You are on page 1of 2

‫بڻ بنياد بابت مختلف نظريا‬ ‫سنڌي ٻولي جي‬

‫سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت ٻولي جي ماھرن مختلف نظريا ڏنا آھن‪ .‬سڀ کان پھرين جنھن نظريو ڏنو سو سر جورج ابراھم‬
‫‪ Linguistic Survey of India‬گريئرس (‪ 07‬جنوري ‪ 1851‬کان ‪ 09‬مارچ ‪ )1941‬ھو‪ .‬سر گريئرس پنھنجي ڪتاب‬
‫۾ ‪ 364‬آريائي ٻولين ۽ انھن جي لھجن تي لکيو آھي‪ .‬اھو لکي ٿو تہ سنڌي ٻولي سنسڪرت کان پراڪرت‪ ،‬پراڪرت کان پالي‪،‬‬
‫پالي کان شورسيني‪ ،‬شورسيني کان اپڀرنش‪ ،‬اپڀرنش کان وراچڊ اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش کان سنڌي‬
‫جيڪو پانني جو لکيل ھو‪ ،‬جنھن )‪ ( Ashtadhyayi‬سر جارج بارھم گريئرس دنيا جي قديم سنسڪرت جي ويا ڪرڻ اشتڌائي‬
‫کي گرامر جو ابو پڻ چيو وڃي ٿو‪ .‬ھڪ اندازي موجب پانني جو جنم سنڌو ندي جي ڪناري گنڌارا تھذيب واري عالئقي ۾ ٿيو‪.‬‬
‫سر گريئرسن پانني جي وياڪرڻ مان ايترو تہ متاثر ٿيو جو سنسڪرت کي ھندستان جي سڀني ٻولين جي ماُء سڏيو ۽ سنڌي کي‬
‫‪.‬ان جي ڌي‬

‫))‪ Ernest Trumpp (13 March 1828 - 5 April 1885‬ان کانپوِء ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ‬
‫‪:‬سنڌي ٻولي بابت چوي ٿو تہ‬
‫سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آھي‪ ،‬يعني سنسڪرت مان پالي‪ ،‬پالي مان شورسيني‪ ،‬شورسيني مان اپڀرنش‪ ،‬اپڀرنش مان وراچڊ ۽‬
‫‪ 11.‬صدي ڌاري وراچڊ مان سنڌي ٻولي‬

‫ڏيھي عالمن مان ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پھريون عالم ھو جنھن سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي ڪم ڪيو ۽ پنھنجو نظريو ڏنو‪ .‬سندس‬
‫ڪتاب ” سنڌي ٻولي جي تاريخ “ بيان ڪيل نظريو سرگريئرس ۽ ارنيسٽ ٽرمپ جي نظرئي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو‪ .‬سنڌي ٻولي‬
‫متعلق چوي ٿو تہ سنسڪرت مان پراڪرت‪ ،‬پراڪرت مان شورسيني‪ ،‬شورسيني مان وراچڊ‪ ،‬اپڀرنش مان يارھين صدي ۾ اپڀرنش‬
‫‪.‬گجراتي ۽ سنڌي جو روپ ڌاري ٿي‬

‫‪:‬ڊاڪٽر گربخشاڻي سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت لکي ٿو تہ‬


‫سنسڪرت اھا ٻولي آھي‪ ،‬جنھن ۾ ھندستان جي قديم زماني جا ويد‪ ،‬پراڻ‪ ،‬سمرتيون ۽ تاريخون لکيل آھن‪ .‬سنسڪرت جنھن جي‬
‫‪.‬معنٰي آھي مڪمل ڪامل‬
‫‪.‬سنسڪرت ٻولي جا ٽي دور آھن‬
‫قديم ‪1‬‬
‫وچولو ‪2‬‬
‫آخري ‪3‬‬
‫سنسڪرت ٻولي آريہ لوڪن جي ٻولي ھئي‪ .‬انھن جي ھزارين ورھين گذرڻ کانپوِء اسلوڪي سنسڪرت بگڙجڻ لڳي ۽ وقت گذرڻ‬
‫جيڪا پھرين درجي واري ٻولي ھئي‪ ،‬تنھنکي مھا‬ ‫سان قديم درجي کان ٻئي درجي ۽ ٻئي درجي کان پوِء ٽي درجي تي پھتي‪.‬‬
‫سنسڪرت سڏيو وڃي ٿو‪ .‬تنھن ۾ رگ ويد‪ ،‬سنھتا‪ ،‬يجرويد جا منتر ۽ اٿڙ ويد لکيل آھن‪ .‬وچولي درجي جي سنسڪرت ۾ ويدن جي‬
‫برھمن وارو ڀاڱو لکيل آھي‪ .‬ٽئين درجي جي سنسڪرت جنھن کي پراڻڪ سنسڪرت سڏين تنھن ۾ رامايڻ‪ ،‬مھاڀارت‪ ،‬سمرتيون ۽‬
‫‪.‬ڪاليداس جا ناٽڪ لکيل آھن‬
‫وقت گذرڻ سان سنسڪرت جي ڳالھائڻ ۾ گھڻو فرق پئجي ويو‪ ،‬سنسڪرت جي اھڙي تبديل ٿيل شڪل کي پراڪرت ڪوٺيو ويو‪،‬‬
‫‪.‬پراڪرت جي معني آھي عام يا رواجي‬
‫ڪھڙي سمي سنسڪرت پراڪرت جي شڪل ڌاري تنھن جي پروڙ نٿي پئجي سگھي‪ ،‬ائين پراڪرت بہ سمي جي گذرڻ سان‬
‫پنھنجون حالتون تبديل ڪيون‪ .‬سڀ کان جھوني پراڪرت جنھن کي پالي چون جنھن ۾ مھاراج اشوڪ جا (‪ 232‬کان ‪ 272‬ق م‬
‫) فرمان لکيل آھن‪ .‬پالي ٻڌ ڌرم وارن جي مقدس زبان آھي‪ .‬ھڪ اندازي موجب پالي جا اڌ کان گھڻا اکر عين سنسڪرت وارا‬
‫آھن‪ .‬جزوي ڦير ڦار کانسواِء ٻنھي ٻولين جو ويا ڪرڻ بہ ساڳيو آھي‪ .‬پراڪرت نالو انھن ٻولين الء الڳو آھي جي پالي جو درجو‬
‫لنگھي ابتر ٿي ويون‪ .‬پراڪرت ٻولي منجھان وري ‪ 5‬قسم ڦٽي نڪتا آھن‪ 1 .‬مھاراشٽري ‪ 2‬شئورسيني ‪ 3‬ماگڌي ‪ 4‬پئيشاچي ‪5‬‬
‫‪.‬اپڀرنش‬
‫پراڪرت جي ھنن قسمن مان مھاراشٽري کي سڀني کان اتم ڪري ليکيو اٿن‪ ،‬جنھن ۾ جنھن ۾ جين ڌرم جا ڌرمي ڪتاب لکيل‬
‫آھن‪ .‬اپڀرنش جو سڀني کان ھيٺاھون درجو آھي‪ .‬اپڀرنش لفظ جي معني آھي کريل‪ .‬اٽڪل ‪1100‬ع ۾ پراڪرت ٻوليون اپڀرنش کي‬
‫رسيون‪ .‬اپڀرنش جا ٻہ قسم آھن‪ .‬ھڪ ناگر اپڀرنش جيڪو مٿاھون آھي ۽ ٻيو وراچڊ (ردي)‪ .‬ناگر اپڀرنش منجھان ھاڻوڪي‬
‫‪.‬گجراتي ٻولي ڦٽي نڪتي ۽ وراچڊ مان سنڌي‬

‫ان کان پوِء ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٽي ماھي مھراڻ رسالي (‪ )1959‬کان( ‪ )1962‬۽ جنھن کانپوء پنھنجي ڪتاب ۾ ”سنڌي‬
‫‪.‬ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ مٿين سڀني نظرين رد ڪندي پنھنجو نظريو پيش ڪري ٿو‬
‫ڊاڪٽر بلوچ چوي ٿو تہ سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان ناھي نڪتي‪ ،‬بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور ۾ سامي سٿ‬
‫زبانن منجھان ھڪ آھي‪ .‬جنھن تي پوِء آريائي زبانن جو اثر پيو انکانپوِء انھن مان ايراني ۽ داردي ٻولين جو سنڌي ٻولي تي گھڻي‬
‫‪.‬۾ گھڻو اثر پيو‪ .‬پوِء پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو اثر پيو‬
‫‪.‬جنھن کي ھن طرح بيان ڪري ٿو‬
‫کان ‪ 1000‬ق م تائين ابتدائي سامي سٿ زبانن منجھہ سنڌي ٻولي موجود ھئي‪ .‬جنھن تي آريائي ٻولين جو اثر پيو‪ ،‬ان ‪3000‬‬
‫کان پوِء ان تي اثر پيو آڳاٽي ايراني دادري ٻولين جو‪ ،‬ان تي اثر پيو يوناني ٻولي جو (‪ 325‬ق م) ‪ ،‬ان کانپوِء ترڪي ۽‬
‫داردري (‪150‬ع) ‪ ،‬پالي پراڪرت(‪40‬ع ‪50‬ع ق م)‪ ،‬ترڪي داردري (‪102‬ع کان ‪200‬ع) ‪ ،‬پوئين ايراني( ‪400‬ع)‪ ،‬ترڪي‬
‫‪.‬۽ ايراني( ‪400‬ع) ڏيھي ٻوليون (‪500‬ع) کان (‪700‬ع)‪ ،‬عربي (‪ 700‬کان ‪1000‬ع)‪ ،‬فارسي (‪1300‬ع کان ‪1900‬ع)‬
‫مٿئين بيان ڪيل تفصيل موجب سنڌي ٻولي تي مختلف دورن ۾ انھن ٻولين جو اثر پيو آھي‪ ،‬جنھن جو تت سنڌي ٻولي سڌو سنئون‬
‫سنسڪرت مان ناھي نڪتي بلڪي سنسڪرت کان اڳ واري دور سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي آھي‪ ،‬جيڪا سامي سٿ ٻولين منجھان‬
‫ھڪ ھئي‪ .‬جنھن تي پوِء آريائي ٻولين پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو اثر پيو ۽ سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌي نہ‬
‫‪.‬بلڪ ان جي ڀيڻ آھي‬
‫‪ :‬ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دليل ڏيندي وڌيڪ لکي ٿو تہ‬
‫ھن ڌرتي جي تھذيب جيڪا دنيا جي قديم تھذيبن يعني ايراني‪ ،‬مصري ۽ سميري تھذيبن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ماليو بيٺي آھي‪ .‬اتي‬
‫اھو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي تہ جنھن ڌرتي تي موھن جي دڙي‪ ،‬ڪاھو جي دڙي‪ ،‬ڪوٽ ڏيجي جھڙن شاندار تاريخي ماڳ ھجن‬
‫!۽ آثار قديمہ جا ماھر قبول ڪندا ھجن تہ اھڙين رھواسين کي ڪا پنھنجي زبان نہ ھوندي‬
‫پوِء سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش جي‬ ‫کان‬ ‫ڊاڪٽر بلوچ جي مضمون سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ (‪1959 1‬ع)‬
‫‪.‬وچ ۾ علمي بحث مباحثو ٿيو‪ )1962( .‬۾ سراج الحق سنڌي ٻولي بابت پنھنجو نظريو ڏنو‬

‫‪:‬جنھن متعلق سراج صاحب چوي ٿو تہ‬


‫سنڌي ماڻھو اولھہ طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽاميا طرف پنھنجي ٻولي کڻي ويا ۽ ان کي ڦھاليائون جتي جي تھذيب تي سنڌي تھذيب‬
‫جيڪو پينسلوانيا يونيورسٽيَء ( ‪ Noah cramer‬جا اثرات نظر اچن ٿا‪ .‬آمريڪي آرڪياالجسٽ ڊاڪٽر نوح ڪريمر‬
‫جنھن جو چوڻ ھو تہ ‪ :‬سميري تمدن جي ) مان سميريا تھذيب الِء مقرر ٿيو ھو ‪University of Pennsylvania‬‬
‫جيڪي مٽي جي تختين تي لکيل اھڃاڻ مليا آھن‪ ،‬انھن مان اھو ثابت ٿو ٿئي تہ اتي بہ ماڻھو ڪنھن اھڙي تمدن کي ”دلمون“ سڏيندا‬
‫‪.‬ھئا‪ .‬جنھن جو منھن اوڀر پاسي ھو‪ ،‬جنھن الِء ھنن جي دل ۾ ساراھ ۽ عقيدت مندي جا جذبات ھوندا ھئا‬
‫‪.‬سراج صاحب جو خيال آھي تہ اھو اشارو سنڌو جي تھذيب ڏانھن آھي‬
‫سراج صاحب پنھنجي نظرئي کي ڪجھہ ھن ريت بيان ڪري ٿو‪ .‬سنڌي ٻولي جيڪا جنھن تعلق ‪ 5‬ھزار سال پراڻي تھذيب جي‬
‫لکت سان آھي‪ .‬جنھن جو اثر بابل‪ ،‬ميسوپوٽاميا جي ٻولين ۽ سنسڪرت تي پيو‪ .‬نظرئي جو تت تہ سامي سٿ زبانن تي قديم‬
‫‪.‬سنڌي ٻولي جو اثر آھي ۽ سنسڪرت سنڌ جي قديم سنڌي ٻولي جي ڌي آھي‬
‫سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت نظرين جي سفر ۾ ڊاڪٽر غالم علي االنا جو نظريو ‪1967‬ع ٽي ماھي مھراڻ ۾ ”سنڌي ٻولي ۾‬
‫ھي بيان ٿو‬ ‫عربي زبان جو عنصر “ تي مضمون لکيو‪ .‬ڊاڪٽر غالم علي االنا صاحب پنھنجي تحقيق جي اڀياس جا اھم جزا‬
‫‪.‬ڪري‬
‫صوتي ھڪجھڙائيون ‪1‬‬
‫‪،‬لفظن جي ڌاُتن جون ھڪجھڙائيون ‪2‬‬
‫ڪردنتن جي بناوت جا ھڪجھڙا اصول ‪3‬‬
‫‪.‬اسم ۽ فعل جي گردانن ۾ ھڪجھڙائيون ‪4‬‬
‫ضمير ۽ فعل جي گردانن ۾ ھڪجھڙائيون ‪5‬‬
‫اگر ڪن بہ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ اھي سڀ ھڪجھڙائيون موجود آھن تہ چئبو ھڪ ٻولي ٻئي ٻولي مان نڪتي آھي يا اھي‬
‫ٻوليون اڃان ڪنھن ٽي ٻولي منجھان ڦٽي نڪتيون آھن‪ .‬سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ اھڙيون بيشمار ھڪجھڙائيون موجود آهن‪ .‬تنھنڪري‬
‫‪.‬سنسڪرت ۽ سنڌي ڪنھن بنياد مان ڦٽي نڪتيون آھن‬

‫سنڌي‪ ،‬سنسڪرت ۽ لھندا جو اصل بنياد‪ ،‬قديم پراڪرت جي ھڪ ئي لھجي يعني جو ھڪ ئي محاورو يعني وراچڊ اپڀرنش‬
‫‪:‬ڪاڪي ڀيرومل جي سنسڪرت لفظ بابت وضاحت ڪري ٿو تہ‬
‫‪.‬سنسڪرت جو ڌاتو س مطلب چڱو ڪرہ جنھن جي معنٰي ڪيل‪ .‬سنسڪرت چڱو ڪيل‪ ،‬بھتر ڪيل‪ ،‬مڪمل‬
‫‪:‬جنھن تي االنا صاحب لکي ٿو تہ‬
‫ديوان صاحب جي وضاحت مان اھو ظاهر ٿئي تو تہ سنسڪرت ڪنھن ٻي ٻولي جي سڌريل شڪل آھي‪ .‬ان کانپوِء ڪاڪي ڀيرو‬
‫‪:‬مل جي پراڪرت لفظ بابت لکي ٿو تہ‬
‫پراڪرتي جي معنٰي آھي پيدا ٿيل ٻولي‪ .‬پراڪرت جي معنٰي آھي‪ ،‬قدرتي ٻئي معني اٿس اصلوڪي ۽ وڪرتي ھن جو ضد آھي‬
‫‪.‬جنھن جي معنٰي آھي بگڙيل‬
‫جنھن تي االنا صاحب چوي ٿو تہ‪ :‬ٻنھي لفظن پراڪرت ۽ سنسڪرت جي جائزي کانپوِء اھو سوال پيدا ٿو ٿئي تہ‪ ،‬اھو ڪيئن‬
‫ممڪن آھي تہ پراڪرت (اصلوڪي ٻولي) سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي ھجي‪ .‬ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تہ سنسڪرت پراڪرت جو‬
‫‪.‬اصل بنياد نہ آھي پر سنسڪرت تہ پاڻ پراڪرت جي سڌريل ۽ اجاريل صورت آھي‪ ،‬يعني پراڪرت سنسڪرت جو بنياد آھي‬

‫‪:‬االنا صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ‬


‫ماھرن جي بيان ڪيل نظرئي مطابق اھو چئي سگھجي ٿوتہ سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ ناھي‪ .‬پر سنڌي‪ ،‬پراڪرت ۽ لھند‬
‫‪.‬جو اصلوڪو بنياد قديم لھجي يعني اڌيچرم جو ھڪ محاورو يعني وراچڊ اپڀرنش آھي‬

You might also like