You are on page 1of 3

‫ٻاراڻيَء عمر ۾ منهنجا ڪيترائي مضبوط مذهبي عقيدا هيا‪ ،‬پر خدا ۾ ڪو ٿورڙو يقين هيو‪ ،‬تقابلي نسبتن

واري ڪنهن فرقي ۾‬


‫”عقيدي“ ۽ ”يقين“‪ ،‬جيڪي اسان کي انهيَء قابل ڪن ٿا ته انهن تي پنهنجو ڀروسو رکون‪ ،‬۾ وڏو ۽ واضع فرق آهي‪ .‬مون بنا‬
‫ڪنهن شڪ جي خدا جي وجود کي مڃيو ٿي؛ مون حضرت عيسٰي عليھ السالم جي عشاء رباني جي دعوت ۾ حقيقي طور (بنفس‬
‫نفيس) موجودگي‪ ،‬ڪليسا جي مقدس ريتن رسمن جي تاثير‪ ،‬جزا ۽ سزا جي عمل ۽ عالم برزخ جي حقيقي مقصد ۾ پڻ يقين رکيو‬
‫ٿي‪ .‬بهرحال‪ ،‬مان اهو نٿي چئي سگهان ته حتمي ”حقيقت“ جي خاصيت بابت انهن مذهبي خيالن ۾ منهنجي عقيدي مون کي ڪو‬
‫گهڻو اعتماد ڏياريو ته هتي دنياوي حياتي سٺي يا چڱائي واري هئي‪ .‬منهنجي ٻارپڻي جي رومي ڪئٿوليت مورڳو ڊيڄاريندڙ عقيدو‬
‫‪“ (Portrait of the‬پنهنجي ڪتاب ”پورٽريٽ آف دي آرٽسٽ ائز اي ينگ مئن )‪ (James Joyce‬هئي‪ .‬جيمس جوائس‬
‫۾ صحيح لکيو آهي‪ :‬خطبن ۾ دوزخ جي باهه بابت مون پنهنجو حصو ٻڌو ٿي‪ .‬دراصل خدا )‪Artist as a Young Man‬‬
‫جي مقابلي ۾ دوزخ هڪڙي وڌيڪ ٺوس حقيقت لڳي ٿي‪ ،‬ڇاڪاڻ ته اها ڪا شي هئي‪ ،‬جنهن کي مان تصور ۾ ويهاري ٿي‬
‫سگهيس‪ .‬ٻئي پاسي خدا‪ ،‬ڪنهن حد تائين مبهم خاڪو هيو‪ ،‬جنهن جي ڪنهن سمجهه ۾ ايندڙ تاثر بجاِء مورڳو نه سمجهه ۾ ايندڙ‬
‫تجريدي خيالن ۾ وضاحت پيش ڪئي وئي هئي‪ .‬جڏهن مان اٺن سالن جي عمر جي هيس ته مون ”خدا ڇا آهي؟“ واري سوال الِء‬
‫هن مذهبي اصول واري جواب کي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو هيو‪” :‬خدا سڀ کان اعلٰي طاقت آهي‪ ،‬جيڪو اڪيلو پاڻ ئي پاڻ موجود‬
‫آهي ۽ سڀني ڪماليتن ۾ المحدود آهي‪ “.‬انهيَء ۾ ڪو عجب ڪونهي ته اها منهنجي الِء معمولي ڳالهه هئي ۽ مان ايئن چوڻ الِء‬
‫تيار آهيان ته ان اڃا تائين مون کي تسلي ڪونه ڏني آهي‪ .‬اها سدائين هڪڙي نمايان طور غير تسلي بخش‪ ،‬بناوٽي ۽ اجائي وصف‬
‫‪.‬محسوس ٿيندي رهي آهي‪ .‬بهرحال‪ ،‬هن ڪتاب لکڻ کان پوِء مون کي مڃڻو پيو آهي ته اها ڳالهه به صحيح ڪونهي‬
‫مان وڏي ٿيندي رهيس‪ ،‬مون تسليم ڪيوته خوف جي بجاِء مذهب ۾ گهڻو ڪجهه آهي‪ .‬مون درويشن جي سوانح عمرين‪ ،‬فلسفي‬
‫۽ صوفين جي عام فهم لکڻين مان ڪجهه پڙهيون‪ .‬مان عام دعائن جي خوبصورتيَء )‪ (T.S. Eliot‬شاعرن‪ ،‬ٽي‪ .‬ايس ايليٽ‬
‫کان متاثرٿيڻ لڳيس ۽ توڙي جو خدا ڏورانهون رهيو‪ ،‬پر مون محسوس ڪيو ته ان کي ڳولڻ ممڪن آهي ۽ خيالي تصور سموري‬
‫پيدا ٿيل حقيقت جي هئيت بدالئي ڇڏيندو‪ .‬ايئن ڪرڻ الِء مان هڪڙي مذهبي جماعت ۾ داخل ٿي ويس‪ .‬هڪڙي سيکڙاٽ ۽ نوجوان‬
‫راهبه جي حيثيت ۾ مون ديني يقين بابت گهڻو ڪجهه پرايو‪ .‬مون پاڻ کي معافي طلب ڪندڙ دعائن‪ ،‬آسماني ڪتاب‪ ،‬دينيات ۽ چرچ‬
‫جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ الِء وقف ڪري ڇڏيو‪ .‬مون راهباڻي زندگيَء جي تاريخ ۾ ووڙڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي جماعت جي‬
‫دستور جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۾ جنبي ويس‪ ،‬جيڪو دستور اسان کي دل و جان سان سکڻو هيو‪ .‬وڏي عجب جي ڳالهه آهي ته انهن‬
‫مان هر ڪنهن ۾ خدا بابت تمام ٿورڙو تصور پيش ڪيل هيو‪ .‬لڳو پئي ته ڌيان صرف ثانوي حيثيت وارين ڳالهين تي ۽ مذهب جي‬
‫گهٽ اهميت وارن پهلوئن تي ڏنو ويو آهي‪ .‬مان عبادت ڪرڻ دوران پنهنجو پاڻ مونجهاري جو شڪار هوندي هيس‪ ،‬مان ذهن تي‬
‫زور ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هيس ته اندر ۾ خدا جي تصور کي ويهاريان پر اهو سخت ڪارفرما رهيو‪ ،‬جنھن منهنجي طرفان‬
‫اصول جي هر ڀڃڪڙيَء کي نظر ۾ ٿي رکيو‪ ،‬يا اللچائي گم ٿي ويو ٿي‪ .‬مون درويشن جي بيخودين جي باري ۾ جيترو گهڻو پڙهيو‬
‫ٿي‪ ،‬ايترو وڌيڪ مان پاڻ کي ناڪام ٿي سمجهيو‪ .‬ڏکويل حالت ۾ مان باخبر هيس ته جيڪو ٿورو گهڻو مون مذهبي تجربو حاصل‬
‫ڪيو هيو‪ ،‬اهو ڪنهن حد تائين منهنجين پنهنجين ڪوششن جي حاصالت هيو‪ ،‬ڇوته مان پنهنجن احساسن ۽ تصور مطابق ڪم ڪندي‬
‫هيس‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو دلي لڳاَء وارو احساس پوپ گريگوري جي حمديه گيت جي موسيقيَء جي خوبصورتي ۽ عام دعائن الِء‬
‫جمالياتي رد عمل هوندو هيو‪ ،‬پر پنهنجي غورو فڪر ذريعي حاصل ڪيل تجربي کان سواِء ٻئي ڪنهن به ذريعي مان مون کي اصل‬
‫۾ ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيو‪ .‬نبين سڳورن ۽ صوفين طرفان بيان ڪيل خدا جي ڪڏهن به ڪا جهلڪ ڪونه ڏٺي‪ .‬حضرت‬
‫عيسٰي عليھ السالم جنهن جي باري ۾ اسان ”خدا“ هجڻ بابت حد کان گهڻو ڳالهائيندا هئاسين‪ ،‬صاف طور تي هڪڙي تاريخي شي‬
‫لڳو‪ ،‬منجهيل نموني سان اڳوڻن نوادرات ۾ پوريل‪ .‬مان چرچ جي ڪجهه عقيدن جي باري ۾ به ڳوڙهن شڪ شبهن ۾ مبتال ٿيڻ‬
‫لڳيس‪ .‬ڪوبه ماڻهو اهو يقيني طور تي ڪيئن ڄاڻي ٿي سگهيو ته عيسٰي ( عليھ السالم) نالي انسان مجسم خدا هيو ۽ اهڙي عقيدي‬
‫جو ڪهڙو مطلب هيو؟ ڇا نئون عهدنامو واقعي انهن ڳالهين بابت تفصيل سان ٻڌائي ٿو‪ ،‬جيڪي انتهائي تضاد واريون آهن‪ ،‬مثال‬
‫طور‪ :‬ٽن خدائن وارو نظريو ‪ -‬يا اهوبه عقيدي جي ڪيترن ٻين فقرن وانگر جيروسلم(يروشلم) ۾ حضرت عيسٰي عليھ السالم جي‬
‫‪.‬صليب چڙهڻ کان صديون پوِء مذهبي ماهرن طرفان هٿ ٺوڪيل ڳالهه هئي‬
‫آخرڪار‪ ،‬ڏک مان‪ ،‬مون مذهبي زندگي ڇڏي ڏني ۽ هڪڙو دفعو ناڪاميَء ۽ بيوسيَء جي بار کان آزاد ٿي ويس‪ .‬مون محسوس‬
‫ڪيوته منهنجو خدا ۾ يقين خاموشيَء سان گم ٿي ويو‪ .‬ان منهنجي زندگيَء تي ڪڏهن به حقيقي طور اثر ڪونه ڪيو هيو‪ ،‬توڙي‬
‫جو مون پنهنجي وس آهر‪ ،‬ان طرفان ايئن ڪري سگهڻ الِء گهڻي ڪوشش ڪئي هئي‪ .‬هاڻي جڏهن مون ان بابت پاڻ کي ايترو‬
‫فڪرمند ۽ قصور وار نٿي سمجهيو ته اهو هڪڙي حقيقت هجڻ کان گهڻو اوجهل ٿي ويو‪ .‬بهرحال‪ ،‬مذهب ۾ منهنجي دلچسپي جاري‬
‫رهي ۽ مون مذهبي تجربي جي نوعيت ۽ عيسائيت جي اوائلي تاريخ جي باري ۾ ٽيليويزن تي ڪيترائي پروگرام ڪيا‪ .‬مون مذهب‬
‫جي تاريخ بابت جيترو گهڻو پڙهيو ۽ سکيو‪ ،‬منهنجا وهم ايترو وڌيڪ درست ثابت ٿي ويا‪ .‬هڪڙي ٻار جي حيثيت ۾ بنا ڪنهن‬
‫سوال جي مون جيڪي عقيدا قبول ڪيا هيا‪ ،‬اهي حقيقت ۾ هٿ ٺوڪيل هيا‪ ،‬وقت جي ڊگهي وهڪري دوران ٺاهيا ويا هيا‪ .‬لڳي ٿوته‬
‫سائنس خالق مالڪ خدا کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ۽ بائيبل جي عالمن ثابت ڪيو هيوته حضرت عيسٰي عليھ السالم ڪڏهن به خدا‬
‫هجڻ جي دعوٰي ڪونه ڪئي هئي‪ .‬مرگهي واري وانگر مون وٽ به خيالي منظرن جون جهلڪيون هيون‪ ،‬جن الِء مون کي خبر‬
‫هئي ته اهي محض ذهني خاميون آهن‪ :‬ڇا درويشن جون روحاني بشارتون ۽ بيخوديون پڻ هڪڙو دماغي خلل هيون؟ هلندي هلندي‬
‫‪.‬خدا هڪڙي انوکي شي لڳو‪ .‬اهڙي شي جيڪا انساني نسل پالي وڏي ڪئي هئي‬
‫راهبه جي حيثيت ۾ ڪيترن سالن تائين ڪم ڪرڻ جي باوجود‪ ،‬مان نه ٿي مڃان ته منهنجو خدا بابت تجربو انوکو آهي‪ .‬خدا بابت‬
‫منهنجا خيال ٻاراڻي عمر ۾ ٺهيا هيا ۽ ٻين مضمونن ۾ منهنجي وڌندڙ ڄاڻ سان هم قدم ٿي نه سگهيا‪ .‬مون فادر ڪرسمس الِء سادن‬
‫ٻاراڻن خيالن ۾ تبديلي ڪئي هئي؛ جيتريون ٻاراڻيَء عمر ۾ ممڪن ٿي سگهيون هيون‪ ،‬انهن جي مقابلي ۾ انسان کي پريشان ڪندڙ‬
‫صورتحال جي پيچيدگين کي وڌيڪ پختيَء سمجهه سان محسوس ڪرڻ لڳي هيس‪ .‬البت خدا بابت منهنجن اوائلي منجهيل خيالن ۾ ڪا‬
‫ڦيرڦار ڪونه ٿي هئي ۽ نه سڌارو آيو هيو‪ .‬منهنجي غيرمعمولي مذهبي معلومات کان سواِء به ماڻهن کي خبر هوندي ته خدا بابت‬
‫انهن جو تصور به ٻالڪپڻي ۾ ٺهيو هيو‪ .‬انهن ڏينهن کان پوِء اسان ٻاراڻين ڳالهين کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي پهرين سالن‬
‫‪.‬واري خدا کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو آهي‬
‫تاهم مذهب جي تاريخ بابت منهنجي مطالعي سان پڌرو ٿيو آهي ته انسان روحاني جانور آهن‪ .‬دراصل اهو بحث طلب معاملو آهي ته‬
‫“انساني نسل (”هومو سئپينس‬
‫پڻ آهي‪ .‬مرد ۽ عورتون جيئن ئي مڃيل طور )‪“ Homo Religious‬هومو رليجس”( پاڻ ئي مذهبي )‪Homo Sapiens‬‬
‫انسان ٿيا ته انهن ديوتائن کي پوڄڻ شروع ڪيو؛ انهن ساڳي وقت مذهب به ايجاد ڪيا‪ ،‬جيئن انهن هنري ڪم ايجاد ڪيا‪ .‬اهو‬
‫محض انهيَء ڪري ڪونه ٿيو ته انهن سگهارين طاقتن کي خوش ڪرڻ ٿي گهريو‪ ،‬پر انهن اوائلي عقيدن حيرت ۽ اسرار جي انهن‬
‫جذبن جو اظهار ٿي ڪيو جيڪي لڳي ٿو ته سدائين هن خوبصورت بلڪ ڀوائتي دنيا جي انساني تجربي جو الزمي جز رهيا آهن‪.‬‬
‫هنر وانگر مذهب به زندگيَء ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ جي باوجود مطلب ۽ قدر معلوم ڪرڻ الِء هڪڙي ڪوشش رهيو آهي‪ ،‬ٻي‬
‫ڪنهن انساني ِڪ رت وانگر مذهب کي به غلط استعمال ڪري سگهجي ٿو‪ ،‬بلڪه هميشھ ڪنهن حد تائين اسان ايئن ڪندا به رهيا‬
‫آهيون‪ .‬اهو استحصالي بادشاهن ۽ پادرين طرفان ابتدائي طور تي سيڪيولر خاصيت سان ڪونه ڳنڍيو ويو هيو‪ ،‬پر انسان ذات الِء‬
‫فطري هيو‪ .‬حقيقت ۾ اسان جي موجوده سيڪيولرازم مڪمل طور تي هڪڙو نئون تجربو آهي‪ ،‬جنهن جو انساني تاريخ ۾ ڪو مثال‬
‫موجود ڪونهي‪ .‬اسان کي اڃا ڏسڻو آهي ته اهو نظريو ڪيئن ٿو ڪم ڪري‪ .‬اهو چوڻ به سچ آهي ته اسان جي مغربي آزاد‬
‫خيالي واري انسان دوستي اها شي ڪونهي جيڪا اسان ڏانهن قدرتي طور اچي ٿي؛ هنر ۽ شاعريَء جي الِء داد ڏيڻ واري مڃتا‬
‫وانگر اها به بهتر بڻائڻي پوندي‪ .‬انسان دوستي خود خدا کان سواِء هڪڙو مذهب آهي‪ .‬ظاهر آهي سڀئي مذهب خدا پرست ڪونه‬
‫آهن‪ .‬اسان جي اخالقي سيڪيولر خيال کي پنهنجا دلي ۽ ذهني ضابطا آهن ۽ انساني زندگي جي حتمي مقصد ۾ يقين ڳولهڻ جا ذريعا‬
‫‪.‬مهيا ڪري ٿو؛ جيڪي ڪنهن وقت وڌيڪ روايتي مذهبن طرفان مهيا ڪيا ويا هئا‬
‫جڏهن مون خدا جي تجربي ۽ خيال جي انهيَء تاريخ کي يهوديت‪ ،‬عيسائيت ۽ اسالم جي ٽن هڪٻئي سان تعلق رکندڙ وحدانيت وارن‬
‫عقيدن ۾ ڳولڻ شروع ڪيوته مون اهو ڳولڻ جي اميد ڪئي ته خدا صرف انساني ضرورتن ۽ خواهشن جو ذهني نقش هوندو‪ .‬مون‬
‫سوچيو ٿي ته‪” ،‬اهو“ معاشري جي ترقيَء جي هر مرحلي تي ان جي ُاڪيرن ۽ انديشن جي عڪاسي ڪندو‪ .‬منهنجون اڳڪٿيون‬
‫مڪمل طور تي بنا جواز جي ڪونه هيون‪ ،‬پر مان پنهنجن ڪجهه نتيجن تي حيران ٿي وئي آهيان؛ ڪاش اهو سڀ ڪجهه مون کي‬
‫ٽيهه سال اڳ معلوم ٿئي ها جڏهن مان مذهبي زندگي شروع ڪرڻ واري هيس‪ .‬اهو مون کي اهو ٻڌڻ جي وڏي ڳڻتيَء کان بچائي‬
‫ڇڏي هاته ‪ -‬ٽنهي عقيدن ۾ موجود نامور وحدانيت پسندن کان‪ -‬مٿان لهي اچڻ جو خدا الِء انتظار ڪرڻ جي بجاِء مان پنهنجو پاڻ‬
‫پادري ۽ صوفي مون کي ُاکين تي کڻي ڇڏين ها‪ Rabbis)، ،‬ربي( سوچي سمجهي ان جو تصور پيدا ڪيان ها‪ .‬ٻيا يهودي عالم‬
‫اهو بانور ڪندي ته خدا‪ -‬ڪنهن به نموني ۾‪-‬هڪڙي ”موجود“ حقيقت هيو‪ ،‬اهي مون کي تنبيهه ڪن ها ته ڪنهن صفاتي شي‬
‫وانگر ان جو تجربو ڪرڻ جي تمنا نه ڪر‪ ،‬ان کي صرف عام عقلي عمل ذريعي ڳولي سگهجي ٿو‪ .‬اهي مون کي اهو ٻڌائين هاته‬
‫اهم خيال ۾ خدا تخليقي تصور جي پيداوار آهي‪ ،‬جيئن شاعري يا موسيقي جنهن کي مان ايترو جوش ڏياريندڙ سمجهان ٿي‪ .‬ٿورا‬
‫انتهائي معتبر توحيد پرست خاموشيَء سان ۽ چڱيَء طرح مون کي ٻڌائين هاته خدا جو ڪو حقيقي وجود ڪونهي‪ -‬۽ ان جي باوجود‬
‫‪”.‬اهو“ دنيا ۾ نهايت اهم حقيقت آهي‬
‫هي ڪتاب خود خدا جي بيان ڪرڻ کان مٿي حقيقت جي تاريخ ڪونه هوندو‪ ،‬جيڪا ڳالهه وقت ۽ نئين تجربي کان مٿانهين آهي‪ ،‬پر‬
‫ان طريقي جي تاريخ هوندي جنهن سان عورتن ۽ مردن ان جو حضرت ابراهيم عليھ السالم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادراڪ حاصل‬
‫ڪيو آهي‪ .‬خدا الِء انساني تصور جي هڪڙيَء تاريخ آهي‪ ،‬جيئن ته اهو ماڻهن جي هر ٽولي ۾ ٿورڙي فرق سان سدائين ڪا شي‬
‫سمجهيو ويو آهي جن ان کي وقت جي مختلف گهڙين ۾ استعمال ڪيو آهي‪ .‬انسان ذات جي هڪڙي پيڙهيَء کان ٻي پيڙهيَء ۾ خدا‬
‫جو ٺاهيل تصور ڪنهن ٻئي نسل ۾ بي معنٰي ٿي سگهي ٿو‪ .‬دراصل هن بيان ”مان خدا کي مڃان ٿو“ ۾ ڪا گهربل معنٰي ڪونهي‪،‬‬
‫جيئن ڄاڻايل آهي‪ ،‬پر ان جو مطلب ڪنهن ٻئي بيان وانگر الڳاپيل تناظر ۾ آهي‪ .‬ڪا شي جڏهن ڪنهن خاص برادريَء طرفان پڌرو‬
‫ڪجي‪ .‬تنهن ڪري لفظ ”خدا“ ۾ هڪڙو سدائين ساڳيو رهندڙ تصور شامل ڪونهي‪ ،‬پر ان لفظ ۾ معنائن جا سمورا جزا شامل آهن‪،‬‬
‫جن مان ڪي متضاد آهن يا مورڳو باهمي طور امتيازي آهن‪ .‬جيڪڏهن خدا الِء قياس ۾ اها لچڪ نه هجي هاته اهو هڪڙو وڏو‬
‫انساني تصور ٿيڻ الِء باقي رهي نه سگهي ها‪ .‬جڏهن خدا جو هڪڙو خيال ختم ٿي ويو آهي‪ ،‬جو ڪا معنٰي رکي يا تعلق رکي ته‬
‫اهو خاموشيَء سان رد ڪيو ويو آهي ۽ هڪڙي نئين عقيدي سان تبديل ڪيو ويو آهي‪ .‬جيئن ته بنياد پرستي تاريخ جي مخالفت ۾‬
‫آهي‪ ،‬انهيَء سبب هڪڙو بنياد پرست انهيَء ڳالهه کان انڪار ڪندو‪ :‬اهي مڃين ٿا ته حضرت ابراهيم عليھ السالم‪ ،‬حضرت موسٰي‬
‫عليھ السالم ۽ پوِء اچڻ وارن نبين سڳورن‪،‬سڀني پنهنجي خدا جو بلڪل ايئن تجربو ڪيو‪ ،‬جيئن ماڻهو هاڻي ڪن ٿا‪ .‬وري به‬
‫جيڪڏهن اسان پنهنجن ٽنهي مذهبن تي ڌيان ڏيون ته اهو واضح ٿيندوته ”خدا“ جو ڪو ظاهري منظر ڪونهي‪ :‬هر نسل پنهنجي‬
‫مطلب مطابق خدا جو تصور پيدا ڪيو آهي‪ .‬دهرين الِء به ساڳي ڳالهه صحيح آهي‪ .‬اهو بيان ته ”مان خدا کي ڪونه ٿو مڃان“‪،‬‬
‫هميشھ تاريخ جي هر دؤر ۾ ٿورڙيَء مختلف معنٰي وارو رهيو آهي‪ .‬اهي ماڻهو جن کي سالن کان ”دهريو“ ڪوٺيو ويو آهي تن‬
‫سدائين خدا جي ڪنهن خاص تصور کان انڪار ڪيو آهي‪ .‬ڇا اهو ”خدا“ جنهن جو دهريا اڄ انڪار ڪري رهيا آهن‪ ،‬اسان جي‬
‫ابن ڏاڏن واروخدا‪ ،‬نبين سڳورن وارو خدا‪ ،‬فالسافرن وارو خدا‪،‬صوفين وارو خدا‪ ،‬يا ارڙهينَء صديَء جي موحدن وارو خدا آهي؟ انهن‬
‫سڀني خدائي سوچن کي يهودين‪ ،‬عيسائين ۽ مسلمانن پنهنجي تاريخ جي مختلف موڙن تي بائيبل ۽ قرآن شريف وارو خدا هجڻ طور‬
‫احترام جي نظر سان ڏٺو آهي‪ .‬اسان ڏسنداسين ته اهي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهن‪ .‬دهريت اڪثر ڪري هڪڙي عارضي‬
‫همعصر ”دهريو“ سڏيندا هئا‪ ،‬ڇوته انهن خدا )‪ Pagan‬پاگان( ڪيفيت رهي آهي‪ :‬ايئن يهودين‪ ،‬عيسائين ۽ مسلمانن کي سندن الدين‬
‫جي هستيَء ۽ غيرجسماني طاقت الِء هڪڙو انقالبي خيال اپنايو هيو‪ .‬ڇا موجوده دهريت ”خدا“ جو ساڳيو انڪار آهي‪ ،‬جيڪو اسان‬
‫جي زماني جي مسئلن الِء گهڻو اطمينان بخش ڪونهي؟‬
‫ان جي ٻي دنياداريَء جي باوجود مذهب انتهائي نتيجي خيز آهي‪ .‬اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو خدا جي ڪنهن خاص تصور جي‬
‫ڪم ڪرڻ الِء تمام گهڻو اهم آهي‪ .‬بجاِء ان جي جو ان الِء منطقي طور يا سائنسي طور پختو ٿئي‪ .‬جيئن ئي اهو اثر وڃائيندو ته‬
‫ان کي تبديل ڪيو ويندو‪ .‬ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڳالهه الِء بنيادي طور مختلف‪ .‬انهيَء ڳالهه اسان جي پنهنجي زماني کان اڳ وارن‬
‫گهڻن موحدن کي پريشان ڪونه ڪيو هيو‪ ،‬ڇو ته انهن کي پوري پڪ هئي ته خدا الِء انهن جا خيال ٺوس ڪونه هئا‪ ،‬پر فقط‬
‫عارضي ٿي ٿا سگهن‪ ،‬اهي مڪمل طور تي انسان جا ٺاهيل هئا‪ ،‬ٻيو ڪجهه به نٿي ٿي سگهيا‪ ،‬۽ جنهن ناقابل بيان حقيقت جي‬
‫اهڃاڻ کي انهن ظاهر ٿي ڪيو‪ ،‬ان کان بلڪل ڌار هئا‪ .‬انهيَء خاص امتياز جي اهميت بيان ڪرڻ جا ڪن ته بلڪل بي ادبيَء‬
‫وارا اطريقا اختيار ڪيا‪ .‬وچين زماني (قروِن وسطٰي ) جو هڪڙو صوفي ايتري حد تائين وڃي چوڻ لڳوته انهيَء حتمي حقيقت جو‪،‬‬
‫جنهن کي غلطيَء سان خدا چيو وڃي ٿو‪ ،‬بائيبل ۾ ڪو ذڪرئي ڪونهي‪ .‬تاريخ جي سموري عرصي دوران مردن ۽ عورتن ڪنهن‬
‫هستيَء جي سگهاري وجود کي محسوس ڪيو آهي‪ ،‬جيڪو عام رواجي دنيا کان برتر لڳي ٿو‪ .‬دراصل اها انساني ذهن جي‬
‫مخصوص حالت آهي جيئن ان کي سمجهه ۾ نه ايندڙ خيالن کي انهيَء طريقي سان لڪائي سگهي‪ .‬بهرحال اسان ان جي تشريح‬
‫ڪرڻ چاهيون ٿا‪ .‬باالتر هستيَء جو اهو انساني تجربو زندگيَء جي هڪڙي حقيقت آهي‪ .‬هر ڪو ماڻهو ان کي خدا ڪونه مڃيندو‪:‬‬
‫ٻڌمت وارا‪ ،‬جيئن اسان کي معلوم ٿيندو‪ ،‬انڪار ڪندا ته ڪو انهن جا خيالي منظر يا ادراڪ ڪنهن مافوق الفطرت قوت جي ذريعي‬
‫مان حاصل ٿيل آهن؛ اهي انهن کي انسان ذات الِء فطري سمجهن ٿا‪ .‬بهرحال‪ ،‬سڀئي وڏا مذهب انهيَء تي اتفاق ڪندا ته رواجي‬
‫خيالي ٻوليَء ۾ انهيَء باالتر هستي جي باري ۾ ٻڌائڻ ممڪن ڪونهي‪ .‬موحدن (وحدانيت پرست) انهيَء باالتر هستيَء کي ”خدا“‬
‫سڏيو آهي‪ ،‬پر انهن ان کي اهم شرطن سان چوڌاري گهيري ڇڏيو آهي‪ .‬مثال طور‪ ،‬يهودين کي خدا جو مقدس نالو پڪارڻ کان منع‬
‫ٿيل آهي ۽ مسلمانن کي ڏسجڻ جهڙي عڪس ۾ خدا جو نقش چٽڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪرڻي‪ .‬ضابطو هڪڙو تاڪيد نامو‬
‫‪.‬آهي ته جنهن حقيقت کي اسان”خدا“ سڏيون ٿا‪ ،‬اها مڙني انساني اظهارن کان باالتر آهي‬
‫اها عام سوچ ۾ ڪا تاريخ ڪونه هوندي‪ ،‬ڇو ته خدا جو تصور هڪڙي نقطي کان ُاسري آخري تصور ڏانهن درجي به درجي واري‬
‫ائين نٿا چون‪ .‬بلڪل ايئن )‪ (Art‬انداز ۾ ترقي ڪونه ڪئي آهي‪ .‬سائنسي علم جا تجريدي خيال ايئن ٻڌائين ٿا‪ ،‬پر مذهب ۽ آرٽ‬
‫جيئن عشقيه شاعريَء ۾ موضوعن جو فقط ٻڌايل تعداد آهي‪ ،‬ايئن ماڻهو پڻ خدا جي باري ۾ ساڳي ڳالهه ورجائي ورجائي ٻڌائيندا رهيا‬
‫آهن‪ .‬حقيقت ۾ اسان کي يهودين عيسائين ۽ مسلمانن ۾ خدا جي باري ۾ تصورن جي متاثرڪندڙ هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي‪ .‬انهيَء‬
‫جي باوجود ته يهودي ۽ مسلمان‪ ،‬عيسائين جي ٽن خدائن ۽ خدا جي انساني روپ وارن نظرين کي گهڻو ڪري ڪفر وارو عمل‬
‫سمجهن ٿا‪ ،‬انهن به انهن اختالفي عقيدن جا پنهنجا مؤقف پيش ڪيا آهن‪ .‬انهن عالمي فڪري سوچن جي هر اظهار ۾ ٿورڙو فرق‬
‫آهي‪ .‬بهرحال‪ ،‬انساني تصور جي ايجاد ۽ ڏات ڏيکاري ٿي ته اهو ”خدا“ بابت پنهنجي تصور جو اظهار ڪرڻ الِء جدوجهد ڪندو‬
‫‪.‬رهي ٿو‬
‫جيئن ته اهو هڪڙو ڊگهو موضوع آهي‪ ،‬مون ڄاڻي واڻي پاڻ کي هڪڙي خدا تائين محدود رکيو آهي‪ ،‬جنهن جي يهودي‪ ،‬عيسائي ۽‬
‫مسلمان عبادت ڪن ٿا‪ ،‬توڙي جو مون ڪڏهن ڪڏهن حتمي حقيقت الِء الدين (پاگان)‪ ،‬هندن ۽ ٻڌمت وارن جي خيالن کي وحدانيت‬
‫واري پهلو کي وڌيڪ صاف بڻائن وارو سمجهيو آهي‪ .‬ايئن لڳي ٿوته خدا جو تصور انهن مذهبن ۾ موجود تصورن سان گهڻي حد‬
‫تائين ويجهو آهي‪ ،‬جيڪي مذهب بلڪل آزادانه طور ُاسريا‪ .‬خدا جي حقيقت بابت اسان ڪهڙي به نتيجي تي پهچون‪ ،‬انهيَء تصور‬
‫جي تاريخ انساني ذهن ۽ اسان جي امنگ جي باري ۾ ڪا اهم ڳالهه اسان کي ضرور ٻڌائيندي‪ .‬اڪثر مغربي معاشري جي سيڪيولر‬
‫ڪردار جي باوجود‪ ،‬خدا جو تصور اڃا تائين لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪري ٿو‪ .‬تازن جائزن ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته‬
‫نوانوي سيڪڙو آمريڪي خدا کي مڃين ٿا‪ ،‬پر سوال اهو آهي ته ايترن گهڻن پيش ڪيل خدائن مان اهي هڪڙي ”خدا“ تي متفق‬
‫ٿيندا؟‬
‫ديني ادب اڪثر ڪري هر پهلوَء کان مبهم ۽ اختصار وارو رهي ٿو‪ ،‬پر خدا بابت تاريخ حساس ۽ جذباتي رهي آهي‪ .‬حتمي حقيقت‬
‫جي ڪجهه ٻين تصورن جي خالف اصل ۾ اهو جدوجهد ۽ ايذاَء جي پيڙائن ذريعي ڌيان ۾ آيو هيو‪ .‬اسرائيلي پيغمبرن جسماني‬
‫تڪليف طور پنهنجي خدا جو تجربو ڪيو‪ ،‬جنهن تڪليف سندن هر عضوو ڇڪي ڪڍيو ۽ انهن کي جوش ۽ فخر سان ڀري‬
‫ڇڏيائين‪ .‬جنهن حقيقت (هستي) کي اهي خدا سڏيندا هيا‪ ،‬توحيدي اڪثر ڪري ان جو تصور وڏي تڪليف واري حالت ۾ ڪندا هيا‪.‬‬
‫اسان کي جبل جي چوٽين‪ ،‬اونداهيَء ‪ ،‬اهنجائيَء ‪ ،‬سوليَء تي لڙڪيلن‪ ،‬۽ دهشت بابت پڙهڻو پوندو‪ .‬خدا جو مغربي تصور خاص ڪري‬
‫دهشتناڪ لڳو ٿي‪ .‬انهيَء موروثي آزمائش جو ڪهڙو سبب هيو؟ ٻيا توحيدي روشني ۽ نوراني صورت جي ظهور بابت ڳالهائيندا هيا‪،‬‬
‫جنهن هستيَء جو اهي تصور ڪندا هيا‪ ،‬ان جي خدوخال بيان ڪرڻ الِء وڏي جرئت وارا استعارا استعمال ڪندا هيا‪ ،‬جيڪا قدامت‬
‫پرست نظرئي کان گهڻو مختلف هئي‪ .‬تازو‪ ،‬ڏندڪٿا ۾ وري ٻيهر دلچسپي پيدا ٿي وئي آهي‪ ،‬جيڪا مذهبي حقيقت جي وڌيڪ پرتخيل‬
‫اظهار الِء هڪڙي گهڻي وڏي خواهش جي نشاندهي ڪندي‪ .‬آمريڪي اسڪالر آنجهاني جوزف ڪئمپبيل طرفان پيش ڪيل مواد نهايت‬
‫گهڻو مقبول ٿيو آهي‪ .‬ان قديم ڏندڪٿائن کي روايت پسند معاشري ۾ اڃا تائين جاري ڏندڪٿائن سان مالئيندي‪ ،‬انسان ذات بابت هميشھ‬
‫رهندڙ ڏندڪٿائي قصن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي‪ .‬اڪثر ڪري اهو سمجهيو ويو آهي ته ٽئي خدائي مذهب‬
‫(يهوديت‪ ،‬عيسائيت ۽ اسالم) ڏند ڪٿا ۽ شاعراڻين عالمتن کان سواِء آهن‪ .‬تڏهن به‪ ،‬توڙي جو موحدن اصل ۾ پنهنجن پاڙيسري‬
‫مشرڪن ( پاگان) جي ڏند ڪٿائن کي رد ڪيو‪ ،‬پر بعد ۾ اهي ڏندڪٿائون اڪثر ڪري آهستي آهستي عقيدي ۾ داخل ٿي ويون‪ .‬مثال‬
‫طور‪ ،‬صوفين خدا کي عورت جي روپ ۾ ڏٺو آهي‪ ،‬ٻيا وري خدا جي جنسيت بابت احترام سان ڳالھائين ٿا ۽ هڪڙي عورتاڻي‬
‫‪.‬عضوي کي عظيم هستيَء منجهه پيش ڪيو اٿن‬
‫اها ڳالهه مون کي ڏکئي مرحلي تي پهچائي ٿي‪ ،‬ڇو ته موجوده خدا خصوصي طور مرد هستيَء طور شروع ٿيو ۽ موحدن عام طور‬
‫لفظ جو استعمال ڪيو آهي‪ .‬موجوده سالن ۾ عورتن جي حقن جي )‪“ He‬ھي”( “تي ان جي حوالي ۾ مذڪر جو اصطالح ”اهو‬
‫سوچي سمجهي ان کي رد ڪيو آهي‪ .‬جيئن ته مان انهن ماڻهن جا خيال ۽ )‪“ (Feminists‬وڪالت ڪرڻ وارن ”فيمينسٽن‬
‫( ٿي سڏيو‪ ،‬مون به روايتي مذڪر وارو اصطالح )‪“ He‬ھي”( “تصور بيان ڪنديس‪ ،‬جن خدا کي ”اھو‬
‫استعمال ڪيو آهي‪ ،‬سواِء ڪجهه جاين جي‪ ،‬جتي مذڪر ۽ مؤنث يڪسان طور استعمال ٿيندڙ ٻنهي الِء )‪Terminology‬ٽرميناالجي‬
‫جو لفظ وڌيڪ مناسب لڳو آهي‪ .‬تاهم انهيَء ڳالهه جو شايد ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته خدا جي نسبت انگريزي ۾ )‪ِ”“ (It‬اٽ‬
‫خاص طور تي مذڪر جو استعارو استعمال ڪرڻ ڏکيرو آهي‪ .‬بهرحال عبراني‪ ،‬عربي ۽ فرانسي ۾ گرامر موجب جنس الِء ڏنل‬
‫حوالو دينياتي گفتگو پيش ڪري ٿو‪ ،‬يعني جنس جي سٽاَء ۽ بحث جو هڪڙو ِقسم‪ ،‬جيڪو جنس جو توازن برقرار رکي ٿو‪ ،‬جنهن‬
‫جي اڪثر ڪري انگريزيَء ۾ کوٽ آهي‪ .‬ايئن عربيَء ۾ الله (خدا جو ذاتي نالو) گرامر موجب مذڪر آهي‪ ،‬پر خدا ۽ خدا جي‬
‫‪.‬پراسرار حقيقت الِء لفظ ”ذات“ گرامر موجب مؤنث آهي‬
‫خدا جي باري ۾ سموري گفتگو امڪان کان ٻاهر ڏکيائين ۾ منجهائي ٿي ڇڏي‪ .‬پوِء به موحد ٻوليَء جي باري ۾ سدائين پراعتماد رهيا‬
‫آهن‪ ،‬پر ساڳي وقت باالتر هستيَء جي حقيقت بيان ڪرڻ الِء ان جي گنجائش کان انڪار ڪيو آهي‪ .‬يهودين‪ ،‬عيسائين ۽ مسلمانن جو‬
‫خدا هڪڙو اهو خدا آهي‪ ،‬جيڪو ڪنهن نموني ۾ ڳالهائي ٿو‪ .‬ان جو ڪالم مڙني ٽنهي مذهبن ۾ عاليشان آهي‪ .‬لفظ ”خدا“ اسان‬
‫جي ثقافت جي تاريخ کي شڪل ڏني آهي‪ .‬اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته آيا لفظ ”خدا“ کي موجوده زماني ۾ اسان جي الِء ڪا‬
‫‪.‬معنٰي آهي‬

You might also like