Professional Documents
Culture Documents
ڪتاب - جِيون سُر-WPS Office
ڪتاب - جِيون سُر-WPS Office
محترم طارق قريشي سنڌي ادب ۽ سنڌي ڪهاڻيَء جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي .سندس ٽهيَء جي ڪافي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيَء مان هٿ
ڪڍي ڇڏيا آهن ،ان جا سبب ڇا آهن اهي الڳ بحث شمار ٿيندا ۽ انهن سببن جي وضاحت اهي سينيئر ڪهاڻيڪار پاڻ ئي ڏئي
سگهن ٿا ،پر طارق قريشيَء اڃا تائين ڪهاڻيَء مان هٿ ناهي ڪڍيو ،هو اڃا به ڪهاڻيَء سان نينهن نڀائيندو پيو اچي ،۽ ڪهاڻي به
ساڻس وفادار محبوبا جيان ائين ساٿ نڀائيندي پئي اچي جو اها سندس قلم مان سرجي هر ڀيري نوان رنگ ۽ نئين ڪشش سان
.سامهون اچي بيهي ٿي
سندس تازو آيل ڪهاڻين جو ڳٽڪو "ِج يون ُسرور" به اهڙين ئي ڪمال رنگن ڀريل ڪهاڻين سان سينگاريل آهن .هي مجموعو ڪل
َ.نو ( )9ڪهاڻين تي مشتمل آهي .هي َنو ئي ڪهاڻيون الڳ الڳ موضوعن ۽ خيالن تي مشتمل آهن
......
ڪتاب ۾ شامل پهرين ڪهاڻي "ڀري ٻيڙي _ ٻڏل ٻيڙي" جو عنوان پڙهڻ سان ئي مشهور پهاڪو "ڀري ٻيڙيَء ۾ واڻيو ڳورو" ياد
اچي وڃي ٿو .ڪهاڻي پڙهندي ان پهاڪي سان الڳاپيل فڪر به تجال ڏيندي محسوس ٿئي ٿو .ڪهاڻيَء جو منڍ ،وچ ۽ پڄاڻي پاڻ ۾
سگهاري انداز سان ڳنڍيل آهن ۽ ڪهاڻيَء ۾ پيش آيل خيال ،فڪر ۽ پيغام پڻ اثرائتو آهي .ٻولي به سولي ۽ اثرائتي اٿس .هندڪي
۽ سنسڪرت لفظن جو ٿورو استعمال ٿيل آهي پر اهي سمورا لفظ سوالئيَء سان سمجھ ۾ اچي وڃن ٿا .انهن لفظن جو استعمال به
.ڪردارن ۽ جملن موجب ضروري ۽ ٺهڪندڙ محسوس ٿئي ٿو
هن ڪهاڻيَء الِء ائين چوندس ته اگر ڪو ماهر نقاد هن ڪهاڻيَء جي ساختياتي تنقيد وسيلي ڇنڊڇاڻ ڪري ته 34صفحن واري هن
ڪهاڻيَء تي 200کان 250صفحن جو سڄو سارو ڪتاب جيترو مواد سرجي پوندو .ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيَء جي لفظن ۽ جملن جي
بناوٽ ۾ ڳوڙهي معنٰي ۽ فڪر سمايل آهي جن پڙهندڙ کي نئين معنٰي ،نوان خيال ،نوان فڪر پيدا ڪرڻ جي سگھ سمائي رکي آهي.
هتي ڪهاڻيَء منجهان ڪي چونڊ جمال پيش ڪجن ٿا جينَء پڙهي ان جي معني ،مقصد ،فڪر جي وسعتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي
.سگهي
خدا ته هتي سنڌ ۾ به آهي پر مسلمان مشهد يا مڪي ۽ مديني وڃن ٿا .ڇو؟ *
.جواب ۾ هو ايوب خان جي ٻوڙي پوليس بڻجي مون کي ڌڪ هڻڻ الِء ُالرون ڪندي اڳتي وڌيو *
.عاشقن جي در جي فقيري نصيب وارن کي ملندي آهي .رهيو سوال ُسک جو ته سک ملندو ئي سڀ ڪجھ تياڳڻ سان آهي *
.....
ڏانهن خيال هليو وڃي ٿو .ليکڪ ڄاڻي " Feminismجو عنوان پڙهڻ سان ئي "فيمينزم " Veminismٻي ڪهاڻي "ويمينزم
پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جينَء اهي ڪهاڻيَء جي Gapواڻي مشهور لفظ کي ڦيرائي اصل ۾ پڙهندڙن جي ذهن ۾ خال
موضوع کي پهرئين جهٽ ۾ سمجهڻ کان منجهيل رهن .هيَء ڪهاڻي هر لحاظ کان عالمي ادب ۾ مٿانهون مقام ماڻڻ جي حيثيت رکي
ٿي .هن ڪهاڻيَء الِء مان ائين چوندس ته اگر ليکڪ جو نالو مٽائي چيخوف ،موپاسان ،ايڊگر ايلن پو ،ٽالسٽاِء يا وڪٽر هيوگو جو
نالو ڏئي ڀلي پوري دنيا ۾ پڙهندڙن کي پڙهائي وڃي ته هو ڪهاڻيَء جي موضوع ۽ هيئت ،لفظن جي تاثير ،پالٽ جي اڻت ،اثرائتن
جملن ۽ منڍ ،وچ ۽ پڄاڻيَء ۾ ڪمال اثر سبب هرگز به اهو شڪ نه ڪندا ته هي انهن عالمي طور مڃيل ۽ ساراهيل ڪهاڻيڪارن
جي ڪهاڻي ناهي .پر اسان سان مسئلو اهو آهي ته سنڌي ادب ۽ سنڌي اديب دنيا کان لڪيل آهن .هن قسم جون سگهاريون
ڪهاڻيون دنيا پڙهي ته سنڌي ادب ۽ اديب جي ڪماليت جي َڪ ل به پوين .ڪهاڻيَء ۾ انتهائي اعلي ادبي جماليات ۽ اونهو فڪر
آهي .ٻئي پاسي غالماڻي زندگيَء سان الڳاپيل واقعن تاريخ بابت انتهائي شاندار نموني سان تصوير اڻي وئي آهي .ڪهاڻي تاريخ سان
.گڏ مرد ۽ عورت جي نفسيات ۽ جنسي حقيقت نگاريَء جا موضوع پڻ سمائي رکيا آهن
.هيٺ ڪهاڻيء مان ڪي سٽون پيش ڪجن ٿيون .انهن کي پڙهي معنويت ،مقصديت ۽ جماليات بابت اندازو لڳايو
"...صبر ڪر ،اچان ٿي ،هونئن به تون ڪهڙو ميڻ بتيَء سان گڏ صبح تائين ٻرندي ،رڳو ٻه لوڏا ۽ ُٺس *
شيشن ۾ ماکي ڀريندي مون کي بار بار اهو خيال اچي رهيو هو ته دنيا ۾ ماکي وڌيڪ مٺي آهي يا عورت جو وجود؟ *
هڪ ڏينهن آخر سمجھ ۾ اچي ويندو آهي ته اسان جو ڪو به خدا ڪونهي ....يا شايد اسان جو خدا به اسان وانگر ڪنهن *
.ٻئي خدا جو غالم آهي
.مون ته زندگيَء ۾ جيتريون به دعائون گهريون هيون انهن مان ڪا هڪڙي دعا به ڪا نه اگهامي هئي *
....ڪوري ٿانَو ۽ اڻ ڇهيل عورت جي بدن جي خوشبوِء کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪو واس ئي ڪونهي *
....
پنجين ڪهاڻي "ڦلهيار" طنز ۽ مزاح سان ڀرپور ڪهاڻي آهي .ڪهاڻيَء ۾ جنس ۽ نفسيات جا پاسا سگهارا آهن .هن ڪهاڻيَء ۾
ليکڪ ابهامي فلسفو پيش ڪيو آهي .ڪهاڻيء پڙهندي هڪ فڪر اهو پيدا ٿئي ٿو ته پهرين محبت جي نه وسرڻ ۽ خيالن ۾ پهرين
محبت کي ساري تصور جي اک سان محبوب کي ئي ڏسندو رهڻ سبب اوالد جي چهرن جي نقش تي به محبوب جي چهري جا
اثرات پئجي وڃڻ جو ڪمال انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي .ٻيو فڪر اهو پيدا ٿئي ٿو ته هيترا سال گذري وڃڻ کانپوء به زال
پنهنجي مڙس سان وفادار ناهي بڻجي سگهي ۽ هن جا اڃا به پنهنجين پهرين محبتن سان جنسي الڳاپا قائم آهن .هي ليکڪ جو
ڪمال آهي ته هن ڪهاڻيَء کي اهڙي انداز ۾ سرجيو آهي جو پڙهندڙ پنهنجي پاران اندازا ۽ انومان هڻي مختلف قسمن جا مقصد
.ڪڍندو رهي .هيٺ ڪهاڻيَء مان ڪي چونڊ سٽون پيش ڪجن ٿيون
.پرائي مائي رڳو مٺي ناهي هوندي ،ڪجھ کٽي به هوندي آهي بلڪ کٽمٺڙي هوندي آهي *
.عورت ُسندر هجي يا سانوري ،عورت جا رڳو انگ اهم ناهن هوندا ،پر سندس رنگ به وڏا انگ رکندا آهن *
.جڏهن سهولت موجود هجي ته ضرورت جاڳي پوندي آهي ،ضرورت جاڳندي آهي ته جهاڳرائيندي آهي *
....
وسيلي هڪ طرف 'اندر تون اجار' جو پيغام ڏنو ويو آهي ته ٻئي " Self Medicationڇهين ڪهاڻي "سيلف ميڊيڪيشن
پاسي رواجي ناڪاره تعليمي نظام تي پڻ ڇوھ ڇنڊيا ويا آهن .ٻارن/شاگردن جي نفسياتي مونجهارن کي پرکڻ بنا رڳو مار ۽ تشدد
تي زور وارو طريقو ڪهڙي نموني شاگردن جي نفسيات تي اثر پيدا ڪري کين تعليم سان گڏ استاد کان ئي نفرت پيدا ڪري ٿو جو
پيغام ڏاڍي سگهاري انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي .ڪهاڻيَء ۾ آيل نفسيات جا اصطالح ۽ انهن جي سمجهاڻي تمام استادن ۽ والدين کي
سمجهائڻ ۽ ان وسيلي ٻارن جي مزاج ۽ عادتن کي سمجهڻ ۾ ڏاڍا مددگار بڻيل آهن .ٻئي پاسي سمورين غلطين جو ڏوهي ٻين کي
سمجهڻ ۽ پنهنجي ڏوهن تي اک ئي نه ٻڏڻ وارو فڪر به ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي .ڪهاڻيء ۾ اخالقيات جو پيغام
واضع آهي .جيڪو ڪهاڻيَء ۾ ليو ٽالسٽاِء ۽ وڪٽر هيوگو جي تسلسل کي جاري رکندو اچڻ ۽ تصوف ۾ "اندر تون اجار" واري
.پيغام جي تسلسل جي ڪڙي آهي
....
هڪ عالمتي ڪهاڻي آهي .هن ڪهاڻيَء جي به جيڏي تعريف " Man from ManikinLandاٺين ڪهاڻي "مئن فرام مئنڪنلينڊ
ڪجي ايتري گهٽ آهي .ڪهاڻيَء ۾ عالمتي انداز ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيو ويو آهي .سنڌ ۽ سنڌ واسين سان قانون ،عدل ۽
انصاف بدران ڪيل ڏاڍ ،ظلم ،ناجائزين ،ڦرلٽ جي اڻکٽ سلسلن کي انتهائي سهڻي ،اثرائتي ۽ سگهاري نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻيء جو مکيه ڪردار هر قسم جي ظلم ۽ ستم ،سورن ۽ تڪليفن ،ناانصافين ۽ ڏاڍاين مان گذرڻ سبب هاڻي ڪنهن به قسم جي
تڪليفن ۽ مسئلن خالف ڪنهن به قسم جي حيرانگيء وارو تاثر نه ٿو ڏئي .ڪردار جي اڻت اهڙي ٿيل آهي جو ان کي مڪمل
.طور بيحس نه ٿو چئي سگهجي پر اصل ۾ هو حيرانگي ،پريشاني ۽ رد عمل نه ڏيندڙ سطح تي پهتل آهي
ڪهاڻيَء جي آخر ۾ سنڌ ملڪ جي بيهڪ کي ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن سان عالمتي ۽ استعاراتي بيان کي ڌچڪو لڳو آهي .اگر
پڄاڻيَء ۾ عالمت کي لڪيل ئي رکجي ها ۽ پڙهندڙن کي پاڻ ئي ان ملڪ بابت اندازو هڻي سوچڻ تي مجبور ڪيو وڃي ها ته
ڪهاڻي پنهنجي عالمتي انداز ۾ آخر تائين سگهاري رهي ها .توڙي جو ڪهاڻيَء جي پڄاڻيَء ۾ عالمتي انداز تان هٿ کڻندي کولي
بيان ڪرڻ وارو انداز به ڪافي افسانوي ۽ سگهارو آهي پر ان جو ظاهر ٿي پوڻ ئي پنهنجي اندر ۾ هڪ قسم جي ڪمزوري پيدا
.ڪري وڌي آهي
.....
ڳٽڪي جي عنوان جي نالي واري ڪهاڻي "ِج يون ُسرور" نائين ۽ آخري ڪهاڻي آهي جيڪا جنس جي موضوع تي انتهائي سگهاري
ڪهاڻي آهيِ .ج نس جيڪا زندگيَء کي جنمڻ جو ڪارڻ آهي .اهو سمجهندي ۽ ڄاڻيندي به ته جنسي عمل کانسواِء ماڻهو پيدا ئي نه
ٿو ٿي سگهي پوِء به جنس ،جنسي عمل ۽ جنسي عمل ڪندڙن کان نفرت ڪرڻ جي سوال کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ سلجهايو ويو
.آهي
گذريل سال جڏهن "بنِت داہر" جو سنڌي ترجمو "سنڌ ڪماري" ڇپيو ته ناول نگار تي وڏا ڇوھ ڇنڊيا ويا هئا ۽ هڪ ڪاوڙ ڀري
لهر پيدا ٿي پئي هئي ته سنڌ جي راجڪماريَء کي هڪ عرب هٿان ڪينَء ٿو اهڙي ڪڌي نموني استعمال ڪرايو وڃي .جڏهن ته
ناول ۾ راجڪماري به جنس کي انتهائي مقدس ۽ تخليقي عمل جو سبب بڻائي پيش ڪندي رهي آهي .هتي هن بحث جو ذڪر ان
ڪري آيو جو اگر پڙهندڙ هيَء ڪهاڻي "جيون سرور" سمجهي ويو ته پوِء "سنڌ ڪماري" جي ليکڪ سان به ڪاوڙ نه ڪري
.سگهندو
هن ڪهاڻيَء جو ٻيو سگهارو رخ هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو شانائتو استعمال آهي .جينَء ته ڪهاڻي هزارين سال اڳ واري وقت
جي حساب سان سرجيل آهي ۽ ڪهاڻيَء جا ڪردار به اهڙا آهن جو انهن سان هنن لفظن جو استعمال مڪمل ٺهڪندڙ لڳي ٿو .اگر
.هنن ڪردارن سان هندي ۽ سنسڪرت لفظ ڪتب نه آندا وڃن ها ته پوِء هڪ قسم جو خال ۽ ڪوتاهي ضرور محسوس ٿئي ها
.....
ُان ُڀونِء سندو ڀير ،ڪوڙن منجهان ڪو َلهي" ،۽ "ماِء ِچڪ هيز ُٽو" Yin & Yang"،ان سان گڏ ٻين ڪهاڻين ۾ "ين اين يان
.پڻ آهن ،جيڪي پڻ موضوع ۽ فن ۾ انتهائي سگهاريون آهن " My Chick Has Two Strong Legsاسٽرانگ ليگس
ڪتاب ۾ شامل سڀئي ڪهاڻيون فني ۽ فڪري طور انتهائي سگهاريون آهن .ڪهاڻين ۾ ٻولي ڏاڍي اثرائتي ۽ پرڪشش آهي .سگهارا
مثالي جمال ويتر نئون اثر پيدا ڪندا هلن ٿا .هي مجموعو مڪمل جو مڪمل اردو ،انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي وڃي
ته هي ڪهاڻيون هر پڙهندڙ وٽان مڃتا ماڻڻ جي ڀرپور سگھ رکن ٿيون .سموريون ڪهاڻيون پنهنجي ليکي لک لهن ،لکندڙ جي
لکڻيَء ،لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ،جملن جي جوڙجڪ ،زبان جي سهڻائي/جماليات ڪهاڻين اندر اصل ڪمال جوڙ ۽ جنسار رکي ڇڏيو
.آهي .ان حساب سان ڪهاڻيڪار جي جيتري تعريف ڪجي ايتري گهٽ شمار ٿيندي
۽ ٻئي قسم کي Lisible/Readerlyروالن بارٿ لکڻين کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي .هو هڪ قسم کي
سڏي ٿو .پهرئين قسم جي لکڻين ۾ اهي لکڻيون اچي وڃن ٿيون جيڪي پڙهندڙ جي اندر ڪو هيجان Scriptible/Writerly
يا طوفان پيدا نه ٿيون ڪري سگهن .پڙهندڙ انهن لکڻين جي معنٰي کي هڪ واپارائيندڙ طور قبولي وٺندو آهي .جڏهن ته ٻئي قسم
جون لکڻيون پڙهندڙ جي اندر فڪري ،جذباتي ،جمالياتي هيجان پيدا ڪري وجهنديون آهن .مطلب ته پڙهندڙ انهن لکڻين وسيلي هڪ
نئين معنٰي ۽ مقصد جي ذخيري کي پيدا ڪري وٺندو آهي .هي ان قسم جون لکڻيون آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ لفظ لفظ يا ِس ٽ
ِ.س ٽ تي بيهندو ۽ سوچيندو آهي ۽ مسلسل تخليقي عمل منجهان گذرندو آهي
لکڻين ۾ شامل آهن .هي ڪهاڻيون پڙهندڙ Scriptibileيا Writerlyمحترم طارق قريشيَء جون هي سموريون ڪهاڻيون به
به ڏين ٿيون ته پڙهندڙ جمالياتي هيجان مان گذرندي انهن مان نئين معنٰي ۽ مقصد ڪڍي ذهني ۽ فڪري طور Joyکي لطف
.سگهارو پڻ ٿئي ٿو
.........
....مان ٻيڙيون ڪو نه ڇڪيندو هئس ،ٻيڙيون غريب ڇڪيندا آهن ،مان ولز جو نيوي ڪٽ سگريٽ پيئندو هئس *
تنهنجي منهن تي دوزخ جو ڪارو رنگ خدا َم ليو ئي ان ڪري ته ڪو تو کي پري کان به ڏسي ته سمجهي وڃي ته ڪو *
....منحوس ُم نهن پيو آهي
.ڪنهن جا لڙڪ ُاگهڻ عظيم عبادتگاھ جي فرش چمڪائڻ کان افضل آهي *
.جنت جي فڪر ۾ ڳرڻ بدران علم حاصل ڪريو جيڪو آخرت ۾ فضِل خداونديَء جو رستو آهي *
.شراب پيئو ته موت وانگر پيئندا ڪريو .موت کان وڌيڪ سياڻو پياڪ ڪير به ناهي *
جيڪڏهن ڪا ِاستري گرڀ ۾ پالڻ ۽ جنم ڏيڻ ڇڏي ڏئي ته ڪو مهاُپرش ۽ ست پرش ته ڇا سنسار ۾ ڪو ُپرش به ڪڏهن پيدا *
.نه ٿئي
َ.اڌوري ِو ديا ته َاِو ديا کان به بڇڙي ٿيندي آهي *