‬هٿ ناٽ ۽ ٽڪساٽ کي ڊاهي ڍير کڻي ڪيو ۽‬
‫پوري دور جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي‪ .‬ائين اياز موجوده دور جو پهريون جينيئس‬
‫شاعر آهي‪ ،‬جنهن بيت‪ ،‬وائي ۽ گيت سان گڏوگڏ غزل ۾ به ڪامياب تجربا ڪيا‪:‬‬
‫سنڌڙي کي سيباِء اياز‪،‬‬
‫تنهنجو گيڙو ويس غزل‪.‬‬

‫۽ ائين هن غزل کي سنڌي شاعريَء جي مانائتي ۽ اهم صنف بڻائڻ ۾ مکيه‬


‫ڪردار ادا ڪيو‪ .‬اياز جي ”گيڙو ويس غزل“ تي اڳتي هلي ذڪر ڪندس‪ ،‬هتي‬
‫غزل بابت اياز ”چنڊ ڳليون“ ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي‪ ،‬اهو ڏيڻ ٿو چاهيان‪:‬‬
‫”ڇا توهان اهو به چئي سگهندا‪ ،‬ته غزل فارسيَء جي صنف آهي ۽ غالميَء جي‬
‫نشاني آهي؟ غزل جو فارم ته فارسي غزل وارو آهي پر ڇا اسان ان جو مزاج‬
‫بدالئي نه وڌو آهي؟ هن وقت اهو نج سنڌي شاعري آهي‪“.‬‬
‫اياز جي انهن ئي سٽن کي سونهون بڻائي ”وفا“ جي غزل جي پرک ڪنداسين‪ ،‬ته‬
‫پهرين ڳالهه جيڪا معلوم ٿيندي‪ ،‬سا اها ته ”وفا“ بنيادي طور تي غزل جو ئي‬
‫شاعر آهي ۽ هن غزل کي اوڄ ضرور ڏني آهي‪:‬‬
‫‪6‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫تنهنجي اک ۾ سرمي وانگر آهيون‪،‬‬


‫توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو‪.‬‬

‫”وفا“ غزل ۾ فارم توڙي موضوع جي لحاظ کان تجربا پڻ ڪيا آهن‪ .‬انهن ۾ هو‬
‫ڪيتريقدر ڪامياب آهي‪ ،‬اهو ٻڌائڻ تنقيد جو ڪم آهي‪ ،‬پر ايترو سو چئي‬
‫سگهجي ٿو ته ”وفا“ تجربي جو ساهس ضرور ڪيو آهي‪.‬‬
‫شاعر اهم آهي يا شاعري؟ يا ٻئي اهم آهن؟ اهڙو تعين به تنقيد ئي ڪري سگهي‬
‫ٿي‪ ،‬جيڪا في الحال اسان وٽ ناهي! ۽ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا شيِء آهي‪ ،‬ان ۾‬
‫ميرٽ‪ ،‬ٽئلينٽ ۽ معيار بدران ياري باشي آهي‪” .‬من ترا حاجي بگو“ وارو وهنوار‬
‫آهي‪ .‬هڪ ڏيتي ليتي آهي‪ .‬نانيَء ڪنڙو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ”وفا“ کي مڃتا‬
‫نه ملڻ َاسڀاويڪ به ناهي ۽ ”وفا“ کي‪ ،‬هڪ شاعر کي اهڙي ڪاڻ به ڪينهي‪:‬‬
‫”وفا“ دنيا ته دنيا آهه ليڪن‪،‬‬
‫مون کي ڪنهن جي به ڪانهي ڪاڻ پيارا!‬
‫اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ناقدريَء جو احساس ”وفا“ کي به آهي‪ ،‬ته هن کي اها اهميت‬
‫نه ملي آهي‪ ،‬جنهن جو هو حقدار آهي‪.‬‬
‫شاعر شاعر رهندو آ‪،‬‬
‫گيت‪ ،‬غزل ۽ وائيَء ۾‪.‬‬

‫جيئن ته اهو هڪ غزل جو شعر آهي‪ ،‬۽ نه رڳو ”وفا“ پاڻ کي‪ ،‬پر ”بيوفا“ به هن کي‬
‫غزل جو ئي شاعر سمجهن ٿا‪ ،‬ان ڪري مٿين شعر ۾ غزل جو شاعر گيت ۽‬
‫وائيَء الِء به ساڳ ي ڳالهه ڪري ٿو‪ ،‬يقينن هڪ شاعر کي سدائين شاعر ئي رهڻ‬
‫گهرجي‪ ،‬عام زندگي ۾ به – جڏهن هو تخليق نه ڪري رهيو هوندو آهي تڏهن به‪-‬‬
‫ڇو ته عام زندگيَء ۾ ُهن جي مشاهداتي ِحس وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي‪ ،‬پر‬
‫تخليقي سطح تي هر صنف نياُء لهڻي‪ ،‬ڌيان گيان لهڻي ۽‬
‫‪7‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫مڪمل‪ Involvement‬جيڪا شعوري طور تي قطعي اڻ – ٿيڻي آهي‪ .‬جيستائين انهن‬


‫صنفن جي هڪ جهڙائيَء جو سوال آهي ته اها رڳو ايترڙي آهي ته اهي شاعري‬
‫آهن ۽ بس! ۽ انهن سان شاعر جي هڪجهڙو رهڻ جو مطلب به اهوئي آهي ته هو‬
‫پنهنجي سموري شاعريَء سان هڪجهڙو رهي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن هو هر سطح‬
‫تي ٿيندڙ ناانصافين خالف وڏي واڪ احتجاج ٿو ڪري‪ ،‬تڏهن هو پاڻ انهن صنفن‬
‫سان ناانصافي ڪيئن ٿو ڪري سگهي‪ ،‬جيڪي هن جي اهڙي احتجاج جو اڪيلو‬
‫وسيلو آهن ‪ -‬۽ هو اهڙي دعوا پڻ ڪري ٿو‪:‬‬
‫جا به مون شاعري ڪئي آهي‪،‬‬
‫حق ۽ سچ جي چئي آهي!‬

‫جڏهن ته اها به حقيت آهي ته اهي صنفون هڪ ٻئي کان مختلف آهن‪ .‬گيت سنڌي‬
‫شاعريَء جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي صنف آهي‪ ،‬جنهن جو آڌار ُسر تي آهي‪ .‬وائي‬
‫ڪالسيڪي دور جي انتهائي اهم صنف آهي‪ ،‬ان جو آڌار ماترڪ ڇنڊ تي آهي‪،‬‬
‫جيڪو ُسر جو بحر آهي‪ .‬ان جي ڀيٽ ۾ غزل ٻاهرين صنف آهي‪ ،‬جنهن جو آڌار‬
‫رڪنن تي آهي‪ .‬توڙي جو اياز عروضي وايون به لکيون آهن ۽ جن جو تتبع به‬
‫ڪيو ويو‪ ،‬توڙي جو تنوير عروضي بيت به لکيا‪ ،‬پر پوِء تنوير پاڻ ان تجربي کي‬
‫رد ڪري چڪو آهي‪ .‬گيت ۽ وائي لکڻ بدران‪ ،‬چوڻ جي شاعري آهي‪.‬‬
‫سريلي )‪ (Lyrical‬شاعري آهي‪ .‬جڏهن ته غزل لکڻ واري شاعري آهي‪( .‬هاڻي ته گيت‬
‫۽ وائي به لکڻ واري شاعري بڻجي رهجي وئي آهي)! غزل به گيت‪ ،‬بيت‪ ،‬وائي(۽‬
‫ڪافيَء) وانگر پابند صنف آهي‪ ،‬پر اها چئي نه بلڪه لکي ويندي آهي‪ ،‬ان ڪري‬
‫ئي ڪتابي شاعري آهي‪ .‬توڙي جو خليفي گل‪ ،‬حافظ حامد ۽ سانگيَء غزل جي‬
‫ٻاهرئين ٻوٽي کي پنهنجي مٽيَء ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي‪:‬‬
‫جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا‪ ،‬البيليون اکيون اٽڪائي ويا‪،‬‬
‫چپ چاشنيدار چکائي ويا‪ ،‬ستي سورن کي ته جڳائي ويا‪.‬‬
‫(سانگي)‬
‫‪8‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫سانگي ته پوِء ڪافيَء ڏانهن به لڙيو ۽ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون چيائين‪ .‬ائين‬
‫اڳتي هلي‪ ،‬خاص ڪري ڪافي گو شاعرن وٽ اسان کي غزل نما ڪافي يا ڪافي‬
‫نما غزل ملي ٿو‪ .‬اها روايت سچل کان شروع ٿئي ٿي‪:‬‬
‫عاشق ڏسڻ ۾ آيو‪ ،‬محبوب گل سناسي‬
‫عبرت عجب عجائب‪ ،‬اسرار رنگ عباسي‪.‬‬

‫مان نٿو ڄاڻان ته سانگي يا سندس ساٿيارين جي غزل کي ڪالسيڪل سنڌي غزل‬
‫چئي سگهجي ٿو يا نه؟ يا اياز قادريَء پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ”سنڌي غزل‬
‫جي ارتقا“ ۾ ان تي روشني وڌي به آهي يا نه؟ يا موجوده دور جي شاعرن ۽ خاص‬
‫ڪري غزل گو شاعرن‪ ،‬ڪالسيڪل سنڌي غزل جو اڀياس به ڪيو آهي يا نه! ان‬
‫سان گڏوگڏ روايتي غزل جو به اڀياس ڪيو ويو آهي يا نه! بهرحال‪ ،‬ان کان پوِء‬
‫نئين غزل جي روايت آهي‪ ،‬جيڪا اياز جي ”گيڙو ويس غزل“ سان شروع ٿئي ٿي‪:‬‬
‫اڄ جي ڪائي بوند پئي‪،‬‬
‫جيون ٿي ويو ُسر سارنگ‪.‬‬

‫اياز غزل جي صنف کي به بيت ۽ وائيَء وانگر سنڌي شاعريَء ۾ نئين سر رائج‬
‫ڪيو ۽ ائين هو تڏهن ئي ڪري سگهيو‪ ،‬جڏهن هن پنهنجي دور ۽ لوڪ‬
‫ڪالسيڪل اتهاس جو گهرائيَء سان اڀياس ڪيو ۽ هڪ نئين اتهاس کي پنر –‬
‫جنم ڏئي سگهيو‪ .‬ستارا“ جهڙي اهم نظم جي خالق سڳن آهوجا ”روشن ڇانورو“‬
‫۾ شيام ۽ اياز جي حوالي سان‪ ،‬انهيَء دور کي ”نئون ڪالسيڪل ُيگ“ سڏيو‬
‫آهي‪ .‬ان دور ۾ نئين غزل جي تخليقڪارن ۾ اياز‪ ،‬شيام‪ ،‬شمشير‪ ،‬ايم ڪمل‪،‬‬
‫ذوالفقار راشدي‪ ،‬تنوير عباسي‪ ،‬بشير مورياڻي‪ ....‬جا ناال اهم آهن ۽ ان ڏس ۾‬
‫هڪ نالو ”وفا“ ناٿن شاهيَء جو به آهي ۽ ”وفا“ کي شڪايت آهي‪ ،‬ڏک آهي‪ ،‬شڪ‬
‫آهي يا پڪ آهي ته هن کي اها اهميت نه ملي آهي‪ ،‬جنهن جو هو حقدار آهي‪:‬‬
‫‪9‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫دوڏا نه ڦاڙ غاصب‪،‬‬


‫حق آ‪ ،‬سوال ڪونهي!‬

‫اڄ جڏهن ”وفا“ ‪ 2000‬غزل لکي چڪو آهي – تڏهن ُهن کي اوچتو اهو احساس‬
‫ڪيئن ٿيو ته هن کان پوِء آيل شاعر اهميت ماڻي ويا آهن! ُهو ان ڏسڻ هڪ‪ ،‬اڌ –‬
‫منو نالو به کڻي ٿو‪ ،‬پر ُهو اهو ُمور نه ٿو لکائي ته اهميت ماڻڻ مان هن جي مراد‬
‫”شهرتون ميڙڻ“ آهي ‪ -‬۽ هو به شهرتن جو بکيو آهي! نه بلڪل نه! اڄ جڏهن هو‬
‫پنهنجا ڦڦڙ سگريٽ جي دونهين ۾ ڦوڪي چڪو آهي ۽ اڄ جڏهن شعر لکندڙ هٿ‬
‫۾ پين بدران ڦڦ ڙن جو ايڪسري اٿس‪ ،‬تڏهن هو ڪهڙيون شهرتون ميڙيندو؟ هو‬
‫ميڙيندو به ته لفظ ئي ميڙيندو ۽ انهن مان شعر ئي جوڙيندو‪:‬‬
‫موت جي بستر تي هر آشا ُستل‪،‬‬
‫زندگي گذري ٿي ڪنهن بيمار جان‪.‬‬

‫”وفا“ جيترو ُرليو پنيو آهي‪ ،‬جيترو ُهن َسٺو ۽ ڀوڳيو آهي‪ ،‬جيڪو زهر هن پيتو‬
‫آهي‪ ،‬اهو ئي ۽ اوترو بلڪه ڪجهه سوايو ئي هن پنهنجي شعرن ۾ اوتيو آهي‪ ،‬پر‬
‫جيترو ُهن لکيو آهي‪ ،‬اوترو هو ڇپيو ناهي‪ .‬سوال آهي ته ڇا جيڪي ڪجهه به‬
‫لکجي‪ ،‬اهو ڇپجي به؟ يا چونڊ ڪجي؟ اهڙي چونڊ لکڻ مهل به ڪري سگهجي ٿي‬
‫‪ -‬۽ ظاهر آهي ته اهڙي چونڊ شاعر پاڻ ئي ڪري سگهي ٿو‪ ،‬ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ئي‬
‫پنهنجي شاعريَء جو پهريون نقاد آهي‪ .‬لطيف‪ ،‬ته چون ٿا پنهنجو رسالو ڪراڙ ڍنڍ‬
‫۾ اڇالئي ڇڏيو هو‪.‬سچل به پنهنجا بياض‪ ،‬جيڪي هن جي طالبن لکيا هئا‪،‬‬
‫ساڙائي ڇڏيا هئا! سو چونڊ جو اهڙو اختيار صرف شاعر کي ئي آهي‪ .‬لکڻ کان‬
‫اڳ‪ ،‬توڙي لکڻ مهل ۽ پوِء ڇپائڻ مهل به اهڙي چونڊ ڪرڻ کپي‪ ،‬ڇو ته‪:‬‬
‫ٺ ڀيڙيا ئي ڀلي‪ ،‬جي ُاپٽي ته واُء‪،‬‬
‫ُم ِ‬
‫پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته هڪ شاعر اهڙيَء چونڊ ۾ انصاف نه به ڪري سگهي!‬
‫غزل ۾ هڪ ٻي به کانجاڻ آهي ۽ ُاها آهي ”قافئي بازي!“ مثال طور‪:‬‬
‫‪10‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫نر هوَء کڻي مادي‪،‬‬


‫انسان ته آزادي!‬

‫جڏهن شعر جو آڌار ڇڙو قافئي تي ئي هجي ته پوِء زوريَء ۽ شعوري ڪوشش‬
‫سان ئي ان جو پورائو ڪيو وڃي ٿو‪:‬‬
‫ڍڪيل چيز مهانگي ٿئي‪،‬‬
‫ننگو جوڀن – ٿال نه ڪر‪.‬‬

‫ٻٽا ۽ مرڪب لفظ سنڌي ٻوليَء جو ُگڻ آهن ۽ اختصار شاعريَء جي خصوصيت‪ ،‬پر‬
‫ان جو مطلب ”اڌ – اکري“ َپٽي ڪينهي! شاعر ٻٽا يا مرڪب لفظ گهڙي سگهي‬
‫ٿو‪ ،‬تنهنڪري ضروري ناهي ته اڳواٽ رواج ۾ آيل ٻٽا ۽ مرڪب لفظ ئي واهپي‬
‫۾ آڻجن‪ ،‬بلڪه جيئن ته هڪ شاعر واهپي هيٺ آيل لفظ به نئين سنئين ڪتب آڻي‬
‫ٿو ۽ تخليقي سطح تي انهن کي معني عطا ڪري ٿو‪ ،‬ان ڪري ٻٽا ۽ مرڪب لفظ‬
‫به سنڌي ٻوليَء جي مزاج وٽان گهڙي سگهجن ٿا ان ريت ٻوليَء ۾ وسعت آڻڻ‬
‫جي ذميواريَء کان شاعر کي هر دم آگاهه ۽ سچيت رهڻ جڳائي‪ .‬ان ڏس ۾ لوڪ‬
‫توڙ نئين اتهاس جو گهرو اڀياس الزمي آهي‪ .‬اها ڳالهه تنوير‪ ،‬اياز‬‫ڪالسيڪل ِ‬
‫گل جي شعري مجموعي ”دک جي نه پڄاڻي آ“ جي اڀياس ۾ به ڪئي آهي‪” .‬جوڀن‬
‫– ٿال “ مان ”جوڀن جو ٿال“ مطلب ورتو ويو آهي‪ ،‬پر اتي ”جو“ ‪ Understood‬ناهي‪.‬‬
‫قليچ ”وڏو سنڌي ويا ڪرڻ“ ۾ ٻٽن ۽ مرڪب لفظن تي پورو هڪ باب لکيو آهي‪.‬‬
‫اهو استادن‪ ،‬شاگردن‪ ،‬ليکڪن ۽ خاص طورتي شاعرن کي ضرور پڙهڻ گهرجي‪،‬‬
‫ڇو ته هڪ شاعر ساڳئي وقت استاد به هوندو آهي‪ ،‬ته شاگرد به‪ ،‬سکندڙ به هوندو‬
‫آهي‪ ،‬ته سيکاريندڙ به‪ ،‬پر اِتي خاص طور تي هڪ شاعر جي حوالي سان ”سکڻ –‬
‫سيکارڻ“ ڪڏهن به عام معني ۾ نه ورتو وڃي‪:‬‬
‫لفظن اهڙو شعور مچايو‪،‬‬
‫ُچپ ٿي وئي ويچاري معني‪.‬‬
‫‪11‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ان شعر ۾ ”لفظن جي شور ۾ معني جي چپ ٿي وڃڻ“ کي به هڪ معني آهي‪.‬‬


‫لفظ جامد‪ ،‬ساڪن ۽ بي معني هوندا آهن ۽ هڪ شاعر جو بنيادي فرض آهي ته‬
‫سٽ – سريَء ۾ پوئي انهن کي زنده‪ ،‬متحرڪ ۽ بامعني بڻائي‪ .‬قافيو به هڪ لفظ‬
‫آهي ۽ اهو قطعي ضروري ناهي ته هر قافئي تي شعر به لکجي‪ .‬غزل جي سڀني‬
‫شعرن ۾ توازن هئڻ گهرجي ۽ فن‬
‫صرف ڪم ناهي هٿوڙين جو صراف!‬
‫فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾‪.‬‬

‫غزل ۾ هر شعر هڪ ٻئي کان وڌ نه سهي‪ ،‬پر گهٽ به نه هجي‪ .‬اپيلنگ هجي ۽‬
‫الڳ هوندي به سنگهر جي ڪڙيَء وانگر هجي‪.‬‬
‫جيستائين موضوع جي ڳالهه آهي ته ڪنهن به موضوع کي ڪنهن هڪڙيَء صنف‬
‫الِء مخصوص نٿو ڪري سگهجي‪ ،‬ته اهو نثر جو موضوع آهي يا نظم (شاعريَء)‬
‫جو‪ ،‬بيت جو آهي يا وائيَء جو‪ ،‬يا غزل جو ڪو به تخيل جڏهن لفظن ۾ پلٽجي ٿو‪،‬‬
‫تڏهن هيئت به پاڻ سان گڏ آڻي ٿو‪:‬‬
‫َس ُچ سوچڻ ڪفر ۽ الحاد ڙي!‬
‫هاِء گهوڙا ڙي! اڙي بغداد ڙي!‬

‫غزل جي هڪ مخصوص فضا آهي‪ ،‬جنهن کي تعزل چيو وڃي ٿو‪ .‬اشارو‪ ،‬ڪنايو‪،‬‬
‫استعارو‪ ،‬رمزيت‪ ،‬رومال ۾ ويڙهي ڳالهه چوڻ‪ ،‬لڪ لڪاُء‪ ،‬نزاڪت‪ ،‬نفاست‪ ،‬مک‬
‫چک‪ ،‬ترڪيبن‪ ،‬تشبيهن‪ ....‬سان ئي غزل جي اها روايتي مخصوص فضا ُجڙي ٿي‪:‬‬
‫اگر شيرين نه ٿي حاصل اسان کي‪،‬‬
‫مگر ڏونگر ته ڏاريندڙ رهياسين‪.‬‬

‫جتي ”وفا“ وٽ اهو روايتي رنگ آهي‪ ،‬اتي هن ان کان بغاوت به ڪئي آهي‪:‬‬
‫‪12‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫پاڻي ۾ نمڪ وانگي‪،‬‬


‫دک درد ڇڏن ڳاريو‬

‫‪-‬‬
‫درٻارن جي چمچي بازي‪،‬‬
‫شاعر جي سرڪاري معني‬

‫‪--‬‬
‫چٺ ۾ ٻوڙ پالُء‪ ،‬مگر‪،‬‬
‫فاقن ۾ انسان رهيو‬

‫‪--‬‬
‫ٻن چپڙن جي کٽمٺڙن لئه‪،‬‬
‫رڙندو رهندس ٻارن وانگر‪.‬‬

‫انهيَء ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ”وفا“ جي غزل جو پنهنجو رنگ – ڍنگ آهي‪ ،‬ان‬


‫ڪري هو پنهنجي ساٿارين کان مختلف ۽ منفرد ٿي بيٺو آهي‪ .‬هن غزل جي صنف‬
‫۾ ٻوليَء‪ ،‬موضوع‪ ،‬توڙي گهاڙيتي جا تجربا ڪيا آهن‪:‬‬
‫وات کي لغام آ‪،‬‬
‫وقت کي سالم آ‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫سنگسار پيار ٿيو‪،‬‬
‫شهر جو نياَء هو‪.‬‬
‫‪--‬‬
‫‪13‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڪٺو ويو‪،‬‬‫ِسج بيٺي انهن کي ُ‬


‫جن انڌيرن ۾ مشعل جالئي‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫شيش محل ۾‪،‬‬
‫پٿر سازي‪.‬‬

‫”وفا“ روايتي تغزل جي ڀڃڪڙي به ڪري ٿو ۽ رمزيت ۽ اشاريت بدران سڌي‬


‫سنئين ڳالهه ڪري ٿو‪:‬‬
‫سڀئي قانون جا دشمن‪،‬‬
‫اٿئي قانون دانن ۾‪.‬‬

‫”وفا“ غزل کي سچي پچي زندگيَء جي ويجهو آندو آهي‪:‬‬


‫بس اهو وقت ئي زندگي هو‪،‬‬
‫جيڪو توسان گذاري ڇڏيو مون‬

‫”وفا“ غزل ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن‪ ،‬اهي ڪيتريقدر ڪامياب آهن‪ ،‬اهو ته تنقيد‬
‫ئي ٻڌائي سگهي ٿي‪ ،‬جيڪا في الحال اسان وٽ ناهي!‪.‬‬
‫مون کي منهنجي مرڻ کان پوِء پڙهجان‪،‬‬
‫مان پنهنجي دور جي تحرير ناهيان‪.‬‬

‫پر ”وفا”“ هن دور ۾ ئي ڇپجڻ گهرجي ۽ پڙهيو به هن دور ۾ ئي وڃڻ گهرجي‪.‬‬


‫ان کي قائم رکي سگهيو آهي‪ ،‬سو به‬ ‫ت“ آهي‪” ،‬وفا“ َ‬‫”ضمير“ جيڪو شاعر جو ” َس ُ‬
‫هن دور ۾‪ ،‬ته اها پنهنجي جاِء تي هڪ وڏي ڳالهه آهي‪:‬‬
‫توڙي اسير آهيان‪ ،‬پر بي ضمير ناهيان‪.‬‬
‫حمال نه ڪر وفا تي‪ .‬جالد قاتالنه‪.‬‬
‫‪14‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫”وفا“ پنهنجي نوڪريَء جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ُرليو آهي‪ ،‬پر ُهن جي شاعري ۾‬
‫منظر نگاري نه آهي‪ .‬ان جو ڪارڻ اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ تائين محدود‬
‫رهيو آهي يا هن کي ئي ‪ Main Object‬ڪري کنيو آهي‪:‬‬
‫اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا‪،‬‬
‫سفر ۾ اِهي ئي نظارا هئا‪.‬‬

‫”وفا“ مون کي مهاڳ لکڻ الِء چيو هو‪ ،‬پر مون ُهن جي ڪالم تي مهاڳ بدران‬
‫” َامهاڳ“ لکيو آهي ۽ ان جو ڪارڻ غالم محمد ”غازيَء“ جي ڪالم تي لکيل‬
‫” َامهاڳ“ ۾ لکي چڪو آهيان‪ ،‬ته مان مهاڳن لکڻ کان بر ٿي چڪو آهيان ۽ بقول‬
‫ڪنهن جي ته ” َامهاڳ“ به سنڌي ادب ۾ هڪ ”نئين جدت“ آهي‪ .‬ان ڏس ۾ وستار‬
‫سان غالم محمد ”غازيَء“ جي ڪالم تي لکيل ” َامهاڳ“ ۾ لکيو اٿم‪” .‬وفا“ وٽ‬
‫ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي‪:‬‬
‫بحثڻ فضول آهي‪،‬‬
‫شاعر رسول آهي‪.‬‬

‫پر ڇا هر شاعر رسول آهي” بهتر ته ائين ئي آهي ته شاعر کي صرف شاعر ئي‬
‫رهڻ ڏنو وڃي‪.‬‬
‫جيو وانگر جيو آهي‪ .‬مست ملنگ‬ ‫َ‬ ‫”وفا“ هن ڌرتيَء جي گولي تي هڪ عجيب‬
‫رهيو آهي‪ .‬پنهنجي زندگيَء ۾ به ته پنهنجي شاعري ۾ به! رسالن ۾ هو نٿو‬
‫ڇپجي‪ ،‬ڇو ته هو ٽپالي قسم جو شاعر نه آهي ۽ ڪنهن شاعر کان ڪالم گهرڻجي‬
‫روايت پرنٽ ميڊيا وٽ اڃا تائين ُجڙي ئي ناهي! ٽي – وي ۽ ريڊيو هن الِء جهڙوڪ‬
‫ممنوع عالئقا آهن‪ .‬نصاب هن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ سرڪاري ۽ نيم‬
‫سرڪاري ادارا ”پٿرن جو ڍير آهن قبر جيان“ ۽ انهن تي فائيلن جا ڪاغذي َپڙ‬
‫چاڙهيل آهن‪ .‬ظاهر آهي ته اتي به ”وفا“ نه ٿو ڇپجي سگهي! ادبي لڏي سان به هن‬
‫جي ايتري اٿ ويهه ناهي‪ ،‬ان ڪري ُهن جي ”البي“ به ناهي‪ .‬پنهنجو ڪالم هو پاڻ‬
‫‪15‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڇپائي نٿو سگهي – ته پوِء هن جي ڪالم ڇپائڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟‬


‫يقينن اِن ڏس ۾ غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي ئي اڳيان اچڻ گهرجي‪ ،‬ڇو ته‬
‫”وفا“ پنهنجي ذميواري پوري ڪري چڪو آهي‪:‬‬
‫ڪو نه ڇڏيندو سنڌ ”وفا“‬
‫ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!‬

‫”سنڌ کي نه ڇڏڻ“ جي ڳالهه به ”وفا“ جهڙوڪو مٿي ڦريل ئي ڪري سگهي ٿو‪ ،‬۽‬
‫ُهو اها ڳالهه ڪنهن ذاتي مفاد وٽان نه پيو ڪري‪ ،‬نه ئي ڪجهه اڳاڙڻ الِء پيو ڪري‪.‬‬
‫”وفا“ اهڙين سڀني آلودگين کان پاڻ کي بچائي رکيو آهي‪ ،‬جيڪي روح الِء‬
‫ڪوڙهه وانگر آهن‪:‬‬
‫پيٽ کان ظرف ٿو عزيز رکان‪،‬‬
‫” قافيو به هڪ لفظ ئي ته آهي‪ ،‬چوڻ سان قافئي جي اهميت گهٽجي نه ٿي‪ ،‬پاڻ‬
‫وڌي ٿي‪ .‬قافيو هڪ لفظ ته آهي‪ ،‬هڪ ُمک لفظ آهي ۽ سنڌي شاعريَء ۾ قافئي‬
‫کي ڏاڍي سهج سڀاُء سان ورتايو ويو آهي ۽ سنڌي شاعريَء مان منهنجي مراد‬
‫سنڌي شاعري ئي آهي‪:‬‬
‫جان وڃان بازار ۾‪ ،‬لڌم ڳاڙهو ُ‬
‫ٻير‪،‬‬
‫ُ‬
‫ٻير ته کاڌم پيٽ ۾‪ ،‬تنهن جو شاهد ڪير‪.‬‬

‫اهو انترو‪ ،‬مصرع يا بند مشهور لوڪل نرت گيت ”جنڊالڙو“ جو آهي‪:‬‬
‫منهنجو جنڊالڙو‪ ،‬ڏي ته کيڏڻ وڃان‬
‫۽ انهيَء اسٿائي ٿل يا وراڻيَء کان پوِء جيڪي ٻه سٽون اچن ٿيون‪ ،‬سي معياري‬
‫ڪير“ جي ترقافئي سوڌو‪ .‬سنڌي شاعريَء ۾ قافئي‬ ‫ُ‬ ‫دوهي جي فارم ۾ آهن‪ُ ” ،‬‬
‫ٻير‪،‬‬
‫جي پنهنجي بيوٽي آهي‪ .‬لوڪ شاعريَء ۾ به قافيا گيت به ملن ٿا‪ .‬لطيف به قافئي‬
‫کي ڪٿي ڪٿي تياڳو آهي‪ ،‬پر ائين سڀاويڪ تڏهن آهي‪ ،‬جڏهن اهميت معني کي‬
‫‪16‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫هجي‪ ،‬نه ته سنڌي شاعريَء ۾ ُتزقافئي جي روايت شروع کان موجود آهي‪ .‬قليچ‬
‫”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ۾ قافئي تي هڪ پورو باب لکيو آهي ۽ ان ۾ قافئي جا‬
‫جيڪي اصول ٻڌايا اٿس‪ ،‬توڙي جو پاڻ به انهن تي عمل نه ڪيو اٿس‪ُ ،‬‬
‫پراهو باب‬
‫اسان جي شاعرن کي پڙهڻ ضرور گهرجي‪ .‬غزل جي صنف ۾ به قافيو بي ساخته‬
‫هئڻ گهرجي‪ ،‬لفظن وانگي‪” .‬وفا“ وٽ به اسان کي اهڙو ُتز قافيو ملي ٿو‪:‬‬
‫بدن مهراڻ آهي‪ ،‬دل ڦليلي‪،‬‬
‫اڃا سنڌي نه آهيان سوچ ٻيلي!‬

‫شاعريَء ۾ جڏهن به ڪو لفظ تخليق ٿئي ٿو‪ ،‬تڏهن پنهنجي معني سوڌو تخليق‬
‫ٿئي ٿو ۽ اياز جي چواڻيَء ته لفظن کي صدين جو پس منظر هوندو آهي‪:‬‬
‫اڃا سنڌي نه آهيان سوچ ٻيلي!‬
‫واري سٽ به معني سوڌي تخليق ٿي آهي – اهو قطعي ضروري ناهي ته شاعر جي‬
‫به اسان واري ساڳي معني هجي‪ ،‬پر جيئن ته اِها ِسٽ منهنجي به ترجمان آهي‪ ،‬ان‬
‫ڪري مان اِن جي معني اهائي ڪندس جيڪا مون کي آئڙندي!‬
‫وفا الِء ڪٿي ڪنهن اهو لکيو آهي ته ”وفا“ جي ماُء ٻولي پنجابي آهي‪ ،‬پر هن‬
‫سنڌيَء ۾ شاعري ڪئي آهي! اهو بلڪل ائين ئي آهي‪ ،‬جيئن مان چوان ته توڙي‬
‫جو الياس عشقي صاحب جي ماُء ٻولي ته اردو آهي‪ ،‬پر هو لکي سنڌيَء ۾ ٿو‪.‬‬
‫ائين ته اسان جي ڪيترن ئي لکندڙن جي ماُء ٻولي سرائيڪي آهي پر اهي سنڌيَء‬
‫۾ لکن ٿا‪.‬يقينن ائين جنهن به ليو آهي‪ ،‬تنهن ”وفا“ جي ‪ Plus point‬طور ئي ائين‬
‫لکيو آهي‪ .‬هتي انهيَء بحث جي گنجائش نه آهي ته پنجابي‪ ،‬هندڪو (سنڌڪو!) يا‬
‫سرائيڪي‪ ،‬سنڌ ٻوليَء جا ئي لهجا )‪ (Dilacts‬آهن‪ ،‬يا سنڌي‪ ،‬پنجابي‪ ،‬هندڪو ۽‬
‫سرائيڪي ساڳيَء ماُء جون جاڙيون ڌيئرون آهن! يا انهن جو‪ Root‬ساڳيو آهي!‬
‫هتي ڳالهه اها ڪرڻي هيم ته ”وفا“ انهن ڪيترن شاعرن کان سٺي شاعري ڪئي‬
‫آهي‪ ،‬جن جي ماُء ٻولي سنڌي آهي!‬
‫‪17‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫وفا“ کي سنڌي هئڻ جي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي کاپي ناهي! ڇو ته هن سنڌ جي‬


‫مفادن کي ڪٿي به ڇيهو نه رسايو آهي‪.‬‬
‫َ‬
‫ٺڪاو ٿين‪،‬‬ ‫روز نعرن جا ٿا‬
‫ڪاش! عملي طرح َ‬
‫اپاو ٿين‪.‬‬

‫ٺڪاون کان پري رهيو آهي ۽ پنهنجو تخليقي ڪم ڪندو‬‫َ‬ ‫”وفا“ اهڙن نعرن جي‬
‫رهيوآهي‪ .‬هو ادبي سياست کان دور رهي‪ ،‬عوام کي ويجهو رهيو آهي‪:‬‬
‫يار آهن وفا سياستدان‪،‬‬
‫منهنجو سڀ ڪجهه عوام جهڙو آ‪.‬‬

‫امداد حسيني‬
‫‪18‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫نيازمند‪ -‬صليب تي‬


‫وفا جي طرفان وفا کي حڪم ٿيو آهي ته سندس شعري مجموعي تي پنهنجي راِء‬
‫لکي ڏيان‪.‬‬
‫هڪ طرف ”غزل“ جو مقام آهي‪ ،‬ٻئي طرف وفا جو وفا سان دوستيَء جو عهد و‬
‫پيمان آهي‪ ،‬شل دوستيَء جو به ڀرم رهي ۽ غزل جو به‪.‬‬
‫پهرين سوچيم ته غزل جي ”عربي“ ۽ ”فارسي“ پنڌن پيچرن کان وٺي ”اردو“ ۽ بعد‬
‫صاحب فن شعراء ڪرام جا‬
‫ِ‬ ‫۾ سنڌي طرف پيش قدميَء تي تفصيلي بحث ڪجي‪.‬‬
‫سخن پيش ڪجن ۽ غزل جي ”زمين“ ۾ ٿيل محنت جو مڪمل جائزو پيش‬
‫ڪجي‪ .‬غزل جي فن ۾ فن سان ٿيل ”نباهه“‪” ،‬لغت“ ۽ ”عروض“ جي حق ادائگين‬
‫جو خاڪو پيش ڪجي‪ .‬غزل ۾ ٿيل تجربن ۽ نواڻ کي داد ڏجي‪ .‬سنڌي غزل جي‬
‫مڙني روايتن جو ذڪر اذڪار هلي ۽ ٿورو ٿورو ”غزل“ سان ٿيل بيدادين جو‬
‫احوال آڻجي‪ .‬غزل جي طرفان وجهي غزل سان ڏاڍايون ڪندڙن کي ميارون ڏجن‪،‬‬
‫پر پوِء خيال آيو ته ڳالهه ڪبي سٺي غزل جي‪ ،‬وفا ائين ئي ڪندا آهن‪.‬‬
‫ڪنهن دوست جو پراڻو لکيل جملو ياد ٿو اچيم ته وفا ناٿن شاهي جنهن به زبان ۾‬
‫پيدا ٿئي ها ”وفا“ ئي هجي ها‪” .‬غزل“ جنهن به زبان ۾ لکيو ويندو غزل ئي‬
‫هوندو‪.‬‬
‫غزل کي اڪثر”غزال“ جي ٽپن مان لکيو ويوآهي‪ .‬غزل جي معني ”سا دانهن جا‬
‫رگ جان تي‬
‫جان بلب ڪنهن ظالم جي تير بي پير جي پيوسته ِ‬ ‫دم واپسين ِ‬ ‫غزال ِ‬
‫ڪندو آهي“‬
‫ذات ۽ فڪر جي اظهار الِء ڪا به زبان يا جاگرافيَء جي حد مقرر نٿي ڪري‬
‫سگهجي‪ .‬گذريل دور ۾ جتي مير عبدالحسين سانگيَء جو نالو کنيو ويندو‪ ،‬اتي‬
‫مفتون همايوني جو غزل‪:‬‬
‫”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“‬
‫به ڪر کنيو بيٺو آهي‪ .‬حاالنڪه ”زمين“ ٻنهي جي جدا آهي‪ .‬ٻئي منهنجي نظر ۾‬
‫بنيادي طرح ڪافيَء جا شاعر آهن‪.‬‬
‫‪19‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫پارٽيشن کان پوِء به غزل مسلسل لکيو ويو آهي ۽ سٺو لکيو ويو آهي‪ .‬آئون‬
‫پنهنجي ڪهنه مشق سخنورن جو ۽ ايندڙ نسل جو احترام ڪندي اهو چوندس ته‪،‬‬
‫خالص غزل جي حوالي سان ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر دوست آهن‪ .‬وفا‬
‫صاحب پنهنجي دور ۾ غزل جي حوالي سان منفرد ۽ سگهاري آهنگ جو شاعر‬
‫آهي ۽ محض غزل جي حوالي سان سنڌي شاعريَء ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو‪.‬‬
‫شاعري ”ڏات“ آهي‪ ،‬پر جي ڏانُء نه آهي ته ”ڏات“ ڇا ڪندي!؟ وفا وٽ ڏات سان گڏ‬
‫ڏانُء به آهي‪ .‬سندس لفظن جو تسلسل ۽ جڙاِء منڊيَء تي ٽڪ جي مثال آهي‪ .‬وٽس‬
‫سوز و گداز به آهي ته ذات جو ڪرب به آهي‪:‬‬
‫ڀيليو ڇو ٿا‪ ،‬گاهه ته ناهيان‪،‬‬
‫نرم سهي بي ساهه ته ناهيان‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان‪،‬‬
‫آدم هان اهلل ته ناهيان‪.‬‬

‫”وفا“ جو هر شعر دل ۾ وڍ وجهندڙ ۽ ننڊ اکوڙي نيڻن کي سجاڳ ڪندڙ آهي‪ .‬هو‬
‫شاع ِر محبت هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ماحول جي چرپر ۽ پنهنجن پراين جي‬
‫روين تي نظر رکندڙ به آهي‪:‬‬
‫سگهيس ڇڏائي نه ڪنڊن کان پنهنجي دامن کي‪،‬‬
‫گلن جا رنگ مون کي ڪاٿي نا پسند هئا‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫‪20‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا‪،‬‬


‫مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا‪.‬‬

‫ولي محمد وفاپلي‬


‫‪ K.S‬عطا محمد پلي‪ ،‬عمرڪوٽ‬
‫‪21‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫غزل جو ارتقائي سفر ۽ ان ۾ وفا ناٿن شاهيَء جو حصو‬


‫انسان پيدائش کان ئي پنهنجي دل تي گذرندڙ گهڙين ۽ انهن جي رد عمل طور‬
‫ورنن رستي ته‬‫پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن جو اظهار پئي چاهيو آهي‪ ،‬پوء ڪڏهن مک – َ‬
‫ڀاونن پرکڻ رستي پئي پراپت ٿيو‬ ‫ڪڏهن پيشانيَء تي پوندڙ پيرن ۽ پاڇن جي َ‬
‫آهي‪ ،‬ته ڪڏهن اهو اشارن رستي اظهاريو ويندو هو‪ ،‬ٻولين وجود ورتو ته اهي‬
‫ماضيَء جي مڙني اظهار جي ذريعن کان وڌيڪ اظهار جي نباهه وارو ذريعو‬
‫بڻيون‪ .‬جڏهن کين صورتخطي ملي ته انهيَء رستي ان اظهار جو دستاويز به رکڻ‬
‫ممڪن ٿي پيو ۽اهو انهيَء اظهار جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ واحد ماخذ بڻجي پيو‪.‬‬
‫اهڙي اظهار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي شدت ۽ موزنيت ئي ان اظهار جي اهميت‪،‬‬
‫قدر ۽ معيار جو سبب بنبي هئي‪ .‬ان ڳالهه تي اڃا به اختالف هلندڙ آهي ته پهريان‬
‫نثر لکيو ويو يا شعر‪ ،‬پر شعر جيئن ته وڌيل شعور‪ ،‬فن‪ ،‬سٽاُء ۽ ڏانُء گهري ٿو‪،‬‬
‫ان ڪري ئي ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ ڪي فطري نثري ٻول ئي هجن‪ ،‬جيڪي‬
‫لکيت ۾ آيا هجن‪ ،‬جنهن کان پوِء تهذيبي ۽ تمدني طور ترقي يافته سماجن ۾ اهڙا‬
‫فني ماڻ ۽ ماپا ٺاهيا ويا هجن‪ ،‬جن ۾ ڳالهه ڪرڻ سان شعر جڙي بيهندو هجي‪.‬‬
‫هن وقت تائين جنهن سنڌي شعر جو قديم ترين نمونو ملي ٿو‪ ،‬سو آهي ”گِ ُ‬
‫نان“‪،‬‬
‫جيڪي آغا خاني اسماعيلي مرشد جي ثنا ۽ ساراهه ۾ جوڙيندا هئا‪ ،‬جيڪو اڄ جي‬
‫ڪافي‪ ،‬وائي ۽ گيت جو بگڙيل نمونو لڳي ٿو‪ ،‬پر ڪن جو چوڻ آهي ته ابوالحسن‬
‫جي سنڌيَء ۾ هڪ نظم نما نثر لکيو ويندو هو‪ ،‬جيڪو گهڻو ڪري قرآن شريف‬
‫ڪن فقهي مسئلن جو اپٽار هوندو‬ ‫جي آيتن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو هوندو هو يا ِ‬
‫هو‪ ،‬جنهن کي ”الف اشباع“ وارو سنڌي شعر چيو ويندو هو‪ ،‬جنهن ۾ ڪنهن حد‬
‫تائين ردم به هو ته جملي جي آخري لفظ سان ”الف“ ڳنڍي‪ ،‬اڳئين جملي جي آخري‬
‫لفظ سان هم قافيه بڻايو ويندو هو‪ ،‬ان حوالي سان اگر ان نثر کي نظم ڪري‬
‫وٺجي ته پوِء اهو سنڌي نظم جو اوائلي نمونو چئجي سگهبو‪.‬‬
‫ان اظهار جي ذريعي اسان وٽ سهرن ‪ ،‬الڏن‪ ،‬نوحن‪ ،‬مولودن ۽ مداحن عوامي طرح‬
‫انيڪ روپ ورتا‪ ،‬پر پوِء به دوهي ۽ سورٺي جي پنهنجي جاِء تي قدامت ڳاٽي ۽‬
‫‪22‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫اهميت واري آهي‪ ،‬جيڪا هندي‪ ،‬سنسڪرت‪ ،‬پالي ۽ پوربي وغيره ٻولين جي لهه‬
‫وچڙ سببان مضبوط قدم ڄمائيندي وئي‪ ،‬جن کي وري ساموئيَء جي بيتن‪ ،‬قاضي‬
‫قاضن‪ ،‬شاهه عب دالڪريم بلڙيَء واري جي بيتن‪ ،‬مخدوم نوح رح جي بيتن وغيره‬
‫ٿورو گهڻو ڦير ڦار ڪري‪ ،‬بيت جي صورت ۾ آندو‪ ،‬جنهن کي لطف اهلل قادريَء‪ ،‬شاهه‬
‫عنات نصرپوريَء ۽ جالل فقير کٽي‪ ،‬ٻن سٽن مان وڌائي َاٺن َاٺن‪َ ،‬ڏهن َڏهن سٽن‬
‫تائين به آندو‪ ،‬پر انهن کي باقاعدي‪ ،‬پوري ضابطي ۽ سٽاَء سان هڪ صنف طور‬
‫جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائيَء سڃاڻپ ڏني‪ ،‬سا اڳي ڪا نه هئي ۽ جيڪا بالشڪ‬
‫تحسين جوڳي آهي‪.‬‬
‫ان وقت ڪافي‪ ،‬الڏي‪ ،‬سهري‪ ،‬مولود‪ ،‬مداح وغيره به پنهنجي چڱي خاصي صورت‬
‫اختيار ڪري ورتي ۽ اهي صنفون ڀڳتين‪ ،‬ڏڻ وارن‪ ،‬ريتن رسمن وقت َڀ َٽ ِن ۽‬
‫ڀان َن خوب ڳايون ۽ وڄايون‪ ،‬جن جو سٽاُء‪ ،‬لب – لهجو‪ ،‬مواد ۽ ٻولي توڙي‬ ‫َ‬
‫تشبيهون ۽ محاورا نج عوامي هئڻ ڪري انهن عوام ۾ جڙون پڪڙي ورتيون ۽‬
‫سالن جا سال پنهنجو ڌاڪو ڄمايو‪ ،‬جنهن کان پوِء گيت سرجيو ويو پر ان ۾ به‬
‫وائي ۽ ڪافيَء جيان وراڻيَء جو دهراُء ۽ دوهي جيان ٻن سٽن جو بند وغيره هئڻ‬
‫واريَء هڪجهڙائيَء ڪري هن صنف کي به عوامي مقبوليت ماڻڻ ۾ ڪا خاص‬
‫دقت درپيش ڪانه آئي‪.‬‬
‫جڏهن هتي سنڌ ۾ مٿي بيان ڪيل صنفون شاعريَء جي اظهار تي حڪمراني‬
‫هالئيندي‪ ،‬ان وقت ٻين ترقي يافته (ادبي لحاظ کان) قومن ۾ ايراني‪ ،‬عرب ۽‬
‫يورپي قومون پيش پيش هيون‪ ،‬انهن مان ايراني ۽ عربي ٻوليَء ۾ وڏا وڏا‬
‫قصيدا‪ ،‬مثنوي‪ ،‬غزل‪ ،‬رباعي‪ ،‬قطعا‪ ،‬مسدس‪ ،‬مخمس‪ ،‬وغيره هلندڙ هئا‪ .‬انگلينڊ ۾‬
‫سانيٽ ۽ فرانس ۾ ترئيل جو دور هو‪ .‬اڳتي مغلن ۽ عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ غزل‬
‫مان ۽ مرتبا‬‫الِء ماحول هموار ٿيو ۽ غزل جي شاعري ڪندڙن کي وڏا لقب القاب‪َ ،‬‬
‫مليا‪ ،‬اهڙي طرح هن صنف به سنڌ اندر پنهنجو وجود مڃاڻڻ جا جتن ڪيا‪ .‬سنڌ تي‬
‫انگريزن جي حڪمرانيَء دوران سنڌ ۾ سانيٽ‪ ،‬ترائيل ۽ نظم الِء راهون هموار‬
‫‪23‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ٿينديون رهيون‪ ،‬جن صنفن پڻ پنهنجو وجود مڃائڻ الِء سنڌي ادبي کيتر ۾‬
‫پنهنجون پنهنجون ڪوششون ۽ محنتون جاري رکيون‪.‬‬
‫دور حڪومت تائين ته‬‫جيستائين غزل جو سوال آهي ته ان تي مغلن ۽ عربن جي ِ‬
‫مواد‪ ،‬سٽاَء ۽ ماحول جي لحاظ کان ايراني ۽ عربي رنگ ئي قائم رهيو‪ ،‬جنهن‬
‫ڪري اها صنف عام بجاِء خاص الِء وڃي رهي‪ ،‬جنهن کي چند ماڻهو پڙهي يا ٻڌي‬
‫يا ڳايل صورت ۾ سمجهي پئي سگهيا‪ .‬باقي عام ماڻهن الِء اها صنف پوِء به‬
‫ڳجه ارت بني رهي‪ ،‬پر جڏهن ايراني ۽ عربي حڪمرانن سنڌ ڇڏي‪ ،‬تڏهن به سندن‬
‫باقيات واري نفسيات ان ساڳئي لب لهجي ۽ ٻوليَء توڙي محاورن واري غزل کي‬
‫هڪ مقدس امانت سمجهي چهٽي رهي‪.‬‬
‫هاال جي هڪ غزل گو شاعر گل محمد ”گل“ هاالئيَء غزل ۾ ديسي ماحول‪ ،‬ٻولي ۽‬
‫مواد آڻڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي‪ ،‬جنهن ۾ قافيو تمام نرم ۽ نازڪ ڪم‬
‫آندائين‪ .‬ٻولي سنڌي جاگيرداري سماج جي کيتي باڙيَء واري ۽ مواد تصوف جو‬
‫ڏنائين‪ ،‬پر تصوف تي ٻڌل مواد ۽ بندن جي باهمي تسلسل جي ڪري سندس غزل‪،‬‬
‫غزل گهٽ‪ ،‬نظم وڌيڪ ليکجڻ ۾ آيو‪ ،‬جنهن سبب ان جي غزل واري حيثيت‬
‫نمايان نه ٿي سگهي‪.‬‬
‫ا ن جي جاِء تي مصري شاهه ۽ صوفي خير محمد هيسباڻيَء جون ڪي ڪافيون‬
‫ڏسبيون ته اهي علم عروض تي‪ ،‬مطلع مقطع سان ڏسڻ ۾ اينديون ۽ منهنجن غزل‬
‫وانگر باقاعده قافيو ۽ رديف ڪم آيل نظر ايندو‪.‬‬

‫جيئن‪:‬‬
‫وسري ويا ٻئي جڳ جڏهن ِد ِل جان سان دلبر ڏٺم‪.‬‬
‫مهتاب ُمنهن محبوب جو محراب ۽ منبر ڏٺم!‬

‫(مصري شاهه)‬
‫‪24‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫اهڙي طرح اهو فارسي رنگ ڍنگ وارو غزل ئي‪ ،‬غزل جي صحيح صنف بڻجي‬
‫لکبو رهيو‪ ،‬جنهن کي ڪنهن حد تائين سولي ٻوليَء وسيلي مجازي عشق ۽‬
‫محبوب جي سونهن ۽ ماڻن جي چاشني مير عبدالحسين خان سانگيَء ڏني‪ ،‬پر پوِء‬
‫به ان مان سنڌ ڌرتيَء جي مٽيَء جي بوِء ۽ ماحول جي مهڪ بدران ايراني ۽ عربي‬
‫ٻوليَء جي دقيق لفظن جي ڀرمار‪ ،‬زيِر اضافت جو آزادانه استعمال ۽ ساغرو مينا ۽‬
‫گل و بلبل جو غل‪ ،‬هوَء ُهالچو ُهل ضرور ڏسڻ ۾ پئي آيو‪ ،‬جنهن جا پوِء نمائنده‬
‫شاعر بڻيا‪ :‬غالم محمد گدا‪ ،‬مرزا قليچ بيگ‪ ،‬ابراهيم خليل‪ ،‬احسن چنا‪ ،‬عبداهلل‬
‫حيدرآبادوي‪ ،‬فيض بخشاپوري‪ ،‬شيخ عبدالحليم جوش‪ ،‬اياز قادري‪ ،‬شيخ‬
‫عبدالرزاق راز‪ .‬شيخ اياز جا ڪجهه غزل جيڪي سندس ڪتاب ”ڀونئر ڀري‬
‫آڪاس“ ۾ ڇپيا ۽ غالم محمد گرامي صاحب جا غزل پڻ ان رجحان ۽ الڙي جي‬
‫عڪاسي ڪن ٿا‪.‬‬
‫ان طريقي سان هندوستان جي ورهاڱي تائين غزل پنهنجون منزلون طئي ڪندو‬
‫آيو‪ ،‬جنهن کي ڪنهن حد تائين سهل ۽ سليس ذوالفقار راشديَء‪ ،‬ايم‪ .‬ڪمل‪،‬‬
‫عبدالحڪيم ارشد‪ ،‬ارجن حاسد ۽ تنوير عباسي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي‪،‬گڏوگڏ‬
‫غزليت به قائم رهي‪ .‬ان ۾ عوامي ٻوليَء جو استعمال ۽ روز مره جي واقعن جو‬
‫ذڪر وري استاد بخاريَء ڪمال ڏاهپ سان آندو جو غزل جي اصليت بحيثيت‬
‫غزل جي بحال رهندي آئي‪ .‬پوِء سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شعوري‬
‫طور تي ڪجهه اديبن طرفان انفرادي طرح اها مهم شروع ٿي ته ٻولي نج ۽ نبار‬
‫استعمال ٿيڻ گهرجي‪ .‬شيخ اياز جو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نياز همايونيَء جو‬
‫”ڌرتيَء جا گيت“‪ ،‬تنوير عباسي جو ”رڳون ٿيون رباب“‪ ،‬شمشير الحيدريَء جو‬
‫”الٽ“ ان جا اهم مثال آهن‪ .‬ان ڪري هڪ اهڙو ماحول اڀري آيو جو ان ادبي لهر‬
‫جي سرواڻ الِء واجهائڻ لڳو ته ان کي ڪير ٿو عملي طور سان کڻي ۽ نئين ٽهيَء‬
‫کي اڳتي وٺي هلي‪ .‬اها ذميواري امداد حسينيَء پنهنجي ڪلهي تي کنئي‪ ،‬جنهن‬
‫جون مکيه ڳالهيون هيون ته‪” ،‬ادب ۾ تڪلف ۽ حجاب وارو پهلو ڇڏي ۽ ڳالهه‬
‫صاف سٿري ڪجي‪ .‬ان ۾ ٻولي ڪردار جي سطح واري ڪم آڻجي‪ ،‬سالست ان‬
‫‪25‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫جان هجي‪ .‬ٻين ٻولين جي لفظن جو استعمال نه هجي‪ ،‬جتي اهي ادبي شيون‬ ‫جي ِ‬
‫پروپئگنڊا ۽ هلڪڙائيَء جو شڪار ٿيڻ نه گهرجن‪ ،‬اتي ان ۾ پابندين جو زنجير‬
‫مضبوط ڪري ۽ خيال جي اظهار کي ضرب نه پهچائي وڃي‪“.‬‬
‫اهڙي طرح منظرنامي تي اهڙا غزل اچڻ لڳا‪ ،‬جن ۾ تسلسل به اچڻ لڳو‪ .‬هڪ سٽ‬
‫کان پوِء ٻيَء سٽ وارو تجسس‪ ،‬جيڪو غزل جي جان سمجهيو ويندو آهي‪ ،‬اهو‬
‫غائب ٿيڻ لڳو‪ .‬ان دوران جن چڱا غزل لکيا‪ ،‬اهي هئا‪ :‬محسن ڪڪڙائي‪ ،‬نشتر‬
‫ن اٿن شاهي‪ ،‬احمد خان مدهوش‪ ،‬راشد مورائي‪ ،‬اسحاق راهي‪ ،‬راز ناٿن شاهي‪ ،‬آثم‬
‫ناٿن شاهي‪ ،‬خاڪي جويو‪ ،‬مير محمد پيرزادو‪ ،‬وفا ناٿن شاهي‪ ،‬تاج جويو‪،‬اياز گل‪،‬‬
‫ادل سومرو‪ ،‬منير ٻٻر وغيره‪ .‬هندستان مان ايم ڪمل جو غزل ۽ جديد غزل بابت‬
‫سندس ويچار جڏهن سامهون آيا ته هتي جي غزل لکندڙ شاعرن کي هڪ دفعو‬
‫پنهنجي غزلن تي سوچڻو پيو‪ .‬مون ماضي قريب جي مٿين شاعرن جي غزلن جو‬
‫نئين سر جائزو ورتو ته انهن مان ڪهڙن شاعرن غزلن جي اصليت‪ ،‬غزليت ۽‬
‫شڪل صورت بحال رکندي منجهس تجربا ڪيا آهن ته مون کي راشد مورائي ۽‬
‫سرڪش سنڌيَء سان گڏ جيڪي ٻه اهم ناال ڏسڻ ۾ اچن ٿا‪ ،‬سي آهن‪:‬‬
‫وفا ناٿن شاهي ۽ اياز گل‪ ،‬جن عزل ۾ نواڻ‪ ،‬جدت‪ ،‬سالست ۽ عام فهمي آڻيندي‬
‫به ان جي اصليت ۽ تغزل بحال رکڻ جو عمل سرانجام ڏنو‪.‬‬
‫وفا کي سنڌي غزل سان گڏ اردو جي قديم ۽ جديد غزل گو شاعرن جي مطالعي‬
‫جو اهم فائدو ضرور ٿيو ته سندس هٿن مان غزل ڪڏهن به کسڪي ”نظم“ يا‬
‫”فرد“ جي خاني ۾ نه هليو ويو‪ .‬پاڻ وفا غزل ۾ جديد سماجي وارتائن۽ روين کي‬
‫ايم ڪمل جيان جوڳي جڳهه پڻ ڏني ۽ ان جوخيال‪ ،‬معيار‪ ،‬ٽيڪنڪ ۽ تجسس‬
‫بحال رکڻ ۾ به ڪامياب رهيو‪ ،‬سندس غزلن جا ڪجهه اهم بند آهن‪:‬‬

‫خالي گالس آهين‪،‬‬


‫ڪيڏو اداس آهين‪.‬‬
‫‪--‬‬
‫روز لٽجن ٿيون نيون اميدون‪،‬‬
‫‪26‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫دل‪ ،‬وڏيري جي حويلي آهي‪.‬‬


‫‪--‬‬
‫اسان جو عشق ته چريو هو‪ ،‬ٿي ويو برباد‪،‬‬
‫اوهان جي حسن جا جلوا ته هوشمند هئا‪.‬‬
‫‪--‬‬
‫هر پاسي اعالن ڦري ويو‪،‬‬
‫هر ڪوئي ڳالهائي دل ۾‪،‬‬
‫وفا ڪٺن ڏينهن به ڏٺا هوندا‪ ،‬ماڻهن جو تترن جيان شڪار‪ ،‬چاڪيَء جي ڏاند جيان‬
‫ڪوڙن جو وسڪارو‪ ،‬جيلن ۽ رڍن ۽ ٻڪرين جيان واڙجڻ‪ ،‬پيار تي پهرن‪ ،‬حقن‬
‫جي لتاڙ ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون اذيتون اکئين ڏٺيون هونديون‪ ،‬جيڪي ان نظام‬
‫جي وصفن ۾ شامل آهن‪ ،‬ته سندس اندر جي حساس فنڪار ضرور انهن جو ڪو‬
‫رد عمل اظهاريو هوندو‪ ،‬جيڪو سندس شاعريَء ۾ ڏسبو ته بلڪل واضح ۽ چٽو‬
‫پٽو نظر ايندو‪:‬‬
‫ُکٽي پيا تنهنجا استبداد لکندي‪،‬‬
‫مسون‪ ،‬ڪاڳر‪ ،‬قلم افسوس آهي‪،‬‬
‫کِلڻ تهمت‪ ،‬روئڻ الزام وانگر‪،‬‬
‫ڏسي ڪاتب جا ڪم‪ ،‬افسوس آهي‪.‬‬

‫‪-‬‬

‫مان بي زبان آهيان‪،‬‬


‫تون بي قياس آهين‪.‬‬

‫‪-‬‬
‫‪27‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫رڃ سان ڪاٿي اڃ لهي ٿي‪ ،‬خشڪ چپن جي پيارا!‬


‫توسان ڪهڙا درد ونڊيندا پاڇا پاڇا ماڻهو!‬

‫‪-‬‬
‫منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو‪،‬‬
‫تنهنجي اک ڄڻ ته گليلي آهي‪.‬‬

‫‪-‬‬
‫ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان‬
‫نرم سهي‪ ،‬بي ساهه ته ناهيان‪،‬‬

‫‪-‬‬
‫ڪيسين چپ ڀڪوڙي ويهون‪،‬‬
‫دل جو درد دٻائي دل ۾‪.‬‬

‫محبوب جي حسن جي ساراهه‪ ،‬پنهنجي وفائن جو ذڪر ۽ ان جي عيوض هڙ پلئه‬


‫پوندڙ ناڪامين جي انبارن جون شڪايتون‪ ،‬جيڪي غزل جي جان ۽ ان جي تاڃي‬
‫پيٽي جون تندون هونديون آهن‪ ،‬سي وفا جي غزل ۾ نمايان نظر اچن ٿيون‪:‬‬
‫(الف) حس ن جي واکاڻ جو ذڪر‪:‬‬
‫منهنجي ڳوڙهن جو ڀال وس ڪهڙو؟‬
‫تنهنجي ڇاتي ئي ٿريلي آهي‪.‬‬

‫‪-‬‬
‫سندس بي هوش رخسارن تي روئي‪،‬‬
‫ستل جذبن کي جاڳائي ڇڏيوسين‪.‬‬
‫‪28‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪-‬‬
‫منهنجا ڳوڙها ته ِسر کان تتل ها‪،‬‬
‫تنهنجا رخسار ڇا الِء ٺري ويا‪.‬‬

‫(ب) پنهنجي وفائن ۽ قربانين جو ذڪر‪:‬‬


‫آٌء حاالت جي منهن ۾ آهيان‪،‬‬
‫شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي‪،‬‬

‫‪-‬‬
‫هڻي ويو هو نڙيَء ۾ ڪو چڪ ننڊ پئي‪،‬‬
‫اکيون کليون ته ڏٺم دوستيَء جا ڏند هئا‪.‬‬

‫‪-‬‬
‫پهڻ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين‪،‬‬
‫رٺل محبوب پرچائي ڇڏيوسين‪،‬‬
‫وساڻل مشعلن تي َر ُت روئي‪،‬‬
‫ڦِٽل ٿاڪن کي چمڪائي ڇڏيوسين!‬

‫(ت) وفائن ۽ قربانين عيوض ملندڙ دئونسن‪ ،‬ناڪامين ۽ ناڪاميابين جو ذڪر‪:‬‬


‫ڪچيَء ڀت کي ٽيڪ لڳائي روئندڙ ڦوهه جواني‪،‬‬
‫توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو!‬

‫‪-‬‬
‫سٺي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا‪،‬‬
‫مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا‪.‬‬
‫‪29‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪-‬‬
‫تو ۾ پاڻ لڪائڻ وارو‪،‬‬
‫توکي ڪيئن لڪائي دل ۾‪.‬‬

‫‪-‬‬
‫وري پيتوسي قاتل زهر مرڪي‪،‬‬
‫وري رندن کي شرمائي ڇڏيوسين‬

‫نازڪ جذبن جو شاعر وفا ناٿن شاهي مسلسل غزل لکي رهيو آهي‪ ،‬پر سندس‬
‫فقيراڻو ڪشڪول خالي ئي رهيو آهي‪ .‬نه ڪا شام‪ ،‬نه ڪا تنقيدي نشست‪ ،‬نه‬
‫ڪوئي مجموعو وغيره‪ ،‬آخر اسان جي اها بي حسي ڪيستائين رهندي‪ .‬ان سوال‬
‫اڳيان جوابن الِء سنسان رستا ئي ڇڏجن ٿا‪:‬‬
‫جڏهن اسان خاڪ ٿي وياسي‪ ،‬تڏهن ُاٺي ماڪ مئڪدن تي‪،‬‬
‫ُرنو صراحيَء‪ ،‬ڏٺو نه ساغر‪ ،‬پياڪ پنهنجي خمار ۾ ها‪.‬‬

‫(اياز)‬
‫مير محمد پيرزادو‬
‫‪30‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫دل جو خيال‬
‫غزل‪ ،‬سنڌي شاعريَء ۾ اڄ ڪلهه مقبول عام صنف آهي‪ .‬سنڌي شاعرن مان اهڙو‬
‫ڪو ورلي ملندو‪ ،‬جنهن غزل تي طبع آزمائي نه ڪئي هجي‪ .‬اها ڳالهه ٻي آهي ته‬
‫تمام ٿورا شاعر اهڙا آهن‪ ،‬جن غزل کي پنهنجي اصليت تي قائم رکيو آهي‪ ،‬نه ته‬
‫اڪثر غزل جو ُهليو بگاڙيو ويو آهي ۽ موهن ڪلپنا چواڻي‪” .‬اسان جي شاعرن‬
‫غزل سان اهڙي ڪار ڪئي آهي جيئن گالب جي نازڪ پنکڙيَء تي بم رکي‬
‫ڇڏجي‪“.‬‬
‫صاحب ذوق سنڌي شاعرن‬‫ِ‬ ‫آخوند گل محمد هاالئيَء کان نماڻي سنڌيَء تائين جن به‬
‫غزل لکيا آهن‪ ،‬تن مان گهڻائي اهڙن غزل گو شاعرن جي آهي‪ ،‬جن غزل ۾ به نواڻ‬
‫پيدا ڪري شوق ۾‪ ،‬ان ۾ نوان تجربا ڪيا آهن‪ .‬محترم رام پنجواڻي غزل بابت‬
‫راِء ڏيندي لکيو آهي ته‪ ” ،‬مون کي افسوس آهي ته غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل‬
‫سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن‪ ،‬سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ ارهه‬
‫زورائيَء جي برابر آهن“‪.‬‬
‫هتي هڪ اهڙي شاعر جي غزلن جو جائزو وٺجي ٿو‪ ،‬جنهن غزل کي اصلي معني‬
‫۾ غزل رهڻ به ڏنو آهي ته مواد جي لحاظ کان اها دلڪشي به پيدا ڪئي آهي‪،‬‬
‫جيڪا غزل جي جان هوندي آهي‪.‬‬
‫صف اول ۾ شمار ٿيندڙ شاعر آهي‪،‬‬ ‫ِ‬ ‫”وفا“ ناٿن شاهي سنڌي غزل گو شاعرن جي‬
‫جنهن غزل جي سڀني پهلوئن سان خوب نباهيو آهي‪.‬‬
‫اچو ته وفا جي غزل ۾ تشبيهون ڏسون‪:‬‬
‫ڪو چين سزا وانگر‬
‫ڪو درد دوا وانگر‬

‫‪--‬‬
‫‪31‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڪافر ٿو ٿيان شايد‪،‬‬


‫ڪو شخص خدا وانگر‬

‫‪--‬‬
‫برسيو هان سرابن تي‪،‬‬
‫سانوڻ جي گهٽا وانگر‬

‫‪--‬‬
‫تنهائيَء ۾ ساروڻي‬
‫ڪاڙهي ۾ هوا وانگر‬

‫‪--‬‬
‫گلشن ۾ وفا آهي‬
‫صحرا ۾ صدا وانگر‬

‫هن غزل ۾ ڏسبو ته ٻن جدا جدا لفظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري‬
‫تشيبهه يا تمثيل جا مثال ڏنا ويا آهن‪ .‬هڪ ٻئي غزل جا چند بند به پيش ڪجن ٿا‪،‬‬
‫جن ۾ مشبهه‪ ،‬مسبهه بهه ۽ حرف تشيبهه جي سمجهاڻي آهي‪:‬‬

‫ڪجهه سوالن جيان‪ ،‬ڪجهه جوابن جيان‪،‬‬


‫زندگي آهه انگي حسابن جيان‪.‬‬
‫‪32‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪--‬‬
‫منهنجا جذبا نون مئڪشن جان صنم!‬
‫تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫حسن وارن جا رنگين ڪومل بدن‪،‬‬
‫عشقيه شاعريَء جي ڪتابن جيان‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت وفا‪،‬‬
‫هن جون مرڪون سياسي خطابن جيان‪.‬‬

‫وفا جي جي شعر ۾ ”ڪنايه“ جو استعمال‪:‬‬


‫وئين جڏهن کان پير پائي باغ ۾‪،‬‬
‫باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫رنگ ۽ خوشبوِء جي پويان ُرلي‪،‬‬
‫پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫موسم گل جون وفا‪،‬‬
‫ِ‬ ‫بند اکيون‬
‫ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾‪.‬‬

‫يا‬
‫روز لٽجن ٿيون نيون اميدون‪،‬‬
‫دل وڏيري جي حويلي آهي‪.‬‬
‫‪33‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫مٿين بندن ۾ ”باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾“‪” ،‬پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾“‪” ،‬ڪير‬
‫ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾“ يا ”دل ڄڻ ته وڏيري جي حويلي آهي“ ڪنايه جا عمدا مثال‬
‫آهن‪ .‬اهي رمزون ۽ اشارا‪ ،‬ڪنايه طور ڪتب آڻي‪ ،‬غزل کي سونهن بخشي‬
‫سگهارو بڻايو ويو آهي‪.‬‬
‫هيٺ وفا جي غزل ۾ ”مجاز مرسل“ جو نمونو پيش ڪجي ٿو‪:‬‬
‫ناخدائن کان بچي ويو هين وفا!‬
‫تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ٽٽا‪،‬‬
‫منهنجي قسمت جا ستارا هوندا‪.‬‬

‫مجاز مرسل جو مطلب آهي ڪنهن لفظ جي سچي معني کي ڇڏي‪ ،‬نئين مجازي‬
‫معني ڪڍڻ‪ ،‬مٿئين غزل ۾ ناخدا جو ٻوڙڻ وارو تصور ۽ ستارن جي ٽٽڻ جي‬
‫مجازي معني وٺڻي پوندي‪ ،‬جيڪو مجاز مرسل جو هڪ نمونو آهي‪.‬‬
‫وفا جي غزل ۾ صنعت سوال جواب جو مثال‪:‬‬
‫هن صنعت ۾‪ ،‬شاعر سوال به پاڻ ڪندو آهي ۽ جواب به پاڻ ڏيندو آهي‪ .‬وفا جو ان‬
‫بابت شعر ڏسو‪.‬‬
‫ڇو ٿا مون کي ڦاهيَء چاڙهيو؟‬
‫ايڏو حق آگاهه ته ناهيان‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫‪34‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ايڏو ڇا ٿا ڇرڪو مون کان؟‬


‫دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان‪.‬‬

‫يا‬
‫ناخدائن کان بچي ويو آهين وفا!‬
‫تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا‪.‬‬

‫هتي صنعت مراعات النظير جو به مثال پيش ڪجي ٿو‪ .‬هن صنعت موجب شاعر‬
‫جڏهن ڪا ڳالهه بيان ڪري ٿو ته ان سان واسطورکندڙ ٻين شين جو به ذڪر ڪري‬
‫وڃي ٿو‪ .‬ڏسو ته وفا‪ ،‬باغ جي ڳالهه ڪندي گلن‪ ،‬مالهي‪ ،‬آس جي چادر باغ ۾‬
‫وڇائڻ وغيره جو ذڪر پنهنجي غزل ۾ پيش ڪري صنعت مراعات النظير جو‬
‫ڪهڙو نه نمونو ڏيکاريو آهي!‬
‫شهر تنهنجي ۾ ائين منهنجو وجود‪،‬‬
‫جيئن ڪو مالهي پرائي باغ ۾‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫تنهنجي وعدن سان ڪچهريون ٿو ڪيان‪،‬‬
‫آس جي چادر وڇائي باغ ۾‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫تون به وئين‪ ،‬گل ڀي ويا هاڻي مٺا‪،‬‬
‫ڪير ويٺو ڌوڙ پائي باغ ۾‪.‬‬
‫‪35‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫صنعت اسماِء‪ :‬هن صنعت موجب شاعر پنهنجي شعر ۾ ماڻهن‪ ،‬پکين‪ ،‬جاين‪،‬‬
‫جانورن يا ٻين شين جا ناال ڪتب آڻيندو آهي‪ .‬هيٺ ڏسو ته وفا‪ ،‬ماڻهن جا ناال‪،‬‬
‫پنهنجي شعر ۾ ڪم آڻي صنعت اسماِء جو مثال ڏنو آهي‪:‬‬
‫جاڳو ٻيلي مڙس ٿيو‪،‬‬
‫مانجهي‪ ،‬پانڌي گاهي ڙي‪.‬‬

‫صنعت ضرب المثل‪ :‬هن صنعت ۾ شاعر‪ ،‬شعر ۾ ڪو پهاڪو‪ ،‬چوڻي يا قرآن‬
‫شريف جي ڪا آيت ڪم آڻيندو آهي‪ .‬اچو ته ڏسون ته هن صنعت سان وفا ڪيترو‬
‫نباهيو آهي‪:‬‬
‫پنهنجي هوندي تنهنجي چاهت ۾ چريو‪،‬‬
‫ڄڻ ”امانت ۾ خيانت“ ٿو ڪيان‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫هي ُ‬
‫گهر ٻار وفا جو آهي‪،‬‬
‫دنيا ڌوڙ نه پائي دل ۾‪.‬‬

‫‪--‬‬

‫”مطلب جي محبت“ آ‪،‬‬


‫بي فيض دعا وانگر‪.‬‬

‫‪--‬‬
‫هر سوچ منافق جي‪،‬‬
‫”جوتي ۾ بال“ وانگر‪.‬‬
‫‪36‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫هاڻي اچو ته ڏسون ته وفا صاحب سينيئر شاعر آهي‪ ،‬هن بحر وزن سان ڪيترو‬
‫نباهيو آهي‪.‬‬
‫بحر متدارڪ مثمن سالم جو مثال‪:‬‬

‫ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان‪،‬‬


‫زندگي آهه انگي حسابن جيان‪.‬‬

‫فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن‬


‫ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان‬
‫زندگي آهه ان گي حسا بن جيان‬

‫بحر متدارڪ مثمن مخبون مسڪن محذوف جي مثال‪:‬‬


‫سنڌڙي سور االهي ڙي‬
‫ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي‬

‫فعلن فعلن فعلن فع‬


‫سنڌڙي سورا الهي ڙي‬
‫ڏيندا ڏيهه واهي ڙي‬

‫بحر متدارڪ مثمن مجذوف جو مثال‪:‬‬


‫ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان‬
‫نرم سهي بي ساهه ته ناهيان‬
‫‪37‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫فعلن فعلن فعلن فعلن‬


‫ڀيليو ڇوٿا گاهه ته ناهيان‬
‫نرم س هي بي ساهه ته ناهيان‬

‫بحر رمل مسدس مخذوف جو مثال‪:‬‬

‫موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان‪،‬‬


‫زنگي تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان‪،‬‬
‫فاعالتن فاعالتن فاعالتن‪،‬‬
‫موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيا‪،‬‬
‫زندگي تهه جي وضاحت ٿو ڪيا‪.‬‬

‫ائين به ناهي ته وفا صاحب عام مروج بحرن تي شاعري ڪئي آهي پر هن نوان‬
‫تجربا پڻ ڪيا آهن‪ ،‬جيئن‪:‬‬
‫سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا‬
‫مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا‬

‫يا وري هي شعر‪:‬‬


‫ڪو چين سزا وانگر‪،‬‬
‫ڪو درد دوا وانگر‪.‬‬

‫مٿيان چند شعر‪ ،‬نموني طور پيش ڪيا ويا آهن‪ .‬غور سان ڏسبو ته وفا جي سڄي‬
‫شاعري‪ ،‬اها ڇپيل هجي يا اڻ ڇپيل هر طرح جي خوبين سان ماال مال نظر ايندي‪.‬‬
‫سندس شعر مالئم ۽ آسان آهي‪ ،‬جيڪو سوالئيَء سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي‪ ،‬پر پوِء‬
‫‪38‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫به منجهس فڪري مواد موجود آهي‪ .‬آخر ۾ وفا جي ئي شعر سان پڄاڻي ڪجي‬
‫ٿي‪:‬‬
‫توکي آيو آ تڏهن دل جو خيال‪،‬‬
‫غم جڏهن موڙ ڪٽي ويو آهي‪.‬‬

‫راشد مورائي‬
‫‪39‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫وفا‪ :‬درد‪ ،‬ديس ۽ دل جي ايمان جو شاعر‬


‫وفا ناٿن شاهي‪ ،‬سنڌي غزل جو خوبصورت ۽ امر آواز آهي‪ ،‬جنهن جي اظهار‬
‫۾ جنم جنم جون ڳوالئون آهن‪ ،‬جن جي سڃاڻپ صرف اهي اکيون ئي ڪري‬
‫سگهن ٿيون‪ ،‬جن اکين جي ازل ابد جي پيچرن سان دوستي هوندي آهي‪ .‬وفا غزل‬
‫جي رنگين سفر جو اهو پانڌي آهي‪ ،‬جنهن زندگي جي ڪيترن ئي ذائقن کي‬
‫چکي ڏٺو آهي‪ ،‬جنهن کي خبر آهي ته ثواب جيان گناهه به زندگيَء جو الفاني سواد‬
‫آهي ۽ جنهن جي چکڻ کان پوِء ئي ماڻهو زندگيَء کي سمجهڻ جي اهل ٿي‬
‫سگهندو ۽ وفا ان کي سمجهي‪ ،‬پنهنجي شاعريَء ۾ جيڪي احساس اوتيا آهن‪ ،‬تن‬
‫هن جي شاعريَء کي زندگيَء جي هڪ اجري آرسي بڻائي ڇڏيو آهي‪ .‬وفا ناٿن‬
‫شاهيَء جي ڊول ۽ بيهڪ کي ڏسي‪ ،‬واقعي به پڪ ٿي وڃي ٿي ته هي امرتسر جي‬
‫ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ ڪڪڙان واال بندياال ۾ ئي ڄائو آهي‪ .‬رنگ جو پڪو ڪار‬
‫سرو‪ ،‬اڻ و يٺل مٿو‪ ،‬هٿ پير آزاد‪ ،‬لڳي ٿو ماُء هن کي تنجڻن ۾ ٻڌو ئي ڪو نه!‬
‫شايد ننڍپڻ کان ئي هن ٻنڌڻن کي قبول نه ڪيوآهي‪ ،‬اهو ئي سبب آهي جو هو‬
‫پنهنجيَء دل جي رياست جو اهو آزاد شهزادو بڻجي ويوآهي‪ ،‬جنهن وٽ سرحدن‬
‫جو تصور بي معني هوندو آهي‪ .‬جيڪڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿئي ها ته هي‬
‫امرتا پريتم جو هم وطن ۽ همز زبان‪ /‬امرتسر جي هوائن جو شهزادو هيئن دربدر‬
‫به نه ٿئي ها‪ .‬هو صرف چئن سالن جو هو ته اوچتو ورهاڱي جي وٺ وٺان ۾ سندن‬
‫ڳوٺ وارن کي خبر ملي ته هي ڳوٺ هندوستان جي ورهاست ۾ آيو آهي‪ ،‬ان‬
‫ڪري کين هي ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو‪ .‬هن جو پيُء خيرات علي‪ ،‬جيڪو مڻهيارو‬
‫هو‪ ،‬جنهن امرتسر جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ بوال‪ ،‬بينسريون‪ ،‬چوڙيون‪ ،‬ڪجل‪،‬‬
‫مساڳ وڪڻي پئي سماجي رشتن ڳنڍڻ جوجيون گهاريو‪ ،‬جنهن کي گرمکيَء ۾‬
‫لکڻ ۽ پڙهڻ ايندو هو‪ ،‬جنهن کان ئي وفا ناٿن شاهيَء هير وارث شاهه ٻڌي هئي‪،‬‬
‫ان کي اوچتو جڏهن ڄاڻ پئي ته کين پنهنجو ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو ته هو پڪ‬
‫سان ٻارن وانگر روئي پيو هوندو‪ .‬ان سمئه هن جي اها پيتي‪ ،‬جنهن ۾ ڪيترائي‬
‫رشتا‪ ،‬جيڪي ڇلن‪ ،‬منڊين‪ ،‬چوڙين ۽ نڪ جي ڪوڪن جي شڪل ۾ موجود‬
‫‪40‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫هوندا‪ ،‬اهي به هن کي سڏڪندي محسوس ٿيا هوندا ۽ هن تصور ۾ اهي ڀڄي ڀري‬
‫رهيا هوندا‪ .‬نيٺ پنهنجي پيُء خيرات علي ۽ ٻين ڀاتين سان چئن سالن جو مشتاق‬
‫علي يعني اڄوڪو الڏلو شاعر وفا‪ ،‬نئين وجود ۾ آيل پاڪستان ۾ اچي ويو‪.‬‬
‫پهرين يونين ڪائونسل گوزي ۽ پوِء خيرپور ناٿن شاهه ۾ اچي رهيا‪ ،‬جتي هنن‬
‫جي پنهنجي اباڻي ديس سان گڏ اباڻي ٻولي کي به ذري گهٽ وساري سنڌي‬
‫ڳالهائڻ شروع ڪيو۔‬
‫وفا ننڍپڻ کان فطرت پسند ماڻهو هو‪ ،‬ان ڪري سنڌ جي فطري سونهن هن کي‬
‫پنهنجي درد سميت پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو‪ .‬هي پنهنجي مٺي آواز سان‬
‫جهونگاريندو‪ ،‬وطن جي وڻن ٽڻن جو اڀياس ڪرڻ لڳو‪ .‬ميال مالکڙا هن کي تمام‬
‫گهڻا موهيندا هئا‪ ،‬ان ڪري هوآوازن کي وڌيڪ ويجهو ٿيندو ويو‪ .‬ميلن مالکڙن‬
‫جي موقعي تي جيڪي ڳائڻا ۽ ڳائڻيون اينديون هيون‪ ،‬هي انهن جي صحبت ۾‬
‫پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هو ۽ خاص طرح ڳائڻين کي هي پنهنجي دور جا‬
‫هٽ فلمي گانا ياد ڪرائيندو هو‪ .‬ڇو ته هن کي پنهنجي دور جا سڀ هٽ فلمي گانا‬
‫ياد هوندا هئا‪ .‬دراصل وفا پنهنجي نوج وانيَء واري زماني ۾ ئي هڪ خيالن جي‬
‫دنيا جوڙي ورتي هئي‪ ،‬جنهن جي تعمير هن جي آوازن ڪئي هئي‪ .‬فلمون ڏسڻ به‬
‫ان تعمير جو هڪ پاسو آهي‪ .‬هو جڏهن خواب ڏسندو هو ته انهن ۾ اڪثر هن کي‬
‫فلمي اداڪارائون ملنديون هيون‪ ،‬پر حقيقت هيَء آهي ته هو پنهنجيَء زندگيَء جو‬
‫هيرو بڻجي نه سگهيو‪ .‬هن جنهن کي‪ ،‬ڪڏهن فردوس ڪڏهن مسرت نذير جي‬
‫صورت ۾ ڏٺو‪ ،‬افسوس ان کي ماڻي نه سگهيو ۽ هن جا نصيب وڃي هڪ اهڙي‬
‫عورت تي نيهن ۾ اٽڪيا‪ ،‬جنهن سان هن جوانيَء جي بي پرواهيَء وارا الڳاپا‬
‫جوڙيا هئا‪ .‬هن اهو جهنم خريد ڪري ورتو‪ ،‬جنهن ۾ هو اڄ به جلي رهيو آهي‪ .‬هو‬
‫ڪيئ ن جلي رهيوآهي‪ ،‬اهو صرف هن جي شاعري ٻڌائي ٿي‪ ،‬۽ سندس اهي ساٿي‬
‫ئي ٻڌائي سگهن ٿا‪ ،‬جيڪي بي خبر ۽ بيباڪ ٽهڪن تائين هن جي سفر ۾ گڏ‬
‫رهيا آهن‪ .‬هن جا ٽهڪ سکڻا نه هوندا آهن‪ .‬هو جڏهن ٽهڪ ڏيندو آهي ته انهن ۾‬
‫سندس جگر به شامل هوندو آهي‪ .‬هن جي اندر جي سموري خوبصورتيَء کي‬
‫‪41‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫سندس شاعريَء ۾ ڏسي سگهجي ٿو‪ ،‬جا هن جي سموري ناڪام زندگيَء جو ناز‬
‫آهي‪ ،‬جنهن کي هن ڪيترن نه ڏکين ۽ ڪرب وارين حالتن ۾ تعمير ڪيو آهي‪ ،‬ان‬
‫جي سونهن ۽ سلوڻائپ جي ڳوال ۾ هو شعور سان گڏ الشعور جا رستا به ڀٽڪندو‬
‫رهيو آهي ۽ هن پنهنجي شعور کان الشعور ڏانهن سفر هميشه کيپن ۽ خمارن ۾‬
‫ڪيو آهي‪ ،‬هن جا سمورا کيپ ۽ خمار هن جي ذات جي درد جو حصو آهن‪ .‬سچ پچ‬
‫ته هن جي درد وٽ اهي اکيون آهن‪ ،‬جيڪي اونداهين ۾ سوجهرو ڳولي وينديون‬
‫آهن‪ .‬مان هن کي سقراط جهڙو ٿو سمجهان‪ ،‬جيتوڻيڪ مقدار جي اعتبار کان‬
‫زندگيَء جو زهرجيڪو وفا پيتو آهي‪ ،‬اهو سقراط پئي ها ته جسم مان شعلو‬
‫بنجي وڃي ها‪ ،‬پر پوِء به وفا سقراط نه آهي‪ ،‬ڇو ته هو وفا آهي‪ .‬حقيقت هيَء آهي‬
‫ته وفا پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهي‪ ،‬سادڙو ۽ سٻاجهو‪ .‬مون جڏهن هن کي پهريون‬
‫ڀيرو ڏٺو هو ته‪ ،‬مون کي هن جي بي ڊوالئي تي کل اچي وئي هئي‪ ،‬پر پوِء آهستي‬
‫آهستي مون هن جي اندر ۾ ان حسين انسان کي ڳولي ورتو هو‪ ،‬جنهن جي آڏو‬
‫ظاهري سونهن ۽ سينگار ڪا اهميت نه رکندا آهن‪ .‬وفا ناٿن شاهيَء جو عروج‪،‬‬
‫منهنجي شاعريَء جي وکن کڻڻ وارو زمانو آهي‪ ،‬پر ٻنهي ۾ هڪ عجيب مماثلت‬
‫آهي ته اسان ٻنهي نائين درجي کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٻنهي جي شادي ڪچيَء‬
‫وهي َء ۾ ئي ٿي گذري‪ .‬ٻنهي گهڻي ۾ گهڻيون فلمون ڏٺيون‪ ،‬ٻنهي کي گهڻي ۾‬
‫گهڻا فلمي گانا ياد رهيا‪ .‬بهرحال منهنجو هن سان جيڪو شاعراڻو رشتو جڙيو‬
‫آهي‪ ،‬هن‪ ،‬سڀ کان مٿانهون آهي‪ ،‬جنهن رشتي ئي مون کي هن جي ويجهو آندو‬
‫آهي‪ .‬هو جنهن خيرپور ناٿن شاهه کان جاتيَء تائين زندگيَء کي رلندي گذاري‬
‫ڇڏيو‪ ،‬پر هن کي ڪٿي جي به هوا گهڻو ترسائي نه سگهي‪ .‬جڏهن به آٌء سندس‬
‫شاعري پڙهندو آهيان ته منهنجو درد‪ ،‬ديس ۽ دل تي ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويندو‬
‫آهي‪ .‬اصل ۾ وفا درد‪ ،‬ديس ۽ دل جي راهن جو ئي شاعر آهي‪ ،‬هن جي شاعري‬
‫لفظن جو ورجاُء نه آهي‪ ،‬بلڪ اها زندگيَء جي مشاهدن جو نتيجو آهي‪ .‬هن جي‬
‫شاعري جو ٻرڻ‪ ،‬دراصل هن جي پنهنجي اندر جو ٻرڻ آهي‪ ،‬جنهن جا شعال ڪنهن‬
‫جي اکين کي پنهنجي حصار جي واالر هيٺ آڻيندي دير نٿا ڪن‪.‬‬
‫‪42‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫وفا ناٿن شاهي مسلسل ۽ مڪمل شاعر آهي‪ ،‬هن جي اظهار جي ُپورنت مون کي‬
‫ڪٿي به نٿي کٽڪي‪ ،‬اها هن جي فن جي عظمت ئي آهي جو هو عام واقعن ۽‬
‫حادثن کي جڏهن پنهنجي شاعراڻي حسن سان ڇهي ٿو ته اهي واقعا ۽ حادثا عظيم‬
‫بڻجي وڃن ٿا‪ .‬جيتوڻيڪ سنڌ ۾ لکايو ته ائين ويو آهي ته هي اسان جو الڏلو‬
‫شاعر وفا ناٿن شاهي غزل جو ئي شاعر آهي‪ ،‬پر حقيقت رڳو ائين به نه آهي‪ .‬هن‬
‫غزل کان وٺي هائيڪي تا ئين شاعريَء جو جيڪو ڊگهو ۽ بامقصد سفر ڪيو آهي‪،‬‬
‫ان سڄي سفر کي هڪجهڙي معني آهي‪ .‬وفا ناٿن شاهيَء جو نالو خيرپور ناٿن‬
‫شاهه جي نالي سان منسوب آهي‪ .‬ائين ڪجهه ٻيا ناال‪ :‬نشتر ناٿن شاهي‪ ،‬راز ناٿن‬
‫شاهي ۽ آثم ناٿن شاهيَء جا به مشهور آهن‪ ،‬پر هي ڪو شاعريَء جو مخصوص‬
‫مڪ تبئه فڪر به ناهي‪ ،‬بلڪه هيَء ته ڌرتيَء سان الڳاپي جي هڪ نسبت آهي‪ ،‬جا‬
‫خوشبو ٿي هر هنڌ ڦهلجي وڃي ٿي‪.‬‬
‫وفا جي شاعريَء جو اسلوب اوپرو نه آهي‪ ،‬بلڪه اهو ڄاتل سڃاتل آهي‪ ،‬هن جو‬
‫سنڌي شاعريَء جو تسلسل سان جڙاُء آهي‪ ،‬جنهن ڪري وفا جون تشبيهون‪،‬‬
‫ترڪيبون ۽ اهڃاڻ يا عالمتون مقامي آهن‪ ،‬ان ڪري ئي انهن ۾ مٽيَء جو هڳاُء‬
‫آهي‪ .‬وفا جي مادري زبان ته پنجابي آهي پر ڇا ته وٽس سنڌي ٻوليَء جونجپڻو‬
‫آهي‪ ،‬جيڪو شهرن ۾ وسندڙ سنڌي شاعرن وٽ به نه آهي‪ ،‬جيڪي واحد ۽ جمع‬
‫جي صيغن جون به ٽنگون ڀڃند آهن‪ ،‬پر وفا جي نج سنڌي ٻوليَء جي ترڪيبن ۽‬
‫محاورن يا انهن جي ڀرپور استعمال تي هروڀرو حيرت به نه کائڻ گهرجي‪ ،‬ڇو ته‬
‫وفا جي پالنا سنڌ جي هوائن ۾ ٿي آهي‪ُ ،‬هن يا عمر سنڌي ماڻهن جي ڳوٺاڻي‬
‫ماحول ۾ گهاريو آهي‪ .‬ان ڪري هن سنڌي سريلي ٻوليَء کي ميڙي پنهنجي‬
‫شاعري کي سورنهن سينگار ڪرايا آهن‪ .‬اچو ته ڪجهه سندس شاعريَء جو نظارو‬
‫ڪريون‪:‬‬
‫ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان‬
‫نرم سهي بي ساهه ته ناهيان‪.‬‬

‫‪-‬‬
‫‪43‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫مان ٻڏي ويس ته پرواهه ناهي‪،‬‬


‫تنهنجو ٻيڙو ته تاري ڇڏيو مون!‬

‫هي سڀ شعر بنهه ٿورا مثال آهن آهن‪ ،‬پر انهن ۾ نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماحول‬
‫جي خوشبوِء آهي‪ ،‬جنهن کي محسوس ڪري وفا جي سنڌيت واري شعور تي فخر‬
‫اڃان به وڌي وڃي ٿو‪.‬‬
‫وسيم سومرو‬
‫‪44‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُحسن جي بنده پروري آهي‪،‬‬
‫منهنجي دنيا ۾ روشني آهي‪.‬‬

‫تنهنجي اکيون ڇو آليون آهن‪،‬‬


‫مون ته هٿ تي چمي ڏني آهي‪.‬‬

‫خوش رهو اي َحسين انسانو!‬


‫هِت به جنت ٺهي پئي آهي‪.‬‬

‫منهنجي بربادين تي تو نه ُرنو‪،‬‬


‫هونئن ته دنيا سڄي ُرني آهي‪.‬‬

‫ڪو ته آهي چمن ۾ اڄ ُمرڪيو‪،‬‬


‫من جي مکڙي ٽڙي پئي آهي‪.‬‬

‫دل جي نادانين تي کِل نه ’وفا‘!‬


‫دل ازل کان وٺي چري آهي‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪45‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُظلم ۽ ڪفر سان لڙائي آ‪،‬‬
‫منهنجي هر سوچ ڪربالئي آ‪.‬‬

‫تنهنجي فطرت ۾ منهنجي مجبوري‪،‬‬


‫ڄڻ جهنم ۾ پارسائي آ‪.‬‬

‫دشمني‪ ،‬دوستيَء کان مخلص آ‪،‬‬


‫مون ته هر وار آزمائي آ‪.‬‬

‫مون سان گڏجي رهين يا ُدور ُهجين‪،‬‬


‫هاڻ هر حال ۾ ُجدائي آ‪.‬‬

‫منهنجي ترديد تي ُرئلڻ وارا!‬


‫تنهنجي تجديد جي َڀالئي آ‪.‬‬

‫پاڻ کي ٿو ’وفا‘ خدا سمجهان‪،‬‬


‫ڪيتري قدر هيکالئي آ‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪46‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫ڪ ِر نه ُبسري‪ ،‬ڪهاڙي نه ڪ ِ‬
‫ٽ‪،‬‬ ‫َٿ ِڌي َ‬
‫محبت جي غيرت! ارادا نه َم ِ‬
‫ٽ‪.‬‬

‫ُ‬
‫ڇڻڪار ڪر‪،‬‬ ‫نه عاصين تي رحمت جو‬
‫االهي! ثوابن جون پاڙون نه َپ ِ‬
‫ٽ‪.‬‬

‫ڀلي ڌوڙ پئي پاِء دنيا! مگر‪،‬‬


‫ٽ!‬ ‫َ‬ ‫ُ‬
‫اسان جي اميدن جا الشا نه ل ِ‬

‫ڪلهن تي سوار‪،‬‬ ‫سدائين هوا جي ُ‬


‫انجام واري جي َو ِ‬
‫ٽ‪.‬‬ ‫َ‬ ‫َحسينن جا‬

‫انڌيرن ۾ ٿاٻا محبت جهلي‪،‬‬


‫سڙي وئي ’وفا‘ جي چراغن جي َو ِ‬
‫ٽ!‬

‫‪Ó‬‬
‫‪47‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هاڙهه هوندا‪ ،‬يا سيارا هوندا‪،‬‬
‫هاڻ ڳوڙهن تي گذارا هوندا‪.‬‬

‫سي ته ماڻهو به فرشتا چئبا‪،‬‬


‫توکي جي پاڻ کان پيارا هوندا‪.‬‬

‫يت جي ڍير تي ُرئندڙ ڪڪري!‬ ‫َر ِ‬


‫کوڙ انسان اڃارا هوندا‪.‬‬

‫تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ُٽٽا‪،‬‬


‫منهنجي قسمت جا ستارا هوندا‪.‬‬

‫ُ‬
‫سوڳنڌ‪،‬‬ ‫تنهنجي وارن جي َورن جو‬
‫هاڻ هر موڙ تي ڍارا هوندا!‬

‫ناخدائن کان بچي ويو هين ’وفا‘!‬


‫ڪنارا ُهوندا‪.‬‬
‫تنهنجي قسمت ۾ ِ‬

‫‪ó‬‬
‫‪48‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫ِسينڌ ُتنهنجي جو لٽي ويو آهي‪،‬‬
‫هانُء منهنجو به َپٽي ويو آهي‪.‬‬

‫عشق ٿيو آهه جڏهن ڀي مجبور‪،‬‬


‫َ‬
‫جڳ کان هر راند َکٽي ويو آهي‪.‬‬

‫َ‬
‫ميار‪،‬‬ ‫ُحسن جا َ‬
‫ويڻ‪ ،‬جوانيَء جي‬
‫ُ‬
‫ضبط سينو ئي ڦٽي ويو آهي‪.‬‬

‫تنهنجي زلفن جو بهشتي پاڇو‪،‬‬


‫منهنجي هر سوچ َمٽي ويو آهي‪.‬‬

‫پاڻ تي ڌوڙ وسائڻ وارو‪،‬‬


‫تنهنجا پيرا به َچٽي ويو آهي‪.‬‬

‫ُ‬
‫خيال‪،‬‬ ‫توکي آيو آ تڏهن دل جو‬
‫غم جڏهن موڙ َ‬
‫ڪٽي ويو آهي‪.‬‬

‫پيار جي هٿ مان ’وفا‘ جو ڳيرو‪،‬‬


‫وقت جو ُ‬
‫باز َجهٽي ويو آهي!‬
‫‪49‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫يا چهرن تي پردا َورائي ڇڏيو‪،‬‬
‫يا منهنجي نظر کي َمڃائي ڇڏيو‪.‬‬

‫سويرن جي تائيد جا دشمنو!‬


‫مون کي گولين سان ُاڏائي ڇڏيو‪.‬‬

‫جي چاهيو ته مخمور اکيون کڻي‪،‬‬


‫زمين آسمان سان مالئي ڇڏيو‪.‬‬

‫نه پيرن اگهاڙا ُ‬


‫گهمو باغ ۾‪.‬‬
‫متان ڪنهن جا جذبات گهائي ڇڏيو‪.‬‬

‫بهارن جي ڪهڙي ٿا موسم ُپڇو‪،‬‬


‫جڏهن ڀي اوهان ُمسڪرائي ڇڏيو‪.‬‬

‫’وفا‘! موت جي ڇا تقاضا ڪبي‪،‬‬


‫جڏهن زندگيَء ئي وڄائي ڇڏيو‪.‬‬
‫‪50‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫چاڪ ِچڪايا هوندا‪،‬‬ ‫رڪي ُم ِ‬
‫رڪي منهنجا‪ ،‬رئندڙ‬ ‫تو جي ُم ِ‬
‫روئي روئي مون ڀي تنهنجا‪ ،‬دل تي پاند ُپسايا هوندا‪.‬‬

‫لڙڪن جو هر واهه ته ڏيئي ُبل ٽپي ويو آهين ليڪن‪،‬‬


‫هاڻي تنهنجي وک وک سامهون‪ ،‬ساگر َس ُ‬
‫رس سوايا هوندا‪.‬‬

‫ُسهڻا! تنهنجي سينڌ جي سامهون‪ ،‬پيارا تنهنجي سينڌ جي سڏ تي‪،‬‬


‫َ‬
‫ڪنڌ ڪپايا هوندا‪.‬‬ ‫جهڪي ويا هوندا‪ ،‬لکن‬ ‫ڪوڙين ڪنڌ ُ‬

‫تنهنجا ويڙهه ڏٺا جي هوندا‪ ،‬منهنجي هٿ ۾ منهنجي يارن‪،‬‬


‫وار ُسڪايا هوندا‪.‬‬
‫تو به ته ساهيڙين جي سامهون‪ ،‬پنهنجا َ‬

‫گهرج ’وفا‘ جي‪،‬‬‫پنهنجي سورهين سالگرهه تي‪ ،‬توکي ڪهڙي ُ‬


‫تووٽ لک مون جهڙا ايندا‪ ،‬لک مون پارا آيا هوندا‪.‬‬

‫‪Ó‬‬
‫‪51‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫رخسارن کي ڏاڙهون چئبو‪ ،‬اکيون ڀي پيمانا چئبا‪،‬‬
‫جيتر ساه ُه سريَء ۾ آهي‪ ،‬تنهنجا ئي افسانا چئبا‪.‬‬

‫اوتي ڪو نه سگهيا جي ڪنهن جي خشڪ نڙيَء ۾ پيار جو پاڻي‪،‬‬


‫کوکِليون سي دليون سڏبيون سي َم َن ڪانگڙ ڪانا چئبا‪.‬‬

‫تنهنجي جسم جي گرمائش تي‪ ،‬بڻجي ميڻ رجي ويا آهن‪،‬‬


‫ُکٽڪا ڀي ڪي َچريا آهن‪ ،‬جذبا ڀي ديوانا چئبا‪.‬‬

‫َجن ۾ لڙڪ نه آهن منهنجا‪َ ،‬جن ۾ تنهنجا ٽهڪ نه آهن‪،‬‬


‫سي دريا ڀي آهن رڻ پٽ‪ ،‬سي گلشن ويرانا چئبا‪.‬‬

‫ميڻ بتي جيان رات سموري هيکل رجندي رهندي آهين‪،‬‬


‫تنهنجي ڳوٺ جا ڳاهڙا ڳڀرو ڀي ڪوڙا پروانا چئبا!‬

‫‪Ó‬‬
‫‪52‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جيسين جڳ ۾ جيئرا رهندا‪ ،‬تو مون جهڙا ماڻهو‪،‬‬
‫محمل محمل ماڻهو هوندا‪ ،‬صحرا صحرا ماڻهو‪.‬‬

‫ڪچيَء ڀت سان ٽيڪ ڏئي اي! ُرئندڙ ڦوهه – جواني‪،‬‬


‫توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو‪.‬‬

‫مون کي راڻو چوندا توکي منهنجي مومل‪،‬‬


‫تنهنجي منهنجي ڳوٺ جا آهن ڏاڍا چريا ماڻهو‪.‬‬

‫ُرڃ سان ڪاٿي ُاڃ لهي ٿي خشڪ چپن جي پيارا!‬


‫توسان ڪهڙا درد ونڊيندا‪ ،‬پاڇا پاڇا ماڻهو‪.‬‬

‫ُروپ جواني‪ ،‬اڻ – جهل جذبا‪ ،‬سانوڻ جون برساتيون‪،‬‬


‫پٿر پٿر ماڻهو آهن‪ ،‬تنها تنها ماڻهو!‬

‫مان سڀ ڪجهه سمجهان – ڄاڻان‪ ،‬تون ڀي ٻار نه آهين‪،‬‬


‫ڪيڏا بي ِحس آهن تنهنجي‪ ،‬منهنجي گهر جا ماڻهو‪.‬‬

‫ُ‬
‫ڪاڪل‪،‬‬ ‫رات پکيڙي ڇڏيا آهن‪ ،‬تاج محل تي‬ ‫ِ‬
‫ڪارا ڪارا ُبرقعا آهن‪ ،‬ڀورا ڀورا ماڻهو‪.‬‬

‫نيڻ شرابي‪ ،‬مست جوانيون‪ ،‬انگ انگ ۾ خوشبو‪،‬‬


‫ڪنهنجي ڪنهنجي ڀاڳ ۾ هوندا‪ ،‬اهڙا سهڻا ماڻهو‪.‬‬
‫‪53‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ساري پاڙي جي سهيلي آهي‪،‬‬
‫تنهنجي دل پو به اڪيلي آهي‪.‬‬

‫منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو‪،‬‬


‫اک ڄڻ ته ُگليلي آهي‪.‬‬
‫تنهنجي ِ‬

‫وس ڪهڙو؟‬‫منهنجي ڳوڙهن جو ڀال ُ‬


‫تنهنجي ڇاتِي ئي ٿريلي آهي‪.‬‬

‫روز ُلٽجن ٿيون نيون اميدون‪،‬‬


‫دل وڏيري جي حويلي آهي‪.‬‬

‫آٌء حاالت جي ُمنهن ۾ آهيان‪،‬‬


‫شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي‪.‬‬

‫َ‬
‫ڳوٺ جنهن ۾ تون رهين ٿو‪ ،‬هي ’وفا‘‪-‬‬
‫ان سڄي ڳوٺ جو ٻيلي آهي‪.‬‬
‫‪54‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مان ۽ اوسيئڙا‪ ،‬سائين!‬
‫تنهنجي دل منهنجا سائين!‬

‫دنيا‪ ،‬دنيا ٿي ويندي‪،‬‬


‫دنيا‪ ،‬دنيا آ سائين!‬

‫بر‪-‬ٿر‪ ،‬جل – ٿل نيٺ ڪندا‪،‬‬


‫اکين جا دريا سائين!‬

‫سياڻو ٿي‪ُ ،‬مشڪل ملندِء –‬


‫مون جهڙا َچريا‪ ،‬سائين!‬

‫کِ ُل نه‪ ،‬اڃا تازا آهن‪،‬‬


‫زخمن جا ٽاڪا‪ ،‬سائين!‬

‫نظرن سان نيالم نه ڪر‪،‬‬


‫دلين جا سودا سائين!‬

‫اڇلي ڇڏيا راهبرن‪،‬‬


‫رستن تي ڪاوا‪ ،‬سائين!‬

‫سنڌڙيَء کان سستا آهن‪،‬‬


‫سوريَء جا جهٽڪا‪ ،‬سائين!‬

‫‪ó‬‬
‫‪55‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سنڌڙيَء ُس َ‬
‫ور اِالهي ڙي!‬
‫ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي!‬

‫ڪاٿي منزل‪ ،‬ڪاٿي ماڳ‪،‬‬


‫ڪاٿي پٽبي ساهي ڙي!‬

‫شينهن وانگر جاڳي پيا‪،‬‬


‫ِ‬
‫ِسنڌڙي تنهنجا واهي ڙي!‬

‫گوڏا کوڙي ڪيئن ِوهندا‪،‬‬


‫هر منزل جا راهي ڙي!‬

‫دنيا! پنهنجو ڪوڙ سنڀال‪،‬‬


‫پنهنجو ورثو ڦاهي ڙي!‬

‫جاڳو‪ ،‬ٻيلي ُمڙس ٿيو‪،‬‬


‫مانجهي‪ ،‬پانڌي‪ ،‬گاهي ڙي!‬

‫ڪونه ڇڏيندو ُ‬
‫سنڌ ’وفا‘‪،‬‬
‫ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!‬

‫‪ó‬‬
‫‪56‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڀيليو ڇو ٿا گاه ُه ته ناهيان!‬
‫نرم سهي‪ ،‬بي ساهه ته ناهيان‪.‬‬

‫ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مون کان‪،‬‬


‫دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان‪.‬‬

‫نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان‪،‬‬


‫آدم هان‪ ،‬اهلل ته ناهيان‪،‬‬

‫قيد ٿيان سوني پڃري ۾!‬


‫لوڀيَء جو ويساهه ته ناهيان‪.‬‬

‫ڇو ٿا مون کي ڦاسيَء چاڙهيو‪،‬‬


‫ايڏو حق – آگاهه ته ناهيان‪.‬‬

‫منهنجو مذهب پيار‪ ،‬محبت‪،‬‬


‫ڏسجو‪ :‬مان گمراهه ته ناهيان!؟‬

‫آکيرن مان ساسي ٽاهيان‪،‬‬


‫مان ماريَء جو ٽاهه ته ناهيان‪.‬‬

‫نوٽن تي ڪيئن نينهن نچايان‪،‬‬


‫مان نچڻيَء جو چاهه ته ناهيان‪.‬‬

‫ڪيئن آباد ڪيان ٿر‪ ،‬ڪاڇو‪،‬‬


‫آٌء ’وفا‘! درياهه ته ناهيان‪.‬‬
‫‪57‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪير ُمئو تلوار کي ڇاهي‪،‬‬
‫ڪير بچو‪ ،‬سرڪار کي ڇاهي!‬

‫ُ‬
‫حرف مسيحائيَء تي ايندو‪،‬‬
‫صدين جي بيمار کي ڇاهي!‬

‫َ‬
‫ڪانگ اڏائيندين پيو‪،‬‬ ‫تون ئي‬
‫پرديسيَء جي پيار کي ڇاهي!‬

‫دوزخ ۾ ڀي ماڻهو آهن‪،‬‬


‫جنت جي ٿڌڪار کي ڇاهي!‬

‫جهڙي مومل‪ ،‬تهڙي ُسومل‪،‬‬


‫هرجائيَء جي پيار کي ڇاهي!‬

‫گهاڻو‪ ،‬آرو‪ ،‬ڦاسي‪ ،‬گولي‪،‬‬


‫ظالم جي معيار کي ڇاهي!‬

‫صرف ’وفا‘ گهرجي چاهت کي‪،‬‬


‫ڪردار کي ڇاهي!‬
‫ورنه ڪنهن ِ‬

‫‪ó‬‬
‫‪58‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سڄي جهان جا جهندا کڻي بلند هئا‪.‬‬
‫مگر صلب تي تنهنجا نيازمند هئا!‬

‫ڪ ننڊ پئي‪،‬‬‫هڻي ويو هو نڙيَء ۾ ڪو َچ ُ‬


‫اکيون ُکليون ته ڏٺم دوستيَء جا ڏند هئا!‬

‫سگهيس ڇڏائي نه ڪنڊن کان پنهنجي دامن کي‪،‬‬


‫ُگلن جا رنگ مون کي ڪاٿي ناپسند هئا‪.‬‬

‫اسان جو عشق ته چريو هو‪ ،‬ٿي ويو برباد‪،‬‬


‫اوهان جي ُحسن جا جلوا ته هوشمند هئا‪.‬‬

‫ڪيائون دشمني‪ ،‬پر دوستي جي پردي ۾‪،‬‬


‫عجيب قسم جا يارن جا ڦير – ڦند هئا‪.‬‬

‫سمورو شهر ُرنو ٿي ُاداس سانوڻ جان‪،‬‬


‫بار لڙڪ انهن ۾ ’وفا‘! ڪي چند هئا!‬‫نِ ُ‬
‫)‪(1‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪59‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪(1‬‬
‫نِبار‪ :‬خالص‪ ،‬نج‬
‫‪ó‬‬
‫اک ُ‬
‫نير وهائي دل ۾‪،‬‬ ‫اک ِ‬
‫ِ‬
‫هٿ سان باهه لڳائي دل ۾‪.‬‬

‫ُ‬
‫اعالن ڦري ويو‪،‬‬ ‫هر پاسي‬
‫هر ڪوئي ڳالهائي دل ۾‪.‬‬

‫چپ ڀڪوڙي ويهون‪،‬‬ ‫ڪيسين َ‬


‫دل جو درد دٻائي دل ۾‪.‬‬

‫سچ جا ٻول چپن تي آڻي‪،‬‬


‫دل ويٺي پڇتائي دل ۾‪.‬‬

‫تو ۾ ُ‬
‫پاڻ لڪائڻ وارو‪،‬‬
‫توکي ڪيئن لڪائي دل ۾!‬

‫هر گهر – ٻار ’وفا‘ جو آهي‪،‬‬


‫دنيا ُڌوڙ نه پائي دل ۾!‬
‫‪ó‬‬
‫‪60‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هڻ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين‪،‬‬‫َپ ُ‬
‫ُرٺل محبوب پرچائي ڇڏيوسين‪.‬‬

‫َ‬
‫ڇانو خاطر‪،‬‬ ‫ُ‬
‫ڪاڪلن جي‬ ‫اوهان جي‬
‫سڄي جنت کي ٺڪرائي ڇڏيوسين‪،‬‬

‫وري پيتوسي قاتل زهر ُم ِ‬


‫رڪي‪،‬‬
‫وري ِرندن کي شرمائي ڇڏيوسين‪.‬‬

‫ائين سمجهي ته دنيا خواب آهي‪،‬‬


‫تمنائن کي سرچائي ڇڏيوسين‪.‬‬

‫ِوساڻل مشعلن تي َر ُت روئي‪،‬‬


‫ڦِٽل ٿاڪن کي چمڪائي ڇڏيوسين‪.‬‬

‫انڌيرن ۾ کِڙياسين َچند بنجي‪،‬‬


‫ِچ ُٻن‪َ ،‬چمڙن کي چيڙائي ڇڏيوسين‪.‬‬

‫سندس بي هوش رخسارن تي روئي‪،‬‬


‫ُس َتل جذبن کي جاڳائي ڇڏيوسين‪.‬‬

‫’وفا‘! سوريَء گهڻو نڙگهٽ ُ‬


‫نپوڙيو‪،‬‬
‫جمالو پوِء ڀي ڳائي ڇڏيوسين!‬
‫‪ó‬‬
‫‪61‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا‪،‬‬
‫سفر ۾ اِهي ئي نظارا هئا‪.‬‬

‫ڇو ٻيڙيَء کي چاڙهي ڇڏيئه ِسيرتي‪،‬‬


‫جڏهن تنهنجي وس ۾ ڪنارا هئا‪.‬‬

‫ٻيا ڀي ته ُٻوڙا هئا جهنگ ۾‪،‬‬


‫رڳو ڇو َاڪن تي ئي پارا هئا!‬

‫ويا دل جي چشمي ڏي ڳوڙها لڙي‪،‬‬


‫اکين جا سڀئي کوه َه کارا هئا‪.‬‬

‫جڏهن تنهنجي چوٽيَء مٿي َ‬


‫ڪ ُر کنيو‪،‬‬
‫نه جوڳي هئا ۽ نه ڍارا هئا‪.‬‬

‫ُٻڏي وئي جو ڪشتي ته ظاهر ٿيو‪،‬‬


‫’وفا‘! ُ‬
‫ڪن ۾ ڀي ڪنارا هئا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪62‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ِڳٽي ِڳٽي سان ُم َن َور َدري َدري آهي‪،‬‬
‫گِهٽيَء گِهٽيَء جي فضا ”طور“ جان ٻري آهي‪.‬‬

‫سخيَء سخيَء جي اکين تي چڙهي ويا پردا‪.‬‬


‫گداگرن جي اگهاڙي تري تري آهي‪.‬‬

‫تالش ڪيئن ڪجي جادوئي چراغ جڏهن –‬


‫ديو َچئي ۾‪ ،‬نه ڪا پري آهي‪.‬‬
‫نه ڪوئي ُ‬

‫َلڏيا وڃن ٿا سڀئي آسمان تي شايد‪،‬‬


‫سڄي جهان جي مِٽي َڀري َڀري آهي‪.‬‬

‫مري ويو نه هجي موت جو فرشتو ڀي‪،‬‬


‫سمورو عرش ُرلي زندگي وري آهي‪.‬‬

‫سڄي جهان تي حاوي آ تنهنجي پيار جو غم‪،‬‬


‫نه ڪوئي جهول سالمت‪ ،‬نه اک َبري آهي‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ڪئي دفعا مون ’وفا‘! هٿ وجهي ڏٺو آهي‪،‬‬


‫ُخدا جو ُڳجهه به ماڻهو جي کوپري آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪63‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ٽيڪي ٽيڪي تي ڏيئا ٻري ويا‪،‬‬
‫هر اڱڻ تان انڌيرا ٽري ويا‪.‬‬

‫غازي غازيَء کي انصاف آهي‪،‬‬


‫پر‪ ،‬شهيدن جا الشا ڳري ويا‪.‬‬

‫ڇو ٿا قبرن تي ڳوڙها وهايو‪،‬‬


‫جن کي جيئڻو نه هو‪ ،‬سي مري ويا‪.‬‬

‫منهنجا ڳوڙها ته سر کان تتل ها‪،‬‬


‫تنهنجا رخسار ڇا لئه ٺري ويا؟‬

‫ِڏس ’وفا‘! ساه ُه ڪيڏو مٺو آ‪،‬‬


‫ٿر جا ماڻو به دريا تري ويا!‬
‫‪ó‬‬
‫‪64‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تڪڙي تڪڙي َ‬
‫وک کڻي ٿي دنيا‪،‬‬
‫شايد پنهنجا ساه َه ڳڻي ٿي دنيا‪.‬‬

‫سانوڻ جي برسات وسن ٿا ٽانڊا‪.‬‬


‫ڇاڻيون ٿا انسان‪ ،‬ڇڻي ٿي دنيا‪.‬‬

‫مانڊو آهيان‪ ،‬ڏند ڀڃڻ ڄاڻان ٿو‪،‬‬


‫ورنه ڏاڍا ڏنگ هڻي ٿي دنيا‪.‬‬

‫هاڻي ٻڏڻو – ترڻو توکي پوندو‪،‬‬


‫مون کي ڀي ميهار! وڻي ٿي دنيا‪.‬‬

‫پيرن ۾ زنجير هٿن تي مينديون‪،‬‬


‫ڪهڙي ُجڳ جا َ‬
‫ٻار ڄڻي ٿي دنيا‪.‬‬

‫ُ‬
‫شاعر‪،‬‬ ‫سچ چوي ٿو‪ ،‬سچ چوي ٿو‬‫ُ‬
‫ڪوڙ هڻي ٿي‪ُ ،‬‬
‫ڪوڙ هڻي ٿي دنيا‪.‬‬ ‫ُ‬
‫‪ó‬‬
‫‪65‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پنهنجي َ‬
‫وس ۾ جڏهن حيات هئي‪،‬‬
‫توکي هر موت کان نجات هئي‪.‬‬

‫ڏينهن جو ڀي نه ڪير ڏسندو هو‪،‬‬


‫جنهن زماني ۾ تنهنجي رات هئي‪.‬‬

‫هر گريبان ۾ ُمنهن وجهي ڏٺم‪،‬‬


‫سيني سيني ۾ تنهنجي ذات هئي‪.‬‬

‫هر طرف بي شمار الشا ها‪،‬‬


‫جنگ ۾ جيت هئي نه مات هئي‪.‬‬

‫ڪري هو ُحسين کي پاڻي‪،‬‬


‫)‪(1‬‬
‫ها‪ِ ،‬‬
‫ورنه سڏ پنڌ تي فرات هئي‪.‬‬

‫جي ’وفا‘! پيار ڪو نه پهچي ها‪،‬‬


‫سخت مشڪل ۾ منهنجي ڏات هئي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪66‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫َڏ َن – ُڌٻڻ ۾ پئي گچي دنيا‪،‬‬
‫ڪچي دنيا‪.‬‬
‫ِ‬ ‫عاشقيَء ۾ لڳي‬

‫جيڪڏهن عرش تي ُسڪون ُهيو‪،‬‬


‫ڪري پٽ تي اچي دنيا؟‬
‫ڇو‪ِ ،‬‬

‫ُ‬
‫ڪوڙ جي ڌوڙ سان نچڻ وارا!‬
‫توسان مشڪل ڪري سچي دنيا‪.‬‬

‫وقت ڀي ُپل صراط آ شايد‪،‬‬


‫بچي دنيا‪.‬‬
‫وک کڻي ٿي ِ‬

‫منهنجي آڏو ته تنهنجو پردو هو‪،‬‬


‫بچي دنيا!؟‬ ‫ُ‬
‫تنهنجي نظرن کان ڪيئن ِ‬

‫چيڪلي جان ڦِرڻ لڳو ماڻهو‪،‬‬


‫نچي دنيا‪.‬‬
‫ايتري زور سان ِ‬
‫‪ó‬‬
‫‪67‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َا ُڌ جوابن ۾‪ ،‬اڌ سوالن ۾‪،‬‬
‫ُ‬ ‫َ‬
‫رات گذري پري جمالن ۾‪.‬‬

‫جو به پيئندو ويو سو جيئندو ويو‪،‬‬


‫ڇا هيو زهر جي پيالن ۾؟‬

‫پاڻ کي ڀي ڏسي نه ٿو سگهجي‪،‬‬


‫وصل جي رات جي اجالن ۾‪.‬‬

‫سج تپندا رهيا اميدن جا‪،‬‬


‫عمر ڳرندي رهي ڪشالن ۾‪.‬‬

‫ونڊ ۽ ورڇ کان سواِء ڇاهي‪،‬‬


‫مذهبن‪ ،‬ذاتين ۽ نالن ۾!‬

‫پاڪ ڇاهي‪ ،‬پليت ڇا آهي‪،‬‬


‫ڪير آڻي شعور ٻالن ۾‪.‬‬

‫هڪ ئي مشعل جي روشني آهي‪،‬‬


‫مسجدن‪ ،‬مندرن‪ ،‬شوالن ۾‪.‬‬

‫ڪو حقيقت جيان رهي ٿو ’وفا‘!‬


‫منهنجي خوابن ۾ ۽ خيالن ۾‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪68‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ساري جڳ تي بار وفا!‬
‫ڪيڏو ڳورو پيار وفا!‬

‫پار ڪرين؟‬
‫تون ڇا ٿو هِن ِ‬
‫يار وسي ُهن پار وفا!‬
‫ُ‬

‫شاعر ڪنهن سان ُ‬


‫پيار ڪري؟‬
‫ماڻهو دنيادار وفا!‬

‫جان ُڇٽي وئي اوندهه کان‪،‬‬


‫ِ‬
‫چمڪيو هر رخسار وفا!‬

‫ڏيئا ٻاري ُلڙڪن جا!‬


‫دل ڳولي ڪو يار وفا!‬

‫ڏاڪڻ جي هر ڏاڪي تان‪،‬‬


‫ُمرڪن جو وسڪار وفا!‬

‫ساهه ُسڪي ويو اکين جو‪،‬‬


‫دل جو دريا تار ’وفا‘!‬
‫‪ó‬‬
‫‪69‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تون کڻي سون ٿي پوين هاڻي‪،‬‬
‫توتي دل اعتبار شل آڻي!‬

‫سچ کي چار چنڊ الئي ڇڏيا‪،‬‬


‫ڪرٽ‪ ،‬سوري‪ ،‬صليب ۽ گهاڻي‪.‬‬

‫هر تمنا جو ماحصل تون آن‪،‬‬


‫مون ڏٺي آهه دل ڇنڊي ڇاڻي‪.‬‬

‫ڪوئي کائي مئو‪ ،‬ڪو بک ُمئو‪،‬‬


‫قهر هر روپ ۾ ڪيو ناڻي‪.‬‬

‫سج لهندي ڏسي اميدن جو‪،‬‬


‫ڪو سمهي پيو ’وفا‘! سنجهي ٽاڻي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪70‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُسرخ جلوا ڏسي ڪنوار جا‪.‬‬
‫هوش ڳيرن جان اڏري ويا‪.‬‬

‫مون سان گڏ تون ڇو روئي پئين‪،‬‬


‫ايترا لڙڪ ڪاڏي ڪبا؟‬

‫ٿي سگهي ٿو مري ويو هجين‪،‬‬


‫ُ‬
‫ڪانگ تو ڏانهن اڏرن نه ٿا!‬

‫مان ائين تو ۾ موجود هان‪،‬‬


‫جيئن لفظن ۾ معنى! مٺا!‬

‫جو اچي ٿو‪َ ،‬مري ٿو وڃي‪،‬‬


‫تنهنجي ڀاڪر ۾ ڇاهي ’وفا‘!؟‬
‫‪ó‬‬
‫‪71‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مون خود سان ٿي پيار ڪيو‪،‬‬
‫تنهنجو صرف بهانو هو‪.‬‬

‫آزاديَء جو متوالو‪،‬‬
‫ِپڃري سوڌو اڏري ويو‪.‬‬

‫َاڪ جي ماکي ناهي ُ‬


‫پيار‪،‬‬
‫امرت پياريو‪ُ ،‬‬
‫زهر پيو!‬

‫ٻڪري‪ ،‬شينهن اڃايل ٻئي‪،‬‬


‫پاڻي پي انصاف ويو‪.‬‬

‫توکي ڪيئن تالشي ڪو‪،‬‬


‫هر ماڻهو آ تو جهڙو‪.‬‬

‫ِڌڪو مون تي‪َ ،‬ملهه ِوڙهو‪،‬‬


‫واهه! جو تو انصاف ڪيو!‬

‫جنگ وسائي ڌوڙ ’وفا‘!‬


‫امن سمورو لٽجي ويو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪72‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر تمنا کي ماري ڇڏيو مون‪،‬‬
‫زندگي کي وساري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫تو اڱڻ تي جڏهن پير پاتو‪.‬‬


‫ماڻهو – ماڻهو ُاٿاري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫جاڳ هاڻي ته قسمت جا تارا!‬


‫چنڊ کي ڀي سمهاري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫بس اهو وقت ئي زندگي هو‪،‬‬


‫جيڪو توسان گذاري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫تنهنجو نالو نه ايندو چپن تي‪،‬‬


‫تنهنجو کاتو ئي واري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫اچ اکين جي پرن ساڻ اڏري‪،‬‬


‫دل جو پڃرو سنواري ڇڏيو مون‪.‬‬
‫‪73‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫مان ُٻڏي ويس ته پرواهه ناهي‪،‬‬


‫تنهنجو ٻيڙو ته تاري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫زندگيَء جي اڃايل نڙيَء ۾‪،‬‬


‫موت جو زهر هاري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫ُمنهن ڏئي بحر جي ُمشڪلن سان‪،‬‬


‫پيار کي پار ُاڪاري ڇڏيو مون‪.‬‬

‫ٿي ’وفا‘! بي وفا سان نباهي‪،‬‬


‫نينهن نئين – سر اجاري ڇڏيو مون‪.‬‬
‫‪ó‬‬

‫َبري‪ :‬آزاد‬ ‫)‪(1‬‬

‫)‪(1‬‬
‫ڪري‪ :‬پرهيز‪ ،‬جهليل‪ ،‬منع ڪيل يا ٿيل‬‫ِ‬
‫‪74‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مون کي ٻوڙي نه تارجان هاڻي‪،‬‬
‫يعني ٻيهر نه مارجان هاڻي‪.‬‬

‫منهنجي لڙڪن سان پنهنجي مرڪن سان‪،‬‬


‫نوجواني گذارجان هاڻي‪.‬‬

‫جسم جا گل ڇڻي ويئه سارا‪،‬‬


‫روح جا ڦٽ ٻهارجان هاڻي‪.‬‬

‫منهنجون راهون ُرلي ويون آهن‪،‬‬


‫پنهنجون راهون نهارجان هاڻي‪.‬‬

‫ڪو نه تو وٽ وري ’وفا‘ ايندو‪،‬‬


‫کيس خوابن ۾ سارجان هاڻي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪75‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُ‬
‫چين سزا وانگر‪،‬‬ ‫ڪو‬
‫ڪو ُ‬
‫درد دوا وانگر‪.‬‬

‫مان تنهنجي بقا وانگر‪،‬‬


‫تون منهنجي فنا وانگر‪.‬‬

‫ميالپ کان اڳ وڇڙڻ‪،‬‬


‫بي جرم سزا وانگر‪.‬‬

‫مطلب جي محبت آ‪،‬‬


‫بي فيض دعا وانگر‪.‬‬

‫چاهت کان سوا رشتو‪،‬‬


‫بي رنگ حنا وانگر‪.‬‬

‫تنهائيَء ۾ ُ‬
‫ساروڻي‪،‬‬
‫ڪاڙهي ۾ هوا وانگر‪.‬‬

‫هر سوچ منافق جي‪،‬‬


‫ُجوتي ۾ بال وانگر‪.‬‬
‫‪76‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڪافر ٿو ٿيان شايد‪،‬‬


‫ڪو شخص خدا وانگر‪.‬‬

‫برسيو هان سرابن تي‪،‬‬


‫سانوڻ جي گهٽا وانگر‪.‬‬

‫گلشن ۾ ’وفا‘ آهي‪،‬‬


‫صحرا ۾ صدا وانگر‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪77‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جا به مون شاعري ڪئي آهي‪،‬‬
‫حق ۽ َ‬
‫سچ جي چئي آهي‪.‬‬ ‫َ‬

‫ڪيترا قافال لنگهيا هوندا‪،‬‬


‫سينڌ تنهنجي رئي رئي آهي‪.‬‬

‫دل جڏهن کان شڪست کاڌي آ‪،‬‬


‫هر تمنا مري وئي آهي‪.‬‬

‫ُلڙڪ َڦٿڪن پيا چڻن وانگر‪،‬‬


‫خسار يا َتئي آهي‪.‬‬
‫ُ‬ ‫تنهنجو ُر‬

‫ايترو پيار ٿو ڪيان توسان‪،‬‬


‫جيتري جهنگ ۾ لئي آهي‪.‬‬

‫هر َٿڪل ۽ ُٽٽل اميد ’وفا‘!‬


‫دل جي دڳ تي ڊٿي پئي آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪78‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مان توکان ايترو مايوس آهيان‪،‬‬
‫لڳي ڪاراڻ جيان چانڊاڻ پيارا!‬

‫اڃا جاڳن پيون گهر گهر جون بتيون‪،‬‬


‫ڪچهري ڪر‪ ،‬نه چادر تاڻ پيارا!‬

‫ڏئي ٿي باغ جي ُگل ُگل کي جيون‪،‬‬


‫سندِء الالڻ ۽ سرهاڻ پيارا!‬

‫َٻڌي گهنگهرو فرشتن کي ڇڏي ٿي‪،‬‬


‫رقاصه جي بدن جي ڄاڻ پيارا!‬

‫”وفا“! دنيا ته دنيا آههِ‪ ،‬ليڪن‪،‬‬


‫مون کي ڪنهن جي به ڪانهي ڪاڻ پيارا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪79‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪو سنگتي‪ ،‬ڪو يار نه آهي پنهنجو‪،‬‬
‫ڇا ڪريون سنسار نه آهي پنهنجو‪.‬‬

‫تنهنجي نفرت ساڻ محبت ڪريون‪.‬‬


‫گهٽ معيار نه آهي پنهنجو‪.‬‬
‫ِ‬ ‫ايڏو‬

‫ُلڙڪ ُرلن ٿا رولو ڪتن وانگر‪،‬‬


‫ڪوئي دعويدار نه آهي پنهنجو‪.‬‬

‫جنهن ۾ تنهنجي پيار جي خوشبو ناهي‪،‬‬


‫ڪو اهڙو شهڪار نه آهي پنهنجو‬

‫تنهنجي اک ۾ ُسرمي وانگر آهيون‪،‬‬


‫توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو‪.‬‬

‫هڪ پاسي سنسار ’وفا‘! ٻئي پاسي‪،‬‬


‫”اڪ جي ماکي“ پيار نه آهي پنهنجو‬
‫‪ó‬‬
‫‪80‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪجهه سوالن جيان‪ ،‬ڪجهه جوابن جيان‪،‬‬
‫زندگي آهه انگي حسابن جيان‪.‬‬

‫چشم ڪرم کان غضب ٿي ويو‪،‬‬‫ِ‬ ‫تنهنجي‬


‫راحتون ڀي لڳن ٿيون عذابن جيان‪.‬‬

‫منهنجا جذبا َا َلڙ پيئندڙن وانگيان‪،‬‬


‫تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان‪.‬‬

‫ُحسن وارن جا رنگين‪ ،‬ڪومل بدن‪،‬‬


‫عشقيه شاعريَء جي ڪتابن جيان‪.‬‬

‫ُلڙڪ بڻجي ُاڃايل ُاميدون وريون‪،‬‬


‫دل جا چشما لڳا جو سرابن جيان‪.‬‬

‫منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت ’وفا‘!‬


‫ُهن جون ُمرڪون سياسي خطابن جيان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪81‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُزلف ۽ رخسار ۾ دل لڳي ٿي ٿئي‪،‬‬
‫تِيرگي ٿي ٿئي‪ ،‬روشني ٿي ٿئي‪.‬‬

‫نيڻ پيرن مٿان‪َ ،‬‬


‫پير نيڻن مٿان‪،‬‬
‫حسن ۽ عشق ۾ دوستي ٿي ٿئي‪.‬‬

‫ڪيڏو مجبور آهيان مان حاالت کان‪،‬‬


‫توکان وڇڙڻ تي مون کي خوشي ٿي ٿئي‪.‬‬

‫دل ُ‬
‫جهڪڻ کان سواِء ڪيئن ٿا َسجدا لڳن‪،‬‬
‫صرف نِوڙت ڪٿي بندگي ٿي ٿئي‪.‬‬ ‫ِ‬

‫زهر قاتل پيون‪ ،‬پوِء ڀي ٿا ِج ُيون‪،‬‬


‫حوصلن جي عجب زندگي ٿي ٿئي‪.‬‬

‫ُلڙڪ کي ُمرڪ سيکارڻي ٿي پوي‪،‬‬


‫اهڙي دنيا ’وفا‘ پيار جي ٿي ٿئي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪82‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫جسم شامي ڪبابن جيان‪،‬‬
‫ُروح ديسي شرابن جيان‪.‬‬

‫منهنجون اکيون سوالن جيان‪،‬‬


‫تنهنجا جلوا جوابن جيان‪.‬‬

‫ُمرڪ ُمند جي ُٻڌائي ڇڏي‪،‬‬


‫َڦٽ کِڙي پيا گالبن جيان‪.‬‬

‫الفتن تي وسن نفرتون‪،‬‬


‫آسماني عذابن جيان‪.‬‬

‫نيڻ‪َ ،‬چپ‪ُ ،‬زلف ۽ انگ انگ‪،‬‬


‫موسمي انقالبن جيان‪.‬‬

‫پيار جو ڀي ’وفا‘! درس آ‪،‬‬


‫آسماني ڪتابن جيان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪83‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پاڻ روئي‪ ،‬مون کي کِالئي ِپي‪،‬‬
‫پنهنجو احساس آزمائي ِپي‪.‬‬

‫نانگ ناهي شراب ُگل آهي‪،‬‬


‫ُزلف ُرخسار تان َهٽائي ِپي‪.‬‬

‫مئڪدو َمسخرن جو گهر ناهي‪،‬‬


‫مئه ۾ سنجيدگي مالئي ِپي‪.‬‬

‫مئڪشي ڪو ُگناهه‪ ،‬جرم نه آ‪،‬‬


‫شهر‪ ،‬واهڻ پڙهو گهمائي پِي‪.‬‬

‫جي اسان سان مقابلو چاهين‪،‬‬


‫پنهنجي جيون کان موڪالئي ِپي‪.‬‬

‫اجنبي هٿ‪ ،‬تعارفي ساغر‪،‬‬


‫پنهنجي باري ۾ ڪجهه ُٻڌائي ِپي‪.‬‬

‫قتل کان وڌ پيئڻ آ ُجرم هتي‪،‬‬


‫پاڻ کان ڀي ’وفا‘! لِڪائي ِپي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪84‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫توکان وڇڙڻ محال آ پيارا‪،‬‬
‫زندگيَء جو سوال آ پيارا!‬

‫هر تمنا کڻي وئي ِديرو‪،‬‬


‫نوجواني پالل آ پيارا!‬

‫تون ٻئي جو خيال‪ ،‬مان تنهنجو‪،‬‬


‫پنهنجو پنهنجو خيال آ پيارا!‬

‫حسن فاني ۽ عشق الفاني‪،‬‬


‫نظريو الزوال آ پيارا!‬

‫آهه هر سوچ تشنهِء تڪميل‪،‬‬


‫هي دماغن جو حال آ پيارا!‬

‫اڏرندو ٿو وتي پرن کان سواِء‪،‬‬


‫هي ’وفا‘ جو ڪمال آ پيارا!‬

‫‪ó‬‬
‫‪85‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪنهن جي نفرت جان‪ ،‬نه ڪنهن جي پيار جان‪،‬‬
‫زندگي آهي حرامي ٻار جان‪.‬‬

‫دل کي دنيا جي نگاهن سان نه ڏس‪،‬‬


‫حس ناهه هِن سنسار جان‪.‬‬
‫پيار بي ِ‬

‫تون ته سهڻي ٿي ترڻ چاهين ٿي‪ ،‬پر –‬


‫مان نه ٿو ڄاڻان ٻڏڻ ميهار جان‪.‬‬

‫موت جي بستر تي هر آشا ُستل‪،‬‬


‫زندگي گذري ٿي هڪ بيمار جان‪.‬‬

‫ائن ڪڍي محفل منجهان اڇلي ڇڏيئه‪،‬‬


‫ڄڻ هيس مان ڪو مکڻ ۾ وار جان‪.‬‬

‫رنگ ۽ خوشبو سان هِي رانديون ’وفا‘!‬


‫روز و شب گذرن پيا گلزار جان‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪86‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫آدمي آدميَء جو پاس آهي‪،‬‬
‫عشق انسانيت شنانس آهي‪.‬‬

‫ڏينهن گذرن نه ٿا‪ ،‬گذاريون ٿا‪،‬‬


‫زندگي ناهي‪ ،‬وقت پاس آهي‪.‬‬

‫ُمند مهڪي ٿي نوجوانيَء جي‪،‬‬


‫هر طرف جي هوا ۾ واس آهي‪.‬‬

‫تنهنجي وڇڙڻ جي دئونس جو سوڳنڌ‪،‬‬


‫اڄ سڄو مئڪدو گالس آهي‪.‬‬

‫َ‬
‫عقل تنهنجي تي آ پيل َپردو‪،‬‬
‫تنهنجي هر سوچ بي لباس آهي‪.‬‬

‫جسم جي ڪال – ڪوٺڙيَء ۾ ’وفا‘!‬


‫روح قيديَء جيان ُاداس آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪87‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان‪،‬‬
‫زندگي! تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان‪.‬‬

‫پنهنجي ُهوندي‪ ،‬تنهنجي چاهت ۾ چريو‪،‬‬


‫ڄڻ امانت ۾ خيانت ٿو ڪيان‪.‬‬

‫جڳ الئه ڇو مون کان نفرت ٿو ڪري؟‬


‫مان ته سڀ ڪنهن سان محبت ٿو ڪيان‪.‬‬

‫مختلف چهرن تي اڇالئي اکيون‪.‬‬


‫ُتنهنجي چهري جي شڪايت ٿو ڪيان‪.‬‬

‫ُ‬
‫پيار پهچي ويو ’وفا‘! معراج تي‪،‬‬
‫هر طرف ساڳي زيارت ٿو ڪيان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪88‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ٽهڪي ٿو خون‪ ،‬باهه ٻري ٿي فرات ۾‪،‬‬
‫آهي اڃا ُحسين ڪوئي ُمشڪالت ۾‪.‬‬

‫ُ‬
‫سوڀن کي ِسر ڏيڻ جي ضرورت نه ٿي رهي‪،‬‬
‫اهڙي ته جيت آهي محبت جي مات ۾‪.‬‬

‫اِنسانيت جو ڪير ُاتي ُمنهن َمٿي ڪندو‪،‬‬


‫َو ِ‬
‫نڊجي وڃي ٿو پيا جتي ذات پات ۾‪.‬‬

‫ُاونداهين جي انڌ مان محسوس ٿو ٿئي‪،‬‬


‫شايد ڪڏهن ملي نه سگهون ”چنڊ – رات“ ۾‪.‬‬

‫هر روح جي رهاڻ آ پٿر جي ُمورتي‪،‬‬


‫ۡ‬
‫مشل رهي يقين خدا! تنهنجي ذات ۾‪.‬‬

‫گردش دوران بيهي رهي‪،‬‬


‫ِ‬ ‫ڪجهه وقت لئه ٿي‬
‫ڪيڏو سڪون آهه ’وفا‘! آپگهات ۾‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪89‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر دل ۾ روشن پيار‪ ،‬مگر ڪو ڄاڻي‪،‬‬
‫آ ماڻهو ماڻهو يار‪ ،‬مگر ڪو ڄاڻي!‬

‫ُڳجهه – ڳوه ُه چئو ٿا جنهن کي‪ ،‬سو هر دل جو‪،‬‬


‫آ اکين مان اظهار‪ ،‬مگر ڪو ڄاڻي‪.‬‬

‫ُهن ِ‬
‫پار الئه ڇا الِء وڃن ٿا ماڻهو؟‬
‫هِن پار وسي ٿو يار‪ ،‬مگر ڪو ڄاڻي‪.‬‬

‫هر ڪنهن کي سمجهڻ هڪجهڙو ناداني‪،‬‬


‫ُ‬
‫هسوار‪ ،‬مگر ڪو ڄاڻي‪.‬‬ ‫ڪو گهوڙو ڪو‬

‫ڪو ُگل‪ ،‬ڪو َپ ُن‪ ،‬ڪو ُٻور ’وفا‘! ڪو َ‬


‫ڪنڊو‪،‬‬
‫تون ِسر تا پا گلزار‪ ،‬مگر ڪو ڄاڻي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪90‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪڏهن تنهنجون‪ ،‬ڪڏهن پنهنجون ٻڌائي‪،‬‬
‫ڇڏيم هر رنگ جي محل مچائي‪.‬‬

‫مون کي تنهنجي بدن تي رحم آيو‪،‬‬


‫ڏٺم جنهن وقت تنهنجو ويس پائي‪.‬‬

‫بچائيندي زماني جي نظر کان‪،‬‬


‫ِويس وسري ڪٿي توکي لڪائي‪.‬‬

‫منزل مقصود آهيان‪،‬‬


‫ِ‬ ‫مان تنهنجي‬
‫ڏکيو ٿيندين مون کان دامن ڇڏائي‪.‬‬

‫وٺڻ لئه اِمتحان هر جوهريَء جو‪،‬‬


‫ڇڏيم ِهيرن کي پٿرن سان گڏائي‪.‬‬
‫ِ‬

‫رڳو مارڻ ’وفا‘! وحشانيت‪ ،‬پر‪،‬‬


‫جڏهن ڪنهن کي ڪوئي ماري مڃائي‪.‬‬
‫‪Ó‬‬
‫‪91‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ستم جهڙا ڪرم‪ ،‬افسوس آهي!‬


‫صنم! اهڙا قدم‪ ،‬افسوس آهي!‬

‫ُکٽي پيا تنهنجو اِستبداد لِکندي‪،‬‬


‫ُمسون ڪاڳر‪ ،‬قلم‪ ،‬افسوس آهي!‬

‫کِلڻ ُتهمت‪ُ ،‬رئڻ الزام وانگر‪،‬‬


‫ِڏسي ڪاتب جا ڪم‪ ،‬افسوس آهي!‬

‫هميشه کان‪ ،‬سياڻن سيبتن کان‪،‬‬


‫لٿا ِچرين جا چم‪ ،‬افسوس آهي‪.‬‬

‫ُکٽو ڇا‪ ،‬امن جو داڻو ۽ پاڻي!؟‬


‫رڳو برسن ٿا َبم‪ ،‬افسوس آهي!‬

‫’وفا‘! َڦڙڪن ٿا ناالئق هٿن ۾‪،‬‬


‫ُمحبت جا َعلم‪ ،‬افسوس آهي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪92‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫خالي گالس آهين‪،‬‬
‫ڪيڏو اداس آهين‪.‬‬

‫ايڏا لباس مون سان؟‬


‫ڪو بي لباس آهين!‬

‫مان بي زبان آهيان‪.‬‬


‫تون بي قياس آهين‪،‬‬

‫هر سوچ ٿئي گداگر‬


‫ڄڻ التماس آهين‪.‬‬

‫دل تي ضمير حاوي‪،‬‬


‫غيرت شناس آهين‪،‬‬

‫اچ وڃ ُ‬
‫ڪتن ِٻلن جي‪،‬‬
‫ُمردي جو ماس آهين‪.‬‬

‫جڳ! پيار ۽ ’وفا‘ لئه‪،‬‬


‫خوف ۽ هراس آهين‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪93‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫حيرت ۾ بسر آهي‪،‬‬
‫سوچن تي گذر آهي‪.‬‬

‫هر ُزلف ۾ ور آهي‪،‬‬


‫قِسمت ۾ چڪر آهي‪.‬‬

‫َ‬
‫گه ُر آهه يا َبر آهي‪،‬‬
‫پيش نظر آهي‪.‬‬‫ڪو ِ‬

‫احساس جي محرومي‪،‬‬
‫توهين بشر آهي‪.‬‬
‫ِ‬

‫اعجاز تصور جو‪،‬‬


‫ڪونهي ڪو‪ ،‬مگر آهي‪.‬‬

‫ُگل پوکي َپٽيم َ‬


‫ڪنڊا‪،‬‬
‫محنت جو ثمر آهي!‬

‫مان خانه بدوش آهيان‪،‬‬


‫هر شخص کي گهر آهي‪.‬‬

‫هر گام ’وفا‘! خطرو‪،‬‬


‫سنگين سفر آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪94‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬ ‫چ ُ‬
‫ت ائين آهه تنهنجي چڪر ۾‪،‬‬ ‫ِ‬
‫َ‬ ‫َ‬
‫جيئن ڪو فلس ِفي تفڪر ۾‪.‬‬

‫ُروح ۽ ِجسم پاش پاش آهن‪،‬‬


‫ٻن نگاهن جي سخت َ‬
‫ٽڪر ۾‪.‬‬

‫ُهو کِليو پئي مگر ُرئڻ جهڙو‪،‬‬


‫زهر جو ذائقو هو َش َ‬
‫ڪر ۾‪.‬‬

‫تِئن َبکي ٿو نقاب مان چهرو‪،‬‬


‫ِس ُج چمڪي ٿو جيئن َ‬
‫ڪ َ‬
‫ڪر ۾‪.‬‬

‫ُمختلف هر نشي جو ر ِد عمل‪،‬‬


‫ڪوئي پنڪيَء ۾ ڪوئي ڍڪر ۾‪.‬‬

‫فرق سمجهي وئي ُڇري به ’وفا‘!‬


‫ماُء جي مامتا ۽ َٻ َ‬
‫ڪ َر ۾‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪95‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر مڏيَء جو مال هو‪،‬‬
‫ايترو ڪنگال هو‪.‬‬

‫جيڪو سڀ ڪنهن سان وڙهيو‪،‬‬


‫منهنجو استحصال هو‪.‬‬

‫لي روئي پيو‪،‬‬ ‫ُ‬


‫هو کِ ِ‬
‫ُجرم جو اقبال هو‪.‬‬

‫تاج تائين ويو َرسي‪،‬‬


‫گودڙيَء جو لعل هو‪.‬‬

‫ڪنوار جو هٿ ڇا ُهيو‪،‬‬
‫ريشمي ُرومال هو‪.‬‬

‫نفرتون مِليون رڳو‪،‬‬


‫چاهتن جو ڪال هو‪.‬‬

‫ويو َوهي توسان ’وفا‘‪،‬‬


‫جهڙو ُهن جو حال هو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪96‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪيستائين پيا جلون؟‬
‫َه ُل ته پڪنڪ تي هلون!‬

‫حادثن ۾ مِشنري –‬
‫زندگي ٿِڙيل َ‬
‫ڪلون‪.‬‬

‫هر حقيقت کان فرار‪،‬‬


‫يعني‪ :‬فطرت کي َ‬
‫جهلون!‬

‫ُخشڪ – سالين جو قسم!‬


‫صرف َڀريون پيا ڍلون‪.‬‬

‫ت‪،‬‬
‫عشق آڏو‪ ،‬عقل ِڀ ِ‬
‫فيل سڀ سوچون‪ ،‬ٽلون‪.‬‬

‫ايئن مان پکڙيل ’وفا‘!‬


‫جيئن رستن تي َکلون‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪97‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پو کڻي رسوا هئو‪،‬‬
‫عشق ۾ يڪتا هئو‪.‬‬

‫وقت جان ويو منهن مٽي‪،‬‬


‫وقت جو درياهه هئو‪.‬‬

‫منهنجي رستي تان ٿِڙي‪،‬‬


‫ُهو رڳو رستا هئو‪.‬‬

‫ڪلهه وڃي ميلو ڏٺم؟‬


‫هر ڪوئي تنها هئو‪.‬‬

‫سيڻ گهوريا‪ ،‬سون تان‪،‬‬


‫دل نه هو‪ ،‬دنيا هئو‪.‬‬

‫ڪو نه ٿيو ڪؤنري ۾ َبند‬


‫ڄڻ ’وفا‘ دريا هئو‪،‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪98‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هِت ُهت پيار لڳين ٿو‪،‬‬
‫ڪاروبار لڳين هو‪.‬‬

‫طوطا چشم طبيعت‪،‬‬


‫پنهنجو پار لڳين ٿو‪.‬‬

‫ِوک ِوک آزاديَء جي‪،‬‬


‫خودمختار لڳين ٿو‪.‬‬

‫بالغ ٿي ويو آهين‪،‬‬


‫پر ڀي ٻار لڳين ٿو‪.‬‬

‫جسم بتيلي جهڙو‪.‬‬


‫ٻيڙو پار لڳين ٿو‪.‬‬

‫پيار خريدڻ وارا!‬


‫دنيادار لڳين ٿو!‬

‫َ‬
‫چنڊ! پرينَء جي سامهون‪،‬‬
‫ڪارونڀار لڳين ٿو‪.‬‬

‫حيرت آهه ’وفا‘ کي‪،‬‬


‫ُگل ٿي‪ ،‬خار لڳين ٿو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪99‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫وات کي لغام آ‪،‬‬
‫وقت کي سالم آ!‬

‫تنهنجو هي سخي بدن‪،‬‬


‫مئڪدي جو جام آ‪،‬‬

‫نانگ ڪو ڏنگي ويس‪،‬‬


‫ُگل سياهه – فام آ‪.‬‬

‫تالش روزگار!‬
‫ِ‬ ‫اي‬
‫اڄ ڪٿي قيام آ؟‬

‫عشق جي مقام سان‪،‬‬


‫ُحسن جو مقام آ‪.‬‬

‫تون ته ڇا‪’ ،‬وفا‘ سندِء –‬


‫قوم جو غالم آ!!‬

‫‪ó‬‬
‫‪100‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر طرف هڳاُء هو‪،‬‬
‫تڙ تي تڙ تالُء هو‪.‬‬

‫منهنجو موهه َم ُڻ هيو‪،‬‬


‫ُهن جو پيار پاُء هو‪.‬‬

‫جيئن اکين جا گز ُڇٽا‪،‬‬


‫جسم گهاُء گهاُء هو‪.‬‬

‫چشم مست کان سواِء‪،‬‬ ‫ِ‬


‫ٻيو سڄو ڀراُء هو‪.‬‬

‫ُحسن عِشق سنگسار‪،‬‬


‫شهر جو نياَء هو‪.‬‬

‫ُهن پئي نوٽ ُاڇليا‪،‬‬


‫منهنجو سر جو داُء هو‪.‬‬

‫ڇا به هو کڻي ’وفا‘‪،‬‬


‫درد جو ُاپاُء هو‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪101‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫وفا جي موٽ ۾ نفرت ملي آ‪،‬‬
‫عجب انسان جي عادت ملي آ‪،‬‬

‫جڏهن هر قسم جي تهمت ملي آ‪،‬‬


‫تڏهن ايڏي وڏي شهرت ملي آ‪.‬‬

‫مٺا! توسان رهي‪ ،‬احساس ٿئي ٿو‪،‬‬


‫جيئڻ لئه مختصر مدت مِلي آ‪.‬‬

‫مان ڪنهن پهلوَء کان ڀي تنها نه آهيان‪،‬‬


‫عجب جهڙي مون کي ُقربت ملي آ‪.‬‬

‫سدائين قافلن سان منزلن ۾‪،‬‬


‫اِها عادت‪ ،‬اها فطرت ملي آ‪.‬‬

‫مون کي پنهنجي به ڪا پرواهه ناهي‪،‬‬


‫جڏهن کان تو وٽان صحبت ملي آ‪.‬‬

‫’وفا‘! توکي جڏهن ڀي پرکيوسين‪،‬‬


‫ڪڏهن حيرت‪ ،‬ڪڏهن عِبرت ملي آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪102‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جي هر دل ۾ تنهنجو ديرو آهي‪،‬‬
‫ڪنهن ڪنهن من ۾ ڪوهه انڌيرو آهي!؟‬

‫ڳئون ۽ سوئر خالي پيٽ نه ڄاڻي‪،‬‬


‫ُبڇڙي ُبک لئه ڪانُء به ڳيرو آهي‪.‬‬

‫اهڙو ماڻهو آهه ُمنافق‪ ،‬جنهن جو –‬


‫ٻاهر ُاجرو‪َ ،‬اندر ميرو آهي‪.‬‬

‫گرم هٿن ۾ نرم وڃي ٿو ٿيندو‪،‬‬


‫جسم سندس‪ ،‬مکڻ جو ٽيرو آهي‪.‬‬

‫هر ِجرڳو ناڪام وڃي ٿو ٿيندو‪،‬‬


‫ُ‬
‫موت نِبيرو آهي‪.‬‬ ‫تنهنجو‪ ،‬منهنجو‬

‫وچ ۾ بيٺو آهيان جيئن هماال‪،‬‬


‫چوڌاري دشمن جو گهيرو آهي‪.‬‬

‫آهي فن دلگير ’وفا‘! صدين کان‪،‬‬


‫صدين کان فنڪار ڏکيرو آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪103‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫ڪنگ اڏري ويا‪،‬‬ ‫َهنجهه اڏري ويا‪،‬‬
‫رنگ ُاڏري ويا‪.‬‬
‫َ‬ ‫تنهنجي چاهت جا سڀ‬

‫ايڏو ُمنهنجن پرن منجهه پرواز هو‪،‬‬


‫مون سان گڏ ڪوڙڪيون َونگ اڏري ويا‪،‬‬

‫صرف مِٽيَء جو بوتو رهيو آن وڃي‪،‬‬


‫َ‬
‫انگ اڏري ويا‪.‬‬ ‫تو منجهان سڀ اکر‬

‫حسن ۽ عشق گڏجي ُاهي بم هنيا‪،‬‬


‫َ‬
‫دنگ اڏري ويا‪.‬‬ ‫ذات ۽ پات جا‬

‫تون اڪيلو رهي هِت ڪندين ڇا ’وفا‘!‬


‫َ‬
‫سنگ اڏري ويا‪.‬‬ ‫ساٿ ُاڏري ويا‪،‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪104‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫عشق جو اهڙو ٿو بحر و َبر مِلي‪،‬‬
‫جنهن ۾ ڪنهن جو ڌڙ نه ڪنهن جو سر مِلي‪.‬‬

‫ُهونَء ته آهي هرقدم تي مئڪدو‪،‬‬


‫پر مون کي تنهنجي هٿان ساغر ملي‪.‬‬

‫ڪڍي‪،‬‬ ‫ايتري ُڇڙواڳ ڏي ڪيئن ِدل َ‬


‫جنهن جو َڏس در در ڏئي‪ ،‬گهر گهر مِلي‪.‬‬

‫ُمون ڏٺي آهي سڄي دنيا ُگهمي‪،‬‬


‫ُتنهنجو ڪاٿي ڪو نه ٿو همسر ِملي‪.‬‬

‫پير ويچارا وڃن ڪاڏي َڀال‪،‬‬


‫هر قدم تي ٿو نئون پٿر مِلي‪.‬‬

‫ڄاڻ پڃرن ۾ پيون آزاديون‪،‬‬


‫هر پکيَء جو ٿو َپٽيل َپر َپر مِلي‪.‬‬

‫ڪو نه ٿو ڪو عشق جي ويجهو وڃي‪،‬‬


‫ُحسن جو هر ڪو ٿو سوداگر مِلي‪.‬‬

‫ِسر تريَء تي ٿو وتي رکيون ’وفا‘‪،‬‬


‫عِشق ۾ ايڏو ته ٿو ماهر مِلي‬
‫‪ó‬‬
‫‪105‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سن ۽ َٽڪن تي‪ ،‬ڇو !؟‬
‫ُح ُ‬
‫عاشقي َهٽن تي ڇو !؟‬

‫ڪٿي َکٽون ُاڏي‪،‬‬ ‫ويون ِ‬


‫بِسترا َپ َٽن تي ڇو !؟‬

‫ننڊ هئي يا ويڙهه هئي‪،‬‬


‫ور َوڪڙ لٽن تي ڇو !؟‬
‫َ‬

‫َ‬
‫بدمعاش ٿا رهن‪،‬‬
‫روز – شب َسٽن تي ڇو !؟‬

‫ُسونهن سام نينهن جي‪،‬‬


‫جه َٽن تي ڇو!؟‬
‫بوالهوس َ‬

‫”اڌ حڪيم“ آن ’وفا‘!‬


‫لوڻ ۽ ڦٽن تي ڇو!؟‬
‫‪ó‬‬
‫‪106‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪار ۾‪،‬‬
‫ِ‬ ‫هر خريدار آ‬
‫بازار ۾‪.‬‬
‫ِ‬ ‫ُحسن وڪجي ٿو‬

‫مست اکيون نظر ٿيون اچن‪،‬‬


‫ديوار ۾‪.‬‬
‫ِ‬ ‫آهه سوراخ‬

‫عشق جي جنگ الٽي ڏٺم‪،‬‬


‫جيت آهي هتي هار ۾‪.‬‬

‫اوٽ تائين تڪيندو ويو‪،‬‬


‫گار ۾‪.‬‬
‫گار ٿيندو ويو ِ‬

‫جي حقيقت مان نڪري ويا‪،‬‬


‫پيا ُمنجهي نور ۽ نار ۾‪.‬‬

‫عاشقيِء جو هيو امتحان‪،‬‬


‫نانگ آيو هو جو غار ۾‪.‬‬

‫منهنجي آهه و ُبڪا پئي چوي‪:‬‬


‫عدل ڪونهي ڪو سرڪار ۾‪.‬‬

‫سچ مربوط توسان ’وفا‘!‬


‫ربط سچار ۽ دار ۾‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪107‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫حسن ۾ اهڙو ته ٽاڪوڙو پيو‪،‬‬
‫ڪ ُل ۾ وڃي گهوڙو پيو‪.‬‬
‫عشق جو َ‬

‫رهزنن پٺيان هئا سڀ راهرو‪،‬‬


‫رهبرن جو هو ائين موڙو پيو‬
‫)‪(1‬‬

‫ڪيئن بچايون ها ُٿڏن کان پاڻ کي‪،‬‬


‫هو جڏهن هر راهه ۾ روڙو (‪ )5‬پيو‪.‬‬

‫امتحان عشق ۾ منهنجو پوڻ‪،‬‬


‫ِ‬
‫حوض پاڻيَء جي ۾ ماڪوڙو پيو‪.‬‬

‫پيو ڪري تنقيد مون تي ائين حريف‪،‬‬


‫ڄڻ هڻي پاڻيَء ۾ ٿاڦوڙو پيو‪.‬‬

‫ائين ُٻڏي ويو رنگ و خوشبو ۾ ’وفا‘‪،‬‬


‫کوهه ۾ جئن ڪووڃي ٻوڙو پيو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪108‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪Ó‬‬

‫زندگي خانه بدوشيَء جي ڇڏي‪،‬‬


‫ُمون سان ويهي رهه اچي گوڏو گڏي‪.‬‬

‫زندگي! ايڏا وڏا صدما نه ڏي‪،‬‬


‫ُ‬
‫ويندئي سدائينَء لئه ڇڏي‪.‬‬ ‫ورنه ڪو‬

‫جيئن ِجيئڻ ۾ رهي يڪسانيت‪،‬‬


‫غم ڇڏيا آهن مون خوشين سان گڏي‪.‬‬

‫جانور ئي جانور ڏسجن پيا‪،‬‬


‫ويا ماڻهو َلڏي‪.‬‬
‫چنڊ تي َشايد َ‬

‫پيٽ جي خاطر ِوڙهايا پاڻ ۾‪،‬‬


‫ڪتا ِهڪڙي هڏي‪.‬‬ ‫ڳوٺ ساري جا ُ‬

‫گهرج آ‪ ،‬ضرورت امن جي‪،‬‬ ‫صلح جي ُ‬ ‫ُ‬


‫ُمڙس َمارائي ڇڏيا‪ ،‬فِتني‪ ،‬ڦڏي‪.‬‬

‫هاڻ جيئن تنهنجي رضا‪ ،‬مون لئه مِٺا!‬


‫مان ته آيو هان َهلي تنهنجي تڏي‪.‬‬

‫ايترو تاثير تنهنجي عشق ۾‪،‬‬


‫نِنڊ ۾ ڀي ڪو ’وفا‘! توکي سڏي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪109‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ساه ُه صدقو ڪيون‪ ،‬دل فدا ٿا ڪيون‪،‬‬
‫پوِء ڀي ٿو ِچڙين‪ ،‬توکي ڇا ٿا ڪيون!‬

‫پيار اهڙيَء طرح ٿا ڪيون تون ۽ مان‪،‬‬


‫ڄڻ ته تبديل آب و هوا ٿا ڪيون‪.‬‬

‫دل جي زخمن جي ڪهڙي ٿا حالت ُپڇو‪،‬‬


‫بس توهان جي اکين کي دعا ٿا ڪيون‪.‬‬

‫پنهنجي چاهت کي چاڙهي صليبن مٿان‪،‬‬


‫تنهنجي احسان جو حق ادا ٿا ڪيون‪.‬‬

‫پيار ڏيئي وري پيار جي ُ‬


‫گهر ڪري‪،‬‬
‫پيار جي فلسفي کي فنا ٿا ڪيون‪.‬‬

‫ڪوئي مجنون رهيو ناهه جڳ ۾ ’وفا‘!‬


‫ڪنهن به ليلي کي ناحق خفا ٿا ڪيون‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪110‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر بدن ملبوس ڪاري ويس ۾‪،‬‬
‫ايترو انڌير تنهنجي ديس ۾!‬

‫صرف سوري آهه چاهت جي سزا‪،‬‬


‫ڀل ڪوئي ڦاسي ڏسي هن ڪيس ۾‪.‬‬

‫منزل مقصود شل حاصل ٿئي!‬


‫ِ‬
‫راهزن سڀ رهبرن جي ويس ۾‪.‬‬

‫رات جو ٿڌ ۾ اگهاڙو ٿو وتين‪،‬‬


‫ڏينهن جو ويڙهيل رهين ٿو کيس ۾‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ايئن مليو ڪو اوپري ماحول ۾‪،‬‬


‫جيئن ڪو ديسي مِلي پرديس ۾‪.‬‬

‫تنهنجون تصويرون ۽ خط ڏاڍا ُرنا‪،‬‬


‫توکان پو منهنجي اٽيچي ڪيس ۾!‬

‫هر نظر چقمق جيان چنبڙيل وفا!‬


‫آهه مقناطيس تنهنجي فيس ۾‪.‬‬
‫(‪)5‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪111‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫وڏن کان بي ضمير هو‪،‬‬
‫لڪير جو فقير هو‪.‬‬

‫لهو لهو سوير آ‪،‬‬


‫نظر هئي يا تير هو؟‬

‫اڏيو مگر ڪري پيو‪،‬‬


‫پکي اڃا صغير هو‪.‬‬

‫نفس نفس نزاڪتون‪،‬‬


‫حسين بي نظير هو‪.‬‬

‫ُهتي ڇو زهر ٿي ويو؟‬


‫هِتي ته کنڊ – کير هو‪.‬‬

‫جو ُلڙڪ ُلڙڪ ٿي ويو‪،‬‬


‫سندم اکين جو نِير هو‪.‬‬

‫مون کان اڳي ُٻڏي ويو‪،‬‬


‫عجيب دستگير هو‪.‬‬

‫صليب تي‪ ،‬به پيو کِلي‪،‬‬


‫’وفا‘ وڏو شرير هو!!‬
‫‪ó‬‬
‫‪112‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سخت بي پرواهه ٿيندو ٿو وڃين‪،‬‬
‫آدمي! اهلل ٿيندو ٿو وڃين!‬

‫جهنگ جو هر جانور ڀي ِلئي پيو‪،‬‬


‫ڇو نڌڻڪو گاهه ٿيندو ٿو وڃين‪.‬‬

‫عقل هوندي ڀي غلط سوچين پيو‪،‬‬


‫جان ٿي‪ ،‬جانڪاهه ‪ .‬ٿيندو پيو وڃين‪.‬‬
‫)‪(1‬‬
‫ِ‬

‫ظلم آهي‪ ،‬مون کي اوندهه ۾ رکي‪،‬‬


‫پاڻ مِهر و ماهه ٿيندو ٿو وڃين‪.‬‬

‫عشق جي سوريَء تي لڙڪائي مون کي‪،‬‬


‫پاڻ ڇو ونواهه ٿيندو ٿو وڃين‪.‬‬

‫حسن عالمگير ٿو محسوس ٿين‪،‬‬‫ِ‬


‫هر بشر جو چاهه ٿيندو ٿو وڃين‪.‬‬

‫روز ٿيون َسڏني پيون سوريون ”وفا“!‬


‫ڄڻ ته حق – آگاهه ٿيندو ٿو وڃين!!‬
‫‪ó‬‬
‫‪113‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ضرورتن ۾ هو‪،‬‬‫جو اسان جي ُ‬
‫صرف پٿر جي ُمورتن ۾ هو‪.‬‬
‫ِ‬

‫ُ‬
‫نانگ هو زر جي ديڳ تي ويٺل‪،‬‬
‫ڄڻ خزانو ُ‬
‫ڪدورتن ۾ هو‪.‬‬

‫جنهن جي مون کي سدا تالش رهي‪،‬‬


‫صورتن ۾ هو‪.‬‬‫ِسيرتن ۾ نه‪ُ ،‬‬

‫مون گهڻو ڳوليو وفائن ۾‪،‬‬


‫پيار َونڊيل ُ‬
‫ضرورتن ۾ هو‪.‬‬

‫ڇا ٻئي کي ڏئي سگهي ها ’وفا‘!‬


‫لوهه پنهنجي ئي ُپورتن ۾ هو!‬
‫‪ó‬‬
‫‪114‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪوڙ ڪيئن موت کان بچي پيارا!‬ ‫ُ‬
‫ُ‬
‫سچ سوريَء تي پيو نچي پيارا!‬

‫پيار ۽ دوستيَء ۾ فرق آهي‪،‬‬


‫توکي ڪيئن اعتبار اچي پيارا!‬

‫جنهن جو پاڻيَء سان ڀي نه انت اچي‪،‬‬


‫َم ُچ اهڙو به ڪو مچي پيارا!‬

‫دل ۾ انسانيت جو درد رکي‪،‬‬


‫ڍور جيان ڪئن ڪوئي َمچي پيارا!‬

‫عشق سهڻيَء جو هو پڪو ليڪن‪،‬‬


‫َ‬
‫ڪ ُم وڃايو گهڙي – ڪچي پيارا!‬

‫عشق کي پنهنجو گهر به ڪو نه سهي‪،‬‬


‫هِن ُڌٻڻ ۾ نه ڪو گچي پيارا!‬

‫عقل ڇو عشق کان خفا آهي؟‬


‫سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي پيارا!‬

‫عشق جي باهه ۾ ’وفا‘ جو وجود‪،‬‬


‫جئن تئيَء ۾ چڻو پچي پيارا‬
‫‪ó‬‬
‫‪115‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫عقل ٿيو‪ ،‬عشق جي خالف آهي‪،‬‬
‫سوچ جو آئينو نه صاف آهي‪.‬‬

‫احساس ڪمتري ۾ َپوين‪،‬‬


‫ِ‬ ‫ڇو ٿو‬
‫تنهنجي عظمت جو اعتراف آهي‪.‬‬

‫صرف تجديد رسم و راهه نه ڪر‪،‬‬


‫توکي ٻي هر خطا معاف آهي‪.‬‬

‫مون ته تازي شڪست کاڌي آ‪،‬‬


‫تنهنجي چهري تي ڇو غالف آهي؟‬

‫هر پريَء تي آ َ‬
‫ديو جو قبضو‪،‬‬
‫سارو سنسار ڪوهه قاف آهي‪.‬‬

‫عشق آهي عروج تي اڄڪلهه‪،‬‬


‫هر طرف حسن جو طواف آهي‪.‬‬

‫ُ‬
‫سون‪ ،‬مگر –‬ ‫صرف تون ئي نه آهين‬
‫منهنجو اڀياس ڀي صراف آهي‪.‬‬

‫تنهنجي تحريڪ جي خالف ’وفا‘!‬


‫هر ستمگر جو موڊ آف آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪116‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُ‬
‫ساقي‪ ،‬بغير محفل ڳولي اهي زمانا‪،‬‬
‫ڪاڏي ويو نڀاڳو کولي شراب خانا!‬

‫جنهن ڏينهن کان خبر پئي ايندو ُلٽڻ ُلٽيرو‪،‬‬


‫مون پنهنجي ذات جا سڀ کولي ڇڏيا خزانا‪.‬‬

‫انسان هِن جڳت ۾ هڪڙو دفعو ئي آهي‪،‬‬ ‫ُ‬


‫ٻيهر ٺهي نه سگهندا‪ ،‬ساڙيو نه آشيانا‪.‬‬

‫ڏي صاف چئي ته‪” :‬مون کان مشڪل نباهه ٿيندو“‬


‫َپل َپل نه ِسٽ ِسٽون ۽ هر هر نه ڪر بهانا‪.‬‬

‫ڪنهن فرش تان پڪاريو‪ ،‬ڪنهن عرش تان ِاشاريو‪،‬‬


‫لِکجي ويون ڪهاڻيون‪،‬گهڙجي ويا فسانا‪.‬‬

‫جنهن ڏينهن کان وٺي ُهو‪ ،‬مهمان آهه منهنجو‪،‬‬


‫ُدولت ڪدا ٿا سڏجن‪ ،‬منهنجا غريب خانا‪.‬‬

‫لبريز ٿي ُچڪو آ ڄڻ صبر جو پيالو‪،‬‬


‫ٿيندا وڃن ٿا منهنجا رجحان باغيانا!‬

‫توڙي اسير آهيان‪ ،‬پر بي ضمير ناهيان‪،‬‬


‫حمال نه ڪر ’وفا‘ تي جالد! قاتالنا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫)‪(1‬‬
‫موڙو‪ :‬کوٽ (‪ )5‬روڙو‪ :‬ڀتر‪ ،‬پٿر‬
‫)‪(1‬‬
‫کيس‪ :‬کٿو‪ ،‬ڪمبل (‪ )5‬فيس‪ :‬چهرو‬
‫)‪(1‬‬
‫جانڪاهه‪ :‬جان وٺندڙ‪ ،‬قاتل‬
‫‪117‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫الفت اسير آهي‪،‬‬
‫ڪلفت ڪثير آهي‪.‬‬

‫ڪسوٽي پنڻ آ‪،‬‬‫جي َ‬


‫هر ڪو فقير آهي‪.‬‬

‫موت کي َسلي ڇڏيو جنهن‪،‬‬


‫)‪(1‬‬

‫دولت جو تير آهي‪.‬‬

‫ذاتي خيال آهي‪:‬‬


‫ُهو بي نظير آهي‪.‬‬

‫با ُرعب ُ‬
‫ناز نخرو‪:‬‬
‫ماڻهو امير آهي‪.‬‬

‫ڪلهه زهر جو وٽو هو‪،‬‬


‫اڄ کنڊ‪ ،‬کير آهي‪.‬‬

‫ايڏو نه وڻ ’وفا‘ کي‪،‬‬


‫ڏاڍو شرير آهي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪118‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تون ۽ منهنجي غريب خاني ۾!؟‬
‫ڪنهن زماني جي ڪنهن زماني ۾‬

‫بيوفا هو‪ ،‬مگر َحسين ُهيو‪،‬‬


‫ڪجهه حقيقت هئي فساني ۾‪.‬‬

‫برق ڇا‪ ،‬موت ڀي قبول آهي‪،‬‬


‫توسان گڏ تنهنجي آشياني ۾‪.‬‬

‫ظلم مظلوميت تي ڏينهن ِڏٺي‪،‬‬


‫قهر قدرت جي ڪارخاني ۾!‬

‫منهنجي مظلوميت لِڪل آهي‪،‬‬


‫منهنجي انداز باغياني ۾‪.‬‬

‫جو ويو سو ’وفا‘! ٿو اڄ موٽي‪،‬‬


‫ڇا هيو تنهنجي آستاني ۾!؟‬
‫‪ó‬‬
‫‪119‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫بيوفايون رڳو‪ ،‬بي وفا! پيو ڪرين!‬
‫حسن پنهنجي جي ڄڻ خود گِال پيو ڪرين‪.‬‬

‫منهنجي سامهون ۽ غيرن جي آغوش ۾!‬


‫هيُء ڇا ٿو ڏسان؟ هيُء ڇا پيو ڪرين!؟‬

‫جيئن پوِء تيئن پوندو وڃان پوئتي‪،‬‬


‫واهه جو در ِد دل جي دوا پيو ڪرين!‬

‫بي نقابيَء جو عالم ۽ برسات ۾‪،‬‬


‫شهر جي گرم آب و هوا پيو ڪرين‪.‬‬

‫اي مسيحا! هي مرض آ‪ ،‬يا اسرار آ؟‬


‫َه َر دوا پيو ڪرين‪َ .‬ه َر دعا پيو ڪرين‬
‫)‪(1‬‬

‫ڪو ِپيئه ڇا يزيدن جو ٽولو ُپٺيان؟‬


‫جو وفا! ڪربال – ڪربال پيو ڪرين!‬
‫‪ó‬‬
‫‪120‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫منهنجي چاهت جي خطا ڪانهي ڪا‪،‬‬
‫تنهنجي فطرت ۾ وفا ڪانهي ڪا‪.‬‬

‫درد هوندي به دوا ڪانهي ڪا‪،‬‬


‫تنهنجي هٿ ۾ ئي شفا ڪانهي ڪا!‬

‫ڪيترو گرم رهڻ ٿو چاهين‪،‬‬


‫تنهنجي ڪمري ۾ هوا ڪانهي ڪا‪.‬‬

‫ڪيئن وٺن گيت جنم چاهت جا‪،‬‬


‫تنهنجي ڇيرن ۾ صدا ڪانهي ڪا‪.‬‬

‫باقي هر چيز ڏئي سگهجي ٿي‪،‬‬


‫جسم جو دان سخا ڪانهي ڪا‪.‬‬

‫الف – اهلل جو سوڳنڌ وفا!‬


‫عين عورت مان غذا ڪانهي ڪا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪121‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫صرف ُ‬
‫دود ٿو لڳين‪،‬‬
‫بي وجود ٿو لڳين‪.‬‬

‫هر ڇهاُء سان ڇڙين‪،‬‬


‫ڪو ُسرود ٿو لڳين‪.‬‬

‫زندگي ُچرڻ ُپرڻ‪،‬‬


‫تون جمود ٿو لڳين‪.‬‬

‫ڪنهن جي لئه زيان آن‪،‬‬


‫ڪنهن کي ُسود ٿو لڳين‪.‬‬

‫تون جهان ۾ ’وفا‘!‬


‫هست و ُبود ٿو لڳين‬
‫‪ó‬‬
‫‪122‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پاڻ کي ڇو وڃين ٿو ڊاهيندو‪،‬‬
‫ٻيو دفعو ڪير توکي ٺاهيندو!‬

‫پنهنجي ظلم ۽ ستم جا ڏاند ٻڌي‪،‬‬


‫ڳاهه وانگر وڃين ٿو ڳاهيندو‪.‬‬

‫هر نظر ۾ اهو شعور ڪٿي‪،‬‬


‫مون جيان ڪير توکي چاهيندو!‬

‫منهنجي هر آرزو کي قتل ڪرين‪،‬‬


‫ٿو مٺايون وتي وراهيندو‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫هر نئين سج ٿو خيال َمٽين‪،‬‬


‫ڪير توسان مٺا! نباهيندو‪.‬‬

‫ڏک نه ڏي‪ ،‬جي ’وفا‘ ُاڏيو توکان‪،‬‬


‫ياد رک َپ َر به ڪو نه ساهيندو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪123‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ها مرض هو‪ ،‬نه ڪي دوا هو ڪوئي‪،‬‬
‫سوچيان ٿو ته نيٺ ڇا هو ڪوئي‪.‬‬

‫منهنجي هر فڪر جي جال هو ڪوئي‪،‬‬


‫منهنجي هر سوچ جي بقا هو ڪوئي‪.‬‬

‫خون وانگر هو منهنجي َنس َنس ۾‪،‬‬


‫پو کڻي ظاهري جدا هو ڪوئي‪.‬‬

‫عام ماڻهو هو عام ماڻهن ۾‪،‬‬


‫منهنجي حق ۾ مگر خدا هو ڪوئي‪.‬‬

‫ُحسن ۽ عشق سان ُ‬


‫جهڪائي ويو‪،‬‬
‫منهنجي عظمت کان آشنا هو ڪوئي‪.‬‬

‫قتل منهنجي کان پو چيو قاتل‪:‬‬


‫”مڙس هو‪ ،‬سچ هو‪’ ،‬وفا‘ هو ڪوئي“‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪124‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُ‬
‫سچ نچڻ گهرجي‪،‬‬
‫مچ مچڻ گهرجي‪.‬‬‫ُ‬

‫ُ‬
‫ڪان لنوي‪،‬‬ ‫پل پل‬
‫ڪو ته اچن گهرجي‪.‬‬

‫ساسي ُبک مرن‪،‬‬


‫پوک پچڻ ُگهرجي‪.‬‬

‫سچ کان ُ‬
‫ڪوڙ چڱو!؟‬
‫شرم اچڻ گهرجي!‬

‫ُ‬
‫نانگ ’وفا‘!‬ ‫دولت‬
‫يار! بچڻ گهرجي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪125‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پوک جيڪا به هاريَء پچائي‪،‬‬
‫ويو وڏيرو حسابن ۾ کائي‪.‬‬

‫َا ُن وڏيري کي‪ ،‬ڪڙميَء کي گاريون‪،‬‬


‫”لِ ِڏ ليکو ۽ ديرو بٽائي“‪.‬‬

‫ڪٺو ويو‪،‬‬‫سج بيٺي انهن کي ُ‬


‫جن انڌيرن ۾ مشعل جالئي‪.‬‬

‫مون کي هر آشنا کان وڇوڙي‪،‬‬


‫وئي ٺهي پاڻ ۾ ُ‬
‫ڪل خدائي‪.‬‬

‫ُحسن! حاالت جي ور چڙهي ويا‪،‬‬


‫تنهنجا جلوا ۽ منهنجي ُسڃائي‪.‬‬

‫بيوفائن ۾ نعرا ’وفا‘ جا!؟‬


‫شل ٿيئي ڪا ’وفا‘! پاڙ سائي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪126‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫روز ِپٽڪو آ بيوفائيَء جو‪،‬‬
‫ڇا ڪجي تنهنجي َ‬
‫ڪ َج ادائيَء جو؟‬
‫)‪(1‬‬

‫مون کي وڇڙڻ کان پو يقين ٿيو‪،‬‬


‫وصل بنياد هو جدائيَء جو‪.‬‬

‫’ايڪتا‘ جو ڏئي سبق مون کي‪،‬‬


‫پاڻ ڇو ٿي ويو ’ٻيائيَء‘ جو‪.‬‬

‫عشق شايد ڪمال تي پهتو‪،‬‬


‫ُمنهن لٿل ٿو ڏسان خدائيَء جو‪.‬‬

‫هر ڀالئي ’وفا‘! ُبرائي ٿي‪،‬‬


‫ڄڻ زمانو نه هو چڱائيَء جو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪127‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫آشتيَء جي اياغ جهڙو هو‪،‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ُهو ڪويَء جي دماغ جهڙو هو‪.‬‬

‫ويس پاتل هو جنهن کي بلبل جو‪،‬‬


‫فرق – فطرت ۾ راغ جهڙو هو‪.‬‬
‫(‪)5‬‬

‫سڀ سان ِوهتو پئي حمامن ۾‪،‬‬


‫پنهنجي عصمت تي داغ جهڙو هو‪.‬‬

‫صرف اکيون چراغ سڏجن ٿيون‪،‬‬


‫هو سراپا چراغ جهڙو هو‪.‬‬

‫جسم جو روپ‪ ،‬روح جو ٻهروپ‪،‬‬


‫ُهو َب ُ‬
‫هو سبز باغ جهڙو هو‪.‬‬

‫غم ۾ ڦاٿل هيو وفا اهڙو‪،‬‬


‫موت کان پو فراغ جهڙو هو‪.‬‬
‫(‪)3‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪128‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫عرض ٿئي آخري صدائن ۾‪:‬‬
‫ياد رکجان مون کي دعائن ۾‪.‬‬

‫مون سان آزاد ميل جول رکي‪،‬‬


‫ويو اچي ڪيترن دٻائن ۾!‬

‫ڏنگ عورت جو‪ ،‬ونگ دولت جو‪،‬‬


‫زندگي آهه ٻن َبالئن ۾‪.‬‬

‫پنهنجي َرب کي مون ست رڇي ڄاتو‪،‬‬


‫ُ‬
‫نڪ ٻوڙيو نه مون پالئن ۾‪.‬‬

‫بيوفا ۾ ’وفا‘ جي آس وفا!‬


‫گل نه ٽڙندا ڪڏهن خزائن ۾‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪129‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َمست اکين تي پيار ايندو ويو‪،‬‬
‫بِن پيئڻ جي خمار ايندو ويو‪.‬‬

‫جئن چمن ۾ بهار ايندو ويو‪،‬‬


‫ُگلبدن تي نِکار ايندو ويو‪.‬‬

‫ُبتڪدا‪ ،‬مئڪدا ويا ٺهندا‪،‬‬


‫جيئن جئن مون ڏي يار ايندو ويو‪.‬‬

‫صبر ڪنهن کٽيو‪،‬‬ ‫ظلم کٽيو يا ُ‬


‫وقت کي اعتبار ايندو ويو‪.‬‬

‫مئڪدي ۾ ’وفا‘ جو پهچڻ هو‪،‬‬


‫هر نظر ۾ غبار ايندو ويو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪130‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫زير آهي يا بام آهي‪،‬‬
‫عورت کي سالم آهي‪.‬‬

‫اِحساس غالميَء جو‪،‬‬


‫ڪينسر ۽ جذام آهي‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫آئين مڃي ڪهڙو؟‬


‫ُٻ َ‬
‫ڏتر ۾ عوام آهي‪.‬‬

‫سڀ ڪجهه نه حالل آهي‪،‬‬


‫سڀ ڪجهه نه حرام آهي‪.‬‬

‫اکيون ئي نٿيون پٽجن‪،‬‬


‫وينگس آ يا جام آهي‪.‬‬

‫تلوار نٿي ماپي‪،‬‬


‫خنجر جو نيام آهي‪.‬‬

‫اجسام ’وفا‘! فاني‪،‬‬


‫ُروحن کي دوام آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪131‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ِدل کڻي در در رالئيندو رهيو‪،‬‬
‫پيار جي عظمت گهٽائيندو رهيو‪.‬‬

‫پاڻ هر بندش کان بي قابو رهي‪،‬‬


‫صرف مون کي آزمائيندو رهيو‪.‬‬

‫تجربن جي راهه کان اڻ ڄاڻ هو‪،‬‬


‫لغزشن جي ڌوڙ پائيندو رهيو‪.‬‬

‫پاڻ ڀي آهي اڃا خانه بدوش‪،‬‬


‫جو‪ ،‬پراوا گهر ڦٽائيندو رهيو‪.‬‬

‫ڪوڙ جو ايڏو مٿس غلبو هيو‪،‬‬ ‫ُ‬


‫هر حقيقت کان لنوائيندو رهيو‪.‬‬

‫ميزبانيَء ۾ به ڪو ٻهروپيو‪،‬‬
‫زهر شربت ۾ مالئيندو رهيو‪.‬‬

‫پنهنجي چهري تي رکي چهرو ٻيو‪،‬‬


‫پنهنجي عيبن کي لڪائيندو رهيو‪.‬‬

‫سچ جي گهر ۾ جو پيدا ٿيو ’وفا‘!‬‫َ‬


‫تا لحد ڳوڙها وهائيندو رهيو!‬
‫‪ó‬‬
‫‪132‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اوڀاريون‪ ،‬لهواريون آهن‪،‬‬
‫ڦِرڻيون گِهرڻيون ياريون آهن‪.‬‬

‫هي جي ُڀوريون ڪاريون آهن‪،‬‬


‫دوڌاريون تلواريون آهن‪.‬‬

‫تو ۾ ڪو دروازو ڪونهي‪،‬‬


‫هر پاسي ديواريون آهن‪.‬‬

‫توڙي ُمرڪون‪ ،‬توڙي نظرون‪،‬‬


‫سڀ دل جو بيماريون آهن‪.‬‬

‫ُبت ڇا‪ ،‬روح به قيدي آهن‪،‬‬


‫اهڙيون خود مختياريون آهن‪.‬‬

‫البارن جي ُمند اچي وئي‪،‬‬


‫ڪٽ آهي‪ ،‬ساريون آهن‪.‬‬ ‫َسٽ – ُ‬

‫مون لئه سڀ هِڪجهڙيون آهن‪،‬‬


‫ڇا ُڀوريون ڇا ڪاريون آهن‪.‬‬

‫َ‬
‫مهندوڪو نه ’وفا‘! سو‪،‬‬ ‫ُسک سان ُس‬
‫جنهن هي باهيون ٻاريون آهن‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪133‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪(1‬‬
‫سلي ڇڏڻ‪ :‬سوراخ ڪري ڇڏڻ‬
‫)‪(1‬‬
‫هر‪ :‬ڪنهن مهل‪ ،‬ڪڏهن‬
‫)‪(1‬‬
‫ورهائيندو‪.‬‬
‫)‪(1‬‬
‫ڪج ادائي‪ِ :‬ڏنگائي‬
‫)‪(1‬‬
‫اياغ‪ :‬پيالو (‪ )5‬راغ‪ :‬ڪانَء (‪ )3‬فراغ‪ :‬فرصت‪ ،‬واندڪائي‬
‫)‪(1‬‬
‫جذام‪ :‬ڪوڙهه‪.‬‬
‫‪134‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫رزاق تون‪ ،‬ڪمايان مان‪،‬‬
‫ٻي ڪهڙي ڌوڙ پايان مان!‬

‫ماڻهو ٿي‪ ،‬آٌء ماڻهوَء تي –‬


‫بندوق ڪيئن هاليان مان‪.‬‬

‫تون منهنجو ُلڙڪ ُلڙڪ آهين‪،‬‬


‫چشمن تي ڪيئن نه چايان مان‪.‬‬

‫دنيا سڄي اگهاڙي آ‪،‬‬


‫ڪٿي لِڪايان مان؟‬
‫توکي ِ‬

‫ڪهڙي نه زندگي آهي‪،‬‬


‫روئي پيو کِاليان مان!‬

‫خود پئجي امتحانن ۾‪،‬‬


‫توکي ٿو آزمايان مان‪.‬‬

‫اِسالم جي بقا آهي‪،‬‬


‫ڇو ڪفر کي مِٽايان مان‪.‬‬

‫ڪ آهي‪،‬‬ ‫هر ڪو ’وفا‘ مان َ‬


‫ڪ ِ‬
‫ڪهڙا ڳڻي ٻڌايان مان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪135‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ظلم کي َ‬
‫ناروا نٿو سمجهين‪،‬‬
‫ڄڻ خدا کي خدا نٿو سمجهين‪.‬‬

‫ڪيترو پيار کان پري آهين‪،‬‬


‫منهنجي ڪا ڀي ادا نٿو سمجهين‪.‬‬

‫هوندين لقمان‪ ،‬پر زماني لئه!‬


‫منهنجي دک جي دوا نٿو سمجهين‪.‬‬

‫صرف سمجهڻ نه ٿو ُ‬
‫گهرين شايد‪،‬‬
‫ورنه ماڻهو آن‪ ،‬ڇا نٿو سمجهين!‬

‫تون جهنم ۾ خوش‪ ،‬نه جنت ۾‪،‬‬


‫ڪا به آب و هوا نٿو سمجهين‪.‬‬

‫هيُء ته سمجهين سخا ضروري آ‪،‬‬


‫ڪيئن ڪبي آ سخا‪ ،‬نٿو سمجهين‪.‬‬

‫ڄڻ ته ماڻهو نه آهين‪ ،‬صحرا آن‪،‬‬


‫جو ’وفا‘ جي صدا نٿو سمجهين‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪136‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُتنهنجي چهري تان جو نقاب لٿو‪،‬‬
‫اڀريو َم َ‬
‫س هو آفتاب‪ ،‬لٿو‪.‬‬

‫امن ۽ آشتيَء جو داعي هو‪،‬‬


‫جو صحيفو ۽ جو ڪتاب لٿو‪.‬‬

‫َ‬
‫عذاب‪/‬ڪرب ٿيا‪،‬‬ ‫مون تي نازل‬
‫تو مٿان حسن ۽ شباب لٿو‪.‬‬

‫عيش عِشرت لٿو حسين لئه‪،‬‬


‫عاشقن لئه ُڇري‪ ،‬قصاب لٿو‪.‬‬

‫ائين ڪو ماڙيَء تان جهوپڙيَء ڏي لٿو‪،‬‬


‫جيئن جهرڪيَء جي َ‬
‫ڪ َڍ عقاب لٿو‪.‬‬

‫صرف مظلوم ۽ غريب مٿان‪.‬‬


‫هر پڇاڻو ۽ احساب لٿو‪.‬‬

‫نيڪ ۽ بد جي ’وفا‘! تميز لٿي‪،‬‬


‫ڪو گنهه ۽ نه ڪو ثواب لٿو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪137‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اڪيلو پيو برف وانگر ڳرين ٿو‪،‬‬
‫ملڻ جي تڏهن ڀي نه ڪوشش ڪرين ٿو‪.‬‬

‫تون خود پنهنجي رستي جي ديوار آهين‪،‬‬


‫نه اڳتي وڌين ٿو‪ ،‬نه پٺتي ورين ٿو‪.‬‬

‫چيومانس‪” :‬ايذاُء آ عشق تنهنجو“‬


‫چيائين‪” :‬مون کي ڇا‪ ،‬ڪرين ٿو – ڀرين ٿو؟“‪.‬‬

‫بدن کي نه سينگار ماڻهن جي خاطر‪،‬‬


‫اکيون َپٽ! ٺهڻ جي بهاني کرين ٿو‪.‬‬

‫تون الڙي نه آهين‪ ،‬ٿري آهين شايد‪،‬‬


‫نه تانگهو ترين ٿو‪ ،‬نه اونهو ترين ٿو‪.‬‬

‫الئه ايترو ُحسن ڪنهن کان وتو ٿئي‪،‬‬


‫سراپا صنم! بلب وانگر ٻرين ٿو‪.‬‬

‫جهنم رسيد آهين ان جي بدولت‪،‬‬


‫’وفا‘ جنهن جي نالي وٺڻ سان ٺرين ٿو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪138‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُهن کي هر هر مون آزمايو هو‪،‬‬
‫کيس پنهنجو ڪرڻ اجايو هو‪.‬‬

‫قاتلن‪ ،‬مقتلن کان ساک وٺو‪،‬‬


‫جهڪايو نه‪ ،‬سر َ‬
‫ڪپايو هو‪.‬‬ ‫مون ُ‬

‫ان کي لڙڪن ۾ مون تالش ڪيو‪،‬‬


‫جنهن کي ٽهڪن ۾ مون وڃايو هو‪.‬‬

‫لڙڪ بنجي َوهي ويو ڳل تان‪،‬‬


‫جنهن کي اکين ۾ مون لِڪايو هو‪.‬‬

‫زندگي ڀر مون جنهن جو ورد ڪيو‪،‬‬


‫منهنجي َميت تي ڀي نه آيو هو‪.‬‬

‫تنهن ڪري ويون اباڻي ُجوِء ڇڏي‪،‬‬


‫هرڻين کي ُ‬
‫ڪ َتن تپايو هو‪.‬‬
‫پنهنجي سيني تي تير تير َ‬
‫جهلي‪،‬‬
‫مون ’وفا‘! پيار کي بچايو هو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪139‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫لڇڻن کان انڪاري هو‪،‬‬
‫چمڙي جو واپاري هو‪.‬‬

‫جنهن سان ِوچڙيو ڪو نه بچيو‪،‬‬


‫ٽي – بيَء جي بيماري هو‪.‬‬

‫ٻيلي اهڙو وڍ پيو‪،‬‬


‫وڻ وڻ ٽاري ٽاري هو‪.‬‬

‫ڏاهو ماڻهو ڪو نه ڏٺم‪،‬‬


‫ڪو حافظ‪ ،‬ڪو قاري هو‪.‬‬

‫عملن جي زنجيرن ۾‪،‬‬


‫نوري ناري هو‪.‬‬
‫جڪڙيل ِ‬

‫ُ‬
‫ڪان‪،‬‬ ‫َلپ ۾ داڻا‪ ،‬ڪڇ ۾‬
‫مارڻ جهڙو ماري هو‪.‬‬

‫هيٺان – مٿان ماڻهن َسٿ‪،‬‬


‫ٻهراڙيَء جي الري هو!‬

‫شاديَء کان پو شوخ ’وفا‘!‬


‫چادر – چوديواري هو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪140‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سختين ۾ هر سچو آهي‪،‬‬
‫سچ ڳالهائڻ ڏچو آهي‪.‬‬

‫نفرت!؟ وڃو‪ ،‬وڃو‪ ،‬ڪانهي‪،‬‬


‫الفت!؟ اچو‪ ،‬اچو آهي‪.‬‬

‫زر سڀ ماڻهو ماري ڇڏيا‪،‬‬


‫ڪو به نه ڪنهن جو بچو آهي!‬

‫َ‬
‫رتوڇاڻ لڳا پيا آهيون‪،‬‬
‫شاهد ٻچو – ٻچو آهي‪.‬‬

‫هٿ جو چرچو ڪو نه سهي ٿو‪،‬‬


‫ُچوڙيَء وانگر ڪچو آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪141‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫عشق مجازي‪،‬‬
‫عورت سازي‪.‬‬

‫موٽڻ مهڻو‪،‬‬
‫َٻڌ نه َغازي‪.‬‬

‫ُمنهن ُمونن ۾‪،‬‬


‫دست – درازي‪،‬‬

‫جهڙ ڦر‪ ،‬ماڻهو‪،‬‬


‫تِرڪڻ بازي‪.‬‬

‫بي انصافي‪،‬‬
‫نوٽ – نوازي‪.‬‬

‫سچ کي گاريون‪،‬‬
‫ڪوڙ – طرازي‪.‬‬‫ُ‬

‫شيش محل ۾‪،‬‬


‫پٿر – بازي!‬

‫پيار ُبتن سان‪،‬‬


‫نيڪ–نمازي!!‬

‫َمرڪ ’وفا‘جو‪،‬‬
‫سر جي بازي‪.‬‬
‫‪142‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪ َل َر جيئن منهنجي پاڙ ۾‪،‬‬
‫ويهي َ‬
‫ِ‬
‫هاڻ ڪنهن ُٻوٽي جي آهين تاڙ ۾؟‬

‫َ‬
‫جوصراف!‬ ‫صرف َ‬
‫ڪ ُم ناهي هٿوڙين‬
‫فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾‪.‬‬

‫جهوپڙيَء ۾ جسم سوچيندو رهيو‪،‬‬


‫روح ُبل کائي ِ‬
‫ڪريو چو – ماڙ ۾‪.‬‬ ‫ُ‬

‫ذات پنهنجيَء ۾ چتائي جو ڏٺم‪،‬‬


‫منهنجو خنجر زن هو منهنجي آڙ ۾‪.‬‬

‫آخرش آب و هوا ثابت ڪيو‪،‬‬


‫فرق جيڪو آ‪ُ ،‬اتر ۽ الڙ ۾‪.‬‬

‫نڪ ۽ َ‬
‫ڪ َن ڪير ٽوپائي’وفا‘!‬ ‫ُ‬
‫سون ۽ چاندي وڃي َپئي ڀاڙ ۾‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪143‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫دريا تي َوسن بادل‪ ،‬صحرا ۾ لڳن جهوال‪،‬‬
‫ڪيڏيون نه ننڍيون سوچون‪ ،‬ڪيڏا نه وڏا ڀوال‪.‬‬

‫ڏاڙهن جي مٿان چوليون‪ ،‬چولين جي مٿان چوال‪،‬‬


‫س ڪيئن‪ ،‬دوائن جي بيمار ڪندا ڳوال‪.‬‬ ‫َ‬
‫ڏ ِ‬

‫رڳ جي قريب آهي هي سوچ عجيب آهي‪،‬‬ ‫َشه َه َ‬


‫ادراڪ جا مونجهارا ُپڻ ڇاڻ سندا روال‪.‬‬

‫”ڪمدار! اسان واري بندوق ڀري اچجان‪،‬‬


‫ُسهڻا ٿا وڃن ڪڏندا هرڻين جان ڪيون ٽوال‪“.‬‬

‫مون علم جي پٿر کي آ پيٽ سان چنبڙايو‪،‬‬


‫توکان نه مِلي ماني‪ ،‬مون کان نه کتا ڇوال!‬

‫ڪيئن پيٽ مداريَء کي بازر ۾ وٺي آيو‪،‬‬


‫ڪيئن ميڙ ۾ ماڻهن جي ُبک تي ٿا نچن ڀوال‪.‬‬

‫سون ’وفا‘! چمڪيو سورج جي شعاعن تي‪،‬‬ ‫ُ‬ ‫جو‬


‫سو ٿي ويو صرافن ۾‪ ،‬ماسا ۽ رتيون‪ ،‬توال!‬
‫‪ó‬‬
‫‪144‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪوئي جلوو‪ ،‬نه ”طور“ حاصل آ‪،‬‬
‫شوق موسي ضرور حاصل آ‪.‬‬‫ِ‬

‫عِشق جي منفرد مقامن جي‪،‬‬


‫تجربن تي عبور حاصل آ‪.‬‬

‫تنهنجي نيڻن جو ماحصل آهي‪،‬‬


‫جو نشو‪ ،‬جو ُسرور حاصل آ‪.‬‬

‫هيتري عشقيه حياتيَء ۾‪،‬ـ‬


‫صرف ۽ صرف سور حاصل آ‪.‬‬

‫توکان وڇڙڻ کان پوِء ڪيئن ڪندي‪،‬‬


‫زندگيَء کي شعور حاصل آ‪،‬‬

‫ساري دنيا جي دوستيَء ۾ ’وفا‘!‬


‫ڪلور حاصل آ‪.‬‬‫ُقرب ڪونهي‪َ ،‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪145‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جو به سيٽ ٿي ويو‪،‬‬
‫تيل – ميٽ ٿي ويو‪.‬‬

‫اڳ ۾ ڏيئي باهه‪ ،‬پو ‪-‬‬


‫گاسليٽ ٿي ويو‪.‬‬

‫ُچپ جا در‪ ،‬دريون ڀڃي‪،‬‬


‫مين گيٽ ٿي ويو‪.‬‬

‫مان بلند هوس پر ‪-‬‬


‫پست پيٽ ٿي ويو‪.‬‬

‫ڪنهن کان ڪنهن کان بم کسيون‪،‬‬


‫جڳ ئي جيٽ ٿي ويو!‬
‫‪ó‬‬
‫‪146‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫بحث ئي فضول آهي‪،‬‬
‫شاعر رسول آهي‪.‬‬

‫جو َ‬
‫سچ کي کِالئي‪،‬‬
‫سو غم قبول آهي‪.‬‬

‫انسانيت جو اونو‪،‬‬
‫بهتر اصول آهي‪.‬‬

‫سنجيدگيَء جو مون تي‪،‬‬


‫اڄڪلهه نزول آهي‪.‬‬

‫افسوس! ماڻهپي تي‪،‬‬


‫ماڻهو ملول آهي‪.‬‬

‫شربت جي بوتلن ۾‪،‬‬


‫ِوه َه جو حلول آهي!‬
‫)‪(1‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪147‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڀرئي ڀنڀور مان هڪڙو پنهل ڏي‪،‬‬
‫يا ان جو ڪو ٻيو نعم البدل ڏي‪.‬‬

‫جڏهن کان سانورو ُمنهڙو َمٽي ويو‪،‬‬


‫رهي مائل ٿو َم ُن منهنجو ڪنول ڏي‪.‬‬

‫رهيس مسرور پنهنجي جهوپڙيَء ۾‪،‬‬


‫نِهاريو مون نه ڪنهن ماڙي‪ ،‬محل ڏي‪.‬‬

‫ُمحبت ڇا به آ‪ ،‬پر پيٽ ناهي‪،‬‬


‫نه سوچڻ جو ُمحبت کي خلل ڏي‪.‬‬

‫مون کي تنهنجي اکين سان ُانس آهي‪،‬‬


‫ڪو دل کي زخم ڏي‪ ،‬سيني کي َسل ڏي!‬

‫نه ُپڇ ڪنهن کان ’وفا‘! ناموس نالو‪،‬‬


‫فقط نيت کي ِڏس‪ ،‬نيت جو ڦل ڏي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪148‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر اشارو سالم جهڙو آ‪،‬‬
‫هن جو جسم ئي ڪالم جهڙو آ‪.‬‬

‫چشم ِانسانيت ۾ آقا ڀي‪،‬‬


‫ِ‬
‫دين جو ُسنهن‪ ،‬غالم جهڙو آ‪.‬‬

‫جو زير – زور سان ٿِئي حاصل‪،‬‬


‫سو حالل ئي حرام جهڙو آ‪.‬‬

‫جيترو ٿي سگهي بچو هِن کان‪،‬‬


‫لوڀ‪ ،‬اللچ جذام جهڙو آ‪.‬‬

‫ڇو ٿا شاعر کي ايڏو گهٽ سمجهو‪،‬‬


‫ُهو ته اعلي مقام جهڙو آ‪.‬‬

‫جو اچي ٿو ُٽٻي هنيون ٿو وڃي‪،‬‬


‫ُهو عوامي حمام جهڙو آ‪.‬‬

‫يار آهن ’وفا‘! سياستدان‪،‬‬


‫منهنجو سڀ ڪجهه عوام جهڙو آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪149‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪(1‬‬
‫حلول‪ :‬ڳار‪ ،‬ڳري يا حل ٿي وڃڻ‬
‫‪ó‬‬
‫نه پهتو ڪو به ِسنڌڙيَء جي َسڏن تي‪،‬‬
‫ننڍن کي حيف ۽ لعنت وڏن تي‪.‬‬

‫رڳو رستن ۽ چؤڪن تي چڙهائي‪،‬‬


‫نه همت ڪنهن کي پهچڻ جي اڏن تي‪.‬‬

‫ائين دولت تي آهي ويڙهه – ويڙهان‪:‬‬


‫وڙهن ٿا جئن بکيا ُ‬
‫ڪتا هڏن تي‪.‬‬

‫اميرن جون حويليون ڀي ته آهن‪،‬‬


‫رڳو ڪاهون غريبن جي لڏن تي‪.‬‬

‫اِهو تعليم جو معيار آهي‪،‬‬


‫معلم کٽ تي طالب تڏن تي!‬

‫وفا! انسان ۾ انسان ڪونهي‪،‬‬


‫سدا سندرو فسادن ۽ ڦڏن تي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪150‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جو به دولت سان وير ٿو چاهي‪،‬‬
‫ڄڻ ته َهڻ – َک ُڻ تي پير ٿو چاهي‪.‬‬

‫اي اميرو! ُپڇو غريبن کان‪،‬‬


‫ڪيئن ٻڪريَء کي شير ٿو چاهي؟‬

‫ڪنهن به ڀاڙئي – ُڀتي جو ڪم ناهي‪،‬‬


‫عشق جذبو دلير ٿو چاهي‪.‬‬

‫هِن ۾ ”تنهنجو“ وجود شامل آ‪،‬‬


‫ورنه دنيا کي ڪير ٿو چاهي!‬

‫منهنجو‪ :‬صدين جو صبر‪ ،‬شڪر صنم!‬


‫تو ۾ ڪوفرق‪/‬ڦير ٿو چاهي‪.‬ـ‬

‫تنهنجي حسن و حيا جي دريا مان‪،‬‬


‫َم َن جو مالح گهير ٿو چاهي‪.‬‬

‫ايٽمي جنگ جو جنون ’وفا‘!‬


‫صرف الشن جا ڍير ٿو چاهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪151‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫َ‬
‫ٺڪاو ٿين‪،‬‬ ‫صرف نعرن جا ٿا‬
‫ڪاش! عملي طرح َ‬
‫اپاو ٿين‪.‬‬

‫ت ۾ روشني نه آ‪ ،‬ورنه ‪-‬‬‫َر َ‬


‫َ‬
‫گهاو ٿين‪.‬‬ ‫جهير راڊون‪ ،‬چراغ‬

‫کول زلفن کي‪ ،‬ڳول ُمرڪن کي‪،‬‬


‫َ‬
‫هڳاو ٿين‪.‬‬ ‫ڪي بهاريون اچن‪،‬‬

‫برف ڄميل رهي ٿي ذهنن تي‪،‬‬


‫ڪيئن جذبن جا تيز َ‬
‫تاو ٿين‪.‬‬

‫پيٽ کان ظرف ٿو عزيز رکان‪،‬‬


‫منهنجي پڇ کان پري َ‬
‫پالو ٿين‬

‫آس جي اجني انڌيرن ۾‪،‬‬


‫َ‬
‫ڇهاو ٿين‪.‬‬ ‫ڪنهن جا محسوس ٿا‬

‫هرڻين سان مِرون پيئن پاڻي‪،‬‬


‫پوِء گندا نه ڪيئن َ‬
‫تالو ٿين!‬

‫ڪو ڪندو ڇا مقابلو هن سان‪،‬‬


‫وقت وٽ ٿا هزار َ‬
‫داو ٿين!‬

‫صرف ڀرجن ٿا وصل ساڻ ’وفا‘!‬


‫َ‬
‫گهاو ٿين‪.‬‬ ‫هجر جا ٿا عجيب‬
‫‪ó‬‬
‫‪152‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مٺا! توسان ملڻ مشڪل لڳي ٿو‪،‬‬
‫سمورو شهر ئي قاتل لڳي ٿو‪.‬‬

‫سندس روئڻ‪ ،‬کلڻ باطل لڳي ٿو‪،‬‬


‫صف اغيار ۾ شامل لڳي ٿو‪.‬‬
‫ِ‬

‫اهي جي ُحسن کي فاني چون ٿا‪،‬‬


‫انهن جو نظريو باطل لڳي ٿو!‬

‫نه ٿو معراج ماڻي عاشقيَء جي‪،‬‬


‫ڪري عاقل لڳي ٿو‪.‬‬‫جو عاشق ٿي ِ‬

‫توهان جو مون کي سمجهائڻ غلط آ‪،‬‬


‫ڪڍان ڪيئن دل مان‪ ،‬منهنجي دل لڳي ٿو‪.‬‬

‫’وفا‘! ڄاڻي خدا‪ ،‬عاشق ۽ شاعر‪،‬‬


‫ڪڏهن عاقل‪ ،‬ڪڏهن جاهل لڳي ٿو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪153‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫زندگي ۽ سڪون! ڇا؟ ڇا؟ ڇا؟‬
‫سوچ تي کِل اچي ٿي ها – ها – ها‪.‬‬

‫حشر ۾ ڀي نه پوِء مِلندوسانِء‪،‬‬


‫شرع جا ٽي دفعا ٿي‪ ،‬آ! آ! آ!‬

‫ناممڪن‪،‬‬ ‫عالمي اتفاق ُ‬


‫عالمي ڊوڙ صرف ٺا! ٺا! ٺا!‬

‫صرف تاڙيون ُعروج شاعر جو‪،‬‬ ‫ِ‬


‫شاعريَء جو ڪمال وا! وا! وا!‬

‫ڇا وفا‪ ،‬واقعي ’وفا‘ آهي!؟‬


‫چند گهڙين کان پوِء‪ :‬ها! ها! ها!‬
‫‪ó‬‬
‫‪154‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جو پيٽ وجهي کاريو‪،‬‬
‫پيتي کان چڱو هاريو‪،‬‬

‫پاڻيَء ۾ نمڪ وانگر‪،‬‬


‫ُد َ‬
‫ک‪ ،‬درد ڇڏن ڳاريو‪،‬‬

‫سودو ته رضا جو آ‪،‬‬


‫دوڏا ته نه ڦوٽاريو!‬

‫سنسار ۾ سچ ناهي‪،‬‬
‫جي آهي ته ڏيکاريو!‬

‫شيرين جا طلبگارو!‬
‫ڏونگر به اٿي ڏاريو‪.‬‬

‫ڪيئن پيار ڪبو آهي‪،‬‬


‫مون کي به ته سيکاريو‪.‬‬

‫روشن جي ٿيڻ چاهيو‪،‬‬


‫اوندهه ۾ ڏيئا ٻاريو‪.‬‬

‫چاهت ۽ ”وفا“ بنجي‪،‬‬


‫مون وقت تي ويچاريو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪155‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫خاص‪ُ ،‬مسلط عامن تي‪،‬‬
‫ڪهل ڪيو ُگگدامن تي‪.‬‬‫َ‬

‫پهتو پيار سالمن تي‪،‬‬


‫ايندو نيٺ ڪالمن تي‪.‬‬

‫خالي پيٽ غريبن جا‪،‬‬


‫زر جي پهچ طعام تي‪.‬‬

‫هاريو کير ته ٻانهيَء هو‪،‬‬


‫آقا گرم غالمن تي!‬

‫َانڌن سارو ڏوهه رکيو‪:‬‬


‫َکڏن‪ُ ،‬کوٻن‪ ،‬کامن تي!‬

‫ڪو به نه چاهي امن امان‪،‬‬


‫زور رڳو هنگامن تي‪.‬‬

‫بوتل جهڙا َه َ‬
‫ٿ ”وفا“!‬
‫ٺ لڳي ٿي جامن تي‪.‬‬ ‫َ‬
‫ل ِ‬

‫‪ó‬‬
‫‪156‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫رقص ۾ سڳي وفا!‬
‫هيَء ڪٿان لڳي وفا!‬

‫ٿي ويو‪ُ ،‬ٽڪر ُٽڪر‪،‬‬


‫مون جو اک ڀڳي وفا!‬

‫آدمي ازل‪َ ،‬ابد‪،‬‬


‫باقي سڀ ٺڳي وفا!‬

‫تنهنجي ساٿ کان سوا‪،‬‬


‫زندگيَء‪ ،‬کڳي وفا!‬

‫ُحسن ڪهڙو دڳ وٺي‪،‬‬


‫چاهه چؤدڳي وفا!‬

‫پيو کِلين صليب تي‪،‬‬


‫ايتري َمڳي ’وفا‘!‬
‫‪ó‬‬
‫‪157‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪنول پاڻي ۾‪ُ ،‬خشڪيَء تي گالب آ‪،‬‬ ‫َ‬
‫بالشڪ‪ :‬واقعي‪ ،‬هوَء الجواب آ‪.‬‬

‫آهيس چهرو‪،‬‬
‫ِ‬ ‫ائين ُزلفن ڍڪيو‬
‫ڪڪر جي پوئتان ڄڻ ماهتاب آ‪.‬‬

‫اڃايل هرڻين وانگر جيون ٿا‪،‬‬


‫اڳيان‪ ،‬پويان فريبن جو سراب آ‪.‬‬

‫چڱا آهن اِهي روزا‪ ،‬نمازون‪،‬‬


‫مگر معراج ڪوئي ٻيو حساب آ‪.‬‬

‫َ‬
‫خوشامدڙيا ’وفا‘! ڪاٿي ٿا سمجهن‪،‬‬
‫جيئڻ خوددار تي ڪيڏو عذاب آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪158‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پيار – پريت جون سر نه ٿيون چوٽيون‪،‬‬
‫عزم فرهاد جون رهيون کوٽيون‪.‬‬
‫ِ‬

‫چؤطرف ٻوڙ ۽ ُپ َ‬
‫الو‪ ،‬مگر ‪-‬‬
‫پيٽ ۾ صرف دال ۽ روٽيون‪.‬‬

‫زندگي ن َار جي مثال آهي‪،‬‬


‫۽ تمنائون َ‬
‫نار جون لوٽيون‪.‬‬

‫تنهنجي آفاقيت کي ڇا ٿي ويو‪،‬‬


‫ٿي ڪبوتر‪ ،‬زمين تي ڏوٽيون؟‬

‫َخ َر نه هرگز ’وفا‘! ڇڏي گوهي‪،‬‬


‫ُمون َمٿس َس َو ڀڃي ڇڏيون سوٽيون‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪159‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پيٽ ته پنهنجو‪ ،‬مال پرائو‪،‬‬
‫وات نه ساڙيو‪ ،‬ٺاري کائو‪.‬‬

‫ڪنئرو‪،‬‬‫َننهن کان چوٽيَء تائين ُ‬


‫اهڙو‪ ،‬جهڙو مکڻ ڳائو‪.‬‬

‫هر هيڻي لئه‪ ،‬هر هڪ ڏاڍو‪،‬‬


‫آهي ُملڪ جو چوٿون پائو‪.‬‬

‫ڪريا‪،‬‬ ‫ُ‬
‫لڙڪ جڏهن پيرن تي ِ‬
‫ُهن جي وات مان نڪتي ”هائو“‪.‬‬

‫دل جي پيرن منجهه ُچڀي پيو‪،‬‬


‫اک جو ٽٽل ڪائو!‬‫َڀڳل ِ‬

‫ُهن جي آڏو ذڪر ’وفا‘ جو‪،‬‬


‫ڳائي ماس اڳيان جيئن ٻائو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪160‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫مِٺي زندگي يا ڪڙي زندگي‪،‬‬
‫نه مون ڏي ڪڏهن ڀي َلڙي زندگي‪.‬‬

‫جا‪ ،‬تنهنجي عبادت ۾ گذري وئي‪،‬‬


‫لڳي ٿي ُاها ئي گهڙي زندگي‪.‬‬

‫جي ُان ۾ جيئڻ جي نه خوبي هجي‪،‬‬


‫ته واريَء جي آهي دڙي زندگي‪.‬‬

‫قيامت کان اڳ ۾ نه ايندي وري‪،‬‬


‫تڏهن تان مون اهڙي تڙي زندگي‪.‬‬

‫فرشتو َڍڪرجي ويو موت جو‪،‬‬


‫اڙي زندگي‪.‬‬
‫جڏهن زندگيَء مان ِ‬

‫ڪڏهن کنڊ کان ڀي مٺي ٿي لڳي‪،‬‬


‫ڪڏهن زهر کان ڀي ڪڙي زندگي‪.‬‬

‫’وفا‘! موت جا َ‬
‫ڪ َن کڙا ٿي ويا‪،‬‬
‫ائين زندگيَء لئه رڙي زندگي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪161‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جنهن ۾ انسانيت جو َد ُم ناهي‪،‬‬
‫ُان جو جڳ ۾ جيئڻ جو َ‬
‫ڪ ُم ناهي‪.‬‬

‫ذات ۽ پات‪ ،‬رنگ‪ ،‬نسل ته ڇا‪،‬‬


‫ڪير ڀي عشق کان ُا َت ُم ناهي‪.‬‬

‫مان‪ ،‬مٺا! فرض ناهيان‪ ،‬پيار آهيان‪،‬‬


‫تنهنجي شاديَء جو مون کي َغم ناهي‪.‬‬

‫آٌء ڪيڏو نه خوشنصيب آهيان‪،‬‬


‫تنهنجي ُزلفن ۾ پيچ – َخ ُم ناهي‪.‬‬

‫عالمي امن ڪيئن بحال رهي‪،‬‬


‫ڪهڙو ُملڪ آهه جنهن ۾ َب ُم ناهي‪.‬‬

‫ڪير ڪنهن جي نٿو رکي هاڻي‪،‬‬


‫ُمحبتن جو رهيو ڀرم ناهي‪.‬‬
‫ُان جي پيرن ۾ بوٽ ڪيئن هوندا‪،‬‬
‫جنهنجي هٿ ۾ ’وفا‘! َ‬
‫قل ُم ناهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪162‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪو به سجدو‪ ،‬سجود ڪونهي ڪو‪،‬‬
‫ڇا خدا جو وجود ڪونهي ڪو؟!‬

‫جيڪو مون ۾ َلچڪ ڪري پيدا‪،‬‬


‫مون ۾ اهڙو غدود ڪونهي ڪو‪.‬‬

‫ڪوبه روحانيت شناس نه آ‪،‬‬


‫ڪنهن به لب تي درود ڪونهي ڪو‪.‬‬

‫عام ۽ جام حالتن کي ڏسو‪،‬‬


‫زر‪ ،‬زيان آهي سود ڪونهي ڪو‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫َ‬
‫نزول شعرن جو‪،‬‬ ‫مِينهن وانگر‬
‫پ ۾ ڀي جمود ڪونهي ڪو‪.‬‬ ‫ُ‬
‫چ ِ‬

‫مان ’وفا‘! َم ُچ مچائيندو آهيان‪،‬‬


‫منهنجي فِطرت ۾ دود ڪونهي ڪو‪.‬‬
‫‪ó‬‬

‫ُسود‪ :‬فائدو‪ ،‬وياج‬ ‫)‪(1‬‬


‫‪163‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫عالمي امن جو بهانو آ‪،‬‬
‫عالمي جنگ جو زمانو آ‪،‬‬

‫صرف طاقت جي بادشاهي آ‪،‬‬


‫حڪمران ڀي فقط خزانو آ‪،‬‬

‫جنهن کي يو‪ .‬اين‪ .‬او چيو ٿو وڃي‪،‬‬


‫سو ته اسلحه جو ڪارخانو آ‪،‬‬

‫هڪ ئي مزدور جا ٻه رخ آهن‪،‬‬


‫ڪوئي ڏاٽو آ‪ ،‬ڪوئي پانو آ‪،‬‬

‫ايٽمي بم ۽ نيوٽران ’وفا‘!‬


‫آدميت تي تازيانو آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪164‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫دست آهي نه دستگيري آ‪،‬‬
‫زنده پيري‪ ،‬نڪا فقيري آ‪،‬‬

‫حق جي اعتراف کان نهڪر‪،‬‬


‫تنگ ظرفي آ‪ ،‬بي ضميري آ‪.‬‬

‫ڪک َپن اداس آهي‪،‬‬ ‫تو سوا َ‬


‫خوش غريبي‪ ،‬نه ڪا اميري آ‪.‬‬

‫هڪڙي اللڻ جي ميزبانيَء ۾‪،‬‬


‫مون پلي جان حيات چيري آ‪.‬‬

‫جنگ‪ :‬تخريب ۽ شرپسندي آ‪،‬‬


‫تڪميل ملڪ گيري آ‪،‬‬
‫ِ‬ ‫امن‬

‫آسماني اکين جا ڏنگ ’وفا‘!‬


‫دل سڄي نِير جيئن نيري آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪165‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫آسماني ڪتاب ۾ آهي‪،‬‬
‫پيار شامل ثواب ۾ آهي‪.‬‬

‫سامري نيڻ ۽ بدن ڪيالش ‪،‬‬


‫)‪(2‬‬ ‫)‪(1‬‬

‫سحر تنهنجي شباب ۾ آهي‪.‬‬ ‫)‪(3‬‬

‫منهنجي خواهش کي بي لباس ڪري‪،‬‬


‫پاڻ ِٻيڻي نقاب ۾ آهي‪.‬‬

‫منهنجي محبوب جو‪ ،‬جي ُحسن ڏسو‪،‬‬


‫چنڊ ۾ يا گالب ۾ آهي‪.‬‬

‫منهنجي جذبات جي زبان ’وفا‘!‬


‫پ جي عذاب ۾ آهي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫ڪنهن جي چ ِ‬
‫‪ó‬‬
‫‪166‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫حاالنڪه ڦڙي آهي‪،‬‬
‫دريا جان ُڇڙي آهي‪.‬‬

‫جي انگ – اکر ڪونهن‪،‬‬


‫هر چيز ُٻڙي آهي‪.‬‬

‫صورت به آ‪ ،‬سيرت ڀي‪،‬‬‫ُ‬


‫ڇا جوڙ – ُجڙي آهي‪.‬‬

‫غربت ڇا‪ ،‬جهالت ڇا‪،‬‬


‫ُجوتي جي ُکڙي آهي‪.‬‬

‫چاهت کان َمٽي ُمنهنڙو‪،‬‬


‫دولت ڏي ُمڙي آهي‪.‬‬

‫دنيا لئه ’وفا‘! دولت –‬


‫ڪتي کي ُپڙي آهي‪.‬‬ ‫ُ‬
‫‪ó‬‬
‫‪167‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫منهنجي چاهت کان انحرافي آ‪،‬‬
‫تنهنجو ونواهه اِختالفي آ‪.‬‬

‫هن سڄي ڪائنات ۾ مون لئه‪،‬‬


‫صرف تنهنجو وجود ڪافي آ‪،‬‬‫ِ‬

‫ُ‬
‫خودڪشي منهنجي‪،‬‬ ‫تنهنجي شاديَء ۾‬
‫نينهن نقصان جي تالفي آ‪.‬‬

‫هاڻ هر ڪو ٿو پنهنجي ِدل تي هلي‪،‬‬


‫هاڻ هر ُجرم جي َمعافي آ‪.‬‬

‫پيار ۽ سچ جي ِسلسلي کان سوا‪،‬‬


‫باقي هر سلسلو اضافي آ‪.‬‬

‫پيار تنهنجو ’وفا‘! سندس ِدل ۾‪،‬‬


‫ٻار جي ُمٺ ۾ جيئن ٽافي آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪168‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُتنهنجو جنون آهي‪،‬‬
‫ڏاڍو ُسڪون آهي‪.‬‬

‫َ‬
‫احسان جي رڳن ۾‪،‬‬
‫مطلب جو خون آهي‪.‬‬

‫مان‪ ،‬دل‪ ،‬سماج‪ ،‬دولت‪،‬‬


‫حالت زبون آهي‪.‬‬

‫ڪيڏو بلند آهين‪،‬‬


‫جڳ ِسرنگون آهي!‬

‫ڪنهن جي مِلڻ لئه آتو‪،‬‬


‫اڄ مِيم نون آهي‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫دوش ’وفا‘ تي بيٺل‪،‬‬


‫ِ‬
‫ِدل جو ستون آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪169‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نظريو ۽ اصول پئسو آ‪،‬‬
‫وقت جو عرض و طول پئسو آ‪.‬‬

‫نعمتن ۾ شمار هر راحت‪،‬‬


‫رحمتن جو نزول پئسو آ‪.‬‬

‫موت جو ڪوئي ڀي ُهجي مقصد‪،‬‬


‫زندگيَء جو حصول پئسو آ‪.‬‬

‫َتنهن کي قارون ئي چئي سگهبو‪،‬‬


‫جنهن جو مقصد ۽ مول پئسو آ‪.‬‬

‫هر زمان ۽ مڪان شاهد آ‪،‬‬


‫ِذلتن جو خلول پئسو آ‪.‬‬

‫سچ ۽ ُسونهن جي نظر ۾ ’وفا‘‪،‬‬ ‫َ‬


‫اڄ به تِ َ‬
‫ڇ ۽ فضول پئسو آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪170‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫ڪفر ۽ الحاد ڙي!‬‫َس ُچ سوچڻ ُ‬
‫هاِء‪ ،‬گهوڙا ڙي! اڙي بغداد ڙي!‬

‫دل کان‪ ،‬دولت کي رکي جيڪو عزيز‪،‬‬


‫دوستو! قارون ڙي! شداد ڙي!‬

‫منهنجي لفظن ۽ خيالن کي پڙهو‪،‬‬


‫منهنجي شعرن کي نه ُگهرجي داد ڙي!‬

‫جا َبجا ُسورين‪ ،‬صليبن جو قسم‪،‬‬


‫عِشق جو آهي‪ ،‬اڃا ميعاد ڙي!‬

‫صرف نظرن سان ئي ڪم الهيو وجهي‪،‬‬


‫ُهو نڪو قاتل‪ ،‬نڪو جالد ڙي!‬

‫منهنجي هٿ ۾ ڪنهن جون تصويرون ِڏسي‪،‬‬


‫ٿي ويو تصوير خود بهزاد ڙي!‬

‫ُڌوتين جي پاڙ سائي ٿي وئي‪،‬‬


‫ڪونه شيرين کي رسيو فرهاد ڙي!‬

‫رقص بسمل سان ’وفا‘!‬


‫ِ‬ ‫ُسر ۽ ُگر ۾‬
‫حن مقتل ۾ وڄي ٿو ناد ڙي!‬‫ص ِ‬
‫ِ‬
‫‪ó‬‬
‫‪171‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جوڙ مِليا‪ ،‬بي جوڙن وانگر‪،‬‬
‫جن جا وصل‪ ،‬وڇوڙن وانگر‪.‬‬

‫دل جي ڌرتي ُ‬
‫ناس ڪري ويا‪،‬‬
‫صدما جنگي گهوڙن وانگر‪.‬‬

‫َرٻ ۽ َپڇ وڪائو ناهي‪،‬‬


‫ُاڦراٽن ۽ ٻوڙن وانگر‪.‬‬

‫رستي ۾ سڀ رهبر گڏيا‪،‬‬


‫ديوارن ۽ روڙن وانگر‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫سچن تي تنقيد ٿئي ٿي‪،‬‬


‫پاڻيَء ۾ ٿاڦوڙن وانگر‪.‬‬

‫ُ‬
‫موت چڱو آ‪ ،‬ڪير جئي ٿو –‬
‫انڌن‪ ،‬گونگن‪ ،‬ٻوڙن وانگر!‬

‫نازڪ شيشي جهڙي تون آن‪،‬‬


‫منهنجا هٿ‪ :‬هٿوڙن وانگر‪.‬‬

‫ايڏو اوکو نانُء ’وفا‘ جو‪،‬‬


‫ياد ڪيان ٿو کوڙن وانگر‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪172‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سڀ ڪو تنهنجي يارن وانگر‪،‬‬
‫َ‬
‫ڪ ُڍ‪ ،‬ڪوئي مون پارن وانگر‪.‬‬

‫ُدشمن آهن خارن وانگر‪،‬‬


‫دوست گلن جي هارن وانگر‪.‬‬

‫َسچن پويان ڏاٽا – ڏاٽيون‪،‬‬


‫سارين ۾ البارن وانگر‪.‬‬

‫مون کي پاڙهي پيار جون پٽيون‪،‬‬


‫ٿي ويو دنيا وارن وانگر‪.‬‬

‫انسانن جو َم ُ‬
‫رڪ نه آهي‪،‬‬
‫سوچڻ ‪َ :‬اڇن ‪ /‬ڪارن وانگر‪.‬‬

‫ُسرخ چپن جي کٽمٺڙن لئه‪،‬‬


‫رڙندو رهندس ٻارن وانگر‪.‬‬

‫هوَء ڪمري جي ڊيڪوريشن‪،‬‬


‫مان ڪمري جي ڄارن وانگر‪.‬‬
‫‪173‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫هر دوشيزه ’ ُسهڻي‘ لڳندئي‪،‬‬


‫سوچي ڏس ’ميهارن‘ وانگر‪.‬‬

‫منهنجي ارمانن جي ُاڀ تي‪،‬‬


‫سهڻا چنڊ ستارن وانگر‪.‬‬

‫ڪي ڪي پيڪر لڳندا آهن‪،‬‬


‫چپڙين ۽ يڪتارن وانگر‪.‬‬

‫منهنجي ٻڏندڙ آشائن لئه‪،‬‬


‫تنهنجو جسم ڪنارن وانگر‪.‬‬

‫منهنجو پيار ’وفا‘ جو ُپتلو‪،‬‬


‫تنهنجو پيار هزارن وانگر‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪174‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َڦٽڪي تي َڦٽڪو ٿئي‪،‬‬
‫شايد ُبت ڄٽڪو ٿئي‪.‬‬

‫ُ‬
‫سچ‪ :‬ٿورن لفظن ۾‪،‬‬
‫سوريَء جو جهٽڪو ٿئي‪.‬‬

‫منهنجو ساٿ نه ڇڏجان‪،‬‬


‫پيرن تي پٽڪو ٿئي‪.‬‬

‫حق وٺڻ جو ُنسخو‪:‬‬


‫جوتن جو سٽڪو ٿئي‪.‬‬

‫ُ‬
‫جيڏل! سوچي کڻجان‪،‬‬
‫ُسهڻيَء جو مٽڪو ٿئي‪.‬‬

‫”دنيا جو نظريو‪،‬‬
‫اٽڪايو اٽڪيو – ٿئي!“‬

‫پيار ”وفا“! دنيا لئه‪،‬‬


‫هڪ لٽڪو‪َ ،‬چٽڪو ٿئي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪175‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جيسين هو مهمان رهيو‪،‬‬
‫مالڪ جو احسان رهيو‪.‬‬

‫ٺ۾ َ‬
‫ٻوڙ‪ُ ،‬پ َ‬
‫الو‪ ،‬مگر –‬ ‫َچ ِ‬
‫فاقن ۾ انسان رهيو‪.‬‬

‫ڪهڙو تن جو دين – َڌرم‪،‬‬


‫زر‪ ،‬جن جو ايمان رهيو‪.‬‬

‫نانگن جي َ‬
‫ڪ َر – َ‬
‫تاڻ ِڏسي‪،‬‬
‫هر جوڳي حيران رهيو‪.‬‬

‫عالم فِرقن الِء ٿيا‪،‬‬


‫ختمن لئه قرآن رهيو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪176‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫لوڪ لتاڙي آيو آهيان‪،‬‬
‫تنهنجي پاڙي آيو آهيان‪.‬‬

‫ُپٺتي موٽڻ شان نه منهنجو‪.‬‬


‫ٻيڙيون ساڙي آيو آهيان‪.‬‬

‫استحصالي ُجبا‪ ،‬ڪڙتا‪،‬‬


‫چيري‪ ،‬ڦاڙي آيو آهيان‪.‬‬

‫ُلڙڪن – ميڙ به موٽايائين‪،‬‬


‫َر ُت ڀي ڳاڙي آيو آهيان‪.‬‬

‫سج ُاڀاري ڪونه سگهيس جي‪،‬‬


‫رات ته الڙي آيو آهيان‪.‬‬

‫ڪٺو‪ ،‬سي‪-‬‬‫َجن به ”وفا“ جو پيار ُ‬


‫َدنگ ُاکاڙي آيو آهيان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪177‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ائين دل ۾ سندس هورا ۽ کورا‪،‬‬
‫ُڀليل جئن شهر ۾ واهڻ جا ڇورا‪.‬‬

‫ائين مون کي ڪٽيو منهنجي اصولن‪،‬‬


‫َهٿوڙن سان ُ‬
‫ڪٽن جيئن لوه ُه لورا‪.‬‬

‫ڀريندو پنهنجي پنهنجي قبر هر ڪو‪،‬‬


‫نه ڪنهن رشتي ۾ رک ايمان ڀورا‪.‬‬

‫وفادارن مٿان اِلزام ايندو‪،‬‬


‫نه ُلڏ سڀ سان محبت جا هِندورا‪.‬‬

‫بدن کي مئڪدو ئي چئي سگهون ٿا‪،‬‬


‫جڏهن اکيون سندس آهن ڪٽورا‪.‬‬

‫نه کِليو ُگل ڪنول جو‪ ،‬روئي روئي‪-‬‬


‫ڀري ڇڏيم سڀئي ڍنڍون ۽ ڍورا‪.‬‬

‫َنشن ۾ چپ َوتن ٿِڙندا ڳلن تي‪،‬‬


‫اکيون تنهنجو شرابن جا ڪٽورا‪.‬‬
‫‪178‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫زمانو صرف ڪم جو يار آهي‪،‬‬


‫مگر تنهنجا اسان عاشق ۽ گهورا‪.‬‬

‫ڪري پٿرن سان جذباتي ڪچهريون‪،‬‬


‫ڪري ڇڏيائين ُبت شيشي جو‪ ،‬ڀورا‪.‬‬

‫مون کي تڪليف جي سوريَء تي چاڙهي‪،‬‬


‫ُلڏي ٿو پاڻ پيو ُسک جا هِندورا‪.‬‬

‫ڊڄن ُسورين‪ ،‬صليبن تي چڙهڻ کان‪،‬‬


‫’وفا‘! عاشق ڪٿي اهڙا سدورا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪179‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َپ َڙ ٿا پون اميرن تي‪،‬‬
‫لعنت هجي ضميرن تي!‬

‫انڌيون عقيدتون آهن‪،‬‬


‫ڪهڙي ميار ِپيرن تي‪.‬‬

‫سڀ ڪو ِپني پيو جڳ ۾‪،‬‬


‫ڪاوڙ رڳو فقيرن تي!‬

‫ُدشمن هيو غريبن جو‪،‬‬


‫پڳ جنهن رکي اميرن تي‪.‬‬

‫جيلن جا وڻ ويا وڍجي‪،‬‬


‫اس ٿي رهي اسيرن تي‪.‬‬

‫َچمڙي ُاڏي پئي َڦٽڪن سان‪،‬‬


‫ضد جو نشو سريرن تي‪.‬‬‫ِ‬

‫زهراب ٿا لڳن هاڻي‪،‬‬


‫افسوس کنڊ‪ ،‬کيرن تي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪180‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫آيت دليل آهي‪،‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ماڻهو شڪيل آهي‪.‬‬


‫)‪(2‬‬

‫انسان جو جياپو‪،‬‬
‫گاڏيَء جو ِويل آهي‪.‬‬

‫پئسي جي شيِء عدالت‪،‬‬


‫ُ‬
‫ويڪو وڪيل آهي‪.‬‬

‫ڪري ڇا هڪڙو‪،‬‬ ‫ڏاڙهون‪َ ،‬‬


‫سڀ ڪو عليل آهي‪.‬‬

‫جيڪو به ڪاٺ ۾ آ‪،‬‬


‫حق جو خليل آهي‪.‬‬

‫گهوڙا! جفا ’وفا‘ سان‪،‬‬


‫ڪيڏو ذليل آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪181‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪا خطا‪ ،‬۽ نه ڪو قصور آهي‪،‬‬
‫َ‬
‫سچ سان واسطو ضرور آهي‪.‬‬

‫هِ َ‬
‫ڪ ئي ذات جا ٻه رخ آهن‪،‬‬
‫ڪوئي موسى‪ ،‬نه ڪوئي طور آهي‪.‬‬

‫منهنجا جذبات با وفا آهن‪،‬‬


‫تنهنجو احساس بي شعور آهي‪.‬‬

‫مختصر هِن خيال جي تشريح‪:‬‬


‫ُبت بشر آهي‪ ،‬روح نور آهي‪.‬‬

‫ُمختلف روپ خود شناسيَء جا‪،‬‬


‫مان ’وفا‘ ناز‪ ،‬هو غرور آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪182‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر شيِء جي تجارت آ‪،‬‬
‫اهلل کي پارت آ‪.‬‬

‫ڇا تاج محل ڄاڻي‪،‬‬


‫دل ڀي ڪا عمارت آ؟‬

‫ِپي خون غريبيَء جو‪،‬‬


‫َنشي ۾ امارت آ ‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ُسڪن سان سڙن ساوا‪،‬‬


‫ڪنهن جي ته شرارت آ‪.‬‬

‫سچن تي کلن ڪوڙا‪،‬‬


‫ڇا ُح ِ‬
‫سن بصارت آ!!‬
‫)‪(2‬‬

‫سچ ڇو ٿو چڙهي ڦاهي؟‬


‫سڀ ڪنهن کي ڳجهارت آ!‬

‫من ميرو ۽ تن ُاجرو‪،‬‬


‫هيَء ڪهڙي طهارت آ!‬
‫‪ó‬‬
‫‪183‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پيار جا ڳيچ ڳايون َهلي‪،‬‬
‫هل ته محفل مچايون هلي‪.‬‬

‫لعل اٽڪي پيو تاج سان‪،‬‬


‫گودڙيَء ۾ لڪايون هلي‪.‬‬

‫ِس ُج هوليَء جو مشڪل َلهي‪،‬‬


‫هل ته ڪپڙا مٽايون هلي‪.‬‬

‫ڇڏ نه کِلندن سان گڏجي کِلڻ‪،‬‬


‫آ ته ُرئندڙ کاليون هلي‪.‬‬

‫اچ ته مسجد مان جهرڪيون جهليون‪،‬‬


‫مولويَء کي ِپٽايون هلي‪.‬‬

‫پنهنجي پنهنجي ڳچيَء ۾ پيل‪،‬‬


‫ُدهل گهر گهر وڄايون هلي‪.‬‬
‫َهمسفر سڀ ڇڏي ويا وفا!‬
‫ڌوڙ رستن تي پايون هلي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪184‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سندِء تدبير هان‪ ،‬تقدير ناهيان‪،‬‬
‫نه ڏس حيرت سان مان تصوير ناهيان‪.‬‬

‫مون کي منهنجي مرڻ کان پوِء پڙهجان‪،‬‬


‫مان پنهنجي ُدور جي تحرير ناهيان‪.‬‬

‫نه ڊِڄ‪ ،‬مان رحمدل درياهه آهيان‪،‬‬


‫بتيال! لهر ناهيان‪ِ ،‬وير ناهيان‪.‬‬

‫جيئڻ چاهيان ٿو مان پنهنجي رضا سان‪،‬‬


‫مان ڪنهن جي پيُء جي جاگير ناهيان‪.‬‬

‫سڙي ويندين ُلڪن‪ ،‬جهولن ۾ ناحق‪،‬‬


‫پري ٿي مان ڏکڻ جي هير ناهيان‪.‬‬

‫رک اميد مون کان‪،‬‬ ‫فقط عورت جي ُ‬


‫وفا! سهڻي نه آهيان‪ ،‬هِير ناهيان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪185‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪتي آهين‪،‬‬‫ٽيڙو يا َ‬
‫اوندهه ۾ بتي آهين‪.‬‬

‫ڇا رنگ ڏيان تو کي‪،‬‬


‫هر رنگ – رتي آهين‪.‬‬

‫قتالم انڌيرن جو‪،‬‬


‫ڇا ميڻ – بتي آهين؟!‬

‫مان ’باز بهادر ‘ هان‪،‬‬


‫)‪(1‬‬

‫تون ’روپ متي‘ آهين‪.‬‬


‫(‪)5‬‬

‫ِد ِل ڪيئن ڪڍي توکي‪،‬‬


‫دولت ۾ گتي آهين‪.‬‬

‫مان ابر جو ُٽڪرو هان‪،‬‬


‫تون چنڊ – َچتي آهين‪.‬‬

‫ڪئي خون وفا! ٿيندا‪،‬‬


‫پاڻيَء جي پتي آهين‪.‬‬
‫(‪)3‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪186‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫ساٿ – سرواڻ ضروري آهي‪،‬‬
‫ڪوئي اڳواڻ ضروري آهي‪.‬‬

‫دل جي هر فصل جي افزائش لئه‪،‬‬


‫درد جو ڀاڻ ضروري آهي‪.‬‬

‫عِشق جي صحرا َن ِ‬
‫ورديَء جو قسم‪،‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ُحسن اڻ ڄاڻ ضروري آهي‪،‬‬

‫سنگ مرمر جا بدن! تنهنجي لئه‪،‬‬


‫ڪارو پهراڻ ضروري آهي‪.‬‬

‫وقت جي رڻ ۾ اڪيلي جوڳڻ!‬


‫ڪونه ڪو ساڻ ضروري آهي‪.‬‬

‫’پنج درياهه‘ اکين تي ليڪن‪،‬‬


‫مون لئه ’ مهراڻ‘ ’ضروري‘ آهي‪.‬‬

‫پيار جي الِء ضروري آ ’وفا‘‪،‬‬


‫کٽ لئه واڻ ضروري آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪187‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪ (1‬سامري‪ :‬هڪ مشهور جادوگر جو نالو‬


‫)‪ (2‬ڪيالش‪ :‬هڪ جبل جو نالو‬
‫)‪ (3‬سحر‪ :‬جادو‬
‫)‪ (1‬ميم نون‪َ :‬م ُن‬
‫)‪ (1‬روڙا‪ :‬رنڊڪون‬
‫)‪ (1‬آيت‪ :‬لقد خلقنا االنسان في احسن تقويم‪.‬‬
‫)‪ (2‬شڪيل‪ :‬خوبصورت‬
‫)‪ (1‬امارت ‪ :‬اميري‬
‫)‪ (2‬حسن بصارت‪ :‬نظر جي سونهن‬
‫)‪ (1‬۽ (‪ )5‬باز بهادر ۽ روپ متي‪ :‬هڪ تواريخي ڪهاڻيَء جا ٻه ڪردار (‪ )3‬پتي‪ :‬حصو‬
‫‪ ) (1‬صحرا نوردي ‪ :‬رڻ‪ ،‬پٽ جهاڳڻ‬
‫‪188‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َن ُر هوِء کڻي مادي‪،‬‬
‫اِنسان ته آزادي‪.‬‬

‫جيون جو دليل آهي‪:‬‬


‫احساس غم و شا ِدي‪.‬‬
‫ِ‬

‫مان هن جو وطن آهيان‪،‬‬


‫دل آهه سندس گا ِدي‪.‬‬

‫َو ُنواهه مان اڏري وئي‪،‬‬


‫اڄ رات هئس شا ِدي!‬

‫مان پيار – جو پربت هان‪،‬‬


‫هوَء روپ سندي وادي‪.‬‬

‫هر ريل ۾ ملزم آ‪،‬‬


‫هر جيل ۾ فريادي‪.‬‬

‫پٿر سان ’وفا‘! ياري‪،‬‬


‫آئيني جي بربادي‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪189‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫صليبون سجايون پيا‪،‬‬
‫َ‬
‫اکر آزمايون پيا‪.‬‬

‫بغاوت جا نعرا هڻي‪،‬‬


‫ڪسڻ کان َ‬
‫ڪنايون پيا‪.‬‬

‫کڻي ُلڙڪ آهيون اسان‪،‬‬


‫مگر ُگل کِاليون پيا‪.‬‬

‫سراپا غزل پيو‪ ،‬اچي‪،‬‬


‫چڱو‪ ،‬موڪاليون پيا‪.‬‬

‫ُمحبت جون چٺيون َٻڌي‪،‬‬


‫ڪبوتر اڏايون پيا‪.‬‬

‫ڪٿ ’وفا‘!‬ ‫ڪٿي ُهو‪ ،‬اسان ِ‬


‫مِڙئي ڌوڙ پايون پيا‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪190‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫زر جي ڏس‪ ،‬جادوگِري‪،‬‬
‫ديو جي ڪڇ ۾ پري!‬

‫موٽ ڪر جلدي َچري!‬


‫ورنه مان ويندس مري‪.‬‬

‫کار‪،‬‬
‫شهر جا ماڻهو نه ِ‬
‫پاڻ ڀي پوندين کري‪.‬‬

‫هِجر جي ُلڙڪن ۾ ُبت‪،‬‬


‫لوڻ وانگر ويو ڳري‪.‬‬

‫ڏي نه چڻنگن کي َهوا‪،‬‬


‫مچ ڪو پوندو ٻري!‬ ‫ُ‬

‫ڪا نه ٻي ترندي ائين‪،‬‬


‫جئن ’وفا‘! ُسهڻي تري‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪191‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫’وفا ۽ بيوفا‘!؟ هي ڇا چيو ٿئي‪،‬‬
‫اڙي اشراف! ڪنهن چرچو ڪيو ٿئي‪.‬‬

‫ُاهو ئي ُگفتگو جو ماحصل هو‪،‬‬


‫)‪(1‬‬

‫نِڙيَء ۾ لفظ جو اٽڪي پيو ٿئي‪.‬‬

‫َنشو خود ٿيڙ کائيندو وتي ٿو‪،‬‬


‫الئه مئه کي ۽ مون کي ڇا ڪيو ٿئي‪.‬‬

‫اکيون انڌيون‪ ،‬دماغ انڌو ۽ دل ڀي‪،‬‬


‫سمورو سوجهرو کسجي ويو ٿئي‪.‬‬

‫تڏهن مينهن ۾ ُهڙ ُکڙ ٿي پئي ٿئي‪،‬‬


‫جڏهن اڌ کير‪ ،‬اڌ پاڻي َميو ٿئي‪.‬‬

‫’وفا‘! ُ‬
‫ڪڏندو ُهئين تون سانوڻن سان‪،‬‬
‫ُسڪيَء تي پير ڪيئن تِرڪي پيو ٿئي؟‬

‫‪ó‬‬
‫‪192‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫زمينن‪ ،‬آسمانن ۾‪،‬‬
‫ِڏٺم سڀني جهانن ۾‪.‬‬

‫ُ‬
‫گهري ِجن ِجن به آزادي‪،‬‬
‫مري ويا قيدخانن ۾‪.‬‬

‫ڪئي طوفان َپلجن پيا‪،‬‬


‫بتيلن‪ ،‬بادبانن ۾‪.‬‬

‫مان ُمفلس‪ ،‬تون وڏو ماڻهو‪،‬‬


‫نه گڏ نوحا‪ ،‬ترانن ۾‪.‬‬

‫خدا ڌرتيَء کي ويجهو آ‪،‬‬


‫نه ڳوليو آسمانن ۾‪.‬‬

‫فقط تنهنجي تالش آهي‪،‬‬


‫زمانن ۽ مڪانن ۾‪.‬‬

‫سڀئي قانون جا دشمن‪،‬‬


‫اٿئي قانوندانن ۾‪.‬‬
‫‪193‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫عجب آدم جو افسانو‪،‬‬


‫سدائين اِمتحانن ۾‪.‬‬

‫ڏسان پڃري ۾ هر ُبلبل‪،‬‬


‫۽ ڪانئر گلستانن ۾‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫وفا‪ ،‬ماڻهن ۾ رهندو آ‪،‬‬


‫حقيقت جان فسانن ۾‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪194‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُ‬
‫ڪڇي قربن جي ڪاني‪،‬‬ ‫َهنيهِء اهڙي َ‬
‫ڪري فانيَء کي ڇڏيئه غير فانِي‪.‬‬

‫زميني جسم‪ ،‬چولو آسماني‪،‬‬


‫قضا جو سڏ‪ :‬قيامت جي نشاني‪.‬‬

‫لڳي ٿي تنهنجي چاهت جي نشي ۾‪،‬‬


‫مون کي هڪ مئڪدو تنهنجي جواني‪.‬‬

‫خدا کان پوِء ُهوِء معبود آهي‪،‬‬


‫سندس تعريف عاشق جي زباني‪.‬‬

‫فقط بڪواس جو آهي زمانو‪،‬‬


‫بڻي دشمن اسان جي بي زباني‪.‬‬

‫ُاهو‪ ،‬جنهن آبشارن کي ڏٺو آ‪،‬‬


‫ِڏسي سو منهنجي لڙڪن جي رواني!‬

‫ڪتن‪ِ ،‬ٻلن جي عيد آهي‪،‬‬‫’وفا‘! ُ‬


‫نه ماڻهوَء کي مِلي ٿي دال ماني‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪195‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هونَء ته هر لب تي تنهنجو نالو هو‪،‬‬
‫صرف منهنجي َچپن تي تالو هو‪.‬‬

‫جنهن سان تنهنجو ضمير روشن ٿيو‪،‬‬


‫منهنجي احساس جو ُاجالو هو‪.‬‬

‫ُڍڪ ڀرڻ سان ئي ٿي ويو محسوس‪،‬‬


‫زندگي زهر جو پيالو هو‪.‬‬

‫جنهن کي سج‪ ،‬چنڊ پئي چيو ماڻهن‪،‬‬


‫تنهنجو ُبولو هو‪ ،‬تنهنجو والو هو‪.‬‬

‫پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘!‬


‫ڪير سيد هو‪ ،‬ڪير ٻالو هو‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪196‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫فقط ميالپ جو مظهر هي دسترخوان آ پيارا!‬
‫نه ڪوئي ميزبان آهي‪ ،‬نه ڪو مهمان آ پيارا‪.‬‬

‫ائين ناهي ته دولتمند ڪو انسان ئي ڪونهي‪،‬‬


‫مگر انسانيت جو ُان ۾ ڪجهه فقدان آ پيارا!‬

‫نه ڪافر کي ُبرو سمجهي‪ ،‬نه مومن کي َمٺو ڀانئين‪،‬‬


‫قابل عزت فقط انسان آ پيارا!‬
‫ِ‬ ‫خدا وٽ‬

‫ڏسي ٿو هر ڪوئي پنهنجي نگاهن ساڻ دنيا کي‪،‬‬


‫نه ڪوئي عقلمند آهي‪ ،‬نه ڪو نادان آ پيارا!‬

‫سندس وعده خالفي تي‪ ،‬سندس ايڏي تغافل تي‪،‬‬


‫مون کي افسوس آ پيارا! مون کي ارمان آ پيارا!‬

‫جو جنت مان ڀڄي آيو‪ ،‬اهو دوزخ ۾ ڪيئن رهندو‪،‬‬


‫’وفا‘! آدم ِانهي حيرت ۾ خود حيران آ پيارا!‬

‫‪ó‬‬
‫‪197‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اسان خود کي ته ماريندا رهياسين‪،‬‬
‫مگر ُهن کي جياريندا رهياسين‪.‬‬

‫انهيَء لغزش وڌو ٻوڙي اسان کي‪،‬‬


‫ٻڌڻ وارن کي تاريندا رهياسين‪.‬‬

‫اگر ِشيرين نه ٿي حاصل اسان کي‪،‬‬


‫مگر ڏونگر ته ڏاريندا رهياسين‪.‬‬

‫ِچٻن‪َ ،‬چمڙن ڏنيون اِن لئه سزائون‪،‬‬


‫ِڏيئا اوندهه ۾ ٻاريندا رهياسين‪.‬‬

‫لنگهيو رستي مان اهڙو ديده ور جو‪،‬‬


‫گهڻي تائين نهاريندا رهياسين‪.‬‬

‫نڀايوسين حسينن سان سدائين‪،‬‬


‫کڻي ڏکيا گذاريندا رهياسين‪.‬‬

‫نه بيٺا ُاٺ‪ ،‬نه بيٺا ُاٺ نه بيٺا‪،‬‬


‫’وفا‘ چندن به چاريندا رهياسين‪.‬‬
‫‪198‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫کڙڪيون ئي کڙڪيون ديوار ۾‪،‬‬
‫گهر ۾ هوندي پئي لڳو بازار ۾‪.‬‬

‫ٽائرن هيٺان چچرجي ويا حواس‪،‬‬


‫حسن پيدل‪ ،‬عشق آهي ڪار ۾‪.‬‬

‫تنهن ڪري هٿيار ُاڇلي ٿو ڇڏيان‪،‬‬


‫جيت منهنجي آهه منهنجيَء هار ۾‪.‬‬

‫دل جي اکين تان جڏهن کوپا لٿا‪،‬‬


‫ڪجهه جو ڪجهه آيو نظر بازار ۾‪.‬‬

‫ڪيئن ُکڙڪايان عدالت جا ڪڙا؟‬


‫عدل جي اميد ۽ سرڪار ۾!‬

‫ڪم عقل آهين ’وفا‘!‬‫ڪيترو تون َ‬


‫ُ‬
‫يار پيو ڳولين ِچتا جي ڇار ۾‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪199‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ِجسم گندو آ‪ ،‬روح گندو آ‪،‬‬
‫ُ‬
‫حال انسانيت جو مندو آ‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫ڪار ۽ بنگلو‪،‬‬
‫ِ‬ ‫شيخ صاحب جي‬
‫من – گهڙت مسجدن جو چندو آ‪.‬‬

‫جنهن جي ُمرڪن سان منهنجو عشق آهي‪،‬‬


‫منهنجي لڙڪن سان پيار ڪندو آ‪.‬‬

‫فڪ ِر جنت جدا جدا آهي‪،‬‬


‫هر ڪو پنهنجي خدا جو بندو آ‪.‬‬

‫اڻ – گهڙيا ڪاٺ ڀي ويا گهڙجي‪،‬‬


‫زور ۽ زر عجيب رندو آ‪.‬‬

‫گهٽجڻ کان پوِء ٿيو محسوس‪،‬‬ ‫ساهه ُ‬


‫ُزلف بِگڙي َپ َون ته ڦندو آ‪.‬‬

‫جنهن کي دنيا چيو وڃي ٿو ’وفا‘!‬


‫ڊوهه ۽ َ‬
‫دوڌ جو پلندو آ‪.‬‬
‫‪200‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َ‬
‫ڪوڙن تي ڪ ُ‬
‫رم ڇا لئه!‬ ‫ُ‬
‫سچن تي ستم ڇا لئه؟‬

‫هر نقش جڏهن فاني‪،‬‬


‫هي ناز‪ُ ،‬‬
‫نعم ڇا لئه؟‬
‫)‪(1‬‬

‫َ‬
‫تدبير جو ساڻي آ‪،‬‬
‫تقدير جو غم ڇا لئه؟‬

‫هٿ‪ ،‬نيڻ َکسڻ وارا!‬


‫ڪاغذ ۽ قلم ڇا لئه؟‬

‫اي ڪاش! اهو سمجهون‪،‬‬


‫َوٺجي ٿو جنم ڇا لئه؟‬

‫جي امن عزيز آهي‪،‬‬


‫بارود ۽ بم ڇا لئه؟‬

‫دل ڪعبو‪’ ،‬وفا‘! ان ۾‪،‬‬


‫َپٿر جو صنم ڇا لئه!‬
‫‪201‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫قهر جو ماڻهو هيو‪،‬‬
‫شهر جو ماڻهو هيو!‬

‫جو مليو سالن کان پوِء‪،‬‬


‫پهر جو ماڻهو هيو‪.‬‬

‫دهر ۾ گم ٿي ويو‪،‬‬‫)‪(1‬‬

‫دهر جو ماڻهو هيو‪.‬‬


‫)‪(2‬‬

‫هر ادا قاتل ُهيس‪،‬‬


‫قهر جو ماڻهو هيو!‬

‫ُ‬
‫رت جون الٽيون ’وفا‘!‬
‫زهر جو ماڻهو هيو‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪202‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫گرم ڌنڌو آ‪ ،‬سرد ٿاڻو آ‪،‬‬
‫وقت جو ماُء پيُء ناڻو آ‪.‬‬

‫ڪو به ماڻهو سڄو نٿو ڏسجي‪،‬‬


‫ڪوئي انڌو آ‪ ،‬ڪوئي ڪاڻو آ‪.‬‬

‫َ‬
‫سچ جو شهر ئي جدا آهي‪،‬‬
‫ڪاٿي مقتل آ‪ ،‬ڪاٿي گهاڻو آ‪.‬‬

‫جئن نه ماڻهو‪ :‬اٽي جو ڇاڻ هجي‪،‬‬


‫کارڪن تي ائين ِوڪاڻو آ‪.‬‬

‫زندگي‪َ :‬ه ُر‪ ،‬ضرورتون‪ :‬ڌرتي‪،‬‬


‫هارين جان وجود ساڻو آ‪.‬‬

‫وقت جي اهميت کي ذهن ۾ رک‪،‬‬


‫ُ‬
‫خودڪشي‪ ،‬سڀاڻو آ‪.‬‬ ‫ُ‬
‫اڄ جي‬

‫ڪڙي آهي‪،‬‬ ‫قتل منهنجو ته هڪ َ‬


‫ظلم جو سلسلو ُپراڻو آ‪.‬‬
‫‪203‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫تنهنجي ُکٽڪن ۾‪َ ،‬وهم جو ڏيئو‪،‬‬


‫َه َر َٻريو آهه‪َ ،‬ه َر وساڻو آ‪.‬‬

‫منهنجو سڀ ڪجهه غريب آهه مگر‪،‬‬


‫ُهن جو ماحول وڏ – گهراڻو آ‪.‬‬

‫شاعرن کي چوي سدا پاڳل‪،‬‬


‫ڄڻ زمانو ’وفا‘! سياڻو آ‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪204‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫چادر‪ ،‬چوديواري معني؟‬
‫َپردي جي بازاري معني‪.‬‬

‫لفظن اهڙو شور َمچايو‪،‬‬


‫َچپ ٿي وئي ويچاري معني‪.‬‬

‫روزي جي معني جي فاقو‪،‬‬


‫سحري ۽ افطاري معني!؟‬

‫مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه پڙهي آ‪،‬‬


‫’دنيا‘ جي موچاري معني‪.‬‬

‫چوندو آن‪’ :‬هرجائي ناهيان‘‪،‬‬


‫هي ميڙو چوڌاري معني؟‬

‫درٻارن جي چمچي – بازي‪،‬‬


‫شاعرجي سرڪاري معني‪.‬‬

‫ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟‬


‫سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معني؟‬
‫‪205‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫جيون جي معنى جي محنت‪،‬‬


‫پوِء محنت کان عاري معني؟‬

‫هر عورت جي فطرت ساڳي‪،‬‬


‫پو هي ڀوري‪ ،‬ڪاري معني؟‬

‫ُ‬
‫ڪوڙا خوشحاليَء جا نعرا‪،‬‬
‫هي بک ۽ بيماري معني!‬

‫کير ۾ ڳارن کنڊ ’وفا‘! جئن‪،‬‬


‫مون لفظن ۾ ڳاري معني‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪206‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڦٽيل ڦاڙهو‪ ،‬ڦاڙهي آهي‪،‬‬
‫اوکي الهي‪ ،‬چاڙهي آهي‪.‬‬

‫ڪنهن هيَء َجنتا پاڙهي آهي‪،‬‬


‫جهنڊي جهنڊي ڳاڙهي آهي‪.‬‬

‫ڌن – دولت سان ’ڪوڏي ڪوڏي‘‪،‬‬


‫غربت‪’ :‬ڀيچي – هاڙهي آهي‘‪.‬‬

‫ڪريا ۽ چڙهيا ٿورا‪،‬‬


‫کوڙ ِ‬
‫چاهت اوکي چاڙهي آهي‪.‬‬

‫هر ڪو ڍڪ نه الهي سگهندو‪،‬‬


‫ڪني چاڙهي آهي‪.‬‬‫مون جا ُ‬

‫صرف تڪلف آهي سجدو‪،‬‬


‫صرف ُنمائش ڏاڙهي آهي‪.‬‬

‫نار ’وفا‘! مون –‬


‫نسخي جهڙي ِ‬
‫جوشاندي جان ڪاڙهي آهي‪.‬‬
‫‪207‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫زاهد جنت واري آهي‪،‬‬
‫)‪(1‬‬

‫مون کي ڌرتي پياري آهي‪.‬‬

‫جنت کان اِنڪاري آهي‪،‬‬


‫آدم جي خودداري آهي‪.‬‬

‫دنيا کي سمجهائڻ وارا!‬


‫دنيا سمجهڻ واري آهي؟‬

‫گهر جو چرخو مشڪل هلندو‪،‬‬


‫محبوبا گهرواري آهي!‬

‫دولت سان ڪو گڏ نه کائي‪،‬‬


‫ٽي بيَء جي بيماري آهي‪.‬‬

‫آدم – حوا جي نسبت سان‪،‬‬


‫سڀ سان پنهنجي ياري آهي‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪208‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪاڻن جي هٿ َڏنڊي آهي‪،‬‬
‫َانڌن دولت َونڊي آهي‪.‬‬

‫جيسين ساوا کيت نه ٿيندا‪،‬‬


‫بک جي ڳاڙهي َجهنڊي آهي‪.‬‬

‫ڪتن جي ميراث رهي ٿي‪،‬‬ ‫ُ‬


‫َڍ َ‬
‫ڪ لٿل جا َهنڊي آهي‪.‬‬

‫دولتمندن خاطر دنيا‪،‬‬


‫انسانن جي َمنڊي آهي‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪209‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نه آفاق اک ۾‪ ،‬نه فطرت عقابي‪،‬‬
‫ڪندين آسمانن جي ڪيئن بي نقابي؟‬

‫خدا کان سوا ڪنهن جي آڏو نه نِوڙان‪،‬‬


‫َسڏي تنهن ڪري ٿو زمانو وهابي‪.‬‬

‫ڏسي انقالبن کي سوريَء تي ٽنگيل‪،‬‬


‫نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقالبي‪.‬‬

‫هي طبقن جي تقسيم‪ ،‬ماڻهن ۾ ويڇا‪،‬‬


‫رڳي آهه فڪر ۽ نظر جي خرابي‪.‬‬

‫چون ٿا ’وطن ‪ -‬واس‘ مزدور هاري‪،‬‬


‫کپي ڪا نه جاگيرداري ‪ /‬نوابي‪.‬‬

‫نه جيئرو رهيو الڙ جو ماڻهو ٿر ۾‪،‬‬


‫مري ويو سڪيَء تي پرندو هو آبي‪.‬‬

‫لهن خواهشون ٿيون خيالن ۾ الئون‪،‬‬


‫عالم نيم خوابي‪.‬‬
‫ِ‬ ‫گالبي لباس‪،‬‬
‫‪210‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫غربت‪ :‬انگ اگهاڙي آهي‪،‬‬
‫دولت چادر ڦاڙي آهي‪.‬‬

‫ٻڪريَء جيان‪ :‬قاروني شينهن‪،‬‬


‫غربت چيري‪ ،‬ڦاڙي آهي‪.‬‬

‫جهوپن سان انصاف نه آهي‪،‬‬


‫ماڙيَء تي ِڏس ماڙي آهي‪.‬‬

‫چورن وانگر وار ڪري ٿو‪،‬‬


‫مڙس نه آهي‪ ،‬ڀاڙي آهي‪.‬‬

‫افعالن جو عڪس پوي ٿو‪،‬‬


‫جي سنسار پڇاڙي آهي‪.‬‬

‫وات سڃاڻي‪ ،‬پيٽ نه ڄاڻي‪،‬‬


‫سڳداسي يا الڙي آهي‪.‬‬

‫آهه ’وفا‘! دنيا دوشيزه‪،‬‬


‫ُتنهنجي سوچ ُ‬
‫ڪراڙي آهي‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪211‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ساٿي! منهنجو ساٿ نه ڇڏجان‪،‬‬
‫دنيا سان هٿ – جوڙي آهي‪.‬‬

‫َڌن جي ڪشتي تارڻ وارن‪،‬‬


‫دل جي ٻيڙي ٻوڙي آهي‪.‬‬

‫دولت کي ڪمزور ڪرڻ جي‪،‬‬


‫نينهن روايت ٽوڙي آهي‪.‬‬

‫ِپيري! منهنجا پير نه کڻ‪ ،‬مون –‬


‫مينهن نه ڪنهن جي ڇوڙي آهي‪.‬‬

‫ُڏڌ – مکڻ لئه مون هي جندڙي‪،‬‬


‫ڌئونري جيئن ِولوڙي آهي‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪212‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫شاهد ُسوريون‪ ،‬گهاڻا آهن‬
‫توسان پيچ پراڻا آهن‪.‬‬

‫انڌا آهن‪ ،‬ڪاڻا آهن‪،‬‬


‫عاشق پوِء به راڻا آهن‪.‬‬

‫فطرت مان معلوم ٿئي ٿو‪،‬‬


‫ماڻهو وڏ – گهراڻا آهن‪.‬‬

‫سياڻا ڏاڍا چريا آهن‪،‬‬


‫چريا ڏاڍا سياڻا آهن‪.‬‬

‫تاج محل ڇا‪ ،‬ڪاڪ محل ڇا‪،‬‬


‫سڀ محبوبي ماڻا آهن‪.‬‬

‫دولت نيچ ’وفا‘! انسان کان‪،‬‬


‫پر انسان وڪاڻا آهن‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪213‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نظرن سان پامال نه ڪر‪،‬‬
‫دل جو استحصال نه ڪر‪.‬‬

‫تو ڏي ڏسبو ڪو نه وري‪،‬‬


‫منهن آڏو رومال نه ڪر‪.‬‬

‫سڀ ڪو پنهنجا ُسور ِپٽي‪،‬‬


‫ڪنهن سان دل جو حال نه ڪر‪.‬‬

‫گل گل ويندو مفت مري‪،‬‬


‫بت جو گل گل الل نه ڪر‪.‬‬

‫ڍڪيل شيِء جو ُملهه ٻيو‪،‬‬


‫ننگو جوڀن – ٿال نه ڪر‪.‬‬

‫يار! ’وفا‘ ڪر‪ ،‬دنيا جان –‬


‫مون کي استعمال نه ڪر‪.‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪214‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪ (1‬ماحصل‪َ :‬ت ُت‬


‫)‪ (1‬ڪانئرو‪ :‬پاڻيَء جو پکي‬
‫)‪ (1‬مندو‪ :‬خراب‬
‫)‪ (1‬نعم ‪ :‬نعمتون‬
‫‪ ) (1‬دهر‪ :‬دنيا‪ ،‬زمانو‪.‬‬
‫)‪ (2‬دهر جو ماڻهو‪ :‬زماني ساز ماڻهو‬
‫( )‪ 1‬واري‪ :‬واالري‬
‫‪ó‬‬
‫اڀياس ڦِ ِري ويو آ‪،‬‬
‫احساس ڦِري ويو آ‪.‬‬

‫گل گل جي َمٽيل خوشبو‪،‬‬


‫َهر واس ڦِري ويو آ‪.‬‬

‫جهرڪيَء کان َهرڻ تائين‪،‬‬


‫هر ماس ڦِري ويو آ‪.‬‬

‫اڄ ملڪ تي ماڪڙ جان‪،‬‬


‫افالس ڦِري ويو آ‪.‬‬

‫ماڻهو نه ’وفا‘! ڇيڻو‪،‬‬


‫راڪاس ڦري ويو آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪215‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڏيو اختيار مون کي‪،‬‬
‫سمجهو نه ٻار مون کي‪.‬‬

‫پن ڇڻ ۾ پوريل هان‪،‬‬


‫ُ‬
‫گهرجي بهار مون کي‪.‬‬

‫ڪنهن کان به ڪونه مليو‪،‬‬


‫چين ۽ قرار مون کي‪.‬‬

‫ُتنهنجو ڪري ڇڏيو آ‪،‬‬


‫پروردگار مون کي‪.‬‬

‫هڪ اجنبي لڳي ٿو‪،‬‬


‫صدين جو يار مون کي‪.‬‬

‫لفظن سان ڪر نه راضي‪،‬‬


‫ڏي دل جو پيار مون کي‪.‬‬

‫صدمن ڪري ڇڏيو آ‪،‬‬


‫نغمه نگار مون کي‪.‬‬

‫آهي ’وفا‘! تعجب‪،‬‬


‫تاري ٿو تار مون کي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪216‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫غم روزگار جو‪،‬‬
‫تار‪ِ ،‬‬
‫دريا رهي ٿو ِ‬
‫ٻيڙو ٻڏي وڃي نه محبت ۽ پيار جو‪.‬‬

‫گل گل جو احترام ڪيو گلعذار جو‪،‬‬


‫گلشن سميت ڪنڌ جهڪي ويو بهار جو‪.‬‬

‫هٿ پيٽ مان ڪڍان يا محبت تان هٿ کڻان‪،‬‬


‫دلبر جو غم ڪجي يا ڪجي روزگار جو‪.‬‬

‫بي چين‪ ،‬بي قرار ڪيون ٿو وتي مون کي‪،‬‬


‫دارومدار جنهن تي آ چين ۽ قرار جو‪.‬‬

‫جيئرا پيئن پيا زهر ۽ ُمردن تي َپ َڙ پون‪،‬‬


‫ُمرده پرست ذهن‪ ،‬مجاور مزار جو‪.‬‬

‫ٿوري گهڻي تي ُلڙڪ َلڙي ٿا پون ’وفا‘!‬


‫ساڳيو سڀاُء هوندو آ عاشق ۽ ٻار جو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪217‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سڀ پيار ڪرڻ وارا‪،‬‬
‫بي موت مرڻ وارا‪.‬‬

‫ت ئي ڄمي ويا هِن‪،‬‬‫سي َر َ‬


‫دانگيَء تي ورڻ وارا‪.‬‬

‫سوچن کي توازن ڏي‪،‬‬


‫ڳڻتين ۾ ڳرڻ وارا!‬

‫اوندهه ۾ پيا آهن‪،‬‬


‫ڏيئن جان ٻرڻ وارا‪.‬‬

‫واهن ۾ وتن ٻڏندا‪،‬‬


‫درياهه ترڻ وارا!‬

‫پيٽن جا مريد آهن‪،‬‬


‫هر گاهه چرڻ وارا‪.‬‬

‫مشڪل سان ’وفا‘! تپندا‪،‬‬


‫مشڪل سان ٺرڻ وارا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪218‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫احسان ڪري ڇڏ اڄ‪،‬‬
‫ُ‬
‫ڪجهه دان ڪري ڇڏ اڄ‪.‬‬

‫چاهت جي ُستي پياري‪،‬‬


‫انسان ڪري ڇڏ اڄ‪.‬‬

‫مان تنهنجو ۽ تون منهنجو‪،‬‬


‫اعالن ڪري ڇڏ اڄ‪.‬‬

‫هر عهد ڪندين پورو‪،‬‬


‫پيمان ڪري ڇڏ اڄ‪.‬‬

‫اکين جي پيالن سان‪،‬‬


‫مستان ڪري ڇڏ اڄ‪.‬‬

‫دل ڏيئي ’وفا‘! دل جو‪،‬‬


‫درمان ڪري ڇڏ اڄ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪219‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هوَء جڏهن روبرو وري ٿي وئي‪،‬‬
‫هيَء اِنهيَء دئونس ۾ چري ٿي وئي‪.‬‬

‫مون کان تعريف ايتري ٿي وئي‪،‬‬


‫هوَء ڀاڪر منجهان ڀري ٿي وئي‪.‬‬

‫عشق ڏياريو جو ُحسن جو احساس‪،‬‬


‫ڇوڪري حور ۽ پري ٿي وئي‪.‬‬

‫ڪنهن گهٽيَء ۾ به چهچٽو ڪونهي‪،‬‬


‫بند در در‪ ،‬دري دري ٿي وئي!‬

‫جام جي روپ ۾ اچڻ وارا!‬


‫ُا َڃ منهنجي اگر ٿري ٿي وئي‪.‬‬

‫ڪري چڪور جيان‪،‬‬ ‫ُ‬


‫دل ٿي ا ِڏري‪ِ ،‬‬
‫َچنڊ جي چاهه ۾ چ ِري ٿي وئي!‬

‫موت ڀي ڪو نه ٿو کڻيس ’وفا‘!‬


‫زندگي ايتري ڳري ٿي وئي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪220‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تڏي تان اٿاري‪،‬‬
‫ُروئي پيو روئاري‪.‬‬

‫ڪو جياري ُمئن کي‪،‬‬


‫ڪو جيئرن کي ماري‪.‬‬

‫عجب آهه ناکئو‪،‬‬


‫نه ٻوڙي نه تاري‪.‬‬

‫نشا ڀي ٿِڙن ٿا‪،‬‬


‫جڏهن ٿو نهاري‪.‬‬

‫ڪ جهڙو‪،‬‬‫رهي هِ َ‬
‫اونهاري‪ ،‬سياري‪.‬‬

‫متان وات ساڙين‪.‬‬


‫ادا! کاُء ٺاري‪.‬‬

‫وفا‘! دل کڻي ويو‪،‬‬


‫اکين ۾ نهاري‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪221‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫بدن مهراڻ وانگر‪ ،‬دل ڦليلي‪،‬‬
‫اڃا سنڌي نه آهيان‪ ،‬سوچ ٻيلي!‬

‫جدا مون کان ۽ دنيا ساڻ شامل‪،‬‬


‫خدا کي مڃ نه ڪر رسوا سهيلي!‬

‫پرندن جي پٺيان‪ ،‬پيرين اگهاڙي‪،‬‬


‫هنئي ڏهه سال مون آهي گليلي‪.‬‬

‫ايئن قابو هان دولت جي هٿن ۾‪،‬‬


‫هجي جيئن شينهن جي چنبي ۾ ڇيلي‪.‬‬

‫ُهجي ُفٽ بال جيئن رانديگرن ۾‪،‬‬


‫ايئن َمردن ۾ عورت آ اڪيلي‪.‬‬

‫تڏهن انسان متوازن نه آهي‪،‬‬


‫دماغ آهي سياڻو‪ ،‬دل ڳهيلي‪.‬‬

‫’وفا‘! مقتل لڳي ٿي عصمتن جو‪،‬‬


‫اميرن ۽ وڏيرن جي حويلي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪222‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫روئي ڏس تنهائيَء ۾‪،‬‬
‫ڇاهي لطف جدائيَء ۾‪.‬‬

‫عزت جو ارمان رهيو‪،‬‬


‫گذري وئي رسوائيَء ۾‪.‬‬

‫شاعر‪ ،‬شاعر رهندو آ‪،‬‬


‫گيت‪ ،‬غزل ۽ وائيَء ۾‪.‬‬

‫رات‪ ،‬ٻه‪ -‬ٽنگو ڦاٽو‪ ،‬پر‪،‬‬


‫نڪري ويو جلدائيَء ۾‪.‬‬

‫ُ‬
‫ڪجهه نه مليو هرجائيَء مان‪،‬‬
‫ڪجهه نه هيو هرجائيَء ۾‪.‬‬

‫باهه نه ڄاڻي فرق ادا!‬


‫ڪاٺي ُسڪي سائيَء ۾‪.‬‬

‫ِوڇڙڻ جا اوسار ’وفا‘!‬


‫شاديَء جي شهنائيَء ۾‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪223‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جيئن لوهه تپايو ويو‪،‬‬
‫تِئن ُ‬
‫سچ جاليو ويو!‬

‫هر ڏوهه خدا آڏو‪،‬‬


‫پر جڳ کان لڪايو ويو‪.‬‬

‫پوِء ڀي نه وئي اوندهه‪،‬‬


‫هر ديپ جاليو ويو‪.‬‬

‫نس نس ۾ ويو رچندو‪،‬‬


‫جئن جئن هو ُڀاليو ويو‪.‬‬

‫ڪلهه ُسست هيون نبضون‪،‬‬


‫اڄ ساهه به آيو‪ ،‬ويو!‬

‫سنگيت هيو‪ ،‬شايد‪،‬‬


‫ڳايو ۽ وڄايو ويو‪.‬‬

‫ُگلڙن جو ’وفا‘! بستر‪،‬‬


‫َ‬
‫ڪنڊن تي وڇايو ويو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪224‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُرخ ڏيڻ کان پو‪ ،‬بي رخي ڇاجي!‬
‫ٻن رخن واري زندگي ڇاجي!‬

‫پيار ۽ پيٽ کان جدا جيڪا‪،‬‬


‫آهه اهڙي غمي‪ ،‬خوشي ڇاجي!‬

‫حق ۽ فرض جنهن ادا نه ڪيا‪،‬‬


‫آهه تِنهنجي به زندگي ڇاجي!‬

‫صرف سوچن جو آهه ر ِد عمل‪،‬‬


‫حوصلو ڇاجو‪ ،‬بيوسي ڇاجي!‬

‫تنهنجي ُزلفن‪ ،‬ڳلن جا روپ آهن‪،‬‬


‫تيرگي ڇاجي‪ ،‬روشني ڇاجي!‬

‫ڪو به نالو نه ٿو ڏئي سگهجي‪،‬‬


‫مسئلو آهه ڇوڪري ڇاجي!‬
‫‪225‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڇو ٿا رشتن کي شرمسار ڪيو‪،‬‬


‫پيار آهي ته پو ادي ڇاجي!‬

‫جنهن سان ڪو واسطو نه آ‪ ،‬ان سان‪،‬‬


‫دوستي ڇاجي‪ ،‬دشمني ڇاجي!‬

‫عشق وحدت وجود جو نعرو‪،‬‬


‫پوِء هِن ُهن سان دوستي ڇاجي!‬

‫هڪڙو آ ُ‬
‫دين‪ ،‬هيترا فرقا‪:‬‬
‫هي عبادت ۽ بندگي ڇاجي!؟‬

‫سچ ۽ ُسونهن جي ’وفا‘! قاتل‪،‬‬


‫هر صدي آهي‪ ،‬هي صدي ڇاجي!‬
‫‪ó‬‬
‫‪226‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َچپ خشڪ‪ ،‬نيڻ آال –‬
‫لبريز ڪر پياال!‬

‫گدال نه سڀ انڌيرا‪،‬‬
‫سهڻا نه سڀ اجاال‪.‬‬

‫شاديَء ۾ سڀ سهيليون‪،‬‬
‫سڀني گهرن کي تاال!‬

‫منهنجا عجيب جذبا‪،‬‬


‫تنهنجا عجيب چاال!‬
‫)‪(1‬‬

‫تنهنجي تالش ۾ ٿيا‪،‬‬


‫پيرن ۾ سرخ ڇاال‪)5(.‬‬

‫سيني جا داغ آهن‪،‬‬


‫تنهنجي ڪنن جا واال‪.‬‬

‫ٿا ڏينهن‪ ،‬رات سوريون‪،‬‬


‫تنهنجي ’وفا‘ جي ماال‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪227‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر نظر تي نه اعتبار ڪجان‪،‬‬
‫دل جي وحدانيت سان پيار ڪجان!‬

‫پوِء توتي ميار ڪانهي ڪا‪،‬‬


‫حشر تائين ته انتظار ڪجان!‬

‫قيد ۾ مان کڻي مري به وڃان‪،‬‬


‫وقت مون لئه نه سوڳوار ڪجان!‬

‫خار ُچڀندو ۽ گل ُسڪي ويندو‪،‬‬


‫همسفر گل ڪجان‪ ،‬نه خار ڪجان!‬

‫مان ته آهيان بهشت مان لو ِڌيل‪،‬‬


‫ُمون کي سوچي گناهگار ڪجان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪228‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫توڏي اوندهه ۾ نهاري نه سگهيس‪،‬‬
‫چاهه جو چنڊ ُاڀاري نه سگهيس‪.‬‬

‫َتنهن سان تا عمر رهڻ جو هو خيال‪،‬‬


‫جنهن سان هڪ شب به گذاري نه سگهيس‪.‬‬

‫صرف گگدام بچائڻ خاطر‪،‬‬


‫ڪنهن به انسان کي تاري نه سگهيس‪.‬‬

‫ُهو سڄو کير ٿي آيو هو مگر‪،‬‬


‫مان منجهس کنڊ به ڳاري نه سگهيس‪.‬‬

‫مون گهڻا کير ڦِٽايا هوندا‪،‬‬


‫ٿڃ پر ماُء جي کاري نه سگهيس‪.‬‬

‫تنهنجو پڇيائون تعارف پر مان –‬


‫تنهنجو نالو به ُاچاري نه سگهيس‪.‬‬

‫َ‬
‫ڍور پنهنجا به هئا ڪو نه ’وفا‘!‬
‫شهر جو مال به چاري نه سگهيس‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪229‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڀورن تي ڀال ٿي ويا‪،‬‬
‫ڏاها سوال ٿي ويا‪.‬‬

‫شاعر ڪمال ٿي ويا‪،‬‬


‫ماڻهو غزال ٿي ويا‪.‬‬

‫ڪٽ جو آ زمانو‪،‬‬ ‫َسٽ – ُ‬


‫ديرا پالل ٿي ويا‪.‬‬

‫ڄڻ ذات‪ ،‬ڏات ناهي‪،‬‬


‫حبشي‪ ،‬بِالل ٿي ويا‪.‬‬

‫ِسر هو َتريَء تي‪ ،‬ليڪن ‪-‬‬


‫حق ئي بحال ٿي ويا‪.‬‬

‫دل جي معاملي ۾‪،‬‬


‫سڀ هم خيال ٿي ويا‪.‬‬
‫پل جو ’وفا‘! سفر هو‪،‬‬
‫پنجاهه سال ٿي ويا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪230‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪(1‬‬
‫چاال‪ :‬روشون‪ ،‬هٿن جا اشارا‪ )5( .‬ڇاال‪ :‬لڦون‬
‫‪ó‬‬
‫سچ مٿاهون ڪرڻو پوندو‪،‬‬ ‫ُ‬
‫ڪنڌ اڏيَء تي ڌرڻو پوندو‪.‬‬

‫جيئڻو پوندو‪ ،‬مرڻو پوندو‪،‬‬


‫اچ وڃ ساگر ترڻو پوندو‪.‬‬

‫تيل جي بدلي رت ٿا هاريون‪،‬‬


‫هر مشعل کي ٻرڻو پوندو‪.‬‬

‫جيون ٺهڻ‪ ،‬ڊهڻ جو نالو‪،‬‬


‫ٺهڻو پوندو‪ ،‬کرڻو پوندو‪.‬‬

‫جهڙي ڪرڻي‪ ،‬تهڙي ڀرڻي‪،‬‬


‫ڪرڻو پوندو‪ ،‬ڀرڻو پوندو‪.‬‬

‫حد جو ليڪو اورانگهيندڙ!‬


‫توکي ُپٺتي ورڻو پوندو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪231‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫منهنجو مرڻ لکيل ئي نه آ ڪنهن ڪتاب ۾‪،‬‬
‫ساقي! مالئي زهر ڏنو ٿئي شراب ۾‪.‬‬

‫ُهن ۾ حجاب هو‪ ،‬يا ُاهو هو حجاب ۾‪،‬‬


‫ڳالهيون ڪري هزار ويو جو نقاب ۾‪.‬‬

‫عالم جي ڄاڻ‪ ،‬عالمي احساس جي ڪري‪،‬‬


‫دنيا جو هر ڪتاب هو منهنجي نصاب ۾‪.‬‬

‫ٿو پنهنجو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو وتان‪،‬‬


‫ڪا ڀي ُاميد ڪا نه رکيم ڪنهن جناب ۾‪،‬‬

‫اهڙو به منهنجي شهر ۾ هڪ شخص ٿو رهي‪،‬‬


‫ثاني رکي نه پنهنجو ڪو حسن ۽ شباب ۾‪.‬‬

‫ايئن ُهن جي دل ۾ آهي پريشان منهنجو پيار‪،‬‬


‫تِشنه لبيَء ۾ جيئن هرڻ ڪو سراب ۾‪.‬‬

‫جنهن جي ڪرڻ سان ڪنهن جو ڀلو ٿي پوي ’وفا‘!‬


‫اهڙو گناهه ڀي ٿو مان سمجهان ثواب ۾‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪232‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫دل اهڙي ڀري آهي‪،‬‬
‫جنهن تنهن کان ڳري آهي‪.‬‬

‫مشعل جان ٻري آهي‪،‬‬


‫ڇا جلوه گري آهي!‬

‫اهڙي ته کري آهي‪،‬‬


‫سوچيان ٿو چري آهي‪.‬‬

‫ڪا ِوير نه ٻوڙيندس‪،‬‬


‫هر تار تري آهي‪.‬‬

‫ڪا ُمند وري ڪانهي‪،‬‬


‫ڪا ُمند وري آهي‪.‬‬

‫ڪو ڪيئن کڻي ان کي‪،‬‬


‫ڀاڪر نه ڀري آهي‪.‬‬

‫ُ‬
‫انسان نه ٿي ڏسجي‪،‬‬
‫ڪا حور‪ ،‬پري آهي!‬

‫هيُء واهه جو گهر آهي‪،‬‬


‫در آ نه دري آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪233‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُاڻ ُتڻ ۾ غور آهي‪،‬‬
‫ڇا تنهنجو طور آهي‪.‬‬

‫ڪا شمع‪ ،‬ڪو پتنگو‪،‬‬


‫ڪو گل ڪو ڀنؤر آهي‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫حورون‪ ،‬پريون به برحق‪،‬‬


‫هوَء شيِء ئي اور آهي‪.‬‬

‫شيشن جو موت آهي‪،‬‬


‫پٿر جو دور آهي‪.‬‬

‫ڪلهه دور هو ’وفا‘ جو‪،‬‬


‫اڄ زر جو دور آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪234‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪيريا ڪوٽ اسان‪،‬‬
‫ڳاڙها گهوٽ اسان‪.‬‬

‫ِسنڌڙيَء سودي جا‪،‬‬


‫ڦاڙيا نوٽ اسان‪.‬‬

‫ڪاٽي ڏور ويو‪،‬‬


‫َ‬
‫چوٽ‪ ،‬اسان‪.‬‬ ‫چاڙهي‬

‫ڪنهن کي ڪيئن ڍڪيون؟‬


‫بي النگوٽ اسان!‬

‫َململ گرميَء ۾‪،‬‬


‫ٿڌ ۾ ڪوٽ اسان‪.‬‬

‫سوڀ اسان جي تون‪،‬‬


‫تنهنجا ووٽ اسان‪.‬‬

‫سامهون موت ’وفا‘!‬


‫پر‪ ،‬اڻموٽ اسان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪235‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مِٽي به شفا تنهنجي‪،‬‬
‫ڇا آب ‪ /‬هوا تنهنجي‪.‬‬

‫قبرن ۾ جيئڻ وارا!‬


‫حيرت ۾ بقا تنهنجي‪.‬‬

‫اڄ عيد جي رات آهي‪،‬‬


‫هٿ منهنجا‪ِ ،‬حنا تنهنجي‪.‬‬

‫ٿيندي نه طبيبن کان‪،‬‬


‫اي درد! دوا تنهنجي‪.‬‬

‫ڏس ڪيئن ُٻڌي شهري‪،‬‬


‫ِ‬
‫صحرا ۾ صدا تنهنجي؟‬

‫ُگل ُگل ۾ ملي مون کي‪،‬‬


‫رنگين ادا تنهنجي!‬
‫َ‬
‫ڪوڙ چيو سچ کي‪:‬‬ ‫پئي‬
‫سوري آ سزا تنهنجي‬

‫ڇا حسن‪ ،‬جواني ڇا‪،‬‬


‫هر چيز فنا تنهنجي!‬

‫دولت جو غالم آهين‪،‬‬


‫چاهت نه ’وفا‘ تنهنجي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪236‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُ‬
‫وقت وساري ڇڏ‪،‬‬ ‫هر‬
‫هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ‪.‬‬

‫يا مون کي سنواري ڇڏ‪،‬‬


‫يا پاڻ به کاري ڇڏ‪.‬‬

‫زنده جي رهڻ چاهين‪،‬‬


‫هر موت کي ماري ڇڏ‪.‬‬

‫ٻيڙي نه هان‪ ،‬ماڻهو هان‪،‬‬


‫ڪنهن هڪڙي ڪناري ڇڏ‪.‬‬

‫مان ڄاڻ ملڻ آيس‪،‬‬


‫ڪتن کي سمهاري ڇڏ‪.‬‬ ‫ُ‬

‫پڃرن کي ڀڃي‪ ،‬ڀوري‪،‬‬


‫ساسين کي اڏاري ڇڏي‪.‬‬

‫ٽي حرف ’وفا‘ جا ٿئي‪،‬‬


‫دل ساڻ اچاري ڇڏ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪237‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُپ َ‬
‫ور جاڳي پيا‪،‬‬
‫ُس َ‬
‫ور جاڳي پيا‪.‬‬

‫ڄاڻ ميوا لٿا‪،‬‬


‫ور جاڳي پيا‪.‬‬‫ُٻ َ‬

‫نيڻ روشن ٿيا‪،‬‬


‫ُن َ‬
‫ور جاڳي پيا‪.‬‬

‫ننڊ جوڌن مٿان‪،‬‬


‫ُج َ‬
‫هور جاڳي پيا!‬

‫ُمند بالغ ’وفا‘!‬


‫ور جاڳي پيا‪.‬‬‫ُت َ‬
‫)‪(1‬‬

‫‪ó‬‬
‫‪238‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫صرف شادي نباهه سمجهيو ويو‪،‬‬
‫عشق ليڪن گناهه سمجهيو ويو‪.‬‬

‫َ‬
‫افالس جو ڏئي نالو‪،‬‬ ‫سچ کي‬
‫ڪوڙ سڻڀو گراهه سمجهيو ويو‪.‬‬

‫َ‬
‫ڪوٽ ۾ واڙي‪،‬‬ ‫حسن وارن کي‬
‫ُحسن کي مهر و ماه سمجهيو ويو‪.‬‬

‫ُبتڪدي مان ڦِ ِري ٿيو ڪعبو‪،‬‬


‫ڊاه َه هڪڙيَء کي ٺاهه سمجهيو ويو!‬

‫زر جو هر جانور ويو ڀيلي‪،‬‬


‫دل کي ٻيلن جو گاهه سمجهيو ويو‪.‬‬

‫ويو وفا کي به سنگسار ڪيو‪،‬‬


‫پيار کي ڀي گناهه سمجهيو ويو‪.‬‬

‫اي ’وفا‘! خود به بي پناهه رهيو‪،‬‬


‫عالم پناهه سمجهيو ويو‪.‬‬
‫ِ‬ ‫جنهن کي‬
‫‪ó‬‬
‫‪239‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫توهان جو من ٽهي ويو‪،‬‬
‫اسان جو ڪم لهي ويو‪.‬‬

‫بليڊ جان لهي ويو‪،‬‬


‫۽ رت جان وهي ويو‪.‬‬

‫جو در ُهيو ڀڄي پيو‪،‬‬


‫جو گهر ُهيو ڊهي ويو‪.‬‬

‫ڪو سج جان طلوع ٿيو‪،‬‬


‫ڪو چنڊ جان لهي ويو‪.‬‬

‫هزار ٺوڪرون لڳس‪،‬‬


‫ڊهي ڊهي‪ ،‬ٺهي ويو‪.‬‬

‫ڪريا‪،‬‬
‫مٿان ڪئي جبل ِ‬
‫مگر ’وفا‘ سهي ويو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪240‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫چاهت جو اعالن نه ٿيُء‪،‬‬
‫دانا ٿي‪ ،‬نادان نه ٿيُء!‬

‫هر رشتو معيار رکي‪،‬‬


‫رشتن تي بهتان نه ٿيُء!‬

‫ڪاتي هيٺان ڪنڌ چڱو‪،‬‬


‫ظالم جو فرمان نه ٿيُء!‬

‫فِرقن ۾ قرآن نه ونڊ‪،‬‬


‫ماڻهو ٿي‪ ،‬حيوان نه ٿيُء!‬

‫پاڙي ۾ ئي ايندو ڪر‪،‬‬


‫ڀل منهنجو مهمان نه ٿيُء!‬

‫من! ماڻهو انمول اٿئي‪،‬‬


‫دولت تي قربان نه ٿيُء!‬

‫مطلب جو سنسار ’وفا‘!‬


‫اڻ – گهريو احسان نه ٿيُء!‬
‫‪ó‬‬
‫‪241‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُهن رالئي ڇڏيو‪،‬‬
‫مون ڀالئي ڇڏيو‪.‬‬

‫جنهن بنايو هئو‪،‬‬


‫تنهن ڦِٽائي ڇڏيو‪.‬‬

‫ديپ طوفان ۾‪،‬‬


‫مون جالئي ڇڏيو‪.‬‬

‫ڪنهن رئاري ڇڏيو‪،‬‬


‫ڪنهن کِالئي ڇڏيو‪.‬‬

‫ُحسن کي عشق سان‪،‬‬


‫مون مڃائي ڇڏيو‪.‬‬

‫ڦٽ وانگر مون کي‪،‬‬


‫ڪنهن ڏکائي ڇڏيو‪.‬‬

‫ُهو وکر هو ’وفا‘!‬


‫مون کائي ڇڏيو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪242‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫محروم لڳو پيو آن‪،‬‬
‫مرحوم لڳو پيو آن!‬

‫خاموش محبت جو‪،‬‬


‫مغموم لڳو پيو آن!‬

‫رخسار يا سيپارو؟‬
‫معصوم لڳو پيو آن!‬

‫افسوس بهارن ۾‪،‬‬


‫مغموم لڳو پيو آن!‬

‫شاعر جي امانت آن‪،‬‬


‫منظوم لڳو پيو آن!‬

‫هر ظلم ’وفا‘! توسان‪،‬‬


‫مظلوم لڳو پيو آن!‬
‫‪ó‬‬
‫‪243‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫گل ٿي‪ ،‬خار نه ٿِي‪،‬‬
‫عورت! ٻار نه ٿِي‪.‬‬

‫زر جو يار نه ٿِي‪،‬‬


‫دنيادار نه ٿِي‪.‬‬

‫ُملهه جو پيار نه ٿِ ِي‪،‬‬


‫ڪاروبار نه ٿِي‪.‬‬

‫جندڙي گهوري ڇڏ‪،‬‬


‫رسمي پيار نه ٿِي‪.‬‬

‫ڪهه نه غريبن کي‪،‬‬‫ُ‬


‫بد ڪردار نه ٿِي‪.‬‬

‫هر بيگار ڀلي‪،‬‬


‫پر‪ ،‬بيڪار نه ٿِي‪.‬‬

‫ڃ احسان ’وفا‘!‬‫َم ُ‬
‫ُمحسن – مار نه ٿِي!!‬
‫‪ó‬‬
‫‪244‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫آيو ڪو ” ِسر – گهور“ وفا!‬
‫ُ‬
‫شور وفا!‬ ‫مقتل مقتول‬

‫تنهائيَء ۾ ياد سندس‪،‬‬


‫بک ۽ مانيَء ُ‬
‫ڀور‪ ،‬وفا!‬

‫بعضي بعضي ُبک ِوگهي‪،‬‬


‫ساڌ ٿئي ٿو ُ‬
‫چور‪ ،‬وفا!‬

‫ميڪ اپ‪ ،‬آئينو ۽ َ‬


‫پاڻ‪،‬‬
‫جيئن نچي ٿو ُ‬
‫مور‪ ،‬وفا!‬

‫ڪنهن جي وڇڙڻ کان پو مان‪،‬‬


‫َڍ َ‬
‫ڪ ۾ ُپوريل ڍور‪ ،‬وفا!‬

‫ماڻهوَء جيڏو نانگ کڻي‪،‬‬


‫نور تڏهن ڀي زور ’وفا‘!‬
‫‪ó‬‬
‫)‪ُ (1‬تور‪ :‬نسل‪ ،‬ڄم‬
‫ڀئور ‪ -‬ڀنئور‬
‫‪245‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڪنهن جو خيال ڪونهي‪،‬‬


‫دنيا جو حال ڪونهي‪.‬‬

‫روئڻ ڪمال آهي‪،‬‬


‫ُمرڪڻ ڪمال ڪونهي‪.‬‬

‫دوڏا نه ڦاڙ غاصب!‬


‫حق آ‪ ،‬سوال ڪونهي‪.‬‬

‫ناياب روح آهن‪،‬‬


‫جسمن جو ڪال ڪونهي‪.‬‬

‫ٽ ُ‬
‫ڪٽ نه آ حياتي‪،‬‬ ‫َس َ‬
‫ماڻهو پالل ڪونهي‪.‬‬

‫دولت جي ٺوڪرن ۾‪،‬‬


‫ُغريب جو حال ڪونهي‪.‬‬

‫ڪيئن فرض سان نڀايون‪،‬‬


‫حق ئي بحال ڪونهي‪.‬‬

‫ُسر سان غزل ٻڌائي‪،‬‬


‫شاعر قوال ڪونهي‪.‬‬

‫سوريَء تي َس ُچ ’وفا‘! پر‪،‬‬


‫ڪنهن کي مالل ڪونهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪246‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُگل ُگل گواهه آهي‪،‬‬
‫ُمرڪڻ گناهه آهي‪.‬‬

‫روحن جو ڊاه ُه آهي‪.‬‬


‫جسمن جوٺاه ُه آهي‪.‬‬

‫ناتو ڳنڍڻ ته سولو‪،‬‬


‫ُمشڪل نباهه آهي‪.‬‬

‫ڍورن جي ڀيل – ڀيالن‪،‬‬


‫ٻيلن جو گاهه آهي‪.‬‬

‫اڳتي نه وڌ انهيَءکان‪،‬‬
‫چاهڻ ئي چاهه آهي‪.‬‬

‫َچمڪي پيا انڌيرا‪،‬‬


‫ڄڻ مِهر و ماه آهي‪.‬‬

‫گجگوڙ‪ ،‬شينهن‪ ،‬ٻيلو‪،‬‬


‫َهرڻين کي ٽاهه آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪247‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اڄ اچانڪ نچي پيو آهين‪،‬‬
‫دل جي پڙ ۾ اچي پيو آهين‪.‬‬

‫هاڙهه مان توکي فائدو پهتو‪،‬‬


‫فصل وانگر پچي پيو آهين‪.‬‬

‫قتل عام ۾ ُمنڪر!‬


‫سچ جي ِ‬
‫ُ‬
‫ڪوڙ بنجي بچي پيو آهين‪.‬‬

‫ع ُ‬
‫ِشق ڪڍندئي‪ ،‬ٻئي جي جاِء نه آ‪،‬‬
‫” َڌن – ُڌٻڻ“ ۾ گچي پيو آهين‪.‬‬

‫پاڻ کان ڪيئن ڪيان جدا توکي‪،‬‬


‫روح وانگر رچي پيو آهين‪.‬‬

‫روز ُکٽڪو رهي ٿو چورن جو‪،‬‬


‫مينهن وانگر مچي پيو آهين‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪248‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪو بي نقاب ٿيندو‪،‬‬
‫اڄ احتساب ٿيندو‪.‬‬

‫بي صبر! َپٽ نه مکڙي‪،‬‬


‫آخر گالب ٿيندو‪.‬‬

‫گهر گهر ۾ آهي ليڊر‪،‬‬


‫ڇا انتخاب ٿيندو!‬

‫هرڻين کي ڇا خبر هئي‪،‬‬


‫دريا سراب ٿيندو‪.‬‬

‫گهر تڙ ڇڏيون اچي پئي‪،‬‬


‫خانو خراب ٿيندو‪.‬‬

‫قبضي ۾ رک نگاهون‪،‬‬
‫دل کي عذاب ٿيندو‪.‬‬

‫دل سان گناهه ڪريو‪،‬‬


‫ڏاڍو ثواب ٿيندو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪249‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُدشمنن جو هراس الهي ڇڏ‪،‬‬
‫خوف جو هر لباس الهي ڇڏ!‬

‫جيڪڏهن نوڪري عزيز اٿئي‪،‬‬


‫فيل چاڙهي ۽ پاس الهي ڇڏ!‬

‫پنهنجي خوددار جسم تان ماڻهو!‬


‫ُجبهِء التماس الهي ڇڏ!‬

‫اڄ اکين سان پيئاربو‪ ،‬پيئبو‪،‬‬


‫َم َن چپن تان گالس الهي ڇڏ!‬

‫جيئن هر ُگل مان ُتنهنجي ُبوِء اچي‪،‬‬


‫پنهنجو گل گل ۾ واس الهي ڇڏ!‬

‫آهه ليلي نثار مجنونَء تي‪،‬‬


‫’اي وفا‘! بت تان ماس الهي ڇڏ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪250‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نڪا نفرت وڻي ڪنهن کي‪،‬‬
‫نڪا قربت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫مثال آدم ۽ حوا جو‪،‬‬


‫نه ٿي جنت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫بدن فرضن جي ور چڙهيل‪،‬‬


‫نه ٿي چاهت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫سدائين ِس ُر َاڏيَء تي‪ ،‬پر‪،‬‬


‫اِها فِطرت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫رڳو دولت جي ڪڍ دنيا‪،‬‬


‫نه ٿي ُغربت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫سڳيون ڇاتين سان کيڏن پيون‪،‬‬


‫پئي عادت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫ٿين پيون عورتون اغوا‪،‬‬


‫نه ٿي عِصمت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬

‫’وفا‘! حقدار هوندي ڀي‪،‬‬


‫نٿي ُشهرت وڻي ڪنهن کي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪251‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڏاڏي آدم کان عيبدار آهيون‪،‬‬
‫فطرتن سڀ گناهگار آهيون‪.‬‬

‫ڇو کِلو ٿا خزان – رسيد ِڏسي‪،‬‬


‫موسم بهار آهيون‪.‬‬
‫ِ‬ ‫حاصل‬
‫ِ‬

‫وات – ڳاڙهن سان دوستي آهي‪،‬‬


‫تنهنڪري ئي اسان به ٻار آهيون‪.‬‬

‫دل وٺي ڀي نه دل ڏيون ڪنهن کي‪،‬‬


‫ڪنهن ڪيا ايڏا هوشيار آهيون‪.‬‬

‫آهه وڻندي بدن جي هر خوبي‪،‬‬


‫ڪنهن جو چهرو ۽ ڪنهن جا وار آهيون‪.‬‬

‫حوصلو ٿا رکون پهاڙن جو‪،‬‬


‫پر روئي پئون ته آبشار آهيون‪.‬‬

‫غير سمجهون نه ڪنهن بشر کي ’وفا‘!‬


‫هر ننڍي ۽ وڏي جا يار آهيون‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪252‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫وصل جا ُپور سوايا ٿي ويا‪،‬‬


‫هجر جا سور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫عقل‪ ،‬لقمان کان ڀي ڪجهه نه ٿيو‪،‬‬


‫زخم‪ ،‬ناسور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫هٿ لڳڻ ساڻ پيو جام ُٽٽي‪،‬‬


‫نيڻ مخمور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫پير ڀي مون کي چمڻ ڪو نه ڏنئون‪،‬‬


‫ُمحب مغرور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫فن ۽ ڏات کان خالي ها ڪئي‪،‬‬


‫صرف مشهور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫ساري دنيا کي ڇڏيان ها ڪاٿي‪،‬‬


‫دوست منظور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫ُظلم ۽ جبر جو انجام ڏسي‪،‬‬


‫دوست مشڪور سوايا ٿي ويا‪.‬‬

‫زخم پنهنجا به سڃاڻي نه سگهيا‪،‬‬


‫نيڻ بي ُنور سوايا ٿي ويا‪،‬‬

‫مئڪدن ۾ ٿا ٻرن جام ’وفا‘!‬


‫هيل ُ‬
‫انگور ساويا ٿي ويا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪253‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نيڪي به َبدي آهي‪،‬‬
‫هي ڪهڙي صدي آهي!‬

‫باطن ۾ آ محبوبا‪،‬‬
‫ظاهر ۾ ادي آهي‪.‬‬

‫احساس ُڇهائڻ جو‪،‬‬


‫ريشم جي گدي آهي‪.‬‬

‫گرم آهي طبيعت جي‪،‬‬


‫فطرت ۾ ٿڌي آهي‪.‬‬

‫ُمرڪن کان سوا جيون‪،‬‬


‫ُلڙڪن جي ندي آهي‪.‬‬

‫انسان چڱو آهي‪،‬‬


‫پر ماڻهو ردي آهي‪.‬‬

‫چقمق ٿي رکي بت ۾‪،‬‬


‫حاالنڪ ڦدي آهي‪.‬‬

‫تِنهن دل ۾ ”وفا“! جي‪،‬‬


‫ِجنهن ِدل ۾ مدي آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪254‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سارو عالم غالم تنهنجو آ‪،‬‬
‫ڪيڏو اعلي مقام تنهنجو آ‪.‬‬

‫عمر ڀر توسان هم ڪالم هجان‪،‬‬


‫ايڏو دلڪش ڪالم تنهنجو آ‪.‬‬

‫ڇو ٿو نوٽن سان پاڻ کي تورين‪،‬‬


‫حسن آن‪ ،‬عشق دام تنهنجو آ‪.‬‬

‫مون کي ُگل ُگل لڳي ٿو تو جهڙو‪،‬‬


‫ڪيئن پٽيان‪ ،‬احترام تنهنجو آ‪.‬‬

‫تون سچي پيار جي عالمت آن‪،‬‬


‫عاقبت ۽ دوام تنهنجو آ‪.‬‬

‫ڪنهن شرابيَء جي جستجو آهين‪،‬‬


‫روح مئه – جسم جام تنهنجو آ‪.‬‬

‫جسم جو ديپ‪ ،‬روح جي ڳوال‪،‬‬


‫هِن صدي‪ ،‬فڪ ِر خام تنهنجو آ‪.‬‬

‫تنهنجا سجدا‪” ،‬وفا“! ٻڌائن ٿا‪:‬‬


‫ڪوئي قابل امام تنهنجو آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪255‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َپن ڇڻيَء ۾ به ٽڙيل چمن آ‪،‬‬
‫قابل ديد تنهنجو َبدن آ‪.‬‬
‫ِ‬

‫عشق مقتل ۾ آهي جڏهن کان‪،‬‬


‫منهنجي ِسر سان تڏهن کان ڪفن آ‪.‬‬

‫خواهشن ۾ ورهايل رهي ٿو‪،‬‬


‫پيار جي حق ۾ تن آ‪ ،‬نه من آ‪.‬‬

‫پيار جا پيچرا خوب آهن‪،‬‬


‫منزلن ۾ نه گلشن‪ ،‬نه بن آ‪.‬‬

‫حسن مشرق جا جلوا‪،‬‬‫ِ‬ ‫ُمنفرد‬


‫ُبت تي سلوار ۽ پيرهن آ‪.‬‬

‫گرم ُلڙڪ ۽ ’وفا‘ سرد آهون‪،‬‬


‫هجر جي زندگيَء جو َمتن آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪256‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پيار ڏيون ٿا‪ ،‬پيار گهرون ٿا‪،‬‬
‫ٻيو نه ڪوئي وهنوار گهرون ٿا‪.‬‬

‫خاموشيَء کي لفظ ڏئي ڇڏ‪،‬‬


‫باطن جو اظهار گهرون ٿا‪.‬‬

‫عشق نه آيو راس اسان کي‪،‬‬


‫گهر واري‪ ،‬گهر ٻار گهرون ٿا‪.‬‬

‫چنڊ کان ڀي شرمائڻ وارا!‬


‫درشن ۽ ديدار گهرون ٿا‪.‬‬

‫جو نفرت جون ِڀتيون ڊاهي‪،‬‬


‫رب کان سو اوزار گهرون ٿا‪.‬‬

‫اکيون ڀي اکين تي آهن‪،‬‬


‫پر ِدل جو اقرار گهرون ٿا‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪257‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُحسن معيار تي لهي آيو‪،‬‬
‫ڪردار تي لهي آيو‪.‬‬‫عِشق ِ‬

‫دل جي اظهار تي لهي آيو‪،‬‬


‫روز ديدار تي َلهي آيو‪.‬‬

‫ُزلف ُرخسار تي لهي آيا‪،‬‬


‫حادثو پيار تي لهي آيو‪.‬‬

‫احساس ُحسن ثابت ٿيو‪،‬‬


‫ِ‬ ‫پيار‬
‫هار سينگار تي لهي آيو‪.‬‬

‫روز نظرن جا تير هڻندو هو‪،‬‬


‫نيٺ ويچار تي لهي آيو‪.‬‬

‫ِدل جي َ‬
‫ڪعبي ۾ ُبت ِڏٺئين جو ’وفا‘!‬
‫ُبت ِشڪن وار تي َلهي آيو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪258‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ايترو توکي چاهبو هاڻي‪،‬‬
‫پويون هر نقش ڊاهبو هاڻي‪،‬‬

‫مون کي مِهڻن جي وس ڪرڻ وارا!‬


‫ُتنهنجو احساس الهبو هاڻي‪.‬‬

‫ڪا به رونق رهي نه ديرن تي‪،‬‬


‫ڪو به ساسي نه ٽاهبو هاڻي‪.‬‬

‫نور آهين‪ ،‬نڪو بشر آهين‪،‬‬


‫ڪجهه نه ڪجهه توکي ٺاهبو هاڻي‪.‬‬

‫پنهنجي ِسر تي وسائبو سڀ ُ‬


‫ڪجهه‪،‬‬
‫توتان هر بار الهبو هاڻي‪.‬‬

‫توکي پلٽي ’وفا‘ جي سانچي ۾‪،‬‬


‫تنهنجو معيار ٺاهبو هاڻي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪259‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫حسرتن تي جوانيون آهن‪،‬‬
‫پيار جون مهربانيون آهن‪.‬‬

‫’وصل ۽ هجر‘ پيا تنهنجي جون‪،‬‬


‫ياد رهندڙ نشانيون آهن‪.‬‬

‫دل کي جيڪي ڪري ويون لِيڙون‪،‬‬


‫ُتنهنجي نظر جون ڪانيون آهن‪.‬‬

‫ٿو نپوڙي گهڙي گهڙي رومال‪،‬‬


‫اڄ روئڻ ۾ روانيون آهن‪.‬‬

‫مون تي بي سبب ڏک ڪرڻ وارا!‬


‫بندشون‪ ،‬بي زبانيون آهن‪.‬‬

‫عِشق جو جسم زخم زخم آهي‪،‬‬


‫حسن جون گل – فشانيون آهن‪.‬‬

‫ُروح ڇا ڀي ُ‬
‫گهري ’وفا‘! ليڪن‪،‬‬
‫ِجسم جي گهرج مانيون آهن‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪260‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تو اهڙو تڙپائي ڇڏيو مون کي‪،‬‬
‫مقتل ڀي ُٺڪرائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫زلفن سان پرچائي ڇڏيو مون کي‪،‬‬


‫سوريَء تي لڙڪائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫صبر جو پئمانو لبريز ويو ٿي‪،‬‬


‫جام جيان ڇلڪائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫دوزخ ۾ هر ُ‬
‫يار رهي ٿو منهنجو‪،‬‬
‫جنت مان بدالئي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫بتخانن‪ ،‬مئخانن جو منهن ڏسبو‪،‬‬


‫ٽِڪ وانگر چمڪائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫سانڊي جان ٿا هر هر رنگ َمٽايو‪،‬‬


‫هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬
‫‪261‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫ڏينهن جو هر انصاف اوهان تي آهي‪،‬‬


‫رات هڪڙي ترسائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫باقي سڀ سنسار اوهان کي آيو‪،‬‬


‫منهنجا م َ‬
‫ِيت مالئي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫روز ۽ شب طواف ڪيان دلبر جو‪،‬‬


‫جاڳ اهڙي جاڳائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬

‫اهڙا قاتل نيڻ نه ٻيهر ملندا‪،‬‬


‫چيري‪ ،‬ڦاڙي‪ ،‬گهائي ڇڏيو مون کي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪262‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تنهنجي چاهت کي ڪير ُمنهن ڏيندو‪،‬‬
‫جڳ جي نفرت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫تنهنجي دولت کي ڪير منهن ڏيندو‪،‬‬


‫منهنجي غربت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫سڀ ڪو دولت جي ڪڍ لڳو پيو آ‪،‬‬


‫هِت نصيحت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫وصل جي رات‪َ ،‬سن بلوغت جو‪،‬‬


‫هِن قيامت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫زلف چهري جان ٿو عزيز رکان‪،‬‬


‫منهنجي ِجدت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫آئون شاعر ۽ هوَء رقاصه‪،‬‬


‫هن تفاوت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫ٿي سگهان ٿو خوشيَء سان پاڳل مان‪،‬‬


‫تنهنجي آٿت کي ڪير منهن ڏيندو؟‬

‫آهي نيالم گهر ۾ حسن ”وفا“!‬


‫هِن اذيت کي ڪير ُمنهن ڏيندو؟‬
‫‪ó‬‬
‫‪263‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫موت جو ئي ِچٺو مِلي مون کي‪،‬‬
‫صلو مِلي مون کي‪.‬‬
‫ڪو جيئڻ جو ِ‬

‫ايڪسري ٿي وڃان سندس آڏو‪،‬‬


‫جيڪڏهن يار ٿو ملي مون کي‪.‬‬

‫او‪ ،‬وڇوڙا ڏئي وڃڻ وارا!‬


‫ِسلسلو ڪو نه ڪو ملي مون کي‪.‬‬

‫روح جي يا بدن جي پيار سندو‪،‬‬


‫توکان ڪو واسطو ملي مون کي‪.‬‬

‫عاشقيَء کي امر ڪرڻ ٿو گهران‪،‬‬


‫ُحسن جو آسرو ملي مون کي‪.‬‬

‫پوِء کلڻ ڄاڻي يا روئڻ ڄاڻي‪،‬‬


‫يار معيار جو ملي مون کي‪.‬‬

‫’ ُ‬
‫ڪن‘‪’ ،‬ڪنارو‘ ٻئي قبول ’وفا‘!‬
‫ڪو نه ڪو فيصلو ملي مون کي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪264‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫مئڪدي جو جام آهين‪ ،‬ڪيترو بدنام آهين‪،‬‬
‫جسم تي ڦٽڪار آهين‪ ،‬روح تي الزام آهين‪.‬‬

‫نيڻ ٻوٽيان ٿو ته آهين‪ ،‬نيڻ کوليان ٿو ته ناهين‪،‬‬


‫وصل جو آغاز آهين‪ ،‬هجر جو انجام آهين‪.‬‬

‫زندگيَء جي نظرين ۾‪ ،‬نظرين جي زندگيَء ۾‪،‬‬


‫حسن جو افسوس آهين‪ ،‬عشق جو ماتام آهين‪.‬‬

‫وئي مري هر آرزو‪ ،‬هر جستجو تنهنجي ملڻ سان‪،‬‬


‫ُ‬
‫چين ۽ آرام آهين‪.‬‬ ‫جيئن ساري زندگيَء جو‬

‫همسفر ڀي ساڻ توکي‪ ،‬راهبر ڀي ساڻ توکي‪،‬‬


‫ِٻن اکين ُهوندي به پيارا ڇو غلط هر گام آهين‪.‬‬

‫جي اڃا تائين ’وفا‘ سان ٿيو تعارف ناهه تنهنجو‪،‬‬


‫ُحسن ڀي تنهنجو اجايو‪ ،‬عشق ۾ ڀي خام آهين‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪265‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫دل تي ڳوڙها وسائڻ ڇڏيو‪،‬‬


‫مون کي ڪک پن وهائڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫جوڙ ڪڪرن سان ڇا چنڊ جو‪،‬‬


‫هيُء لِڪڻ ۽ لڪائڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫يا ته پيرن ۾ ڇيريون َٻڌو‪،‬‬


‫يا ته ڳائڻ وڄائڻ ڇڏيو!‬

‫پوِء نه ايندي‪ ،‬جي هيڪر وئي‪،‬‬


‫زندگيَء کي ستائڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫سڀ ڪو سمجهي ويو موت کي‪،‬‬


‫ُسورين کي سجائڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫ُ‬
‫سج ۽ چنڊ روشن اڃا‪،‬‬
‫بلب‪ ،‬ڏيئا جالئڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫خودبخود دل به ويندي ملي‪،‬‬


‫صرف اکيون مالئڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫هڪ دفعو آزمائي وٺو‪،‬‬


‫روز روز آزمائڻ ڇڏيو‪.‬‬

‫يا رکو پاس دل جو ”وفا“!‬


‫يا صفا دل لڳائڻ ڇڏيو‪.‬‬
‫‪266‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪجهه اهتمام ٿي ويون‪،‬‬
‫ڪجهه انتظام ٿي ويون‪.‬‬

‫سڀ جام جام ٿي ويون‪،‬‬


‫نِنڊون حرام ٿي ويون‪.‬‬

‫اڳ سالم ٿي ويون‪،‬‬


‫پوِء هم ڪالم ٿي ويون‪.‬‬

‫ڪ ٿي ضرورتن کان‪،‬‬ ‫َ‬


‫ڪ ِ‬
‫زر جون غالم ٿي ويون‪.‬‬

‫دل کي بنائي ڪعبو‪،‬‬


‫اکيون اِمام ٿي ويون‪.‬‬

‫َپل کن جي دوستيَء ۾‪،‬‬


‫ڪي ننگ و نام ٿي ويون‪.‬‬

‫معيار ڪشمڪش ۾‪،‬‬


‫سوچون غالم ٿي ويون‪.‬‬
‫‪267‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫پاٿارين تي آهن‪،‬‬
‫جي بي لغام ٿي ويون‪.‬‬

‫گڏيل هيون ’وفا‘ سان‪،‬‬


‫پر احترام ٿي ويون‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪268‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫َهوس جو ُ‬
‫خبط آهي‪ ،‬پيار ڪونهي‪،‬‬
‫’وفا‘! انسان ئي سنسار ڪونهي‪.‬‬

‫هليو آ گهر جا سڀ ڀاتي ُسمهاري‪،‬‬


‫ٻڌو ٿم اڄ به پهريدار ڪونهي‪.‬‬

‫حجابن ۾ ڍڪيل جلوا ۽ جذبا‪،‬‬


‫مٺا! هي وصل جو ڪردار ڪونهي‪.‬‬

‫سڏايل يار جي شاديَء ۾ آهي‪،‬‬


‫تڏهن ڪو هار ۽ سينگار ڪونهي‪.‬‬

‫َمرون بي موت ڇو ڪنهن بيوفا تي‪،‬‬


‫’وفا‘! هيُء پيار جو معيار ڪونهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪269‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫وصل جا آسرا نه ڏي مون کي‪،‬‬
‫هجر جا وسوسا نه ڏي مون کي‪.‬‬

‫موت جي کاٽ تان جهلڻ وارا‪،‬‬


‫زندگيَء جي سزا نه ڏي مون کي‪.‬‬

‫ويڄ آن‪ ،‬فرض ڏس‪ ،‬سياڻو ٿيُء!‬


‫درد بنجي دوا نه ڏي مون کي‪.‬‬

‫ضبط جو مشورو ڏيڻ وارا!‬


‫موقعهِء التجا نه ڏي مون کي‪.‬‬

‫ديپ ناهيان جو مان وسامي وڃان‪،‬‬


‫چڻنگ آهيان‪ ،‬هوا نه ڏي مون کي‪.‬‬

‫جي ’وفا‘! موت سان ٿو پرچائين‪،‬‬


‫زندگيَء جي دعا نه ڏي مون کي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪270‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هر رات آهه ظلم جي‪ ،‬هر ڏينهن قهر جو‪،‬‬
‫هيَء چال آهه شهر جي‪ ،‬هيُء حال شهر جو‪.‬‬

‫هر دلعزيز جنهن پئي چيو‪ ،‬پاڻ کي سدا‪،‬‬


‫ثابت ٿيو سو شخص نه پنهنجو نه دهر جو‪.‬‬

‫اکيون کليون ته سنڌ سڄي چنڊ ٿي پئي‪،‬‬


‫چهرو ڏٺم جو خواب ۾ رزاق مهر جو‪.‬‬
‫)‪(1‬‬

‫مون کان سواِء ڪير نه پيئندو اڙي ڪالل!‬


‫شربت جو ناهه جام‪ ،‬هي جام آهه زهر جو‪.‬‬

‫ڪو ڀي سڄي حيات نڀائي نٿو ’وفا‘!‬


‫ڪو شخص آهه پل جو ۽ ڪو شخص پهر جو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪271‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اک کڻي ٿو‪ ،‬نه اک جهڪائي ٿو‪،‬‬
‫دل کان ڪو فيصلو ڪرائي ٿو‪.‬‬

‫آهه عورت جو پاسدار اهو‪،‬‬


‫وي َل ورائي ٿو‪.‬‬
‫ٻانهن جيڪو َ‬

‫رقص جو روپ ٿي وئي راڌا‪،‬‬


‫شيام ڪو بئنسري وڄائي ٿو‪.‬‬

‫پيار کان ڪم نه ٿو وٺي ليڪن‪،‬‬


‫اٽڪلن سان مون کي مڃائي ٿو‪.‬‬

‫هوش جي دائري ۾ ڪو نه آهي‪،‬‬


‫هڪ ٻڌي ٿو ۽ ٻي ٻڌائي ٿو‪.‬‬

‫زخميل روح جو عالج ’وفا‘!‬


‫پاڻ روئي مون کي کالئي ٿو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪272‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نه ڪوئي گل نه ڪوئي خار ڇاهي‪،‬‬
‫اڄوڪي باغ جو معيار ڇاهي‪.‬‬

‫رڳو ڄاڻي‪ ،‬جواني پوِء نه ايندي‪،‬‬


‫نه ڄاڻي پريت ڇاهي‪ ،‬پيار ڇاهي‬

‫ڪٿي انسانيت جو ُ‬
‫نام ڪونهي‪،‬‬
‫ته پوِء مولي! سڄو سنسار ڇاهي‪.‬‬

‫ُهو رانديڪي جيان کيڏي ٿو دل سان‪،‬‬


‫نه ڄاڻي دلبر و دلدار ڇاهي‪.‬‬

‫’وفا‘! ُاڻ ُتڻ جي ڪشتيَء مان لهي آ‪،‬‬


‫مزو ِهن پار آ‪ُ ،‬هن پار ڇاهي!؟‬
‫‪ó‬‬
‫‪273‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اکين کي شام ڏي‪ ،‬دل کي سحر ڏي‪،‬‬
‫ڀلي پوِء بند ڪر دريون ۽ در ڏي!‬

‫يا مان پهچانس اهڙا بال و َپر ڏي‪،‬‬


‫يا منهنجي آه َه ۾ گهربل اثر ڏي!‬

‫هي رسمون گهٽ ڄاڻي‪ ،‬ڪنوار ڄاڻي‪،‬‬


‫ڏسي چاهت نه ٿي زيور ۽ زر ڏي‪.‬‬

‫پيو سوچيان‪ ،‬وڃان ڪهڙي طرف مان‪،‬‬


‫طبيعت ٿي لڙي بر ڏي نه گهر ڏي‪.‬‬

‫انڌيرن ۾ گذاريون ڪيئن حياتي‪،‬‬


‫اِالهي! وقت کي شمس و قمر ڏي‪.‬‬

‫ٻنهي ڳالهين مان‪ ،‬جا تسليم توکي‪،‬‬


‫يا هٿ کڻ پيار تان يا ِسر تي سر ڏي‪.‬‬

‫نه کوٽي ٿي‪ ،‬وري اچجانِء ڇو جو‪،‬‬


‫’وفا‘ نڪري ويو سير و سفر ڏي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪274‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫سونهن جي سرور سان‪،‬‬
‫ڏس مگر شعور سان‪.‬‬

‫خاڪ سان نه نور سان‪،‬‬


‫ڇا رهون حضور سان‪.‬‬

‫منهنجو پيار‪ ،‬پيار سان‪،‬‬


‫نار سان نه‪ ،‬نور سان‪.‬‬

‫ُحسن جو ظهور آ‪،‬‬


‫عِشق جي ظهور سان‪.‬‬

‫ڪيترن ڳنڍي ڇڏي‪،‬‬


‫دوستي ضرور سان‪.‬‬

‫ٿو رهي ’وفا‘ سدا‪،‬‬


‫تنهنجي سور‪ ،‬پور سان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪275‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ابتدا ڳولي‪ ،‬انتها ڳولي‪،‬‬
‫پوِء ڪو پيار جا پتا ڳولي‪.‬‬

‫منهنجي توکي ٿي تيئن وفا ڳولي‪،‬‬


‫جيئن درويش ڪو خدا ڳولي‪.‬‬

‫قرب جو جنهن کي ٿي وڃي ڪينسر‪،‬‬


‫ڪوئي ُ‬
‫دارون‪ ،‬نه ڪا دوا ڳولي‪.‬‬

‫فطرتن سڀ ڪوئي اڪيلو آ‪،‬‬


‫ڪوئي ڪنهن جا نه آسرا ڳولي‪.‬‬

‫شاهه – رڳ کان جڏهن قريب آهي‪،‬‬


‫ڪير ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڇا ڳولي؟‬

‫سج اڃا تائين‪ ،‬چنڊ اڃا تائين‪،‬‬


‫تنهنجي ُمنهن مان ُاها ڏيا ڳولي‪.‬‬

‫جنهن کي آهي ’وفا‘ جيئڻ جي تميز‪،‬‬


‫زندگي ڪيئن تو سوا ڳولي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪276‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫)‪ (1‬رزاق مهر منهنجو تمام گهاٽو ۽ پراڻو دوست‪ ،‬جيڪو الڙڪاڻي جو ويٺل آهي ۽ ٽي وي ڊراما لکندو هو‪.‬‬
‫بدقسمتيَء سان اڄ اسان ۾ ناهي‪( .‬وفا)‬
‫‪ó‬‬
‫ايڏو هيڻو نه حال ڪر منهنجو‪،‬‬
‫ڪو ته پورو سوال ڪر منهنجو‪.‬‬

‫يا مون کي ٻانگ جو شعور نه ڏي‪،‬‬


‫يا ترنم بالل ڪر منهنجو‪.‬‬

‫منهنجو ”ماضي“ ٿو شرمسار ٿئي‪،‬‬


‫منهنجي سامهون نه ”حال“ ڪر منهنجو‪.‬‬

‫ٺاهه توسان تڏهن ڪبو غاصب!‬


‫اڳ ۾ هر حق بحال ڪر منهنجو‪.‬‬

‫مون کي خوشين جو اعتماد ڏئي‪،‬‬


‫ختم رنج و مالل ڪر منهنجو‪.‬‬

‫مون چيو‪ :‬چنڊ ڪيئن ٿيندو آ‪،‬‬


‫هن وراڻيو‪ :‬جمال ڪر منهنجو‪.‬‬

‫مان ’وفا‘! تنهنجي آسري آهيان‪،‬‬


‫ٿيُء ڏاهو‪ ،‬خيال ڪر منهنجو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪277‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ُگهٽ ٻوساٽ مان پتو ٿو پوي‪،‬‬
‫ڪو اچڻ وارو انقالب آهي‪.‬‬

‫ڪهڙي منزل تي زندگي پهتي‪،‬‬


‫گس ۾ دريا نه ڪو سراب آهي‪.‬‬

‫جيئن ”اڌ چنڊ“ جي مٿان ڪڪري‪،‬‬


‫”اڌ چهري“ تي تيئن نقاب آهي‪.‬‬

‫تجربو تجربو گواهي آ‪،‬‬


‫تنهنجو نعم البدل شراب آهي‪.‬‬

‫موسم گل جا‪،‬‬
‫ِ‬ ‫َ‬
‫گل محتاج‬
‫تنهنجو چهرو سدا گالب آهي‪.‬‬

‫وقت جي مشڪلن سان خود نبري‪،‬‬


‫منهنجو هر شخص کي خطاب آهي‪.‬‬

‫جي پڙهڻ جي ’وفا‘! تميز هجي‪،‬‬


‫هر حسين شخص هڪ ڪتاب آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪278‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تنهنجي نفرت ۽ پيار ۾ ناهيان‪،‬‬
‫يعني ڪنهن ڀي شمار ۾ ناهيان‪.‬‬

‫منهنجي هستي نچي ٿي مستيَء ۾‪،‬‬


‫ڪنهن نشي‪ ،‬ڪنهن خمار ۾ ناهيان‪.‬‬

‫پنهنجي چهري جي چاندنيَء ۾ تالش‪،‬‬


‫تنهنجي زلفن جي ڄار ۾ ناهيان‪.‬‬

‫عشق جي ڀي گرفت ۾ ناهيان‪،‬‬


‫حسن جي ڀي حصار ۾ ناهيان‪.‬‬

‫تون جڏهن کان ڇڏي ويو آهين‪،‬‬


‫ڪنهن خزان‪ ،‬ڪنهن بهار ۾ ناهيان‪.‬‬

‫صحن گرداب ۾ ڦِران پيو ’وفا‘!‬‫ِ‬


‫بحر جي آر پار ۾ ناهيان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪279‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫دل ڏئي‪ ،‬دل وٺي نه پيار ڪبو‪،‬‬


‫ڪو به تاجر – صفت نه يار ڪبو‪.‬‬

‫ڪوئي دشمن‪ ،‬نه ڪوئي يار ڪبو‪،‬‬


‫تجربن کي نه شرمسار ڪبو‪.‬‬

‫”پال“ کان ”وڻ پڪل“ چڱو آهي‪،‬‬


‫سال کن تنهنجو انتظار ڪبو‪.‬‬

‫توکان وڇڙڻ کان پوِء رستي ۾‪،‬‬


‫جو به گڏبو انهيَء سان پيار ڪبو‪.‬‬

‫ڏي خبر سنگدل ۽ هرجائي!‬


‫هاڻ ڇا رنگ اختيار ڪبو‪.‬‬

‫ڪيئن ڀال دل جا ٽوڙبا رشتا‪،‬‬


‫پاڻ تي پاڻ ڪيئن وار ڪبو‪.‬‬

‫رات جان وار‪ ،‬ڏينهن جان چهرو‪،‬‬


‫حسن دو آتشه‘ سان پيار ڪبو‪.‬‬
‫’ ِ‬

‫زندگيَء جي سالمتيَء خاطر‪،‬‬


‫ڪوئي دشمن‪ ،‬نه ڪوئي يار ڪبو‪.‬‬
‫قاتلن‪ ،‬مقتلن پئي ڳالهه ڪئي‪،‬‬
‫ُمجرمن ۾ ’وفا‘ شمار ڪبو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪280‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پيار ڪنهن سان ڪرين‪ ،‬وفا ڪنهن سان‪،‬‬
‫ڪو نه تنهنجي مِلي ادا ڪنهن سان‪.‬‬

‫ُعمر جو ساٿ‪َ ،‬سنگ ٿي پياسين‪،‬‬


‫ڇا مِلي آب ۽ هوا ڪنهن سان‪.‬‬

‫پيار منهنجو حضورشرم هيو‪،‬‬


‫ڪيئن ڪيان ها ڀال جفا ڪنهن سان‪.‬‬

‫فِطرتن ئي َهوس َپرست آهين‪،‬‬


‫پيار‪ ،‬پيارا! ڪرين به ڇا ڪنهن سان‪.‬‬

‫ڪو اڪيلو نه آهه دنيا ۾‪،‬‬


‫ڪنهن سان شيطان آ‪ ،‬خدا ڪنهن سان‪.‬‬

‫ِهڪ ُمعمو لڳو پيو آ ’وفا‘!‬


‫ڪنهن سان نهڪر ڪري نه ها ڪنهن سان‪.‬‬‫َ‬
‫‪ó‬‬
‫‪281‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اهو حال آهي سوا تنهنجي هاڻي‪،‬‬
‫نه ُبت روح کي‪ ،‬روح ُبت کي سڃاڻي‪.‬‬

‫نڪو سامري ۽ نه ڪيالش آهيان‪،‬‬


‫پري ڪا پرستان مان ڪير آڻي‪.‬‬

‫ته ڀي اجنبيت جي ديوار آڏو‪،‬‬


‫مان هن کي ٿو ڄاڻان‪ ،‬هو مون کي ٿو ڄاڻي‪.‬‬

‫اهو حال آهي دماغن جو اڄڪلهه‪،‬‬


‫سڀاڻي جي اڄ ۽ اڄوڪي سڀاڻي‪.‬‬

‫رڳو انتظارن سان ڪيسين هالن مان‪،‬‬


‫ڪو قاصد ُمنجي‪ ،‬ڪو نياپو ُاماڻي‪.‬‬

‫جي ساڻي هجن حسن جون جلوه گاهون‪،‬‬


‫’وفا‘! عشق در در جي مٽي نه ڇاڻي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪282‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫هار امر آ‪ ،‬جيت امر آ‪،‬‬
‫تنهنجي منهنجي پريت امر آ‪.‬‬

‫فاني صرف شراب لڳي ٿو‪،‬‬


‫جام امر آ‪ ،‬ڳيت امر آ‪.‬‬

‫ُلڙڪ به فاني‪ ،‬مرڪ به فاني‪،‬‬


‫تنهنجي ريت‪ ،‬ڪريت امر آ‪.‬‬

‫ِسنڌڙي! تنهنجي راڄ کان مِليل‪،‬‬


‫پيار امر آ‪ ،‬پريت امر آ‪.‬‬

‫پايل جي ڇم ڇم تان صدقي‪،‬‬


‫سانوڻ جو سنگيت امر آ‪.‬‬

‫مقتل مقتل الش ’وفا‘ جا‪،‬‬


‫سچ جي باغي ريت امر آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪283‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫جي تنهنجي پيار کان آجا رهون ها‪،‬‬
‫زماني ۾ نه ايڏا غم سهون ها!‬

‫صنم! ُسوري به ُٺڪرائي ڇڏي ها‪،‬‬


‫جي تنهنجي پيار جي ضد تان لهون ها‪.‬‬

‫ِشڪست ۽ فتح ڪوئي حل نه آهي‪،‬‬


‫ِوڙهون ها جيسين ڀي جيئرا رهون ها‪.‬‬

‫توهان قاتل‪ ،‬اسان مقتل جي عزت‪،‬‬


‫توهان کان ڇو ڊڄون ها‪ ،‬ڇو ڊهون ها‪.‬‬

‫پئين غيرن جي ڀٽڪائڻ سان ڀٽڪي‪،‬‬


‫سدائين گڏ هلون ها‪ ،‬گڏ رهون ها‪.‬‬

‫توهان جي سينڌ ۾ سندور وانگر‪،‬‬


‫تمنا هئي سدا روشن رهون ها‪.‬‬

‫سندس ماڙيَء ۾ هئي‪ ،‬ڏاڪڻ ۾ ڏاڪڻ‪،‬‬


‫’وفا‘! ڪيسين چڙهون‪ ،‬ڪيسين لهون ها‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪284‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اکين مان انتظار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪،‬‬
‫دل مان اڳوڻو پيار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬

‫دل مان سڄو غبار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪،‬‬


‫اکين مان آبشار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬

‫هيُء لڙڪ لڙڪ گرم ۽ هيُء ساهه ساهه سرد‪،‬‬


‫فرقت جو اشتهار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬

‫شڪ ۽ گمان ناهيان‪ ،‬وفا جو يقين هان‪،‬‬


‫خدشا سڀئي او يار! ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬

‫تون مان فقط گذاريون حياتيَء جا ڏينهن گڏ‪،‬‬


‫ٻيو شوق ۽ شڪار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬

‫ٿوگلن سان محبت ڪري سگهان‪،‬‬ ‫مان صرف ُ‬


‫گلشن مان خار خار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬

‫ڪر ’حال‘ ساڻ پيار ۽ ’آئيندي‘ سان ’وفا‘‪،‬‬


‫ماضيَء جي هر مزار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪285‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫تنهنجو پيار جي مون لئه دريا ٿئي ها‪،‬‬
‫منهنجي قسمت ۾ ڇو صحرا ٿئي ها‪.‬‬

‫پوِء ڪري ها پيار‪ ،‬وڻي ها جنهن سان‪،‬‬


‫اڳ ۾ ساري جڳ کان تنها ٿئي ها‪.‬‬

‫عزت جو اهڃاڻ محبت ڪانهي‪،‬‬


‫چوڏهن ئي طبقن ۾ رسوا ٿئي ها‪.‬‬

‫چاهت جو کليو اعالن ڪرين ها‪،‬‬


‫پنهنجن ۽ غيرن کان وهوا ٿئي ها‪.‬‬

‫منهنجو پيار هجي ها جي بازاري‪،‬‬


‫منهنجي توکان ڪا ته تقاضا ٿئي ها‪.‬‬

‫موٽي آئين ماڳ چڱو ٿيو پيارا!‬


‫ورنه منهنجو حال الئه ڇا ٿئي ها‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪286‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫پاتڻي! يار!! تنهنجو سهارو کپي‪،‬‬
‫ڪن ۾ آهي ٻيڙي‪ ،‬ڪنارو کپي‪.‬‬‫ُ‬

‫رهبرو‪ ،‬رهزنو‪ ،‬دوستو‪ ،‬دشمنو!‬


‫ڪوئي رستو کپي‪ ،‬ڪوئي چارو کپي‪.‬‬

‫چنڊ چهرو سندس‪ ،‬چيلهه تائين سڳيون‪،‬‬


‫اهڙو سهڻو ڪوئي مون کي يارو! کپي‪.‬‬

‫صرف ماڻهو هجڻ ئي ضروري نه آ‪،‬‬


‫پريت جهڙو هجي‪ ،‬پيار وارو کپي‪.‬‬

‫تنهنجي پيرن ۾ سنسار اڇلي ڇڏيان‪،‬‬


‫صرف تنهنجي نظر جو اشارو کپي‪.‬‬

‫جيڪو اڳ ۾ هجي مون ڏٺو ڪو نه ڪو‪،‬‬


‫شعبده باز! اهڙو نظارو کپي‪.‬‬

‫پنهنجو پنهنجو نصيب ۽ ضرورت ’وفا‘!!‬


‫ڪنهن کي گهرجي اٽو‪ ،‬ڪنهن کي ڏارو کپي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪287‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫احساس توکي پيار جو اهڙو ڏياريو‪،‬‬
‫توکان سڄو پراڻو زمانو وساريو‪.‬‬

‫هر هڪ حسين خود تي نظرثانيون ڪري‪،‬‬


‫تنهنجي بدن ۽ روح کي اهڙو نکاريو‪.‬‬

‫ٿي ويو آ منهنجو پيارسندس وار وار سان‪،‬‬


‫هاڻي نه ڪا بال ۽ نه ڪو نانگ ماريو‪.‬‬

‫آسان وقت ۾ به مالقات کان جواب!؟‬


‫مشڪل جي وقت ۾ به نه توکي پڪاريو‪.‬‬

‫بازي کڻي لڳائي ڇڏيان جسم و جان جي‪،‬‬


‫توکي ۽ تنهنجي پيار کي هرگز نه هاربو‪.‬‬

‫بي آبرو لباس به‪ ،‬منهن تي نقاب ڀي‪،‬‬


‫ٻهروپئي جي روپ کي ڪهڙو شماربو‪.‬‬

‫سو زندگيَء جو هوندو’وفا‘! ڏينهن آخري‪،‬‬


‫جنهن ڏينهن تنهنجي پيار کي دل تان وساربو‪.‬‬
‫‪Ó‬‬
‫‪288‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫عشق جي آرزو ٿيڻ چاهي‪،‬‬
‫ڇو ٿو برباد ُهو ٿيڻ چاهي‪.‬‬

‫ڪو نياپو نه ڪوئي پيغمبر‪،‬‬


‫پاڻ ٿو روبرو ٿيڻ چاهي‪.‬‬

‫دربدر مون کي مئڪدي کان ڪري‪،‬‬


‫منهنجو جام ۽ ُسبو ٿيڻ چاهي‪.‬‬

‫َهمخياليَء جو َدم َڀرڻ خاطر‪،‬‬


‫ُمنهنجي خصلت ۽ خو ٿيڻ چاهي‪.‬‬

‫عشق جون اشڪبار ُاميدون‪،‬‬


‫ڪو نئين جستجو ٿيڻ چاهي‪.‬‬

‫ُخوبروئن جي حافظي ۾ رهي‪،‬‬


‫ٿو ’وفا‘ خوبرو ٿيڻ چاهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪289‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪا به شيِء ناهي جا فنا آهي‪،‬‬
‫ڇو ته مادي کي پي بقا آهي‪.‬‬

‫ڪربال ۾ ته ڪنهن به ڪو نه ڏٺو‪،‬‬


‫ڪيئن مڃون هر جڳهه خدا آهي‪.‬‬

‫تنهنجو صحرا – بدن ڪٿي ٻڌندو‪،‬‬


‫منهنجي لڙڪن ڀري صدا آهي‪.‬‬

‫جيڪڏهن پيار جي نظر سان ڏسون‪،‬‬


‫ُحسن هر درد جي دوا آهي‪.‬‬

‫ٿي ويو دنگ هر َحسين ڏسي‪،‬‬


‫ڇا سندس ناز ۽ ادا آهي‪.‬‬

‫ظلم‪ ،‬مسندنشين هر پاسي‪،‬‬


‫عدل‪ ،‬انصاف بي نوا آهي‪.‬‬
‫‪290‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫آهه تخليق هڪ ئي خالق جي‪،‬‬


‫شاهه آهي‪ ،‬کڻي گدا آهي‪.‬‬

‫ڪ َ‬
‫ڪر آهي‪،‬‬ ‫هونَء ته چڳ ريشمي َ‬
‫پر جي بگڙي ته ڄڻ بال آهي‪.‬‬

‫سچ هن دور ناشناسيَء ۾‪،‬‬


‫جيئن خدا آهي‪ ،‬تيئن ’وفا‘ آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪291‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪو جفا تي نه وفا تي ڏک آ‪،‬‬
‫تنهنجي متضاد ادا تي ڏک آ‪.‬‬

‫توکي گلشن جي هوا تي ڏک آ‪،‬‬


‫مون کي صحرا جي فضا تي ڏک آ‪.‬‬

‫پيار اظهار جو محتاج آهي‪،‬‬


‫بي سبب شرم و حيا تي ڏک آ‪.‬‬

‫پيار پابن ِد مراسم ناهي‪،‬‬


‫تنهنجي موڙن ۽ حنا تي ڏک آ‪.‬‬

‫شاهه ساڳيو‪ ،‬نه گداگر ساڳيو‪،‬‬


‫وقت کي شاهه و گدا تي ڏک آ‪.‬‬

‫صرف مظلوم ٿا سختيون ڪاٽن‪،‬‬ ‫ِ‬


‫مون کي بي جرم سزا تي ڏک آ‪.‬‬

‫ساري مخلوق فنا آهه کڻي‪،‬‬


‫پوِء به ماڻهوَء جي فنا تي ڏک آ‪.‬‬

‫پنهنجا افعال رالئن ٿا ’وفا‘!‬


‫هِن زماني‪ ،‬نه خدا تي ڏک آ‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪292‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ايڏو بي ربط ٺاهه ڪيئن ٿيندو‪،‬‬
‫تنهنجو منهنجو نباهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫جسم کي روح کان سواِء چاهيان‪،‬‬


‫مون کان اهڙو گناهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫جيستائين نه دل تي هٿ رکندين‪،‬‬
‫منهنجو پرواز ساهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫جيڪو پل ڀي نٿو وڻي‪ُ ،‬ان سان‪،‬‬


‫زندگيَء جو نباهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫ُسک ۾ پاليل‪ ،‬وڏيرڪي ڇوري!‬


‫توکان ڍورن جو گاهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫جيسين ڪڪرن سان پيار ڪو نه ڪبو‪،‬‬


‫مهربان مهر و ماه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫تنهنجي فطرت ۾ پيار ئي ڪونهي‪،‬‬


‫توسان عاشق جو چاهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬

‫ُگل سڃاڻي ٿو ُگل شناس ’وفا‘‪،‬‬


‫ايترو ڪج نگاهه ڪيئن ٿيندو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪293‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫ڪري پيو آهي‪،‬‬
‫رنگ اڇالئيندي هوليَء ۾ ِ‬
‫اوچتو عشق جي کوليَء ۾ ڪري پيو آهي‪.‬‬

‫جو نچيو منهنجي ُمحبت ۾ هو َچرين وانگر‪،‬‬


‫ڪالهه زردار جي ڏوليَء ۾ ڪري پيو آهي‪.‬‬

‫ڪن جي حوالي ۽ پو‪،‬‬‫سام ڪشتيَء جي ڪري ُ‬


‫ناخدا پاڻ به ڇوليَء ۾ ڪري پيو آهي‪.‬‬

‫حسن ناياب هو‪ ،‬انمول هو‪ ،‬نادر هو ’وفا‘!‬


‫ِ‬
‫ڏاڍ جي واڪ ۽ ٻوليَء ۾ ڪري پيو آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪294‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نه ڪو وصال گوارا‪ ،‬نه انتظار هتي‪،‬‬
‫ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي‬

‫هي ڪهڙو پيار آ‪ ،‬هي ڪهڙي دوستي آهي‪،‬‬


‫تون بي قرار ُهتي ۽ مان بيقرار هِتي‪.‬‬

‫االِء ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو‪،‬‬


‫ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي‪.‬‬

‫اسان جي قوم يتيم آهي‪ ،‬ديس الوارث‪،‬‬


‫رهي ٿو صرف ُلٽيرن جو اقتدار هتي‪.‬‬

‫نه ُمرڪ ڪنهن جي چپن تي‪ ،‬نه ڪنهن جي اک آلي‪،‬‬


‫رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي‪.‬‬

‫’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد‪،‬‬


‫جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪295‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫زنگ آلود هر صليب آهي‪،‬‬
‫ننڊ ۾ سچ جو نصيب آهي‪.‬‬

‫ُجرم آهي کِلڻ‪ُ ،‬گناهه روئڻ‪،‬‬


‫ظلم جو فلسفو عجيب آهي‪.‬‬

‫درد پنهنجا کڻي وڃان ڪاڏي‪،‬‬


‫ڪوئي حاذق نه ڪو طبيب آهي‪.‬‬

‫جو امير آهي سو امير آهي‪،‬‬


‫جو غريب آهي سو غريب آهي‪.‬‬

‫شعر آهي نه شاعري آهي‪،‬‬


‫ڪوئي شاعر نه ڪو اديب آهي‪.‬‬

‫ڇا تي ماڻهن جو ُ‬
‫ميڙ گڏ ٿيو آ‪،‬‬
‫ڪو خطاب ۽ نڪو خطيب آهي‪.‬‬

‫آهه انسان ئي مثال ”وفا“!‬


‫َم ِ‬
‫رگ ِانسانيت قريب آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪296‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫نرم هو‪ ،‬سخت ٿي چڪوآهي‪،‬‬
‫هوبهو وقت ٿي چڪو آهي‪.‬‬

‫ڪريو جو پٿر تي‪،‬‬


‫دل جو ڪائو ِ‬
‫بي عدد لخت ٿي چڪو آهي‪.‬‬

‫اچ اجل! زندگي! خدا حافظ‪،‬‬


‫ڪوئي بي رخت ٿي چڪو آهي‪.‬‬

‫وصل ٿو هجر سان ملڻ چاهي‪،‬‬


‫پيار خوشبخت ٿي چڪو آهي‪.‬‬

‫ڪري‪،‬‬‫”اي وفا“! گودڙيَء مان لعل ِ‬


‫تاج ۽ تخت ٿي چڪو آهي‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪297‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫رقص پيار ڏسو‪،‬‬
‫ِ‬ ‫دلين ۾ کوٽ‪ ،‬نگاهن ۾‬
‫ِدل و نگاهه جو ُمتضاد ڪاروبار ڏسو‪.‬‬

‫ستم جو خير‪ ،‬پڇو ٿا ته من تي ڇا گذري‪،‬‬


‫حال زار ڏسو‪.‬‬
‫اچي سگهو ته اچي منهنجو ِ‬

‫سڄي جهان جو غم آهه منهنجي سيني ۾‪،‬‬


‫چشم اشڪبار ڏسو‪.‬‬
‫ِ‬ ‫ِد ِل حزين ڏسو‪،‬‬

‫حضور! حسن کي منظور ناهه رسوائي‪،‬‬


‫هوس پرست نظر سان نه بار بار ڏسو‪.‬‬

‫دڪاندار سڀئي ُگل َپٽائي ويا آهن‪،‬‬


‫موسم بهار ڏسو“‪.‬‬
‫ِ‬ ‫”چمن جو رنگ ڏسو‪،‬‬

‫ڪچي وهيَء ۾ اڄ ڪلهه ٿئي ٿو پيار ’وفا‘!‬


‫نه ڪنهن کي ننڍڙو ئي سمجهو نه ڪنهن کي ٻار ڏسو‪.‬‬
‫‪ó‬‬
‫‪298‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫‪ó‬‬
‫اکين جي ڀي نه ٿيندو هو‪ ،‬ٿي دلربا ويو‪،‬‬
‫هڪ شخص پنهنجي سوچ کان ٿي ڇا مان ڇا ويو‪.‬‬

‫ُ‬
‫ڪل منظرن جو رنگ لڳي سرخ ٿو مون کي‪،‬‬
‫دست حنا ويو‪.‬‬
‫ِ‬ ‫اهڙو ڪري سالم ڪو‬

‫پوِء گڏ هجون يا ڌار‪ ،‬اهو ذاتي مسئلو‪،‬‬


‫تنهن ۾ ڀال وصال‪ ،‬وڇوڙي جو ڇا ويو‪.‬‬

‫جيڪو به آيو بنهه اڪيلو لڳو مون کي‪،‬‬


‫جيڪو ويو اهو به ٿي سڀ کان جدا ويو‪.‬‬

‫ڪو تنهنجي ُمرڪ ُمرڪ کان ٿي ُمستفيد‪،‬‬


‫ڪو تنهنجي آنسوئن تي ڪري اڪتفا ويو‪.‬‬

‫نفرت جي نشترن سان ويو شخص جو ڪٺو‪،‬‬


‫هر چئونڪ‪ ،‬موڙ‪ ،‬پيار جي ڏيندوصدا ويو‪.‬‬
‫‪299‬‬ ‫اوجاڳن جو انت ____________ وفا ناٿن شاهي _____________ سنڌي ادبي بورڊ‬

‫پنهنجي تالش کي به نه ڇڏيائين قبر تائين‪،‬‬


‫تنهنجي تالش سان به نڀائي ’وفا‘ ويو‪.‬‬
‫‪ó‬‬

‫پورو ٿيو‬

‫پيشڪش ؛ آن الئين ڪتاب گهر‬

‫ترتيب ؛ قاسم سنڌي‬

‫نوٽ؛ (هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان کڻي پي ڊي ايف جي صورت ۾ آڻي پڙهندڙن جي سهولت الِء رکيو ويو)‬

‫‪2/77/2013‬‬

You might also like